چانڊوڪي رات جو ستم : ڪرتار سنگهه دگل
[/b](1917ع ــ 2012ع)
ڪيترن ئي ٻولين جي برک ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار، ناول نگار، نقاد ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڪرتار سنگهه دگل جو جنم پهرين مارچ 1917ع تي ڳوٺ دهيمال راولپنڊي (پاڪستان) ۾ جيون سنگهه دگل جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو وچولي طبقي جو خوشحال فرد هو. شروعاتي تعليم بعد هن بي. اي ۽ ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪرسٽن ڪاليج لاهور مان ڪئي پوءِ هندوستان هليو ويو، جتي هن پنهنجي عملي زندگي جي شروعات آل انڊيا ريڊيو تان ڪمپيئر طور ڪئي اتي ئي مختلف عهدن ۽ ذميوارين تي ڪم ڪندي سن 1942ع کان 1966ع تائين رهي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ ان دوران ڪيترائي اسڪرپٽ، ڊراما ريڊيو لاءِ لکيائين سن 1966ع کان 1973ع تائين نيشنل بڪ ٽرسٽ جو سيڪريٽري ڊائريڪٽر رهيو ۽ پوءِ پلاننگ ڪميشن کاتي ۾ انفارميشن ايڊوايئزر ۽ براڊ ڪاسٽنگ ۾ ڪم صلاح ڪار طور ڪم ڪندي سن 1992ع ۾ رٽائر ٿيو.
ڪرتار سنگهه دگل جو شمار اردو، پنجابي، هندي ۽ انگريزي ٻولين جي چوٽيءَ وارن ليکڪن ۽ اديبن ۾ ٿئي ٿو. هن پهرين ڪهاڻي سن 1941ع ۾ پنجابي زبان ۾ ”سوير سار“ رسالي ۾ لکي. هي بنيادي طور تي پنجابي ۾ ڪهاڻيڪار آهي، ادب ۾ 22 ڪتاب، هندي ۾ 11 ڪهاڻي ڪتاب 115 ناول، 13 هندي، اردو ڊراما، 4 تحقيقي، شعري مجموعا، هڪ تنقيدي مجموعو ۽ آتم ڪهاڻي جو ڪتاب ”گياني گورمکهه سنگهه“ شايع ٿي پذيرائي ماڻي چڪا آهن. هي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جو ميمبر رهڻ سان گڏ ترقي پسند تحريڪ جو حامي به رهيو آهي، جڏهن ته راجا رمهون راءِ لائبريري فائونڊيشن، انسٽيٽيوٽ آف سوشل اينڊ ايڪنامڪ چينج (بنگلور) ۽ ذاڪر حسين ايڊيوڪيشنل فائونڊيشن ادارن جو باني پڻ رهيو آهي. ادبي مڃتا طور تي کيس ملندڙ ايوارڊن ۾ ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ، غالب ايوارڊ، سوويت لينڊ ايوارڊ، بهارتيه بهاشا پرشاد ايوارڊ، پرامن پترا ايوارڊ، ساحر ايوارڊ جي علاوه کيس هندوستان سرڪار جو اعليٰ سول ايوارڊ ”پدم بهوشن“ سان نوازيو ويو آهي.
ادب کي حياتي جا چاليهه سال ارپيندڙ ڪرتار سنگهه دگل ادب جي ترقي لاءِ بي انتها خدمتون ڏيڻ سان گڏ هڪ ليکڪ طور پنجابي ڪلچر، تهذيب، تمدن ۽ روايتن جو سماجي منظرنامو پيش ڪرڻ سان گڏ عام رواجي ڪردارن کي زندگي جي حقيقيءَ رنگ ۾ رنگي ظاهر ڪيو آهي. ڪهاڻي بابت هن جو چوڻ آهي ته ”ڪهاڻي سٺي ۽ سُريلي شاعري وانگر وڻندڙ، ناٽڪ وانگر ڊراما ۽ قصي وانگر بياني هوندي آهي.“ هن عظيم ليکڪ جو ديهانت 26 جنوري 2012ع تي طويل عرصو بيمار رهڻ بعد ٿيو. هتي هن جي هڪ ڪلاسڪ ڪهاڻي ”چانڊوڪي رات جو ستم“ جو ترجمو پيش آهي.
