ڪھاڻيون

چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن.
Title Cover of book چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

مترجم پاران: ڪهاڻين جي ڪٿا!

ڪهاڻي لکڻ/ پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ منهنجي وجود ۾ ائين سمايل آهي، جيئن جسم جي رڳ رڳ ۾ رت. ننڍي هوندي ڳوٺ جي پنهنجي وڏي ويڙهي واري گهر ۾ ٻرندڙ چُلهه جي چ‍ؤگرد رات جو جڏهن خاندان جا سمورا فرد ٻرندڙ مچ تي اچي مِڙي مچي ٿيندا هئا ته پوءِ خاص ڪري اسان سڀني ننڍن ٻارن جون اکيون مرحيات ڏاڏي ارباب خاتون ۾ کُتل هونديون هيون، جيڪا پوءِ حُقي جي نڙ مان گڙ گڙ ڪندي، چلم کي هيڏي هوڏي سوريندي، جڏهن ڳالهه کڻندي هئي، تڏهن سڀ ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويندا هئاسين ــ سواءِ هن جي وچ ۾ کنگهڻ جي، يا وري سانوڻي مند ۾ ٻاهر اوطاق ۾ بيٺل انبن جي گهاٽن وڻن هيٺ ڇٻر تي ڳوٺ جي وڏڙن جي نه کٽندڙ ڪچهريءَ ۾ ڏاندن، گهوڙن ۽ گڏهن جي گوءِ وارن قصن سان گڏ ديوَ مالائي ڪردارن واريون ڪٿائون ٻڌي پوءِ اچي هنڌ ۾ ليٽندو هئس ته باقي رات اڪثر ڊپ، خوف ۾ گذرندي هئي. تڏهن کان وٺي اُهي سڀ ديو مالائي ۽ افسانوي ڪردار هر وقت وجود سان ائين سلهاڙيل رهندا آيا آهن، ڄڻ سڀئي منهنجي وجود جو حصو هجن.
اُهو 1988ع جو سال هيو، جڏهن مان مئٽرڪ جو امتحان ڏئي فلمي ۽ ادبي رسالن جي شوق ۾ هر وقت گم رهندو هيس، ته لکڻ جو جنون به ان عمر ۾ ئي ذهن تي سوار ٿيو. ائين پهريون ڀيرو نه ڄاڻ نه سڃاڻ هوندي وڃي هڪ ادبي جماعت جي مشاعري ۾ شريڪ ٿيس، جتي شاعرن مون کي شاعري جو شوقين ڏسي هٿن تي کنيو ۽ مان پوءِ جھانگير (افق) عباسيءَ جي نئين سڃاڻپ سان شاعر بڻجي لاڙڪاڻي جي هر مشاعري ۾ شامل ٿيڻ لڳم. اڪثر ڪري انهن ۾ ”طرحي“ مشاعرن جو رواج هيو. پوءِ جلد ئي مون کي پڪ ٿي وئي ته شاعري مون لاءِ اُها کجيءَ جي چوٽ واري ماکي آهي، جيڪا سچ ۾ لاهڻ منهنجي وس ۾ نه آهي، ائين وڌيڪ ”اُفق“ تي پڇڙ تارو بڻجڻ جي شوق ۾ پاڻ کي ضايع ڪرڻ کان اڳ شاعر ”اُفق“ کي گمنامي جي کوهه ۾ دفن ڪري ڪهاڻيڪار جو روپ ورتم ۽ پهرين ڪهاڻي ”سي سڀ ڀانيم سُک“ جي عنوان سان لکيم، جيڪا 1989ع ۾ ”جاڳو“ اخبار جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي، جنهن بعد منهنجي ڪهاڻي لکڻ جو سفر اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي. اها ڳالهه الڳ آهي ته مان ڪهاڻي لکڻ جي معاملي ۾ پنهنجي وس ۾ نه رهندو آهيان، ڪڏهن ته هڪ مهيني يا سال اندر ڏهه ڏهه ڪهاڻيون به لکيون اٿم، ته وري ڪڏهن لکڻ چاهيندي به ٻه ٻه سال لڳاتار ڪابه ڪهاڻي نه لکي اٿم.
ڪهاڻي لکڻ ۾ جڏهن ڍرائپ ٿيندي آهي ته، وري اهڙين ڪيترين ئي پڙهيل شاندار ۽ شاهڪار ڪهاڻين جا ڪردار ذهن جي ڪينواس تي ڪر موڙي جاڳي پوندا آهن، جيڪي سڀ جو سڀ ترجمو ڪرڻ تي دل چوندي آهي. ائين انهن ڪهاڻين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري ترجمو ڪندي ڪهاڻي نه لکڻ واري ڪِرت کي پورو ڪندو آهيان، جنهن ڪري به منهنجي ترجمي جو شوق عارضي ناهي هوندو. مون پهرين ڪهاڻي 1991ع ۾ ’لبنان‘ جي جڳ مشهور ليکڪ ’خليل جبران‘ جي ”شيطان“ ترجمو ڪئي هئي، جيڪا ان وقت روزاني ”عوامي آواز“ اخبار جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي هئي. ائين ڪهاڻيءَ جي تخليق سان گڏ ترجمي جو ڪم به هلندو پيو اچي. مون کي سنڌي جي جن مترجمن هر وقت اُتساهه ڏنو آهي، تن ۾ پنهنجي وقت جا تمام وڏا ڪهاڻيڪار ۽ ترجمي نگار فضل احمد بچاڻي، محمد دائود بلوچ، ولي رام ولڀ ۽ ڄام وقار حسين قادري شامل آهن. مون جڏهن به ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي ته هميشه بچاڻي صاحب جي هن ڳالهه کي اڳيان رکيو آهي ته ”آءٌ ترجما ڇو ٿو ڪريان؟ ان ڪري ته جي ڪا سٺي تخليق نه ٿو پيش ڪري سگهان ته ڪنهن سٺي تخليق جو ترجمو ئي پيش ڪندو رهان، جيڪا جيڪر آءٌ پاڻ پيش ڪرڻ گهرندو هجان.“
