ڪھاڻيون

چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن.
Title Cover of book چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

ٻه وِکا ڊگهي سڙڪ ! : ڪرشن چندر

[b] ڪرشن چندر
[/b](1912ع ـــ 1977ع)

وزير آباد ضلع گجرانوالا پنجاب (پاڪستان) جي ڇتري خاندان جي هڪ لکيل پڙهيل ڊاڪٽر وگري شڪر چوپڙا جي گهر ۾ ڊسمبر 1912ع ۾ جنم وٺندڙ ڪرشن چندر پنهنجي ننڍپڻ جي عمر کان ئي علم و ادب سان لڳاءُ رکندڙ هيو. هن شروعاتي تعليم ڪشمير، لاهور، ممبئي مان پرائڻ بعد سن 1934ع ۾ ايف. سي. ڪاليج لاهور مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ۽ سن 1937ع ۾ لا ڪاليج پنجاب يونيورسٽي مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪري پنهنجي عملي زندگي جي شروعات انگريزي رسالن ”دي نادرن رويو“ ۽ ”دي ماڊرن گرل“ جي ايڊيٽري سان ڪئي پوءِ اردو زبان ۾ ”نيا ادب“ ۽ ”زاويا“ رسالا ڪڍيا. سن 1962ع ۾ هن کي ڊبليو. زيڊ احمد جي ”شاليمار پڪچرز“ فلم ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي، جتي پنهنجي کري مزاج ڪري هو سال کان وڌيڪ ٽڪي نه سگهيو، پوءِ اُتان ڇڏي آل انڊيا ريڊيو ۾ پروگرام اسسٽنٽ مقرر ٿيو پر هتي به ڪجهه عرصو رهي استعيفيٰ ڏيئي ممبئي واپس هليو آيو ته کيس ممبئيءَ ٽاڪيز ۾ ڪم ملي ويو، جتي هن نيشنل ٿيٽر جي مدد سان سن 1945ع ۾ ذاتي فلم ”سرائي ڪي باهر“ ٺاهي پوءِ ماڊرن ٿيٽر جي نالي سان ادارو جوڙي ”دل جي آواز“ ۽ ”راکهه“ فلمون ٺاهيون پر ستت ئي سندس ادارو ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي ويهجي ويو. جنهن بعد هو ٻين فلمي ڪمپنين لاءِ اسڪرپٽ ۽ ڪهاڻيون لکڻ لڳو.
ڪرشن چندر پنهنجي اسڪول جي زماني کان ئي ادب سان لڳاءُ رکندڙ ترقي پسند سوچ ۽ فڪر وارو هڪ روشن خيال اديب هيو. هن پهريون افسانو ”جھلم پر نائو“ جي عنوان سان لکيو، جنهن کان پوءِ اهو سفر جاري رهيو. سندس لکيل ڪهاڻين جو تعداد پنج هزار کان مٿي آهي ”ڪالو ڀنگي“، ”دادر پل ڪي بچي“، ”آدهي گهنٽي جو خدا“، ”طوفان ڪي ڪليا“ ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي انيڪ شاهڪار افسانا مشهور اٿس، هن موئن جي دڙي جو خزانو، ستاويهه ناول، چار ٻاراڻا ناول، چار ڊرامن ۽ ٻه مزاحيه مضمونن جا مجموعا، هڪ رپورٽ تار، ٻه خاڪن ۽ ٽي ادبي مضمونن جي مجموعن کان علاوه سوين فلمن جون ڪهاڻيون، اسڪرپٽ، اسڪرين پلي، ريڊيو، ٿيٽر ڊراما لکي ادب ۾ پنهنجو نانءُ لازوال بڻايو آهي.
ننڍي کنڊ جي وڏي ادبي تنظيم ۽ تحريڪ انجمن ترقي پسند مصنفين سان واڱيل ۽ ان جو مرڪزي سيڪريٽري رهندڙ ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ سماج جي غربت وڪوڙيل ۽ ڌڌڪاريل طبقي جي نمائندگي سان گڏ آفاقي قدرن جي سچائي ۽ حقيقت نگاري بنيادي مرڪز رهي آهي. پنهنجي چاليهه سالن جي ادبي سفر واري پورهئي ۾ هزارن ايوارڊن، اعزازن کان علاوه سن 1966ع ۾ سوويت نهرو ايوارڊ ۽ سن 1969ع ۾ کيس هندوستان سرڪار جو اعليٰ سول ايوارڊ پدم بهوشن ۽ نهرو ڪلچرل ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو. 8 مارچ 1977ع تي ديهانت ڪندڙ هي عظيم افسانه نگار ادب ۾ هن نظريي جو قائل آهي ته ”اجتماعي طور تي خوبصورتي کي پالڻ ۽ غريبي کي وڃائي سُک ماڻڻ کي ئي مان انسانيت جو اصل مقصد ٿو سمجهان ۽ ان تي لکڻ پڻ پسند ٿو ڪيان.“ هت هن جي عالمي شاهڪار ڪهاڻي ”ٻه وِکا ڊگهي سڙڪ“ جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.


