مخمور رضا ۽ وائي
وائي شاهه سائينءَ کان به اڳ جي صنف آهي، پر شاهه سائينءَ وائيءَ جي بي جان بت ۾ نئون ساهه وڌو، سندس وايون پڙهي روح کي راحت ملندي آهي، اڪثر ڪري سندس واين ۾ صوفياڻو رنگ حاوي هوندو آهي
يار سڄڻ جي فراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئُون مارِي!
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئِين جو هوندا، مُون جيها مُشتاقَ؛
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آه حُسنَ جِي هاڪَ؛
سُرمو سَهِي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ؛
عبداللَّطِيفُ چئي، پرين اَسانجو هميشه آ حُسناڪُ.
شاهه سائين کان پوءِ سچل سرمست، روحل فقير، صوفي صادق، شاهه شريف ڀاڏائي، قادر بخش، مصري شاه، حمل فقير ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن وائي لکي آهي، جديد دؤر ۾ شيخ اياز سڀ کان وڌيڪ وايون لکيون، سندس ڪتاب “لڙيو سج لڪن ۾” سندس واين جو خالص ڪتاب آهي. رحمت پيرزادي پنهجي مضمون “وائي شاهه لطيف کان سعيد ميمڻ تائين” ۾ لکيو آهي ته “انسان جنهن جڳهه تي پنهنجو وجود وڃائي خواهش جي حاصلات لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ٿو، وائي اتان شروع ٿئي ٿي.” رحمت پيرزادي جو وائيءَ مطابق اِهو رايو پڙهي مان حيران ٿي ويس ۽ احساس ٿيو ته هي وائيءَ متعلق اڄ جي نوجوان جو رايو آهي، هڪ بنهه پراڻي ڪلاسيڪل صنف تي جڏهن جديد دؤر جو ڪوئي شاعر راءِ ڏيندو ۽ اُن کي جديد اک سان ڏسندو ته اهو رايو ائين ڇرڪائي ڇڏيندو آهي.
اڄ جڏهن مخمور رضا جي واين جي ڪتاب “صحرا جهڙا خواب” متعلق لکي رهي آهيان ته تمام سٺو محسوس ڪريان پئي، اڄ جو نوجوان شاعر پنهنجي ڪلاسڪ سان ڪيڏو نه سلهاڙيل آهي، مخمور رضا جا پهريان به غزلن جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، مخمور جي شاعري جي خاص ڳالهه سندس ڌيمو ۽ سادو لهجو آهي اگر مان چوان ته هُن خود کي سدائين شهرت کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي شاعريءَ ۽ مطالعي ڏي توجهه ڏني آهي ته ان ۾ ڪو وڌاءَ نه هوندو، مخمور رضا مشاعرن، پروگرامن، سيمينارن ۾ وڃڻ کان لهرائيندو آهي، ۽ لاڙڪاڻي کان پري وڃڻ ته هن لاءِ ڄڻ ممڪن ئي ناهي هوندو، مخمور جي ڪُل ڪائنات سندس ننڍڙو دڪان آهي، گهر کان دڪان ۽ دڪان کان گهر وڃڻ جيتري ننڍڙي مفاصلي ۽ ننڍڙي ڪائنات ۾ مخمور شاعريءَ جي گونان گون جهان ۾ لهندو چڙهندو رهي ٿو، غزل بعد هاڻ وائي جهڙيءَ ڪلاسيڪل صنف تي سندس ڪتاب اچڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته دڪان کان گهر ۽ گهر کان دڪان ويندڙ رستو مخمور لاءِ هڪ سرسبز ۽ شاداب پهاڙن تي ڦهليل ڪا وسيع زمين آهي، جتي سندس سوچ ڪنهن پهاڙي نار جيان آزاد ۽ مست الست جهومندي ٿي رهي.
