ڀرين جا کير پَيڙا
اڳي ته اسان ڪڏھن ڪونه سوچيو يا ڪنھن کان ڪونه پڇيو ته کير پيڙا ڪير ٿو ٺاھي، ڇو ته اسان جو ڌيان ھوندو ھو پيڙن کائڻ تي، پر ھاڻ جڏھن ڀرين بابت لکڻ شروع ڪيم ته معلوم ڪرڻو پئجي ويو ته ڏيھان ڏيھ ويندڙ ڀرين جي ان سوکڙيءَ جا خالق ڪير ھئا ـ حقيقت ۾ اھي پيڙا ٺاھيندڙ به ڀرين جي تاريخ جا اھم ڪردار آھن جن جو ھتي ذڪر ڪرڻ نھايت ضروري آھي ـ
ڀريا تاريخي طور مالوَندن جو علائقو رھيو آھي جتي نه رُڳو شھر جي رھائشي وسندين اندر چوپائي مال جون لانڍيون ھونديون ھيون پر ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ به جام مالوَند رھندا ھئا جتان تازي کير جي رسد ٿيندي ھئي ـ اڄڪلھه ڀرين ۾ تازي کير جي اڻھوند آھي ڇو ته مالوند سمورو کير ڊيئري ڪمپنين کي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا ـ پراڻي زماني ۾ انھن ڪمپنين جو وجود ئي ڪونه ھو تنھنڪري مائو، پيڙا ۽ ٻيون مٺايون ٺاھڻ لاءِ کير جي اڻھوند وارو مسئلو ئي ڪونه ھوندو ھو ـ
ڀرين ۾ کير پيڙا ٺاھڻ جي تاريخ به پاڪستان ٺھڻ کان گھڻو اڳ جي آھي جڏھن ھتي ديوان وڏي تعداد ۾ رھندا ھئا ۽ ھتان جي شاھي بازار ۾ سندن ڪاروبار جي ڪري وڏي رونق ھوندي ھئي ـ ڀريا جي پيڙن جو ذڪر ھندستان جي مشھور سنڌي اديب سرڳواسي گوبند مالھيءَ به پنھنجي ڪتاب ”سنڌڙي منھنجي جندڙي“ جي پھرين ڀاڱي ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ ۾ ڪيو آھي، جنھن جو اباڻو شھر ٺاروشاھه آھي ـ گوبند مالھي لکي ٿو ته ”مائي جا پيڙا ته وري ڀرين جا مشھور ھئا، خاص طور کودڙي حلوائيءَ جا ـ ھن جي سنگن واري مصري به مشھور ھئي ـ مڱڻي ۾ مصري سڄي ساھتيءَ ۾ ھن جي ھلندي ھئي ـ “
گوبند مالھيءَ ڀرين جي ڪاروبار تي ريلوي سرشتي جي ناڪاري اثر جو به ذڪر ڪيو آھي جنھن سان پيڙن جو ڪاروبار به متاثر ٿيو ھو ـ ”پڊ عيدن _ محرابپور ريلوي لائين پوڻ ۽ ٺاروشاھه کان سڪرنڊ تائين ريل جاري ٿيڻ ڪري ڀريا ڀينگ ٿي وئي ـ کودڙو به وڃي ساسين سکالي ٿيو ـ ڀولو، جيڪو ڪنھن وقت ھن وٽ پيڙا ٻڌندو ھو، تنھن به اچي ٺاروشاھه ۾ شاھي بازار جي منھن وٽ منھنجي سائوٽي چاچي ڏيپچند کان ھڪ دڪان مسواڙ تي وٺي کير ڪاڙھڻ، مائو ٺاھڻ ۽ ان مان پيڙا ٻڌڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو“ ھو لکي ٿوـ
پر حقيقت ھيءَ آھي ته ڀولوءَ جي ٺاروشاھه لڏي وڃڻ سان ڀرين ۾ پيڙن ٺاھڻ جو ڪاروبار بند ڪونه ٿي ويو ـ ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي لکيل ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ موجب 1922 ۾ ٺاروشاھه کان سڪرنڊ تائين ريل جو رستو جاري ٿيو، جنھن جو مطلب ته گوبند مالھيءَ جنھن کودڙي حلوائيءَ جو ٺاروشاھه لڏي وڃڻ جو ذڪر ڪيو آھي، اھو ايترو پراڻو ھو ـ ڀريا ۾ ان کانپوءِ به حلوائي موجود رھيا جن ۾ اُتان جا ھندو به شامل ھئا ـ اھڙي ئي ھڪ حلوائيءَ کان واحد بخش ميمڻ به حلوائڪو ڪم سکيو جڏھن ته سندس سھرو محمد صفر ميمڻ به اھو ئي ڪم ڪندو ھو ـ ”اسان اصل نوشھري فيروز جا ويٺل ھئاسين جتان پاڪستان ٺھڻ کان گھڻو اڳ منھنجو والد لڏي اچي ڀريا ۾ ويٺو ۽ اُتي ئي شادي به ڪيائين ـ بابا پنھنجي روزگار لاءِ ٽانگو به ھلايو ۽ ھندن واري زماني ۾ڳوٺ جي ڪوڙو مل چندن مل اسڪول ۾ پٽيوالي جي نوڪري به ڪئي، پر پوءِ ٺاروشاھه جي ھڪ ديوان کان حلوائڪو ڪم سکي پيڙن ۽ حلوي جو دُڪان کوليائين ـ ٺاروشاھه جي ديوان جو ڀريا ۾ پيڙن جو ڌنڌو ھو،“ فقير حبيب الله ميمڻ ٻڌايو، جنھن سندس والد جي وفات کانپوءِ اھو ڪاروبار سنڀاليو ھو ـ
”ڀريا ۾ ٺاروشاھه وڃڻ واري بس اسٽاپ وٽ سيد نورمحمد شاھه چار دڪان ٺھرايا ھئا، جن مان ھڪ ۾ اسان جو حلوائڪو دڪان ھو،“ ھن ٻڌايو ـ ”منھنجي ننڍپڻ ۾ ئي بابا گذاري ويو، پر منھنجي نانا محمد صفر جو به حلوائڪو دڪان ڀريا جي بازار ۾ھو، جنھنڪري اسان به اھو ئي ڪم جاري رکيو ـ نانو صرف پيڙا ٺاھيندو ھو ۽ اسان جي دڪان تي پيڙا ۽ حلوو ٺھندا ھئا ـ“
سال 1951 ۾ جنم وٺندڙ فقير حبيب الله جو والد 1958 ۾ پنجاھه کن ورھين جي عمر ۾ گذاري ويو ـ سال 1966 کانپوءِ ھنن پيڙن ٺاھڻ سان گڏ ريزڪي دُڪان کوليو ۽ نيٺ ڪجھه ورھيه اڳ پيڙن جو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو ـ ”اڳي پنھنجون مينھون به ھونديون ھيون ته وڌيڪ گھربل کير به سولو ۽ سستو ملندو ھو ـ مھانگائي ٿيندي وئي ته پيڙن جو ڪاروبار به متاثر ٿيندو ويو ـ اُڻويھه سئو سٺ واري ڏھاڪي ۾ کير چار آنا لِٽر ملندو ھو ۽ اسان پيڙن جو ھڪ ڪِلو ٽن رُپين ۾ وڪڻندا ھئاسين ـ سال 1970 واري ڏھاڪي ۾ رُپئي جو مُلھه ڪِرڻ شروع ٿيو ته ھر شئي مھانگي ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ پيڙا به وِيھه رُپيا في ڪلو وڪڻڻ لڳاسين ـ ھاڻي ته کير به سولو ڪونه ٿو ملي ته خرچ به وڌي ويا آھن ۽ نتيجي ۾ پيڙن جو ھڪ ڪلو 600 رُپين ۾ وڪامي ٿو،“ حبيب الله ٻڌايو ـ ”اڳي روزانو پندرھن کان ويھه ڪلو پيڙا وڪرو ٿيندا ھئا ۽ اسان فائدي ۾ ھوندا ھئاسين ـ اڳي نج کير ھوندو ھو جنھن ۾ کنڊ وجھي ڪاڙھي مائو ٺاھي ان مان پيڙا ٺاھبا ھئا جيڪي ٻن ٻن مھينن تائين خراب ڪونه ٿيندا ھئا پر ھاڻي کير به صحيح ڪونھي جنھنڪري پيڙا گھڻو وقت نٿا رکي سگھجن ـ“
”اسان جي پيڙن جي ڪاروبار کي ڇڏڻ کانپوءِ اسان جي خاندان جي شاگرد يعقوب ڪيرئي ۽ پوءِ سندس پونئيرن پيڙن جو ڪاروبار جاري رکيو آھي“، حبيب الله ٻڌايو ـ
ڀرين جي پيڙن جي ڏيھان ڏيھه ھاڪ بابت فقير حبيب الله ٻڌايو ته وٽن پيڙن لاءِ ڏيساور مان فرمائشون اينديون ھيون ـ ”ھتان جو ڊاڪٽر شھاب پيڙا ٺھرائي آمريڪا کڻي ويندو ھو ۽ مقامي ھندو زميندار ٽھلرام به اڪثر ھندستان ويندو رھندو ھو ته پيڙا وٺي ويندو ھو ـ ڀرين جي پيڙن جي فرمائش سعودي عرب ۽ دبئيءَ مان به ٿيندي ھئي ۽ ڏيساور موڪلڻ لاءِ پيڙن جي پئڪنگ پِيش مان ٺھيل ڇٻين ۾ ڪئي ويندي ھئي ته جيئن اھي نه ڀڄن ڀُرن ۽ تازا به رھن ـ“
