مهاڳ: شاعر جي اڪيلائيءَ جو وطن!
شاعري، جيڪا ڪڏهن دل جي پکيءَ جي پرواز ته ڪڏهن پيرن جي ڪوڙڪي آهي. آئون جڏهن جڏهن به سنڌي شاعريءَ جي ست رنگيءَ کي تصور جي اک ۾ پائيندو آهيان، مونکي سانوڻيءَ جي موسم جا ٻوڙان ٻوڙ مينهن ياد ايندا هن. سنڌو نديءَ جو پُور جوڀن ياد ايندو آهي، ڪارونجهر جبل تي نچندڙ مور ياد پوندا آهن. آئون لاڙ جي لال هندوري ۾ ”بڙ جي ڍوري“ جا پَٽَ ياد ڪندو آهيان جن کي ڀٽائيءَ جي پيرن سون ڪيو هو.
مونکي شيخاڻي گهاڙيءَ جي ناٿي فقير لُنڊ جون جهونيون اکيون ياد اينديون آهن. يوسف فقير سَتي جتي جي مَٽَ جو ٻاڙو پاڻي ياد ايندو آهي ۽ بابا بُلي شاهه جي گنبذ جا ڪبوتر ياد ايندا آهن.
آئون تصور ئي تصور ۾ ڏسندو آهيان ته روپاهه ماڙيءَ ۾ جنگ جو طبل وڳو آهي ۽ دودي سومري چنڊ جي گهوڙي جي واڳ ڇڪي آهي ۽ مونکي چنيسر جي دل جو ڪينو ياد ايندو آهي.
آئون ڏسندو آهيان ته جوڳين جي ٽوليءَ ۾ ڀٽائي هنگلاج ڏي پنڌ پيو آهي ۽ گگان جَتِڻِ هُن جا بيت برزبان ياد ڪندي روئي پئي آهي ۽ آئون سوچيندو آهيان ته شاعري عشق جي اک جو گرم ڳوڙهو به آهي، ته محبوب چپن جو بوسو به آهي.
ائين شاعريءَ تي ويچاريندي مونکي دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن سان گڏ اڄوڪي سنڌ جي نون ستارن جي نالن جي هڪ خوبصورت Galaxy ذهن تي تري ايندي آهي، جن مان هڪ خوابن جو وڻجارو اسان جو دوست روشن شيخ به آهي، جنهن کي لکڻ ايندو آهي، کلڻ ايندو آهي، ڳالهائڻ ۽ نڀائڻ ايندو آهي، جن سڀني ڳالهين ۾ آئون اڃان تائين ڪچو آهيان، پر هُن جو ضد هو ته آئون هُن جي شاعريءَ تي لکان ۽ نڀايان به سهي، جيڪو مون لاءِ تمام مشڪل مرحلو آهي، ڇو ته آئون اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته شاعريءَ تي ڳالهائڻ جيترو آسان، ايترو ئي مشڪل به هوندو آهي ۽ سٺي شاعريءَ تي لکڻ وقت نڀائڻ يا انصاف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
روشن شيخ جي شاعريءَ جي مجموعي ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ جو نالو جيترو ڇرڪائيندڙ آهي، سندس شاعري به ايتري ئي دلڪش آهي. هي سندس نثري نظمن جو مجموعو آهي ۽ سنڌ ۾ نثري نظم سان نڀاءُ ڪندڙ چند شاعرن مان روشن شيخ به هڪ آهي.
مون کان ڪو به درديلو نظم نه ٿو لکجي
مون اڪيلائيءَ ۾ روئڻ ڇڏي ڏنو آهي.
مون لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي شام به اهميت وڃائي چڪي آهي.
مون کان اها ادا ڪارا به وسري وئي آهي
جيڪا اڪثر ڪري تو جهڙو لباس پائيندي هئي
مون ڊائريءَ ۾ گُل رکڻ به ڇڏي ڏنا آهن
منهنجين انهن ڪوڙين ڳالهين تي
ٻيو ڪوئي يقين ڪري نه ڪري
پر مونکي پَڪ آهي
تون ضرور يقين ڪندينءَ....
هڪ ٻي نظم ۾ لکي ٿو:
مونکي توسان بهار جي
ڪنهن شام جو ملڻو هو
پر تو
انڪار جي خزان سان
مونکي اڻ مندائتو ڇاڻي ڇڏيو!
ان ڏينهن کان
هن مهل تائين
خزان منهنجي وجود سان چنبڙيل رهي ٿي
اها ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي
تون مون کان اڌ ڏينهن رٺي هئينءَ
مان اڌ ڪتاب جيترا نظم لکي ويو هوس!
