14 آگسٽ- آزاديءَ جو ڏينهن
قابلِ تعظيم استاد صاحبان
۽ منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو!
السلام عليڪم!
جيئي پنهنجو وطن
ڀٽائي سائينءَ چيو آهي:
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اَڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هَوءِ وطن جنين وساريو.
منهنجي آزاد وطن جي باني اداري سنڌ مدرسي جا معزز استادو ۽ شاگردو!
اڄ اسان پنهنجي وطن پاڪستان جي ايڪهٺين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. اڄ اسان جي مادرِوطن جي جشن جو ڏينهن آهي. اڄ کِلڻ ۽ خوش ٿيڻ جو ڏينهن آهي. اڄ مبارڪون ڏيڻ ۽ وٺڻ جو ڏينهن آهي. اڄ شادماني جو ڏينهن آهي. اڄ دنيا جا سڀئي رنگ هِن ديس تي مهربان ٿيندا. اڄ سمورا ملڪ واسي پنهنجي آزاديءَ جي گيت تي جهومندا، ناچ ڪندا، ۽ وچن ڪندا پنهنجي ديس کي سنوارڻ جو، پنهنجي ديس کي خوشحال بڻائڻ جو، پر مون کي اڄ اوهان کان هڪ ڳالهه پڇڻي آهي.
ڇا اوهان کي خبر آهي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جو ڪهڙو روپ ٿيندوآهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جو ڪهڙو رنگ ٿيندو آهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جي ڪهڙي ٻولي ٿيندي آهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڪهڙو مفهوم آهي؟
منهنجا معزز مهمانو!
مان ٿو ٻڌايان اوهان کي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي؟ آزادي ماءُ جي رَئي جي ڇانوَ ٿيندي آهي. آزادي امڙ جي مٺڙي لولي ٿيندي آهي. آزادي ماءُ جي جهولي ٿيندي آهي. آزادي ڀيڻ جو پيار ٿيندي آهي. آزادي معصوم ٻارڙيءَ جي مرڪ ٿيندي آهي. آزادي پيءُ جي شفقت ٿيندي آهي. آزادي ڀاءُ جي ارڏائي ٿيندي آهي. آزادي جنت جو ٻيو روپ ٿيندي آهي. آزادي زندگيءَ جو گيت ٿيندي آهي. آزادي ڪنهن باغيءَ جو خواب ٿيندي آهي. آزادي علامه اقبال جو ”بانگ درا“ ٿيندي آهي. آزادي ڀٽائيءَ جي ”مارئي“ ٿيندي آهي. آزادي نئين صبح جو سڏ ٿيندي آهي. آزادي اسان جي ۽ اوهان جي اکين جي بي ساخته چمڪ ٿيندي آهي. آزادي
رم جهم آهي. آزادي چوماسي جو وسڪارو آهي. آزادي بهار جي مُند ۾ ڦُٽل سرخ گلاب آهي. آزادي آزاد فضا ۾ ڪبوترن جي اُڏار آهي.
۽ غلامي؟
غلامي ذلت آهي. ڪنهن ڏائڻ جو روپ آهي. اِها موت جي ٻولي ڳالهائيندي آهي. قومن جي ڳچيءَ جو طوق ٿيندي آهي. قومي احترام تي راتاهو هڻندي آهي. خوابن جي قاتل ٿيندي آهي. انساني رت جي پياسي ٿيندي آهي. ظالم ٿيندي آهي. چينُ ۽ سُڪون کسيندي آهي.
غلامي جبرَ جو نانءُ آهي. ظلم جي تصوير آهي. پيرن جي زنجير آهي، جنهن کي هر حال ۾ ٽوڙڻو هوندو آهي.
۽ اسان جي وڏن ظلم جي اِها زنجير جڏهن 14آگسٽ 1947ع تي ٽوڙي، ته اِن جو پڙاڏو سڄي دنيا ٻُڌو ۽ پوءِ اِن جو آواز مڌرُ موسيقيءَ ۾ بدلجي ويو.
معزز مهمانو !
آزادي خيرات ۾ ناهي ملندي. آزادي انعام ۾ ناهي ملندي. آزادي گُهرڻ سان به ناهي ملندي. آزادي ننڊ ڪرڻ سان به ناهي ملندي. آزادي ته وڙهي وٺبي آهي. آزاديءَ جي لاءِ ته سِرَ ڪٽائڻا پوندا آهن. آزاديءَ جي لاءِ ته گَهرَ، ٻارَ ۽ مالُ ملڪيتَ لُٽائڻا پوندا آهن. آزادي قربانيءَ جي تمنائي هوندي آهي ۽ جيڪي آزاديءَ جي راهه ۾ شهيد ٿيندا آهن، اُهي امر هوندا آهن. اُنهن جي پوئلڳي اعزاز هوندي آهي.
اسان وٽ آزاديءَ جي لاءِ وڙهندڙ گهوٽن کي ته سندن گهر واريون روڪينديون ناهن، پر اُهي ته ڀٽائي گهوٽ جي لفظن ۾ کين چونديون آهن:
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران جي هُوَنِسِ پُٺِ ۾.