[b] [اردو ڪهاڻي _ ڪرشن چندر]

ٻه وِکا ڊگهي سڙڪ![/b]

لا ڪاليج کان ويندي ڪورٽ ڪچهري واري هنڌ تائين اها ئي هڪ بس ڊگهي سڙڪ هئي، جنهن تان هر نئين اڀرندڙ سج بعد منهنجو ڪڏهن ڪڏهن سائيڪل ته وري ڪڏهن پيرين پنڌ گذرڻ زندگي جي باقي ٻين معمول وارن ڪم ڪارن مان هڪ هيو.... ان سڙڪ جي ڪچي دڳ وارن ٻنهي پاسن کان سڙڪ جيان ئي ڊگهي قطار بڻيل ٻٻر جا سڪل ۽ اداس نظر ايندڙ وڻ به هوندا هئا جن جي وجود ۾ نه ڪو فطري حسن سمايل هيو نه ئي وري ڀاڪر ڀر جيتري ڇانؤَ هئي. اهي سالن کان وٺي پنهنجي سخت ۽ کُهري وجود سان جيئن جو تيئن هر وقت پنڊ پهڻ ٿيا نظر ايندا هئا.
گذريل نون سالن جي عرصي کان هن سڙڪ مٿان ٻين هر روز هزارين ماڻهن سان گڏ مان به اچي وڃي رهيو هُيس هن سڙڪ کي پٿرن جي ڍير سان سٿي، ڪُٽي ائين ڀريو ويو هو جيئن ڪنهن ويهاڻي جي ڇوءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪپهه کي گُڏي، ڪُٽي سٿي ڀريو ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن سڙڪ ۾ ڪنهن به هنڌ ڪو جهاڪو... کڏو يا جهول ناهي آيو ۽ هاڻ مٿس جڏهن کان وٺي سڻڀي، تيل وارو رنگ ڇڙڪي، هاريو ويو اٿس ته اونهاري جي تيز گرمين وارن ڏينهن ۾ هڪ اهڙي عجيب بدبوءِ ڦهلندي هئي جنهن سان جيءَ ڪڙو ٿي پوندو هو پر مجبوري هي هئي جو ٻي ڪا سولائي نه ڏسندي هن سڙڪ تان پوءِ به گذرڻو پوندو هيو.
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هيل تائين اهڙيون ٻيون کوڙ ساريون سڙڪون ڏٺيون آهن جيڪي ويڪريون، موچاريون ٺاهيون ويون هن جن جي ٻنهي ڀر هلندڙ قطار سان طرح طرح جا وڻ ٻوٽا رکيا ويا هن... انهن جي ڀيٽ ۾ الائي ڇو مون کي هيءَ سڙڪ بيحد وڻندي هئي ۽ هن باري ۾ ايتري ڄاڻ هئي جيتري ڪنهن يار کي، پنهنجي جگري يار جي باري ۾ هوندي آهي. هن سڙڪ جي بيهڪ ۽ بناوٽ ڪجهه اهڙي ريت هئي ڄڻ هوءَ پاڻ ئي چوندي هجي ”مون جھڙي ڪا ٻي نه آهي... نه ئي وري ٿيندي!“
هن سڙڪ جي ڪاري ڊانبر واري اڏول ڇاتي مٿان هر روز ڪارن موٽر سائيڪلن، ٽانگن، سائيڪلن ۽ پيرين پنڌ وارن کان سواءِ نه ڄاڻ الائجي ڪيترا گڏهه، ٻڪريون ۽ ٻيا جانور به پنهنجي قدمن جي لتاڙ ڪندا هئا پوءِ به مٿس تر جيترو فرق ڪونه آيو هو شايد انهيءَ ڪري جو هن سڙڪ جي تعمير جو ٺيڪو هڪ انگريز ٺيڪيدار هٿان پورو ٿيو هو... سڙڪ تي روز ڪيترائي واقعا، حادثا ۽ ٻيا حالات رونما ٿيندا هئا پر انهن جو به رتيءَ برابر فرق نه پيو هيس.
