ڪھاڻيون

چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن.
Title Cover of book چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون

پرٿوي ــ غوري : آغا گُل

[b]آغا گُل
[/b](1951ع ـــ حال حيات)


بلوچستان جي پهاڙن ۽ صحرائن واري سخت گير ڌرتيءَ سان تعلق رکندڙ آغا گُل 19 نومبر 1951ع هرنائي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري کان ڪاليج تائين جي تعليم مختلف شهرن مان پرائي، ان کان پوءِ اردو، انگريزي ۽ سياست سبجيڪٽن ۾ گريجوئيشن ڪري پهريان ليڪچرار بڻيو، پوءِ سي. ايس. ايس. جو اعليٰ امتحان ڏئي پاڪستان پوسٽ ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سرنجام ڏيندي ايڪيهين گريڊ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل پوسٽ آف پاڪستان جي حيثيت سان ريٽائر ٿيو. اڄڪلهه بلوچستان جي نمل يونيورسٽي ۾ اهم انتظامي عهدي تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
اردو سان گڏ بلوچي زبان جي ادب ۾ به آغا گل فڪشن جو منفرد تخليقڪار ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. ادب ۾ هن جا ٻارنهن ڪهاڻين جا مجموعا، چار ناول، ٻه تاريخي ۽ ٽي مختلف موضوعن بابت لکيل ڪتاب ادبي سرمايو آهن. جن ۾ هن بلوچستان خطي جي عوام جي بدحالي، بي حسي ۽ محرومي کي بيان ڪرڻ سان گڏ سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن ۽ ملڪي حالتن کي موضوع بڻايو آهي. هن جا ٽي عدد انگريزي ۾ لکيل ڪتاب به اهميت وارا آهن. آغا گُل جي ادبي خدمتن عيوض سندس مختلف موضوعن تي ڇهه ايم. فل مقالا، ٻه پي. ايڇ. ڊي جا ٿيسز لکيا ويا آهن. آغا گُل جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي ”پرٿوي ــ غوري“ جو ترجمو هت پيش ڪجي ٿو.

[b] [اردو ڪهاڻي _ آغا گل]

پرٿوي ــ غوري[/b]

هُو ٻئي پاهڻن جي اوٽ ۽ وڻن جي ٿُڙن پٺيان لڪندي، هڪٻئيءَ مٿان گولين جو مينهُن وسائيندي، برفيلي ميدان ۾ لُڌڙن وانگي ٽيلن ڀر ليٿڙندي وڙهندي وڙهندي هاڻ پنهنجي پنهنجي مورچن جي حدن کان ٿِڙي، گهڻو هن برفيلي طوفان منجهه پري نڪري چڪا هئا. هر فائر سان غوري دشمن سپاهيءَ کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو ته ساڻس ٻيا به ڪيترائي ساٿي ساڻ آهن، اڪيلو هرگز به ناهي. جڏهن ته هن جي دشمن سپاهي پرٿويءَ کي وري هن ڳالهه جي پڪ ٿي چڪي هئي، ته سندس هڪ گولي دشمن غوريءَ جي جسم کي چيري پار نڪتي آهي ۽ هُو هاڻ هن جي پڪڙ کان پري ناهي، توڙي جو هُن جو وجود به گولي چِيري وئي هئي. ائين هڪٻئي مٿان برفيلي طوفان جي برف باري وانگي گوليون هلائيندي، نيٺ آمهون سامهون ٿيندي ٻکئين پئجي، وڙهندي ڪرندي هڪ اونهي تهه واريءَ کڏ ۾ اچي ڪريا هئا. جنهن ڪري، رهڙن ۽ نُهڊن جا نشان هنن جي مُنهن تي چِٽا ٿي بيٺا هئا.
