اڄ پڻ اتر پارَ ڏي تاڙي ڪَئي تنوارَ
منهنجا محترم استاد صاحبان
منهنجا سڳن ڀينرن ۽ ڀائرن جهڙا ڀائرو ۽ ڀينرو!
السلام عليڪم!
منهنجي مادر علمي سنڌ مدرسي تي سلام
منهنجي جنم ڀومي سنڌ تي سلام
منهنجي عظيم درسگاهه جا پاسبانو!
اسان جي مرشد ۽ سنڌ سميت سڄي دنيا جي هڪ عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي:
اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
اڄ تاڙي تنواريو آهي. اڄ هارين هَر سنباهيا آهن. اڄ سَنگهار، منهنجا شاگرد ڀائر، سَرها ٿيا آهن، ڇو جو اڄ آسمان ڀرجي آيو آهي، برسات پوندي، کيت کڙندا ۽ مارو خوشحال ٿيندا. اڄ اسان به هڪ نئون کيت کيڙڻ جو سانباهو پيا ڪريون. اڄ اسان به هڪ نئون جهان جوڙڻ جي تياري پيا ڪريون، پر اڄ منهنجي اکڙين وسڻ جا ويس ڪيا آهن. اڄ منهنجيءَ دل وَسڻ جا ويسَ ڪيا آهن. اڄ منهنجي روح جي واديءَ ۾ هڪ وڏي ويڙهاند پئي هلي. اڄ مان پاڻ کي پرچائڻ ۾ پُورو آهيان، اڄ مان پاڻ کان رُسي رهيو آهيان، اڄ مون کي ڪو پرچائي، اڄ مون کي ڪو ڳَلِ لائي.
منهنجا مهربانو!
سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن خوشيءَ جو ڏينهن آهي. سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن کِلي موڪلائڻ جو ڏينهن آهي. سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن هڪ قدم اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن تعليم جي ٻاراڻي سطح ٽَپي ذهني ميچوئرٽيءَ طرف وڌڻ جو ڏينهن آهي، پر مون کي ڪير ٻڌائي ته ماءُ جي هنج ڇڏڻ جو درد ڪيئن برداشت ڪبو آهي؟ امڙ جي گود مان اٿي گم ٿي وڃڻ جو درد ڪيئن برداشت ڪبو آهي؟ پنهنجي جيجل جي آغوش کان الڳ ٿيڻ جو درد ڪيئن برداشت ڪبو آهي؟
سنڌ مدرسو مون لئه جيجل امڙ جيان آهي. هن ئي امڙ جهڙي اداري جي چيچ پڪڙي مون پڙهائيءَ جو پنڌ ڪرڻ سکيو. مون فخر ڪرڻ سکيو ته مان سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جو وارث آهيان. مون سکيو ته مان پاڪستان جهڙي پياري وطن جو وارث آهيان، مون سکيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي اک مان ڳوڙهو وهندي ڏسين ته، ان کي پنهنجي اجرڪ جو پلاند آڇ، جي ڪنهن کي سڏڪا ڀريندي ڏسين ته، ان کي ڀاءُ بڻجي آٿت ڏي، جي ڪنهن رستي تي ڪنهن انسانيت جي تذليل ٿيندي ڏسين ته، ان هٿ کي روڪ.
مون اهو نه سکيو ته، مان نفرت جي کيتن کي ريج ڏيندس، مون اهو نه سکيو ته، مان تقسيم در تقسيم جي پرچار ڪندس، مون اهو نه سکيو، ته مان آڳ ڀڙڪائيندس ۽ گلڙن کي ڀسم ڪندس. مان آرائين بڻجي گُل آڇيندس، محبت جي پرچار ڪندس. ٻانهون ٻڌي ليلائي رُٺلن کي پرچائيندس، ڇو ته هن ڌرتيءَ کي پرتل ڀائرن ۽ ڀينرن جي ضرورت آهي. هن ڌرتيءَ کي پيار جي ضرورت آهي. هن ڌرتيءَ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضرورت آهي.
منهنجا مهربان سامعين!
اوهان مون کان نه پڇو وڇوڙي جو درد، اوهان مون کان نه پڇو ته، جڏهن ڪو گُل پنهنجي ٽاريءَ کان ڇڄندو آهي، ته اهو ڪيئن ڪومائجي ويندو آهي؟ اوهان مون کان نه پڇو ته جڏهن وڏن جي ٻاجهه جي هٿ جي ڇانوَ مٿي تان هٽندي آهي، ته نٽهڻ اس جي تپش ۾ ڪو يتيم ٻار ڪيئن جلڻ لڳندو آهي؟ اوهان مون کان نه پڇو ته، جڏهن روشني کسبي آهي، ته اوندهه ۾ ڪيئن رهزنن جي رهزني گهاوَ ڏيندي آهي؟
مهربانو!
سنڌ مدرسو مون لئه اهڙو ادارو نه هيو، جتي رڳو ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري چئبو آهي ته، ”چڱو ٿيو، اسڪول مان جان ڇٽي.“ اسان وٽ اسڪولَ جو تصور سٺو ناهي. اسان وٽ ڪاليج وڃڻ کي معتبري سمجهيو ويندو آهي. اسان وٽ اسڪول کي قيد ۽ ڪاليج جي زندگيءَ کي آزادي سمجهيو ويندو آهي.
پر منهنجا محترم سامعين!
مون لئه ته هيءَ جاءِ به ڄڻ ڪا عبادت گاهه آهي. مون لئه هن اداري جي خاڪ به شفا آهي. مون لئه هن اداري جي استادن جي مار به مسيحائي رهي آهي. مون لئه هن اداري جون سختيون به راحت برابر رهيون آهن.
پر منهنجا معتبر مهمانو!
