• محمود سومرو
اسان ٻئي هڪ ئي آفيس ۾ هوندا آهيون. ٻنهي جي قلم سان دوستي آهي، پر هو چهري تي ٽهڪن جي روشني وکيريندو آهي ۽ قلم کيس هيکلاين جو احساس ڏياريندي لکرائيندو آهي. جڏهن ته مان ڪيترو به سنجيده لکڻ چاهيان، ڪٿي نه ڪٿي مزاحيا لفظ ائين ڦٽي پوندا آهن، جيئن ڪنڊن ۾ گلاب…. مونکي ڪڏهن ڪڏهن دوستن ۾ پنهنجو ماضي نظر ايندو آهي، جو هر سڏ تي سڏ ڏئي پهچي ويندو هيس. پنج گلي جو گل فروش روشن جو دوست ٿي ويو آهي، جو روشن سندس پڪو گراهڪ آهي..... پرين جي لوءِ ۾ رهڻ ڪري پڪو پريمي به آهي. اڄڪلهه فيس بوڪ سان ٻين قلمڪارن وانگر گهرو به آهي. هِن جي شاعري پڙهي سوچيندو آهيان ته هي کيچلو ماڻهو اڪيلائيءَ جي موسم ۾ لڙڪن سان ڌوتل نظم ڪيئن ٿو لکي وٺي؟! هي به عاشقن وانگر سڀني جي سامهون وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي پنهنجن ڏکن کي ٿڦڪي ڏيندو هوندو. خيرپور جي کارڪن وانگر ڏسڻ ۾ سادو، پر ڏاڍو مٺو محسوس ٿيندو آهي. ماڻهن جي روين مان وقتي طور بيزار ٿيندو آهي ۽ لڳندو آهي ته هاڻي ڪڏهن موڊ صحيح نه ڪندو، پر ٻئي لمحي وڏا ٽهڪ ڏئي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي. سنگت کي محسوس ڪرائيندو آهي ته هو آفيس جي ڪم ۾ ڏاڍو مصروف هوندو آهي، مٿي کنهڻ جو وقت به ڪو نهيس…. حالانڪه اهڙي ڳالهه به ناهي…. ها اِهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هو آفيس جي مصروفيت جو بهانو ڪري ڪا تخليق سرجڻ لاءِ وقت ڪڍندو هجي. تڏهن ته ايترو مصروف ڄاڻائڻ جي باوجود هي ڪتاب لکي ورتو اٿائين. سندس چوڻ آهي ته هو زندگيءَ مان مطمئن ناهي، تڏهن ته لڙڪن سان دوستي رکي، اُنهن مان نظم ٺاهي ورتا اٿائين.