ڪھاڻيون

رُڃ ۾ رابيل

رضوان گُل لکي ٿو؛ ”اخلاق انصاري پنھنجي طرز جو نرالو ڪھاڻيڪار آهي جننن وٽ لکڻ جو پنھنجو الڳ ڏانءُ آهي سندس ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار پڻ منفرد آهن. جيتوڻيڪ اهي پلاٽ اسان جي سماج مان ئي کنيل هجن ٿا پر اخلاق انصاري انھن موضوعن کي بنھہ مختلف ۽ نئين رخ سان ڏسي، پرکي ۽ لکي ٿو. سندس ڪھاڻين جا اڪثر ڪردار سماج جا اهڙا فرد آهن جيڪي نفسياتي الجهنن جو شڪار آهن. انھن ڪردارن جي داخلي ڪيفيت کي جھڙي ريت باريڪ بينيءَ سان اخلاق انصاري بيان ڪيو آهي سا يقينن قابلِ داد آهي. اخلاق انصاري لفاظيءَ بجاءِ مقصديت کان ڪم وٺي ٿو“. 

Title Cover of book Runj Main Rabel

انيس انصاري: اخلاق، منھنجو دوست

اخلاق سان چڱي واقفيت 1974ع ۾ ٿي، جڏهن پنھنجو گريڊ امپروو ڪرڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ فليٽ ۾ اچي مون سان رهيو. نوڪريءَ ۾ مسلسل ٻاهر رهڻ ڪري پنھنجي اولاد سان (خاص ڪري ننڍن سان) اهو رابطو رهي نہ سگهيو. جيڪو هڪ پيءُ ۽ پٽ/ڌيءَ ۾ هئڻ گهرجي. ان وقت پيءُ ۽ ماءُ جا فرض سندن والدہ ادا ڪري رهي هئي (جنھن جھڙي مڙداڻي مائي منھنجي نظر مان گهٽ نڪتي هوندي) منھنجو ڪم هو هر ماھہ پگهار جا پئسا کين پھچائڻ.
هڪ ڏينھن اخلاق چيو ”بابا! سڀاڻي منھنجي هڪ دوست ڇوڪري ڏهين وڳي صبح جو هتي اچڻي آهي.“
سڀاڻو موڪل جو ڏينھن هو. مان سوير شيو ڪري وهنجي لٽا بدلائي نڪرڻ وارو هيس تہ اخلاق بہ هڪ اک کولي پڇيو ”بابا! ڪاڏي؟“
چيومانس دوستن وٽ وڃان ٿو. اوهان جي دوست ڇوڪري جو اچڻي آهي.“
چيائين ”بيھہ بابا مان بہ توسان ٿو هلان.“
چيومانس ”اهو ڪيئن؟“
چيائين ”مان کيس ملندس تہ اوهان جي موجودگيءَ ۾ نہ تہ نہ.“
”بزدل...“ منھن تي چئي ڏنومانس.
اخلاق انھن ڏينھن ۾ ڪراچيءَ ۾ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندو هو. اسٽور جون چاٻيون وٽس هونديون هيون. خالي شناختي ڪارڊ کڻي اچڻ لاءِ ڪنجيون سنڀاليندو هو تہ ڪا نہ ڪا ڇوڪري کيس چرچي ۾ چوندي هئي.. ”اخلاق بيھہ تہ گڏجي ٿا شناختي ڪارڊ کڻي اچون.“
اخلاق اتان هڪ بہ وک نہ وجهندو هو. جيستائين ڪنھن ڇوڪريءَ کي آمادہ نہ ڪندو هو تہ هوءَ بہ ساڻس گڏ اسٽور روم ۾ وڃي.
يونيورسٽيءَ ۾ آيو. معلوم ٿيو تہ اخلاق رومانس ٿو ڪري! کلي ويٺم. چيم
Faint hearts never win fair ladies.
يونيورسٽيءَ ملڻ ويومانس تہ دور کان درشن ڪرايائين. مون کي وڻي.
چيومانس ”تنھنجي پاران Purpose ڪيانس.“ نرڙ تي پگهر جون بوندون جرڪڻ لڳس ۽ منھن ٽامڻي هڻي ويس.
چيومانس ”ميان! محبت ڪرڻ جي موڊ ۾ آهين يا فلرٽ ڪرڻ جو خيال اٿئي؟ محبت ڪندين تہ تنھنجو ساٿ ڏيندس. باقي جي فلرٽ ڪرڻ چاهين تہ پوءِ پاڻ ڄاڻ.“
