ويهن سالن کان پوءِ : امراؤ طارق
[/b](1932ع ــ 2012ع)
اردو ڪهاڻي جو ڪينواس به شاعري جيان وسيع آهي، جنهن ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ امراؤ طارق جو نانءُ پڻ نمايان اهميت رکي ٿو، جيڪو بنيادي طور تي نرالن موضوعن وارو ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ تحقيق، سماجيات ۽ سوشل سائنس ۾ به سگهارو ليکڪ ڳڻيو وڃي ٿو. 15 مارچ 1923ع ۾ فتح پور (هسوا) يو. پي جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ هن ليکڪ جو اصل نالو سيد طارق علي آهي، جنهن جي خاندان ورهاڱي بعد لڏ پلاڻ ڪري پهريائين حيدرآبا دکن، پوءِ ڍاڪا (بنگلاديش) ۽ آخر ۾ سن 1962ع ۾ ڪراچي ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪئي. جتي هن کي مولوي عبدالحق (باباءِ اردو) جي صحبت ۽ ويجهڙائي ملي، ائين هن مدرسه اسلاميه (مسلم انٽر ڪاليج) فتح پور، حليم مسلم ڪاليج ڪانپور، اردو ڪاليج ڪراچي مان ايم. اي سياست ۾ گولڊ ميڊلسٽ رهي، اتان ئي ايل. ايل. بي ڪري سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، جتي ترقي ڪندي ڊي. آءِ. جي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. انجمنِ ترقي پسنداردو جي ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي رهي ادب ۾ تحقيق سان گڏ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ۽ سيمينار پڻ منعقد ڪرايائين.
امراؤ طارق ادب ۾ لکڻ جي شروعات نثر سان سن 1954ع ۾ ڪئي، پوءِ افسانه نگاري ۾ هن جي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪارطور تي ٿي. سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”طوائف“ ڇپجڻ تي سن 1979ع ۾ کيس ادم جي ادبي ايوارڊ ڏنو ويو. هن جي مشهور ڪتابن ۾ خشڪي په جزيرا (ڪهاڻيون) سن 1986ع ۾، دهنڪ ڪي سباقي مابده رنگ (خاڪا) 1993ع، ڊاڪٽر فرمان فتح پوري: حيات خدمات، 3 جلد، 1994ع، فوجداري قانون جا بنيادي اصول (قانون) 1995ع، معتوب (ناول) 1995ع، خود نوشت تنقيد خود نوش (جيون ڪٿا) 1998ع، ادا جعفري فن ۽ شخصيت 1998ع، تمام شهرني پهني هوئي هين دستاني (ڪهاڻيون) 1998ع ۾ شامل آهن.
امراؤ طارق ڪيترن ئي رسالن جي ادارت سان گڏ ريڊيو پاڪستان عالمي سروس جو پروگرام آپ ڪا خط ملا جو اٺن سالن تائين ميزبان ٿي رهيو ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ جي پهرئين انگريزي ادبي رسالي ”پوليس مين“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. هن منفرد انداز ۽ اسلوب واري ڪهاڻيڪار جي وفات 8 ڊسمبر 2011ع تي ڪراچي ۾ ٿي. سندس شاهڪار ڪهاڻي ”ويهن سالن کان پوءِ“ جو ترجمو هتي پيش ڪجي ٿو.
[b] [اردو ڪهاڻي _ امراؤ طارق]
ويهن سالن کان پوءِ[/b]
مان اڄ ان ساڳئي ايئرپورٽ جي رن وي تي اچي بيٺو آهيان، جتي ويهه سال اڳ هڪ اونداهي رات جي پيٽ ۾ موت جي راڪاس کان لڪندو... ٿڙندو... ٿاٻڙندو... رن وي تي بيٺل جھاز ۾ اچي پناهه ورتي هئم... ۽ پوءِ جڏهن جھاز جي وڏن ڦيٿن ۾ چرپر ٿي هئي، تڏهن پنهنجي بچي وڃڻ جو احساس ٿيو هئم... ان وقت خوف جي چادر ويڙهيل جھاز جي اندر ويٺل ٻيا ماڻهو ائين نظر آيا هئا، جيئن دوڪان ۾ سنواري رکيل بي جان رانديڪا پيا هوندا آهن... اها هڪ قيامت خيز رات هئي، جيڪا ڪنهن تيز طوفان جيان آئي ۽ پاڻ سان سڀ ڪجهه اڏاري کڻي وئي.... انسانيت مري چڪي هئي... ماڻهن جي گهرن ۾ لڳايل باهيون سندن جسم ۾ گردش ڪندڙ رت کي به ساڙي رهيون هيون... عورتون اڻ ڏٺل مقام ڏانهن کنڀيون ويون... الهڙ جوانيون سرِعام ننگيون ڪيون ويون... جن جي ماس کي انسان جانور بڻجي پٽيو هو... ڳڀرو جوانن جي رت جي درياهه ۾ ابهم ٻارڙن جا لاش ترڻ لڳا هئا... آدم جو اولاد انسانيت جا سمورا سبق وساري وحشي بڻجي ويو هو. جن جون آهون ۽ دانهون اکين ۾ تيرن جيان چڀي رهيون هيون.