[b][پنجابي ڪهاڻي _ ڪرتار سنگهه دگل]
چانڊوڪي رات جو ستم[/b]
مالني ۽ مني کي گڏ ڏسي هرڪو اهو ئي چوندو هو ته ٻئي پاڻ ۾ ڄڻ جاڙيون ڀينر آهن ۽ جڏهن هڪ گهور ڪري ٻنهي ڏي ڏسبو هيو، ته مني پنهنجي ماءُ مالنيءَ کان گراٽڙي کڻ قدم ۾ مٿڀري نظر ايندي هئي. ٻنهي ماءُ ڌيءُ جي سرس سونهن ۽ چنچلتا کي ڏسي، اوڙي پاڙي جون سڀئي عورتون جک کائيندي، اندر ۾ سڙي ڪارو ڪوئلو بڻجي وينديون هيون، ڪي وري ٽوڪ مان مالني کي چئي ڏينديون هيون.
”اڙي مالني! تنهنجي ڇوريءَ تي جوانيءَ جوڀن چڙهيا آهن!“
”مني اڳي ئي سونهن ۾ سرس اٿئي، جي نه سورنهن سينگار ڪندئي ته ڪيئي مفت ۾ ڪسجي ويندا؟“
”او مالني! جواني ديواني اٿئي! ڇوريءَ جي پيرن ۾ ونگ وجهي، هاڻي کان ئي سوگهي رک، نه ته پوءِ ويٺي هٿ هڻندينءَ....“
پر مالني اهي ساڙ ڀريون ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مني جي جوڀن ۾ ئي جڏهن زماني جي نظر ڦير سان نهاريندي هئي ته ڪنهن اڻ ڄاتي خوف جي گهيري ۾ ائين وڪوڙجي ويندي هئي جيئن واچوڙي ۾ پٽ تي پيل هر شئي ويڙهجي اڏري ويندي آهي.
هيءَ ڳالهه مالنيءَ لاءِ ڄڻ ته ڪالهوڪي ڳالهه هئي جو هوءَ پاڻ به حسين اپسرا هئي ۽ اڄ... اڄ به سونهن ۾ ڌيءُ کان ٻه رتيون گهٽ ڪونه هئي، جيڪڏهن هوءَ اڄ به پنهنجي ڪٽارين اکين سان ڪنهن ڏي نهار ڪري ته ڪيئي جوان هن خاطر ست سمنڊ پار ڪرڻ لاءِ تيار هئا پر اهي ڳالهيون هاڻي مالنيءَ جي لاءِ سوچڻ به ڏوهه هيون، هوءَ هڪ حسين، جوان جماڻ، ڌيءُ جي ماءُ هئي، جنهن کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي هٿن سان ميندي لائي، ڪنوار بڻائي، وهانءُ رچائي، سک جو ساهه کڻڻ واري هئي.
اڄ مالني جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي بڻجي وئي هئي، هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، سندس سوچن ڏي ويندڙ سڀئي رستا بند ٿي ويا هئا. ها! اڄوڪي رات هن کيس پنهنجي اچڻ جي چٺي موڪلي هئي، هُو جنهن مالنيءَ جي اڪير ۾ پنهنجيءَ جوانيءَ جون نه ڄاڻ ڪيتريون راتيون تڙپندي جاڳندي گذاريون هيون، هن جي زندگيءَ جو هڪ هڪ پل مالنيءَ جي راهه تڪيندي گذريو هو ۽ اڄوڪي رات پنهنجي انهيءَ طويل انتظار جو صلو وٺڻ خاطر پنهنجي هڪ طرفي محبت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مالني کي ٻانهن ۾ ڀري بي انتها پيار ڪرڻ ٿي چاهيو، جنهن جي هاڻ اچڻ جو الڪو ڪندي، مالنيءَ پريشان ٿي وئي هئي.
”هو اڄوڪي رات ڇا واقعي ايندو؟! ڇا هو سچ پچ ته مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري بي انتها پيار ڪندو؟! هن جي ڇهاءُ جو احساس محسوس ڪندي مالنيءَ جو وجود سراپجي ويو، سندس وياڪل نظرون اوچتو ڏيڍيءَ جي در مان آڳر ۾ داخل ٿيندڙ پنهنجي جواڻ ڌيءُ منيءَ ۾ اٽڪي ٿيون پون.
