ڪھاڻيون

چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن.
Title Cover of book چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

مهاڳ: گُلن جي ٻاريءَ جھڙو ڪتاب

ڄم. تخليق، جنم. جنم جو ڏينهن. ماڻهوءَ کان وٺي هن سرشٽيءَ جي پيدائش تائين تخليق جون سموريون حسناڪيون ان ۾ سميٽجي ٿيون اچن. جنم، جيڪو اوم جو اظهار آهي، جيڪو ڪن فيڪون جو پڙاڏو آهي، جيڪو خدا جي ذات جو اقرار آهي، جيڪو هڪڙي مسلسل وهڪ آهي. اهڙي وهڪ، جيڪا ڪٿي به وسرام نه ٿي ڪري، ڪٿي به نه ٿي رڪجي. جيڪا ازل کان ابد تائين جاڳ جي حالت ۾ آهي. انهي ئي وهڪ ۾ خدائي جاڳي ٿي.
انسان انهيءَ لاءِ انتها خدائي جو اهو ننڍڙو نقطو آهي، جيڪو ان کي معنيٰ جا نوان ويس وڳا پهرائي ٿو، نوان رنگ روپ ۽ واس ورن ارپي ٿو ۽ هر ورن ۾ هڪڙي نئين لهر اڀاري نت نئين معنيٰ پيدا ڪري ٿو.
انسان ۾ جيڪي خدائي صفتون آهن، انهن ۾ هڪ اهم صفت تخليق پڻو آهي، تخليقيت آهي. اهو تخليقي پڻو عورت جي ڪُک مان ڦٽي ٿو، مرد جي آڱرين مان نمودار ٿئي ٿو، ۽ اُهو نت نيون صورتون اختيار ڪري ٿو. مرد ۽ عورت گڏجي تخليق جي نئين ڪائنات سرجين ٿا. ڪٿي اها تخليق ڪُک مان ڦٽي ٿي، ڪٿي آڱرين مان اڀري ٿي، ڪٿي ڳلي مان سُر سُر ٿي پرڙا ڦڙڪائي ٿي، ڪٿي رنگ ته ڪٿي مورت ٿي جلويدار ٿئي ٿي، ته ڪٿي لفظ جي چانڊوڪي ٿي پکڙجي ٿي. ائين سڄي ڪائنات ان ۾ سمائجي ٿي وڃي.
هن وقت منهنجي سامهون اهڙي ئي چانڊوڪي پکڙي پيئي آهي. برادرم جھانگير عباسيءَ پاران مختلف ٻولين جي چونڊ ڪهاڻين جي ترجمي جو مسودو منهنجي اکين اڳيان آهي. گذريل ڪافي ڏينهن کان اهو مسودو رند پنڌ، هر جاءِ هر هنڌ مون سان ساڻ رهيو آهي. مون ان کي ڌيان سان پڙهيو آهي، ورائي ورائي ان جي ورق گرداني ڪئي آهي، ور ور ان کي ڏٺو آهي. نالي کان وٺي مواد تائين ان جي حسن مون کي موهيو آهي، متاثر ڪيو آهي، پنهنجي گرفت ۾ ورتو آهي. هن ڪتاب جو نالو آهي ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“. جنهن ۾ دنيا جي شاهڪار تخليقي ڪهاڻين جون سموريون حُسناڪيون سمايل آهن.