اُڀا بيٺل پهاڙَ ڄمي ويل برف جي تَهن سان اڃا به وڌيڪ بلند نظر ٿي آيا، جن جي چؤ طرف زندگيءَ جو ڪوبه وجود نظر نٿي آيو، سواءِ گهلندڙ سرد هوا جي، جيڪا ماٺ جي زور کي ٽوڙيندي، ڄڻ ته پناهه گاهه جي ڳولا ۾ کڏ هيٺ هر هر لهي ٿي آئي، جتي هُو ٻئي زخمي حالت ۾ اکين ۾ اکيون وجهي، هڪٻئيءَ کي ائين گهوري رهيا هئا، جيئن سرد برف باريءَ واريءَ مند ۾ بُک وگهي پاهه بڻجي ويل بگهڙ هڪٻئيءَ سان اکيون ملائي تاڙ ۾ ويهندا آهن ۽ پوءِ سندن ئي ڪو ساٿي اکيون ٻوٽي وجهندو آ، ته هڙئي پنهنجي اُن ساٿيءَ کي چيري ڦاڙي کائي وجهندا آهن.... هنن ٻنهي جي زخمن مان ٽمندڙ رت بيهجي وئي هئي، جن جو معمولي تدارڪ ڪندي پٽيون ويڙهيون هئائون. پر، پاڻ ٻئي بي ست بڻجي چڪا هئا. پرٿويءَ جون اکيون ڍريون ٿيڻ لڳيون، ته هڪدم پاڻ سنڀالي دشمن کي جاڳ ۾ هئڻ جو احساس ڏياريندي چوڻ لڳو:
”اجهو منهنجا ساٿي پهچڻ وارا اٿئي. پوءِ توکي جيل ۾ واڙيو ويندو.... پر تنهنجو بئلٽ ۽ ٻيو سامان پنهنجي اوطاق ۾ سجائيندس، جيئن منهنجي بهادريءَ جي قصي ۾ تون به جيئرو رهين.“
غوري، درد وچان ڪِنجهندي، پرٿويءَ کي ڪوبه جواب نه ڏيندي، هڪ پٿر کي ٽيڪ ڏئي ويٺو رهيو. جنهن جو هڪ هٿ جي.ٿري رائيفل جي ٽريگر تي مضبوطيءَ سان رڪيل هو. گولي لڳڻ سبب هُن جي همت جواب ڏيڻ لڳي هئي. پاڻ کي مرندڙ حالت ۾ محسوس ڪندي، سندس اندر وڍجي ٻه اڌ ٿيڻ لڳو هو ۽ ساڻائي سندس باقي بچيل سَتَ کي ڄئور جيان چوسي ختم ڪري رهي هئي. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي، پرٿويءَ اک ڇنڀ واري ڦڙتيءَ سان پيرن ڀر پيل رائيفل کڻي پوزيشن سنڀالي ورتي ۽ پوئتي ٿي غوريءَ وانگي ئي پٿر کي ٽيڪ ڏئي سندس مٿان سِڌي ڪئي، ته هُن مرڻ کان اڳ شهادت جو ڪلمو پڙهڻ شروع ڪيو.
”دل ۾ متان ڪا حسرت رهجي وڃئي، هڪ ڀيرو وري پڙهي وٺ.“ دشمن سپاهيءَ جو هيءُ جملو غوريءَ جي وجود تي ڳري ڇِپَ جيان اچي ڪريو، جنهن کيس وڌيڪ ساڙيندي چيو.
”۽ ها! پنهنجو اکيون به ٻوٽي ڇڏ. مان ٽن تائين ڳڻي، پوءِ فائر ڪندوسانءِ.“
”هر سپاهيءَ جي پهرين خواهش اهائي هوندي آهي ته هُو شهيد ٿي مري..... مان به شهيد ٿيندس. تون ڀلي هلاءِ گولي، مان موت کان نه ٿو ڊڄان.“
”هڪ.... ٻه....“ تائين ڳڻپ ڪندڙ پرٿويءَ جي زبان بيهجي وڃي ٿي. پوءِ هُو جيئن ڦِڪي کِلَ کليو، ته سندس وات مان رت جي گرڙي وهي نڪتي. جنهن کي زبان ورائي، چپن وٽان صاف ڪندي، غوريءَ کي تَڪي رهيو هو، جيڪو اڃا تائين جوش ۾ ورتل هو.
