انتظامي تاريخ
انگريزن جي راڄ کان اڳ واري سموري دور ۾ سنڌ اندر جاگيرداري نظام رائج ھو جنھن ۾ وقت جي حڪمرانن لاءِ مقامي سطح تي انتظام سنڀالڻ جون ذميواريون به جاگيردارن مٿان رکيل ھيون ـ سال 1635 ۾ لکيل تاريخِ مظھر شاھجھانيءَ موجب مغلن سن 1520 کان سنڌ ۾ نئون جاگيرداري سرشتو رائج ڪيو ھو جنھن ۾ به ڪافي خرابيون ھيون ڇو ته مغل بادشاھه جلد جلد جاگيرون ھڪڙن ماڻھن کان کسي وري ٻين کي ڏيندا ھئا ـ اھي جاگيردار ئي بادشاھن لاءِ عوام کان زوريءَ اوڳاڙي ڪندا ھئا ـ انھن جاگيردارن جي مٿان جيڪو حڪومتي سرشتو ھو تنھن ۾ پرڳڻي جو گورنر ۽ سندس ماتحت صوبيدار، منصب دار ۽ ڪاردار شامل ھئا ـ
”تاريخِ مظھر شاھجھاني“ جي ليکڪ يوسف ميرڪ جي بيان موجب مغلن جي زماني ۾ ساھتيءَ وارو علائقو درٻيلي جي حدن ۾ آيو ٿي، جنھن کي پرڳڻي جي حيثيت حاصل ھئي ـ يوسف ميرڪ لکي ٿو:”مُلڪ بکر اَٺ پرڳڻن تي مشتمل ھو جن مان پنج روھڙيءَ پاسي ۽ ٽي سکر واري پاسي ھئا ـ درٻيلي پرڳڻي ۾ سھته ۽ سميجه قومون (قبيلا يا برادريون) رھنديون ھيون ـ سميجن ۾ راڄپر ۽ بِھڻ شامل ھئا ـ ھن پرڳڻي جي ميدانن ۾ زراعت ٿيندي ھئي ـ اڳي اھي قومون (قبيلا) سرڪش ھونديون ھيون ۽ بکر جي حاڪم کان طاقت جي زور تي سامان حاصل ڪنديون ھيون ـ ان وقت بکر جو فوجدار سيد بايزيد بخاري ھو جنھن جو پُٽ عيد جي ڏينھن بکر مان روانو ٿيو ۽ ٻنھي فرقن کي تاراج ڪيائين ـ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ۽ ڪيترن کي سندن ڪٽنبن سميت آڻي بکر جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو ـ ان کانپوءِ اھي سڀ رعيت ۾ شامل ٿيا ۽ بکر جي حاڪم کي ڏن ڏيڻ لڳا ـ“ سندس چوڻ موجب درٻيلو پرڳڻو مير معصوم بکريءَ جي جاگير ۾ شامل ھوجنھن پنھنجي عاملن کي پابند ڪيو ھو ته محصول جي اوڳاڙيءَ وقت ڏسن ته ڪيتري ايراضيءَ تي فصل ٿيو آھي ۽ محصول جي اوڳاڙي صرف پوکيل فصل جي حساب سان ڪئي وڃي ۽ غيرآباد زمين تي محصول نه ورتو وڃي ـ انھيءَ جي نتيجي ۾ ماڻھو خوشحال ٿيا ۽ ھنن وڌيڪ ايراضي پوک ھيٺ آندي ـ
جڏھن سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي صاحبي شروع ٿي ته ھنن به مغلن وارو جاگيرداري سرشتو جاري رکيو پر فرق صرف ايترو ھو ته جلد جلد جاگيرون کسڻ بند ڪيائون ـ
ٽالپرن واري صاحبيءَ جو زمانو به ڪو مختلف ڪونه ھو ـ اھي ئي جاگيردار ۽ اھو ئي زور زبردستيءَ وارو جاگيرداريءَ وارو سماج ھلندو رھيو ـ ميرن جي زماني ۾ ڏوھن جا ڪيس اُڪلائڻ لاءِ ڪاردار ۽ ڪوٽوال مقرر ھئا ـ آبادگارن کان وصولين لاءِ ٽن قسمن جا محصول رائج ھئا ـ ھڪ مالڪاڻو، ٻيو زمينداري ۽ ٽيون راڄ خرچ ـ ھڪ ديھه جي ھڪ زميندار جي حيثيت سربراھه واري ھوندي ھئي، جنھن جي ماتحت چار ٻيا زميندار ھوندا ھئا ـ فصل لھڻ تي بٽئيءَ وقت زميندار پنھنجي حد جي آبادگارن کان ”مالڪاڻو“ يا لَپو وصول ڪندا ھئا ـ زمينداريءَ وارو محصول زميندارن تي مڙھيل ھو جڏھن ته چئن زميندارن جو پنجون مُکيه زميندار سڄي ديھه مان