”بابو صاحب.... او صاحب! ڏئي وڃ روپيو الله جي نانءَ تي... منهنجا ٻار بک تي آهن!“ اهي هٿ ڊگهو ڪري ٻاڏائيندڙ ڪردار ڪي لولا لنگڙا... انڌا.... ٻوڙا... ڪاڻا ته وري ڪي مظلوم... رحم جوڳا منهن کنيو مٽيءَ ۾ مٽيءَ بڻيا نظر ايندا هئا جن کي جڏهن موٽ ۾ ڪجهه به پلئه نه پوندو هو ته سندن بڻ بڻ ۾ سموري جھان جي نفرت ڀرجي ايندي هئي.
هڪ پوڙهو امير شخص پنهنجي موٽر ڪار ۾ سوار مڇن تي هٿ ڦيريندي پينو عورت کي تڪيندو وڃي ٿو، جنهن جي اکين مان ليئا پائيندڙ بيوسي به کيس خير لاءِ نٿي اتساهي... انهيءَ پٺيان ٻه نينگر سائيڪلن تي سوار آهن جن جي اکين ۾ سامهون ايندڙ موچاري عورت جي ساڙيءَ مان سج جي تجلي تي اڇا موتي چپجڻ لڳا آهن پر هو ماحول کان بي نياز بڻيل پنهنجي نوڪر سان ڳالهائڻ ۾ رڌل آهي....
ڪجهه دير لئه سڙڪ ويران بڻجي وڃي ٿي سواءِ ان ٽانگي واري جي، جيڪو پنهنجي مئل گهوڙي کي ساهي ڏيڻ لئه هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل آهي پر اوچتو هڪ سپاهي زور سان سيٽي وڄائيندي اچي مٿان پويس ٿو.
”هت ڇو بيٺو آهين... اڙي او ٽانگي وارا هل! نڪر هتان ورنه ڪيانءِ ٿو چالان!“
”حضور! مان ته....“
”حضور جا پٽ! تون ڪونه مڙندين هٿ صدري ۾ وجهندي هل هاڻي ٿاڻي تي.“
ٽانگي وارو پوءِ هٿ ۾ ٻيڻي ڪيل هڪ شئي، سپاهي جي کيسي ۾ سرڪائيندي وري ليلائي ٿو.
”تون ابو آهين... معافي ڏي... وري نه ائين ڪندس.“
”(....)“ ها! هي ته ڪجهه به نه آهي.“ پوءِ ڪجهه سوچيندي وري ڀڻڪي ٿو. ”چڱو هاڻ ٽر... ٽر هتان... وري نه ڏسانءِ ٻيهر.“
ٽانگي وارو هو مئل گهوڙي کي هڪليندي اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌي ٿو ته هڪ انگريز آفيسر اچيس ٿو.
”ڪنٽومينٽ“
”صاحب! اٺ آنا!“
”اٺ آنا ڇو؟!“ ڇهه آنا... اوڪي؟!“
”نه صاحب نه... اهي گهٽ آهن.“
”ڇا؟ ڇا ٿو بڪين؟!“ ۽ پوءِ انگريز آفيسر جي هٿ ۾ کنيل بيد واري ڇڙي ٽانگي واري جي نيستي وجود مٿان ان وقت تائين، تيز تيز پوندي رهي جيسين ٻه اڌ نه ٿي هئي... گهڙي پل ۾ ٽانگي واري جي رڙين تي ماڻهن جو هشام مڙي ويو جن پٺيان سپاهي به ڊوڙي پهتو. ماڻهن جي هشام کي چيريندي اڳتي وڌي.
معاملي جي نزاڪت سمجهندي هن به ٽانگي واري مٿان ڏمرندي کيس هيسايو. ”حرامي جا پٽ! هاڻ جو هاڻ صاحب بهادر جي پيرن تي ڪري معافي وٺ.“
ٽانگي وارو پنهنجو ميرو پٽڪو لاهي، ان جي هڪ ڪنڊ سان اکين مان وهندڙ نيرا اگهندي سڏڪندي ڏڪندي انگريز جي قدمن هيٺ جهڪڻ لڳي ٿو. ائين هشام ڇڙوڇڙ ٿي وڃي ٿو ته سڙڪ به وري سنسان بڻجي وڃي ٿي.
