پنهنجي پاران
هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهريون ڀاڱو مون ويجهڙائي ۾ لکيو آهي. جنهن ۾ ”بنيادي زرعي ڄاڻ“ جي حوالي سان، قديم ۽ جديد زراعت تي بحث ڪندي، نه صرف بنيادي ۽ ضروري زرعي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، پر ان سان گڏوگڏ اڄ ڪلهه جي اهم زرعي مسئلن جي نشاندهي ڪندي، انهن جي حل لاءِ گهربل ڄاڻ ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي اٿم. جڏهن ته ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ”فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار“ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ فصل کي باب ۽ ان باب ۾ سال جو هر مهينو عنوان طور ظاهر ڪري، ان مهيني ۾ ٿيڻ وارا ممڪن ضروري زرعي ڪم ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ٻيون ڀاڱو جيتوڻيڪ مون ڳچ سال اڳ لکيو هو، پر ان کي نئين سئين سڌاري ۽ وڌائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ان حد تائين به، ته جڏهن اهو ڀاڱو مون لکيو هو، ان زماني ۾ ڪڻڪ جي پوک کرين تي نه ٿيندي هئي. هاڻ جي ٿيل زرعي تجربن جي روشني ۾، ڪڻڪ جي کرين تي پوک مان فائدا ظاهر ٿيا آهن، ته ان جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح، اڳ ۾ مٺي سرنهن (ڪينولا) جي پوک نه ٿيندي هئي، پر هاڻ ان جي پوک ٿيڻ شروع ٿي آهي، ته ان حوالي سان پڻ معلومات ڏني وئي آهي.
آئون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جو دل سان ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي، ڪتاب پڙهي، مهاڳ لکي ڏنو.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر جا قرب، جنهن پڻ ڪتاب پڙهيو ۽ ڪتاب سميت پڙهندڙن آڏو مون کي به متعارف ڪرايو.
عبدالرسول عباسي واندو هوندي به واندو نه هوندو آهي. هن تمام ٿورڙي وقت ۾، تمام سٺو ٽائيٽل ڊزائين ڪري ڏنو. آئون سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.
”ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي“، منهنجي خيال ۾ ڪتاب لکڻ مسئلو نه آهي، ڪتاب ڇپرائڻ وڏو مسئلو آهي. هي ڪتاب لکجي ته ويو، پر ڇپرائڻ مسئلو ٿي پيو. ان لاءِ آئون ”لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام (LHDP)“ سٿ جو ٿورائتو آهيان، جن جي مالي سهڪار سان هي ڪتاب ڇپجي سگهيو. سهڪاري سٿ جي ساٿي عبدالله سراز جا ٿورا نه ٿورا، جيڪو هر مرحلي تي هڪ ٻانهن ٻيلي طور سهڪاري رهيو.
منهنجي وڏي فرزند اظهار مٺل جسڪاڻي جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. سندس ئي زور ڀرڻ تي منهنجو هيءُ ٻيو ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي. منهنجا فرزند وقار مٺل جسڪاڻي ۽ ابصار مٺل جسڪاڻي سدائين منهنجون لکڻيون ڪمپوز ڪندا رهيا آهن. هي ڪتاب پڻ انهن ئي ڪمپوز ڪيو آهي. سندن به ٿورا. ابرار مٺل جسڪاڻي منهنجو ننڍو پُٽ آهي. ننڍو هجڻ ناتي، مون سميت وڏن ڀائرن ۽ ٻين گهر ڀاتين جا مختلف ننڍا وڏا ڪم، سندس ذميواري ۾ رهندا پيا اچن ۽ پاڻ به بهتر نموني نڀائيندو پيو اچي. ان ڪري پڻ مون کي لکڻ ۾ سهوليت رهي. آئون سندس به ٿورائتو آهيان.
ڳاڻيٽي ۾ اچي سگهندڙ منهنجي ڪارڪردگي ۾، منهنجي ڪٽنب جو وڏو عمل دخل آهي. ”سڀني“ گهر ڀاتين جو ساٿ وسارڻ جهڙو نه آهي. جهڙو به آهيان، سمورن ڀاتين سميت ڀاءُ علي جسڪاڻي جي قرب ۽ قربانين جي ڪري آهيان. سندن متعلق لکڻ لاءِ گهربل لفظ نه آهن.
پڙهندڙن وٽان مثبت موٽ منهنجي تربيت به ڪندي ۽ ايندڙ ڪتاب جو سبب به بڻبي. ان جو اوسيئڙو رهندو.
[b]محمد مٺل جسڪاڻي
[/b]