هڪ عورت پنهنجي آزادي پسند مڙس کي ٿي چوي،”جيڪڏهن توکي مُنهن ۾ گهاوَ هوندا ته اُنهن کي سيڪيندي مان خوش ٿينديس. ٻلهار وينديس تو مٿان، پر جيڪڏهن وڙهندي توکي پُٺيءَ ۾ ڪو گهاءُ لڳو ته مان شرم وچان مري وينديس، ڇاڪاڻ ته مُنهن ۾ گهاوَ، سامهون وڙهندڙ بهادر کي لڳندا آهن ۽ پٺيءَ ۾ گهاوَ، پٺي ڏيئي ڀڄندڙ بزدل کي لڳندا آهن.“
منهنجا احترام لائق سامعين !
مون کي فخر آهي ته مان اُن سرزمين سان تعلق رکان ٿو، جنهن کي دنيا ”سنڌ“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ اُن تعليمي اداري سان تعلق رکان ٿو، جنهن کي دنيا ”سنڌ مدرسي“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. اِهي ٻئي زمينون، منهنجي وطن پاڪستان جون خالق آهن. سنڌ، پاڪستان ٺاهڻ واري هلچل جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ مدرسي جو اڳوڻو شاگرد قائد اعظم محمد علي جناح اُن هلچل جو اڳواڻ هو.
پر مان ته ائين ٿو چوان ته، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هيو، جڏهن انگريزن سورهين صديءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي واپارين جي روپ ۾ سنڌ ۾ پهريون قدم رکيو هو. پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هو، جڏهن انگريز سامراج 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو هو.
1947ع وارو آزاديءَ جو ڏينهن اُن وقت طئي ٿي ويو هيو، جڏهن 1848 ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هيو، جڏهن 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن وانگر سنڌ جي آزادي پسندن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ توپن سان اُڏايو ويو هو، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هيو، جڏهن 1885ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هو، جڏهن 1936ع ۾ سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ کان الڳ ٿي هئي ۽ پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هو، جڏهن 1943ع ۾ سنڌ پاڪستان جي لاءِ تڏهن ٺهراءُ پاس ڪيو هو، جڏهن گڏيل هندستان جي باقي صوبن قائد اعظم محمد علي جناح کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو هو.
معزز سامعين!
اسان کي اِهو به فخر آهي ته پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ ڄائو هو، هُو اسان جي هِن عظيم درسگاهه مان آزاديءَ جا سبق حاصل ڪري نڪتو هو، اڄ اسان کي هِن اداري مان پنهنجي آزادي بچائڻ جا سبق حاصل ڪرڻا آهن، ڇاڪاڻ ته آزادي حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي هوندي، پرآزاديءَ جو بچاءُ ڪرڻ اوترو ئي اهم هوندو آهي، جيترو آزادي حاصل ڪرڻ اهم هوندي آهي.
معزز سامعين!
چون ٿا، ڪنهن ملڪ ۾ هڪ غلام ماڻهو، ڪنهن فٿ پاٿ تي گهري ننڊ ۾ سُتو پيو هو ته، ڪنهن ماڻهوءَ اُن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ٻي ماڻهوءَ اُن کي روڪيندي چيو، ’اِن کي نه جاڳاءِ، متان آزاديءَ جو خواب ڏسندو هجي“. جنهن تي پهرئين ماڻهوءَ چيو، ”هن کي ٺوڪر هڻي جاڳايو، ته جيئن آزاديءَ جا صرف خوابَ نه ڏسي، بلڪه ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري“. اڄ اسان کي به جاڳڻو آهي. اڄ اسان جي آزاديءَ کي خطرا درپيش آهن. اڄ اسان جي سلامتي خطري هيٺ آهي ۽ اڄ اسان جو وجود خطري ۾ آهي، ڇوته دهشتگرد بي لغام آهن ۽ هُو معصوم ماڻهن کي ماري رهيا آهن.
سو منهنجا پيار! مهمانو !
14 آگسٽ 1947ع تي اسان جاگرافيائي آزادي حاصل ڪئي، پر اڄ اسان کي هڪ ٻي آزادي به حاصل ڪرڻي آهي. اڄ اسان کي جهالت کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي غربت کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي غلط ريتن ۽ رسمن کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي ناانصافيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي بدامنيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي خود ڪُشُ حملن کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي نفرت کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي مختلف قوميتن وچ ۾ موجود بي اعتماديءَ کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي.
اسان پنهنجي هِن عظيم ملڪ کي مڪمل آزاد ملڪ ڏسڻ جا خواب ڏٺا آهن. جيڪڏهن اوهان اسانجن خوابن جي تعبير نه بڻجندا ته اسان پاڻ بڻجنداسين. اسين پاڻ هِن ملڪ کي عظيم کان عظيم تر بڻائينداسين.
سُڻي ساڻيهَه ڳالهڙي، لهي ويا لوههَ،
اندر جا اندوهه، لٿا ڏُک سُک ٿيا.
(ڀٽائي)
(پاڪستان جي آزاديءَ وارو ڏينهن 14 آگسٽ 2008ع
جي موقعي تي لکيل)