انهيءَ ڪاري رات ۾ هڪ هزار فٽن جي بلنديءَ تي جھاز ۾ موجوده هر هڪ هراسيل ۽ لٽيل انسانن جي اکين آڏو اهي سڀ منظر ائين گردش ڪري رهيا هئا جيئن سئنيما اندر پردي تي ڪا فلم هلندي هجي... جھاز جي عملي کي پاڻ ۾ آهستي ڳالهه ٻولهه ڪندو ڏسي هر ڪنهن کي اهو ئي ڊپ ٿيڻ لڳو هو ڄڻ سندس بابت انڪوائري ٿيندي هجي ڪي پنهنجي وڇڙي ويل پيارن کي ياد ڪري رهيا هئا ته ڪن کي مارجي ويلن جو ڏک شدت سان تڙپائي رهيو هو. جن کي روئندي ڏسي معصوم ٻار هراسجي چُپ ٿي ويا هئا.
هاڻي اهو چڱيءَ طرح سان ياد نه اٿم ته اها سياري جي شروعاتي مُند جي ڪهڙي تاريخ هئي! هونئن به مون لاءِ هاڻي تاريخ ۾ ڪجهه ناهي رکيو؟ انهيءَ ڏنڀ ڏيندڙ واقعي کان پوءِ تاريخ مون لاءِ بي معنيٰ بڻجي پئي آهي.... مس ڪپڙي مان ڀنل مور جي کنڀن وارن تلڪن سان لکيل اڄ تائين جي سموري تاريخ من ۾ ڪابه اٿل پئدا نه ڪري سگهي آهي! انسان جو جڏهن ويساهه اُٿي وڃي... انسانيت جا سڀ نظريا ڪوڙ جو ڀنڊار نظر اچن تڏهن بادشاهن جي شاهي لقبن سان نوازيل مورخن جي تاريخ جي ڪابه اهميت ناهي رهندي... هونئن به اڄ جي دؤر ۾ فلسفي ڳالهيون ۽ آدرشي قصا ڪتابن جي ورقن ۾ قيد ٿي ڪتب خانن جي زينت بڻجي ويا آهن جنهن پاسي وڃڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي... اڄ ان کان وڌيڪ عبرت اسان کي بس اسٽاپ تي بيٺل جواڻ جماڻ ڪاليجي ڇوڪريءَ کي ڏسي ٿئي ٿي... جنهن جون اکيون خوف کان جهُڪيل... ۽ هٿ ڪتابن ۾ سوگها هوندا آهن ۽ جنهن کي گهر اُسهڻ کان اڳ اهو احساس من ۾ کاٽ هڻندو رهندو آهي... ڪٿي ڪو شڪاري رستي ۾ وڇايل ڄار ۾ ڦاسائي کيس قيد نه ڪري وجهي... هاڻي اهو سڀ ڪو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته اسين واقعي به ڪيترائي نه مهذب آهيون!؟ مان انهن ئي خيالن ۾ گم بيٺو هئس جو هڪدم زال ۽ ڌيءُ جي سڏ تي ڇرڪ ڀري اچي انهيءَ جاءِ تي بيٺس جتان ويهه سال اڳ مون حياتيءَ جا بچيل ڏينهن سنڀالي اچي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي. پنهنجو پاڻ کي ائين هراسيل حالت ۾ رن وي تي بيٺل ڏسي ائين لڳو هو ڄڻ وقت جو ڦرندڙ ڪانٽو ويهه سال پٺتي موٽي آيو هجي!....
