آبادگارن کي پنهنجي بقا لاءِ سوچڻ گهرجي
اتم کيتي سان لاڳاپيل آبادگارن، هاڻي واپارين جي ور چڙهي، پنهنجي پير تي سنڌائتا ڪهاڙا هڻڻ شروع ڪيا آهن، کين ڪير چوي؟ مون کي اهڙو اختيار آهي به الاءِ نه، پر دل ٿي چئي ته سندن خدمت ۾ عرض ڪريان.
آبادگار ڀائرو، جيڪي پيرسن حال حيات آهن، اهي موجودهه زراعت تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي، جيڪي جيڪي به ڳالهيون ڪن ٿا، انهن ۾ شڪ جي گنجائش نه آهي. بيشڪ اڳي ڪڻڪ جي ماني هجي يا چانور، خوشبوءَ، ذائقي ۽ رنگت جي لحاظ کان، اڄ ڪلهه جي کاڄندڙ ڪڻڪ ۽ چانورن کان وڌيڪ موهيندڙ هوندا هئا. اهو به درست آهي، ته شروع شروع ۾، هٿرادو نموني تيار ڪيل ڪيميائي ڀاڻ، مفت ۾، زمين تي پهچايو ويندو هو، ته جيئن آبادگار استعمال ڪري، ان جو فائدو ڏسن. پوءِ اهو تمام ٿورن پئسن ۾ وڪرو ٿيندو رهيو، تان جو آبادگارن ۾ اهي ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪرڻ جو ايترو رجحان وڌي ويو، جو هاڻي ذري گهٽ هر ڀاڻ مهانگي ملهه باوجود، بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جا اطلاع عام آهن.
شروعاتي دور ۾ ماڻهن، پالتو جانورن ۽ پکين توڙي فصلن ۾ نقصان رسائيندڙ جيتن ۽ بيمارين جي جراثيمن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڦڪين تي گذارو ڪيو ويندو هو ۽ تجربيڪار طبيب جي هر ڦڪي فرق ڪندي هئي ۽ اڄ به علاج معالج جو اهڙو طريقو نه صرف رائج آهي، پر گهڻين صورتن ۾ سستو ۽ فائديمند به آهي.
آبادگار دوستو، اهي سڀ حقيقتون آهن ۽ هيءَ به هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي سائنس به ترقي ڪئي آهي، پر وٽ واپار جون اٽڪلون ۽ حرفتون به تمام گهڻيون تبديل ٿي ويون آهن، ٿينديون رهنديون.
واپار ڀلي وڌندڙ هجي ۽ جاري به هجي، پر زراعت جي حوالي سان هلي پيل واپار جا مختلف رخ اوهان کي نظر ۾ رکڻ گهرجن ۽ انهن تي ويچارڻ به اوهان جو ئي بنيادي ڪم آهي. جيڪڏهن اوهان اک نه پٽي، ته پوءِ اتم کيتي وارو تصور پاڻ ڄاڻ ختم ٿي ويندو. مهرباني ڪري اوهان اتم کيتي کي اتم رهڻ جي ڪوشش ڪريو.
آبادگار ساٿيو، اوهان کي عرض هي ڪرڻو اٿم، ته في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ وقت جي اڻ ٽر تقاضا آهي. اوهان ڀلي ڏينهن رات هڪ ڪري، ڀلي محنت ۽ سيڙهپ ڪري، في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جا سڀ جتن ڪريو، پر سائنسي حقيقتن کي به نظر ۾ رکو.
اڄ ڪلهه جيڪي فصلن جون نيون جنسون عام وڪري ۾ آهن، انهن تي ٿورو ڌيان ڏيو، ته اهي جنسون اوهان جو صرف حال بهتر ڪنديون يا اوهان جو مستقبل به انهن ئي جنسن ۾ آهي؟
جنهن جنهن به فصل جون نيون جنسون مختلف ملڪن مان گهرايون وڃن پيون، انهن تي وڌيڪ، تمام وڌيڪ ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ اوهان کي ٻه مثال ڏيڻ تمام ضروري ٿو سمجهان.
پهريون مثال ڪيلي جو ڏيندس. اوهان ماضي بابت معلومات حاصل ڪريو، پاڻ وٽ ڪيلي ۾ ڇڳي نما چوٽيءَ واري وائرس (بنانا بنچي ٽاپ وائرس) بيماري نه هئي. اها بيماري پاڻ وٽ ڪنهن اهڙي شخص متعارف ڪرائي، جنهن کي بهترين زراعتدان جو شرف ماڻي، انعام، اڪرام، اعزاز، ناماچاري حاصل ڪرڻ جو خفت هو. اهو شخص ان ۾ ڪامياب به ويو، پر هو ٻاهرئين ملڪ مان اهڙو ڪيلو کڻي هتي پهتو، جنهن اها خطرناڪ بيماري ڦهلائڻ جو ڪم ڪيو ۽ هاڻي پاڻ کي سدائين ان خطري کي منهن ڏيڻو پوندو. هن بيماري جي ڪري في ايڪڙ خرچ ۽ محنت به وڌيڪ جاري رکڻي پوندي، نه ته ڪيلو بهتر پيداوار ته ڇا، بي احتياطي ڪبي ته هڪ به ڦري نه ملندي.