منهنجي هن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ مجموعي طور تي ڪل تيرنهن ڪهاڻيون شامل آهن، جن جا لکندڙ پنهنجي پنهنجي وقت جا ڪهاڻيڪار سمورا ئي ادب ۽ آرٽ جي دنيا جا به تمام وڏا ۽ سگهارا نالا ٿي گذريا آهن، جن ۾ مصر جو نجيب محفوظ، ترڪي جو نجيب فاضل، هنديءَ جو منشي پريم چند، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دُگل، مراٺيءَ جو ويڪوم محمد بشير، اردوءَ جو خواجه احمد عباس ۽ ڪرشن چندر، پاڪستاني ادب مان محمد منشا ياد ۽ امراؤ طارق شامل آهن، جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ موجود ناهن رهيا. ائين حال حيات ڪهاڻيڪارن مان نيپال جو مدهو منگيش ڪرنڪ، مراٺيءَ جي شريمتي سانيا ۽ هندي/ اردوءَ جي گلزار جي ڪهاڻي به شامل آهي. هن ڪتاب جي ٻي خوبي هيءَ به آهي ته ڪهاڻيڪارن سان گڏ سندن تعارف به ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ مون کي تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پئي. ممڪن آهي ته ڪجهه شيون رهجي ويون هجن. هي سموريون ڪهاڻيون اڳ ۾ سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن، سواءِ ويڪوم محمد بشير جي ڪهاڻي ”جنم ڏينهن“ جي، جيڪا هن بي حسي واري معاشري ۾ حساس تخليقڪار فرد جي داخلي/ خارجي احساسن ۽ عملي ڀوڳنائن تي ٻڌل هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي.
مان ڪهاڻيڪار اڳ ۾ پوءِ مترجم آهيان. منهنجي سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو تعداد ايترو آهي جو هڪ ٻه ٻيا ڪتاب به ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين جي چونڊ منهنجي پنهنجي آهي، جن کي ڪيترائي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ ٻه ٽي ڀيرا ترجمو ڪندي سچ ته مون انهن ڪهاڻين جو ٻيڻو ادبي چسڪو ورتو آهي. هونئن به ترجمو تخليق کان به ڏکيو ۽ وڏي ذميواري وارو ٿڪائيندڙ ڪم هوندو آهي، جنهن ۾ هرهڪ شيءِ جو خيال رکڻو پوندو آهي. ان ڪري جو ٻي ٻوليءَ جي ماحول ۽ ڪردارن کي جڏهن پنهنجي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائجي ٿو ته اهو به لازمي ٿئي ٿو ته اُها بلڪل پنهنجي فطري ماحول، ٻولي ۽ پس منظر ۾ به ائين نظر اچي، جيئن پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ موجود آهي. مون ان حوالي سان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته هيءُ ڪم سنڌيءَ جي پڙهندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي. وڌيڪ فيصلو پڙهندڙ ئي ڪري سگهندا، جن جي راءِ جو مان دل سان ڀليڪار ڪندس.
هيءُ ترجمو ڪهاڻي ڪتاب ترجمي جي حوالي سان منهنجو ٽيون ڪتاب آهي. هن کان اڳ پهريون ڪتاب اردو جي مشهور اديب، شاعر ۽ صحافي آغا شورش ڪاشميريءَ جو ”اس بازار میں“ جو سنڌي ترجمو ”حسن جي بازار: هڪ مطالعو“ سال 2011ع ۾ روشني پبليڪيشن حيدرآباد، شايع ڪيو، جنهن جو موضوع طوائف ۽ جسم فروشي هو. ننڍي کنڊ ۾ طوائف جي حوالي سان اهو پهريون ڪتاب پڻ آهي، جنهن جي سن 70 واري ڏهاڪي ۾ شايع ٿيڻ بعد حڪومت پاڪستان ڪتاب کي ضبط ڪندي ليکڪ کي جيل اُماڻيو هيو. ٻيو ڪتاب اردو جي منفرد ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ميجر اسد محمد خان جو ڪهاڻي ڪتاب ”درشک“ سنڌيءَ ۾ به ساڳي نالي ”درشڪ“ سان ئي سال 2013ع ۾ قلمڪار قبيلا لاهور پاران شايع ٿيو. مان محترم نواز زئور جو دل سان ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي هن ٽئين ترجمو ڪيل ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل سمورين ڪهاڻين کي وڏي ڌيان سان پڙهي مهاڳ لکي ڏنو.

[b]جھانگير عباسي
[/b]الهه آباد، لاڙڪاڻو
03337137917