لَپو وصول ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي برادريءَ لاءِ ”راڄ خرچ“ روڪ يا اناج جي شڪل ۾ وصول ڪندو ھو جيڪو راڄ تي ئي خرچ ڪرڻو ھوندو ھو ـ لَپو ھر مُند جي فصل جي حساب سان وصول ڪيو ويندو ھو ـ وقت جي حڪمرانن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ذميواري به مُکيه زميندار مٿان ھوندي ھئي ـ تاريخ جي ڪتابن ۾ ڀريا جي حوالي سان اھڙو ڪو الڳ ذڪر نٿو ملي پر پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اھڙو ئي سرشتو ھتي به رائج ھوندو ـ
انگريز فوجي آفيسر ٽِي پوسٽنس پنھنجي 1843 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”پرسنل آبزورويشنس آن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ٽالپرن جي زماني ۾ ڪوٽوال مقرر ھوندا ھئا جن جو درجو ننڍن مئجسٽريٽن برابر ھوندو ھو ۽ اھي ماڻھن جا مقدما نبيري سزا به ڏيندا ھئا ـ ڳوٺن جي سطح تي اُتان جو چڱو مڙس بااختيار ھوندو ھو ـ روينيو انتظام جي حوالي سان پوسٽنس لکي ٿو ته ان وقت سنڌ چوئيتاليھه روينيو ضلعن ۾ ورھايل ھئي جن ۾ ٺٽو، ڇڇگام، ڪُڪرالا، ڌاراجا، سُندرا، امام واھه (واھه جي نالي پٺيان علائقو)، شھدادپور، خيرپور، گمبٽ، ھالا، بھلاڻي ۽ ٻيا ضلعا شامل ھئا ـ انھن نالن مان امام واھه ۽ بھلاڻيءَ جو تعلق ڀريا سان ٿي سگھي ٿو ـ جيڪڏھن پوسٽنس جي ڪتاب ۾ ڄاڻايل امام واھه ڀريا جي ڀرسان وارو امام واھه ئي آھي ته ان جو مطلب ڀريا امام واھه نالي روينيو ضلعي ۾ شامل ھو، پر جيڪڏھن اھو امام واھه ٻيو ڪو ھو ته پوءِ ڀريا بھلاڻي نالي روينيو ضلعي جو حصو ھوندو ڇو ته ڀريا ۽ بھلاڻي ھڪٻئي جي ويجھو رھيا آھن ـ
انگريز آفيسر اَي ڊبليو ھِيوز جي مُرتب ڪيل سنڌ گزيٽيئر ۾، جيڪو پھرين 1874 ۾ ۽ پوءِ ڪجھه واڌاري سان 1876 ۾ ڇپيو ھو، نوشھري فيروز جي ڪيترين ئي جاگيرن ۽ جاگيردارن جي فھرست شامل آھي ـ اھي جاگيرون پُراڻي وقت کان ڏنل ھيون جن کي انگريزن به جاري رکيو ھو ـ جيئن ته ڀريا شھر وارو علائقو نوشھري فيروز جي ديھن منجھان ھڪ ھو، تنھنڪري ان کي جاگيرداري نظام کان ٻاھر ڪنھن به حالت ۾ نٿو سمجھي سگھجي ـ ٽالپرن جي زماني ۾ خيرپور وارن ميرن جي صاحبيءَ جون حدون نوشھري فيروز تائين ھيون ـ انھيءَ جو اندازو جنرل چارلس نيپئر جي انھن خطن مان ٿئي ٿو جن موجب ھن نوشھري فيروز ۾ پڙاءَ دوران حيدرآباد جي ميرن کي سندس مطالبا مڃڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو ھو ته مطالبا نه مڃڻ تي ھو حيدرآباد وارن ميرن جي حدن ۾ پيشقدمي ڪندو ـ ان حساب سان 17 فبروري 1843 واري مياڻيءَ جي جنگ لڳڻ تائين ڀريا خيرپور وارن ميرن جي صاحبيءَ جو حصو ھو ـ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ جيڪو نظام رائج ھو، تنھن جو اندازو ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ ڏنل ھنن سِٽن مان به ٿئي ٿو: ”ڀريا ۾ ”ڄيٺڙا“ نِک جا نوتاڻي به رھندا ھئا ـ نوتاڻين جا وڏا ميرن جي صاحبيءَ ۾ سندن ”انباردار“ ھئا ۽ ميرن کي زميندار جيڪو اناج ڏن طور ڏيندا ھئا، اُھو سنڀاليندا ھئا ـ“