شام جا پاڇا وڌڻ لڳن ٿا... هڪ هڪ ڪري بجلي جا روشن ٿيندڙ بلب وڌندڙ اونداهه کي پنهنجي روشن وجود ۾ سموهڻ ٿا لڳن. انهيءَ سمي مان ڏسان ٿو ڪچهري کان سڏ پنڌ تي ميرن ڪپڙن ۾ ميرانجهڙيل بڻيل ٿڪيل.... بي ترتيب مزدور پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي ٿي وريا.
”ڏي خبر ادا! هاڻ ته پاڻ ڀرو ٿي ويو آهين؟“
”هائو ڀائو....“ نراس لهجي ۾ وراڻي.
”پوءِ پگهار ته چڳڙي ملئي ٿي نه؟!“
”بس! مڙئي گذارو آهي.“
”سٺو ٿيو... ڀائو شڪر ڪر... گهر جو گاڏو ته هلي پيو ٿئي. اڳ ته حال اهو هئي جو تنهنجي گهر واري هڪ ڦاٽل ساڙهي ۾ پئي وقت گذاريندي هئي....“ ڪي پل ماٺ... پوءِ وري ماٺ ٽٽي ٿي.
”ٻڌو آهي ته جنگ لڳڻ واري آهي؟!“
”ڪڏهن ٿي لڳي، لهجي ۾ خوف ۽ مايوسي.“
”تنهن جي ڪا پڪي سُڌ ته ناهي... پر جي سچ ۾ جنگ لڳي پئي ماريا ته وري به اسين غريب ئي وينداسين.“
”ڪنهن جي ڪهڙي خبر غريب مري ڪي امير.“
ڪجهه دير سانت رهي ٿي ۽ هو ٻئي ڳرن قدمن سان وڌندا رهن ٿا... ڪجهه سوچي خوشحال مزدور، بي حالي واري مزدور کان پڇڻ لڳي ٿو.
”خبر... تو وارو نينگر هاڻي ڪيئن آهي؟“
”پهريون جيان ئي آهي... تپ ۾ ٽانڊن جيان ٻرندو ٿو رهي.“
”چئبو ته ڊگهو بخار ٿو هليس... معنيٰ ته مليريا....“
”ها ادا! اٿس ته الائي ڇا... ڇوري کي بخار ڇڏڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي. ٻيو هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي پريشان لهجي ۾ وري کيس ٻڌائڻ ٿو لڳيس.
”بس! ڇا ڪيان، ڪا واهه نٿي سوجهي. هيڏانهن هڙ ۾ پائي به ناهي ته هوڏانهن هاڻ حڪيم به ٽڪي ڦوٽي کان جباب ڏئي ڇڏيو اٿم.“
”يار! جي منهنجي مڃين ته فوج ۾ ڀرتي ٿي وڃ.“
”هائو ڀائو! چوين ته سچ پيو، مان به اهو ئي سوچي رهيو هان...“ پوءِ خوشحالي ۾ گذاريندڙ مزدور موڪلائيندي چويس ٿو: ”چڱو هاڻ. موڪلاڻي ناهي.... الله ٻيلي!“
ڦاٽل ڌوتين سان پيرين اگهاڙي ٿڪل قدم کڻي هلندڙ سڙڪ تي هاڻ هي الائي ته ڪهڙا ماڻهو هئا جيڪي نه ته مجاهد دين ٿي لڳا... نه ئي وري آزادي جا سپاهي... بک.... بيماري ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ اهي ڪجهه ڀريل ڀت وارا ته وري ڪي نيستا وجود رکندڙ پنهنجي ڌن ۾ مگن ٿي واچوڙي وانگر واءُ ٿي ويا هئا.
هاڻ هڪ وهي کاهي چڙهيل وجود واري عورت سان گڏ جواني جي رُت ۾ ٽمندڙ نئين ساماڻيل ڇوڪري پنهنجي پنهنجي مٿن تي تازن ڇيڻن سان ڀريل ٽوڪرا کنيو ٿي آيون اڌڙوٽ عمر واري عورت خچر جيان سهڪندي ٿي هلي ته جوانڙي جواني جي جذبن سان ٽمٽار جنهن کي ڇُوهُو هلندو ڏسي پوڙهيءَ ڇڙٻ ڏيندي چيو هيس.
