ڪتاب جو نالو: سرحدن کان اڳتي
مصنف: ضراب حيدر
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گھر دڙو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1997
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 12 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 1408 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 209 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ضراب جون ڪهاڻيون سراسري ڏسجن ته ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون آهن. ضراب جون ڪهاڻيون، پنهنجي ٽائٽلس مان ئي پڌريون آهن، ته ڪيتريون نه آرٽسٽڪ آهن. ضراب وٽ فن آهي، ڳالهه پيش ڪرڻ جو ڍنگ آهي، ضراب پنهنجي مشاهدي کي ڏاڍي فنڪاراڻي انداز ۾ ايئن لاهيندو آهي، جو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ پيو مشاهدو ماڻي، اِهو ئي سبب آهي جو ضراب، منظرنگاريءَ ۾ ڏاڍو پختو آهي، ضراب جي ڪهاڻين جي اها خوبي آهي ته ڪابه ڪهاڻي فڪري توڙي فني حوالي سان ٻي ڪهاڻيءَ سان مشابهت نه ٿي رکي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • رايا ناھيد مغل-طارق قريشي
  • پنھنجي پاران
  • ڪوجهائپ کي ڪوملتا جي ڳولا
  • آئوٽ – بئڪ
  • سگريٽ کي ڪٿان دکائجي؟
  • پيرن ۾ ڪريل آسمان
  • ڪارا ناسي ڪنگڻ
  • مجسمو
  • ۽ وڇ ڀڄي وئي
  • سرحدن کان اڳتي
  • خدا تنهنجا سڀ آسمان مون وٽ گروي آهن
  • سنڌ جو مجاور
  • محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص...!
  • فخرو جي ڌيءَ جو گڏو
  • ڪٽجي ويل بوگي
  • الف کي ڪو به نقطو نه آهي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪھاڻين جو هي ڪتاب منفرد ڪھاڻيڪار ضراب حيدر جو لکيل آهي.
    ڪھاڻين جو پڙھڻ وٽان هي ڪتاب ڪيئي سال اڳ ڇپيو ھو ۽ ھاڻي مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ آھي. ضراب حيدر جي پڙھندڙن جي دلچسپي ڏسندي سنڌ سلامت جي ساٿين سليمان وساڻ، عبدالحفيظ لغاري، عبيد ٿھيم، سجاد چنا، راشد شر ۽ شاھجھان لغاري پاران گڏجي ڪمپوز ڪيو ويو ۽ پڙھندڙن لاءِ سنڌ سلامت ڪتاب گھر تي پيش ڪيو پيو وڃي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    مهاڳ

    ضراب حيدر جي ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ ڪهاڻي ”سگريٽ کي ڪٿان دُکائجي؟“ کي پڙهڻ کانپوءِ، ذهن ۾ پهريون سوال اهو ئي ٿو اُٿي ته سگريٽ کي اتان ئي دکائبو، جتان دکندو آهي، ٻين اکرن ۾ عنوان کان ئي شروع ڪيون. شاعريءَ جي باري ۾ ڳوٺاڻا جھونا هڪڙي ڳالھ ڏاڍي ڀلي ڪندا آهن ته ”ادا! شاعرن کان گھٽي ڪانه ڇڏي آهي ته ڪهڙي ويهي شاعري ڪريون.“ سو ائين اڄ ڪلھ ڪنهن ڪتاب جو نئون، ڀرپور دل کي ڇڪيندڙ ۽ دماغ کي لوڏيندڙ عنوان ڳولي لهڻ پنهنجي جاءِ تي ڏکيو، تخليقي ڪم آهي. مونجھارن جي هن دور کي چٽڻ لاءِ منهنجي خيال ۾ ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي؟“ جهڙو عنوان ڳولهي لهڻ ئي ضراب حيدر جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪيو بيٺو آهي. اهو هڪڙو اتفاق آهي، هي اکر لکڻ کان اڳ آئون ٽي وي سيريل، Roots جي پهرئين پيڙهيءَ جي هيروئن مايا اينجليو جي آتم ڪٿا جو پهريون جلد پڙهي ويٺو آهيان، جنهن ۾ سندس ٻاروتڻ جو ذڪر ڪيل آهي ته 1930ع ڌاري پاڻ ۽ ٻين شيدي ٻارن جو وقت ڪيئن گذرندو هو. انهيءَ جو عنوان آھي :
    ‘I know why the caged Bird Sings’ اهڙي ٺهڪندڙ عنوان کي پڙهڻ کان پوءِ ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي؟“ جهڙو عنوان ئي هيئن ۾ چڪ وجھي ٿو ۽ ڪتاب پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو. مطلب ته ضراب حيدر اڀرندئي سوجھرو ڪيو آهي. هن ڪتاب تي اهو عنوان انهيءَ ڪري به فٽ اچي ٿو ته سندس هڪ ڪهاڻيءَ ٻي ڪهاڻيءَ کان ايتري مختلف آهي، جو لڳي ٿو ته اهي ڪهاڻيون ڌار ڌار ليکڪن جون لکيل هجن، وري جي سندس هڪڙي ڪهاڻيءَ کي غور سان پڙهبوته خود انهيءَ هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪئين رنگ روپ نظر اچن ٿا. سنڌي ڪهاڻيءَ جي هن يڪسانيت جي دور ۾ هڪ ئي ليکڪ جي قلم مان گھڻ رخصون ڪهاڻيون ڦٽي نڪرن ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي ٻيو ڇا کپي. وڏي ڌيرج ۽ خاموشيءَ سان سنڌي زبان جي تخليقي ادب ۽ پير پائيندڙ ضراب حيدر کي اها حقيقت ٻين ڪهاڻيڪارن کان منفر بڻايو بيٺي آهي.
    اسان وٽ جيڪا تخليقي ادب جي روايت آهي، انهيءَ روايت سان جُٺ اهائي آهي ته هڪ اڌ نالي کي ڇڏي اسان جا ليکڪ روايت کي ايترو ته چنبڙي پيا آھن، جو هو ڪابه نئين ڳالھ ، نئون خيال ۽ نئون انداز مڃڻ لاءِ تيار ناهن، جيتوڻيڪ هئڻ ته ائين کپي ته جيڪا سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ خوبصورت روايت رهي آهي، انهيءَ روايت کي نئين زماني سان ٺهڪائڻ لاءِ ۽ قابل قبول بنائڻ لاءِ، روايت ۽ جدت جا رنگ ڀرڻ ضروري آهن. ٻيءَ صورت ۾ روايت ڪيڏي نه خوبصورت هوندي ته پنهنجو رنگ ڄمائي نه سگھندي. اسان وٽ جيڪا خوبصورت روايت هئي، اها هاڻ يبال جي ڀت تي ”سٽ ڪٽ“ واري غير دلچسپ راند بڻجي رهي ويئي آهي. ٻئي پاسي وري هڪ اڌ ليکڪ کي ڇڏي نواڻ/ جدت جي نالي ۾ اڪثر ليکڪ روايت کي طلاق جا ٽي ڀتر هڻي، نئين ۽ اوڀر اوجھڙ ۾ ڦاسي پيئي آهي ۽ پنهنجي واٽ وڃائي چڪي آهي. اهڙين حالتن ۾ مشتاق شوري کانپوءِ ضراب حيدر پنهنجين ڪهاڻين ۾ هڪ پاسي روايت کي هٿان نه وڃايو آهي ته ٻئي پاسي سندس ڪهاڻين ۾ نئون فڪر، نئون انداز ۽ نئون ڊڪشن پنهنجن پورن جلون سان روشن آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون سندس سگريٽ پيئڻ جي مخصوص انداز ۽ سندس مُرڪ وانگر گهريون گھڻ رخيون ۽ سگھاريون آھن.
    انسان جي داخلي ڪيفيتن ۽ خارجي حالتن کي ڪنهن به صورت ۾ ڌار ڪري نٿو سگھجي، هڪ پاسي انسان جي اندر جا احساس ۽ جذبا خارجي حالتن جو رد عمل هوندا آهن ته ٻئي پاسي وري خارجي حقيقتون انسان پنهنجي اندر جي نفسياتي ڪيفيتن جي اک سان ڏسي، انهي کي پنهنجي رنگ ۾ رچائيندو آهي، پر انهن ٻنهين صورتن يا ائين کي چئجي ته هڪ سڪي جي ٻنهين پاسن مان اڪثر لکڻدڙ هڪ پاسي کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن، هڪڙا ليکڪ آھن جيڪي پنهنجين ذاتي ڪيفيتن کي تخليقي عمل ۾ وڌيڪ جاءِ ڏيندا آهن ۽ رڳو پنهنجو روئڻو روئندا آهن، اهڙي طرح سندس لکڻيون سندس ذات ۾ محدود ٿي وينديون آهن. ٻيا ليکڪ اُهي آهن، جيڪي پنهنجين اُڌمن ۽ احساسن کي پاسي تي رکي ٻاهرين حالتن کي جرلسٽن وانگر چٽيندا آهن، اهڙي قسم جون تخليقون سنڌي سنئين رپورٽنگ وانگر رکيون ۽ فليٽ هونديون آهن، جيڪي پڙهندڙ جي احساسن کي لوڏي نه سگھنديون آهن. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ڪُجھ سٺين ڪهاڻي کي ڇڏي اڪثر ڪهاڻيون اهڙي قسم جي پولرائيزيشن جو شڪار آھن. جڏهن ته انهيءَ جي برعڪس ضراب حيدر پنهنجين ڪهاڻين ۾ زندگي جي سڪي جي انهن ٻنهين پاسن کي الڳ الڳ ڪري چٽڻ جي بدران ٻنهين کي گڏي چٽيو آهي ۽ توازن رکيو اٿس، سندس ڪهاڻين ۾ دل جي ڌڪ ڌڪ به آحي ته مسافري جي پيرن جي اُڏايل خاڪ به آهي، روحاني تڪسين به موجود آهي ته سائنسي حقيقيتون به موجود آهن، هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٿي ڪٿي مايوس ٿي هٿيار ڦٽا ڪري سڏڪڻ ويهي ٿو رهي ته ڪٿي ڪٿي پنهنجي چوڌاري موجود ناانصافين، توهم پرستي ۽ منافقين سان جنگ جوٽي بيهي ٿو رهي. ڪڏهين بند ڪمري جو رهواسي ٿو لڳي ته ڪڏهين پکي وانگر فضائن ۾ اڏامندو نظر ٿو اچي. اهي حقيقتون کيس نئين پيڙهيءَ جي ليکڪن ۾ خاص حيثيت ڏيو بيٺيون آهن.
