اسان هتي زندگيءَ جي معنيٰ سکڻ ايندا آهيون
منهنجا انتهائي مهربان استادو
۽ منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو!
آيا آس ٿيامِ ، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
پسي پهرَ پنهونءَ جي، نُنهن سين نيڻ ٺريامِ،
گوندر وسريامِ، سُکن شاخون ڪڍيون.
اڄ مان اوهان پنهنجن سڀني معزز مهمانن کي، پنهنجن مهربان استادن کي ۽ پنهنجن شاگرد ڀائرن ۽ ڀينرن کي هِن تقريب ۾شرڪت ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿي، ڇاڪاڻ جو هِن سالگرهه جا ميزبان ڪي ٻيا نه، پر اسين آهيون. هيءَ اسان جي عظيم درسگاهه آهي. هيءَ منهنجي مادر علمي آهي.
اڄ اسان جي هِن عظيم درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام جي 128هين سالگرهه آهي. اڄ منهنجي مادر علميءَ جو جنم ڏينهن آهي. اڄ منهنجي هِن تاريخي اداري جي قيام جو ڏينهن آهي، تنهن ڪري مان اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر چوان ٿي، ”ڀلي ڪري آيا.“
منهنجا مهربان سامعين!
اڄ جڏهن مان پنهنجي هِن مڌر انسٽيٽيوشن تي سوچيان ٿي، اڄ جڏهن مان هِن اداري جي ماضيءَ ۾ جهاتي پايان ٿي ۽ اڄ جڏهن مان پنهنجي هِن مادر علميءَ جي ڪالهوڪن ڏينهن ۾ وڃي ڏسان ٿي ته، خوشيءَ وچان منهنجون اکيون چمڪي پون ٿيون، فخر سان منهنجي دل ڀرجي وڃي ٿي، پر منهنجي زبان منهنجي اندر جا اُهي احساس ۽ ڪيفيتون بيان ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي، جيڪي مان بيان ڪرڻ چاهيان ٿي.
منهنجا مهربان سامعين!
سنڌ مدرسي جو ماضي، ماضي ناهي، اُهو اڄ به اسان سان گڏ آهي، اُهو اڄ به اسان کي گائيڊ ڪري ٿو، اُهو اڄ به اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، اُهو اڄ به اسان جي سِکيا ڪري ٿو، ۽ اُهو اڄ به اسان کي ٻڌائي ٿو ته، اوهان، جيڪي هتي پڙهڻ آيا آهيو، تن تي رڳو اِها هڪڙي ذميواري ناهي ته، اوهان کي ڪورس جا ڪتاب رَٽي، پاڻيءَ وانگر پيئڻا آهن ۽ پنهنجي دماغ کي خالي ڇڏڻو آهي.
پر منهنجا مهربانو !
سنڌ مدرسي ۾ اچڻ کانپوءِ اسان جون ذميواريون وڌي ويون آهن. هِتي اسان جُز مان ڪُل ٿي ويا آهيون، ۽ هِتي اچڻ کانپوءِ اسان جو ڪردار ملڪ ٺاهيندڙ ۽ ملڪ سنواريندڙ وارو بڻجي وڃي ٿو، تنهن ڪري جڏهن اسان هتان پڙهي نِڪري وينداسين، تڏهن اسان جو ڪردار ڪو عام رواجي نه هوندو، پر اسين هِن ڌرتيءَ جي سينڌ سنوارينديون سين، اسين هِن ديس کي ٺاهينديون سين.
منهنجا مانوارا سامعين !
منهنجي هيءَ مادر علمي، جيڪا اڄ يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ڪري چڪي آهي، اُن جي اڳتي کڄندڙ هر وِکَ کي هاڻي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڇا سج کي اڀرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ ڇا چنڊ کي اڀرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ ۽ ڇا سامونڊي طوفان کي اڳتي وڌڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟
جي نه، ته پوءِ سنڌ مدرسي جي ترقيءَ کي به ڪير روڪي نٿو سگهي. منهنجي هِن مادر علميءَ کي پنهنجو قومي ۽ علمي ڪردار ادا ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڀلا جنهن کي اسان سوين نياڻِين جون دعائون هجن، اُن کي ڪير ڇا ڪري سگهندو؟
منهنجي هيءَ مادر علمي ڪلهه به علم جي ورهاست ۾ مصروف هئي، اڄ به هيءَ پنهنجن ٻچن جي تربيت ڪري رهي آهي، ۽ سڀاڻي به هيءَ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙيون شخصيتون پيدا ڪندي رهندي.
تنهن ڪري، منهنجا احترام لائق مهمانو!
مون لاءِ هي رڳو پٿر جون ٺهيل عمارتون ناهن، منهنجي لاءِ هي رڳو بلاڪن ۽ سيمينٽ جو ٺهيل ادارو ناهي، پر سچ پڇو ته هيءُ مون لاءِ هڪ اَجهو آهي، جنهن ۾ اسان کي آسيس به ملندي آهي ته زندگيءَ جي ابتدائي تعليم به ملندي آهي.
تنهنڪري مان هتي رڳو پڙهڻ جي لاءِ ناهيان ايندي. مان هتي رڳو پنهنجا ساڍا پنج ڪلاڪ گذارڻ جي لاءِ ناهيان ايندي. مان هِتي رڳو پنهنجين ساهيڙين کي ڏسڻ جي لاءِ ناهيان ايندي. مان هِتي رڳو تفريح جي لاءِ ناهيان ايندي، پر مان هِتي زندگيءَ جي معنيٰ سکڻ ايندي آهيان، مان هِتي قومي شعور حاصل ڪرڻ ايندي آهيان، مان هتي پاڻ کي، سنڌ کي، پاڪستان کي ۽ دنيا کي سمجهڻ ايندي آهيان ۽ مان پاڻ کي هِتي ڳولڻ ايندي آهيان. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي نياڻي، سنڌ جي مارئي، سنڌ جي سسئي، سنڌ جي سهڻي، سنڌ جي بختاور ۽ سنڌ جي بينظير، جيڪي اسان کان وڃائجي ويون آهن، سي هِتي ئي ته ڪٿي آهن، هِنن ئي عمارتن جي اندر ئي ته رهن پيون اِهي، جيڪي سڀاڻي هِنن عمارتن مان ئي اُڀري ٻاهر نڪرنديون، ۽ پوءِ سڄي دنيا کي وري چونديون:
تپي ڪندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوين کي،
تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه،
ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه، اَمُرَ مون سين ائن ڪيو.
(ڀٽائي)
مهرباني.
(پهرين سيپٽمبر 2013ع تي سنڌ مدرسته الاسلام جي ملهايل 128هين
سالگرهه جي موقعي تي لکيل ، جيڪا هڪ شاگردياڻيءَ پڙهي)