سنڌ تي انگريزن جي مڪمل قبضي کانپوءِ نئون انتظامي نظام رائج ٿيو جنھن تحت چارلس نيپئر 1843 ۾ سنڌ کي ٽن انتظامي يونٽن ۾ ورھائي ڇڏيو ـ ان نظام ھيٺ ھن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور کي ڪليڪٽوريٽ جو درجو ڏنو ـ نئين نظام ھيٺ ڀريا حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جو حصو بنجي ويو جيڪا نوابشاھه، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جي علائقن تي مشتمل ھئي ـ نيپئر جي رائج ڪيل نظام ھيٺ سنڌ ۾ ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪليڪٽر، مختيارڪار ۽ تپيدار مقرر ڪيا ويا ـ ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن کي جڊيشل اختيار به مليل ھوندا ھئا ـ ان نئين نظام ۾ نوشھري فيروز کي تعلقي جو درجو مليو جڏھن ته ڀريا، نوشھري فيروز تعلقي جي ڏھن تپن مان ھڪ تپو ھو ـ سال 1912 ۾ نوابشاھه کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو جنھن ۾ نوشھري فيروز کي تعلقي جي حيثيت ۾ ئي شامل ڪيو ويو پر ڪنڊياري کي به تعلقي جو درجو ڏنو ويو جنھن ۾ موجوده ڀريا ۽ محرابپور واري وسيع ايراضي شامل ھئي ـ اھڙي طرح ڀريا جي به ساڳي تپي واري حيثيت برقرار رھي ـ
ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ون يونٽ مڙھجڻ کانپوءِ اولھه پاڪستان حڪومت جي ھدايتن تي تيار ڪيل ويسٽ پاڪستان گزيٽيئر (سنڌ ريجن) ۾ وڌيڪ تفصيل بيان ڪيا آھن ـ اھو گزيٽيئر ھن 1957 کان 1959 تائين لکي ورتو ھو پر 1968 ۾ ڇپجي سگھيو ھو ـ سورلي لکي ٿو ته انگريزن واري زماني تائين به جاگيرداري نظام ھو جنھن ۾ پئنچائت سرشتو به نالي ماتر ھو ـ سال 1843 ۾ قبضي کانپوءِ انگريزن برطانيا واري طرز تي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ مڪاني ادارن جو سرشتو ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي ـ سال 1863 کان اڳ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي علائقن ۾ ( ان وقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ھئي) مڪاني ادارن لاءِ ڪو الڳ حڪومتي فنڊ مخصوص ڪونه ھو ـ انگريز سرڪار ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ ڪاروبار تي مڙھيل محصول ختم ڪيا ھئا پر نَو (9) ورھين کانپوءِ خيرپور رياست کان ھٿ ڪيل علائقن ۾ اھي محصول وري بحال ڪري ڇڏيا ته جيئن ٻھراڙين جي ترقيءَ تي خرچ ڪري سگھجي ـ انگريز سرڪار ٽائون ۽ راھداري محصول جي جاءِ تي لينڊ روينيو (ڍل) لاڳو ڪئي جڏھن ته پَول Poll (ھر بالغ فرد تي مڙھيل) ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس ختم ڪري مستقل دڪانن تي چار آنا مھينو (ھڪ رُپئي ۾ 16 آنا ھوندا ھئا) ۽ مڇي ۽ ڀاڄين جي عارضي دڪانن تي ماھوار ٻه آنا ٽيڪس لاڳو ڪيو ـ اھو سلسلو به صرف 1860 تائين ھليو جڏھن انڪم ٽيڪس ائڪٽ لاڳو ڪيو ويو ۽ 1863 ۾ حڪومت