”جي.ٿري ۾ پيل گولين کان علاوه، مون وٽ ٻيون به موجود آهن. پر، تون به اهو ٻُڌي ڇڏ، ته توکي ڪونه ماريندس.... پاڻ سان گڏ قيدي ڪري وٺي ويندس.“
ڪجھه گهڙيون بي ست بڻجي ويل غوري هاڻي جوش جي جذبي سان سرشار ٿي ويو هو. موٽ ۾ پرٿوي کيس اڃا تائين شوخ نظر سان گهوري رهيو هو، جنهن مٿان غوري داٻي واري انداز ۾ جي ٿري اُڀي ڪندي، ڪيترن ئي سوالن جا تير ڪنهن هوشيار تيرباز وانگي گڏ اُڇليندو ٿي ويو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟!!... ڪهڙي يونٽ سان واسطو اٿئي ۽ رينڪ ڪهڙي اٿئي.... ڀلو انهي ۾ اٿئي، ته منهنجن سوالن جا جلدي جلدي جواب ڏيندو وڃ؟!!“
”تنهنجي لاءِ بس هي کوڙ آهي، ته منهنجو نالو پرٿوي راج چوهاڻ اٿئي؟!“ پرٿوي به ساڳي جرئتمند لهجي ۾ وراڻي ڏني، ته کيس غوري داٻي سان وڌيڪ ڌمڪائيندي چيس، ”ياد ڪر گذريل وقت جي تاريخ کي، جيڪا اڄ به گواهه آهي ته مون توکي ماري مڃايو هو. هاڻ اها تنهنجي ڀُل هوندي، سو ڪابه چالاڪي ڏيکاريئي، ته انجام ماضيءَ کان به وڌيڪ خراب نڪرندئي.“ اِهو ٻُڌي، پرٿويءَ جو گهايل چهرو ٽامڻي هڻي ويو ۽ اکيون ڪاوڙ ۾ ٽانڊن جيان ٻَرِي اٿيس.
پوءِ هُو ٻئي هڪٻئي تان نظرون هٽائي انهن زخمن کي تڪڻ لڳن ٿا، جن مان رت وري سيمو ڪري وهڻ لڳي هئي. ڪجھه وقت لاءِ ماحول ۾ ماٺار ٿي وڃي ٿي. وقت جا پهر ٻِليءَ پير هلندي پنهنجي منزل ڏي وڌندا رهن ٿا. هُو ٻئي ٿڪجي پيا هئا. سندن وجودن مان سَتُ ڇڏائبو ٿي ويو. پوءِ به ٻنهي جا حوصلا بلند هئا. زمين تي هن برفيلي جھنگ واري ماحول ۾ ڪاريءَ وارا ڪک نظر ٿي آيا ۽ مٿي آسمان تي ڪارا ڪارا ڪڪر ٽولن جي صورت ۾ ڊُوڙون پائي رهيا هئا، جن لهندڙ سج جي باقي روشنائيءَ مٿان به شام جي پاڇن ڄڻ ڪارو ٿان اوڍي ڇڏيو هو. جڏهن ته وڏا ڊگها وڻ هوا تي جهومندي ڄڻ هوا جي جُهوٽن سان وڙهي رهيا ها. هُو ٻئي هاڻ پنهنجي سيمو ڪندڙ رت مٿان وري تهه رکي پٽيءَ سان قابو ڪري ٻيهر بکايل بگهڙن وارين نظرن سان هڪٻئيءَ کي گهوري رهيا هئا. ان سمي ٻنهي جي حالت ان شخص جيان رحم جوڳي نظر ٿي آئي، جيڪو معذوريءَ ڪارڻ هڪ هنڌ پيل هوندو آهي.... سج جي روشني هاڻ ڪڪرن ۾ رلجي، هنن ٻنهي جي نظرن کان کسڪڻ لڳي هئي. ڪارن ڪڪرن باقي بچل آسمان جي حالت کي عجب رنگ ۾ رنگي وڌو هو.
”پرٿوي! تو وٽ ماچيس هوندو؟!“ غوريءَ جو انداز اڃا به فاتحانه هو. پرٿوي ڏڪندڙ هٿن سان کيسي مان ماچيس ڪڍي، غوريءَ طرف ائين اُڇليو، ڄڻ کيس ڪنهن پٿر هڻي ڪڍيو هجي. غوري به ڏڪندڙ هٿن سان ماچيس کڻندي ڀُڻڪيو، ”پاڻ کي ڪاٺيون ميڙڻيون پونديون. هن ڪم لاءِ تنهنجي مدد درڪار آهي.“
”غلام ناهيان جو تنهنجو هر حڪم مڃان.“
ڪجهه دير پرٿوي ماٺ رهي، پوءِ ڪجهه سوچي، نيٺ رڙهندي، پنهنجي چؤگرد کِنڊڙيل ڪاٺيون ميڙي گڏ ڪري، غوريءَ آڏو رکي ٿو، جيڪي سموريون پوسل ورتل هُيون. هُو سهڪي رهئو هيو. کيس هڪ گولي ٽنگ ۾، ته ٻي وري ڦڦڙن کي چيري آر پار ٿي وئي هئي. ماچيس ۾ ٻارڻ جون تيليون باقي وڃي بچيون هُيون. غوريءَ چار پنج تيليون ٻاري ڪاٺين اندر ڏنيون، جي سڀ ڀڙڪو کائي وسامي ويون. اهو ڏسي، ٻنهي جي مُنهن جا پَنا لهي ويا. پوءِ پرٿويءَ عقل منديءَ وچان ڀُڻڪندي چيو.