    هت اسان وٽ ڪافي وقت کان ”جنس“ بابت ڇتو بحث هلي رهيو آهي. ڪُجھ دوستن جو خيال آهي ته اڄڪلھ اهڙو فڪشن تخليق ٿيرهيو آهي، جيڪو گھر ۾ رکڻ جهڙو ناهي، ٻين دوستن جو چوڻ آهي ته جنس هڪ ڏٺي وائٽي حقيقت آهي، انهي کي نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. انهن ٻنهين راين جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته اهي ٻئي رايا هڪ ٻئي سان ٽڪرائيندڙ ناهن، پر اها هڪ ئي راءِ بڻجي ٿي بيهي. جڏهين هندستان ۽ پاڪستان ٺهيا ته ڪروڙين ماڻهن جا گھر، زندگيون ۽ عزتون وڌي رهڙ ۾ اچي ويون ۽ هڪ خوفناڪ قسم جي انساني ٽريجڊي جنم ورتو. ظاهر آهي ته ايڏيءَ وڏي ٽريجڊي تي هزارين صفحا لکيا ويا، پر سعادت حسن منٽو ايڏي ساري ٽريجڊي کي ”کهول دو“ جهڙي مختصر ڪهاڻيءَ ۾ بند ڪيو ۽ ”کهول دو“ جهڙي ڪا ٻئي اگھاڙي ڪهاڻي نه هوندي، پر منهنجي خيال ۾ ننڍي کنڊ جي انهي ٽريجڊي کي چند صفحن ۾ ائين ئي بند ڪري سگھجي ٿو، جيئن سعادت حسين منٽو ڪيو. اهڙي ساڳي طرح 1958ع ۾ جڏهين روسي ٽئنڪون انهي وقت جي چيڪو سلوويڪيا ۾ ڌرڻيون ڪنديون گھڙيون ۽ چيڪن ۽ سلاوڪن جي آزادي جي خاتمي جي ٽريجڊي کي اتان جي ليکڪ پنهنجي مشهور معروف ناول Unbearable highness beign ۾ نه رڳو ڊاڪٽر ۽ ٻن ڇوڪرين جا ڪپڙا لاهرايائين، پر هن هڪ وڏي سياسي ٽريجڊي کي به اگھاڙو ڪري ڦٽو ڪيو. ادب جي دنيا ۾ اهڙا ٻيا به مثال پيا آهن، پر اها ساڳئي جنسي اگھاڙپ بنا ڪنهن معصد جي رڳو ذهني عياشيءَ ڪاڻ لکجي ٿي ته پوءِ اهڙو ڪتاب برابر گھر ۾ رکڻ جهڙو ناهي. ڳالھ حسن ئي لکڻ يا نه لکڻ جي ناهي، پر ڳالھ آهي ته جنسي تي لکندي ليکڪ زندگيءَ جي ڪهڙي حقيقي تان پردو کڻي ٿو. ضراب حيدر خاص ڪري ڪهاڻي ”سگريٽ کي ڪٿان دُکائجي؟“ ۽ عام طرح ٻين ڪهاڻين ۾ جيڪو جنس جو استعمال ڪيو آهي انهي ۾ هن مجبوري، غربت، منافقت، توهم پرستي ۽ انساني ڏکن سکن جا ڪپڙا لاٿا آهن ۽ سماجي مسئلن تان پردو کنيو آهي. انهيءَ ڪري سندس ڪابه ڪهاڻي پورنوگرافي جي ذمري ۾ نٿي اچي، جو کڻي ائين چئجي ته ليکڪ رڳو جنس جو مزو چکائڻ لاءِ ڪتاب لکيو آهي ۽ اهڙو ڪتاب گھر ۾ رکڻ جھڙو نه آهي.
    اسان جي اڪثر سينيئر ليکڪن لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي ته هڪڙا ته عمر گذرن سان گڏ سکيا ستابا ٿي پيا آهن ۽ سندن زندگي ڊرائنگ رومن، آفيسن ۽ ميٽنگن، فنڪشنن جي صدارت ڪرڻ تائين محدود ٿي پيئي آهي ۽ خلق خدا جيءَ کان ڪٽجي رهجي ويا آهن ۽ نه ئي وٽن ايترو وقت بچيو آهي جو ڇپجندڙ نئين فنڪشن کي پڙهي سگھن. ٻيا وري عمر گذرڻ سان گڏ سکيا ستابا ته نه ٿي سگھيا، پر گھر جي ڪُنڊ جھلي ويهي رهيا آهن. انهيءَ ڪري انهيءَ نسل جا ليکڪ جڏهن به عوامي زندگي تي لکڻ ويهن ٿا ته وٽن ويھ ٽيھ سال پراڻي سنڌ جا ڪردار سامهون اچن ٿا. ڪميونيڪيشن وڌي وڃڻ جي ڪري سنڌ جي عام ماڻهن جي روين ۾ جيڪو فرق آيو آهي، انهي کان هو بيخبر آهن، ٻئي پاسي اسان جي نئين نسل جي ليکڪن لاءِ اها ٽريجڊي پئدا ٿي پيئي آهي ته ”سنڌ“ سندن چوياري کان ٻاهر نٿي نڪري، ڪُجھ افسانا ۽ شعر لکڻ کانپوءِ هو عام ماڻهن سان لھ وچڙ ۾ اچڻ جي بدران هڪ ٻئي سان لھ وچڙ ۾ رهن ٿا، اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي نئين انساني جوڙجڪ کي پڌرو ڪرڻ لاءِ اهڙو قلم کڻڻ جي ضرورت هئي، جيڪو سنڌ ۾ پئدا ٿيل رشتن کي چٽي سگھي، اها ضرورت ضراب حيدر پوري ڪئي آحي.
    فڪر احساس ۽ جذبا پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن دور ۾ ڪهاڻيءَ ۾ Visuals جو استعمال ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ سگھارو بڻائي ٿو. اڄڪلھ جو ماڻهو اسڪرين تي هريل آهي، انڪري پڙهندڙ جي ذهن جي ملٽي ڊائمينشل اسڪرين تي يا ٻين لفظن ۾ پڙهندڙ جي تصور ۾ جيڪڏهن هي تصوير جي کوٽ رهجي ٿي وڃي ته ذهن ۾ ڪهاڻي جي صورتحال جو خاص نقشو نٿو ٺهي ۽ ڪي قدر پڙهندڙ اوندھ ۾ رهجي وڃي ٿو. اهڙي ادبي صورتحال ۾ ضراب حيدر ڪهاڻيڪار سان گڏ فلم ميڪر جي حيثيت ۾ به اسان جي اڳيا اچي ٿو ۽ ذهن جي اسڪرين تي ڪئين رنگ ڇڏي ٿو وڃي.
    ضراب حيدر جي ڪهاڻين جي وڏي ۾ وڏي خوبي اِها آهي ته هُو ڪنهن ٻئي ليکڪ جو پاڇولو نه بڻيو آهي، جيڪا پريڪٽس سنڌي ادب ۾ عام آهي. هن پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهي آهي. اسٽائيل، ڊڪشن، مواد ۽ ڪردارن کي چٽڻ ۾ ضراب سڀني کان الڳ بيٺل آهي، ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين جان ڏني اٿس.

    عبدالقادر جوڻيجو


    رايا ناھيد مغل-طارق قريشي

    قلمڪار سڀ ڳولهائو هوندا آهن، ڪي دنيا جا ڳُجھ، ڪي ذات جا راز ته ڪي حق جا ڀيد پروڙن لاءِ سوچ ۽ سمجھ جي دنيا اٿلائيندا پٿلائيندا رهندا آهن.
    اُڻ تُڻ جي اهڙي جهان ۾ جيڪو سڀ کان وڏو عام سوال هوندو آهي، سو پنهنجي هجڻ جي متعلق آهي، مان ڇا آهيان، ڇو آهيان، ڪيئن آهيان، ڪنهن لاءِ آهيان، ڇا ڪري رهيو آهيان ۽ جيڪو ڪري رهيو آهيان اُن لاءِ آهيان به الائجي نه؟
    جيون جي بي_معنويت جو بکيو پيٽ، ڏينهن جي هڻ هڻان ۽ رات جو اوجاڳن سان چٽيل ڪارن پنن سان ڀرجي سگھي ٿو؟ ڇا زندگيءَ جي معنيٰ پروڙي سگھجي ٿي؟ ڇا هجڻ جو سبب ڄاڻي سگھجي ٿو؟ ڇا پنهنجو پاڻ لڀي سگھي ٿو. جيڪو نڄاڻ آهي به يا آهي ئي ڪونه... اگر ناهي ته ڪڏهن هو ۽ اگر هو ته ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟ ڪٿي، ڪهڙي جنم ۽ ڪهڙي جوءِ ۾، هٿن جي آڱرين مان واريءَ جيان ترڪي ويو.