ساهن سان محبوب جون
يادون چمندو هان
وضو ڳوڙهن سان ڪري
چيرل دل کي آس جا
ٽاڪا هڻندو هان
وضو ڳوڙهن سان ڪري
ڪيڏي نه خوبصورت وائي آهي، جديد رنگ ۾ اهڙي وائي مون گهٽ ئي پڙهي آهي، ڳوڙهن سان وضو، پاڪيزگيءَ جو استعارو آهي ۽ محبوب جون يادون ٽٽل دل ۽ گهايل روح آهي جيڪو اڄ جي هر حساس ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي، “آس جا ٽاڪا” پڻ اميد، آس ۽ دنيا کي positive اک سان ڏسڻ جو استعارو آهي ته ڪيڏيون به مايوس ڪندڙ حالتون هجن انسان کي اميد ۽ آس سُٺي رکڻ گهرجي، ۽ محبوب جي وصل لاءِ آس جو ٽاڪو دل ۾ موجود هجڻ ضروري آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو:
اڃان محبت مئي نه آهي
سُئي به آهي سڳو به آهي
اڃان ته ياري ڪشيدا ڪاري
نئي اڻت جا پيار آهي
سندس هڪ ٻي وائي آهي
چمن منهنجي چپن کي ٿا
اڪيرن مان سکيءَ جا ڳل،
ڏسي ڪمرو پيو مهڪي.
ٽٽن ٿيون چوڙيون ٻک ۾
۽ گجري مان ڇڻن ٿا گل
ڏسي ڪمرو پيو مهڪي
وصل ۾ سرشار شاعر کي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪمرو به خوشيءَ ۾ مهڪي پيو آهي، سچ ته ڪمري جي اک اسان جي ڏک سک ۽ اداسي ۾ سرشار سڀ جي ساٿي هوندي آهي جو چوڙين ۽ گجرن جو ٽٽي پوڻ وري وائيءَ جهڙي صنف ۾ ائين ڪم آڻڻ سچ ته مخمور جو ئي ڪمال آهي، اهڙي شاندار وائي لکڻ تي کيس مبارڪباد پيش ڪيان ٿي. نهايت سادن لفظن ۾ جذبن ۽ احساسن جو هڪ سمنڊ هن وائيءَ ۾ ڇوليون هڻندو نظر اچي ٿو. مخمور جي وائي “ڪنهن گهايل آهي ڪيو” ۾ اسان کي معاشري جا مختلف رويا نظر ايندا، اڄ جي دؤر جو درد، پيڙا ۽ سماج جي بي حسي به هن وائيءَ ۾ نظر اچي ٿي سڄي وائي هڪ گهرو درد آهي جيڪو دل ۾ لهندو ٿو وڃي.
آئيندي جو عڪس
ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟
سرخ وهيل رت روڊ تي
پڇي ٿو هر شخص
ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟
هي بد نظرن سان ڇُهي،
رقاصه جو رقص
ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟
مان سمجهان ٿي جديد شاعريءَ جو بهترين مثال آهي مخمور جي هيءَ وائي جنهن ۾ صرف سنڌ ڌرتيءَ جي ڳالهه ناهي پر اڄ جي دؤر ۽ سڄي دنيا ۽ سماج جو ذڪر آهي، مخمور نهايت خوبصورت وايون لکيون آهن جن ۾ شاعراڻو حسن، فن جو ڪمال، جذبن جو سچ، سماج جو آئينو، رقاصه جو درد ۽ وائي جي خوبصورت گهاڙيٽي ۾ ڪيل تجربا سندس ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا، صرف هڪ ئي صنف ۾ ڪتاب پڙهندڙ کي بور ڪري ڇڏيندو آهي پر مخمور جون وايون بار بار پڙهڻ سان نيون نيون دنيائون کڻي اچن ٿيون، جيڪي اسان جي دل کي سيراب ڪري من کي راحت جي پينگهه تي لوڏي ڇڏين ٿيون،
پنهنجو خون ڪيان
ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟،
کولي بوتل زهر جي
زم زم جيئن پيئان
ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟،
هڪ ٻي وائي
جيئڻ جان انسانن کان
خواب ڇنڻ وارا
توکي آدم ڪيئن چوان؟
مسجد، مندر،چرچ اندر
بم رکڻ وارا
توکي آدم ڪيئن چوان؟
هڪ ٻي خوبصورت وائي ڏسو ڪيڏي نه جدت آ ان ۾.
لمحو لمحو ڄڻ
ڊرامي جو ڪو سِينُ آ،
الجهيل سوچن ۾ ڪوي
چپ ۽ ڪمرو ڄڻ
ڊرامي جو ڪو سِينُ آ،
ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾
ويندڙ پوڙهو ڄڻ
ڊرامي جو ڪو سِينُ آ،
هن وائي ۾ منظر نگاري ڪمال جي آهي، سوچن ۾ گم هڪ ماڻهو، خاموشي ۽ ڪمرو هڪ مڪمل منظر جيڪو ڪيڏو نه اداس آهي ۽ وري ڪوهيڙي ۾ پوڙهو شخص جيڪو ڪڏهن ظاهر ۽ ڪڏهن غائب آهي، هي سڀ جديد وائيءَ کي ڪمال تي رسائي ٿو ڇڏي، سندس وائي جو هي بند ڪيڏو نه خوبصورت آهي،
کڙيا هن ساهه ۾ جيڪي
انهن سڪ جي گلابن مان
سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.
وائيءَ ۾ وراڻيءَ جي خاص اهميت هوندي آهي، مخمور جي هر وائيءَ جي وراڻي به وڻندڙ آهي جن ۾ نوان ۽ اڇوتا خيال نظر اچن ٿا، جن ۾ جدت سان گڏ احساس ۽ جذبو به آهي.اُهي سڄي وائيءَ جي هر شعر جي مفهوم کي وڌيڪ واضح ڪن ٿيون،
مخمور جي هڪ وائي“پياري ڏاڏي ياد آ” پڙهي مون کي پنهنجي ڏاڏي ياد اچي وئي، جيڪا پڻ پن جون ٻيڙيون ڇڪيندي هئي، هي وائي لکي ته ڏاڏيءَ جي ياد ۾ وئي آ پر ٻهراڙيءَ جي خوبصورت عڪاسي هن وائيءَ جو حسن وڌائي ڇڏي ٿي، ڳوٺاڻو ماحول ۽ ڳوٺ ۾ استعمال ٿيندڙ ٺيٺ سنڌي لفظ هن وائيءَ کي املهه بڻائن ٿا، وائي ڏسو!
ڏُڌ ولوڙيندڙ
پياري ڏاڏي ياد آ
ڇڪي پن جون ٻيڙيون
جيءُ جهنجهوڙيندڙ
پياري ڏاڏي ياد آ
مخمور جي هڪ ٻي وائي مثال طور هتي ضرور ڏيندس، جنهن جو پهريون بند ته ڪمال ئي آهي، ته من ۾ هرڻيءَ جهڙي اُڇل صحرا جهاڳيندي ٿي رهي،
ڪنهن لئه جهاڳي ٿي اڃان
هرڻي اندر جي
صحرا جهڙا خواب هي
مخمور جي شاعريءَ ۾ جتي محبوب جو وصل، فراق، حسن، عشق، جستجو ۽ فطرت جي خوبصورتي نظر ايندي آهي اُتي سندس شاعريءَ ۾ ديس ڌرتيءَ جو درد، پيڙا، ماڻهن جا ڏک، سور ۽ غميون، خوشيون سڀ حسناڪيون نظر اينديون آهن، عورتن لاءِ به سندس شاعريءَ ۾ خاص جذبو هوندو آهي. هو عورت کي ڪنهن خوبصورت چيز وانگي سمجهي هن جي حسن جي رڳو تعريف ناهي ڪندو بلڪه معاشري ۾ عورتن سان جيڪو روِيو آهي ان متعلق به هميشه آواز اٿاريندو آهي، سندس ڇپيل ٻنهي ڪتابن ۾ اهڙا غزل موجود آهن، جيڪي عورتن تي ٿيندڙ ظلم بابت لکيا ويا آهن ۽ هاڻ واين جي هن نئين ڪتاب ۾ عورتن لاءِ پڻ سخت لهجي ۾ آواز اٿاريل آهي.
ڪانئر بزدل جي هٿان
ٽڪرا ٿي مرنديون
ڪيسين ٻاگهيون ديس جون،؟
هيسيل هيسيل هر گهڙي
ساهه پيون کڻنديون
ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟
مخمور رضا اڄڪلهه نوجوانن شاعرن ۾ تمام گهڻو لکي رهيو آهي ۽ خاص ڳالهه اِها آهي ته هو تمام سٺو لکي رهيو آهي، نه ته عام طور تي گهڻ ئي معيار کي ڇيهو رسائيندي آهي پر مخمور خيال رکندو آهي ته هو معياري ۽ سٺو لکي.
وائيءَ جهڙي صنف تي سندس ڪتاب سنڌي جديد شاعريءَ جي ڪينواس کي نه صرف وسيع ۽ خوبصورت بڻائي ٿو پر ڪلاسيڪل صنفن ڏانهن نوجوانن جو لاڙو پڻ سنڌي ادب لاءِ هڪ سٺو سوڻ آهي.
منهنجي دعا آهي ته مخمور اهڙا کوڙ ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيندو رهي، ۽ خدا تعاليٰ کيس سٺي صحت وڏي حياتي عطا فرمائي (آمين)
[b] سنڌو پيرزادو
[/b]