اڪيلو ڪمرو ۽ سيلف پورٽريٽ
بلڪل خاموشي........!!
چپ چپات
ڪجهہ گهڙيون اڳ اقبال هاسٽل جي ميس مان چمچن جو پليٽن تي لڳڻ جو سريلو آواز ڄڻ تہ ڪي سرسوتيءَ جا سر هجن.
۽ هاڻ....؟!
خاموشي آهي، هاسٽلن جون بيتون هڪ هڪ ٿينديون، بند پيون ٿين! منھنجو مٿو ڦري ٿو. پڙهڻ لاءِ دل نہ ٿي چوي لکي بہ تہ، نہ ٿو سگهان، هٿ ڏڪن ٿا. بک تي ننڊ بہ نہ ايندي.
سوچيان؟
زندگيءَ تي،
زندگيءَ جي ڏاڪن تي،
کير پياڪ،
اسڪولي نينگر،
۽ لور (Lover)
ٽئي اسٽيجون، ٽن اسٽيجن تي الڳ الڳ سوچون، چاهنائون! ڇو تہ وقت، حالتون، مفاصلو انساني خواهشون بدلايو ڇڏي.
اڄ فوزيہ ملي. چيائين ڄاڻان ٿي تہ ”Silence is good“ پر پوءِ بہ ڇا ڳالھہ آهي.
جنھن جي ڄاڻ نہ اٿم. جنھن توکي چپ ڪرايو آهي.
چيومانس هر وقت، حالتون ساڳيون نہ هونديون آهن. حالتون جو اثر ذهن قبول ڪن. ائين الائي ڇو مان اصليت کي اداڪاري سان لڪائي نہ سگهيو آهيان.
آخر ڇا آهي ــــ؟
ڪجهہ بہ نہ.....!
ڀلا اڄ سَر ڇا پڙهايو؟
Everybody in the universe attracts every other body with a force which is directly proportional to the products of their masses and inversely proportional to the square of the distance between them.
(هر شيءَ ٻي شيءَ کي ڇڪي ٿي، مفاصلو ڇڪ کي گهٽائي ٿو.)
چيائين: بلڪل مان هاڻي سڀڪجهہ سمجهي ويم. تہ ٻڌ، پريشان نہ ٿي، پاڻ ائين آهيون جيئن ”ڏور بہ اوڏا سپرين“.
نہ فوزي.... وقت ۽ مفاصلي اڳيان، اسان مجبور آهيون، حالتون ناڪيلي آهن تہ مفاصلو ۽ وقت مھار ۽ جت، جنھن اڳيان اسان پنھنجيءَ مرضي مطابق اُٿي ويھي نہ سگهون. ٻن مھينن جي وئڪيشن ۾ تون پھريون ۽ آخري هفتو ياد پوين....!
هوءَ ڪاوڙ مان مئٿاميٽڪ ڊپارٽمينٽ ڏانھن هلي ويئي....
سوچيم، ڀلي ڪاوڙجي. مان ۽ هن ڀلا هڪٻئي کي ڏنو بہ ڇا آهي. يا ٻيو ٽئين کي ڏئي بہ ڇا ٿو؟
بڪواس.