[b]ڪهاڻي:
[/b]ڪهاڻي به انسان سان گڏ ئي جنم ورتو آهي. ان انسان وانگر ريڙهيون پاتيون آهن، پيرڙا کنيا آهن، لڏي لمي آهي، آهستي آهستي پيرن تي بيٺي آهي، هلي آهي ۽ ڊوڙون وڌيون اٿس. اها انسان سان گڏ ڄائي آهي ۽ انهيءَ سان گڏ ئي وڌي ويجهي آهي. سندن اهو ساٿ، سنگم ۽ سفر ايترو گڏ رهيو آهي، جو انسان خود هڪ ڪهاڻي ٿي پيو آهي ۽ هر ڪهاڻي هڪ نه هڪ انسان جي ڪهاڻي ٿي پئي آهي. اهي ٻئي هڪٻئي ۾ سمائجي ويا آهن، هڪ ٿي ويا آهن. سندن ساٿ ڇڄي نه ٿو ڇڄي. اهي هڪٻئي کان الڳ ٿي الڳ نه ٿا ٿين. اهي لازم ملزوم ٿي ويا آهن، هڪ ٿي ويا آهن. هڪ کان سواءِ ٻئي جو وجود ڪونهي. ٻئي هڪٻئي جي پورڻتا آهن. انسان ۽ ڪهاڻي جو ساٿ اڻ ڇِڄُ آهي، اڻ ٽُٽُ آهي. اهو هميشه رهڻو آهي. انسان وانگر ٻوليءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو ساٿ پڻ هميشه کان آهي ۽ هميشه لاءِ رهندو. اهڙي ڪابه ٻولي ڪانهي، جنهن ۾ ڪهاڻي نه هجي. هر ٻوليءَ جي هڪ ڪهاڻي آهي ۽ هر ٻوليءَ ۾ ڪئي ڪهاڻيون آهن. ٻوليءَ ڪهاڻي کي جاندار بڻايو آهي ۽ ڪهاڻي ٻوليءَ کي اڳتي وٺي وئي آهي.
اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ جي به هڪ طويل ۽ ڊگهي ڪهاڻي آهي ۽ منجهس ڪئين ڪهاڻيون آهن. اها پنهنجون ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿي، پنهنجن ڪهاڻين کي جنم ڏئي ٿي. ڪهاڻيون ان جي ڇاتيءَ مان ائين ٿيون نڪرن، جيئن ماءُ جي اُرهن مان ٿڃ وهي نڪرندي آهي. سنڌي ٻولي، ڪهاڻيءَ لا زرخيز ۽ حُسناڪ ٻولي آهي. ان ۾ تخليق جا واهڙ سنڌو درياهه وانگر موجون هڻن ٿا. نه رڳو ايترو ته سنڌي ٻولي پنهنجي اندر مان ڪهاڻين کي سِرجي ٿي، پر منجهس اها وسعت پڻ آهي ته اها ٻين ٻولين جي ڪهاڻين کي پڻ پاڻ سمائي ٿي. دنيا ۾ اهي ٻوليون شاهوڪار ۽ وسيع آهن، جيڪي ٻين ٻولين جي ادب کي پنهنجي پاند ۾ جڳهه ڏين ٿيون. سنڌي ٻولي پڻ اهڙي شاهوڪاري، وسعت ۽ رنگا رنگي حسناڪي سان ڀرپور آهي. سندس ادب جي روشن آڪاش تي ٻين ٻولين مان آندل ڪئين ڪتاب ستارن وانگر پکڙيا پيا آهن.

[b]ترجمو:
[/b]ٻولين جي بلوغت، ادب جي وسعت، علم جي پکيڙ ۽ انساني شعور جي واڌ ويجهه ۽ بُلندي ۾ ترجمي جو تمام وڏو هٿ رهيو آهي. اهو ترجمو ئي آهي، جنهن يوناني ڏاهپ سان دنيا کي روشناس ڪرايو، اهو ترجمو ئي هو جنهن عربي ادب جي شاهڪارن کي دنيا جي اکين آڏو روشن ڪيو، آهي ترجمو ئي هو جنهن چيني ڏاهپ کي دنيا تائين رسائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، اهو ترجمو ئي آهي جنهن سنڌوءَ ڪناري سرجندڙ فلسفي ۽ ويدڪ ادب جي روشنيءَ سان دنيا منور ڪئي، اهو ترجمو ئي آهي جنهن يورپ جي جديد فلسفي کي دنيا ۾ پکيڙي شعور ۽ علم جون نيون شمعون روشن ڪيون. اهو ترجمو ئي آهي، جيڪو اڄوڪي دنيا ۾ هڪ خطي جي علم، ادب، سائنسي دريافتن ۽ شعور جي ڏياٽين کي ٻئي خطي تائين رسائي رهيو آهي.
ترجمي انساني شعور جي واڌ ويجهه ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دنيا لاءِ علمي، شعوري، تهذيبي، ثقافتي، سائنسي ۽ ادبي ميدانن ۾ يڪسان ترقي جا موقعا پيدا ڪيا آهن. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن اهي موقعا وڌندا ويندا ۽ ترجمي جو ڪردار اعليٰ کان اعليٰ ۽ سگهاري کان سگهارو ٿيندو ويندو.
اڄوڪي زماني ۾ ترجمو تخليق جيتري ئي اهميت رکي ٿو. هاڻي اهو ڪنهن لکت جو هڪ ٻولي مان ٻي ٻوليءَ ۾ التو ناهي، اهو نقل ناهي، اهو تخليق جيترو ئي اهم بلڪه تخليق جي برابر آهي. اهو هڪ تخليق ٿيل شئي جي نئين تخليق آهي. اهو چڪ تي چڙهيل مٽيءَ کي نئين سر ڳوهي ٻيهر چڪ تي چاڙهي نئين صراحي، جام يا گلداڻي ٺاهڻ جو عمل آهي. ترجمي لاءِ هاڻي نئين اُڻت، ٻيهر تخليق، نئين سِر سرجڻ (Trans Creation) جھڙا اصطلاح ڪتب آندا ٿا وڃن. اهو دؤر ويو، جڏهن ترجمي کي تخليقي ڪم ۾ نه ڳڻيو ويندو هو. هن دؤر ۾ ترجمو تخليقي ڪم ۾ شمار آهي. هاڻي ترجمي نگاري ادب جي هڪڙي صنف بڻجي پئي آهي.