مني بي حد خوبصورت، قدآور، صدا ملوڪڙي، مالنيءَ جي اڪيلي ۽ لاڏلي ڌيءُ، جنهن کي مالنيءَ اهڙي طرح پالي تاتي جوان ڪيو هو جو هر هنڌ سندس سڀاءُ جي هاڪ هئي، سندس ڪپهه جھڙي اُجري نرم چمڙي اهڙي جهڙو ريشم هٿ لڳائڻ سان ڄڻ ته ميري ٿي وڃي. هن جون اکيون هميشه حياءَ کان هيٺ جهڪيل، اڄ ڏينهن تائين سڄي ڳوٺ ته ڇا، پر پاڙي وارن به هن جي واتان گٿو لفظ ڳالهائيندي ڪين ٻڌو آهي. ”مني! منهنجي ڌيءُ، ڪيڏي نه سٻاجهڙي ۽ سگهڙ آهي!“ جي کيس منهنجي معاشقي جي خبر پئي، ته پوءِ....“ هڪدم سوچيندي هن جو ذهن منيءَ جي طرف هليو وڃي ٿو ۽ پوءِ مالنيءَ خوف جي چادر ۾ وڪوڙجي ٿي وڃي.
”امان، او امان! بابو اڄ به ناهي آيو؟ مني هن جي ڀر ۾ بيهندي بيقراريءَ وچان پڇڻ لڳي ٿي.“ تنهنجو بابو اڄوڪي سج ته ٺهيو، پر جي سڀاڻي سانجهيءَ تائين اچي، ته به شڪر ڪجانءِ!“ مالنيءَ بي رخيءَ سان وراڻو ڏيندي کيس سمجهائڻ ٿي لڳي.“ شادي جي ڪاڄ ۾ سوئي سڳي جو به خيال رکبو آهي، زيور، لٽا ڪپڙا... ۽ سامان سڻو وٺڻ به پڇي ٿو، شيون بچن ته چڱو آ، نه ته لوڪ جا طعنا! منهنجي توبهه زاري! آخر به تنهنجي شاديءَ جو ڏاج آهي ڌيءُ! ڪو گڏي گُڏي جو وهانءُ ٿورو ئي آهي، سو پڻهين کي سؤ ڪم آهن تون الڪو نه ڪر!“
پنهنجي شاديءَ بابت ماءُ جي پٽاڻ ٻڌي، پهريون ته منيءَ شرمايو ۽ پوءِ بيزار ٿيندي، پنهنجي چنريءَ ماءُ کان وٺي، سندس مٿو پوتيءَ سان ڍڪي ڪوٺي ۾ وڃڻ ٿي لڳي، جا هن ڪجهه دير اڳ ماءُ کي ان ڪري ڏني هئي، ته جيئن مندر ويندي رستي ۾ ميري نه ٿي پوي.
اڄوڪي رات چنڊ جي چوڏهينءَ جي رات هئي.... چانڊوڪيءَ جي جرڪندڙ کيراڻ جھڙي روشنيءَ ماحول ۾ عجيب منظر پيدا ڪري ڇڏيو هو. مالنيءَ آڳر ۾ رکيل کٽ مٿان خيالن جي وهڪري ۾ لڙهندي ستي پئي هئي، نم جي ٽارين مان چانڊوڪي پنن جيان ڇڻي سندس وجود ۾ پئجي رهي هئي، پر هوءَ خيالن جي وهڪري ۾ لڙهي اتي پهتي هئي، جتان ڪناري تي اسهڻ لاءِ هن کي ڪوبه ونجهه نٿي مليو، پوءِ چانڊوڪيءَ رات جو چنڊ، جڏهن جوڀن تي چڙهيو، ته مالنيءَ جي من ۾ هورا کورا وڌي وئي، بيقراري هن جي اندر کي ڏاٽو بڻجي وڍ ڏيڻ لڳي هئي ته وري ٻئي طرف جواڻ ڌيءُ جو وجود ڪاريهر نانگ بڻجي هن آڏو ڦوڪاٽون هڻي رهيو هو. مالنيءَ جي سوچ هڪدم وري هن طرف هلي وڃي ٿي.
”هو ڪيڏو نه ڪٺور آهي، بي رحم سنگدل آهي، باقي چار ڏيهاڙا صبر نٿو ڪري سگهي.“
ڌيءُ جي ڪنوار بڻجڻ وارو خيال ايندي ئي مالني ياد ڪرڻ لڳي ٿي.
”مان به ته ڪنوار بڻي هيس، منهنجي هٿن تي به مهنديءَ جي رنگ جي خوشبوءِ رچي هئي پر منيءَ جي پيءُ ڪڏهن ڀلجي به منهنجي مينديءَ رتن هٿن ڏانهن نهاريو ڪين نه هو، هو سخت جان انسان هو، نار ۾ وهندڙ ڏاند وانگي سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ پورهيو رات جو پٿر بڻجي اچي پاسي ۾ پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن صرف هڪ پٽ جي خواهش هن جي پٿر واري بت کي پگهاريندي هئي ته منهنجي من جي ٺوٺ ڌرتيءَ کي سيڪ ملي پوندو هو. واهگرو به اسان تي مهربان نه رهيو. پٽ بدران هر ڀيري ڌيءُ ڏئي وري ڇني وٺندو هو، پر منهنجي مني، پٽيلي اولاد کان ڪو گهٽ آهي ڇا!؟ پر مني ته پنهنجي ور وٽ هلي ويندي، مني جي وڃڻ کان پوءِ مان ڪيتري نه اداس ٿي پوندس، ڪيتري نه اڪيلي ٿيندس، ۽ پوءِ هن کي منيءَ جي وڇوڙي جو احساس کائڻ لڳي ٿو.
مني رات جي راڌڻ رڌي، پيءُ جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪندي، نيٺ ماني کائي، ايندڙ حسين راتين جي تصور ۾ گم ٿي ماءُ جي حال کان بي خبر سمهي پئي، پر هن جي ماءُ مالني اڃا تائين جاڳي رهي هئي، سندس اکين مان ننڊ جا جگنو ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏي اُڏري ويا هئا، الائي ڇو جڏهن به چانڊوڪي رات ايندي هئي ته مالنيءَ جي لاءِ اٿاهه سمنڊ جيڏي بيقراري پاڻ سان گڏ آڻيندي هئي. هن جو کائڻ، پيئڻ به حرام هوندو هو، چانڊوڪي رات ۾ هوءَ پاڻ کي ازل جي بکي محسوس ڪري رهي هئي! سوچن جي وهڪري ۾ سفر ڪندي مالني پنهنجو پاڻ کان به بي خبر رهجي وئي هئي. سامت ۾ ايندي هوءَ کٽ تان اُٿي ڪوٺي اندر گهڙي ٿي وڃي، جتي مني ننڊ ۾ مرڪندي نظر ٿي اچيس. هن جي سيرانديءَ کان رنگين چوڙيون ۽ اڇن موتين واري چنري پئي هئي. چوڙين جي ڀڄي پوڻ جو خيال ايندي مالنيءَ اهي کڻي پنهنجي ٻانهن ۾ پائڻ لڳي ۽ پوءِ چنريءَ واري پوتي ڍڪي جڏهن بت ۾ لڳل آئيني آڏو بيٺي، ته هن کي ڪي پل محسوس ٿيو، ته آئيني ۾ هوءَ پاڻ کي نه ڏسندي هجي، پر ڄڻ ته هن جي مني اچي بيٺي هجي، هڪدم شرمائي مالني ڪوٺيءَ کان ٻاهر اچي آڳر ۾ بيهي رهي ٿي. انهيءَ سمي چوڏهينءَ جي چانڊوڪي مالنيءَ جي رڳ رڳ ۾ ڀرجي وڃي ٿي.
”ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ!“ گهر جي وڏي دروازي تي آهستڙي کڙڪڻ جو آواز اڀري ٿو ته مالني شڪارين جي گهيري ۾ آيل هرڻيءَ جيان آواز تي هراسجي وڃي ٿي.
”ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ!“ رازداري مان اڀرندڙ کڙڪي جو آواز هاڻي وري ڪجهه تيز اڀريو هو.
”هو اچي ويو آهي! ها، لڳي ٿو ته سچ پچ به اچي ويو آهي.“ مالني پنهنجي منهن ڀڻڪندي وري ڳالهائڻ لڳي ٿي.