”ماچيس مون کي ڏي.“ غوريءَ ماچيس کي هُن طرف اڇليو، ته هُن ورديءَ جي پٺئين کيسي مان ٻٽون ڪڍي، ڪجھه ڪڙڪ نوٽ ڪڍيا ۽ ڪڙڪ نوٽن سان باهه ٻاري ڪاٺين اندر ڏني، ته باهه ڀڙڪو کائي مچي اٿي. پوءِ پرٿويءَ ٽوڪ واري نوع ۾ غوريءَ کي نئون حڪم ڏنو.
”تون به پنهنجي کيسي مان نوٽن سان گڏ اِهي آمريڪي ڊالر ڪڍ. جيئرو رهندين ته وري ٻيا ملي پوندئي!“
پرٿويءَ جي ٽوڪ جي موٽ ۾ ڪوبه جواب نه ڏيندي، غوريءَ ساڳيءَ ريت ٻٽونءَ مان نوٽن سان گڏ ڪڙڪ ڪاغذن جھڙا پنا ڪڍي، سندس حوالي ڪيا. باهه ۾ ٻرندڙ ڪاٺيون هاڻ چٽ.... ٽڪ جا ٺڪاءُ ڪندي دونهين سان گڏ اڀرڻ لڳيون، ته هي ٻئي گرميءَ جو سيڪ وٺڻ لئه ويجهو ٿي ويٺا. غوريءَ کي هڪ ٻيو خيال ڪر موڙي جاڳيو. هُن ورديءَ جي اڳين کيسن مان ٻه بوتلون ڪڍيون ۽ هڪ کولي باهه مٿان ڇڻڪي، ته باهه جا شعلا لَپڪندي وڌڻ لڳا. پوءِ هُو ٻئي ٿورو سُرِي، اڃا به باهه جي ويجهو ٿي ويٺا ۽ ائين نظر اچڻ لڳا، ڄڻ پڳ مٽ يار هجن، جن جا پنهنجا وجود هيڻا ٿي ويا هئا. خالي ٻٽون پرٿويءَ جي جهوليءَ ۾ پيل هئو، جنهن تي هُن جون نظرون اٽڪي بيٺيون هيون. اهو غوريءَ کي به باهه جي ڏڪندڙ شعلن ۾ چِٽو نظر اچي رهيو هو. هُن پنهنجائپ وچان پڇيس:
”نوٽن جي سڙڻ جو ڏک اٿئي ڇا؟!!“
”نه.“ پرٿويءَ جا چپ رت ۾ رنگجي ويا. هن پنهنجيءَ ڳالهه کي طول ڏنو:
”هن ۾ منهنجي ڌيءَ جو فوٽو آهي، جنهن ۾ هُوءَ ماءُ جي هنج ۾ ويٺل آ.“ ۽ پوءِ هُو زال کي اڪير مان تڪڻ لڳو، ته هيءُ نعرو پنهنجو پاڻ هُن جي چپن تي تري آيو:
”موه سردا... سيوا پوجا.... ڀڳتي بليدان.“
پرٿويءَ کي محسوس ٿيڻ لڳو ته باهه جي ڀڙڪندڙ شعلن ۾ هُن جي انا ۽ ارڏائي به سڙي وئي آهي ۽ وقت جا گذري ويل هي پل ان مٿان ڄڻ روڄ ڪري رهيا آهن. هُن وري افسرده لهجي ۾ ڀُڻڪيو:
”هي ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي. جن نوٽن لئه پاڻ وڙهي مري رهيا آهيون، انهن کي انسان ڇاپي، وري پاڻ ئي تَنِ تي وڪامي وڃي ٿو.“
غوريءَ جو ڪڻڪائو رنگ زرد بڻجي ويو هو. سندس نظرون پرٿويءَ ۾ کتل هُيون. ”انسان دولت لاءِ نه، پر عقيدي خاطر سر گهوريندو آهي ۽ جن وٽ ڪو عقيدو هوندو آهي، سي اڏول انسان ٿيندا آهن.“
”مان به پنهنجي عقيدي خاطر وڙهي رهيو آهيان. ڪشمير منهنجو وطن آهي ۽ مان ان جو محافظ.“ موٽ ۾ پرٿوي پنهنجي عقيدي جي وضاحت به ڪئي. اونداهي رات ۾ واسينگ جيان ريڙهي پائيندڙ موت هنن ٻنهي طرف وڌي رهيو هيو ۽ اکين ۾ روشن اميد جا ڏيئا جهيڻا ٿيڻ لڳا هئن.