اخلاق دوستن جي حق ۾ ڏاڍو حساس آهي. سندن خوشيون پنھنجون خوشيون ۽ سندن غم پنھنجو غم ڪري سمجهندو آهي. پنھنجن خلاف ڪوڙا الزام بہ ماٺ ڪري ويٺو ٻڌندو. زيادہ ۾ زيادہ مرڪي چوندو ”يار ائين نہ آهي.“ پر هو ڪڏهن بہ پنھنجي دوست جي خلاف سچي ڳالھہ بہ ٻڌڻ گوارا نہ ڪندو. اڳلي کي اشارو ڏئي چوندو هاڻي بس ڪر. پر جي اڳلو نہ مڙيو تہ اخلاق جون اکيون ڦري وينديون، نڪ ڦنڊي ويندس، رنگ بدلجي ويندس ۽ هڪ وڏي رڙ ڪري اڳلي کي بس ڪرائي ڇڏيندو. مون کيس دوستن لاءِ ايڏو فڪرمند ڏٺو آهي جيڏو هُو پنھنجي لاءِ بہ پاڻ نہ هوندو آهي.
ضدي بہ ڏاڍو آهي. شل نہ چڙهي هوڏ تي. تہ دڙڪي سان ئي نہ وري محبت سان کيس مڃائي سگهبو.
اخلاق ڏاڍو جذباتي آهي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن هوش کان زيادہ جوش کان ڪم وٺندو آهي. ان وقت کيس نہ نفع جي پروڙ پوندي آهي ۽ نہ نقصان جي. پنھنجن جذبن تي قابو پائي نہ سگهندو آهي. انھن جو اعلان سندس منھن ۾ تبديلي اچڻ سان محسوس ٿي سگهي ٿو.
هڪ ڏينھن نيشنل ميوزم وياسين. خطاطيءَ جا نمونا ڏسڻ. مان سرسري طرح ڏسي هڪ طغري جي مٿان اچي بيٺم. جنھن ۾ اکرن جي ذريعي خطاط شينھن جي شڪل بڻائي هئي. مان ڏسڻ ۾ ايترو محو ٿي ويس جو ماحول وساري ويٺس. ايتري ۾ ٻانھن تي ڪنھن جو هٿ محسوس ڪيم. ڪنڌ ورائي جو ڏسان تہ اخلاق بيٺو آهي. هيڊ جھڙو پيلو، اکين ۾ چمڪو ۽ هٿن ۾ ڏڪڻي.
”خير آهي؟“ مان پڇيس.
”بابا رت...!“
”ڪنھن جي رت؟” مان پريشان ٿي کائنس پڇيم.
”حضرت عثمان جي رت!“
مان حيرانيءَ مان ڏانهس ڏٺم. هڪ محراب دار ڏانھن اشارو ڪري چيائين ”حضرت عثمان رضہ جو قرآن جنھن جي تلاوت ڪندي کيس شھيد ڪيو ويو هو.“
مان اتان لنگهيو بہ هيم. پر خيال سان ان قرآن مجيد جي تعارف ڪندڙ ڪتبي کي ڪو نہ پڙهيو هيم. اهو قرآن پاڪ ان مصحف عثماني جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي جو سندس شھادت وقت سندس نظر جي سامھون هيو. اها فوٽو اسٽيٽ ڪاپي روس وارن پاڪستان کي تبرڪ طور سوکڙي ڪري ڏني هئي.
طبعن اخلاق ڳنڀير آهي. پر وقتائتو سندس شرارتون بہ گهٽ ڪين هونديون آهن. اهڙي وقت سندس ساٿ ننڍو ڀاءُ اسحاق ڏيندو آهي. شل نہ ڪنھن جي ڪڍ پون. اڳلي کي اهڙو پريشان ڪندا جو ان کي يا تہ ٻانھون ٻڌي يا اتان ڀڄي جان ڇڏائڻي پوندي. مان خود بہ انھن جي ان بداخلاقي (سندن چوڻ مطابق خوش اخلاقي) جو شڪار ٿيندو آهيان. اهڙن موقعن تي چوندو آهيان...
”ظالمو! آخر مان اوهان جو پيءُ آهيان.“
کلي چوندا آهن ”دوست نہ آهيو ڇا؟“
انڪار نہ ڪري سگهندو آهيان.
اخلاق جي پنھنجي والدہ سان گهڻي محبت آهي. گهر ايندو تہ وڃي وٽس ويھندو ۽ ليٽي پنھنجو مٿو سندس هنج ۾ رکندو. هوءَ بہ آهستي آهستي سندس وارن تي پئي هٿ ڦيريندي ۽ ڳالھيون ڪندي.
اخلاق ٻڌو اٿم اديب آهي. مان سندس هڪ ڪھاڻي ڪتاب پڙهي رهيو هوس پڙهندي منھنجي زبان مان ڏاڍيان ”بڪواس“ اکر نڪري ويو ۽ ڪتاب گولي وانگر وڃي ڀت کي لڳو. ان بعد سندس ڪھاڻي کي پڙهڻ جو ست ساري نہ سگهيو آهيان. البت هڪ اڌ نظم جو لکيو اٿائين سو سندس جذبن ۽ اُڌمن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو. مان کيس شاعر مڃڻ لاءِ تيار آهيان.