نثري نظم جو اهو لهجو، روشن شيخ کي پنهنجيءَ ٽهيءَ ۾ سڀني کان الڳ ڪري بيهاري ٿو ۽ ڪنهن به شاعر جي سڃاڻپ هُن جو اسلوب هوندو آهي. ٻين جي ڇڏيل پيرن تي پنڌ ڪرڻ سان تخليقڪار جي پنهنجي ذات ان جي پاڇي ۾ لڪي ويندي آهي. ان ڪري روشن شيخ ٻي ڪنهن جي آواز جو پڙاڏو بنجڻ بدران پنهنجي احساس کي جداگانه بيان ڏنو آهي، جيڪو سندس فن جو ڪمال آهي. ڇاڪاڻ ته هُو مجموعي طور محبت ۽ وڇوڙي جو شاعر آهي، تنهن ڪري سندس هر تخليق جي اڻت ۾ اها جادوگري نظر اچي ٿي، جيڪا پڙهندڙ جو ڌيان هڪدم پاڻ ڏي ڇڪي وٺندي آهي. هُن جا نظم مختصر هوندي خيال ۾ ڏاڍا جامع آهن.
مڃان ٿو ته ملڻ
ملي وري ڇڄڻ
اهي سڀ مقدر جا تماشا آهن
۽
تون
سدائين تماشن ۾ خوش هوندي آهين
اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ئي ته
تماشو ٿيندڙ
نه ماضيءَ جو رهندو آ
نه ئي حال جو
۽ ايندڙ وقت به
ان لاءِ تماشو ئي ثابت ٿيندو آهي
ڪجهه ماڻهن جي خيال مطابق نثري نظم لکڻ تمام آسان آهي، صرف سٽن کي اڌ ۾ ٽوڙي ڳالهه ڪرڻي آهي، پر کين اهو سمجهڻ گهرجي ته سٽن جي ترتيب بدران نثري نظم ۾ خيال جي اُڏام اهميت رکندي آهي.
خيال به اعليٰ پايي جو هجي ۽ اظهار ۾ به دلڪشي هجي ته سون تي سهاڳي واري ڳالهه ٿي پوندي آهي ۽ روشن شيخ وٽ ڳالهه ڪرڻ جو اهو هُنر موجود آهي. هن وٽ نه صرف خيال جي آسودگي پر ٻوليءَ جو به خزانو ملي ٿو. ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جي هن وٽ پيش ڪش ايتري ته اثر انگيز آهي جو داد ڏيڻ کان رهي نه سگهجي.
پريشانيءَ جي عمر
آسمان جي ايراضيءَ کان وڏي ٿيندي آهي.
دل جي بيماري
لڙڪن آڏو
ڪا اهميت نٿي رکي
۽ نه ئي مان تو وانگر
موت کان ڊڄندو آهيان
ها پر
مان وڇوڙي کان ڊڄي
پنهنجن خوابن تان هٿ کڻي ويندو آهيان.....
تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته
مان سدائين پنهنجي خلاف ڇو هوندو آهيان؟
شايد ان ڪري جو
تنهنجن ۽ منهنجن
خوابن جي سماجي اسٽيٽس ۾
وڏو فرق آهي!
سندس هڪ ٻيو مختصر نطم آهي:
گهڻن ڏينهن جو ذڪر آهي
مان پنهنجي دل
تنهنجي در تي وساري آيو هيس
۽ هاڻ
مان پنهنجو پاڻ کي ئي
ياد ناهيان رهيو
روشن شيخ کي نظمن ۾ جا بجا اُداسي نظر اچي ٿي. اڌ ڏينهن جي رنجش کان پوءِ اڌ ڪتاب جيترا نظم لکجڻ پويان موجود دلگيري ۽ هڪ نامهربان ڇوڪريءَ جي يادگيرين جي رنگبرنگي ڇٽيءَ هيٺان وڇوڙي جي پنڌ جي هيءَ شاعري آهي. جنهن ۾ سمنڊ تي ڏکڻ جي تيز هوا ۾ نوجوان ڇوڪرين جي ڀنل وارن جي دلنوازي به آهي ته ڇولين جي ٻوليءَ ۾ رنگن جو ترجمو به ملي ٿو. رنگ جيڪي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏجن ته پاڇيءَ ۾ درد بچندو آهي، گلن جا جهول اُداسيءَ سان ڀربا آهن ۽ پوپٽ پنهنجي هڪ ڏينهن جي عمر ۾ ورهين جي اڪيلائي ڀوڳي وٺندا آهن. آئون سوچيان ٿو جدائي هڪ شاعر لاءِ لازمي به ته هوندي آهي. اهو وڇوڙو ئي آهي، جنهن روشن شيخ کي سوچ جا نوان جهان ڳولي ڏنا، هن کان سمنڊ جا پنڌ ڪرايا، راتين جا اوجاڳا ڏنا، لفظن جي اميري ڏني. اها ڇوڪري جنهن جي بيرخيءَ جي آسمان هيٺان هُن پنهنجي هڪ الڳ دنيا تخليق ڪري ورتي. مون روشن شيخ جي شاعريءَ کي صرف پڙهيو نه پر ڍُڪ ڍڪ ڪري پيتو به آهي. هي ان خمار جو نتيجو آهي. مون تمام گهٽ اهڙا شاعر ڏٺا آهن جن کي پنهنجن احساسن سان ان طرح انصاف ڪرڻ اچي ٿو.
