رڃ ۾ رابيل
مرشد گل شاھہ در ٽپي اندر ٿيو. سڀ تڪڙ ۾ اٿي بيٺا. هر هڪ پيرين پئي مليس. عورتون تڪڙ ۾ مٿو ڍڪي سائينءَ سان ملڻ لڳيون، سائين کين مٿي تي هٿ رکي دعائون ڏيندو وين. مرشد سڀني سان ملي کٽ تي ويٺو.
”ڀاڳل وڃ رلھي کڻي آ“ مولوءَ رڙ ڪندي چيو. ”سائين واڻ تي ويٺو آهي.“ ڀاڳل رلھي کڻي اچي کٽ تي وڇائي. مرشد جتي لاهي کٽ تي ويٺو.
”بابا ڪيئن آهيو؟“ سائين منھن مٿي ڪري سڀني کان پڇيو:
”سائين سڀ سکيا آهيون“..... ٻہ ٽي آواز اٿيا.
سڀ خوش، چڱا ڀلا، جوڙ ئي جوڙ، مال وٿاڻ، ٻني ٻارو، دين ايمان، خير ئي خير آهن نہ؟؟ سائينءَ هٿن جا اشارا ڏئي سڀني کان پڇيو.
”سائين سڀ خوش ﷲ جي مھرباني آھي.... سڀ خير لڳا پيا آهن.“ مولوءَ وراڻيو.
”اوڙو پاڙو سڀ چڱا ڀلا، بھاريون ئي بھاريون آهن؟“
”سائين سڀ سکيا آهيون.“ نورل چيو.
”الحمدﷲ شڪر آ رب جو“ مرشد منھن تان هٿ گهمائيندي چيو.
”پيرل تون ڪيئن آن“؟؟
”سائين بس مولا جون مھربانيون آهن، مڙئي پيا ڏينھڙا گذاريون.“ ڏاڏي پيرل هڪ ساهيءَ ۾ ورندي ڏنس.
”اڙي ڪمون ڀيڻان، ڏس ڪڪڙ کي، ٻيلي سائين ڪوهن کان ڪھي آيو آهي. وارو ڪر ڙي!“ ڏاڏي پيرل ڇڙٻ ڏيندي ڪمونءَ کي چيو.
سائينءَ جي منھن تي مرڪ مڙي آئي. منھن مان نور پئي بکيس. اڇن کير جھڙن ڪپڙن ۾ فرشتو پئي لڳو. سائين آهي بہ فرشتو. سڀ سان سٺو هلي. پر اسان تي مڙئي مھرباني اٿس. سال سال جڏهن اوڳاڙي تي نڪرندو آهي، تہ سڀ کان پھريائين اسانجي ڳوٺ ايندو آهي. ۽ رهندو بہ اسان وٽ.
مرشد جي منھن تي ڪپھہ جھڙي اڇي سونھاري ڏاڍي پئي ٺھيس. ڪنڌ ۾ ڪفني ۽ ٻانھن ۾ ڪولابا پيل، پيرن ۾ ملتاني گهيتلو واھ جو پئي ٺھيس. سائين آهي بہ ڇا؟ فرشتو آهي فرشتو.
اڙي هوءَ ساران ڪٿي آهي؟ سائين پڇيو.
”ڪُتر پئي مَلي“ مامي جان محمد وراڻيو.
”جانو ابا سڏ ڪرينس. منھن تہ ڏيکاري وڃي پوءِ ڀل وڃي ڪم کي لڳي.“ سائين گل شاھہ چيو.
”سائين اچي پئي“ مامي جان محمد در ڏانھن ڏسندي چيو.
ساران آلن هٿن کي پوتيءَ جي پلوءَ سان اگهندي پئي آئي. ڪارن ڪپڙن ۾، بلڪل ڪڪرن ۾ وڪوڙيل چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر پئي لڳي. ماسي اچي سائين سان ملي. سائينءَ مٿي تي هٿ رکي پڇيس.”مائي ڪيئن آهين“.
”خوش آهيان.“ ماسيءَ جي منھن تي الوڻي مرڪ ڦھلجي وئي. ماسي ساران آهي جھڙي شڪل جي معصوم، اوڏي آهي طبيعت جي غريب، نہ ڪنھن ڦڏي ۾ هٿ وجهي، نہ ڪنھن جي هڪ نہ ٻن ۾، بس پنھنجي منھن. ماسيءَ گلن جي آس رکي بہ ڪنڊن تي پنڌ ڪيو آهي. ڪيڏيءَ تڪليف کانپوءِ شادي ٿيس پر ويچاري ماسڙ جي بہ ڪا عمر کٽي هئي. چورن سان مقابلو ڪندي وڃي مورن جي هنج ۾ پيو.
