مھاڳ: اخلاق جي ڪھاڻيءَ ۾احساس محرومي
سندس ڪھاڻيءَ ۾ هڪ پئراگراف آهي: (جڏهن شيو مھراج ڪيلاش پربت تي ويھي پنھنجن وارن ۾ گنگا پئي لائي، چوڌاري وڄ، کنوڻيون، گوڙ، هيو تڏهن مان ننڍڙو نيري نڪر ۾ وڏي پٿر جي اوٽ وٺي سڀ ڪجهہ بيٺي ڏٺم-)
جنھن پل اهو پئراگراف پڙهجي ٿو تہ سوچ اچي ٿي وڏي پٿر جي اوٽ وٺي بيٺل ڪھاڻيءَ جو ڪريڪٽر نيري نڪر ڇو اوڍيل آهي!!؟ ڪنھن ٻئي رنگ جي ڇو نہ؟ تڏهن ذهن ۾ هڪ خيال اچي ٿو تہ ڪٿي اخلاق انصاري جي ننڍي ڄمار جو Complex نيري نڪر تہ نہ رهي آهي جيڪا هو ان عمر ۾ پائي نہ سگهيو هجي ۽ اڄ جڏهن اخلاق انصاري 28 سالن جو ٿي چڪو آهي، باوجود ان جي بہ نيري نڪر جو رفليڪشن سندس ڪھاڻي ۾ ڪنھن نئين ورتل مٽ مان سمندڙ پاڻيءَ وانگر سندس ذهن جي سيرن مان سمي ڪھاڻيءَ جو پيراگراف بڻجي ويو هجي پنھنجي سوچ جي وضاحت چاهيندي مان اخلاق کان هڪ ڀيري پڇيو هو ”اخلاق تون پنھنجي ٻار کي نيري رنگ جي نڪر ڇو پارائي آهي؟ اخلاق وراڻيو هيو – نيري نڪر منھنجي ننڍي هوندي جو Complex آهي، تنھن گهڙي مون سوچيو هيو تہ ڇا پوري اڻپوري ماڻھوءَ جي هيروئن ڪٿي اخلاق انصاري تہ ناهي جو هوءَ ٻارن کي پيدا ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چئي ٿي مان پنھنجا ڪامپليڪس انھن ۾ نہ ٿي وجهڻ چاهيان-
اڇا – جيڪڏهن اهڙي ئي ڳالھہ آهي تہ پوءِ اخلاق جون سموريون رومانٽڪ ڪھاڻيون، ان ڪھاڻيءَ جي ڪردار وانگر آهن، جيڪو بيحد رومانٽڪ خط لکي، لفافي ۾ بند ڪري. لفافي تي پنھنجي ئي گهر جي ايڊريس لکي، پوسٽ ڪري پنھنجي خطن جو انتظار ڪندو هو.
پر هروڀرو ائين بہ ناهي. مون کي خبر آهي تہ اخلاق يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ هڪ بي حد سگهارو رومانس ڪيو هيو – هڪ اهڙي ڇوڪري سان جنھن سان رومانس ڪرڻ جون سڌون سانڍي ڪيترائي سڌڙيا سنڌ يونيورسٽيءَ جا روڊ چٽيندا رهيا-
۽ سچ تہ اهو آهي جو ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا روڊ چٽڻ وارا ڇوڪرا بہ خوش نصيب هئا – ها سائين ان زماني جي يونيورسٽي ائين ڪونہ هلي جيئن اڄ ٿي پئي آهي. نہ سڏ نہ پڙاڏو ڄڻ سڀ مري ويا هجون. رستي تي گهمندي بہ ڊپ پيو ٿئي تہ ڪٿي ڪو سپاهي چماٽ نہ هڻي ڪڍي هاڻ تہ يونيورسٽيءَ ۾ گهمندي بي ڏوهي بہ پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳي ٿو – جيڪڏهن توهان يونيورسٽيءَ جي اوج کي ڏسڻ چاهيو ٿا تہ اخلاق جون ٻہ خوبصورت ڪھاڻيون پڙهي سگهو ٿا. هڪ ”پورو اڻ پورو ماڻھو“ ٻيو ”اڪيلو ڪمرو ۽ سيلف پورٽريٽ“ انھن ٻنھين ڪھاڻين جو ماحول ڪيڏو بہ فرسٽيڊ ڇو نہ هجي پر پوءِ بہ اڄ جي سنڌ يونيورسٽيءَ کان گهڻو رليڪسڊ آهي، ۽ ان زماني جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ آهن.
