هڪ ڏينهن جي روزي
گپ ۾ ڀريل پير ۽ وڃايل پاچا وري پيرن ۾ ٽائر جي ٺهيل چپل، وڃايل ۽ ليڙون ليڙون لٽا ، هڪ ٽٽل ڪسيل سائيڪل کي زور سان پينڊل هڻي اڳتي هليو. شام جي اونداهي جهڙا ميرانجهڙا ۽ چٻاڙيل ڪپڙا کيس اوڍيل ، هڪ اڻ ڌوتل ڪپڙي جي لڳل ٻٽ مان به ڪاري رنگ وارو ماتا ڌڪيل منهن ظاهر ٿيو پئي.
پگهر ۾ ڇم ، ٻارن جي هول کان قبرستان ڏانهن رخ رکيائين ، برسات وسڻ ڪري سارو رستو گپ ۽ گارو بڻيل هو، ڦڦريل ڊاٻڙ کي برسات جي پاڻي ڄمائي ڇڏيو هو پر ڌنارن جي مينهن جي کرن جي نشانن ڊاٻڙکي وري اکيلي گچڻ بڻائي ڇڏيو هو، تنهن تي هلڻ تهائين دشوار.
هو زندگيءَ جي ڀلڪار ۾ سڙيل هو ۽ ڀلڪار جي آتش جي ڄر هن جي جسم کي ساڙي ڇڏيو هو ، سائيڪل کي قبرن ڏانهن موڙيندي هينڊل ۾ لٽڪيل ڳوٿري گوڏي سان اٽڪيس ، سور جو چهٽاءُ محسوس ڪيائين. زنگي چهڪ ئي چهڪ هئس، ماڻهو هوندي به نه ليکيو ويو هئو، سندس ڏٻرين ٻانهن ۽ ٽنگن تي بک جو وزن رکيو ويو ، سندس زندگيءَ جو سفر گذر سائيڪل جي ڪسيل رم ۽ ٽٽل پرزن تي هو. سائيڪل کي رستي تي ليٽائي هينڊل ۾ ڦاٿل ڳوٿريءَ مان تيز ڌار ڇري ۽ چاقون ڪڍي اڳتي وڌيو، ٻن قبرن جي وچ تي هڪ هنڌ بيهي رهيو، نظرن کي ڪنهن هڪ شيءِ تي مرڪوز ڪيائين،جيڪا سندس جياپي جو واحد ڪارڻ هئي،جنهن جي ڪري هن جا چار معصوم ٻار آرام سان سڄي ڏينهن جي ماني کائيندا هئا
. انهن معصومن ماءُ جي ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ کان پوءِ اهڙا ڪيترائي
ڏينهن بک ۽ پساهن ۾ پئي مانيءَ جي گول دائري کي تڪيو، غربت ۽ مفلسيءَ جون شيخون آويءَ ۾ پچائي سندن اوجھريءَ ۾ ٽنبيون ويون، مانيءَ جي ڳڀي لاءِ هنن در در جون ٺوڪرون کاڌيون، پر معصوم ڪڏهن ڍوُ تي ماني ڀي نه کائي سگهيا ها.
هن چاهيو ٿي ته هو به عام ماڻهوءَ جيان زندگي گذاري پر ڪڻس هر دفعي اٻاڻڪائيءَ سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي ويو، هن اشرف المخلوقات پئي بڻجڻ چاهيو پر هن جي رستي تي ٽانڊا وڇايا ويا، هي چنڊ جو تمنائي گگھ انڌيري ۾ ٿاٻاکائي موٽيو، هو صحرا جي طويل سفر ۾ ڪابه سواري نه ماڻي سگھيو، وقت هن جي جسم کي ڳاري ڇڏيو، هيءُ نٻر سدائين ڪنهن سڌاتوري جي ڪهڪاهه ۾ جليو پئي.
