ڪھاڻيون

رُڃ ۾ رابيل

رضوان گُل لکي ٿو؛ ”اخلاق انصاري پنھنجي طرز جو نرالو ڪھاڻيڪار آهي جننن وٽ لکڻ جو پنھنجو الڳ ڏانءُ آهي سندس ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار پڻ منفرد آهن. جيتوڻيڪ اهي پلاٽ اسان جي سماج مان ئي کنيل هجن ٿا پر اخلاق انصاري انھن موضوعن کي بنھہ مختلف ۽ نئين رخ سان ڏسي، پرکي ۽ لکي ٿو. سندس ڪھاڻين جا اڪثر ڪردار سماج جا اهڙا فرد آهن جيڪي نفسياتي الجهنن جو شڪار آهن. انھن ڪردارن جي داخلي ڪيفيت کي جھڙي ريت باريڪ بينيءَ سان اخلاق انصاري بيان ڪيو آهي سا يقينن قابلِ داد آهي. اخلاق انصاري لفاظيءَ بجاءِ مقصديت کان ڪم وٺي ٿو“. 

Title Cover of book Runj Main Rabel

اولڙا اولڙا زندگي اولڙا

اجرڪ اوڍي کٽ تي ليٽي ٻانھون پٺيان ورائي مٿي تي ڏئي نڀاڳن ونگر، سوچي ٿو ۽ ڀوڳي ٿو.
سڄي زندگي گهمي گذاري اٿئين سنڌ جو چپو چپو واهڻ وستيون ٿر بر شھر لتاڙي زندگيءَ جا ٽيھہ سال پورا ڪيا اٿئين پاڻ کي ڪراڙو محسوس ڪري ٿو. هاڻ هو نستو ٿي پيو آهي. زندگيءَ سان وڙهندي رڻ جي ميدان ۾ جيئن ڪنھن سپاهيءَ کي محبوبا ياد اچي وڃي ۽ هو ان گهڙيءَ ويڙھہ کي اجايو سمجهي ڀاڙيائپ ڪري تيئن هو بہ ڀاڙي ٿي پيو آهي. هٿيار اڃان ڦٽي نہ ڪيا اٿئين – من ۾ هورا کورا ۽ اڻ تڻ.
هاڪڙو هلي پاري ننگر کي ڏنو اٿئين – ڏوتڙ – ۽ ڀوڏيسر جي تلاون تي مورن جي راڙ ٻُڌي من ۾ مونجهہ محسوس ڪري سڏونت ۽ سارنگا جيان رڙيون ڪيون اٿس سارنگا.... سارنگا.... ۽ سارنگا تہ ڪنھن گهر جي اڱڻ ۾ پپيتي جي وڻ هيٺان ستل هوندي –
ننگر پارڪر جي بازار ۾ ”ماسي ليڙون“ جا چيل لفظ ”مريئي پر مڪئي نھين ڪارونجهر ني ڪور“ پوءِ جڏهن ڪارونجهر تي گورڌڙي نئين جيان وٽ سٽ کائيندڙ ڪولھڻ کي ڊيل جيان ڊڪندڙ نينگر کي وساري نہ سگهيو.
پر پنھنجن لاءِ ڪارونجهر جي ڪور ڇڏي آيو.
زندگي ساروڻيون
سارڻيون زندگي.
ڪينجهر تي شام جي رک مان چنڊ جڏهن دُکي دُکي ٻرندو، وڻ ڪينجهر چوڌاري هٿ هٿ ۾ ڏئي جهومندا ۽ پاڻي هزارين چنڊ چمڪائي لھرين لھرون ڊوڙندو هو – گونگي ويرانيءَ ۾ سڀ اوجاگيل الھڙ ڇورا آلاپيندا هئا. تاڙيون ڦھڪنديون هيون – هوائون ٽھڪ کڻي اڏري ڇيڳرين ڇورين جيان کجڪنديون گم ٿينديون وينديون. جسم جهومندا هئا آهستي آهستي لس لھرون لس –
ڇا اهو سڀ ڏک هو –
فوٽو گرافس؟
هاڻ ڪير ڪٿي آهي؟
ڪير ڪيڏانھن ويو؟
يونيورسٽيءَ ۾ سڄي سنڌ جي هر ڪنڊ مان آيل شاگرد سڀ سڪ ۾ سڪ ڏئي وکري ويا.
ڪير ڪيڏانھن ويو.
ڪير ڪنھن جي ، ڪير ڪنھن جو –
پيار ڪيڏانھن ويو؟
حوا ۽ آدم ڄڻ تڙجي ويو –
حوا – هوائن ۾ گم ٿي وئي – ڪيڏانھن وئي.
ڪيڏانھن......
پڙاڏا سڏ
سڏ پڙاڏا.
هاڻ ٿڪي ٽٽي گهوماٽيون کائي نستو پيو آهي هو جو سرڪش هو – ڏک کي سدائين ٽھڪ جي بيٽ سان سڪس هڻي بائونڊري پار ڪرائي هئي. اڄ هو بيڪ فوٽ ۾ ايل-بي-ڊبليو ٿي ويل ڪرڪيٽيئر جيان ايمپائر جي آڱر جي انتظار ۾ تہ ”ڪڏهن ٿي اٿي“ ۽ پاڻ ايڪسپائر ٿي.
هاڻ تہ WILL POWER جو اينٽي بايوٽڪ بہ اثر نہ ٿو ڪريس –
ڪاليج ۾ پيرڊ وٺي – تيز آواز ۾ ليڪچر ڏئي شاگردن کي آسمان جي اُٺاهين کان زمين جي اندر ۽ نيوڪلس جي ذرڙن جي علم ۽ فاصلن تي ڳالھائيندي پاڻ کي بہ فاصلي تي محسوس ڪري ٿو. ”ڇا اڃان زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اسٽمنا رکي سگهندس؟“
ڪڏهن راتين جي رولاڪ ڏينھن جو بہ رستو وڃائي ويھن
۽
راتين جو رولاڪ ڏينھن جي پيچرن تي قسمت جي لائين وانگر ڀڳل ٽٽل اصل وسامجي ويل –