”ڇوري ٿورو بيهه ته سهي... ائين هوا بڻيو ٿي وڃي.“ پوڙهيءَ جي چهري تي وقت ۽ حالتن جا نشان جهير جهير جي شڪل ۾ چٽا بيٺا هئا. اڙي نڀاڳي! توکي منهنجو تِر جيتروبه خيال ناهي.“
”ائي امان! گهر هلي سانجڻ ڪرڻي آهي سڀ خبر اٿئي پوءِ به چوين پئي ته آهستي هلان.“ ڌي جو اهڙو جواب ٻڌي ادهيڙ عمر واري ڳڻتي ۾ وٺجي صرف ايترو وراڻو ڏنس.
”چڱو امڙ! جيڪا تنهنجي مرضي....“
پنهنجي هيڻي وجود جي سموري ست کي سنڀالي هوءَ ڌيءَ پٺيان ائين ئي سهڪندي، سهڪندي هلندي جيئن ڪنهن گڏهه گاڏي ۾ وڌل مينهن جي ڦر پٺيان ماءُ هيڪندي هلندي رهندي آهي. اها پوڙهي نه ڄاڻ الائي ڪيترن صدين کان وٺي پنهنجي ٻار هيڻي وجود سان ڇيڻن جي ڳري بار واري اها ٽوڪري کڻي هلي رهي آهي جنهن جي جهير ڏنل چهري تي وقت پنهنجا ڪيترائي نشان ڇڏيا ها.
هاڻ مان ڏسان ٿو حسين. چنچل ادائن وارا موچارا وجود جوانيءَ جي نشي ۾ مست. دلربا ادائن سان سڙڪ تي هلي رهيا آهن جن وچ ۾ ڪو معاملو حل ٿيڻ جوڳو ئي نه هو.
”ڇو نه اڄ شملا پهاڙي جي تفريح ڪجي.“
”نه... هرگز به نه... ڇڏيو شملا وملا... اڄ پاڻ لارنس گارڊن ٿا هلون.“ ٻئي احتجاج سان گڏ پنهنجي پسند به مڙهي هئي.
”اچو ته سڀ انارڪلي ٿا ڏسي اچون.“
”منهنجو خيال هي آهي ته ريگل هلجي.“
۽ پوءِ چارئي ڄڻيون ڪٻرين جيان شور مچائڻ لڳن ٿيون ته اوچتو ئي هڪ تيز حشمت ڀريو لهجو گونجي پوي ٿو.
”ماٺ ڪيو سڀ... مان چوان ٿي ڪاڏي به هاڻ هلڻ جي ضرورت ناهي رهي... هاڻ جو هاڻ هڙئي واپس هلو.“
اڄوڪي ڏينهن تي سڙڪ سڃاڻ کان ئي ٻاهر ڏسان ٿو جنهن جي ٻنهي ڀر رنگ برنگي جهنڊيون... بينر هڻي کيس نئين ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو. ها! اڄ ڪو وڏو ۽ معتبر ماڻهو اچڻ وارو هو جنهن جي آڌرڀاءُ لاءِ اسڪولي ٻارڙن کي هٿن ۾ جهنڊيون ڏئي قطار جي صورت ۾ بيهاريو ويو هو ۽ هاڻ ڏيڍ ڪلاڪ ائين بيٺي ڪومل معصوم وجود سج جي تپش ۾ ٽامي جيان تپي ويا ها. سندن چپن کي خشڪي وڪوڙي وئي هئي. پوءِ به چڙ... بيزاري ۽ بي قراري تي قابو پائيندي پنهنجي باادب هئڻ جو مثال پيش ڪري رهيا ها جن مان ڪي هوشيار اک ڀڄي وڻن جي ٽارين پٺيان ٿي لڪي بيٺا. سندن استاد هرهڪ کي جاچيندي هوشياري ڪندي پنهنجي عزت بچائڻ ۾ ائين رڌل هيا جيئن چالاڪي سان ٻلي ڪوئن پٺيان هوندي آهي.
”اڙي شمن! پنهنجي ٽوپي سڌي ڪر.“
”غلاموءَ جا پٽ! هوشيار ٿي....“
”ڇورا پيرن ۾ اچي اڳٺ پيو اٿئي....“
استادن جي دهمانن ۽ دڙڪن تي بي چين بڻيل ٻار هراسجي ۽ ٿڪجي پيا ها... جن مان نيٺ هڪڙي دانهن ڪندي نيٺ چئي ڏنو.
”سائين! پاڻي؟!“
”اڙي ڪٿان آڻيان پاڻي؟!!... هت ڪو پنهنجو گهر ڏٺو اٿئي ڇا؟! بس! باقي ٿوري دير آهي تيستائين پنهنجي ڏوگهي تي قابو رک.“
ٻه چار... ڏهه... ويهه منٽ گذري وڃن ٿا معصوم خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي اڃ وگهي وري ٻاڪاري ٿو.