اڄ مان سمجهان ٿو ته مان يتيم ٿي رهيو آهيان. اڄ مان سمجهان ٿو ته، مان بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جي پناهه مان نڪري هڪ ويراني جي سفر تي وڃي رهيو آهيان. اڄ مان سمجهان ٿو ته هاڻي منهنجي زندگيءَ جو اصل امتحان شروع ٿي رهيو آهي.
گهڻيون ئي مستيون ڪيون سين، گهڻيون ئي شرارتون ڪيون سين، گهڻا ئي انگل ڪياسين، گهڻائي لاڏلا ٿي رهياسين، پر هاڻ زندگي پنهنجي اصل روپ ۾ منهنجي اڳيان ايندي. اها زندگي تلخ به هوندي، ته اها سخت به هوندي. اها بيرحم به هوندي، ته اها بي رياءُ به هوندي، پر ان کي مُنهن ڏيڻو پوندو ۽ مُنهن ڏينداسين.
معزز سامعين !
اڄ مان پاڻ کي ذهني طور وڏو ٿيندي محسوس ٿو ڪيان. اڄ مان پاڻ کي هڪ وڌيڪ ذميوار نوجوان ٿو سمجهان. اڄ مان پاڻ کي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم جي لاءِ وڌيڪ جوابدار ٿو سمجهان، ڇاڪاڻ جو اڄ جڏهن مان اداس حالت ۾ سنڌ مدرسي جي مکيه عمارت جي ڪاريڊور ۾ رٺل حالت ۾ هڪ ٺُل سان ڪنڌ لڳائي بيهي پنهنجا ڳوڙها پي رهيو هيس، پاڻ کي پرچائي رهيو هئس، ته ان ويلي منهنجي هن مادر علميءَ منهنجي ڳل تي ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”پٽ! نه روءُ، مون کي پنهنجا روئندڙ ٻار ناهن وڻندا. ڏس، تو اڄ هڪ وڏي وک کنئي آهي. اڄ تون پنڌ ڪرڻ سکي ويو آهين، هاڻي تون کَٽ جي ٻَانهين پڪڙي پنڌ نه ڪندين، تون منهنجي چيچ پڪڙي پنڌ نه ڪندين، پر هاڻي تون پنهنجن پيرن تي بيهندين، ڊوڙندين ۽ دور ويندين... سو وڃ... اڳتي وڃ... وڌ ... اڳتي وڌ... هو ڏس، پريان تنهنجو هڪ ڀاءُ بيٺو آهي. هُن جي تَن تي ليڙون ليڙون لَٽا آهن، هُن جي اکين ۾ خوابن جي ويراني آهي، هُن جي دل چَير چَير آهي“.
”۽ .. او ... هُو ڏِسُ... تنهنجي ڀيڻ بيٺي آهي. ننڍڙي پتڪڙي ڀيڻ. اُن جي وارن ۾ چيڙهه آهي. ان جي هٿن ۾ ڀڳل رانديڪا آهن ۽ هُوءَ روئي روئي بيحال ٿي ڪِري پيئي آهي. انهن ٻارن هينئر تائين پيٽ ڀري ماني به ناهي کاڌي... وڃ... ۽ وڃي ان قابل ٿيءُ، جو پوءِ تون انهن کي نوان لٽا اوڍائي سگهين، انهن جي وارن مان چيڙهه ڪڍي سگهين، انهن جي چهري تي چانڊوڪي لاهي سگهين ۽ انهن جي اکين ۾ ڳوڙهن جي مالهائن بدران نئين زندگيءَ جي جوت جلائي سگهين. جڏهن تون اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ٿي ويندين ته پوءِ مان توکي پنهنجي پڙهائيءَ جي ٿڃ بخشينديس. نه ته مان توکي پنهنجو نه ڪنديس“.
تنهنڪري منهنجي، عظيم درسگاهه جا مهمانو ۽ ميزبانو!
مان پنهنجي هن عظيم مادر علميءَ سان وچن ڪري، اوهان کان موڪلايان ٿو - ۽ پنهنجي هن جيجل کي اهو يقين ٿو ڏياريان ته، ”منهنجي جيجل امڙ، مٺڙي امڙ، ڏاهي امڙ، مان تنهنجين نصيحتن تي عمل ڪندس، مان تنهنجن ٻچن جا ڳوڙها اگهندس، مان هن ديس جي خوشيءَ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندس، مان خوشين جي پرورش ڪندس، ۽ جڏهن مان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندس ته پوءِ مان تو وٽ واپس ايندس، سرخرو ٿي ايندس، تنهنجن اڳين پُٽن جيان. پر منهنجي امڙ، پوءِ مون کي نه روڪجانءِ، مان تنهنجي گود ۾ ڪنڌ لاڙي، ڍنڍڪرون ڏيئي روئڻ چاهيندس، مان پنهنجي دل تان سالن جي سنڀاليل بار کي لاهڻ چاهيندس، مان روئڻ کان روڪيل پنهنجين اکين کي ان ڏينهن آزاد ڪرڻ چاهيندس، مان اُن ڏينهن روئي به خوش ٿيڻ چاهيندس، ڇاڪاڻ جو اُن ڏينهن منهنجا ڳوڙها خوشيءَ جا ڳوڙها هوندا - ۽ اڄ منهنجا ڳوڙها، منهنجي غم جا ڳوڙها آهن.
سڙهه سنوان، لاڄو نوان، مهاڻا سندن مير،
ساٿي سفر هليا، ٿيا سڻاوا سير،
جي اچن ساڻ اڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين.
(ڀٽائي)
الله واهي.
(9 اپريل 2008ع تي ڏهين ڪلاس جي شاگردن
جي مان ۾ منعقد ٿيل الوداعي تقريب جي موقعي تي لکيل)