”پرٿوي فائر ڪر! ممڪن آهي ته ڪو آواز ٻُڌي، پنهنجيءَ واهر لاءِ اچي نڪري.“
”بندوق ۾ گولي هجي ها، ته توکي ڪڏهن جو پورو ڪري وجهان هان.... پر، نه. شايد ائين به نه ڪيان ها. تون زخمي آهين ۽ زخميءَ مٿان وار ڪرڻ اسان راجپوتن جو وڙ ناهي. سو تون فائر ڪر.“ پرٿويءَ جي هن عجيب جوابَ ڪجهه دير لئه غوريءَ کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو.
”اِها ڪهڙي خبر ته هيءُ منهنجو علائقو آهي يا تنهنجو.... پاڻ اڳ ئي هنن غارن کان به بچندي، برف ۾ ڀَٽڪي هت پهتا آهيون. سو، مان ڪيئن فائر ڪريان؟!“
”جي هيءُ منهنجو علائقو نڪتو، ته اهو وچن ڪيانءِ ٿو ته تنهنجي حفاظت منهنجي سر هوندي.... هونئن به ڪجهه دير ۾ ٿڌ پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ واري آهي، سو تو ۽ مون وارو جهيڙو هاڻ بي مقصد آهي.“
”ٺا“ هڪ زور جي آواز سان ٽانڊي جيان ٻرندڙ گولي فضا کي چيري آسمان ۾ گم ٿي وئي. غوريءَ پيرن ۾ رکيل رائيفل جي گولين وارو پٽو هڪ پاسي ڪري رکيو ۽ چوڻ لڳو:
”جي دشمن اچي ويا، ته مرندي مرندي ڪجهه پاڻ سان وٺيو ويندس.“
هڪ ڀيرو وري سرسراهٽ سان هوا وڌي وئي. ٿڌ جو ديوتا ڄڻ هماليه جي چوٽيءَ کان هيٺ لهي آيو هئو. جنهن ڪري، ٻه سرد جُهوٽا هنن ٻنهي جي جسمن کي ڳجهن جيان نوچيندي، ’هنده‘ وانگر جگر کي چٻاڙڻ لڳي هئي. گُهلندڙ هوا تي ٻرندڙ مچ ۾ ’چٽ، ٺڪ‘ جا آواز ڪندڙ ڪاٺيون پنهنجي ٻرڻ جو فرياد ڪري رهيون هيون.
”منهنجي ڌيءَ کي ٻڌائجانءِ ته هُن جو پيءُ هڪ دلير سپاهي هو. جنهن دليريءَ سان وڙهندي ديس مٿان جان گهوري ڇڏي ۽ تون انهيءَ جو اکين ڏٺو شاهد آهين.“ باهه ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل پرٿويءَ جو ذهن ٿڌ ۾ يخ ٿي وڃڻ ڪري سندس ڏند ڏڪڻ لڳا هئا، پرهُوڏ اڃا به قائم هئس.
”منهنجي ڌرم ۾ ديش جو مفاد سڀ کان مٿاهون آهي.