ايئرپورٽ هلڪڙي اونداهيءَ جي ڀاڪر ۾ هئي... اڃا سج ڪونه اڀريو هو. اسين پهرين ته ميزبانن جو انتظار ڪندا رهياسين... ۽ پوءِ جڏهن چڱو وقت گذريو ته مان زال ۽ ڌيءُ سامان کڻي پهريان اميگريشن ڪائونٽر تان ۽ پوءِ ڪسٽم چيڪ پوسٽ تان فارغ ٿي کين وٺي اچي ٻاهر لائونج ۾ ٿي ويٺس.... ٻاهر فرش کي صاف ڪندي ڀنگي هر هر ٽيڏي اک سان انڪوائري ڪائونٽر تي ويٺل پشم جھڙي دلڪش ڇوڪريءَ کي تڪي رهيو هو جا هٿ ۾ جهليل هڪ رنگين فلمي رسالي جا فوٽو ڏسڻ ۾ مگن ويٺي هئي.... اهو سڀ الائي ڇو منهنجي دل کي ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو، تڏهن ئي منهنجي نظر هڪ ٻئي عارضي ٺاهيل ڪائونٽر تي وڃي پئي، جتي ڪجهه ماڻهو شايد اسان جي اوسيئڙي ۾ ئي بيٺل هئا. اهو ڪائونٽر ڪانفرنس منعقد ڪرائيندڙ تنظيم جي پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ غير ملڪي دانشورن جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. پوءِ مان سامان جي ٽرالي، زال ۽ ڌيءُ وٽ ڇڏي وڃي بيٺل ماڻهن سان مليس کين پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايم ته هرهڪ مون سان وڏي اُڪير مان ڀاڪر پائي مليو. انهن مان هڪ ڄڻي اڳتي وڌي اسان جو سامان کڻي آيو ۽ ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيائين... ۽ پوءِ ڪافيءَ جو سَپ ڀريندي منهنجي ڌيءُ اوچتو مون کان سوال ڪيو هو، ”بابا! توهان ٻڌايو ته شهر ۾ هتي...!؟“
”ها ڌيءُ! هاڻي اهو طوفان گذري چڪو آهي.“
مون هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو هو، تڏهن انڪوائري ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪري ڳالهه نه سمجهندي مون کي چيو هو، ”سر ڪهڙو طوفان...! هيءُ موسم طوفانن جي نه پر سير و تفريح جي آهي!“
”ها پٽ! هاڻي واقعي به طوفانن جي مُند گذري چڪي آهي.“ مون کيس جواب ڏيندي ڳالهه کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو... ڀلا هن معصوم کي ڪهڙي خبر ته هتي ڇا ڇا نه ٿي گذريو آهي!
اسان جي ڪار هڪ ڊگهي ليڪي واري ايئرپورٽ روڊ کي ڇڏي جڏهن شهر ۾ داخل ٿي ته مان هر شئي جو جائزو وٺڻ لڳس....
ويهه سال اڳ جيڪو شهر مون خوف ۾ ڇڏيو هو، اهو اڄ مون کي ڌاريو ٿي لڳو جتي مان پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا... روڊ جي ڀر ۾ بيٺل بجليءَ جي قطار واري ٿنڀن ۾ کيراڻ جھڙن بلبن جي روشني مون کي بيحد اداس ۽ ٿڪل نظر آئي هئي... ۽ پوءِ جڏهن صبح جي گهميل هوا گهلڻ لڳي ته هوا سان گڏ سميل بدبوءِ به اسان جي ساهن ۾ سمائجڻ لڳي هئي... هي منهنجو شهر هو جيڪو اڄ مون لاءِ اوپرو اوپرو هو. شهر ڪيئن اوپرا بڻجي ويندا آهن انهيءَ جو اونهون احساس مون کي اڄ پنهنجي شهر کي ڏسي ٿيو هو.
”هتي ته مڇين جي ڏاڍي بدبوءِ آهي.“ نڪ تي رومال رکندي، منهنجي زال بيزارگيءَ مان وراڻيو هو....“ اِها ڌپ اسان سان هوٽل تائين گڏ هلندي آئي هئي.