[b]هيءُ ڪتاب:
[/b]”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“ جي نالي سان ايندڙ ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن. اهي سمورا ليکڪ پنهنجي فن جا ماهر آهن ۽ انهن جون ادب جي کيتر ۾ پنهنجون پنهنجون ڳڻپ لائق خدمتون آهن. سندن مختصر تعارف ڪهاڻين سان گڏ ڪتاب ۾ موجود آهي.
يقيناً اهي سڀ ڪهاڻيڪار وڏا ڪهاڻيڪار آهن ۽ پنهنجي فن ۾ يڪتا آهن. مون هن کان اڳ ۾ به سندن ڪهاڻيون پڙهيون آهن ۽ هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪهاڻيون پڻ پنهنجي نظر مان ڪڍيون اٿم. مون انهن کي ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو آهي. فطري طور تي مون کي ڪي ڪهاڻيون گهٽ، ته ڪي وڌ وڻيون هونديون. هر ماڻهو جي ذهني سطح، پسند ۽ ذوق پنهنجو هوندو آهي. ان ڪري شين کي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڏسي ٿو. حسن ۽ سونهن جا اها اضافي خصوصيت آهي ته اها ٻن مختلف مزاجن ۽ سطحن جي ماڻهن تي ٻه مختلف اثر وجهي ٿي. ادب، ثقافت جو حصو آهي ۽ ثقافت سونهن آهي. ٻيءَ هر سونهن وانگر ادب جو پڻ ٻن مختلف طبيعتن تي مختلف اثر ٿيندو آهي. تنهن ڪري آئون پنهنجي پسند ٻين تي مڙهڻ نه ٿو گهران، نه ئي وري ٻين جو ڌيان انهن ڪهاڻين ڏانهن ڇڪائڻ گهران ٿو، جيڪي مون کي گهڻيون وڻيون آهن. ڇاڪاڻ جو مجموعي ۾ موجود هر ڪهاڻي شاهڪار ڪهاڻي آهي. سڀئي ڪهاڻيون پڙهڻ لائق آهن ۽ ضرور پڙهڻ گهرجن. هر ڪهاڻي ۾ ڪو پيغام، ڪو سمجهه لائق نقطو، ڪا ڳنڀيرتا، ڪو حسن آهي، جيڪو ماڻهو مٿان پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏي وڃي ٿو. ڪهاڻي جي پڄاڻيءَ تي پهچي، ماڻهو ڪهاڻي جي پوري جڪڙ ۾ اچي ٿو وڃي ۽ ڪئي ساعتون جادوءَ ۾ جڪڙجي ويهي ٿو رهي. اها جھانگير عباسيءَ جي ڪاميابي آهي، جو هن هر ڪهاڻي کي ڏاڍي شاندار انداز سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هو نه فقط ڪهاڻي جي معنيٰ ۽ مقصد کي سنڌيءَ ۾ پلٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پر ٻيءَ ٻوليءَ جي لکڻي جي روح کي به سنڌيءَ جي جامي ۾ لاهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هڪڙي ترجمي نگار جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها هجي ٿي ته هوءَ ٻيءَ ٻولي جي روح کي پنهنجي ٻولي جي ڪايا ۾ سموئڻ ۾ سڦلتا ماڻي. بيشڪ ته جھانگير جي ترجمي ۾ اها خوبي پوري چٽائي سان جهلڪي ٿي.
هن ترجمي جي اها به خوبي آهي ته ان جي ٻولي ڏاڍي سرل، روان، وڻندڙ ۽ عام فهم آهي. توڙي جو ان ۾ شامل ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪي ڳوڙها نقطا بيان ڪيا ويا آهن، پر اهو سڀ فنائتي سٽاءُ ۾ هجڻ جي باوجود ايئن اپٽاريل آهي جو ماڻهو جي سمجهه تي گران نه ٿو گذري. ترجمي جي ٻولي ڏاڍي پياري ۽ دلڪش آهي. ماڻهو پڙهڻ ويهي ٿو ته ان مان هٿ ڪڍڻ تي دل ئي نه ٿي چئي. پر ڪنهن به لکڻي لاءِ رڳو ٻولي جي خوبصورتي ڪافي نه هوندي آهي. ان لاءِ ٻولي جي قاعدن قانونن جي خيال رکڻ پڻ لازمي هوندو آهي. عربي چوڻيءَ آهي ته:
”النحو في الکلام کا الملح في الطام“
(ٻوليءَ لاءِ قاعدا ائين ضروري آهن، جيئن کاڌي لاءِ لوڻ لازمي هوندو آهي.)
هڪ ٻئي سان ويجهو لاڳاپو رکندڙ ٻولين مان ترجمي جي ڪمزوري اها هوندي آهي ته ٻولي جا قاعدا قانون اڪثر ڪري خبر بڻجي پوندا آهن. اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمن ۾ اها ڳالهه، اها ڪمزوري ڳپل ڏٺي وئي آهي. مونث مذڪر ۽ جمع واحد جا صيغا ڪمزور ترجمن ۾ غلطين جي نزلي جا سڄا بار سِر تي کڻندا آهن. شڪر آهي ته هيءَ ترجمو اهڙين ڪمزورين کان آجو آهي. ان ڪري ٻولي جي قاعدن قانونن جي پوئيواري، لفظن جو درست استعمال ۽ جملي جي اثرائتي بيهڪ ٻولي جي خوبصورتي سان گڏ. هن ترجمي جي اهم خوبي آهي. ماڻهو پڙهندو ويندو ته ترجمي جون حسناڪيون ۽ خوبيون نسواني حُسن وانگر هوريان هوريان مٿس آشڪار ٿينديون وينديون. ڪنهن ڪنهن عورت جو حُسن آهستي آهستي کُلندو آهي ۽ جڏهن پوري ريت پڌرو ٿيندو آهي، تڏهن ماڻهو کي پنهنجي جادو ۾ جهٽي وٺندو آهي.