زندگيءَ جي اڻکٽ راهن ۾ هن هڪ ڏينهن اهڙو رستو ڏٺو، جيڪو هن جي جياپي جو ڪارڻ بڻجي پئي سگھيو، دنيا جنهن کي ڪراهت جي نظرن سان ڏٺو ٿي پر هن جا معصوم ته بکئي پيٽ ڪونه سمهندا هئا.
ٻن قبرن جي وچ تي پيل ڍونڍ کي تڪڻ لڳو، جنهن کي ڪجھ لمحن کان هن نظرن جو مرڪز بڻايو هو، ڍونڍ ڪنهن بيمار ڦنڊر جو هو، جا مناسب علاج نه ملڻ ڪري مئي هوندي. ڍونڍ کي ٽنگن کان جھليندي هلڪو چير ڏنائين ۽ پوءِ ڇريءَ سان کَلَ کي لاهيندو ويو.
سڄو رستوويران هو،ٽاڪ منجھند سج باهه جا اُلا اڇلي رهيو هو، لڪون لڳي رهيون هيون،لُڪن واري ڪوسي هوا سرسراهٽ ڪندي ڪڻس ڇيڙي ٿي پر هو پنهنجي ڪرت ۾ محو هو. پريان ڪجھ فاصلي تي ڌنار ٻار مينهون چاري رهيا هيا.
ڍونڍ تي چنبڙيل هزارها جيت ۽ مکيون کيس به چنبڙي ويا هئا، هو انسان بجاءِ حيوان ٿي نظر آيو. هو زندگيءَ جي ڪيڏاري ۾ شهيد ٿيل هو، حيوان جهڙو ٿي ويو هو ته ڇا ٿيو!!؟؟ هونئن به ماڻهو حيوان صفت سڏيندا هئس، هن جون ڳالهيون ڪندي اُلٽي ڪندا هئا، ساڻس امتيازي ورتاءُ ڪندا هئا، کيس ڀر ۾ ويهارڻ ته پري پر جنهن گھٽيءَ سان ايندو اها گھٽي ڇڏي ٻئي پاسي کان اڪرندا، اگر مجبورن هن اڳيان گذرڻو پوين ته نڪ تي ڪپڙو چاڙهي مخالف رخ منهن ڪري اڪرندا هئا.
هو خواهشن جي ريل هيٺان پاڻ چيڀاٽي چڪو هو، هو ان کوهه جو ڏيڏر هو جيڪو گدلاڻ جو ڍير سمجھيو ويندو هو.
هن کي ڇنبڙيل جيتن ۽ مکين مان ڪابه ڪرڀ محسوس نه ٿي فقط ڏسڻ لاءِ هٿ چوريائين ته جيت سندس منهن تان هٽي ويا. هن ڍونڍ تان مڪمل کَلَ لاهي سائيڪل کي اڀو ڪيو، سائيڪل جي پوئين گھوڙيءَ کي مٿي ڪري سارو چمڙو ٻاچڪي ۾ وجھي پوئينءَ سيٽ تي رکيائين. سائيڪل جي هينڊل کي هٿن ۾ مضبوط جھلي رستي تي سڌو ٿي بيٺو، سائيڪل تي چڙهي پينڊل مس هنيائين ته پٿرن ، ڀترن ۽ گارين جا وسڪارا ٿي ويس.
” او باگڙي ....! ڪتي جا پُٽَ.“
”او ڀنگي....! سوئر جا پُٽَ“
ڌنار ٻارن جي گارين ۽ ڀترن کان ناآشنا ٿيندو، پينڊل دٻائيندو هلندو رهي ٿو، ٻارن جون گاريون ۽ ڀتر وايو منڊل مان ڦيرا کائيندي کيس زخمي ڪري رهيا هيا پر کيس يقين هو ته هن جيڪو هٿ ڪيو آهي سو هن جي هڪ ڏينهن جي روزيءَ لاءِ ڪافي آهي.
***