بابا، مان پڙهندس
پيءُ: (عمر 55 سال)
پٽ: (عمر 15 سال)
هنڌ: غريباڻي گهر جو هڪ ڪمرو
هڪ پوڙهو بستري تي پيل وهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ويٺل آهي، جنهن جي ويجهو سندس پٽ ويٺو آهي، جيڪو سندس پيرن کي زور ڏيندي کيس چوي ٿو:
پٽ: بابا ! منهنجي دل چوي ٿي ته مان هاڻي پڙهائي ڇڏي ڏيان.
پيءُ: (ڇرڪ ڀري، حيرت ۽ ڪاوڙ مان وڏي آواز ۾ چيو): ڇو؟.... ڇو پڙهائي ڇڏيندين؟... هان؟... ڪهڙو سبب آهي؟... ڇا مان توکي اسڪول جي فيس نٿو ڏيان؟ ڇا مون توکي ڪتاب ۽ يونيفارم ناهي وٺي ڏنو؟ ڇا مان توکي اسڪول لاءِ خرچي ناهيان ڏيندو؟ ...هان؟ ٻڌاءِ...
ڪراڙو اُٿي ويٺو.
پٽ: بابا! مون کي اهو سٺو نٿو لڳي ته هِن عمر ۾ به اوهان محنت ڪيو ۽ مان سٺا ڪپڙا پائي اسڪول وڃان؟ مان به اوهان سان ڪم گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.
پيءُ: چپ ڪر...اڳتي جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ڪيئي ته مان توکي معاف نه ڪندس.
پٽ: پر بابا! توهان ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پوندا آهيو، جنهن ڪري اهو مون کان برداشت ناهي ٿيندو.
پيءُ: پٽ! جڏهن تون لکي پڙهي وڏو ماڻهو بڻجندين نه، تڏهن منهنجا سڀ ٿَڪ لهي ويندا. هي ٿَڪ ائين نه لهندا پٽ...(پٽ کي مٿي تي پيار مان ٿڦڪي هڻندي).
پٽ: پر بابا! اسان غريب ماڻهو وڏا ماڻهو نٿا بڻجي سگهون.
پيءُ: ڇو؟ ڇو نٿا بڻجي سگهون؟ ڪنهن چيو آهي توکي ته غريب ماڻهو وڏا ماڻهو نٿا بڻجي سگهن؟....هان؟...ٻڌاءِ...؟
پٽ: بابا! اسڪول ۾ ڪجهه وڏيرن جا ٻار مون سان گڏ پڙهندا آهن نه، اهي پيا چون.
پيءُ: (وري وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويهندي): ڪارو آهي مُنهن انهن جو... تون اِنهن جي ڳالهين ۾ نه اچ... هي اسانجا سرمائيدار، جاگيردار، ڀوتار، خان ۽ سردار ڪڏهن به نه چاهيندا ته ڪنهن غريب جو ٻار پڙهي سندن برابر ٿئي...اهي ئي اسان جا هميشه حاڪم بڻجي رهڻ چاهين ٿا.... پر پٽ، منهنجي هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ...
پٽ: ڪهڙي بابا!؟
پيءُ: توکي سٺي تعليم حاصل ڪرڻي آهي، پوءِ چاهي ان لاءِ مون کي ڪيتري به سخت محنت ڇونه ڪرڻي پوي. بابا ته مون کي پنهنجي غربت جي ڪري ڪا گهڻي تعليم ڏياري نه سگهيو، پر مان تو ۾ پنهنجا خواب پورا ٿيندي ڏسڻ چاهيان ٿو.
پٽ: پر بابا! مان اوهان جا ڏک ڏسي نٿو سگهان.
پيءُ: منهنجا ٻچا، تون منهنجا هي ڏک سنڀالي رکجانءِ.. منهنجي ڏکن جي حفاظت ڪجانءِ...منهنجي ڏکن کي ڪڏهن به نه وسارجانءِ.. منهنجا ڏک تنهنجي رهنمائي ڪندا. منهنجا ڏک توکي تنهنجي منزل ڏيکاريندا، ۽ منهنجا ڏک توکي ٻين به ڪيترن ئي ڏکويل ماڻهن سان ملائيندا، ۽ جڏهن انهن جا به ڏک توکي پنهنجا ڏک لڳڻ لڳندا، تڏهن تون سمجهجانءِ ته تنهنجي بابا جو خواب پورو ٿي ويو.