ڪيڏو نہ ڏک ٿيو هو ماسيءَ کي، ان ڏينھن پنھنجي مٿان ڇپون ڪرندي محسوس ڪيون هيائين. اڳ خوشين جي ٽھڪن ڏيڻ واري، اڄ غم جي سڏڪن ۾ گم هئي ڪيڏي آس هيس تہ پٽ ڄمندو، هر هڪ کي چوندي هتي تہ ” مان پنھنجي پٽ کي پڙهائي مختيارڪار بڻائيندس“.
ماسڙ مراد ﷲ کي پرتو تہ سندس آسون جيڪي اڳ آسمان ۾ ٽنگيل هيس سي پاتال ۾ پيھي ويس. هاڻي تہ ماسي ساران جي زندگي ڇا آهي؟ جيئري دوزخ جو عذاب. ڪڏهن روئڻ ۾ ڇٽڪندي آهي، ڄڻ وڏ ڦڙو مينھن لھي پيو. ماسي سارو وقت گهر جي ڪم ۾ رڌل رهندي آهي. عبادت بہ اهڙي ڪندي جو مجال آهي جو پنجن وقتن مان ڪا نماز گسي وڃيس. روزا بہ سڀ رکي.
سڄي ڳوٺ ۾ سائينءَ جي اچڻ جي خبر سرنھن جي خوشبوءِ وانگر ڦھلجي وئي. ٻار ٻچو، ننڍو وڏو، اچي اسانجي ويڙهي ۾ گڏ ٿيو. چوٻول مچي ويو. شروع ٿيا ٽوڻا ڦيڻا، تڙ تعويذ، دعائون وٺڻ مھل هر ڪو خوش ڏسڻ ۾ پئي آيو. پر ماسي ساران جي نماڻن نيڻن ۾ نير ڇلڪي رهيا هئا.
اهو وقت ياد ڪري کيس ڏک کان اکيون آليون ٿي وينديون اٿس. جڏهن مراد جي جيئري سائينءَ کان ڪک سائي ٿيڻ لاءِ دعا پنندي هئي.
مرشد بہ وسان ڪونہ گهٽايو. دم دلاسا دعائون تعويذ ڏنائين تہ بہ آس پوري ڪونہ ٿيس. ڪيتريون ئي باسون باسيائين ماسڙ جي مرڻ کان اڳ آخري گهمرو، مرشد کي دعا، تعويذ لاءِ چيائين. سائين چيو هيس وقت اچڻ تي توکي پٽ ڏيندس.“ ان ڏينھن پاڻ کي ڪيترو نہ خوش نصيب سمجهيو هئائين ايتري خوشي جيتري ڪنھن ننڍي ٻار کي رانديڪي جي مليل دلاسي ڪري ٿيندي آهي.... پر... پر اڄ سائين ءَ کان ڪھڙي دعا پني؟! ائين ئي ٻين کي ڏسي پنھنجيون ڳالھيون ياد پيس تہ اکين ۾ پاڻي اچي ويس.
مامي جان محمد ڪاٺين کي هڪ ٻئي سان ٽڪرايو دکندڙ ڪاٺين کي ڦوڪ ڏنائين. باھہ ڀڙڪو کائي ٻري پئي، ڪنھن جوانيءَ وانگر وئي وڌندي. دونھون ٻاراڻي وهيءَ وانگر غائب ٿي ويو.
ماني اچي وئي ۽ سائينءَ کي کارائي وئي.
پتو ئي نہ پيو ڪافي دير ٿي چڪي هئي. سائين بہ سفر جو ٿڪل هو، ۽ باھہ وسائي هر ڪو سمھي پيو.
گوڙ تي اک کلي وئي. ويڙهي جا سڀ مرد عورتون ۽ ٻار هڪ هنڌ ڳاهٽ ٿيو بيٺا هئا. مردن جا منھن ٽامڻي هڻي ويا هئا. عورتون هراسيل هيون. ٻار روئي رهيا هئا. مامو جان محمد ماسي ساران کي ڄنڊن کان جهليون بيٺو آهي. ماسي ثڙڪي پئي. منھن جو پنو ئي لھي ويو اٿس. مامي جان محمد جو سٽر وٽر بدن ڪاوڙ ۾ ٿڙڪيو پئي. تڪڙ ۾ ٽپ ڏئي اٿيم. سوٽ انوءَ کان هٿ جي اشاري سان سوال ڪيم؟ ڀرسان آيو. ڏڪندڙ هٿ ڪلھي تي رکي ڪن ۾ آهستي چوڻ لڳو: ”اسر ويل ماسي ساران کي سائين گل شاھہ جي ڪوٺيءَ مان چرين وانگر ڀڄندي ڏٺو ويو. سندس چولو ڦاٽل هو. پوءِ سائين واھ جي ڪڙ ڏيئي ڀڄي ويو. پر ماسي... ماسي... جملو پورو ڪري نہ سگهيو. لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس.