[b]سنڌيڪار:
[/b]هن ڪتاب جو ترجمي نگار جھانگير عباسي اڳ ۾ ٻن ڪتابن جو ترجمو ڪري چڪو آهي. جڏهن ته هن ڪتاب سميت سندس ٻه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ آغا شورش ڪاشميري جي ڪتاب ”اُس بزار ميں“ جو سنڌيءَ ترجمو ”حُسن جي بازار“ پڻ شامل آهي. شورش ڪاشميري ڪمال جو ليکڪ آهي. سندس هڪ اڌ ڪتابن کي ڇڏي ڪري، مون سندس سمورا ڪتاب پڙهيا آهن. سندس پڙهڻ کان رهجي ويل ڪتابن ۾ ” اُس بزار ميں“ پڻ هو، جيڪو بعد ۾ مون جھانگير جي ڪيل ترجمي جي معرفت پڙهيو. جھانگير ان جو ڏاڍو سٺو ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب پڙهي مون کيس سندس ترجمي جي خوبين توڙي خامين کان آگاهه ڪيو. هيءَ شورش جو ڏاڍي ڏکئي موضوع تي لکيل ڪتاب آهي. طوائفن جي دنيا تي لکڻ قدامت پسند سماجن ۾ سدائين ڏکيرو رهيو آهي. اهڙي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏاڍي همٿ جو ڪم آهي.
جھانگير عباسي جو ترجمو ڪيل هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“ پڻ ڏاڍو اهم ڪتاب ثابت ٿيندو. گڏوگڏ هن ڪتاب سان هڪڙي مترجم طور سندس سڃاڻپ وڌيڪ پڪي پختي ۽ مضبوط ٿيندي. سٺو ڪم هميشه ياد رهندو آهي ۽ ڪرڻ واري جا گڻ پيا ڳائبا آهن. سو آئون ڀانيان ٿو ته جھانگير جي هن ڪم کي پڻ هميشه ياد رکيو ويندو.
جيتوڻيڪ جھانگير عباسي جي ڪم جي رفتار ڏاڍي ڍري آهي. پر اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هوريان ئي سهي، ڍرو ئي سهي، پر هو لاڳيتو اڳتي وڌندو هلي.رڙهڻ ئي اها راحت آهي، جيڪا سڀني ٿڪاوٽن تي حاوي پئجي ويندي آهي ۽ ماڻهو کي ڪڏهن به واندو ويهڻ نه ٿي ڏئي. اتر سنڌ جي زِل ڪاڙهن، ڪانوَ جي اک ڪڍڻ جھڙن آرهڙ جي ڏينهن ۽ بجلي جي بنهه اڻهوند جي مند ۾ تخليقي ڪم ڪرڻ ڪا مذاق مشڪري ڪانهي ۽ جيڪي به اهڙي سخت ماحول ۾ تخليقي ڪم ڪن ٿا، اهي سڀئي دوست جس لهڻن. بلاشڪ سوڀي گيانچنداڻي کان وٺي جھانگير عباسي تائين هڪ ڊگهي ڪڙي آهي، جنهن لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽي مان جنم وٺي، انهي ئي مٽي کي هٻڪارون هٻڪارون پئي ڪيو آهي. سو سٺي ڳالهه اها آهي ته جھانگير قلم جي ڪِرت جاري رکيو هلي. ڪم هلندو هلي، اڄ ٿورو آهي، سڀاڻي گهڻو ٿي پوندو. عظمت راتو رات نه ٿي ملي. عظمت لڳاتار ڪم ڪرڻ ۾ آهي. اهي ئي ماڻهو وڏا نتيجا ڏيندا آهن، جيڪي لڳاتار ڪم ڪندا آهن.