پٽ: بابا! اسڪول ۾ ڇوڪرا مون کي چيڙائيندا آهن ته مان هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان.
پيءُ : (ڪاوڙ مان): تون هڪ ايماندار هاريءَ جو پٽ آهين، تون ڪنهن چورَ جو پٽ ناهين. تون ته اهڙي پورهيت جو پٽ آهين، جنهن پورهيت کي اسان جي الله تعاليٰ پنهنجو دوست چيو آهي. تنهن ڪري تون پنهنجي بابا تي فخر ڪر ته هو حلال جي روزي ڪمائي ٿو ۽ توکي حلال جي روزي کارائي ٿو.
پٽ: بابا! هاڻي اوهان ڪراڙا ٿي ويا آهيو..الله نه ڪري جو اوهان کي ڪجهه ٿي پوي ته پوءِ....
پيءُ: تنهن ڪري ئي ته پٽ ! مان توکي چوان ٿو ته تون پڙهه. مون وٽ ٻي ڪا ملڪيت ته ناهي، جيڪا تولئه ڇڏي ويندس. مون وٽ ته بس ڪم ڪرڻ وارا ڪي چند اوزار آهن....سو جيڪڏهن تون پڙهندين ته مون کان پوءِ تو وٽ علم جي دولت هوندي، جنهن ڪري تون بک نه مرندين، پر تون ته اڃا به ڪيترن ئي ٻين بک تي ويٺل غريبن جي مدد ڪري سگهندين.
پٽ: بابا! مان ڪڏهن ڪڏهن لِڪي ڏسندو آهيان ته اوهان پنهنجا ڳوڙها اُگهي رهيا هوندا آهيو؟ اهي ڇا جا ڳوڙها هوندا آهن؟
پيءُ: پٽ! اهي ڳوڙها اُن وعدي جا هوندا آهن، جيڪو وعدو مون تنهنجي ماءُ سان ڪيو هو.
پٽ: امان سان اوهان ڪهڙو وعدو ڪيو هو؟
پيءُ: مون هُن سان وعدو ڪيو هو ته، ڇا به ٿي پوي مان پنهنجي پٽ کي پڙهائي لکائي هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو ضرور بڻائيندس. تنهن ڪري مان روئي پنهنجي خداوند ڪريم کان به اها ئي دعا گهرندو آهيان ته، اي الله سائين! مون کي تيستائين جيئرو رکجانءِ، جيستائين مان پنهنجي گهرواريءَ سان ڪيل وعدو پورو نٿو ڪيان.
پٽ: امان ڇو جلدي اسان کي ڇڏي هلي وئي بابا!؟
ان سوال تي هِنن ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ٿا وڃن...ڪجهه لمحن جي ماٺ کان پوءِ پيءُ چوي ٿو:
پيءُ: پٽ ! هوءَ انڪري جلدي هلي وئي جو هوءَ بيمار هئي، ۽ هُن جي علاج لاءِ مون وٽ پئسا نه هئا.
(هاڻي هيءُ جذباتي انداز ۾ اُٿي روئندي چوي ٿو): انڪري ته توکي چوان ٿو ته تون پڙهه پٽ...ائين نه ٿئي جو سڀاڻي تنهنجي زال به تو وٽ پئسا نه هئڻ ڪري مري وڃي.
پيءُ روئڻ لڳي ٿو ته پٽهنس سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چوي ٿو:
پٽ: بابا! مان پڙهندس. اوهان نه روئو... مان وعدو ٿو ڪيان ته مان پڙهندس...اوهان جو خواب ضرور پورو ٿيندو بابا...
ان تي سندس پيءُ ڀرسان پيل اجرڪ کڻي، ان سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي، پٽ کي ڳلي سان لڳائي ٿو. سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي وڃي ٿي. پسمنظر ۾ خوشيءَ جي موسيقي هلي ٿي.
(10 اپريل 2008ع تي سنڌ مدرسي جي ”شاگردن جي سالياني ڏينهن“ جي
موقعي تي اصل ۾ اردو ۾ لکيل ۽ اسڪول جي ٽيڪنيڪل سيڪشن ۽ ٽالپر هائوس
جي لوور سيڪنڊري سيڪشن جي شاگردن پاران پيش ڪيل. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي)