مختلف موضوع

زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)

پروفيسر مٺل جسڪاڻي جو هي ڪتاب ”زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ”بنيادي زرعي ڄاڻ“ ۾ ”زراعت: انتهائي اهم پشيوراڻي مهارت وارو مضمون“، ”آبادگارن کي پنهنجي بقا لاءِ سوچڻ گهرجي“، ”فصلن جي پيداوار ۽ بچاءُ : مسئلا، مونجھارا ۽ صلاحون“، ”فصلن ۽ باغن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان اڳ ڪٿي جي اهميت“، سميت ٻيا مضمون جڏھن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ ڪڻڪ، ساريون، جوئر ٻاجھر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاهه عنوان سان مختلف باب آهن، جن ۾ ”فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار“ ياد ڏياريل آهي. هن ڀاڱي جي به اهڙي ئي اهميت آهي، جهڙي عام وقت جي، عام ڪيلينڊر جي اهميت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1318
  • 587
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مٺل جسڪاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)

برسات کان پوءِ زراعت جي بحالي

ڌرتيءَ جي گولي تي سمورن ساهوارن جي جيئاپي جو دارومدار زراعت تي آهي، پر پيڙهي در پيڙهي زراعت سان وابسطگيءَ جي ڪري، زراعت کي سولو ڪم سمجهي، ان تي ڪا خاص توجهه ڏيڻ بدران، زراعت جي ڀيٽ ۾ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين، پنجين نمبر جي اهم موضوعن کي اهميت ڏئي، اصل موضوع کي نظر انداز ڪري، اڪثريت پنهنجي پاڻ سان ويساهه گهاتي ڪري رهي آهي. جنهن ڪري، جيئن جيئن ماڻهن جي تعداد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي، تيئن تيئن زرعي ايراضيءَ ۾، ماڻهن جي ضرورتن جون عمارتون يعني گهر، تعليم ۽ صحت جون، توڙي ضرورت جون ٻيون جايون جڳهيون به تعمير ٿيڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جون سفري سهوليتون وڌائڻ لاءِ ضروري رستن جو ڄار وڇائڻ جي ڪري، عام فصلن، ڀاڄين، ميون جي پوک، جانورن جي چاري ۽ رهائش لاءِ انتظام وارين جڳهين لاءِ گهربل ايراضي گهٽجي رهي آهي. ڇو ته ڌرتي جيتري آهي، اها ته اوتري ئي رهڻي هجڻ گهرجي، پر ماڻهن جي مرضي سان ٿيندڙ مختلف عملن جي ڪري، جيڪا فطرت سان، ماحول سان هٿ چراند ٿيندي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ جيڪي موسمي تبديليون اچي رهيون آهن، انهن جي ڪري يا ته بيابان پٽ وڌي رهيا آهن يا وري سامونڊي سرحدون وڌي رهيون آهن! نتيجي طور، حال ۾ به بيشمار ماڻهو پيٽ قوت لاءِ پريشان آهن، مستقبل اڃا وڌيڪ هاڃيڪار ٿيندو پيو وڃي.
پاڻ ماڻهو، جيڪي پاڻ کي اشرف المخلوقات چئون ٿا، پنهنجي عقل، ڏاهپ تي فخر ڪريون ٿا، انهن کي سرت ۽ سمجهه جو ثبوت ڏيڻ گهرجي، حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، پر نه، اها سوچ هاڻ سڀني ۾ هڪ ساريڪي نه رهي آهي. نتيجي طور، زراعت حيرت جي حد تائين نظر انداز ٿي رهي آهي! جڏهن ته زراعت کي روايتي زراعت طور هلائڻ بدران، جديد زراعت جو رُخ ڏئي، زراعت کي صنعت طور اپنائڻ جي، جيئن پوءِ تيئن ضرورت وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي کان ئي تمام ٿورڙي محنت، تمام ٿورڙي لاڳت، تمام ٿورڙي پاڻي ۽ تمام ٿورڙي ايراضيءَ مان، جيتري به وڌيڪ ممڪن ٿي سگهي، وڌيڪ پيداوار حاضل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ وقت جي ضرورت ٿي پئي آهي. ائين ڪرڻ هاڻ ناممڪن به ته نه رهيو آهي، پر مستقبل ۾، زرعي تحقيق جي نتيجن سبب، اڃا به وڌيڪ ممڪن آهي ته تمام گهٽ وسيلن مان، تمام گهڻي زرعي پيداوار حاصل ڪري سگهجي.
مٿي لکيل سٽون، ڪو افسانو نه آهي، ڪا ڪهاڻي نه آهي، ڪنهن ناول مان ورتل ٽڪرو نه آهي، نه ئي شاعري آهي. اهي توڙي هن کان پوءِ لکجندڙ سٽون پڻ، نظم يا نثر جي ڪنهن به صنف سان سلهاڙيل سٽون نه سمجهڻ گهرجن. ڇو ته زراعت نج پج سائنس آهي ۽ سائنس ۾ خيالي پُلاءُ جي ڪا به اهميت نه آهي. جيڪي به سٽون لکجي چڪيون ۽ جيڪي به سٽون لکبيون، اهي زرعي سائنسي تحقيق جي مليل نتيجن ۽ مستقبل لاءِ رٿيل حڪمت عملي جو ردعمل آهن، حقيقت آهن، ڪڙو سچ آهن. ٿورڙي به شڪ جي گنجائش ڪڍبي، انومان سمجهبو، ته مطلب ۽ مقصد تان ٿڙي وڃبو، راهه تان ٿڙي وڃبو، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ڪڍبو، ته ماضيءَ وانگر حال ۾ پڻ پنهنجي وڍئي جو ڪو به ويڄ يا طبيب نه ملندو... هٿ مهٽيندي رهجي وڃبو.
پنهنجي ماحول ۾، زراعت جي حوالي سان لکڻ لاءِ اهم موضوع ڪو هڪ نه آهي، هڪ کان وڌيڪ ٻيو، هر موضوع گهڻو اهم آهي. ڇو ته دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾، پاڻ وٽ ٻين موضوعن ۽ مضمونن سميت، زراعت جي حوالي سان پڻ اهم معلومات عام ڪرڻ جون تمام گهڻيون گنجائشون موجود آهن. ان حد تائين به ته... ڪهڙو ڪهڙو مثال ڏئي، ڪهڙو مثال نه ڏجي!؟ هٿرادو پوک هيٺ گهڻا فصل، گهڻيون ڀاڄيون ۽ گهڻا ميوا آهن ۽ جيڪي قدرتي طور پاڻ مرادو پاڻهي ڦٽن ٿا، اهي پيڙهين کان کائون به ٿا، پوءِ به فصلن جي پوک واري ترتيب ۾ ڇو نه آهن؟ اهي هٿرادو طريقي سان ڇو نه ٿا پوکيا وڃن؟ يا وري جيڪي فصل، ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيون ٿا، انهن کي نقصان رسائڻ وارا جيڪي جيڪي به دشمن آهن، انهن جي ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ آهي؟ جيت ڇا آهي؟ بيماري ڇا آهي؟ ٻنهي لاءِ عام مروج هڪ لفظ ”مرض“ ڇو ٿو استعمال ٿئي؟ جيڪڏهن اهو لفظ صحيح ٿو استعمال ٿئي، ته ڇا هر مرض جو علاج به ڪو هڪ ساڳيو ممڪن آهي؟
سچ، حق سچ ته اهو آهي، ته زراعت جي الف ب کان لکڻ شروع ڪجي، پهرين اهي پڙهائي، پوءِ اڳتي وڌجي، پر في الحال پاڻ ٻيا سڀ موضوع، سڀ عنوان نظر انداز ڪري، صرف هڪ نقطي تي بحث ٿا ڪريون، ته برساتن جي ڪري زراعت کي ڪهڙو ڪهڙو نقصان ٿيندو آهي، انهن جي پيش نظر، زراعت جي ٻيهر بحالي لاءِ ڇا ڪجي؟ ڪهڙيون صلاحون ڏجن؟
فصلن، ڀاڄين، ميون جي پوک، پکين ۽ جانورن جي پالنا کي پاڻ زراعت چئون ٿا. اهي سڀ به ائين ساهه وارا آهن، جيئن پاڻ ماڻهو ساهه وارا آهيون. انهن سمورن کي به هڪ موافق آبهوا گهرجي. جيڪڏهن آبهوا ۾ ٿوري به تبديلي ايندي، ته ان جو ماڻهن تي جيئن منفي اثر مرتب ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، فصلن، ڀاڄين، ميون، پکين ۽ جانورن تي پڻ ساڳئي نموني منفي اثر مرتب ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ان ڪري، برسات سبب هڪڙا ته سڌيءَ طرح نقصانڪار اثر ٿين ٿا، ٻيا وري اڻ سڌي طرح جا نقصان پون ٿا.
