سبق: اوندهه
هيڊ ماستر ، ڏهه ٻارهن شاگرد، هڪ پيٽوالو
هنڌ: وڻ هيٺان هلندڙ هڪ اسڪول
هڪ وڻ لڳل آهي، جنهن تي لڳل بليڪ بورڊ تي” گورنمينٽ پرائمري اسڪول سُڃ پور“ لکيل آهي. اُن تي شاگردن جي حاضريءَ بابت وڌيڪ تفصيل هِن طرح لکيل آهن:
تاريخ: 10اپريل 2008
شاگردن جو ڪُل تعداد: 65
حاضر: 11
موڪل تي ويل : 20
باقي سڀئي غير حاضر
هڪ نوجوان استاد کي سنڌي ٽوپي ۽ شلوار قميص پاتل آهي. هُو ڪلاس روم ۾ بيٺو آهي. سندس هٿ ۾ موبائل فون آهي. هُو اُن تان ڪو ميسيج ڪري رهيو آهي ۽ مرڪي به رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڪلاس ۾ ڪجهه ٻار هيٺ پَٽَ تي ويٺا آهن. سندن اڳيان ڪجهه ڪتاب پيا آهن. شاگرد هڪٻئي سان مذاق ڪن ٿا. هڪ شاگرد ٻئي شاگرد کي، سِڌَ وٺي چاڪ هڻي ٿو.
ٻيو شاگرد پنهنجي ڀرسان ويٺل ڇوڪري جو ڪتاب لڪائي ٿو.........
استاد جو هِنن ڏانهن ڪو به ڌيان ناهي. هُو پنهنجي ڌُن ۾ مگن آهي. هاڻي هُو ڪنهن دوست جو ميسيج پڙهي ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو. اُن دوران هڪ شاگرد استاد وانگر ڪاغذ جي موبائل ٺاهي، اُن تان ميسيج پڙهي استاد وانگر ٽهڪ ڏئي کلي ٿو.
ان دوران هڪ شاگرد زور سان رڙ ڪري چوي ٿو:
هڪ شاگرد: سائين......
استاد جو ڪنڌ موبائيل ۾ آهي. هيءُ جواب ڏئي ٿو:
استاد: ڇا ٿيو ڇورا؟
هڪ شاگرد: سائين ڪَنَ.......
استاد : اڙي چُپ ڪَر.
ٻيو شاگرد: اَئي.... سائين.......
استاد : ڇا ٿيو ڇورا توکي ؟
شاگرد: ......سائين وَلو..
استاد : مٿو نه کائو، چپ ڪيو .
هڪ شاگرد استاد کي ڏسي کِل ۾ ٻُٽجي وڃي ٿو. هڪ ٻيو شاگرد پنهنجي ڀرسان ويٺل شاگرد کي چوي ٿو:
هڪ شاگرد : تون مون کي فون ڪر ، مان توکي فون ڪيان ٿو.
ٻيو شاگرد: ها ......
پوءِ ٻئي ڪتاب ڪنَ تي رکي هڪ ٻئي کي فون ڪن ٿا:
فون ڪرڻ وارو پهريون شاگرد : هيلو .......
ٻيو شاگرد : هيلو.... آواز نٿو اچي....
پهريون شاگرد : مون کي به آواز نٿو اچي ....
استاد موبائل تان اکيون هٽائي کين چوي ٿو:
استاد: ڇورا ڊسٽرب نه ڪيو . نه ته اهڙو ڪُٽڪو ڏيندو مَانوَ ، جو ياد ڪندئو.
هڪ شاگرد : سائين، سرمد، هالار ۽ پنهون تنهنجي آهل ٿا ڪن .
استاد شاگردن وٽ ايندي:
استاد: ڇورا، توهان نه پڙهندئو.....اڙي اُٿو ....سڀئي اُٿو.....
(ڇوڪرا آهستي آهستي چيلهه تي هٿ رکي اٿن ٿا)
استاد ٽن شاگردن کي وڏي آواز ۾ چوي ٿو:
استاد: اڙي توهان ڪُڪڙَ ٿيو.
(ٻين ٻن کي ): توهان وڻ ۾ مُنهن هڻي بيهو.
(چئن ٻين شاگردن کي ): توهان پَرتي مُنهن ڪري اٿي بيهو.
باقي توهان سڀئي پنهنجين قميصن جا آڳا مٿي ڪري اُنهن ۾ مُنهن لڪائي بيهو.
سڀئي ڇوڪرا ائين ڪن ٿا. اُن دوران هيڊ ماسٽر اچي ٿو. هيڊ ماسٽر کي تُرڪي ٽوپي يا جناح ڪيپ پاتل آهي. هُو ٽهلندو اچي ٿو ته استاد کيس ايندو ڏسي موبائل فون کي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ وجهي ٿو، پر هيڊ ماسٽر کيس ڏسي مسڪرائي ٿو. هيڊ ماسٽر سندس ويجهو اچي ٿو ته استاد کيس سلام ڪندي چوي ٿو:
استاد: السلام عليڪم هيڊ ماسٽر صاحب .
هيڊ ماسٽر: وعليڪم السلام
ڪيئن ٿي پڙهائي هلي استاد؟
استاد: سائين مٿو ته وڏو ٿا هڻئون...
(ان دوران هڪ ڇوڪرو ٻئي کي آهستي چوي ٿو ): موبائل تي....
استاد: پر ڇورا پڙهن ئي ڪونه ٿا. هاڻي به ڪجهه سوالَ پڇيامانِ ته هڪ جو به جواب نه ڏنائون. تڏهن هيءَ سزا ڏني اٿمانِ.
(ٻه ڪڪڙ بڻيل شاگرد ڄنگهن جي اندران هڪٻئي کي ڏسي چون ٿا:
ڪڪڙ بڻيل شاگرد: ڇورا نٿا پڙهن، باقي سائين ته ڏاڍو ٿو پڙهائي....
(اِئين چئي هُو اهڙي حالت ۾ ئي کلن ٿا.)
هيڊ ماسٽر: مارَ سنوارَ آهي استاد! پر هٿ ٿورو هلڪو رکو ڇوڪرن تي .
استاد: ها سائين، پر نه پڙهندا ته سزا ته ملندنِ نه.....
ٻه ڇوڪرا هڪٻئي کي چون ٿا: پڙهائي پاڻ ڪونه، باقي ڏوهه اسانجو.
هيڊ ماسٽر وڃڻ لڳي ٿو ته استاد وري آهستي ڪري کيسي مان موبائل فون ڪڍي ٿو، ته هڪ ڪراڙو شخص (پٽيوالو) چيلهه ٿي هٿ رکي، هڪ هٿ ۾ بيل ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏنڊي کنيو اچي ٿو. هُن کي مٿي تي پٽڪي ٻڌل آهي ۽ شلوار قميص پاتل اٿس. هُو ويجهو اچي موڪل جو بيل وڄائي ٿو. استاد ٻاهر نڪري ٿو، ته ڇوڪرا سزا وارين پوزيشنس مان آهستي آهستي، اٿي اچي پٽيوالي کي ڀاڪر ۾ ڀري ٿا وٺن.
ان دوران هڪ شاگرد کيس چوي ٿو: چاچا مولو! تنهنجي وڏي مهرباني جو اسان جي جان ڇڏايئي .....باقي سائين موبائيل جي جانِ نه ڇڏيندو.
ائين سڀ ڇوڪرا اُٿي بيهي کِلڻ لڳن ٿا.
(10 اپريل 2008ع تي سنڌ مدرسي جي ”شاگردن جي سالياني ڏينهن“
جي موقعي تي لکيل ۽ اسڪول جي ٽيڪنيڪل سيڪشن ۽ ٽالپر هائوس
جي لوور سيڪنڊري سيڪشن جي شاگردن پاران پيش ڪيل)