مُهاڳ : وڻ به تاريخي قصا ٻڌائين ٿا
موجوده دور ۾ اسان جي ليکڪن ٻارن جي ادب کي بنهه نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، ٻارن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ به ڪو قومي ادارو قائم ٿيل ناهي، جنهن ڪري ٻارڙن جي فڪري اوسر، بهتر انداز سان نه ٿي رهي آهي. اسان جا ٻارڙا تعليمي لحاظ کان به ويڳاڻپ جو شڪار آهن، جڏهن ته وهنواري تعليم سان گڏ اضافي مواد طور انهن لاءِ ڪو دلچسپيءَ جو مواد به شايع ڪونه ٿي رهيو آهي. انفرادي سطح تي ڪجهه ليکڪن ڪوششون ڪيون آهن، پر اڄڪلهه جي جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ ٻارن جو اهڙو ادب ٻارن لاءِ گهڻي ڪشش نٿو رکي، ڇو ته ان قسم جي ادب ۾ عمر جي درجه بنديءَ سان گڏ ٻارن جي نفسيات جو به خيال نٿو رکيو وڃي.
انور ابڙو به اهڙين حالتن جو شعور رکي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ هُن ”چوڌاري چمڪاٽَ“ جي عنوان هيٺ هي ڪتاب ٻارن کي ارپيو آهي. هن ڪتاب ۾ اَٺ تقريرون ۽ ٽي عدد خاڪا شامل آهن. انهيءَ سموري مواد جو تعلق سنڌ جي قديم ۽ معتبر درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام سان آهي، جنهن سان ليکڪ جي جذباتي ۽ دلي وابستگي آهي. ويهن سالن کان مٿي جي تعلق سبب ليکڪ ان درسگاهه کي پنهنجي روح ۾ شامل سمجهي ٿو. ٻارن لاءِ هي تقريرون، مدرسي جي سالگرهه، پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن، ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي مانَ ۾ ڪوٺايل، الوداعي گڏجاڻين ۽ شاگردن جي سالياني ڏينهن تي ڪيون ويون آهن.
هو هڪ تقرير ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن شاگرد هتان ويندا آهن ته اُهي روئيندا ويندا آهن. هي ادارو اسان سڀني شاگردن جي ماءُ آهي.“
ليکڪ جي اداري سان محبت، سندس تقريرن مان پڌري ٿئي ٿي. هو اهڙا احساس پنهنجي ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪري ٿو ته جيئن ٻارن جي ذهني تربيت جي تسلسل ۾ تعليم ۽ ان جي ادارن لاءِ سندن دل ۾ احترام جا جذبا پيدا ٿي سگهن. اهڙي طرح اسان جا ٻار تعليمي ۽ تربيتي حاصلات تي فخر محسوس ڪندا، ڇو ته تعليم سان دلچسپي ئي ٻارن کي، علمي زندگي ۾ عزت ڀريو درجو عطا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر فهميده حسين، محمد ابراهيم جويي صاحب جي ڪتاب ”تعليم جو مسيحائي ڪردار“ جي پبلشر جي نوٽ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: ”بيمار رڳو ماڻهو ڪونه ٿيندا آهن، جن کي ڪو مسيحا دوا سان ٺيڪ ڪري، پر قومون به بيمار ٿينديون آهن، جن جي مسيحائيءَ لاءِ هڪڙو ئي يڪ ٽِڪ نسخو ڪارآمد ٿيندو آهي، سو آهي صحيح وقت تي اُن قوم جي ٻارن کي ڏنل اهڙي تعليم، جيڪا سندن انساني ڪردار جي سنوار ڪري.“
انهيءَ ڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ اُنهن جي فڪري اوسر جو اُلڪو ۽ اُونو ڪريون، ڇو ته اسان جا اِهي ٻار سڀاڻي پنهنجي قوم جي نمائندگي ڪندا. انور ابڙي به هنن تقريرن ۽ خاڪن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام کي علم ۽ شعور جو استعارو بڻايو آهي. پنهنجي هڪ تقرير ۾ هو چوي ٿو:
”سنڌ مدرسي جا نه رڳو ڪلاس، پر هن جون ڀتيون به ڳالهائينديون آهن. هن جو ميدانُ به ڀڻ جُهڻ ڪندو آهي. هن جا وڻ به جُهڪي تاريخي قصا ٻڌائيندا آهن.“
انور ابڙي جا اهي شاعراڻا احساس، اداري جي اهميت کي اُجاگر ڪن ٿا. ڪتاب ۾ شامل خاڪن جو موضوع به ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت آهي، جن مان ٻارن کي ڄاڻ ملي ٿي ته سچي وابستگي ۽ قومي ڪردار ادا ڪرڻ سان ئي ماڻهو شخص مان شخصيت بڻجي ٿو. اهڙن ئي ماڻهن کي تاريخ ۾ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. استاد کي پنهنجن شاگردن جي آئيندي سنوارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ کپي. افسوس جو اُستادن جي گهڻائي پنهنجي فرض کان غافل آهي. انور ابڙي اهڙن اُستادن کي ٽوڪيو آهي. مجموعي طور تي هي ڪتاب شاگردن کي تعليم جي اهميت ڏيارڻ ۽ اُنهن ۾ اُتساهه ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سُٺي ڪوشش آهي.
ادل سومرو
سکر ــــ
26 مارچ 2016ع