اخلاق جي ڪھاڻيءَ ۾ رفرنس: اخلاق عملي ڄاڻ جي لحاظ کان ايترو اڳتي وڌيل آهي جو مون جھڙا ماڻھو هن جي آڏو پاڻ کي ڄٽ ۽ وائڙو محسوس ڪندا آهن – سائنس – سوشالاجي – سياست – ادب – هو گهڻو اڳتي وڌيل ۽ مٿي بيٺل آهي ان سبب جي ڪري ئي سندس ڪھاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي مٿين مڙني سبجيڪٽن جا رفرنسز شامل هوندا آهن. مان جڏهن بہ اخلاق جي ڪھاڻي پڙهي آهي. تہ مون کي پوري اڻ پوري ماڻھوءَ واريءَ ڪھاڻيءَ جو هڪ پئراگراف ڏاڍو ککندو آهي – جنھن ۾ هيروئن هيرو کي چئي ٿي ”تون ئي تہ چوندو آهين تہ اسان ۽ هي سڀ سلسلا Frame of refrence ۾ بند آهن، جيڪا شي ٻئي جي حوالي سان سڃاڻي وڃي، ان جي ڪھڙي اهميت؟“
۽ سچ تہ اهو آهي جڏهن اخلاق جي آرٽ ۽ ڪرافٽ جي لحاظ کان مڪمل ڪھاڻي هلندي هلندي ڪنھن رفرنس وٽ اچي اٽڪي بيھندي آهي – تڏهن سندس آرٽ ۽ ڪرافٽ پنھنجي سموري اهميت وڃائي ڪو معلومات جو ڪتاب ٿي پوندو آهي تڏهن مون کي اخلاق جي گهڻي ڄاڻ تي چڙ ۽ سندس آرٽ تي ڏک ٿيندو آهي –
اهڙو احساس اخلاق جي پنھنجي لاشعور ۾ بہ شايد ويٺل آهي، تڏهن ئي تہ سندس ڪھاڻي ”ڏک: اڻکٽ سلسلو“ ۾ ڊونا ڪھاڻيءَ جي هيروئن اخلاق کي چئي ٿي ”ڇو.... تون پاڻ کي ائين ڇو ٿو سمجهين تو وٽ ڇا ناهي. تون ذهين آهين شاعري کان وڌيڪ مئٿميٽڪس جھڙي ٽف سبجيڪٽ تي بہ آسانيءَ سان ڳالاهي سگهين ٿو.“
۽ اهائي ڄاڻ، ذهانت هن جي تخليق ۾ جڏهن ڪاهي پئي ٿي تہ ڪھاڻيءَ مان ڪھاڻيءَ جو چس نڪري ٿو وڃي.