    ...يا شايد ذات جي وجود ۾ هجڻ باوجود ڪنهن وڏي اڪثريتي حصي کانسواءِ هلي رهي آهي، جيڪو ڪٿي ڇڄي ڌار ٿي چڪو آهي، پر اُن جي نه شڪل آهي، نه نالو آهي، نه ئي ائڊريس آهي.
    مٿين احساسن وارو هڪ شخص ضراب حيدر زندگيءَ جي الائي ڪهڙن پيج و خم کي پار ڪري ”انگن چڙهيو انگ“ (سندن پهريون ڪتاب) کان وٺي ”سرحدن کان اڳتي“ جو سفر ڪري چڪو آهي، پر انهن ٻن ڪتابن جي وچ ۾ اٽڪل ستن ورهين جو ويڇو آهي، جيڪو يقينن هڪ اهڙي قلم ڪار لاءِ فڪر انگيز عرصو آهي، جيڪو نمائنده ليکڪ سڏائي.
    هونئن ته اسان وٽ ضراب حيدر کان به وڏا وڏا ليکڪ گمناميءَ جي راهن ۾ صاحب ڪتاب ٿيڻ کانسواءِ دفن ٿيا آهن / ٿين ٿا / ۽ نڄاڻ ڪيسين ٿيندا رهندا. انڪري اسان انهن امرن factors کي سوچڻ ۽ خارج ڪرڻ جي تڪليف فرمايون ئي ڇو؟
    بهرڪيف، ضراب حيدر جي نئين جستجو، محنت ۽ نون تجربن ڏانهن قدم وڌائڻ تي کيس اتساهيندڙ آجيان ضرور پيش ڪجي ٿي.
    جڏهن مون ضراب حيدر جي ڪتاب (سرحدن کان اڳتي) جو مواد پڙهي ختم ڪيو : تڏهن تنقيدي تاثرات جي ايڏي ڀرپور يلغار مون تي غالب پئي، جو مون مهاڳ لکڻ کان ئي معذرت ڪرڻ چاهي (مون لکڻين جي اهڙي انداز کي ٿورو به encourage ڪرڻ نه چاهيو) پر ٻيو خيال ذهن ۾ اِهو آيو ته اسان وٽ غلطين جي پرورش جو هڪ وڏو سبب تنقيد ۽ resistance نه هجڻ به آهي، غلط عمل کان ڪبوتر جيان اکيون ٻوڙي نظرون چورائجن، ان کان بهتر آهي ته اُن عمل کي اُتي ئي نِندجي.
    مغربي ادب جن هٿڪنڊن جو محتاج ٿي معذور معاشري جو اپاهج reflection ٿي پيو آهي، ڇا ان جو اثر وٺي (سڄو ڌيان گند کوٽي کوٽي بيان ڪرڻ لڳائي) پنهنجي معاشري کي ان طرف گهلڻ ۾ مدد نه ڏئي رهيا آهيون؟
    بيحد ڏک جو مقام آهي جو ضراب حيدر، سنڌي ادب جي بابنياد ۽ گھري پاڙ واري عمارت کي اهڙن اجاين هٿڪنڊن، سهارن ۽ بي ساکين ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    اهو خيال به ذهن ۾ اچي ٿو ته ڇا ضراب حيدر پنهنجي ڪهاڻيءَ جي لاءِ ايترو پر اعتماد ناهي، جو اهڙن برهنه (گھٽيا) پلسترن جو استعمال ڪرڻ ضروري سمجھيو اٿس؟.
    فڪرانگيز آهي هيءُ موڙ جڏهن اهڙا وريا نظر اچن ٿا، جيڪي ڏس ئي ڏين ٿا اهڙي معاشري جو، جنهن جا بگڙيل نسل بڪ_اسٽالن تي به اهڙن ئي ارادن سان ويندا جهڙن ارادن سان وڊيو، سينٽرز تي ويندا هجن، اهڙي موڙ تي ڪتاب سان متعلق مقدس تاثر، سوال بڻجي وڃي ٿو. جنهن جو جواب تلاش ڪرڻ وارن مان پاڻ ضراب حيدر ۽ ان جهڙا ٻيا ليکڪ به شامل هوندا آهن.
    اهڙن ليکڪن وٽ جواز هيءُ هوندو آهي ته جيئن ته معاشرو گندو آهي، انڪري ان جو عڪس يعني ادب به ساڳيو ئي ڏيک ڏئي ته ڪهڙي قباحت آهي؟ ته اُن مسئلي جو حل به اسان وٽ موجود آهي، جيڪو ڪيترائي (بلڪه majority) اديب استعمال به ڪندا آهن، جو، وڏي کان وڏي انڌي، ڪاري حقيقت تان پردو به کڻندا آهن (علامتي يا اڻ سڌي انداز ۾) ۽ ڪتاب جي تقدس کي ڇيهو به رسڻ نه ڏيندا آهن، سو اسان وٽ طريقا ۽ trends موجود آهن مسئلو چونڊڻ جو آهي.
    ..... ۽ چونڊ ڪرڻ وقت، صاحب ڪتاب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ واري اهو ضرور سوچڻ کپي ته جيڪڏهن هو سچي ليکڪ جيان پنهنجي ڪتاب کي هر گھر ۽ هر طبقي جو ڪتاب بنائڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ هُن کي سڀني معاشرتي فردن جو خيال ڪرڻو پوندو. ان معيار کي سامهون رکندي، مان دعويٰ سان چوان ٿي ته ضراب حيدر جو هي ڪتاب، ڪو مرد ته خريد ڪري وٺندو، پر ڪو پيءُ، ڪو ڀاءُ يا پُٽ ان کي (مواد بابت ڄاڻڻ کانپوءِ) خريد نه ڪندو.
    ڇا انهن سببن ڪري ڪي ضروري پيغام ڪنهن ضرورتمند قوم تائين پهچڻ کان رهجي ته نه ويندا؟
    مون کي اِن حوال سان هڪ ڳالھ ياد ٿي اچي ته جڏهن عصمت چغتائي ۽ منٽوءَ کي فحاشي لکڻ جي جرم ۾ قيد ڪيو ويو هو ته عصمت چغتائي چيو هو ”سولي پر بهي چڙها دين ليڪن حلق سي انا الحق هي نڪلي گا“ (اهڙو ذڪر ”عصمت ڪي بهترين افساني“ ڪتاب ۾ ڪيل آهي.)
    سو ناجائزي ڪرڻ وارن کي به حق جو نعرو لڳائيندي ڏسي کِل آئي هُئي.
    اهڙي طرح ضراب صاحب جي به مرضي آهي ته هو انهن غلط trends کي تسليم ڪري يا انالحق (بي حسي سان) نعرو لڳائي، ڇو ته اسان وٽ لاقانونيت سببان هر آزادي حاصل آهي.
    ضراب حيدر جون اڌ کان مٿي ڪهاڻيون اعتراض جوڳي مواد سان ڀريل آهن، جن ۾ هي ڪهاڻيون شامل آهن : ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“، ”.... ۽ وڇ ڀڄي وئي.“ ”ڪوجھائپ کي ڪوملتا جي ڳولها“، ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“، ”فخروءَ جي ڌيءَ جو گڏو“، ”محبتن جي ديس مان جلاوطن شخص“ ۽ ”پيرن ۾ ڪريل آسمان.“
    سوچ ۾ آيو ته جيڪڏهن اِهي ڪهاڻيون يا اهڙو مواد خارج ڪري ڇڏجي ته ضراب حيدر وٽ ڇا بچندو؟ ڇا اِهو بچيل مواد هڪ ليکڪ يا ڪتاب لاءِ ڪافي هوندو؟ قطعي نه....
    ڪجھ ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته ليکڪ معاشري جي سڌاري جو ٺيڪيدار ناهي هوندو. مڃون ٿا ته جيڪو به فرد پاڻ کي ان ذميداري کان آجو تصور ڪري ٿو، اهو اهڙي ”ڪوشش“ کان به آزاد آهي، پر گھٽ ۾گھٽ ليکڪ کي معاشري جي ”گندگي“ جو ٺيڪيدار به نه هجڻ کپي.
    وڌ ۾ وڌ معاشري جي اونداهن پهلوئن تان (ڪتاب جي تقدس کي مجروح ڪرڻ بغير) پردو کڻڻ جو حق هجڻ کپي، نڪي گند مان گند کوٽي يا پيدا (تخليق) ڪري غلاظت ۾ اضافو ڪجي.
    مان شدت سان اِن عمل کي نِنديان ٿي، جيڪي انهن منزلن ڏانهن ”مائل“ ڪن، جن تي انسانيت حيوانن کان به بدتر قسم جي موت وگھي مري رهي آهي.
    سمجھ ۾ نٿو اچي ته، ڇو ضراب حيدر جا گھڻائيءَ ۾ ڪردار هڪ ”خاص“ طرف ڏانهن جُھڪيل ۽ هڪ ساڳئي قسم جي اخلاقي بيماريءَ جا مريض ٿا محسوس ٿين. ڇو سندس ڪافي ڪردار typical قسم جي دماغيءَ بيماريءَ جو شڪار آهن؟ انڪري ضراب جي هر ٻي ڪهاڻي يڪسانيت جو شڪار آهي.
    اسان، جيڪي، غريب، جهالت ۽ ظلم جي ڪشمڪش مان لنگھي رهيا آهيون، اُتي شعور، آزادي، تعليم ۽ خوشحالي ڏانهن وکون کڻڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ هر فرد خصوصاً پڙهيل لکيل رڪن ۽ بالخصوص اديب هلندي گھمندي، اُٿندي، ويهندي، لکندي، پڙهندي اهڙين فرضن (شعور ڦهلائڻ) جو ذميدار آهي. انڪري هن دور جي قلمڪارن لاءِ لازم آهي ته انهن جون لکڻيون سڌي يا اڻ_سڌي طرح سبق آموز ۽ بامقصد هجن.