اڻ سڌي طرح نقصان ۾ اهي نقصان ڳڻي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به فصل جو نالو کڻڻ کانسواءِ ممڪن آهن. مثال طور برسات ۾ جيڪي زرعي اوزار پاڻي ۾ پُسن ٿا، اهي لوهه جا ٺهيل هوندا، ته اهي زنگبا، انهن تي ڪٽ چڙهندي، ڪمزور ٿيندا. جيڪي اوزار ڪاٺ مان ٺهيل آهن، يا جن اوزارن ۾ ڪاٺ استعمال ٿيل آهي، ته ڪاٺ کي پاڻي لڳڻ سان ٿيندڙ نقصان، زرعي اوزار کي پهچندڙ نقصان جي زمري ۾ اچي ٿو.
اڻ سڌي طرح نقصان ۾ صرف زرعي اوزار ئي نه، زرعي مشينري يعني ٽريڪٽر، ٿريشر، ڊرلر، هارويسٽر، وغيره وغيره کان ويندي، انهن کي محفوظ ڪري رکڻ واري جڳهه کي به نه وسارڻ گهرجي. ڇو ته برسات جي ڪري جيئن گهر يا ڪنهن به عمارت کي نقصان ٿئي ٿو، هر قسم جي زرعي توڙي غير زرعي اڏاوت وارين جاين جڳهين کي پڻ ساڳيا نقصان ٿيندا آهن.
اڻ سڌي طرح نقصان ۾ زمين تائين وڃڻ واري گس، پٽڙي، رستي کي نقصان، زمين تائين آبپاشي وارو پاڻي پهچائڻ واري نالي، واٽر ڪورس، شاخ، واهه وغيره کي به برسات ۾ نقصان پوي ٿو. ٻنا ۽ پٽڙيون برسات جي پاڻي جي وهڪري ۾ کاڄي، گهارا وجهي، وڏو ننڍو نقصان ڪن ٿا.
اهڙي طرح هر فصل، هر ڀاڄي، هر ميوي ئي نه، هر پاليل پکي توڙي جانورن جي نسبت سان پڻ، اوهان پاڻ لاڳاپيل ضروري ساز سامان ساريو، پوءِ ٿورو ويچاريو، ان موضوع تي هڪ ٻئي سان ڳالهايو، ياد ڪريو ته برسات جي ڪري زراعت کي اڻ سڌيءَ طرح ڪهڙا ڪهڙا نقصان متوقع آهن؟ ۽ پوءِ ان نسبت سان بحالي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
برسات جي ڪري زراعت کي سڌي طرح ڪهڙا ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا؟ اهو ته تمام سولو سوال آهي، پر ڪڏهن، ڪنهن، ان سوال ۽ ان جي جواب تي ويچاريو به آهي! چند ڪي سياڻا آبادگار آهن، انهن مان چند ڪي چست آبادگار آهن، جيڪي جيئن پنهنجي گهر، پنهنجي اوطاق کي برسات جي نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سندن پاليل هر پکي پکڻ ۽ ننڍي وڏي جانور کي به برسات کان محفوظ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. پنهنجو هر فصل، هر ڀاڄي، هر ميوو، برسات جي ڪري ٿيندڙ نقصان کان بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن.
اوهان ٿورو سوچيو، ويچاريو، ياد ڪريو، پوءِ وري پاڻ ۾ جيڪي روزاني روز ملو ٿا، ڪچهريون ڪريو ٿا، اهي گڏجي ويهي، هِن موضوع تي ڳالهايو، هڪ ٻئي سان بحث ڪريو، ياد ڪريو، ته برسات جي ڪري زراعت کي ڪهڙا ڪهڙا نقصان سڌيءَ طرح پون ٿا؟ مثال طور جتي پاڻي جي ضرورت نه هئي، برسات ته اتي به وسِي پَئي، جتي پاڻي جي ٿوري ضرورت هئي، برسات ته اتي به وسِي پَئي. ايترو ئي نه، برسات جي ڪري پاڻي وڌيو، ته پاڻي کي روڪڻ لاءِ جيڪي ٻنا، جيڪي بند ٻڌل هئا، اهي ته ضرور لڙهيا! اهي لڙهيا ته پاڻي پنهنجي مٿانهين، مٿاڇري واري سطح ته ڀلي هموار رکي، پر پاڻ وٽ زمينون ڪيتريون هموار آهن؟ هيٺاهين وارين زمينن ۾ برسات جو مٿاهين وارو پاڻي به اچي نڪرندو، ته نه صرف گهر، اوطاق يا ٻيءَ عمارت، پر وٿاڻ ۽ فصل به پاڻي ۾ ٻڏو ته نقصان ٿيو!
هاڻي اوهان کي گس مون ڪڍي ڏنو. پنهنجي گهر، اوطاق وٿاڻ کان ٿيندا، زمين تائين پهچي، پاڻي جي صورتحال ئي نه، برسات وسڻ دوران جيڪا جهڪ لڳي، جيڪو طوفان آيو، جيڪي تيز هوائون لڳيون، جيڪي تيز برساتون وسيون، جيڪا ڦڙ ڦڙ ججهو وقت جاري رهي، انهن مان هر هڪ جي ڪري، عام معمولي صورتحال ۾ ڪهڙي ڪهڙي غير معمولي تبديلي آئي؟ آيل هر تبديلي زراعت کي نقصان ئي ته ڏنو نه!
برسات جيڪا ٿيڻي هئي ٿي وئي، نقصان جيڪو ٿيڻو هو ٿي ويو، هاڻي ڇا ڪجي؟ هٿ هٿ تي ڏئي، يا هٿ مٿي تي ڏيئي ويهي رهجي! يا اهو ڪِي ڪجي، جيڪو ڪم اچي؟
آبادگار ڀائرن کي سهڻي صلاح ٿي ڏجي، ته سندن هر زرعي اوزار، زرعي مشينري، مَنهن، ڇنا، اوطاق ۽ گهر ئي نه، زمين تي ويندڙ پٽڙي، رستو، ٻنو ٻنو ڪري گهمو، هر فصل جو، ڀاڄي جو، ميوي جو معائنو ڪريو، ڀڳل ٽٽل جاءِ، جڳهه، بند، ٻني، ٻوٽي، وڻ جو بندوبست ڪريو. جيڪو فصل ٻُڏي ويو، اهو ته هاڻ نه ٿيندو، ان جي جاءِ تي هاڻ نئين فصل پوکڻ جي تياري ڪريو.
سڀني کان اهم صلاح اها عرض ٿو ڪريان، ته هن برسات ۾ ٿيل هر نقصان کي سمجهي وٺو، ان کان ممڪن بچاءُ کي سمجهي وٺو، ۽... هن دفعي جي نقصان کي برداشت ڪري، ايندڙ هر برسات ۾ نقصان کان بچڻ جا اڳواٽ اُپاءُ وٺو، جيترو به ممڪن ٿي سگهي، نقصان جي حد کي گهٽائي وٺو. جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو، ته اوهان کي ئي فائدو ٿيو. آئون اوهان جي فائدي ۾ خوش.

***