”او سائين! منهنجو دم ٿو نڪري... پاڻي گهرجي... پاڻي.“
پر هن جي فرياد اڻ ٻڌي ڪندي هڪ استاد باقي سمورن شاگردن کي هوشياري وٺائڻ ٿو لڳي.
”سڀ جا سڀ غور سان ٻڌو... جهنڊيون هن طرح سان (هٿ لوڏيندي) لوڏڻيون آهن، سمجهو ٿا نه ڪابه غلطي نه ڪجو.
”... ورنه....“ شاگردن تي نظر پوندي ئي استاد ڪاوڙ وچان باهه ٿي وڃي ٿو.
”اڙي نالائقو! جهنڊيون ڪيڏانهن ڪيو اٿئو.“
”هي ڇورا خالي هٿين هن ڪڍو هنن کي ٻاهر ڪٿي مارائي نه وجهن پاڻ کي....“ ٻئي خبرداري ڪندي پهرئين کي صلاح ڏني هئي.
اوچتو بي چين ٿيل وجودن ۾ حرڪت پيدا ٿي پوي ٿي ۽ سڀ جا سڀ شاگرد بي دليو هٿ هوا ۾ لهرائي جهنڊيون ڦڙڪائڻ لڳا ها ڏسندي ئي معزز ماڻهو اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويو ته هرهڪ جي ساهه ۾ ساهه موٽي آيو قطار بڻيل هجوم ڪک پن ٿي ويو جن جي هٿن واريون جهنڊيون هاڻ پيرن ۾ لتاڙجي رهيون هيون... هوڪي وارا به هاڻ طرح طرح جون شيون کنيو ميدان ۾ لهي پيا ها.
هاڻ مان ڏسان ٿو ته صبح جي ڦهلندڙ سوجهري ۾ جمعدار پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻهارو ڦيريندي سڙڪ جي سيني کي صاف ڪري رهيو آهي جنهن جي نڪ تائين رومال ائين ويڙهيل آهي جيئن ڳاهه ۾ ٻڌل ڏاندن جي وات تي ٻنجو ڏئي سندن وات ٻڌو ويندو آهي... جنهن پٺيان پکالي آهستي آهستي پاڻ ڇڻڪي وڌندو ٿي ويو... هن جي سامهون ايندڙ هڪ ڏاند گاڏي جي جوٽيل پاڃاري ۾ ٻه ڏاند وڏي بيزارگي مان اڳتي وڌي وڃن ٿا ته هُو پنهنجي منهن سر وکيري جهونگارڻ ٿو لڳي... پر سڙڪ جي هڪ پاسي ڪالهه شام کان پيل مئل گڏهه جي طرف ڪنهن جو به ڌيان ناهي جنهن جا ڏند ڀڪوڙيل ۽ وات اڌ تائين کليل رهجي ويل آهي جنهن کي غور سان تڪجي ته ائين محسوس ٿئي ٿو گڏهه ڄڻ چوندو هجي.
”الله جي واسطي مون تي رحم کائو....“ پر هت ڪوبه ڪنهن مٿان رحم کائڻ لاءِ تيار ناهي... صرف اِها سنسان سڙڪ ئي آهي جو روز جا اهڙا هزارين ٿيندڙ لقاءَ ماٺ ڪيو ڏسي رهي آهي.
۽ مان... ها! مان به پاڻ تي جک کائيندي اڪثر هي سوچيندو آهيان ته ”جيڪر! هن سڙڪ کي ڊائنامائيٽ سان هميشه هميشه لاءِ اڏائي ڇڏيان.“ ۽ پوءِ سڙڪ جا اڏندڙ ٽڪرا ٽڪرا ڏسي جيڪا خوشي دل کي ملندي ان احساس جي لذت کي به مان ئي محسوس ڪري سگهان... ها! انهيءَ سڙڪ تي هلندي. لڇندي... سوچيندي... دل چوندي آهي ته ڪپڙا تن تان لاهي الف اگهاڙو بڻجي، مستي ۾ سرشار ٿي نچندو رهان... مون کي انسانن کان نفرت آهي. مون کي چاهيو ڀلي پاگل خاني ۾ رهايو. پر مان هاڻ هن سڙڪ تي آزاد گهمڻ هرگز به نٿو چاهيان.