رستا
صوفن تي مريض ليٽيل ۽ ويٺل ڏسندو. اڌ گول ۾ ڪاريڊور لتاڙي (Radio-therapy) جي حصي ۾ ڪوبالٽ 60 سيڪشن ۾ پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺو تہ تھائين تيز ڌپ محسوس ڪيائين.
اڃا ويٺو ئي مس تہ پٽيوالو آيس.
ڊائريڪٽر صاحب....
”ها سڏي ٿو“، وچ مان ڪٽيندي چيائينس: ”اچان ٿو.“
ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ تيز ايئرڪنڊيشنڊ جي ٿڌ ۾ ايئرريفريشر جي خوشبو.
ــــــــ ليٽ ڇو آيو آهين.
ــــــــ ڪم هو.
ــــــــ پنھنجو ڪم ڪر يا تہ نوڪري.
ــــــــ جي.
ڊائريڪٽر ڪرڙيون اکيون ڪري ڏٺس ۽ پوءِ ٽيبل ليمپ جي روشني ۾فائيل پڙهڻ لڳو. هي ڪجهہ سيڪنڊ بيٺو، خاموشي ڏسي ٻاهر نڪري آيو.
پنھنجي سيٽ تي ويھي، هن پلاسٽڪ جي ٿيلھيءَ مان ٻہ بوائل آنا ڪڍي آهستي آهستي کائڻ لڳو. نيرن ڪيائين تہ در مان سندس هيڊ سائنٽفڪ ون زبير داخل ٿيو. ٻنھي ڪنڌ لوڏيا، سلام ٿيو. هو پنھنجي پارٽيشن ٿيل آفيس ۾ وڃي ويٺو.
ــــــــ ديدار.
ــــــــ جي سر.
ــــــــ ديدار بابا، ڪھڙا حال آهن.
ــــــــ سر، مان تباھہ ٿي رهيو آهيان.... ڪاڏي وڃان؟
سائنٽفڪ ون زبير هن کي جذباتي ڏسي مرڪيو ۽ اوچتو در جي شيشي مان ٻاهر ڏٺائين. ٻاهر وارڊ بواءِ شمس نڪ ۾ ٿيل ڪينسر واري مريض کان پئسا وٺي هيڏي هوڏي ڏسي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. هن کي ائين لڳو، هن جيڪي جيت ان نڪ ۾ ٿيل ڪينسر واري مريض مان ڪڍيا هئا، جن سان سڄي گينڊي ڀرجي وئي هئي، اهڙو اڇو جيت وارڊ بواءِ شمس هجي.
سائنٽفڪ ون، هن ڏي ڏسي چيو: ديدار، وارڊ بواءِ تون بہ آهين ۽ وارڊ بواءِ شمس بہ آهي.... فرق رڳو ذهنن جو آهي. هو فوم واري ڪرسيءَ ۾ اندر هليو ويو.
سوچي ٿو ــــــــ
سپاهي، جنھن کان هن کي ڪيڏي نفرت هئي، ان ئي سپاهيءَ شھر ۾ ريڙهيءَ واري تي دهمان ڪري ڏھہ روپيا ورتا هئا. ان ريڙهيءَ وراي ڪيڏي عذاب سان ويھن مان ڏھہ گهٽ ڪري، هن کي ٻانھون ٻڌي ڏھہ رپيا ڏنا هئا ۽ اهوئي سپاهي جڏهن اٺن سالن جي پٽ کي چيڪ ڪرائڻ لاءِ آيو تہ ڊائريڪٽر جنھن کي ”ڪلينڪ الائونس“ ملندي بہ ڊيوٽي ٽائيم ۾ چيڪنگ جا سٺ رپيا ورتا هئا.
ڊائريڪٽرـــــــ
سپاهي،
۽ پاڻ، پاڻ جنھن پھرين تاريخن ۾ ئي گوشت کاڌو هو. ۽ پنجاھہ رپيا دوست جي شاديءَ تي ڏئي، خوشي نہ پر ڏک ۽ عذاب سَٺو هئائين.
هن چيمبر جي ٻاهران ڏٺو، مريض گڏ ٿيندا پئي ويا.
ايپران پائي در کولي ٻاهر بيھي سڏيندو ويو.
”پھريون نمبر.“
”جي صاحب.“
هن ڪارڊ وٺي پڙهيو. مريض جي ڳلي تي ڏٺائين مارڪر جو نشان. مريض کي ”گاماٽران“ جي هيٺان اسٽريچر تي سمھاري، اسٽريچر کي هيٺ مٿي، کاٻي ساڄي ڦيرائي مريض کي چيائين، ”چُرجانءِ نہ.“
مريض اسٽريچر تي ۽ ائيرڪنڊيشنڊ جي ٿڌ ۾ ننڊا کڙو ٿي ويو هو، تنھن آهستي چيو ”نہ.“
۽ هن ٻاهر اچي در بند ڪري ٽي ــــــ وي سيٽ تي ڏسي بٽڻ آن ڪيائين. اسڪرين تي ڪرڻن جي ڌار مريض جي ڳلي ۾ هلي وئي. ڪجهہ سيڪنڊن کانپوءِ هن در کولي مريض کي اسٽريچر تان اٿاريو. مريض جي منھن ڦڪي پر روشن مُرڪ هئي.