    پر ضراب حيدر جي ڪهاڻين ۾ اعتراض_جوڳن حرفن کان علاوه اڪثر جاين تي ان ڳالھ جو گهرو احساس ٿئي ٿو ته هي شخص زندگيءَ جي نازڪ، پاڪ ۽ سندر احساساتي لفظن کان ناواقف ناهي، بلڪه ڪٿي ڪٿي سندس ڪردار اصل حسن، پاڪ، نازڪ ۽ سچن جذبن لاءِ ايئن واجھائيندي نظر ٿا اچن، جيئن سسئي ڏونگرن ۽ جبلن ۾ پنهونءَ لاءِ واجھايو. اهڙو مثال ڪهاڻي ”ڪوجھائپ کي ڪوملتا جي ڳولها“ ۾ ملي ٿو جيئن :
    • ”صفائي ۽ سٺائي ڪٿي آهي، مون لاءِ ته ڇا پر ڪنهن لاءِ به نه، جتي ڏس گندگي، ڪوجھائپ، روڊن تي اڇلايل ڪوجھائپ، اسپتالن ۾ ڦهلايل ڪوجھائپ، ڳوٺن ۾ وسايل ڪوجھائپ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايل ڪوجھائپ، دفترن جي دستاويزن ۾ داڦيل ڪوجھائپ..“
    يا وري مثال آهي :
    • ”مان ... مان به ته محبت لاءِ جيئڻ ڪاڻ اڄ تائين ڪوڙو موت مرندو پيو اچان، ڪوڙن، فريبي ڪاسميٽڪس سان ڀرپور چهرن تي، جن جي ڪوجھائپ مون کي پڻ ڪوجھو بڻائي ڇڏيو.“
    ٻئي هنڌ آهي :
    • ”مان چهرن ۾ چاهت جي حقيقي ڪوملتا ڳولهڻ لاءِ ڀٽڪندو رهندو آهيان.“
    ضراب حيدر جو رومانيت بيان ڪرڻ جو سڀ کان سٺو انداز ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ گهرائي آهي، سچائي آهي ۽ ڪندن پڻو آهي.
    جيستائين لفظن جي ذخيري جو سوال آهي ته ان معاملي ضراب حيدر غريب ناهي، امير آهي، وٽس اثرائتا، ڪلاسڪ ۽ جھجھا لفظ موجود آهن. جن ۾ ورائٽي به موجود آهي. ان کان علاوه ڪُجھ جاين تي الفاظن جي خوبصورتي سچ پچ پاڻ مڃايو آهي .
    مثال :
    • ”وڇوڙو، نڄاڻ، ڪٿان جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ جون پٿريليون ديوارون اورانگھي سڪينا بنگالڻ جي سورن ۾ ڪاهي پيو.“
    • ”بني آدم جي چهرن تي لڳل غم جا بخيا اڊڙڻ لڳا ۽ خوشيون سندن ڪم سان گڏ رڌجي معتبر ٿيڻ لڳيون.“
    هڪ اهڙو ماڻهو جنهن کي ليکڪ تسليم يا label ڪرڻو هجي، ان لاءِ، مشاهدو، مطالعو ۽ تجربو قدرتي ڏات (potential) کان پوءِ جا لازمي جُز ڳڻڻ کپي. هڪ ليکڪ ننڍپڻ کان ئي اڪثر ڪري اهڙيون نشانيون ظاهر ڪرڻ ٿو لڳي، ايئن جو اهو قدرتي طور تي ايترو حساس ٿئي ٿو، جو هوا به لڳي ٿي ته هو ٻين عام ماڻهن کان وڌيڪ ان کي محسوس ڪري ٿو يا ڪنهن خزان جهڙي سمي ۾ ٻين کان وڌيڪ اداس ٿي پوي ٿو.
    اهڙيون نشانيون ضراب حيدر ۾ يقيناً موجود آهن، ان لاءِ اسان وٽ خصوصاً ٻن ڪهاڻين جا مثال واضح آهن. جيئن ”آئوٽ بيڪ“ ۽ ”سنڌ جو مجاور“ آهي، انهن ڪهاڻين جو حقيقت سان ويجھو تعلق محسوس ٿئي ٿو، جيڪي ليکڪ جي مشاهدي ۾ آيون هونديون ۽ انهن ليکڪ تي ايترو اثر وڌو جو هو مجبور ٿي پيو، ان لاءِ قلم کڻڻ تي، جيڪو عام ماڻهو نٿو ڪري سگھي. ليکڪ هڪ پل ۾ اهڙا مشاهدا وساري به ويهي ٿو.
    هڪ ٻي اهم ڳالھ مان ليکڪ جي شعور جي حوالي سان ”شاباس“ طور ضرور چوندس ته ليکڪ جي ذهن ۾ انسانيت لاءِ احساس، ظلم خلاف نفرت، سرحدن، زبانن، قومن ۽ علائقن جي حد بندين ۾ محدود ناهي. هن لاءِ سڀ کان وڏو حوالو/ سڃاڻ انسانيت آهي، ان جو چٽو مثال ڪهاڻي ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ ملي ٿو.
    نه رڳو قتل و غارت (آئوٽ بيڪ ۽ سنڌ جو مجاور) عصمت دري (پيرن ۾ ڪريل آسمان) وغيره جهڙن ظلمن لاءِ حوالو ڏنل ڪهاڻين ۾ نفرت، جوش ۽ ڪاوڙ ملي ٿي، پر غلاميءَ خلاف به شعور جو ڏس موجود آهي جيئن :
    ”نالو ته ديس سان هوندو آهي، پرديسين جو ڪهڙو نانءُ.“
    .... سو، اسان جيڪي پنهنجي ئي ديس ۾ پرديسي ۽ ڏتڙيل بڻجي رهيا آهيون، تن کي اهڙي تعليمات ۽ شعور جي سخت ضرورت آهي، جو بي_نانءُ بڻجڻ خلاف ويڙھ ڪيون.
    اديب طبقو قوم مان بي بنياد اعتقاد ۽ غير سياسي رويا ٻهارڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.
    ڏنل مٿيون مثال (سٽ) معاشري آڏو هڪ چئلينج جيان آهي.
    چئلنجز ته پيش ڪيل آهن ڪهاڻي ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ ۾. صدي کان پيري مريدي، دنگي، جن، ڀوت، پَري ۽ درگاھ وغيره جهڙن Elements تي، حيواني روين تي، ايمان جي سرعام وڪري تي، جهالت تي، معاشري جي بدبوءَ ڏيندڙ عضون جي خراب ٿيندڙ گوشت تي.
    چٿرون آهن 21 صديءَ جي دور ۾ هن معاشري ڏانهن هن نموني :
    • ”مقبري جي ديوارن تي مٿو ٽڪرائڻ سان گڏوگڏ هيٺ سيمينٽڊ ٿلهي جي فرش تي دٻڪو ڪرڻ ۽ رڙين سان جيڪي آواز ماحول تي ڇانئجن پيا، انهن آوازن ۾ به هڪ عجيب وحشت ڀري دهشت هئي. ان گوڙ ۾ آسيه به شامل ٿي وئي.“ او جلالي! جوٺي...... ڇوڙ مار ديا ظالم مار ديا اتني تڪليف نه دو جلالي!.
    ”آسيه جي ڪرتين جي چٽا ڀيٽي ۾ ٻيون به کوڙ قلاباز ڇوڪريون ۽ عورتون جلالي جلالي ڪنديون پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ وڌيڪ پرجوش ٿي ويون.“
    • ”ڄڻ ته دنيا جون سڀ محروميون، ڪائنات سان بي انصافيءَ تي احتجاج ڪري رهيون هيون..“
    ضراب حيدر جي قلم ۾ Nature کي به چئلينج ڪرڻ جي قوت آهي جيئن : ”هو، مايوس ٿي ننڍڙيون پتڪڙيون وکون کڻندو جيل جي شيخن وٽ آيو ۽ پنهنجا پتڪڙا هٿ، شيخن جي ٻاهران ڪڍي وسندڙ مينهن جي ڦڙين کي هٿ جي ترين تي کڻڻ لاءِ، پنڻ واري انداز ۾ جھلي آڪاش ڏي ڏٺائين ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ ٻاتن ٻولن ۾ ڪجھ چيائين، جيڪو جيل جي ديوارن کي ته سمجھ ۾ ڪونه آهي، پر ڪائنات جي خدا جي سمجھ کان به مٿاهون گذري ويو.“
    ضراب حيدر ”تشبيھ“ جو هڪ انوکو ۽ ڀرپور انداز به ڏنو آهي، جنهن ۾ درگاھ جي مرگي جي ماڻهوءَ کي ”ڪڪڙ“ جو نانءُ ڏيڻ سچ پچ جس ڏيڻ جوڳو آهي. ان کان علاوه تشبيھ جا ٻيا به ڪيترائي خوبصورت انداز ملن ٿا جيئن :
    ”سانوڻ جا آگم ائين ڀريا بيٺا هئا، جيئن تازي وئايل مينهن جا ٿڻ، کڙ سان ڀريا بيٺا هوندا آهن.“
    پر تشبيھ جو اڻ_ٺهڪندڙ ۽ هٿ ٺوڪيو، انداز ”فخرو جي ڌيءَ جو گڏو“ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ٻڌايل ڪردار جي گڏي سان مشابهت نهايت اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿي رهي آهي.
    ضراب حيدر جي ڪردار نگاري گھڻي سگھاري ڪونهي، البته منظر نگاري ۾ قلم مضبوط اٿس (حالانڪه ڪتاب ۾ گھٽ جاين تي منظر نگاريءِ جي ضرورت پيش آئي آهي، پر جت به آئي آهي، اُت ڀلي ڀت ملهايو اٿس.) اهڙو ثبوت گھڻي قدر ڪهاڻي ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ ملي ٿو.