هو ڊرائيور جي ڀرسان اڳين سيٽ تي ويٺو آهي – خميس تي هر هڪ ڀاءُ ٻاهران ايندو چوڪڙي لڳندي تاس تي برج ۽ رمي ٿيندي جنھن تي راند ايندي اهو چانھہ ٺاهيندو ”جيڪو نہ ٺاهيندو“ نعرو لڳندو ”گدڙ کائيندو.“
تاڙيءَ تي تاڙي لڳندي هارائي ڪير بہ پر چانھہ ننڍو ڀاءُ ٺاهيندو – راند هلندي. گرين ٽي جي سپ ۽ ڀائرن جا ٽھڪ، ٽيپ تي غزل ۽ ڇھين ڀاءُ کي ڇڏي پنج ئي ڪنوارا – اکين اکين ۾ اشارا ڪنھن ڪٿي نيھن اٽڪايو؟ -
پاڙي جا ٻار ۽ ڇوڪرا – ڀائرن جي قرب کي شاھه جي واين جي وراڻيءَ جيان خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳن –
ڀائر تہ نہ آهن – دوست آهن –
هن ويگن جي دري مان ٻاهر ڏٺو ڪڻڪن جا فصل پچي تيار ٿي ويل سونھري شام ۾ چلڪندڙ ڪٽ جي وٽن وانگر.
اهڙين شامن جو هاسٽل جي ڇت تي چپ چپات ۾ گهمندي – آسمان ۾ تتر کرڙي ڏسندي هن جو من ڏارون ٿي پوندو – اڪيلائپ ۽ وحشت –
ڪاليج جي اوپن جيل ۾ ڄڻ هزارين سالن جي سزا ڪاٽي گهر موٽي ٿو – هو ڏيڍي ٽپندو ڀاٽيا اچي چنبڙندس اسڪول ۽ ٽيچر جا حال ڏيندس.
”مس اسان کي کٽمٺڙا ڏيندي آهي.“
”هن منھنجو بال لڪايو آهي.“
ننڍڙي دنيا ننڍڙا ڏک ۽ اڇن وارن واري سٻاجهي ماءُ در ۾ اکيون اٽڪايون ويٺي هن بہ تہ سوچيو هوندو – ”مون کي منھنجو ننڍپڻ موٽائي ڏيو.“
پر
هاڻ – زندگي ساروڻيون
ساروڻيون زندگي



ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي هن سيف ۾ ڏٺو – جتي سندس دوست جي شاديءَ جو ڪارڊ پيو هو. ”اڄ ئي شادي آهي.“ منھن تي هٿ گهمايائين ڏاڙهي وڌيل لڳس تڪڙ ۾ ٿيلھي جي زپ کولي هٿ وڌائين – ڪجهہ ڳولھي ڀاءُ کي چيائين –
يار.... تڪڙ ۾ شيونگ ريزر وسري وئي اها تہ....... وڏو ڀاڻس سيف جي آئيني ۾ ڏسندي وارن ۾ برش ڪندي چيس:- ڏيان ٿو پر.... پر پنھنجي استعمال ڪندو ڪر ڏس منھنجي ڏاڙهيءِ ۾ بہ اڇا پئجي ويا آهن مان بہ ”ادا وڏي“ جي استعمال ڪئي هئي –
هو چپ ٿي ويو –
هُن کي پنھنجيون مڇيون اڇيون محسوس ٿيڻ لڳيون.