اسان ٽنهي کي هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي ڪشادي ۽ صاف سٿري ڪمري ۾ ترسايو ويو. ناشتي کان فارغ ٿي منهنجي زال ۽ ڌيءُ هوٽل جي بالڪنيءَ ۾ بيهي شهر جي صبح واري زندگيءَ جو منظر ڏسي رهيون هيون. هي هن شهر جو سڀ کان مهانگو هوٽل هو، جتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني مهمانن کي ترسايو ويو هو، ڪانفرنس پڻ شام کان هتي ئي شروع ٿيڻي هئي... جنهن لاءِ آئون پنهنجي مقالي کي ڏسي رهيو هئس ته ايتري ۾ فون جي گهنٽي بار بار وڄڻ لڳي... مون اُٿي جيئن ئي رسيوَر کنيو ته هُن پاسي کان ليڊي آپريٽر جو سُريلو آواز گونجيو هو... ”سر توهان جي فون آهي؟“
”منهنجي فون...!“ آئون حيرانگيءَ ۾ وڪوڙجي ويس.
”جي ها سر! ڪا عورت... ڪالهه کان وٺي ڪيترائي ڀيرا اوهان جي لاءِ فون ڪري چڪي آهي.“ آپريٽر جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي حيرانگي وڌي وئي جو هن شهر ۾ ڪنهن عورت سان منهنجي ڪابه سڃاڻپ نه هئي. مون آپريٽر کي فون ملائي ڏيڻ لاءِ چيو.
”هيليو!!“ منهنجي آواز تي هوءَ ڳالهائڻ لڳي هئي، ”تو بابت مون اخبار ۾ خبر پڙهي ته تون ڪانفرنس ۾ اچين پيو، اهي منهنجا ڀاڳ جو توکي وري اکين سان سامهون ڏسندس، تو مون کي سڃاتو الائي نه!“
”فاطمه تون!... آهه“ مون هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو.
ها! هوءَ منهنجي فاطمه هئي... اهو ئي ڳالهائڻ جو سُريلي آواز وارو مٺڙو لهجو... مان ڀلا هن کي ڪيئن وساري سگهندس.
”تون اڃا تائين مون کي بلڪل به ناهي وساريو!“ هن ڳالهايو هو.
”تون سچ پچ فاطمه آهين؟“ اوچتو منهنجي من ۾ بيقراريءَ جي باهه ڀڙڪي آئي هئي.
”ياد ڪر!... مون توکي ڇا چيو هو جي تون وڇڙي به وئين ته به آئون تنهنجي ڳولا ڪري تو تائين پهچي ويندس....“ هڪدم هن جي لهجي ۾ ڏڪڻي اچي وئي هئي. ”جيون جا جيڪي ڏينهن توسان گڏ گهاريا اٿم اهي سڀ اڄ به شاهد آهن ته آئون ئي تنهنجي فاطمه آهيان.“
”فاطمه! تون زندهه آهين!؟“
”هائو! فقط اُن ڪري جو اڃا تائين تون به ته زندهه آهين!“
”پر پنهنجي سڙي ويل گهر کي ڏسي... مون ته توکي مئل ۽ سڙي ويل سمجهيو هو.“
”تو رڳو سڙندڙ گهر کي ڏٺو هو. مون کي نه.... پر هاڻي جڏهن تون پنهنجو جوان پٽ به ڏسندين ته وڌيڪ حيرانگي ۽ خوشي ٿيندئي!“
”منهنجو جوان پٽ!“ فاطمه جا لفظ ڀالي جيان اندر ۾ کُپي ويا هئا.
”ها! هٿ ٻه پير صفا تو جھڙو آهي... عادتون به تو وانگر ڌاريون اٿائين... توکي ڪهڙي خبر... هو شين کي ائين محسوس ڪري ٿو جيئن تون ڪندو هئين... سندس هلڻ مان لڳندو اٿم ڄڻ تون ايندو هجين... تو سواءِ مون وقت جا ويهه ورهيه هن کي ڏسي گذاريا آهن. جي هيءُ به نه هجي ها ته تنهنجي فاطمه شايد تڏهن ئي مري وڃي ها.“ هن جي لفظن جو درد مان پنهنجي اندر ۾ اوتبي محسوس ڪرڻ لڳو هئم.