مئٿاميٽڪ ڊپارٽمينٽ جي سامھون هيٺ ساوڪ پريان سنڌوءَ تي ڪوٽڙيءَ ۽ ڄامشوري جون پليون. سنڌو ڪنھن ڪنوار جي سينڌ جيان پئي جرڪيون. سج جا ڪرڻا ڄڻ تہ سينڌور!سچ يونيورسٽيءَ جي پھرئين ڏينھن، بابا سائين ڏي خط لکيو هوم. ڪالھہ سارنگ ساٺ ڪيا پلر جي پالوٽ ٿي، کنوڻين کيجڪارون ڪيون. برکا ڦڙين جي سنگيت تي عرب شاگردن گيت ڳايا، ۽ شام جو آياسين علامہ آءِ آءِ قاضي جي مزار تي، ايلسا قاضي ڀر ۾....، تڏهن سوچيم، قاضي پاڻ ڇو ماريو؟؟
سڪون لاءِ، ۽ اها ھر ساهواري جي خواهش آهي. شيڪسپيئر تڏهن تہ چيو:
Under the greenwood tree
Who loves to lie with me,
اهو سڀ ڇا لاءِ آهي. ايتري فراريت ڇو؟ ڇو نہ ٿا ڀڄي سگهون، ماڻھون Social Animal ڇو؟ گڏ رهون، ڏک ۽ سک ڏسون، پر سک ڪٿي آهي. سک ڳولڻ لاءِ ذرتشت عيسيٰ، ڪرشن ۽ گوتم، سڀني گيان ڪري. موٽ ۾ روشن راھہ ڏسي ــ پر رڳو حالتن ۾ ڦيرو اچڻ کانسواءِ ڪجهہ بہ نہ ٿيو، اڄ بہ دنيا جا اسي سيڪڙو انسان گهڙيءَ گهڙيءَ جي عذاب ۾ ٿا مرن ڪو مقصد ڪونھي ۽ پيار ئي هڪ اهڙي شڪتي آهي، جا سک جو ساھہ کڻڻ ڏئي.
پيار؟
حسين دوکوـــــــ؟
ماءُ جو پٽ سان پيار ڪرڻ پنھنجي آرام لاءِ پيءُ جي شفقت پنھنجي سڪون لاءِ، دوست جو دوست کي چاهڻ ذهني Satisfaction سيٽسفيڪشن هونئن بہ تہ پيءُ ماءُ مجبور آهن ــ پيار ڪرڻ لاءِ هو ٻارن تي ٿورو نہ ٿا ڪن.
سچ جو احساس تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪوڙ جو وجود آهي. بھشت تڏهن، جڏهن دوزخ آهي. ها ـــ هيگل جي ”Theory“ ٿيوري ڪيڏي نہ صحيح آهي، ٻن قوتن ۾ ٽڪر ڪري وري ٽين قوت جو پيدا ٿيڻ وري اينٽي قوت جو وجود ۾ اچڻ اهو سلسلو ائين هلندو ٿو رهي هونئن بہ سوچڻ تہ سرچڻ، پوکڻ تہ لڻڻ، لوچڻ تہ لھڻ، ڪنھن شيءِ جو ٽٽڻ ئي سبب آهي. ٻيءَ شيءِ جو ٺھڻ نظريي جو نظرئي سان تضاد، وري ٽيون نظريو پيدا ٿيڻ، اهو ارتقا جو اصول آهي. سيٽسفيڪشن ڪانھي ڪٿي.
اسان سڀ يوناني ڏند ڪٿا جا اهي ڪردار آهيون. جي پاتال ۾ رهن ۽ ڀوڳن پر هو مرن نہ ٿا. اسان مري وينداسين تہ وري جنم وٺنداسين، ڇو تہ مادي جو ڪٿي بہ انت ڪونھي. پر تبديل ٿو ٿئي، ٻيءَ شڪل ۾، ۽ مان ايندڙ روپ ۾ بگهڙ ٿيندس: جهنگ ۾ رهندس چير ڦاڙ ۾ ئي سيٽسفيڪشن آهي.
خط ڪيئن بہ هو پر جيڪو ڪجهہ هو ائين هو. ڀل اها ڳالھہ صحيح هجي سڪون ڪٿي بہ نہ هجي پر سنڌ يونيورسٽي اهو سڀ ڪجهہ ڏئي ٿي. جيڪو چرين کي مينٽل هاسپيٽل، ڪوڙھہ وارن کي لپروسي سينٽر ۽ ٽي بيءُ وارن کي سنيٽوريم....!!
شايد نہ، پر پڪ سان. ٽيون نمبر ڳالھہ صحيح آهي. بلڪل سينٽوريم جيان شھر 18 ڪلو ميڙ پوئتي، پھاڙين تي پياريون پياريون عمارتون اولھہ ۾ حد نظر تائين، پھاڙن جون هيٺاهيون مٿاهيون. بلڪل الڳ ڳوٺ جو احساس۽ مون جھڙا مريض اچي پناھہ وٺن يونيورسٽيءَ جي هر شيءَ کي الڳ حيثيت پر جا ڳالھہ ڌيان ڇڪائي سي آهن سياسي نعرا ـــ ڄاڻ اٿم تہ هر هڪ ڏينھن هڪ انقلاب آهي ــ پر وري بہ لڳندو اٿم تہ هر ڏينھن ٻئي ڏينھن کان ڪيئن مختلف آهي. انقلاب کان اڳ ۽ انقلاب کان پوءِ حاصل ٿئي ڇا ٿو....!!
مون کي گئيريج ۾ بيٺل گريس ۾ ٻڏل اُهي ننڍڙا ڇوڪرا ڏاڍا وڻندا آهن، جيڪي ڪارون ٺاهين، پر ويھن ٻيا ۽ پاڻ بسن جي درن تي لڙڪي سفر ڪن، ۽ سئيءَ ۾ ٿڙڪي گذارين ها انقلاب هوندو ئي انھن لاءِ آهي. پر ماڻيندا ٻيا آهن، اُهي ائين ئي ائين ڪارا ڪارا نٽ بلٽ جيان ”جاني دوس“ چئي زندگي گذاري ڇڏين. ڏک تہ ان تي اٿم تنھن ڏينھن بي- بي- سي ٻڌندي خبر پئي تہ ويٽنام جي هاريءَ کي چين جي سپاهين هٿن ۾ ڪليون هڻي وڻن ۾ لٽڪائي گولين هڻڻ لاءِ ٽارگيٽ بنايو. الائي ڇو منھنجي دل ان وقت چيو:
”ايڏو آواز هجي جو سڄي دنيا ٻڌي ۽ مان ايفل ٽاور تي چڙهي گوتم جو گيان ڏيان جيءَ هنسا تہ ڪيو.
اهنسا/هنسا ٻئي ريلوي جي پٽڙين جيان هلن ٿا. تبديل ٿين ٿا، سرءُ بھار جان.
هونءَ تہ جڳديش، چندر بوش، ٻڌائي ڇڏيو تہ ٻوٽا بہ جيئن، مرن، ڳالھائن ٿا اِنسان جيان – ٻوٽن کي نہ ماريون تہ اسان جو جيئڻ بند. هونئن بہ وڏو ننڍي کي کائي ۽ ڄڻي نَسل وڌائي هڪ جا جُزا ٻئي ۾ تبديل ٿين ٿا- جي ائين نہ ٿئي تہ جيڪو دنيا بيھجي وڃي- ۽ مان ڊڄان ٿو موت کان....!!
ڪائنات ڪيڏي نہ وڏي آهي- ائٽم کان وٺي ﷲ تائين اميبا کان انسان تائين، ڌرتيءَ کان آسمان تائين، اُن ۾ الائي ڪيترا ستارا، هزارين گرھہ، ڪروڙين وڻ، پهڻ، سمونڊ، پھاڙ، مڇيون ۽ ٻيو ايترو سڀڪجهہ هوندي بہ انسان ڊڄي ٿو. پاڻ کي اڪيلو ٿو سمجهي. اڪيلائپ کي پرچائڻ لاءِ ٿو چئي تہ ”هيءُ سڀ ڪجهہ مون لاءِ آهن“ پر پوءِ بہ اڪيلو....!! هر شئي سان واسطو رکندي بہ نہ ٿو رکي. هي سڀ ستارا ڪروڙن سالن کان ائين بيٺا آهن. نہ هي اسان لاءِ آهن ۽ نہ اسان هنن لاءِ آهيون. ان ڪري ئي انسان امن پسند هوندي بہ وحشي آهي، اڪيلائپ جي ڊپ کان گڏ رهون، سوچيو هيم تہ يونيورسٽيءَ جي ڪمري ۾ اڪيلو رهندس، پر نہ رهي سگهيم، سلطان سان رهيس، ڪيڏي بہ انڊر اسٽينڊنگ هوندي بہ ڄڻ نہ آهي. هر ماڻھونءَ ۾ ڪا نہ ڪا خامي هوندي آهي. مون کي منھنجي خامين جي ڄاڻ آهي. ڪنھن کي پنھنجي خامين جي ڄاڻ نہ هوندي آهي. سلطان چوي، ”منھنجي هر ڳالھہ صحيح.“
تنھن ڏيھاڙي ڀت تي ڪرشن مھاراج جو قول لکيائين تہ.
