نڀاڳو
نفرتن جو انت، پوءِ ٿي محبت جي منزل- پر هن لاءِ نفرتون آسمان وانگر اڻ کٽندڙ پيڙا جي پاڇاون کان سڪون جي سرحد. پر نڀاڳي ماڻھو کي سڪون ڪٿي (شايد مون کان پوءِ) راتيون جاڳندو آهي، اکين هيٺان ڪارا نشان اوجاڳي جا شاهد ئي تہ اٿس. اوجاڳو ڇا کان ٿو ڪري؟؟ پيڙا جو اٿس. پيڙا جو انت تڏهن ٿيندو جڏهن نڀاڳي جو ٺپو لھيس. نڀاڳو تڏهن ٿيو جڏهن ڄميو ئي مس تہ ماڻس مري ويس، سڄي گهر ۾ روڄ راڙو، ٻيا ماڻس جي مرڻ ڪري پئي رنا ۽ هي وري پنھنجي ڄمڻ جي ڪري ڇڙيون پئي هنيون.
ماسي پالڻ لڳس، ڏهن سالن جو اچي ٿيو. هڪ رات اچي تہ ورايس. ماسيھنس ملان ملوڪ کان وئي ڌاڳو وٺڻ تہ ڪک ڪکي ويس. بس جبل ڪريس مٿان ڪريس سڀ نڀاڳي هئڻ ڪري بڇان پيا ڪنس، ماسي هئس اها بہ ويس- ڇا ٿيندس؟ ياد اٿس- ماسيھنس جي مرڻ تي پڦي اوڇنگاريون ڏئي پئي رنو، هي اڻڄاتل پيار کان پڦي ڏي ويو. پڦي ڇڙٻ ڏيندي چيس: ”نڪر هتان نڀاڳا، ماسي ۽ ماءُ ماري هاڻ اچي منھنجي ڪڍ پيو آهين، نڪر هتان نڀاڳا شل ٽنگ ڀڄئي، پئو وڃي دوزخ ۾.“ چوڌاري ڏٺائين نفرتن جون ڄڀون، سمجهيئين ان ۾ سڙي مري ويندو ڄڻ تہ دوزخ هئس.
اتان ڊوڙندو، سڏڪندو، وار پٽيندو، ٻانھن ۾ چڪ هڻندو، واڙي ڏانھن آيو. در مس ٽپيو تہ ڪڪڙ ڪُ ڪُ ڪُ ڪُ ڪري چوزن کي پيرن هيٺان پئي لڪايو ڇرڪ نڪري ويس ڄڻ تہ ڪنڊو لڳس. زبان مان نڪتو هئس ”مان.... مان نڀاڳو آهيان نہ، مون سان رهندي تہ مري ويندي، پوءِ وڏي اوڇنگار ڏئي وڃي ڪتر جي کوڙ تي ڪريو، سڏڪندي سڏڪندي ننڊ اچي ويس. ٻيو ڪٿي بہ هن جي رهڻ لاءِ ڪنڊ خالي ڪانہ هئي ڪنھن کي بہ هن سان پيار ڪونہ هو. ساڻس ڳالھائيندو بہ ڪير ڪونہ هو- نڀاڳو جو ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ پنڌ ٿيس جهنگ ڏانھن، ڇاڪاڻ تہ مامھنس ڏنس وڇ، جنھن جو نالو رکيائين ”ڀوري.“
باک ڦٽڻ مھل جڏهن نمن ۾ جهرڪين جي چين چين هوندي آهي، جڏهن گهرن ۾ مائرون ٻارڙن لاءِ مکڻ ڪڍڻ لاءِ ڏڌ ولوڙينديون آهن، ان وقت هي ڪھاڙي ساڻ ڪري وڇ ڪڍي ويندو جهنگ- جي هوندا واھہ ٽمٽار پوءِ تہ هن لاءِ بھاري- سڄو ڏينھن تڙ ڳڻ ۽ وڻن تي چڙهڻ، شام جو جڏهن جهانگي لوڙائو ڳائيندا ايندا آهن تڏهن هي وڇ جي پيرن مٿان پير ڏيندو، ”هون مان هون“ ڪندو اچي واڙي ۾ پھچندو. هڪ رات گلر جي ڪونڪاٽن تي جاڳ ٿيس- هنيانءَ ۾ جهٻو اچي ويس، سوچيو هئائين ”نڀاڳو هوندو، ماري هوندائين ماءُ تڏهن تہ ڪڍي ڇڏيو اٿنس- پوءِ ڇو نہ واڙي ڏي ايندو.“
وڇ، گلر، ۽ پاڻ ٽئي گڏجي واڙي ۾ رهڻ لڳا- ٽئي سنگتي هئا، پر هڪ ڏينھن آس ٿيس، ڏيٽي ڏڪر کيڏان. کيڏندڙ ٻارن کي چيو هئائين، ”اڪو او اڪو مان بہ کيڏان.“ اڪو ڪجهہ وقت سندس دوست هو، پر پوءِ الائي ڇو سنگت ڦٽائي ويس. هن جي آواز تي سڀ، ڪا مھل تہ کيس ڏسندا ئي رهيا پر پوءِ اڪوءَ رڙ ڪئي، ”نہ کيڏايوس ڙي نہ کيڏايوس نڀاڳو اٿوَ.“ ان وقت ائين لڳس ڄڻ اڪ جو کير اندر ۾ لھندو پئي ويس. ڏڪر کسي ٻہ ٽي اڪو کي وهائي ڪڍيائين. هڪ رات ڪتيءَ ٻچا ڄڻيا ايترو خوش ٿيو پئي، ڄڻ هن جا ئي ٻچا هجن. هن ڪتيءَ جي ٻچڻ کي هٿ ۾ کڻڻ پئي چاهيو تہ ڪتيءَ چڪ هڻي ڪڍيس رڙ نڪري ويس. ”مان نڀاڳو آهيان.“
واڙو ڄڻ دوزخ پئي لڳس. ٽاڪ منجهند جو مينھن کي ٽالھي هيٺان ويھاري ڪھاڙي وڻ ۾ ٽنگي، واھہ ۾ ٽٻيون هڻي ٿڪو، تڏهن وڻ تي چڙهڻ جي ڪيائين تہ کٻو پير ترڪي ويس، اچي پٽ تي پيو. ٽنگ ڀڄي پيس. ڌنارن گهر تائين پھچايس. سمجهائين پڦيءَ جو پاراتو لڳو آهي، هاڻ بنا علاج پيو آهي، نم جي وڻ هيٺان. اڄ پورا ٻہ مھينا ٿيا اٿس کٽ تي. سڄي ٽنگ سُڄي کٽ جو پائو پئي لڳس، سوچي پيو چاڪ ٿي ٻاهر لٺ تي گهمندس تہ ماڻھون دينو منڊو چوندا. ٻار ”دينو منڊو“، ”دينو منڊو“ ڪري چيڙائيندا. ڏک ۾ هنيانءِ اچي نڙي ۾ اٽڪيس.
دينو اڪيلو آهي- ماءُ نہ پيءُ، ڀاءُ نہ ڀيڻ، اڪيلو ڄڻ تہ رڻ ۾ ٻوٽو، ڪنڊن سان ڀريل. سمھيو پيو ئي آهي تہ اچي کنگهہ ورايس. کنگهي کنگهي ٻيڻو ٿي پيو، اَلي لڪڻ وانگر- ان وقت ڀر واري گهر مان لولي جو آواز، مٺڙو مٺڙو لاها ۽ چاڙها- هن کي ڄڻ چيرڻ پئي آيو. ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيائين. بڇان کان ڪنڌ لاڙيائين تہ نظر ڪتيءَ تي پيس جيڪا پنھنجي ٻچن کي کير پياري پئي. رڙ نڪري ويس، امڙ.... پيار.... نہ ڀلا.... مان نڀاڳو آهيان ڪنڌ ورايائين تہ نظر نم جي ڏار تي پيس جتي جهرڪيءَ پنھنجن ٻچن کي چوڳو پئي ڏنو.
او امڙ.... او امڙ.... نہ.... نہ.... نڀاڳو آهيان؟
کنگهہ ورايس، کنگهي کنگهي نستو ٿي پيو. رڳون، نسون، ساهن هڏن ۾ تڙپ اڇل ڄڻ ڄاڻ بدن چيري ٻاهر نڪتا. کنگهڻ چاهيائين، منجهي پيس. وڏا اوجهڪا، الٽي، رت ئي رت وري الٽي وري رت، ساڻو ٿي پيو رهيو وري نہ اٿيو- ساڳي گهڙيءَ مينھن ڦر ڪڍيو.... پر.... پر.... اهو ڦر نڀاڳو نہ هو.