اخلاق وڏو ڪھاڻيڪار: مان پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو، اخلاق جيڪڏهن فل ٽائيم ڏي تہ اسانجي ٽھيءَ ۾ اخلاق کان وڌيڪ ٻيو شايد ئي ڪو سگهاري ڪھاڻي لکي سگهي. سندس جيڪي بہ ڪھاڻيون لکيل آهن سي گهڻي ڀاڱي سنڌ يونيورسٽيءَ جي زماني جون لکيل آهن جتي هو فزڪس جو شاگرد هيو، صبح جو فزڪس جو پرچو ڏئي ايندو هو ۽ امتحان جي انٽرويل وارن ڏينھن ۾ ڪنھن شام جو ڪھاڻي بہ لکي وٺندو هو. ۽ منھنجو پنھنجو ذاتي خيال آهي تہ ڪھاڻي ائين ڪڏهن مڪمل ناهي سرجي سگهبي – ڪھاڻي تي فل ٽائيم جاب آهي انٽرويلن ۾، لکيل ڪھاڻي ٻارن ۾ پنجن وچڙندڙ خطرناڪ بيمارين وانگر ڪھاڻيءَ کي اپاهج ڪري ڇڏيندي آهي – سو پيارا پڙهندڙو منھنجو اهو ايمان آهي تہ اخلاق جڏهن بہ ادب کي فل ٽائيم ڏيندو – تڏهن اسان جھڙا گهٽ پڙهيل وائڙا ليکڪ سندس ڪھاڻي پڙهي چپ چٽيندا رهجي ويندا.
اخلاق جي ڪھاڻين ۾ احساس ۽ آرٽ: اخلاق جي ڪھاڻي پوري اڻپوري ماڻھو ۾ آهي ”ها، مون کي بہ دنيا جي نقشي ۾ مختلف ملڪن جي نقشن کي ڏسندي لڳندو آهي. هر ملڪ ماڻھو آهي، اڇو، ڪارو، بندرو، ڊگهو، هر ماڻھوءَ جي هٿ ۾ خنجر، تلوارون، رائفلون، بم ۽ منھن تي ڪاوڙ آهي.
(هاڻي هتي) اخلاق ڪنھن تاريخ ڪنھن مئٿالاجي يا فزڪس مان اڳ چيل / لکيل ريفرنس نہ کنيو آهي. پر مٿيان جملا اخلاق جي پنھنجي بلڪل اون ڪريئيشن آهي. جيڪي اڳتي هلي ريفرنس بڻجي ويندا ۽ هڪ سٺي ليکڪ جو ڪم ئي اهو هوندو آهي تہ هو ريفرنس تشبيھون – توڻي مٿس پاڻ تخليق ڪري ايندڙ ماڻھن لاءِ يا سندس ساڳي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار پنھنجي ڏک کي لڪائڻ لاءِ. چپن کي گول ڪري سيٽي وڄائڻ لڳي ٿو اهڙي قسم جي ڳالھہ ڪو حساس ليکڪ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. تہ ماڻھو ڏک مٽائڻ لاءِ ظاهري طرح سيٽي بہ وڄائيندو آهي جڏهن تہ ان وقت سندس من ۾ دک جون هزارين سيٽيون هڪ منو وڄنديون آهن اخلاق جي ڪھاڻي ”ڏک اڻ کٽ سلسلو“ ۾ بہ تشبيھون آهن جنھن ۾ موت کي بليڪ باڪس سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ ذهن کي ان ڪرندڙ هوائي جھاز سان ڀيٽيو ويو آهي، جيڪو ڪرڻ وقت جنھن مان يا سندس ڪھاڻي S.O S جا آواز ايندا آهن. يا سندس ڪھاڻي ”ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي“ ۾ ڪھاڻيءَ جو هيروئن کي چوي ٿو: ”مان هنداڻي جيان ڪنھن گل مان ڦٽي نڪتو آهيان“ اخلاق جي ان جملي ۾ هڪ ئي وقت آرٽ ۽ ڪرافٽ جو ڪمال آهي، يا ساڳي ڪھاڻيءَ ۾ پلستر لٿل ڀت کي ڪوڙھہ سان ڀيٽيو آهي –
اخلاق جي ڪھاڻين ۾ هڪ سٺي پڙهندڙ کي اهڙا ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ نيون تشبيھون ۽ انساني احساس سان ڀرپور منظر ڪشي بہ محسوس ڪرڻ لاءِ ملندي - ۽ اها ئي هڪ حساس باشعور ۽ تخليقي سگهہ رکندڙ ليکڪ جي سڃاڻپ هوندي آهي.
طارق عالم
1987 – 7 – 15
B – 26 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو