ڪو به ٻوٽو يا وڻ فضول ناهي، زمين جو ذرو به واندو نه ڇڏيو!
شهرن وانگر ئي، ٻهراڙي ۾ پڻ، موجود هر مسئلي ۽ مونجھاري جي جڙ، واندڪائي آهي. ڇو ته روزگار جي ذريعن جي تمام ججھي کوٽ آهي، جنهن ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻا به، واندا وڌيڪ رهندا آهن. ٻهراڙي وارن ڳوٺاڻن جي ظاهري سادگي به دراصل وسيلن جي کوٽ جيڪري آهي، نه ته ڳوٺ، شهرن کان ڀلي ڪوهين ڏور ڇو نه هجن، انهن مان جنهن جنهن جي به وس ۾ آهي، اهو ڪنهن به لحاظ کان شهرين جي ڀيٽ ۾ گھٽ صاف سٿرو نظر نه ايندو آهي. مرچ ماني يا لسي ماني شوق سان نه، پر مجبوري ۾ کاڌي ويندي آهي. جتي جتي به وس ۾ هوندو آهي، اتي نيرن، منجھند توڙي رات، سٺو کاڌو ۽ سٺو پيتو وڃي ٿو. جنهن جو جھڙو حال آهي، ان آهر ئي سهي، پر شهرن ۾ اڃا به نيرن ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ٻهراڙي ۾ ته مالوند ۽ آسوند سڏجندڙن ٻهراڙي جي اڪثر گھرن ۾، هاڻي نيرن جو بلڪل ئي رواج ختم ٿي چڪو آهي. ڪيترن ئي گھراڻن ۾ ته ٻه ويلا پيٽ ڀري کائڻ جي به قوت ڪانهي.!؟
وسيلا نه هجڻ ڪري به ٻه ويلا ماني کائڻ کان لاچاري ته آهي ئي آهي، پر اها به حقيقت آهي، ته جيڪڏهن هر ڪو، پنهنجي پاڻ، ٿوري گھڻي همت ڪري، هٿ پير هڻي، سرت ۽ سوچ کان ڪم وٺي، چار پئسه ڪمائي به، ته کاڌ پيت وارين شين جي کوٽ کان به انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. ٻيو ته ٺهيو پر اٽي جو اگھ به آسمان سان پيو ڳالهيون ڪري. عام ماڻهو ويچارو کائي ته کائي ڇا؟ اُهو اچي ڪٿان!؟
جيتوڻيڪ سڄي دنيا خوراڪ وارين شين جي کوٽ جو شڪار آهي، پر جيڪڏهن ٿوري به همت ڪري، وسيلا وڌائجن، ته پاڙيسري صوبن، بلڪ ٻين ملڪن سان مٽا سٽا وسيلي به عام خوراڪ جو انتظام ڪري سگھجي ٿو، ته ان سان گڏوگڏ نعم البدل خوراڪ جو به اهتمام ڪري سگھجي ٿو. اهو هينئن ته سنڌ جي ٽوٽل ايراضي 14.09 ملين هيڪٽر آهي، جنهن جو 62 سيڪڙو ته خشڪ سالي جو شڪار، ريگستاني وارياسو يا ڪوهستاني جابلو علائقو(Arid zone) آهي. ٽوٽل ايراضي مان صرف 5.76 ملين هيڪٽر ايراضي يعني ٽوٽل ايراضي جو 40.88 سيڪڙو پوک هيٺ آهي، 8.27 ملين هيڪٽر ايراضي غير آباد پئي آهي، 0.69 ملين هيڪٽر ايراضي ۾ ٻيلا آهن، جيڪي تيز رفتاري سان ختم ٿيندا پيا وڃن، 1.37 ملين هيڪٽر ايراضي باقائدي طور پوک ڪرڻ جهڙي نه ئي سهي، پر گهٽ پاڻي يا برسات جي آسري تي گھٽ اهم ۽ فضول سمجھيا ويندڙ ٻوٽا ۽ وڻ پوکي سگهڻ جي گنجائش آهي، پر بيشمار سببن جي ڪري پوک ڪونه پئي ڪئي وڃي.
هاڻي جيڪڏهن اسان کان ٻيو ڪجھ به ڪونه پيو پهچي، ته به ايترو ڪجھ ضرور ڪري سگھجي پيو، ته جتي جتي به ۽ جيترو جيترو به ممڪن ٿي سگھي، اتي ظاهري طور گھٽ اهميت وارن، بلڪ فضول محسوس ٿيندڙ ٻوٽن ۽ وڻن جا ٻج ڇٽي ڇڏيون، ته جيئن اهي ڦٽن، ۽ پوءِ ڦٽل ٻوٽن جي ٿوري ٿوري، جيڪا به ممڪن ٿي سگھي، اها سار سنڀال ڪريون، انهن کي به جيئاپي جو حق ڏئي، وڌايون، ويجھايون. جڏهن اهي ٻوٽا ۽ وڻ وڌي وڏا ٿي وڃن، ته پوءِ اسان انهن کي، جھڙي به نموني استعمال ڪري سگھجي، استعمال ڪريون. جيڪڏهن انهن جي واڍي يعني خاتمو به ڪرڻو پوي، ته پوءِ صرف ايترو خيال ڪرڻو آهي، ته واڍي سببان واندي جاءِ تي ٻيهر به ساڳيو يا ڪي ٻيو، جيڪو اسان کي وڌيڪ صحيح لڳي، ٻج پوکي ڇڏيون. ٿورڙو غور ته ڪريون. ائين ڪرڻ سان اسان ڇا ڇا نه ٿا حاصل ڪري سگھون؟
فرض ڪجي ته، فصل پوکڻ وس ۾ ڪونهي. قدرتي طور برسات وسي ٿي، ڊڀ ۽ سر ڦٽن ٿا، جيڪي زرعي ايراضي لاءِ ته کڻي نقصانڪار آهن، پر جيڪڏهن اهي غير زرعي ايراضي ۾ ڦٽي ٿا پون، کين سنڀالي وڏو ٿيڻ ڏجي، ته جيئن انهن مان ٺهي سگهندڙ شيون ٺاهجن. جيڪي شيون پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ٺهن، ته بازارن ۾ کپائي، چار ڏوڪڙ ٺاهي، خريد و فروخت وسيلي ٻيون گھرجون پوريون ڪجن. انهن عام رواجي بيڪار ٻوٽن مان ٻوهارا، ٽوئا، چڪون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه حاصل ٿئي ٿو، پاڻ سڀ ڄاڻو به ٿا، پر انهن جي ڪير به سنڀال ڪونه ٿو ڪري! ديوي جو ئي کڻي مثال وٺجي. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ رڌپچاءُ جي لاءِ ٻارڻ ته کپي. ديوي جون ڪاٺيون، ڪمند کان به مهانگيون! سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان کٻڙن جي واڍي ۽ ٽرڪون ڀرجي نڪرڻ واريون خبرون، کٻڙ جي اهميت جو اندازو ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. لئي مان بهترين لٺ، يعني سڌائي ۽ رنگت ۾ سهڻي سان گڏوگڏ مضبوط لٺ به ٺهي ٿي. لٺ نه ته ڪهاڙي جو ڳن ته کپي، مڇرداني لاءِ ڪاٺيون ته کپن. لاڙ پٽ ۾ لئي جي ڇانڀن سان پترون ٻڌي، مٽي جو گارو ڪري، گهر ۽ اوطاقون ٺاهبيون آهن. ٽيهارو کن سال اڳ تائين به هر قسم جو ڪپڙو لاڻي جي رک، ڪيري يا ڦلهيار سان ڌوپبو هو. ڪپڙي جو رنگ ته خراب ڪونه ٿيندو هو، عمر ته ڪا نه گهٽبي هئي، پر پهريندڙ کي خارش به ڪانه ٿيندي هئي. اهي ته هئا انتهائي غير اهم سمجهيا ويندڙ ٻوٽا ڊڀ، سر، ديوي، کٻڙ، لئي ۽ لاڻو. هاڻي ذهن تي زور ڏيو، ياد ڪريو، ڪرڙ، ڪنڊي، گيدوڙي، گدامڙي، ٻٻر، ٽالهي، سرينهن، نم، پپر، بڙ، املتاس، ڪچنار، سهانجڙو، توت، ٻير ۽ گگر جي ڇا ڇا نه اهميت آهي؟! اهم فصل ۽ باغ پوکڻ جهڙي زمين ۾ نه پر واندي پيل، ڪم نه ايندڙ زمين ۾، جيڪڏهن اهي ٻوٽا ۽ وڻ پوکبا، ته ڪا اربعا خطا ڪانه ٿيندي.
ڇونه وچن ڪريون، ته اسان جي آس پاس ۾ جيڪي به ٻوٽا ۽ وڻ آهن، انهن جو صحيح استعمال ڪنداسين. جيڪو جيڪو به ٻوٽو يا وڻ ڪٽينداسين، ان جي جاءِ تي ٻج پوکي، ان کي سنڀالي، وڏو ڪري، ڪتب آڻينداسين ۽ پنهنجي نسل کي اهو سلسلو جاري ۽ ساري رکڻ جي تربيت ڏينداسين، ته جيئن اسان جو موجوده نسل به آسودو رهي ۽ ايندڙ نسل به پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏوراپا نه ڏئي.
منهنجي هر هڪ کي منٿ آهي ته عام ماڻهو کي گھٽ اهم ۽ فضول سمجھيا ويندڙ ٻوٽن ۽ وڻن بابت ٻڌايو وڃي، کين انهن جي اهميت بابت آگاهي ڏني وڃي، ته اهي غير اهم ۽ فضول ٻوٽا ۽ وڻ، ماضي ۾ به ڪمائتا هئا، اڄ به اهم آهن ۽ مستقبل ۾ به انهن جي ساڳي ضرورت رهندي، تنهنڪري انهن جو اصل نسل بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.
جيئڻ جا جاني جتن ڪيو،
ڪرڙ، ڪنڊي، کٻڙ پوکيو،
گيدوڙي، ديوي، ٻٻر ڇٽيو،
زمين جو ذرو به واندو نه ڇڏيو،
جيئڻ جا جاني جتن ڪيو،
ڪوبه ٻوٽو يا وڻ فضول ناهي،
ٻوٽا به پوکيو، وڻ به پوکيو،
جيڪو پاڻهي ڦُٽي اهو سنڀاليو،
جيئڻ جا جاني جتن ڪيو.
(مٺل جسڪاڻي)