”فاطمه! تون ڪٿي آهين!؟... مان توسان ملڻ لاءِ بيچين آهيان؟“
پوءِ هن فون تي مون کي هڪ اسپتال جو ڏس ڏيندي ائڊريس سمجهائي، جتي هوءَ نوڪري ڪندي هئي. مان زال ۽ ڌيءُ سان هڪ پراڻي دوست سان ملڻ جو ڪوڙو بهانو ڪري ٽيڪسيءَ ۾ سوار ٿي اُن اسپتال طرف هليو آيو هئس... رستي ۾ شهر جي حالت ڏسندي منهنجين نظرن اڳيان ويهه سال پراڻا واقعا ٻيهر اُڀري آيا هئا. اهو دؤر ڏاڍو سٺو هو، مان فاطمه سان گڏ خوشحال زندگي جيءُ رهيو هئس. تڏهن اوچتو نسلي فساد برپا ٿيا. مان ان وقت آفيس ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئس ۽ فاطمه منهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل هئي جو ڪنهن اچي مون کي اطلاع ڏنو هو ته شهر جي ٿيندڙ فساد ۾ منهنجو گهر به ساڙيو ويو آهي.... مان پاڳلن جيان ڀڄندو، لڪندو جڏهن گهر اڳيان پهتو هئس ته منهنجين نظرن جي آڏو سڙي ويل گهر جي خاڪ جو ڍير باقي بچيو هو... ۽ پوءِ فاطمه جي ڳولا ڪندي اسپتالن، مرده خانن ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي منهنجا پير پٿون ٿي چڪا هئا پر ڪٿان به مون کي فاطمه جو ڪو ڏس پتو ڪونه مليو هو! تڏهن دل ۾ هي خيال ڪري ته شايد گهر ۾ اندر هوندي هوءَ سڙي مري چڪي آهي، پنهنجو پاڻ کي ڪوڙو دلاسو ڏئي رشوتي نوٽن جي سهاري هڪ اونداهي رات ۾ اچي رن وي تي بيٺل جھاز ۾ پناهه ورتي هئيم، جيڪو کٽمنڊو کڻي پهتو، پوءِ پنهنجي لُٽجي ويل دنيا کي ڀُلائي مون هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي.
”صاحب اسپتال اچي وئي!“ ڊرائيور جي سخت لهجي واري آواز ئي منهنجي ذهن تي ويٺل ماضيءَ جا سمورا پوپٽ اڏري ويا هئا... هوءَ اسپتال جي مُک وڏي در وٽ منهنجي انتظار ۾ بيٺل هئي. هن جي ڀر ۾ هڪ حسين قدآور ڳڀرو جوان به بيٺو هو، جنهن جي نظرن ۾ مون پاڻ لاءِ اوپرائپ محسوس ڪئي هئي... ۽ پوءِ مون کي اڳتي وڌندو ڏسي فاطمه ٻار جيان ڊوڙي مون سان چقمق جيان چنبڙي روئي پئي هئي... هن جو ڀريل بُت هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. سندس چهري جي حسين نقشن تي هاڻي غربت ۽ بي وسيءَ جا نه ڊهندڙ ليڪا باقي بچيا هئا... وٽس ماضيءَ جي يادن کان سواءِ باقي آواز وڃي رهيو هو... فاطمه ميري ساڙهي جي پلئه سان اکين ۾ بيٺل ڳوڙهن کي اگهندي چيو هو، ”تون ڪيڏو نه بدلجي ويو آهين!؟“
”سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي فاطمه! هاڻي اهو سڀ ناهي رهيو، جيڪو اڳ هوندو هو.“ مون کي هن سان ملي ۽ سندس اهڙي حالت ڏسي دلي صدمو رسيو هو، منهنجي دل ۾ ان وقت، وقت جي لاءِ نفرت پئدا ٿي پئي هئي.
”هي شڪيل آهي!... تنهنجو پٽ!.... تنهنجي امانت!“ پنهنجي ڀر ۾ بيٺل نوجوان جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي فاطمه خوشيءَ سان ٻڌائيندي مون طرف وڌڻ لڳي.
”منهنجو پٽ!... شڪيل!.... ش... ڪ... ي... ل!“
مون نانءُ ورجائيندي هن کي پنهنجي سيني سان لڳايو ته هو به ٻارن جيان منهنجي ڀاڪر ۾ روئڻ لڳو هو.
”ڪيئن! آهي نه تو جھڙو!“ هُن سڏڪا ڀريندي هاڻ خوشيءَ مان ڳالهايو هو.