ٻيو نمبرـــــــ
.... سندس منھن سڄيل ۽ زخميل، ڄڻ ڪنھن اڏيءَ تي رکي مٿان قيمي ڪرڻ لاءِ ڪات هنيا هجن. رت، پونءِ ۽ ڌپ.
هن سوچيو، بچندو ڪونه، وڌ ۾ وڌ چار هفتا.
ـــــــ سائين ـــــــ
ـــــــ ها بابا،
”الاهسئون مران ٿو.“ چچريل گهگهو آواز.
هن گاماٽران مشين سان گاماريز ڏنس تہ کيسي مان ڏھہ روپيا ڪڍي ڏيڻ لاءِ ڪيائين مس تہ چيائينس، ”نہ بابا نہ.“
مريض کيسي ۾ ڏھہ روپيا واپس وجهي ڀڻ ڀڻ ڪندو هليو ويو.
ٽيون نمبر....
چوٿون.......
پنجون.......
ڇھون........
۽ پوءِ ٻُڌل، مريض جي آوازن جا لڳاتار پڙاڏا:
ـــــــ سائين... مران ٿو، پھرين مون کي....
ـــــــ ائي لي ڙي
ـــــــ کئون، کئون ـــــــ
ـــــــ اڙي ڳچي ٿي ڪپجي ڙي.
ـــــــ ۽
ـــــــ صبح جو ماءُ کان ٻڌل جملا:
ـــــــ پٽ
ـــــــ فدا کي اسڪول جو يونيفارم....
ـــــــ گيس جو بل
ـــــــ بجلي جو بل
ـــــــ ڀاڄي واري جا ٽن ڏينھن جا پئسا.
گهر ۾ عذاب.
سينٽر ۾ عذاب.
ايپران لاهي آهستي آهستي آفيس جو در کولي، اڌ گول ڪاريڊور ۾ اچي شيشي واري در مان ٻاهر ڏسڻ لڳو. ٻاهر ڳاڙها گل ۽ اندر پيلا چھرا. ٻاهر چمپا جي هيٺان سنگمرمر جي اڇي پليٽ تي لکيل لفظ ياد اچي ويس، جيڪي کيس ڏاڍا وڻندا آهن
Silent Spring
In the memory of those
Who perished in the service of mankind.
سوچ ذهن ۾.
ڪير ڪنھن جي لاءِ ڪري بہ ڇا ٿو؟
ڇا جي خدمت.
پٽيوالي کان وٺي وڏي صاحب تائين سڀ ڄڻ تہ ڪينسر جي فٽ مان رت چوسيندڙ جيت.
اسٽور ڪيپر.
جيڪو پرچي وٺي ستن دوائن مان ٽي مريض کي ڏئي چار کيسي ۾ وجهي پرچي تي نمبروار ٽڪ ڪري چوندس، ”هي ٽي آهن، باقي چار ختم ٿي ويون آهن، وڃي شھر مان وٺ.“
ان ئي اسٽور ڪيپر پنھنجو علاج ڪرڻ لاءِ ابتيون سبتيون دوائون کائڻ ڪري ڪنڌ ۾ سور وڌي ويس ۽ آخر هڪ هنڌ بيھجي ويس. هاڻ رڳو Tranquillizer کائي ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هوندو.
وارڊ بواءِ
ڊائريڪٽر
اسٽور ڪيپر
پٽيوالا.
(ڪير ٿو خدمت ڪري؟ ڪير نہ ٿو ڪري!)
ديدار.
هن پٺتي ڏٺو. پٽيوالو بيٺو هو، جنھن چيس:
ـــــ ”ڊائريڪٽر صاحب سڏيو ٿو.“
ـــــ جي.... اچان ٿو.
هو روم مان ايپران پائي، شفاف شيشي مان نظر ايندڙ شيڊ کي ڏسي، وار سڌاري آهستي آهستي ڪاريڊور پار ڪري ڏاڪڻ تي چڙهيو. در کولي اندر ٿيو.
ڊائريڪٽر کيس ڏسي چيو، ”فلم بيج ۽ پينٽوزيميٽر جي چئن هفتن جي رپورٽ مان اهو آهي تہ توکي بہ Radiation لڳا آهن. وڌيڪ لڳئي تہ ڪينسر نہ ٿي پوئي.... سو تون ڀلي وڃي مھينو آرام ڪر.... هونءَ بہ حرامخورآن... توکي تہ رڳو موڪل کپي، وڃ هتان!“
هي تيز اچي، ايپران لاهي سائنٽيفڪ ون کي سلام ڪري، مين گيٽ مان سينٽر کان ٻاهر نڪتو. هڪ وڏي ساھہ سان آڪسيجن اندر ڪري وات مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڪڍي ڳاڙهن گلن کي ڏسڻ لڳو:
”Stop Frame“
”هو شھر ۾ دڪان تي ويلڊنگ ڪري ٿو.“