    مثال : ”رات جي وسڪاري کانپوءِ سمورو شهر ڌوپجي ويو هو، ڪارونجھر جو ڌوتل ڪارو سينو سج جي ڪرڻن تي مينهن جي پٺي جيان جرڪڻ لڳو.“
    ان کان علاوه ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ ۾ به درگاھ ۾ منظر_نگاري نهايت واضح ۽ اثرائتي نموني ڪيل آهي.
    ضراب حيدر جي ڪهاڻين ۾ جيڪي خاص ڳالھ مون محسوس ڪئي، سا اها آهي ته ضراب جا ڪردار نه رڳو جيئرا جاڳندا هن دور جا ماڻهو آهن، پر ليکڪ انهن مقامي ڪردارن جي نفسيات جي تمام ويجھو آهي. حالانڪه نفسيات کي رائٽر جيترو سمجھيو آهي، ايترو واضح بيان ناهي ڪري سگھيو، پر پوءِ به اهو ثابت ڪيو اٿس ته هو سائڪالاجيءَ جي سمجھ ۾ به خاصو اڳتي آهي. مثال :
    ”گونگي سڪينا جي وسندڙ اکين ۾ سندس عصمت جي پائمالي جون رڙيون ٻن سالن تائين، سندس ٻالڪ جي معصوم شرارتن باوجود به بند ٿي نه سگھيون.“
    نفسيات نگاري جا ٻيا به Positive مثال، ”مجسمو“، ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“، ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“، ”سنڌ جو مجاور“ ۽ ”آئوٽ بيڪ“ ۾ ملن ٿا. ان ئي حوالي سان وري جيڪو ڪمزور پهلو مواد ۾ موجود آهي، سو هي آهي ته هڪ طرف ليکڪ، جڳهه جڳهه تي عورت جي گھٽيل جذبن تي Sharply مشاهدو ڪندو نظر اچي ٿو (سگريٽ کي ڪٿان دکائجي، محبتن جي ديس مان جلاوطن شخص وغيره وغيره) ۽ پڻ انهن سڀني امرن (Factors) جي به نشاندهي ڪري ٿو، جيڪي نفسي گُھٽ جو سبب بڻيل آهن ( ڪڏهن ڪڏهن ته لڳاتار (سلسليوار) اهڙن ڪهاڻين جو مطالعو ڪندي انهن تي ڪنهن سروي _ رپورٽ جو گمان ٿئي ٿو، جنهن جو عنوان ”عورت جا گھٽيل جذبا ۽ نفسيات“ وغيره type هجڻ کپي) پر ٻئي طرف ڪنهن به هنڌ انهن اسباب، نفسيات ۽ امرن جو ذڪر ڪيل ناهي، جن جي زير اثر مسعود، ساحر، شهزاد ۽ (گرلز هاسٽل _ پاسي رُلندڙ) فياض جهڙا رولو ڪردار جنم وٺن ٿا.
    ضراب جي ڪُجھ ڪهاڻين ۾ پلاٽ جي خوبصورتي فن جي پختگي جو احساس ڏئي رهي آهي. جنهن ۾ سرحدن کان اڳتي، سگريٽ کي ڪٿان دکائجي، ڪارا ناسي ڪنگڻ ۽ سنڌ جو مجاور وغيره شامل آهن.
    پر ڪُجھ ڪهاڻين ۾ پلاٽ ايترو ته ڪمزور آهي جو ڪهاڻي بي سڌ مئل پئي آهي، مثال : ”مجسمو“ ”.... ۽ وڇ ڀڄي وئي“ ۽ ”پيرن ۾ ڪريل آسمان“.
    ضراب جون اڪثر ڪهاڻيون مقصديت جي معاملي ۾ اڻ چٽيون يا خالي آهن. ڪجھ ڪهاڻين جو حاصل مطلب ڪُجھ به نٿو نڪري ۽ ڪجھ ڪهاڻين ۾ ايئن ٿو لڳي، ڄڻ ليکڪ وٽان ڪا خاص شيءَ پڪڙ کان نڪري وئي آهي. جن ڪهاڻين ۾ مقصد، مرڪزي خيال يا حاصل مطلب اڻ چٽو، غائب يا ڪمزور آهي سي هِي آهن .
    ”مجسمو“، ”فخرو جي ڌيءَ جو گڏو“، ”... ۽ وڇ ڀڄي وئي.“
    ٻه ڪهاڻيون... ”۽ وڇ ڀڄي وئي“ ۽ ”پيرن ۾ ڪريل آسمان“ ڪهاڻي_پڻي کان پري ۽ اخباري سرخين جي ويجھو محسوس ٿيون، جيڪو ڪهاڻي_کيتر ۾ غير_عام تجربو به آهي ۽ مقبوليت جو اهل به نظر نٿو اچي.
    ٻيون به هڪجهڙي نوعيت جون ڪهاڻيون ”سنڌ جو مجاور“ ۽ ”آئوٽ بئڪ“ موجوده حالت جي اڌمن ۽ المين جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون.
    ڪهاڻي ”مجسمو“ پلاٽ ۽ مرڪزي خيال جي آڌار کان ڪمزور ڪهاڻي ٿي لڳي، پر منجھس لفظن ۽ احساسن جي خوبصورتي ۽ نازڪ ڇُهاءُ يقيناً ذڪر جوڳو آهي.
    ضراب جي هن ڪتاب ۾ خالص رومانوي ڪهاڻيون ڪافي گھٽ آهن، جيڪي هي آهن ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“، ”محبتن جي ديس مان جلاوطن شخص“ ۽ ”ڪوجھائپ کي ڪوملتا جي ڳولها“.
    ضراب حيدر جي ڪهاڻين مان خاصي مطالعي جو واضح اثر محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي سندس پهرين ڪتاب ۾ کوٽ پئي محسوس ٿي. اها ڳالھ سندن ترقيءَ جو ڏس آهي، پر ڪٿي ڪٿي ضراب حيدر مطالعي جو ايترو گھڻو اثر ۽ استعمال ڏيکاريو آهي، جو اهو عام ڪردارن جي ڳالھ ٻولھ بجاءِ ڪو ليڪچر محسوس ٿي رهيو آهي، مثال ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ ۾ بيان ڪيل هسٽيرڪ بيمارين جي لسٽ.
    ڪٿي ڪٿي مشاهدي کي به غلط_استعمال ڪندي پڪڙيو ويو آهي مثال طور : ”محبت جي ديس مان جلاوطن شخص“ ۾ اسپتالن جي حوالي سان ظلم جي ايتري گھڻي Intensity ڏيکاري وئي آهي، جو پڙهندڙ اجائي گھڻي فرسٽريشن جو شڪار ٿي سگھي ٿو. مان ليکڪ جي مشاهدي کان انڪار نٿي ڪيان، پر بيان جي وڌاَ تي تنقيد ضروري ٿي سمجھان، ڇو ته اهو Writing-pollution جو سبب ٿو بڻجي.
    ليکڪن کي اجائي وڌائي سڌائي فرسٽريشن پيدا نه ڪرڻ کپي.. ڇوته روز منهنجي آڏو Majority ڊاڪٽرس، زندگي بچائڻ لاءِ سرگردان نظر ايندا آهن، نڪي ماڻهو مارڻ لاءِ يا مرڻ لاءِ ڇڏڻ لاءِ.
    مجموعي طور تي مان ضراب حيدر جي ڪهاڻين کي مشاهداتي_اسٽوريز چونديس، جن کي مطالعي جو پاڻي به ڏنل آهي.
    آخر ۾ ضراب حيدر مان ٻين اهڙن ڪتاب جي اميد جو اظهار ڪجي ٿو، جيڪي عام سنڌي معاشري ۾، هر گھر ۾ رکڻ جهڙا هجن ۽ هر عمل، طبقي ۽ اخلاقي معيار لاءِ قابل قبول هجن.

    ڊاڪٽر ناهيد مغل


    From the Desk of Lover / Beloved

    هن کي ڏسي،
    هن سان ملي،
    منهنجي ڪيترن ئي بيجان نظمن ۾،
    ساھ پئجي وڃي ٿو.!
    (علي اظهار)
    ضراب حيدر مون لاءِ هن وقت، هڪ گھڻ_پاسائون موضوع آهي، مون لاءِ.
    هو، هڪ محبوب دوست آهي،
    هڪ ڀلوڙ وڊيو گرافر آهي،
    هڪ سعادت مند شاگرد آهي،
    هڪ قابل استاد آهي.
    سندس شخصيت جي ڪنهن به رخ کي سامهون رکي جيڪڏهن لکان ته پڪ سان ساڻس انصاف ڪري نه سگھندس.
    هو هڪ دوست آهي، هڪ ڪهاڻيڪار آهي، وڊيو گرافر به آهي، ايئن چوڻ ۽ فقط ان تي ئي ڪفايت ڪرڻ عام رواجي ۽ بنهه مختصر ٿيندو، ضراب جون اُهي خوبيون ڄڻ ضراب جي شخصيت جون ننڍڙيون ڪهڪشائون آهن، ضراب جي اندر ۾ جيڪڏهن جھاتي پائجي ٿي ته اُتي الائي ڪيتريون ئي ڪائناتون آهن، انهن ڪائناتن جي ڊسڪوري جي دعويٰ ڪير ڪري؟ آئون ته پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگھان ته ضراب جي پاتال ۽ پولار جي تسخير جون ڪهڙيون ٻٽاڪون هڻان؟
    مونکي رڳو ايتري ڄاڻ / اندازو آهي ته ”چهرو ئي مهاڳ هوندو آهي.“ جي مطابق، مون جڏهن ضراب کي ٻاهران ڏٺو هوته، مونکي ڪپل وستوءَ جو اُهو اداس ۽ وياڪل شهزادو ڏسڻ ۾ آيو هو، جيڪو ڪنهن نرواڻ جي ڳولها ۾ نڪتل هجي.