[b]پڇاڙڪا لفظ:
[/b]هيءَ ڪتاب سنڌيءَ محاوري ”وَڻان وَڻان ڪاٺي“ جي مصداق هِتان هُتان گڏ ڪري آندل ڪهاڻين تي مشتمل آهي. پر اهي هِتان هُتان هٿ ڪيل ڪهاڻيون جڏهن هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيون آهن ته پوءِ سُڪل ڪاٺين جي ڍير بدران هڪڙو باغيچو ٿي پيون آهن. هيءَ ڪتاب گلن جو هڪڙو باغيچو آهي، گلن جي هڪڙي ٻاري آهي، جنهن ۾ رنگ برنگي ۽ طرحين طرحين گل سهسين سڳنڌون پکيڙي رهيا آهن.
سنڌيءَ ڪهاڻي ڪلا ۽ ترجمي جي کيتر ۾ هيءَ ڪتاب هڪڙو تمام اهم واڌارو آهي. دنيا جي هنن ڪجهه بهترين ڪهاڻين کي سنڌي ويس اوڍائڻ ۽ سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ تي سچ ته جھانگير عباسي تمام گهڻو جس لهڻي. اسان کي اميد آهي ته هو آئيندي به سنڌيءَ کي شاندار، شاهڪار ۽ من موهيندڙ ڪتاب ڏيندو رهندو. آرهڙ مند جي تتل ٻپهريءَ جي لڱ ساڙيندڙ لُوءَ ۾ ڪنهن اُڃايل مسافر لاءِ ٿڌي پاڻي جي پيالي ۽ نم جي ڇانوَ جھڙا ڪتاب، ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻين“ جھڙا ڪتاب ڪائنات ۽ زندگي جون حسناڪيون سموئيندڙ ڪتاب.

سنڌ سلامت ــ ساٿ سلامت


[b]نواز خان زئور
[/b]15 ــ مارچ 2018ع
ٺٽو سنڌ