لوڪل گورنمينٽ فنڊ قائم ڪيو ـ انھيءَ نئين انتظام تحت ھڪ رُپئي جي لينڊ روينيو (ڍل) تي لوڪل گورنمينٽ فنڊ لاءِ ھڪ آنو سيس مقرر ھو ـ اھڙي طرح گڏ ٿيندڙ فنڊ مان ٽيون حصو تعليم تي ۽ باقي رستن، کوھن ۽ عمارتن جي مرمت وغيره تي خرچ ٿيڻو ھو ـ اڳتي ھلي 1884 ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي ۽ ٿرپارڪر کي ڇڏي باقي ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٺاھيا ويا جن جو اختيار سموري ضلعي ۽ تعلقي لوڪل بورڊن تي ھوندو ھو ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن تي 20 کان 30 ميمبر ھوندا ھئا جن مان اڌ چونڊيل ۽ باقي سنڌ جي ڪمشنر جا مقرر ڪيل ھوندا ھئا ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ تي چونڊيل ميمبر ضلعي جي تعلقا لوڪل بورڊن، ميونسپلٽين ۽ انعامدارن (ھرانعامدار کي ھڪ ڳوٺ حوالي ٿيل ھو) جي نمائندگي ڪندا ھئا ـ نامزد ٿيل ميمبرن ۾ ڪليڪٽر، اسسٽنٽ ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر، ضلعي جو ايگزيڪيٽو انجنيئر، ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ڊپٽي سينيٽري ڪمشنر ۽ سِول سرجن (ھيلٿ آفيسر) شامل ھوندا ھئا ـ سرڪاري ميمبرن کي ووٽ جو حق نه ھوندو ھو ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي گڏجاڻي سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندي ھئي ـ تعلقي لوڪل بورڊن تي 15 ميمبر ھوندا ھئا جن مان اڌ چونڊيل ۽ اڌ سرڪاري نامزد ٿيل آفيسر ھوندا ھئا ـ تعلقي جو اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪليڪٽر بورڊ جو صدر ۽ ھڪ چونڊيل ميمبر نائب صدر ھوندو ھو پر عملي طور اھو عھدو مختيارڪار وٽ ئي رھندو ھو ـ بورڊ جو ميمبر چونڊجڻ جو حق صرف اھڙي شخص کي ھو جيڪو سال ۾ 48 رُپيا ٽيڪس ڏيندڙ ھجي يا سندس سالياني آمدني پنج ھزار رُپيا ھجي ـ ٻي ڪئٽگريءَ ۾ اھڙو شخص به ميمبر ٿي سگھيو ٿي جنھن جي آمدني ساليانو 500 رُپيا ھجي يا ماھوار پنجاھه رُپيا پينشن کڻندو ھجي ـ تعلقي لوڪل بورڊ سال ۾ چار ڀيرا گڏجاڻي ڪندو ھو پر ڪي بورڊ ھر مھيني به گڏجاڻي ڪندا ھئا جنھن لاءِ ڪو خاص قاعدو ڪونه ھو ـ تعلقي بورڊ پنھنجي بجيٽ ٺاھي ڊسٽرڪٽ بورڊ کي منظوريءَ لاءِ موڪليندا ھئا ـ اڳتي ھلي 1936 ۾ تعلقي بورڊ غيرضروري قرار ڏئي ختم ڪيا ويا ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن کي تعليمي گرانٽ حڪومت ڏيندي ھئي ـ (ڀريا نوابشاھه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ شامل ھو) ـ
سنڌ ۾ ميونسپل سرشتي بابت سورلي لکي ٿو ته انگريز سرڪار ”وليج سينيٽري ڪميٽيون“ به ٺاھيون ته جيئن ڳوٺن ۾ سڌارو آڻي سگھجي ـ ان مقصد سان 1889 ۾ قانون لاڳو ڪيو ويو ـ سينيٽري ڪميٽين ۾ ٽن کان ست ميمبر ھوندا ھئا جن ۾ مختيارڪار ۽ ميڊيڪل آفيسر به شامل ھوندا ھئا، پر ڪن ڳوٺن ۾ انھن ڪميٽين تي ڪو به سرڪاري ميمبر ڪونه ھوندو ھو ـ سينيٽري ڪميٽيءَ جو اڌ خرچ ڳوٺ وارن تي ھوندو ھو جڏھن ته