    ضراب جي ڀورين سهڻين اکين جي گهرائيءَ ۾ هڪ، سمجھ ۾ نه ايندڙ بي چيني، بي تابي، تڙپ، تانگھ ۽ اڻ لکو اضطراب ڏٺو هئم.
    آئون، سوچيندو هئس ته هي سهڻو سيبتو ۽ بظاهر بي فڪرو ۽ لاپرواھ نوجوان جيڪو پنهنجي ٽوياٽا ڪرولا ڪار ۾ نوابشاھ جي روڊن ۽ رستن کان وٺي، سنڌ جي هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾، هر وستيءَ ۾، هر کنڊر ۾، هر مندر ۾، هر درگاھ تي، هر آشرم ۾، هر ڪليسا ۾، هر مڙهيءَ ۾، هر مئخاني ۾، هر اک ۾، هر هردي ۾ ۽ هر روح ۾ ڇا ڳولهيندو آهي؟
    هي وڊيو گرافر، ڪيميرا جي اک سان ڇا ڇا نه ٿو ڏسي، پوءِ به هن جي اندر جي اڃ ۾ گھٽتائي ڇو نه ٿي اچي؟ آئون، جڏهن هن سان ڪنهن به فنڪشن/ پروگرام/ گيڌرنگ جي رڪارڊنگ ۾ گڏ هوندو آهيان ته مونکي هي بندو، ڏاڍو پر اسرار لڳندو آهي، ايئن لڳندو آهي ته ڪالي ديوي ماتا وانگر هن کي کوڙ ساريون ٻانهون آهن، سگريٽ جو ڪش هڻڻ کان وٺي، ايڊاپٽر سنڀالڻ تائين، مووي ڪيميرا جي ڊگھي اليڪٽرڪ وائر سنڀالڻ، ڪيميرا لائٽ ڏانهن ڌيان ڌرڻ، اوچتو کيسي مان ٽيسٽي ڪڍي سڄي وات وجھڻ، اڃ لڳڻ تي پاڻيءَ جو گلاس پي وڃڻ، چانهن جي ڪپ مان چسڪيون ڀري وٺڻ ۽ ٻين انيڪ ڪرتب بازين سان گڏ، نهايت مهارت سان آرٽسٽڪ انداز ۾ مووي ڪيميرا سان لمحن کي فِلمبند ڪرڻ ۽ انهيءَ فلمبنديءَ دوران هر ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي چُرپُر ۽ آواز کي ڪيميرا ۾ محفوظ ڪرڻ واري خبرداري. مون لاءِ ته ڏاڍي حيرت انگيز هوندي آهي، حيرت انگيز حد تائين ته سندس ڊرائيونگ به هوندي آهي جو، اڻ ڄاتل ۽ نون رستن تي به ڪار ايئن ڊرائيو ڪندو آهي ڄڻ، رستن سان ڪا پراڻي آشنائي اٿس.
    هن جي ٻين انيڪ خوبين ۾ هڪڙي هيءَ به خوبي شامل آهي ته هو، ڏاڍي صبر ۽ سڪون سان نهايت باادب قسم جي خاموشيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان، ادب ۽ ڪهاڻيءَ تي منهنجا ليڪچرز به شوق سان ٻڌندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بور ٿيڻ باوجود به ٻين مشغولين تي انهيءَ عمل کي ترجيح ڏيندو آهي.
    سکيا وٺڻ کان علاوه، سکيا ڏيڻ لاءِ به ايترو ئي بردبار هوندو آهي، مووي ڪيميرا جي اک سان، مونکي هر منظر جو پس منظر ۽ پيش منظر پسائڻ لاءِ، هو جيڪي جتن ڪندو آهي ۽ وڊيوگرافي جي هر ٽيڪنيڪ سيکارڻ لاءِ، هو جيڪي حيلا هلائيندو آهي، ان تي به حيرت ٿيندي اٿم.
    شروع شروع ۾ ته هن جا اڪثر عمل مون لاءِ ڏاڍا حيرت انگيز هوندا هئا، هن جي انوالمينٽ ۽ محويت مون لاءِ سوال پيدا ڪندي هئي، آئون سوال جو سُٽ سلجھائڻ چاهيندو هئس، مون وٽ سڀ کان گھڻا ۽ وڏا سوال اِهي هوندا هئا ته هي ماڻهو، مونکي ايترو ڇو ٿو چاهي؟ مونکي ايترو ويجھو ڇو آهي؟ هن جا ڏينهن ۾ ٻه ٻه خط ڇو ٿا اچن؟ فون تي رات جو ٽين ٽين وڳي هو ڇو ٿو مون سان ڳالهائڻ چاهي؟ ۽ آئون اڪثر دوستن جي ڀيٽ ۾ هن جي ويجھو ڇو ويندو آهيان؟ هن ۾ ڪهڙي خوبي آهي، اُها ڪشش ۽ ڇڪ ڇا جي لاءِ آهي؟ مونکي، هُن جي سڪ ڇو لڳندي آهي؟ سوال ئي سوال هئا، پر جواب ۾ مطمئن ڪندڙ ڪوبه دليل، ڪوبه لاجڪ نه هوندو هو. ڇو ته اسان جي وچ ۾ ڪابه مادي غرض ۽ لالچ ڪونه هئي. نفسانفسي جي دور ۾، هَڻ وٺ ۽ ڀڄ ڊڪ ۽ ڇڪ ڇڪان جي عالم ۾، جڏهن هرڪوئي پاڻ کي سوا سير، بلڪه پوڻا ٻه سير سمجھندو آهي، تڏهن، اسان جڏهن ملون ٿا ته ڄڻ ”تراب في التراب“ ٿي ٿا وڃون، شايد اسان مان ڪوبه خچر يا گڏھ ڪونه هو. اسان ٻئي گھوڙا هئاسين. مختلف رنگن جا هوندي به هڪ نسل سان تعلق رکندا هئاسون. (گھوڙا به ته ملائڪ هوندا آهن نه؟ پر) اسان فرشتا نه هئاسين، هڪٻيئ سان ڪٿي به ڪا به حرامپائي نه ڪئي سين.
    پر پوءِ مونکي پنهنجي سوالن جا جواب ملي ويا ۽ پڪ سان ضراب کي به ان واقعي ئي سڀ ڪُجھ سمجھائي ڇڏيو.
    ها مونکي اُن رات سڀ جواب ملي ويا آئون اهو سوچي سوچي ٿڪجي پيو هئس ته هي، گوتم ٻڌ جي فڪر جهڙو لاطمع ۽ ميڊونا جي ناچ گاني جهڙو بيباڪ (بي حجاب) نوجوان، جيڪو مونکي محبوبائن جيان چاهي ٿو ۽ محبوب بڻجي، پاڻ وڻائي ٿو، منهنجي روح ۾ ڇو لٿل آهي؟ ان رات ضراب کي به اِدراڪ ٿي ويو ته هن جي اندر ۾ منهنجي محبت جون جيڪي ميخون کُتل آهن، اُهي ايڏيون مضبوط ڇو آهن.
    اُن رات اسان جي ڪمپني ۾ سارنگ سهتو به، فياض چنڊ به، مراد قريشي به هو ۽ ڪُجھ ٻيا به دوست هئا، ضراب ڏاڍي ترنگ ۾ هو، دوستن ڏانهن خماريل ۽ ڪڪوريل نگاهون وڌائين، لڙکڙايل لهجي ۾ چيائين،
    ”جام مان ته هرڪو پيئندو آهي، اوهان مان آهي منهنجو ڪو اهڙو دوست جيڪو اڄ منهنجي چپن جي پيالي مان پيئي؟“ ائين چئي، ضراب پنهنجي مڌ ماتين اکين سان سڀني ڏي نهاريو، پنهنجي سڀني ويجھن دوستن تي واري واري سان نگاھ وڌائين، پوءِ وڌي هڪ ڍُڪ ڀري، پنهنجي چپن جو ساغر هن، هر دوست ڏانهن وڌايو، پر ڪنهن به هن جي چپن کي سويڪار نه ڪيو هو، آئون، بي اختيار اٿيو هوس ۽ سندس چپن جو جام پنهنجي چپن ۾ اوتيو هئم، ان ويل ايئن لڳو هو ڄڻ، ڪٿي ڪو جھونگاري رهيو آهي.
    ’مڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو.‘
    وقت جو سفر هلندو رهيو آهي، محبتن جو ڪاروان به روان دوان آهي، ضراب جا پير، پاڻ مرادو سدائين ”سڀ رستا، ماروي ٽائون ڏانهن“(All the roads lead to the Marvi town Hyderabad) چوندا آهن ۽ منهنجون سڀ راهون ۽ شاهراهون ڄڻ ”سوسائٽي نواب شاھ“ ڏانهن وينديون آهن، پوءِ مون جڏهن به فون جو رِسيور کنيو هئو ته منهنجين آڱرين (زيرو ٽو فور ون) سڪس زيرو نائين ايٽ ٿري جا نمبرز (ڊجٽس) دٻايا هوندا / آهن.
    ضراب، جڏهن به ڊائل گھمايو هوندو ته سندس آڱرين، پاڻ مرادو ئي (زير ڊبل ٽو ون) سڪس ون فور ٿري ٽو جي خانن ۾ حرڪت ڪئي هوندي.
    پوءِ سلسلو شروع.