“The wisidom is like the Sun.”
مون کي الائي ڇا ٿي ويو. چيومانس واقعي صحيح آهي. ڪرشن سچ چيو ”پر خود هن جي سڃاڻپ سج جيان نہ هئي.“ سج سڀني لاءِ ساڳيو پر هي شودرن لاءِ ٻيو تہ برهمڻن لاءِ ٻيو. موٽ ۾ چيائين تہ تون گيتا جا شلوڪ پڙھہ تہ ڪرشن جي ذهانت جو پتو پئجي ويندءِ.
چيم ڪرشن سان گڏ محمد صلعم، عيسيٰ، گوتم بہ عظيم هئا. هونئن عظيم اهو جيڪو سچو آهي. گيتا ۾ ڪرشن چوي:
”ڪام مان ڪروڌ پيدا ٿيو، ڪروڌ مان وري موھہ، موھہ سان سمرتي ڀرم، سمرتي ڀرم سان ٻڌي ناس ٿيندي. ۽ جنھن وقت ناس ٿي تہ ماڻھون برباد ٿي ويندا.“
۽ ٻئي هنڌ چيائين ”ڪام مان هٺ پيدا ٿئي.“ ماٺ مان سڀ ڪجهہ ڇڏائي وڃي.“
ڪرشن ڪام ڪيو؛ سوين گوپين ۽ شادي شده راڌا سان ڪام واسنا پوري ڪيائين ڪروڌ ٿيو، سندس ٻڌي ناس ٿي ويئي. ۽ پاڻ چئي ”پربتن ۾ ميرو مان آهيان، جبلن ۾ هماليه مان آهيان نانگن ۾ واسينگ، جانورن ۾ شينھن، پکين ۾ گرڙ مان آهيان. ندين ۾ گنگا ۽ موسمن ۾ بسنت مان آهيان“ مان.... مان هٺ نہ آهي تہ ٻيو ڇا آهي مان تہ ڪجهہ بہ نہ آهيان ۽ دنيا جا سڀ ماڻھو باٿ روم ۾ اچڻ کانپوءِ ڪجهہ بہ نہ هوندو آهن. هاڻ سوچڻ ڪري سور کان مٿو ٿو ڦاٽي بک جي ڪري پيٽ ۾ وڪڙ ٿا پون. ٻن ڏينھن کان ماني نہ کاڌي اٿم رڳو گلوڪوز پئي پيتم ياد اٿم تہ ننڍي هوندي بک لڳي هئي. سڄو ڏينھن ماني نہ ملي هئي. فقير در تي اچي چيو. نالي ﷲ جي ڏيو ڪو ٽڪر ڳڀو. مون کيس چيو هو ”تون نہ ٿو ڏين ﷲ جي نالي“ ۽ نان وٺي اونداهي گهٽيءَ ۾ ماني کائي اچي گهر ڪريو هوم. هت فقير بہ تہ ڪونہ آهن. ڪنھن کان وٺجي، ٽڪر ڳڀو......!! پاڻ مارجي؟
۽ پاڻ مارڻ واريءَ ڳالھہ تي ياد اچي ويو تہ اخبارن ۾ خبر آئي هئي تہ نوجوان پنھنجو مخصوص عضوو ڪٽي ڇڏيو ڪيڏي نہ عجيب فلاسافي آهي. پاڻ کي ماريائين ڇو، ڇو نہ؟ ها هو زندہ رهڻ پيو چاهي مون وانگر....!!