ٽيون حصو لوڪل فنڊ مان ڇھون حصو سرڪار پاڻ ڀريندي ھئي ـ انھن پئسن مان صفائيءَ واري عملي جي پگھار، روشنيءَ جي بندوبست، جھنگ صاف ڪرڻ، پاڻيءَ جون ٽانڪيون صاف ڪرڻ ۽ اھڙن ٻين ڪمن تي خرچ ڪيا ويندا ھئا ـ اڳتي ھلي پوليس جا خرچ به ميونسپلٽين تي رکيا ويا ھئا ـ انگريزن جي انھيءَ نظام منجھان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته سندن راڄ (1843 کان 1947) دوران ڀريا ۾ انتظامي ۽ ميونسپل سرشتو ڪھڙو ھو ـ
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ جڏھن 1955 ۾ صوبن جي جُدا حيثيت ختم ڪري مٿن ون يونٽ مڙھيو ويو ته باقي سنڌ کي ٻن ڊويزنن _ خيرپور ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ ورھايو ويو جڏھن ته ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو درجو ڏنو ويو، جنھن ۾ صوبائي گادي به موجود رھي ـ ان انتظام ھيٺ نوابشاھه کي خيرپور ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو ته نوشھرو فيروز ۽ ڀريا به خيرپور ڊويزن ۾ اچي ويا ـ سال 1970 ۾ جڏھن ون يونٽ جو خاتمو ٿيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور کي ڊويزنن جو درجو ڏنو ويو جنھن ۾ خيرپور ڊويزن جا ساڳيا ضلعا برقرار رھيا ـ اڳتي ھلي 1974 ۾ انتظامي يونٽن منجھه ڦيرگھير آندي وئي جنھن تحت خيرپور جي ڊويزن واري حيثيت ختم ڪري سکر کي ڊويزن جو درجو ڏنو ويو ته نوابشاھه ضلعي سان گڏ نوشھرو فيروز تعلقو ۽ ڀريا تپو به سکر ڊويزن جو انتظامي حصو بنجي ويا ـ انتظامي طور تي وڌيڪ تبديلي 1989 ۾ آئي جڏھن نوشھري فيروز کي نوابشاھه کان ڌار ڪري نئين ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ اھڙي طرح ذري گھٽ ڏيڍ صديءَ کانپوءِ ڀريا کي نئين ضلعي جي ھڪ تعلقي جي حيثيت حاصل ٿي ـ
جڏھن 19ھين صديءَ جي وچ ڌاري ڀريا نوشھري فيروز تعلقي جو تپو ھو، تڏھن ھتي تپيدار جو ديرو يعني ھيڊڪوارٽر ۽ پوليس لائين ھوندا ھئا جتي چار پوليس وارا مقرر ھئا ـ اٺاويھه ورھيه اڳ 1989 ۾ تعلقي جو درجو ملڻ کانپوءِ ھتي مختيارڪار، مئجسٽريٽ ۽ تعلقي سطح جي ٻين آفيسرن جون آفيسون قائم ٿيون ـ ڀريا تعلقو ھن وقت به نوشھري فيروز ضلعي ۾ آھي پر پيپلز پارٽي حڪومت جي دور (2013 کان 2018) ۾ شھيد بينظيرآباد (نوابشاھه) جي نالي سان نئين ڊويزن ٺھڻ سان اھو تعلقو انتظامي طور نئين ڊويزن جو حصو آھي ـ انتظامي ڦيراگھيرين جي نتيجي ۾ ڀريا تعلقي جي يونين ڪائونسلن ۾ تبديلي ايندي رھي آھي ۽ لاکا روڊ سميت ڪي يونين ڪائونسلون الڳ ڪري محرابپور تعلقي ۾ شامل ڪيون ويون ته ڪي نيون يونين ڪائونسلون ڀريا ۾ شامل ڪيون ويون آھن ـ ڀريا تعلقي جون موجوده يونين ڪائونسلن ۾ ڪوٽ بھادر، دالي، دليپوٽه، گھيڙگجو، کاھي قاسم، دريا خان جلباڻي، ٻيلاواھه، چانھيون محمد سليمان، راڄو ڪيريو ۽ مولھڻ شامل آھن ـ