ها! هو پنهنجي انجام جو پڪو آهي، چٺيءَ ۾ هن سچ ئي لکيو هو ”منهنجي پياري مالني! اڄوڪي چوڏهينءَ جي رات، مان تنهنجي در جو ڪُنڊو کڙڪائيندس، مرضي پوئي ته ڪڙو لاهجانءِ، جي نه، ته به جيڪا تنهنجا مرضي، تو لئه منهنجيءَ چاهت ۾ ڪڏهن به ڪا گهٽتائي ناهي اچڻي، تون اڄ به مون کي پياري آهين، جيتري ڪالهه جوانيءَ ۾ لڳندي هئينءَ واهگرو جو قسم، ته تون مون کي آخري ساهه تائين پياري رهندينءَ!“
چانڊوڪيءَ رات جي کيراڻ جھڙي روشنيءَ ۾ مالني جي گهر ٻاهران بيٺل واقعي هن جي محبت جو چور هو، جنهن مالنيءَ کي اهڙي چؤ واٽي تي آڻي بيهاريو هو جتان ڪيئي رستا نڪرندي به مالنيءَ کي ڪو دڳ هٿ نٿي آيو، هو خيالن ۾ ٻڏي تري رهي هئي، انهيءَ وقت چوڏهينءَ رات جي چمڪندڙ چنڊ کي ڪارن ڪڪرن پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. چوڏس اونداهه ڦهلجي ويو، جو هٿ کي هٿ جي خبر ئي نه رهي ۽ پوءِ ڪجهه ئي گهڙين اندر آسمان تي ڪارڪن ڪڪرن جا ڪيترائي تهه چڙهي ويا، مالنيءَ کي ڪا ڪل ئي نه رهي، ته سندس قدم وقت جي انهيءَ ڪنهن وير ۾ خودبخود ئي وڌي در طرف وڌي ويا هئا، هن پوءِ جيئن ئي درجو ڪڙو لاهي ٻاهر قدم رکيو ته سندس وجود کي تتل ٻانهن جو گهيرو ائين ڀاڪر ۾ ڀري ويو جيئن باز اک ڇنڀ ۾ پنهنجو شڪار جهپي اڏري ويندو آهي، ويهن سالن جي طويل انتظار جو درياءُ پنهنجا سمورا بند ڀڄي بي حجاب وهڻ لڳو هو، محبت جي مدهر نشي ۾ هو ٻئي هلندا، رڙندا، چاهت جون چسڪيون ڀريندا، آزاد فضا ۾ اُڏرڻ لڳا هئا.
ڳوٺ جي وڏيءَ چاڙهيءَ پٺيان، فجر ويل جڏهن ريل گاڏي بند تي چنگهندي گذرڻ لڳي، ته مالنيءَ به سرمستيءَ واري دنيا مان حقيقت جي دنيا طرف موٽي آئي. پنهنجو ٿڪل وجود هن جي ٻانهن جي وڪڙ مان ڇڏائيندي ڊڄندي هراسجي هلندي اچي آڳر ۾ رکيل کٽ تي اهلجي پئي جڏهن مالني جو ساهه سامت ۾ آيو ته کٽ تان اٿي ڪوٺي ۾ گهڙي جتي مني اڃا تائين راتوڪي سندر خوابن جي جھان ۾ سير ڪري رهي هئي، هن پوءِ نهايت احتياط سان سڄي هٿ جي ڪرائيءَ ۾ پاتل منيءَ جون چوڙيون لاهي سندس سيرانديءَ کان رکيون ۽ چنري به لاهي پنهنجي پوتي اوڍي ڪوٺيءَ کان ٻاهر اچي آڳر ۾ پيل کٽ تي ائين سمهي رهي ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هجي.
”مالني او مالني! آءٌ ٿو پڇان، ڪٿي آهي اها تنهنجي بد ذات ڇوري.“ جهاگياڻي جي رڙين تي مالنيءَ جو آڳر اوڙي پاڙي وارن سان ڀرجي ويو.