ٻيو مثال ٽماٽي سميت مختلف ڀاڄين وارن فصلن جو ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. اوهان جيڪي ٽماٽو ۽ ڀاڄيون پوکيندڙ آبادگار آهيو، اهي واضح طور ڄاڻو ۽ سمجهو ٿا، جيڪي اهي فصل نه پوکيندڙ آبادگار آهن، انهن کي ٻڌايو ۽ سمجهايو، ته هاڻي اوهان کي مڪمل طور تي، پرڏيهي ٻجن تي ڀاڙڻو پيو پوي! ڇاڪاڻ ته اوهان وٽ انهن فصلن جي ڪنهن به مقامي جنس جو ٻج موجود نه آهي. جيڪڏهن اوهان وڌندڙ واپار ڪندڙ واپارين کان، سندن مرضي واري اگهه تي، سندن مرضي واري جنس جو ٻج حاصل نه ڪندا، ته اهي فصل پوکڻ لاءِ هاڻي اوهان وٽ ٻج به نه آهي!؟
هي ٻه مثال ڏيڻ کانپوءِ آئون پنهنجي ان عرض ڏانهن ايندس، جيڪو مون کي ڪرڻو آهي.
آبادگار ڀائرو، کيتي اتم آهي ۽ واپار وڌندڙ. واپارين اوهان جي اتم کيتي کي نوڪري کان به نيچ ڪري، پنڻ واري گس تي هلائڻ جا مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. اوهان کي ان بابت ويچارڻ گهرجي، اوهان کي اوهان جي ئي بقا لاءِ سوچڻ ۽ ڪا بهتر حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
اوهان جو مسئلو به هاڻي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪول وارو نظام ٿيندو پيو وڃي! اوهان جو سرڪاري زرعي ادارن تي ويساهه گهٽبو پيو وڃي ۽ نجي واپاري ماڻهو ۽ تنظيمون اوهان کي پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائيندا پيا وڃن. هاڻي جيئن عام ماڻهو جو سرڪاري صحت مرڪزن تان ويساه کڻايو ويو آهي ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڪاروبار کي عروج تي پهچايو ويو آهي، ساڳئي طرح زراعت کي به يرغمال ڪرڻ جون ڪوششون، جيئن پوءِ تيئن تيز ۽ تيز تر ٿي رهيون آهن. جڏهن ته اوهان ڀلي مذاڪرا ڪرايو، ثبوتن سان حوالا حاصل ڪريو، جهڙي ريت غير سرڪاري تعليمي ادارن مان اڃا سرڪاري ادارن جهڙي بهتر ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي، جيئن سرڪاري اسپتالن جي ڀيٽ ۾ غيرسرڪاري اسپتالون گهڻائي لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيون آهن، بلڪل ساڳئي نموني ياد رکو ته واپار ڪندڙ واپاري، اوهان جي زراعت کي زور نه ٿا وٺرائي سگهن. اوهان ڀلائي ڪري واپارين جي ور نه چڙهو. پنهنجي سرڪاري زرعي ادارن ڏانهن ورو، انهن کي پنهنجي ضرورتن موجب ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪريو، پر انهن تان ويساهه نه کڻو.
تعليمي ادارن ۽ اسپتالن وانگر زراعت ۾ به ڪي سرڪاري ادارن جا ماڻهو، ذاتي عيش عشرت لاءِ خانگي ڪم ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ، اوهان کي ملي ويندا. ان جو ڪارڻ معلوم ڪريو ۽ ان جو حل ڳوليو، پر موقعي پرستن کان پاڻ بچو، پنهنجو مستقبل بچايو. ڪٿي ائين نه ٿئي، جيئن تعليم ۽ صحت واري حوالي سان سڀ ڪجهه پاڻ لٽائڻ باوجود، اڪثريت ساڳئي حال ۾ هوندي آهي، تيئن اوهان ته پنهنجي شعبي کي تباهه نه ڪريو، ان کي بچايو.
مون کي خبر نه آهي ته هن مد ۾ مون کي ڪيترو گهرائي تائين، اوهان سان حال اورڻ جي اجازت آهي، بهرحال، اوهان ڪجهه پڙهو، اٿو ويهو، هن معاملي تي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪريو، سڀ ڪجهه سمجهي ويندو.
***
وسن شال مينھن،
وسندا رھن مينھن،
منھنجو ٿر توڙي ڪاڇو،
خود ڪوھستان پڻ،
ملير آھي املھه،
ڪشمير آھي اصل،
اڳي جيان جيڪر،
وسندا مينھن رھن،
ماڙھو مرگھه مينھون،
پکي پکڻ سڀ،
سموري جيوت ۾ جوت اچي،
ھر جيو خوش رھي،
جي وسندا مينھن رھن،
نوان نينھن ٿين...
مٺل جسڪاڻي