”وطن ۽ سرڪار ۾ فرق ٿيندو آهي.“ هن کي اڻ ڏٺو ڪندي، پرٿويءَ سندس جملي جي تشريح ڪندي پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي: ”تون ديس جو نه، پر سرڪار جو وفادار آهين.“
”مان اڳ ئي زخمي آهيان. تون ويتر پنهنجن لفظن جي نشترن سان گهايل ٿو ڪرين.“
”پرٿوي ائين نه آهي.... تون جي مون کي ڳوٺ ۾ ملين ها، ته تنهنجو آڌر ڀاءُ وڏي مهمانوازيءَ سان ڪريان ها. پر، افسوس جو پاڻ جنگ جي ميدان تي مليا آهيون.“
”تو وٽ سگريٽ آهي؟!!“ ڏڪندڙ هٿن سان دُکايل سگريٽ پرٿويءَ کي ڏنائين، ته غوريءَ جا هٿ لرزڻ لڳا.... ٻه ٽي ڪش ڀريندي، پرٿويءَ وڌيڪ ڪاٺيون باهه ۾ اُڇليون، ته باهه مَچِي اٿي. انهيءَ ويل هوا جو وڏو لشڪر آسمان تان هيٺ ڌوڪي آيو ۽ رُڪجي ويل برف باري به هلڪڙَي مينهن ڪڻين جيان پوڻ شروع ٿي. مَچيل باهه اجهامڻ لڳي ۽ گذرندڙ وقت جو هر پل پهاڙ جيڏو ڳرو بڻبو ٿي ويو. انهيءَ اونداهيءَ گهڙين ۾ هنن ٻنهي جي اکين ۾ جلندڙ جوت به وسامڻ لڳي، جن جي وجود ۾ باقي رت هر لمحي فريزر ۾ رکيل شين جيان ڄمندي ٿي وئي.... اوچتو ماٺ جي ماحول ۾ ڪجهه چرپر جو آواز پري کان ويجهو ٿيندا ٿي ويا، جن هنن جو ڌيان ڇڪايو ۽ هُو ٻئي ڊڄي ويا. پوءِ اُهي آواز وحشت واري اونداهيءَ سان گڏ رلندي کين گهڻو ويجهو ٿيندا ويا، جيڪي هاڻ مڌم نه، پر خوف زده ٿي ويا هئا ۽ سرد رات جي قيامت واريءَ ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڪنهن ٿاڪ سان گڏ پيٽ جي بک مِٽائڻ لاءِ آتا هئا.
”پرٿوي، غور سان ٻُڌ! پاڻ بگهڙن جي گهيري ۾ آهيون. هاڻ وقت جي تقاضا سمجهه. باهه کي مَچائي، دل ۾ پاٻوهه پيدا ڪر. هونئن به اونداهي، تنهائي، نفرت ۽ ٿڌ انسان جي روح کي بيچين ڪندي آهي.“
هڪ کوکلو ٽهڪ ڏيندي، موٽ ۾ پرٿويءَ بيوسيءَ مان وراڻي ڏنس.
”تنهنجي چالاڪيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ خنجر لڪائي رکيو هئم، سو هاڻ ڪم ايندو ۽ تون به ياد رکندين ته هڪ راجپوت وڙهندي توکي بگهڙن کان بچائي، پاڻ مري ويو هئو ۽ اسان راجپوتن جو ڌرم به اهو آهي ته وڙهندي مارجي وڃون.“
”تون ڳڻتي نه ڪر، منهنجيءَ بندوق ۾ گوليون ايتريون آهن، جو هڪ به نه بچندو.“
ڪشمير جي ارڏن پهاڙن مٿان برف جا مڻ ڄمي ويا هئا، جيڪي زمين کان پهاڙن تائين اونداهه جي ڀاڪر ۾ ڀريل هئا. باهه جي ڀڀڪن ڀڻڪڻ ڇڏي ڏنو هو. هنن ٻنهي جون حياتيون باهه سان واڳيل هيون. پرٿويءَ جي آواز ۾ ڪنبڻي ڀرجي آئي هئي.
”منهنجو سورگ واسي پيءُ انگريزيءَ جو پروفيسر هئو. جنهن گهڻو اڳ هي ٻڌايو هو ته انسانن جي وجود ۾ به بگهڙن جو روحُ اچي ويندو آهي. جن آڏو هارمڃي، ٻيو انسان کوڏا کوڙي ڇڏي ٿو.“
موٽ ۾ غوري ڄڻ سندس ڳالهه جي پڪ ۾ ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو.
”مون به ائين ئي ٻڌو آهي.... صفت وارن انسانن جو شڪليون بظاهر باقي انسان بگهڙن جھڙا هجن ٿا. لاطيني ٻوليءَ ۾ بگهڙ کي Vulpus چوندا آهن، جنهن مان لفظ Woll نڪتو آ ۽ انهيءَ مان وري Vagina يا Vulua نڪتا آهن.... تون اهو شايد نٿو ڄاڻين، ته عقيدن جو خون ۽ انسانن جي تفريق ۽ ورهاست ڪرڻ هنن بگهڙن جو ڪم آهي.“
”انسان عقيدي خاطر سر گهوريندو آهي، نه ڪي پيسي لئه. پوءِ جان بچائڻ لاءِ، ميڙيل دولت به قربان ڪري وجهندو آهي. جيئن پاڻ ڪجهه دير اڳ نوٽ ساڙيا هئا.“ پرٿويءَ جو آواز اهڙي اونهي کوهه مان اُڀري نڪتو، جيڪو ڄڻ موت جي ڪاري پاڻيءَ سان ڀريل هئو.