”مون کي يقين نٿو اچي ته هڪ ڏينهن... منهنجو بابا ائين مون سان اچي ملندو.“
”ڇو پٽ؟... فاطمه! توکي مون بابت اڳ نه ٻڌايو هو ڇا؟“
منهنجي انهيءَ سوال تي شڪيل جي اکين ۾ فاطمه لاءِ نفرت ڀرجي آئي هئي. هن منهن ٻئي طرف ڪري خاموشي اختيار ڪئي هئي.
”شڪيل پٽ! تون هاڻي پيءُ کي وٺي گهر هل... آئون ٿوري دير ۾ ڪم ختم ڪري اچان ٿي... پوءِ دل کولي ڳالهيون ڪنداسين.“
رستي سان مان شڪيل کي پهريون هڪ وڏي بازار ۾ وٺي آيس. هن کي جينز... ٽاءِ... نوان وڳا... بوٽ خريدي ڏنا... فاطمه لاءِ رنگين ساڙهيون ورتم ۽ پوءِ اسان ٻنهي پيءُ پٽ گڏجي هڪ عاليشان هوٽل ۾ ويهي منجهند جي ماني کاڌي... جڏهن مان فاطمه جي گهر کي ويجهو ٿيس ته گندگيءَ جي ڪري منهنجي ساهه ۾ ڌپ ڀرجي آئي جو هوءَ هڪ ڪچي آباديءَ جي بند گهر ۾ رهندي هئي... اسان کان پوءِ فاطمه به گهر پهچي وئي... هڪٻئي سان دل کولي حال احوال ڪياسين.... جڏهن شام ٿيڻ لڳي ته مون ساڻن ٻئي ڏينهن ملڻ جو واعدو ڪري کين پڪ ڏياري ته جلد ئي ٻنهي کي پاڻ وٽ گهرائيندس منهنجي وڃڻ جو ٻڌي فاطمه ۽ شڪيل جي خوشيءَ وارن چهرن تي اداسي ڇانئجي وئي هئي.
ٻئي ڏينهن صبح سان ئي مون پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي تاريخي جاين جو سير ڪرايو، کين بي انتها شاپنگ ڪرائي، هوٽل تي پهچي مان کين چاهڻ جي باوجود شڪيل ۽ فاطمه بابت ٻڌائي نه سگهيو هئس... شام جو ڪانفرنس جي پڄاڻي ٿي... مان فاطمه ۽ شڪيل جو خيال دل تان لاهي واپسيءَ جي تياريءَ ۾ لڳي ويس... اسان کي مان ۽ عزت سان وڏي قافلي جي صورت ۾ ايئرپورٽ تي آندو ويو، جتان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس ورڻو هو.
هڪ ڀيرو ٻيهر مان پنهنجي زال ۽ ڌيءُ سان گڏ ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار ۾ بيٺل هئس، جتي ويهه سال اڳ بيهي مون هي ملڪ هميشه لاءِ ڇڏيو هو، جڏهن منهنجو سڀ ڪجهه لٽجي ويو هو... جھاز ۾ سفر ڪندي منهنجي زال مون سان ڄڻ ته گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو پر الائي ڇو همٿ نه ٿي ڪري سگهي، تڏهن اوچتو ايئر هوسٽس جو مڌر آواز گونجيو هو، ”اسين هينئر هڪ هزار فوٽن جي بلنديءَ تي آهيون.... انشاءَالله! ٿوريءَ دير ۾ ايئرپورٽ تي لهنداسين... مسافرن کي گذارش آهي ته پنهنجا حفاظتي بئلٽ ٻڌي ڇڏيو... مهرباني!“
اعلان پورو ٿيندي ئي منهنجي زال پنهنجي بيقراريءَ کي روڪي نه سگهي ۽ منهنجي ساڄي ڪن ۾ سرگوشي ڪندي چيائين.
”(.......)“
”ڇا تون فاطمه ملي هئينءَ؟“ لفظ بندوق جي گوليءَ جيان منهنجي زبان مان نڪتا ۽ پوءِ منهنجو وجود هڪ ڀيرو ٻيهر حيرانگيءَ جي وڻ ويڙهيءَ ۾ وڪوڙجي ويو هو. مان چاهيندي به رڙ ڪري روئي نه سگهيو هيم، ان لاءِ جو منهنجي دنيا هڪ دفعو وري لٽجي چڪي هئي.