”ٻڌاءِ مون کي مالني، اها بدچلن آهي ڪٿي؟“ جهاگياڻي جي هٿ ۾ جهليل لٺ هن جي آواز جيان ڪنبي رهي هئي، هو رڙيون ڪندي ڪنڌ لوڏي رهيو هو، ”هن کي منهن ڪارو ڪرڻ لاءِ منهنجو ئي فصل مليو، ڪتي، بد ذات، لفنگي!“
هي صبح سان ڪهڙو کيل ٿو کيڏين، جماڻو!“ مالنيءَ ننڊ مان جاڳي اچي هن کي چيو، ”ٻڌاءِ منهنجي ڌيءَ لا ڇا ٿو بڪين؟“
”آءٌ بڪان ٿو جو مون کي ڇتي ڪتي کاڌو آهي، ائين نه! مون پنهنجي هن گنهگارن اکين سان ڏٺو آهي تنهنجي لاڏليءَ کي.“
”ڇا ڏٺو اٿئي ٻڌاءِ، ڇا ٿو چئين؟“ مالنيءَ جي سوالن تي جهاگياڻي وڌيڪ ڳالهائڻ لڳو، ”مون کي واهگرو جو قسم آهي مون ڏٺو ته منهنجي ڪمند واري فصل مان پهريان تنهنجي سدا ملوڪڙي ٻاهر نڪتي ۽ پوءِ هو حرامي، ان جو يار! مون کي ڏسندي ئي وٺي ڀڳو هو ماءُ جو....“
”اڇي ڏاڙهيءَ ۾ ڪوڙ هڻين، چاچا!... مون غريب تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي؟“ ماڻهن جو هجوم منجهان مني وڌي اچي جهاگياڻيءَ آڏو بيٺي هئي. جيڪا مندر کان موٽي سڀ ڪجهه هاڻ پنهنجي ڪنن سان ٻڌي رهي هئي.
”شرم نٿو اچئي! بدچلن! آواره! مون کي ٿي تون ڪوڙو ڪرين!“ منيءَ تي جک کائيندي جهاگياڻي وڌيڪ کيس ثبوت ڏيندي وري چيو: ”جي تون نه آهين ته پوءِ هيءُ اڌ ڀڳل چوڙي ڪنهن جي آهي جيڪا رات يار سان سمهي اها تون ڇڏي آئي آهين.“
هجوم ۾ بيٺل عورتون نظرن ئي نظرن ۾ هڪ ٻئي کي ڪئي معنيٰ خيز پيغام ڏيئي ويون، هڪدم مالني پنهنجي سڄي ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾ پيل چوڙيون ڳڻڻ لڳي جن مان واقعي به هڪ چوڙي گهٽ هئي، ايتري ۾ ڳوٺ جو مکي به زال سميت اچي مالنيءَ جي گهر نڪتو، جنهن جا نوڪر مڱڻي جو سامان مالنيءَ جي آڏو رکي موٽڻ لڳا هئا. پوءِ باقي رهيل ڪسر مکيءَ پوري ڪندي سموري دنيا جون گاريون مني کي ڏنيون، جنهن لاءِ ڪلهه تائين ڪنهن ڀلجي به ڪڏهن واتان ڪو گٿو لفظ ڪين ڪڍيو هو ۽ نه وري ٻڌو هو، پر اڄ هوءَ سڀني جي سامهون ڇا ڇا نه ٻڌي ۽ سهي رهي هئي! هن جي پوڄا پاٺ به کيس بي گناهه ثابت نه ڪري سگهي هئي ڪنهن غير ڏي ڀلجي به نظر کڻي نهار نه ڪندڙ مني اڄ برادريءَ لاءِ بدچلن بڻجي چڪي هئي. مالنيءَ جي گهر ۾ سندس ڌيءُ جي وهانءُ رچڻ کان اڳ جيئري ئي جنازو نڪري رهيو هو. مالنيءَ جو وجود وٺجي ويو هو. هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري ۽ ڪهڙي ريت پنهنجي جواڻ ڌيءَ جي دنيا کي برباد ٿيڻ کان بچائي پنهنجو پاڻ پيش ڪري ۽ پوءِ اوچتو مالنيءَ جي ڀر واري گهر جي کوهيءَ ۾ زور سان ڇڀڪي جو آواز اڀريو، ته ڪي پل هر هڪ جو ساهه مٺ ۾ بند ٿي ويو.