    ”هيلو!؟“
    ”ها، مان ضراب...“
    ”ضراب اڄ آئون ڏاڍو اداس آهيان.“
    ”پوءِ هليو اچ نه.“
    ”يار! نڪرڻ جي سگھ ، نٿو ساري سگھان.“
    ”ڀلا ترس ته مان ئي ٿو اچان.“
    ملڻ کان پوءِ وسري وڃي ته ڪجھ ڪلاڪ اڳ ، درد جي وير، پسائي آلو ڪري ڇڏيو هو، روح جا سڀ غبار ڌوپجي وڃن.
    يا وري ڪڏهن ايئن به ٿئي ته ڪا اويلي ۽ اوچتو گھنٽي وڄي، فون کڻان ته ضراب جو درد ۾ ٻڏل آواز ٻڌڻ ۾ اچي، ”طارق! ڇا پيو ڪرينءَ؟“
    ”اوڄاڳو پيو ڪريان.“
    ”اچ يار! مان ڏاڍو هيکلو ٿو پاڻ کي محسوس ڪريان.“
    ”هينئر اچان ڇا؟“
    ”ها، بس هينئر ئي نڪري پئه.“
    ”نوجوان! رات جا اڍائي ٿيا آهن!“
    مان سامهون وال ڪلاڪ ۾ ڏسان پيو ۽ .......
    ”مون ته توکان ٽائيم ڪونه پڇيو آهي.“
    ”پر بابا هينئر ڪهڙي سواري ملندي؟“
    ”ڪيئن به ڪري، ٽن ڪلاڪن جي اندر پهچ.. سمجھئي.“
    ۽ پوءِ فون ڊس ڪنيڪٽ.....
    ريلوي انڪوائري ڏانهن نمبر ڊائل ڪرڻ....
    ڪابه ٽرين نه وڃڻ.....
    سپر هاءِ وي تي نڪري پون...
    پوليس جي موبائل وين... سوالن جا جواب ڏين... جند ڇڏائي، روڊ تي ٽرڪن ۽ مينگورا جي بسن کي هٿ سان روڪڻ جا اشارا ڪرڻ...
    خدا خدا ڪري سڪرنڊ پهچڻ...
    سڪرنڊ مان ڪنهن ڊاٽسن يا سوزوڪي ۾ لفٽ وٺڻ...
    اينڊ ليٽ مي ريڪال فلئش بئڪ
    آءِ ٿنڪ... واٽ شڊ آءِ ري ڪال اينڊ واٽ ناٽ! ڪهڙا ڪهڙا سين ري ڪال ڪجن ۽ ڪهڙا نه ڪجن؟...
    ڪٿي به ته اڃا فل اسٽاپ نه آيو آهي / نه ايندو... هر ڪاما ۽ هر ڪولون ۽ سيمي ڪولون کانپوءِ، جڏهن پيار جو، نه کٽندڙ جملو جاري آهي ته اسان ٻنهي لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي عجيب آهي ته اسان ٻنهي جي محبت ۾ هر ڏينهن ۽ هرپل، هڪ نئين شدت ڪيئن / ڇو ٿي اچي؟
    ماڻهو ته دوستيون، لباس وانگر بدلائيندا آهن ۽ اسان، هڪٻئي جو لباس بڻجي ويا آهيون. جڏهن پاڻ ۾ ملون ٿا ته پنهنجي وجود جي پورڻتا جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه ٿا ملون ته اڌورو پڻ حاوي رهي ٿو، اهو ڪهڙو ڳجهه آهي اِها ڪهڙي Mystery آهي؟ بس ايترو آهي ته اهڙي قسم جي گهري لاڳاپي ۽ ويجھڙائيءَ کي آتمڪ سٻنڌ چئي سگھجي ٿو.
    اهو ئي پيار آهي، جنهن مونکي، آپ گھات جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ به، مٽيرئلسٽ ٿيڻ نه ڏنو آهي. ها اهو ئي پيار آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ڌوکي ۽ فراڊ ٿيڻ جو خطرو/ انديشو نه هرندو آهي.. ها اِهو پيار ۽ ان جو هڪ ڊگھو سلسلو شروع ٿئي ٿو، ان ۾ گل وساڻ، علي اظهار، جمن سوهو، ممتاز بخاري ۽ پوءِ اچي ضراب تي دنگ ٿئي ٿو. انڪري ئي شايد منهنجو تصوف ڏانهن لاڙو وڌندو پيو وڃي.
    ضراب تي مون، پنهنجا رنگ ايئن چٽي ڇڏيا آهن، جو ضراب پنهنجي وڏي ۽ ويڪري گھر جو ويل_ڊيڪوريٽيڊ ڪمرو ڇڏي (جنهن مان هو گھٽ نڪرندو هو) پنهنجي ڪار بيهاري (ڇوته پنڌ هلڻ کانئس نه پڄندو هوندو) مون سان گڏ پيرين پيادو، دنيا کي منهنجي اکين سان ڏسڻ لاءِ نڪري پوندو آهي ۽ Mysticism جا مام پروڙيندو آهي.. مونکي ضراب ملندو آهي ته مون کان جڳ جهان وسري ويندو آهي.
    ايئن به رڳو ڪونهي ته فقط، مون کي ئي ضراب سان پيار آهي، پر ضراب جو به مونسان پيار آهي ۽ اها اُن پيار جي شدت آهي، جو هن جي ذات جا سڀ اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران، منهنجي ذات جي نيوڪلئس جي چوڌاري گھمندا آهن، ايتري قدر جو ضراب جي وني ڀاڀي فرح، ضراب کي مذاق ۽ مصنوعي ڪاوڙ ۾ ڪڏهن ڪڏهن چوندي آهي ته : ”پوءِ ڀلا ڪرين ڇو نه ٿو، ،طارق سان نڪاح؟“
    سو، جڏهن رشتا ايڏا ته گهرا ۽ وسيع ٿي وڃن، جڏهن روح، روحن جي جسمن جو ڇُهاءُ محسوس ڪرڻ لڳن، تڏهن عام ماڻهو ته ڇڏيو پر، مٽ مائٽ ۽ دوست احباب به، ڪُجهه عجيب محسوس ڪندا آهن.
    ضراب ۽ مون ۾ هڪڙي ڳالهه هڪجهڙائي رکي ٿي ته ضراب باوجود هڪ ويل ٽو ڊو فيملي سان تعلق رکندي به پنهنجي روزي، پاڻ ڪمائيندو آهي ۽ اُن لاءِ پنهنجي ڪلهي تي، مووي ڪيميرا جي تغاري ڍوئيندو آهي ۽ آئون اڄ تائين پنهنجو پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن جون ذميواريون پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان نڀائيندو رهيو آهيان.
    ضراب به مون وانگي سڀ کان پهرين، پنهنجي گھروارن سان ڪميٽيڊ آهي. ڀاڀي فرح لاءِ سندس دل ۾ ڪيڏو پيار آهي، اُهو ڀاڀي فرح ڄاڻي ٿي، آئون ڄاڻان ٿو ۽ خدا ڄاڻي ٿو. هالار (وشال) ضراب جو ننڍڙو پتڪڙو پُٽ، جيڪو هوبهو ضراب جهڙو آهي، ان لاءِ ضراب جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ، آسماني پيءُ جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ جي برابر آهي. ضراب جي سادگيءَ جو عالم، اهو آهي ته سنڌ ۽ هند گھميو آهي، ڏيھ ۽ پرڏيھ رُليو آهي، هن جي چواڻي ته وڏا جسماني ۽ روحاني سفر طئه ڪيا اٿائين، پر جڏهن سندس ڀاڻج سنڌو، اچي کيس ٻڌائي ٿو ته :
    ”ماما! مونکي آپا. ڀرت ڊي تي ٻارنهن سو روپين واري سينٽ، تحفي ۾ ڏني آهي.“
    ته ضراب هڪدم بي ساختگيءَ سان چوي ٿو. ”يار! وارو ڪر اِها ٻارنهن سؤ روپين واري پرفيوم کڻي اچ، اسان غريب ماڻهو به ڏسون ته اِها ٻارنهن سؤ روپين واري پرفيوم ڪيئن ٿيندي آهي.“
    يا وري نوابشاھ ويندي ڪار جي ڊرائيونگ ڪندي مونکان پڇيائين ”اڙي مُڇون ڇو ٿو مروڙين؟“
    بي اختيار چئي ويم، ”اڍائي لکن جي گاڏيءَ جي فرنٽ سيٽ تي ويٺو آهيان، مڇون به نه مروٽيان ڇا؟“
    پنهنجي ڪلين شيو ٿيل چهري تي هٿ گھمائي هڪڙو ٿڌو ساھ ڀري چيائين، ”يار! پاڻ غريب ماڻهو آهيون، مڇون به نٿا پالي سگھون.“ سندس اِن معصوميت تي ڏاڍو پيار به ايندو اٿم ته کل به.
    اسان رڳو، هڪٻئي سان پيار ناهي ڪيو، هڪٻئي جي هر ڳالهه هر ادا، هر شيءِ کي چاهيو آهي، اها ڳالهه ڪيڏي نه مون لاءِ اهم آهي ته ڀاڀي فرح، منهنجي نزيءَ (نزهت) جون تصويرون ڏسي، بي اختيار چيو هو، ته ”هيءَ ڇوڪري ته ڪٿي، ڪنهن ڪنڊ ۾، منهنجي اندر ۾ رهي آهي.“
    مون جڏهن ضراب کي ڪهاڻين جو مجموعو ”پنجين موسم کان پوءِ“ گفٽ ڪيو هو ته ان ۾ لکيو هئم : ”اسان ڪهاڻيڪار نه هجون ها ۽ ڪهاڻين جي ذريعي نه ملون ها ته ڪٿي نه ڪٿي، ٻه ڪهاڻيون بڻجي ضرور ملون ها.“
    ضراب، منهنجي ڪتاب جو مهاڳ ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“ پڙهي ۽ پوءِ هڪڙي ڪهاڻي ”پڙ“ پڙهڻ کانپوءِ، مون ڏي خط لکيو هو ته : ”تو پنهنجي محبت وفائن تي ايڏا آروپ ڇو آندا آهن؟ پنهنجو پاڻ کي عشق ۾ صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي وفائن کي توڙ ڪرڻ لاءِ هِن (محبت) جو ڪردار ڊيميج ڇو ڪيو اٿئي؟ تنهنجو اهو عمل مونکي بنهه ڪونه وڻيو.“ مون اعتراف ڪيو ته ضراب درست ٿو چوي.