هڪ دفعي
تو ”خبر ناهي!“
جو راڳ گهڻو آلاپيو هو
مون توکي چيو:
”بهار اچي ويو آهي
اچ ته گُلن وانگر ٽڙي پئون“
موٽ ۾ تو
خزان جون ئي ڳالهيون ڪيون هيون
گذريل رات
مون توکي
حد کان وڌيڪ ساريو
۽ توکي لکيو:
”جڏهن فرصت ملئي ته ياد ڪجانءِ! “
تو ايس ايم ايس ڊليٽ ڪرڻ کان اڳ
لکي موڪليو:
”خبر ناهي“ توکي
فضول ڳالهين لاءِ وقت ڪيئن ٿو ملي؟!“
هونئن ته وصل دل جي خوشبختي آهي پر شاعريءَ کي جدائي کپندي آهي. جيئن محبت کي ديوانگي گهربل هوندي آهي. تنهنڪري آئون سمجهان ٿو هجر ئي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو هوندو آهي. ان ڪري ته شاهه سائينءَ چيو ”جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي“.
ملڻ کان ملڻ جي آرزو وڌيڪ دل لڀائيندڙ هجي ٿي جنهن ۾ انتظار جي راتين ۾ شاعر جا لفظ ڏيئن ۾ بدلبا آهن، مشعلن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، آسمان جا نکٽ بنجي ويندا آهن ۽ شاعري سرجڻ شروع ٿيندي آهي، وصل شاعريءَ کي بيروزگار ڪندو آهي. روشن شيخ جا هي نظم وڇوڙي جي لمحن مان چونڊيل آهن. مون هن جي هڪ هڪ سٽ کي بار بار پڙهيو آهي، هُن وٽ جدائيءَ جو وکر گهڻو آهي. هُنَ پنهنجي ذات جا وکريل ذرا ڳولي شاعريءَ ۾ رکيا آهن.
منهنجي خواهش هئي ته
تنهنجن لفظن جي ٽارچر سيل مان
فرار حاصل ڪريان
ان وچ ۾
تو مون کان
طنزيا انداز ۾ پُڇيو هو ته:
”تنهاين جو ڪهڙو ديس هوندو آ؟“
مان ٿڌو ساهه ڀريندي
صرف ايترو ئي چئي سگهيو هوس ته:
”تنهاين جو ديس
شاعر جي دل هوندي آهي“
هڪ ٻئي نظم ۾ روشن شيخ لکي ٿو:
مون اڌ ننڊ جھڙو نظم لکيو
جنھن تي پھريون اعتراض تو ئي واريندي چيو ته:
”تنھنجي ننڊ ڦٽائڻ کان پوءِ
مون هميشه
پوري ننڊ ڪئي آهي
ڪاش !
زندگي به
ڪنھن سرڪاري نوڪريءَ جيان ھجي ها
جنھن تان جڏھن به چاھجي ھا
رٽائرمينٽ وٺي سگھجي ھا
”زندگي تان رٽائرمينٽ“ هن ڪتاب جو نالو آهي ۽ مٿي ڄاڻايل ان جو ٽائيٽل نظم آهي، جنهن جي هر سٽ هڪ حسرت آهي. زندگيءَ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جي ڳالهه پويان موجود ڏک کي پرکڻ لاءِ دل جون اکيون گهرجن ٿيون، جيڪي هر ماڻهوءَ وٽ نه هونديون آهن. ڪو ماڻهو خوشيءَ مان زندگيءَ کان ڪناري جو ڪٿي سوچيندو آهي، حالتن جا ڳرا بار ٿڪائيندا آهن تڏهن ساهيءَ جو خيال دلِ ۾ ايندو آهي.
آئون روشن شيخ جي هنن نظمن کي پڙهندي ڪيترين ئي جاين تي رڪجي وڃان ٿو، انهن کي ورائي پڙهان ٿو ڇو ته انهن جو سرور حاصل ڪرڻ ضرور ڀانيان ٿو. روشن شيخ پنهنجي انداز ۾ هڪ جديد شاعر آهي، هو حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي. هُن پنهنجي شاعريءَ کي همعصر دؤر سان ڳنڍيل رکيو آهي يا ائين چئجي ته هُن جون هلندڙ وقت ۾ پاڙون آهن. گم ٿيل زمانن جو سُڏڪو بنجڻ بدران هُن اڄ کي لکيو آهي، اڄ جيڪو سڀاڻي جي تاريخ جو روشن باب ثابت ٿيڻو آهي جنهن کي روشن شيخ سميت اڄوڪي سنڌ جي شاعرن جي ڪهڪشان جا سڀ ستارا پنهنجي پنهنجي انداز ۾ رقم ڪري رهيا آهن. جڏهن ايندڙ زمانو شاعريءَ جي اک مان هن دؤر کي ڏسندو ته يقينن ايتري ئي خوبصورت نظر ايندي جيترا خوبصورت روشن شيخ جا نظم آهن.
[b]ايوب گُل
[/b] ڪراچي ــ سنڌ.
25 ڊسمبر 2018ع