”اسان ٻنهي جي رت ۾ شامل هاڻ بگهڙ شايد نڪري ويا آهن.“ اوچتو غوريءَ جو ڀالي جھڙو جملو پرٿويءَ جي وجود ۾ ٽُنبجي ويو. انهيءَ پل هنن کان پرڀرو برف سان ڍڪيل وڻن ۾ چرپر ٿي. ٻنهي جي اڻ تڻ وڌي وئي. هُو ٻئي جنهن اونهيءَ کڏ ۾ اچي ڪريا هئا، اهو ٽن پاسن کان پهاڙن ڪري بند هئو. هڪ طرف سوڙهو رستو موجود هو، جتان ڪنهن جي حملي جو خدشو موجود هئو.... هڪدم ڦڙت ٿيندي، غوريءَ رائيفل وڻن واري پاسي سِڌي ڪئي، جتي چرپر هئي. پر، برف ۾ سرد ٿي ويل هُن جو سمورو جسم هڪ هنڌ ئي باغي بڻيل هو.
”غوري! متان فائر ڪيو اٿئي.... ممڪن آهي اهي منهنجا ساٿي هجن.... توکي ڪوبه ڇيهو ڪونه رسندو، مون تي ويساهه رکُ.“
”جنگي قيدي بڻجي، پنهنجو سر بچاءِ، يا اهو مُور به منهنجي غيرت کي نه ٿو جڳائي. ان ڪري تنهنجو هڪڙو به ساٿي نه بچندو.“
ڄمي پٿر ٿي ويل وڻن جي ٽارين ۾ ائين چرپر وڌڻ شروع ٿي، جيئن ڪو بيهوش مريض هوش ۾ اچڻ لڳندو آهي. پوءِ ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڪيتريون ئي اکيون رات جي اونداهه ۾ پري کان نظر اچڻ لڳيون، ته غوري به پنهنجي پوزيشن سنڀالڻ لڳو.... ڪيترائي بکايل بگهڙ هڪدم خونخوار آواز ڪڍندا، هنن طرف وڌڻ لڳا. جيڪي سچ ۾ به رڳو بگهڙ هئا، نه هندو، نه ڪي مسلمان هئا. جن جا بُک ۾ پاهه ٿيل وجود طوفاني سرد برفيلي رات ۾ پنهنجي شڪار جي نُوس نُوس ڪندي هنن تائين اچي پهتا هئا.
”غوري! گولي هلاءِ.“ بگهڙن کي ويجهو ٿيندو ڏسي، پرٿويءَ دهشت وچان رڙ ڪري چيو. موٽ ۾ غوري ماٺ ٿي رڳو نشانو وٺي بيٺو رهيو. هڪ بگهڙ پرٿويءَ مٿان، ته ٻين وري هوا ۾ ڪُڏندي غوريءَ مٿان حملو ڪري جيئن هيٺ کڏ طرف ڪريا، ته غوريءَ به هڪٻئي پٺيان ڪيترائي فائر ڪري وڌا. گولين ۽ بگهڙن جي اُڀ ڏاريندڙ دانهن سان رات ڄڻ دانهون ڪري ڊڄي وئي، ته سموري جنگ جو ماحول خوف جي چادر ۾ ويڙهجي ويو.
”جي ماتا ڪالي“ جو نعرو هڻندي، پر ٿويءَ به مضبوطيءَ سان هٿ ۾ جهليل خنجر اوتري ئي طاقت سان ان بگهڙ جي پيٽ ۾ ٽُنبي ڏنو، جيتري طاقت سان هُن ٽپو ڏئي مٿس حملو ڪيو هو. پر، خود به زخمي هئڻ ڪري بگهڙ جو وزن سهي نه سگهيو ۽ ان سميت اچي پَٽَ تي پيو. ٻئي طرف، پنج بگهڙ رتو رت ٿي هيٺ ڦٿڪي رهيا هئا. باقي بچيل هن دهشت سان ڀريل زور واري موٽ تي هراسجي پُٺتي ٿي، وڏا ڪڏ ڀري، کڏ کان نڪري، جهنگ اندر اونداهه ۾ اونداهه ٿي ويا هئا، ته هڪ ڀيرو وري ماحول ماٺ جي مُٺِ ۾ قابو ٿي ويو، پرٿوي ڪاوڙيل نهار سان غوريءَ کي تڪڻ لڳو، جنهن جي موٽ ۾ هُن هي وضاحت ڪندي کيس ٿڌو ڪرڻ لڳو.