مان ڏڪي ويس اعتبار ئي نہ پئي آيو. هٿ ۾ ڦرندڙ تسبيح زبان تي ﷲ ﷲ.... نہ.... نہ سائينءَ ائين ڪيئن ڪيو هوندو؟!
اوچتو ماسيءَ رڙ ڪئي ”مونکي نہ ماريو ڙي.“
خيال منتشر ٿي ويا. ماسيءَ کي ميڙ جي وچ ۾ پڪڙي بيٺا هئس. ماسي هراسيل پکيءَ وانگر پئي لڳي، جيڪو کنڀراٽين هڻڻ سان آزاد تہ ٿي نہ سگهندو آهي. پر موٽ ۾ پڃرو لڏيو رهجيو وڃي.
مختلف آواز اٿيا.
”ماريوس ڙي ماريوس“
”اڃا نہ اڃا نہ.“
”اڙي هڻوس ڪھاڙي.“
”اڙي ڏاڏو پيرل اچي پوءِ ماريوس.“
”اڙي مون کي نہ ماريو ڙي، مون کي نہ ماريو مان حقي آهيان مون سان ناحق نہ ڪيو ڙي ”.... نہ ماريو اڙي.“ ماسي روئي بہ رهي هئي ۽ وڏي واڪي دانھون بہ ڪري رهي هئي. سندس منھن هيڊو پپل جي پنن وانگر ٿي لڳيس زبان هٿ جيڏي ٻاهر نڪتل. جنھن منھن تان ڪريل ڳوڙهن کي چٽي ٿي ڇڏيو. ڏاند جي اکين جيڏيون ڦوٽاريل اکيون، سندس ڦاٽل چولو ۽ اڻڀا وار هوا ۾ اڏري آزاديءَ لاءِ آتا هئا.
پريان ڏاڏو پيرل پئي آيو. ڏاڏي ڏسڻ سان رهندو ماسيءَ جي پٺن تي ڪھاڙيءَ جا ڳن هڻڻ لڳا. منھنجي بدن مان سيسراٽيون نڪري ويون. آس نراس جي ويرن ۾ وڪوڙجي ويس. اوچتو ازخود منھنجي جسم مان خوشيءَ جي لھر ڊوڙندي وئي ڇاڪاڻ تہ ڏاڏو ڏاڍو رحمدل ۽ نيڪ نمازي آهي ضرور ساران کي بچائيندو منھنجي اميد جو ڏيو وري بہ ٽم ٽم ڪري روشن ٿيڻ لاءِ آتو هيو.
ڏاڏو ويجهو اچي پھتو. ڏڪندي ڏڪندي وڏي آواز سان چيائين ”اري اڃان بيٺا آهيو“.... ماريو.... اڃان بيٺا آهيو، هي اسانجي خاندان تي اڻمٽجندڙ ٽڪو آهي اڙي ماريوس.... ڏاڏو ٿڙڪيو پئي.
اڙي مون کي نہ ماريو.... اڙي مان.... حقي آهيان....
”بس ڪر نامراد،“ غيرت ڀريل آواز اٿيو.
چانديءَ جھڙي چلڪندڙ ڪھاڙي هوا ۾ ڦرڙاٽ ڪندي وڃي ماسيءَ جي مٿي ۾ ڦاٿي ميڄالو ٻاهر نڪري آيس. اکيون ڦوٽارجي ويس پوءِ بہ اڃا ماڻھون جهلي بيٺا هئس. سندس بدن ۾ اڃا ڪجهہ ساھہ هيو. ٻہ ٽي ٻيون ڪھاڙيون لڳس زمين تي اچي ڦھڪو ڪيائين. ٻہ ڇڙيون هڻي، هڪ وڏي هڏڪي ڏئي منھن ڦيري ڇڏيائين.
منھنجي اکين آڏو اوندھہ اچي وئي. زالن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.
”اڙي مرشد کي بہ تہ ماريو“ ڪنھن آواز ڪڍيو.
سڀني کي ڄڻ ڪاريھر ڪکي ويو، قبرستان جھڙي خاموشي ڇانئجي وئي سڀ وائڙا ٿي ويا، منھنجا لڱ ڪانڊارجي ويا.
ڏاڏي ڏڪندي غيرت مان ڀريل آواز ۾ چيو!
”بس ڪر نامراد قيامت ڪاري ڪرڻي آهي ڇا؟؟“