ڀريا جي پيڙن جي اھميت جون ڳالھيون اتي ئي ختم نٿيون ٿين ـ ”جڏھن محترما بينظير ڀُٽو بلاول کي جنم ڏنو ھو، تڏھن به ان خوشيءَ ۾ ڀريا جا پيڙا وڏين شخصيتن ڏانھن موڪليا ويا ھئا،“ حبيب الله چيو ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته سيد مراد علي شاھه جي معرفت ٻه مڻ پيڙا ٺاھي بينظير صاحبه ڏانھن موڪليا ويا ھئا ـ پيڙن جو آرڊر به سيد مراد علي شاھه ڏنو ھو ـ بھرحال سيد مراد علي شاھه ان جي ترديد ڪندي چوي ٿو ته ھن بلاول جي ڄمڻ تي پيڙا ڪونه ٺھرايا ھئا بلڪ مختلف موقعن تي پيڙا ٺھرائي دوستن يارن کي سوکڙيءَ طور موڪليندو رھيو آھي ـ
ڀريا جي پيڙن جي باري ۾ ھيءَ حقيقت به شايد گھڻن ماڻھن لاءِ حيران ڪندڙ ھوندي ته انھن پيڙن جو ذڪر درسي ڪتابن ۾ به ھوندو ھو ـ ”مان جڏھن ڪوڙي مل چندن مل جي ڪوششن سان ڀريا ۾ قائم ٿيل پرائمري اسڪول ۾ پڙھندو ھئس ته ان وقت درسي ڪتابن ۾ ڀريا جي پيڙن جو ھڪ سبق ھوندو ھو ـ اھو سبق ٽئين درجي جي ڪتاب ۾ نوشھري فيروز جي جاگرافيءَ ۾ شامل ڪيو ويو ھو،“ حبيب الله ٻڌايو ـ
فقير حبيب الله جي ڳالھه جي پڪ ڀريا جي جھوني استاد ۽ صوفي بزرگ سيد فتح علي شاھه به ڪئي جنھن ٻڌايو ته نوشھري فيروز تعلقي بابت سبق ۾ تعلقي جي مختلف شھرن ۽ اُتي جي مصنوعات جي احوال ۾ ٺاروشاھه جي نارنگين ۽ ڀرين جي کير پيڙن جو خاص طور ذڪر ڪيل ھوندو ھو ـ ”ڀرين جي کير پيڙن جي خاص ڳالھه ھيءَ ھئي ته اھي مختلف قسمن جا ھوندا ھئا ـ ھڪڙا عام پيڙا، ٻيا وري گھڻو ڀُڳل مائي جا پيڙا ۽ ٽيان خاص فرمائش وارا پيڙا جن ۾ قيصر پيل ھوندي ھئي جنھنڪري اھي مھانگا ھوندا ھئا ـ عام پيڙن تي به بادام ۽ پستن جو چُورو پيل ھوندو ھو،“ فتح علي شاھه ٻڌايو ـ
پاڪستان کان گھڻو اڳ ڀرين جي اھا مشھور مٺائي ٺاھڻ جو سلسلو اڄ به جاري آھي ـ
جڏھن ڀرين جي کير پيڙن جو ذڪر ٿيندو ته ھتان جي سِڱر بونديءَ ۽ پڪوڙن کي ڪيئن ٿو ڪير وساري سگھي ـ ورھاڱي کان اڳ ته ھتي مٺاين جا دُڪان ھيا پر جڏھن ھتان جا ديوان ھليا ويا ته ھندستان مان لڏي آيلن اھو خال ڀريو جن مان ھڪ شخص محمد شريف ولد محمد ديوان راجپوت ڀرين جي بازار ۾ سڱر بونديءَ جو دڪان کوليو ھو جتي ٺاھيل مال ھُو وري شام ڌاري تاج محل سئنيما جي ٻاھران اسٽال تي به اچي رکندو ھو ـ اھو سلسلو اڄ به محمد شريف مرحوم جو پُٽ محمد اسلم جاري رکيو اچي ـ محمد اسلم جو چوڻ آھي ته سندس والد محمد شريف ٽن ورھين جو ھو جڏھن ورھاڱو ٿيو ۽ پنھنجي والد سان گڏ ھتي آيو ۽ وڏو ٿيڻ تي پيءُ سان گڏ مٺائيءَ جي دڪان تي لڳي ويو ـ
ھڪ ٻيو ڪردار ھو چاچو خميسو جنھن ڀرين جي سئنيما جي ڏکڻ ۾ ٺاروشاھه ويندڙ دڳ جي مُنڍ ۾ پڪوڙن جو دُڪان کوليو ھو، جتي ھر قسم جا پڪوڙا، بِھهَ، گوشت جا پڪل ٽُڪر وغيره ملندا ھئا ۽ اھي ايترو ته مشھور ٿيا جو قومي شاھراھه تي سفر ڪندڙ ماڻھو خاص طور اتي اسٽاپ ڪري پڪوڙن ۽ ٻين پسند جي شين جو آرڊر ڏيندا ھئا ـ شھر جي ماڻھن لاءِ ته چاچي خميسي جي پڪوڙن ۽ گوشت جي ٽُڪرن جي روزاني خريداري ھڪ روايت بڻجي وئي ھئي ـ ڀرين ۾ پڪوڙا اڄ به ٺھن ٿا پر چاچي خميسي مرحوم جي پڪوڙن سان ڪير پُڄي ـ