”هنن بگهڙن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ مون دير سان فائر ڪيا، ته جيئن گهڻا ماري سگهجن، ڇو جو هنن جي جسم جي کل ۾ وڏي گرمي ٿيندي آهي.“
”تو ٺيڪ ڪيو. شايد هاڻ اسان واقعي ئي ڪجھه وقت زنده رهي سگهنداسين.“ معاملي جي نوعيت کي سمجهندي، پرٿويءَ رت ۾ ٻڏل خنجر بگهڙ جي کل سان صاف ڪندي وراڻيو.
پوءِ ٻنهي گڏجي ماريل بگهڙن مان ٻن جي کل خنجر سان لاهي پاڻ ڍڪيو ۽ باقي مئل پنهنجي چؤگرد ويڙهي رکيا. ڪجھه وقت، جن بکايل بگهڙن هنن کي پنهنجي کاڄ بنائڻ ٿي چاهيو، سي هاڻ هنن جي حياتي بچائڻ جو ذريعو بڻجي ويا هئا.... تيز هوائون پهاڙن جي چوٽيءَ مٿان جيئن هيٺ لٿيون، ته ماحول ۾ ٿڌ جو ٻيڻو اضافو ٿي ويو؛ جنهن جي شدت سان هُو ٻئي بگهڙن جي کل ۾ هوندي به ڪراڙن جيان ڏڪي رهيا ها. جڏهن باهه پوري ريت وسامي چڪي، ته هُو ٻئي ڪنبندي ڏڪندي، ملي هڪ ٿي ويا. ٿڌ پنهنجي شدت سان اڃا به تيز وڌي سندن جسمن ۾ سرائيت ڪري وئي ۽ رت ۾ ٻُڏل کلون هنن مٿان سوڙ جيان ويڙهجي ويون هيون، ته ٿڌڙي هوا جو دٻاءُ هنن مٿان ڪي قدر گهٽجي ويو.
”غوري! هيءَ ويڙهه ڪڏهن ختم ٿيندي؟!“ پرٿويءَ جي هن اوچتي سوال تي غوريءَ موٽ ۾ صرف هي وراڻيو.
”منهنجي ۽ تنهنجي؟!!!“
”نه.... پرٿوي ۽ غوريءَ جي ويڙهه، جيڪا نه ڄاڻ الائي ڪيترن صدين کان جاري آهي.“
غوري هن جي اکين ۾ نهاريندي پُر اعتماد لهجي ۾ جواب ڏنو، ”جڏهن Vulpus اسان جا حاڪم نه رهندا.“
ٻنهي جا ساٿي سندن ڳولا ڪندي، ٻئي ڏينهن جي اجري روشنيءَ ۾ جڏهن هڪ ئي وقت کڏ وٽ پهتا، ته اڇا جهنڊا فضا ۾ لهرائي، هڪٻئي مٿان اڳواٽ حملو نه ڪرڻ جي پڪ ڏيڻ لڳا. پوءِ ٻنهي پاسن کان ڪجھه جوان رسا ٻڌي هيٺ کڏ ۾ لٿا، جيڪا ٽن طرفن کان مڪمل طور تي بند هئي ۽ وڻن جي چوٿين طرف هڪ سوڙهو گس هو.
.... بگهڙن جي کل ۾ ويڙهيل ڄمي پارو ٿي ويل ٻه انساني وجود پاڻ ۾ مليل ڏسي، ٻنهي پاسن جا جوان حيران رهجي ويا، جيڪي هاڻ پاڻ ۾ ائين ملي چڪا هئا، جيئن لوهه چقمق ساڻ ملي پوندو آهي ۽ هاڻ سندن وجود ڪٽجڻ کان سواءِ ڌار ڪرڻ ناممڪن ٿي لڳو.... نيٺ ٻنهي کي جڏهن ڪٽي ڌار ڪيو ويو، ته هڪ کي پوري سرڪاري اعزاز سان سلامي ڏئي چتا تي چاڙهي ساڙيو ويو ۽ ٻئي جي وجود کي به ساڳئي اعزاز سان لحد ۾ لاهي، مڻن مٽيءَ هيٺ دفنائي، سندس قبر تي قل پڙهيا ويا.