پيٽ ۽ سيڪس سچ تہ اهي ٻئي جذبا هڪ آهن. جيڪا ڳالھہ انھن ۾ هڪجھڙي آهي، اها آهي بک-
ان ڪري ئي چوري ڪيون ۽ اندر ۾ چڪلا ٺاهي ڦرون پيا. جڏهين بہ باٿ روم جي آرسين کي زبانون ٿيون تہ پوءِ خبر پوندي تہ ڪنھن ڪيتري..... ڪئي.
هونءَ بہ مان Sexual Enjoyment لاءِ ڇيڳرين ڇورين ۽ نرسن لاءِ وڌيڪ ڇڪ محسوس ڪندو آهيان.
ڄاڻ اٿم تہ ”پنر جنم“ جو نظريو صحيح آهي. ۽ ايندڙ روپ ۾ ڪتو ٿيندس ڪنھن سھڻي ڪتيءَ جي ڪن ۾ چڪ پائي انھيءَ کي چيڙائي وقت گذاريندس.
انسان ڇا آهي ـــــ؟
مادو، جو جڳھہ والاري، وزن رکي، ۽ ٻئي روپ ۾-؟ مان ٻلو ٿيندس، ٻلا مونکي ڏاڍا وڻندا آهن، صاف صاف ڪنھن سنھري وارن واري ٻليءَ سان شادي ڪندس.
پر هاڻي نہ ٿو چاهيان- رڳو سوچيان ٿو، ڪا گول مول ڇوڪري هجي، گول گپي جيان ان کي ٽافيون کارائجن، بحث ڪجن، تمام گهڻا، پوءِ چڙي پئون، وڙهي پرچون. دوستن چيو تون نفسياتي مريض آهين. ۽ آهيان بہ، پر هر ڪو آهي.
هونءَ بہ مون کي نفسياتي سبجيڪٽ تمام گهڻو وڻي، پر مان ”un-fit“ آهيان. پنھنجي اکين تي چشمو چڙهيل ڏسي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم. گانڌي گارڊن ۾ ويٺل چشمي پاتل باندر وانگر آهيان. ماڻھون مون ڏي ڏسي کلن ٿا. ائين هڪ ڏينھن چشمو ڀڳم چوان اسان پنھنجي ٺھيل شين جا پاڻ غلام ڇو ٿيون. ۽ پوءِ ماڻھون ڌنڌلا، وڻ ڌنڌلا، دوست ڌنڌلا، نہ سڃاڻڻ جي ڪري ڪاوڙجي پيا. دوستن کي پرچائڻ لاءِ چشمو پاتم پاڻ کي پرچائڻ لاءِ چيم. اسان هنن جا نہ، هي اسان جا غلام آهن. اسان هنن کي ٺاهيو ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪيون. ڀل توهان چئو ”گدڙ ڊاک نہ پڄي آکي ٿو کٽا“، پر اهو سڀ ڪجهہ صحيح نہ آهي، هاڻي تہ فوزيہ تي ڏاڍو پيار ٿو اچيم.
فوزيہ مون کي ڏسندي هئي، اڪيلو اڪيلو، ڊپارٽمينٽ کان هاسٽل ۽ هاسٽل کان ڊپارٽمينٽ ايندي ويندي. هن ائين سمجهيو، هو خاموش (ائين نہ آهي) ڇوڪر ڪنھن يتيم ٻار جيان نھاري، پيو پيار پني...!! مان ڪڏهن بہ هن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي ۽ نہ وري هن ئي.
ٽوئر لڳي، مان حرڪتي ٻار وانگر ٽڪرين تي ڊوڙندي ڪري پيس. ٻانھون ٽنگون رهڙجي ويون. ڇوڪرا، ڇوڪريون همدريون ڪري هليا ويا. مان اڪيلو انھن کي ڊوڙندي ڏسڻ لڳس. ريڊيو تي ڪامينٽري پئي هلي.
آئوٽ....!! رڙ نڪري وئي.
ڪير_؟ پٺيان آواز آيو.
مان_
نہ راند ۾،
پرسنا،
ڪنھن جي هٿان_؟
رچرڊ هيڊلي کان_
۽ فوزيہ هلي ويئي. هڪ ڏينھن ڪلاس ۾ ليڪچرار پڇيو:
What do you know about progress of science now a days?