سنڌ ۾ ميونسپل ادارا قائم ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار 1850 ۾ ميونسپل ائڪٽ لاڳو ڪيو جنھن تحت حيدرآباد ۽ شڪارپور ڪليڪٽوريٽ ۾ ميونسپل ادارا قائم ڪرڻا ھئا، پر نوشھري تعلقي جي پنج شھرن نوشھري فيروز، ڪنڊيارو، ٺاروشاھه، ڀريا ۽ موري ۾ 25 فبروري 1861 تي ميونسپلٽيون قائم ٿيون ـ سال 1873 _1874 ۾ ڀريا جي ميونسپلٽيءَ جي آمدني 1825 رُپيا ۽ خرچ 1707 رُپيا ھو ـ انھيءَ دور جي سنڌ گزيٽيئر موجب ڀريا نوشھري تعلقي جو ٻيو نمبر وڏو شھر ھو جنھن جي آبادي سن 1852 ۾ 2798 ھئي جنھن ۾ 1573 ھندو ھئا ۽ گھرن جو ڪُل تعداد 231 ۽ 100 دُڪان ھئا ـ ساڳئي گزيٽيئر موجب 1873_1874 ڌاري ڀريا جي آبادي ڪُل 2549 ھئي جنھن ۾ 926 مسلمان (سيد ۽ ميمڻ)، 135 ھندو لُھاڻا ۽ 1488 سِک شامل ھئا ـ
ڀريا ۾ جڏھن ميونسپلٽيءَ جو بنياد پيو ته شھر ۾ صفائيءَ جي انتظام لاءِ ھڪ سينيٽري ڪميٽي به ٺاھي وئي جنھن تي مقامي معزز ماڻھو ميمبر طور کنيا ويندا ھئا ـ اھڙن ميمبرن ۾ ديوان کيمچند به ھو جيڪو ٻيلن جا ٺيڪا کڻندو ھو پر پوءِ ڀريا ۾ ٻنيون سنڀالڻ لڳو ھو ـ ھن 1903 ۾ لاڏاڻو ڪيو ـ سال 1931 کان 1947 واري عرصي ۾ قيمتراءِ به سينيٽري ڪميٽيءَ جو ميمبر رھيو ـ موجوده ايم پي اي سيد مُراد علي شاھه جو ڏاڏو، جنھن جو نالو به سيد مُراد علي شاھه ھو، ڀريا جي ميونسپلٽيءَ جو چيئرمن به رھيو ـ سال 1959 ڌاري ملڪ ۾ ايوب خان جي فوجي حڪومت ”بنيادي جمھوريت“ جي نالي ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ته ڀريا جي ميونسپلٽيءَ کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ـ سيد مراد علي شاھه (اول) جو فرزند سيد امام علي شاھه ان ٽائون ڪميٽيءَ جو پھريون چيئرمن ٿيو جنھن کانپوءِ امام علي شاھه جا فرزند سيد انور علي شاھه ۽ احشام علي شاھه ٽائون ڪميٽيءَ جا چيئرمن ٿيندا رھيا جن کانپوءِ وري انور علي شاھه جو ھڪ فرزند امام علي شاھه چيئرمن ٿيو جڏھن ته موجوده وقت (2019 سال) سندس ٻيو فرزند امير علي شاھه چيئرمن جي عھدي تي آھي ـ
انگريزن جي زماني ۾ ڀريا ۾ پوسٽ آفيس به قائم ٿي جنھن ۾ ٽيليگراف سرشتو به موجود ھو ـ اھا سھولت تڏھن ملي جڏھن 1868 ۾ سرڪار رُورل مئسينجر پوسٽ قائم ڪئي ـ سنڌ ۾ ابتدائي طور 1854 تائين ٽپال کاتو لوڪل گورنمينٽ جي ماتحت ھو پر پوءِ ان کي امپيريل پوسٽل کاتي جي حوالي ڪيو ويو ـ انگريز سرڪار ٽيليگراف لاءِ ڇھه اليڪٽرڪ ڪميونيڪيشن لائينون وڇايون ھيون جن ۾ ھڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ (110 ميلن جو فاصلو)، ٻي حيدرآباد ۽ سکر وچ ۾ (207 ميلن جو فاصلو)، ٽين سکر ۽ شڪارپور ۽ چوٿين شڪارپور ۽ جيڪب آباد وچ ۾ ھئي جڏھن ته باقي ٻه حيدرآباد کان ٿرپارڪر واري پاسي ھيون ـ حيدرآباد ۽ سکر واري لائين نوشھري ۽ ٺاروشاھه واري ٽپال روڊ وٽان لنگھندي ھئي ۽ ڀرين جو شھر به انھيءَ پوسٽل روڊ ڀرسان ئي ھو جيڪو ڪنڊياري تعلقي جي ھالاڻي بھلاڻي کان ٿيندو محرابپور ويو ٿي ـ پوسٽل يا ٽپالي روڊ تي چوڪيون قائم ھونديون ھيون ۽ گھوڙيسوار ٽپال کڻي انھن چوڪين تي ترسندا ۽ تازي گھوڙيسوار جي حوالي ڪندا ھئا ـ