چيومانس هڪ نيوٽران بم آهي. جيڪو انسان کي ختم ڪري ٿو. پر جڳھون ائين جو ائين بيٺيون هونديون، سڀ ۽ سڀ ساهوارا ختم ٿي ويندا ۽ شھر ديو مالائي ڪھاڻين وانگر راڪاس کي ڏنل_!! اها ڀلي پراگريس هجي پر تباهي بہ تہ اهائي آهي. جيڪا شئي پنھنجو پاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وڃي. اها ڪھڙي پراگريس آهي_؟
ليڪچرار چيو: Sitdown young philosopher
ٽھڪ ڦھلجي ويا. مان ڪلاس روم مان نڪري آيس، پوءِ هوءَ ملي.
چيائين، تنھنجو مطلب ڇا هو_؟
ڪجهہ بہ نہ.
آخر ڪجهہ تہ هو!!
ڪجهہ بہ نہ.
ڳالھہ ٻڌ_ جيڪو سر پڙهائي اهو ئي جواب ڏجي_ وڌيڪ......
هون سر اهو پڙهائي تہ نيوٽران بم پراگريس آهي. تہ ڇا هو صحيح آهي!؟
مان حقيقت کان انڪار نہ ڪندس. جي سائنس اها ترقي ڪئي تہ ايندڙ پنجن سالن ۾ انسان جهنگن ۾ موٽي ”Nudeist paradise“ ۾ رهندو، ۽ مون کي اهو ئي پسند آهي. فوزيہ چيو:
سائنسدان اهو تہ سوچيندو آهي تہ سندس ٺھيل شئي تباهي آڻيندي_ ”اوٽوان“ جنھن ايٽم بم تخليق ڪيو. اهو هيروشيما ۽ ناگا ساڪي ڏسي رنو هيو. الفرڊ نوبل، ڊائنا_ مائيٽ جي غلط استعمال تي چرئي ٿيڻ جي حد تي پھتو. ماءُ ڪڏهن بہ ٻار خراب نہ ڄڻيندي آهي. ان کي سٺو يا خراب معاشرو ڪندو آهي. سائنس سٺي آهي ۽ ان جو علم بہ سٺو آهي پر ان کي استعمال ڪندڙ سٺو يا خراب ٿي سگهي ٿو. سچ تہ فوزيہ ڏاڍي ذهين آهي مان شادي بہ ان سان ڪندس. آغا سليم پنھنجي ڪنھن ناول ۾ لکيو هو تہ فلپ ۽ مارگريٽ ٻئي ڪيمبريج يونيورسٽي ۾ گڏ پڙهندا هئا. ٻئي يوناني ۽ لاطيني ادب جا شاگرد هئا. ڪلاس پورو ٿيندو هو تہ ”ڪيم“ نديءَ جي ڪناري تي اچي ويھندا هئا ۽ ڳالھيون ڪندا هئا. مان ۽ فوزيہ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي فزڪس جا شاگرد آهيون ڪلاس پوري ٿيڻ کان پوءِ سنڌوءَ ڏانھن منھن ڪري ڳالھيون ڪندا آهيون. پر فلپ شايد مارگريٽ کي حاصل نہ ڪيو ۽ مان فوزيہ کي حاصل ڪندس.
پر _ پر، فوزيہ اڄ مان توکي ائين نہ چوان ها، هونئن تہ تون هر وقت مونسان ساڻ آهين ڏس تہ ٻنھي اسان گڏ پڙهيو آهي.
“Energy can neither be created nor destroyed.”
انرجي ڇڪ آهي. ڇڪ سڪ آهي جيڪا نہ پيدا ڪئي وڃي ٿي (پيدا ٿي وڃي ٿي) نہ ختم_
سچ_
_ پر مون کي هن وقت فوزيہ نہ کپي منھنجو بک کان پيٽ ٿو وڍجي، مٿو ڦري ٿو اجهڪا ٿا اچن، مون کي بس ٻہ گرھہ مانيءَ جا ڏيو_
ٻہ گرھہ مانيءَ جا........!!