    هونئن به آئون هجان، ضراب هجي يا ڪوبه سچو پيار ڪندڙ هجي، عشق ۾ سڀ رسوايون، ملامتون ۽ سمورا الزام پاڻ کڻندو آهي.
    مون جڏهن ضراب کي پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”صديءَ جو سفر“ پريزنٽ ڪيو هو ته مونکان پاڻ مرادو ان ڪتاب تي لکجي ويو هو : ”هئا اڳئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا...“
    ضراب، طبعيت ۾ مونکي، مون جهڙو لڳندو آهي، هو مونکي ان ڳالهه ۾ پاڻ وانگر ئي لڳو هو جو، جڏهن منهنجو ڪتاب ”ٽين اک“ ڇپجي رهيو هو ته ان وقت (آگسٽ 1994 ۾) ضراب کان سندس ڪهاڻين جو (هي ساڳيو ئي) مجموعو، سهيڙائي، هيڪاندو ڪرائي مسودي جي شڪل ۾ وٺي ويو هئس، ضراب ڪيڏو نه لوڙايو هو، اِهو ٻڌائڻ غيرضروري ٿيندو، سو بهرحال اهو مسودو، زوريءَ ترتيب ڏياريو هومانس ۽ دڙڪو ڏنو هومانس ته : ”جيستائين تنهنجو ڪتاب، نه ايندو تيستائين منهنجو ڪتاب، به شايع نه ٿيندو.“
    ضراب جيڪو ادبي دنيا ۽ ادب جي نالي ۾ ٿيندڙ بي ادبيءَ کان گھڻو پري آهي، شارٽ ڪٽس جو قائل ناهي ۽ فقيراڻي طبعيت اٿس، تنهن ڪري سدائين پاڻ کي Underestimate ڪندو آهي، منهنجي چوڻ تي 1994ع جي نومبر ۾ مسودو، ڪمپيوٽر ۾ ڏيڻ لاءِ آماده ٿي ويو هو. پر اوچتو هڪڙي ڏينهن آيو ۽ مسودو، زوريءَ واپس وٺندي چيائين، ”پهرين اهو ڪتاب ڇپراءِ، جنهن جو مسودو، سارنگ سهتو ڏئي ويو آهي.“
    اُن وقت ضراب مونکي سچو سرجڻهار ۽ فنڪار لڳو هو. جيڪو به نه رڳو ٻئي فنڪار جي فن سان، پر ٻئي فنڪار سان به پيار ڪندو آهي.
    پنهنجي همعصر ۽ هم شهر ڪهاڻيڪارن ناهيد مغل ۽ مراد قريشيءَ جي ڪهاڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندڙ ۽ ساراهيندڙ ضراب، جڏهن ذوالفقار ڪانڌڙي (جنهن سان ڏيٺ ويٺ ئي ڪونهيس) جي ڪهاڻي، ”دريءَ وٽ بيٺل هڪ ڇوڪري“ پڙهي ٿو ته هڪدم چئي ٿو ته : ”ها، ڀائو! ڌڪ، دشمن جو به مڃجي، ڪهاڻيءَ ۾ دم آهي.“
    ان کانپوءِ ضراب، منهنجي اها پيشڪش به خوشيءَ سان قبولي جيڪا، مون کيس سچائي اشاعت گھر دڙو طرفان نوجوان ڪهاڻيڪار ذوالفقار ڪانڌڙي جي ڪهاڻين جي مجموعي جي، بئڪ ٽائٽل لکڻ لاءِ ڪئي آهي.
    ضراب جي ڪهاڻي طرف اچون ٿا، مختصر طور ايترو چوندس ته 1994ع ۾ نصير مرزا جي ادبي پروگرام ۾ مون جيڪو ڊاڪٽر محمود مغل صاحب کي ريڊيو انٽرويو ڏنو هو، ان جي رڪارڊ ٿيل ڪيسٽ ٻُڌم ته مونکي هي سٽون لکڻيون پئجي ويون، ان انٽرويو ۾ ڊاڪٽرمحمود مغل سوال پڇيو هو ته :”نون ڪهاڻيڪارن جي باري ۾ ٻڌايو؟“
    مون جواب ڏنو هو ته : ”نون ڪهاڻيڪارن ۾ ممتاز بخاري ۽ ذوالفقار ڪانڌڙو لکڻ سان گڏ مطالعو به ڪن ٿا، ممتاز وٽ ڪهاڻيءَ جو ڪرافٽ اڃا ميچوئر نه ٿيو آهي، مراد ۽ مظهر ابڙي وٽ مطالعو بنهه گھٽ آهي، ذوالفقار ڪانڌڙو ۽ مراد هڪ ئي اسٽائيل ۾ لکندا آهن ۽ يڪسانيت جي ور چڙهيل آهن، جڏهن ته ضراب حيدر ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪرافٽ (هنر) آهي.“
    تقريباً ان قسم جي ويچار مون ٽي وي انٽرويو ۾ پروگرام ”سنڌ رنگ“ ۾ به اظهاريا هئا، پر اهو انٽرويو، ايڊيٽنگ جي ڪري پروڊيوسر جي ٻڪري کائي وئي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر محمود مغل کان ويهن منٽن جو انٽرويو ورتو هو.
    ضراب جون ڪهاڻيون سراسري ڏسجن ته ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون آهن. ضراب جون ڪهاڻيون، پنهنجي ٽائٽلس مان ئي پڌريون آهن، ته ڪيتريون نه آرٽسٽڪ آهن. ضراب وٽ فن آهي، ڳالهه پيش ڪرڻ جو ڍنگ آهي، ضراب پنهنجي مشاهدي کي ڏاڍي فنڪاراڻي انداز ۾ ايئن لاهيندو آهي، جو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ پيو مشاهدو ماڻي، اِهو ئي سبب آهي جو ضراب، منظرنگاريءَ ۾ ڏاڍو پختو آهي، ضراب جي ڪهاڻين جي اها خوبي آهي ته ڪابه ڪهاڻي فڪري توڙي فني حوالي سان ٻي ڪهاڻيءَ سان مشابهت نه ٿي رکي. ضراب جون ڪهاڻيون ڊراماٽائيز به ٿي سگھن ٿيون.
    ضراب حيدر، هڪ خاموش ۽ گوشه نشين ڪهاڻيڪار ڇو هئو؟ اهو سوال ضرور، پڙهندڙن جي ذهن ۾ اُڀرندڙو، جو، هو هن وقت تائين هروڀرو ”موهن جو دڙو“ ڇو بڻيل هو؟
    هڪ ته ضراب حيدر جي، ڪنهن به ادبي انجمن سان باقاعدي وابستگي نه هئي. ٻيو ته هو، ”اديبن ۽ عالمن“ جي حاضري، گھٽ ڀريندو هو، ٽيون ته پاڻ کي هروڀرو مٿي نه ڪندو هو چوٿون ته هن باوجود هڪ ”ويل ٽو ڊو“ فيملي سان تعلق رکڻ جي، پاڻ کي، پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ۽ پنهنجي اندر جي بي چيني ۽ بيتابيءَ کي اظهارڻ ڏيڻ لاءِ مووي ڪيميرا سان پيچ پائڻ کانپوءِ، باقي گھڻُ ڪُجھه وساري ڇڏيو هو....
    بهرحال پوءِ ساڻس، مون باقاعدي زبردستي ڪئي ۽ کانئس ڪهاڻي جي معاملي ۾ ڪابه رعايت نه ڪئي/ ۽ نه وري ڪندس.
    ضراب ۾ ڏاڍي ويرائٽي آهي، ضراب ڌئوس ڪهاڻيڪار آهي، هي، هرڳالهه / موضوع کي پنهنجي اينگل سان ڏسندو آهي۽ پوءِ هن جي پيشڪش، ٻين ڪهاڻيڪارن کان وڌيڪ نرالي ثابت ٿيندي آهي.
    ٽائيٽل ڪهاڻي ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ ڀرپور منظر نگاريءَ کان علاوه ضراب جي سوچڻ جو مختلف انداز سامهون اچي ٿو، هو ”تڙي پار“ بنگالين کي روايتي انداز ۾ گاريون ڪونه ٿو ڏئي، پر انهن سان ٿيندڙ اڪيچار عقوبتون بيان ڪري، پنهنجو به ڪيس پيش ڪري ٿو.
    ”سنڌ جو مجاور“ به بهترين منظرنگاريءَ سان گڏ، ڏاڍي جذباتي قسم جي لکڻي آهي، ڪهاڻي پڙهندي اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن.
    هرهڪ ڪهاڻي کي جانچي ڏسجي ته هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي خوبيون نظر اينديون، ڪٿي ڪٿي ڊائلاگز جي بي ساختگي ته جملن ۾ موجود، گھريون ۽ ذو معنيٰ ڳالهيون ڇرڪائي ٿيون وجھن، ڪهاڻين ۾ نفسيات (ماڻهوءَ جي اندر جي اپٽار) به ڏاڍي ڌيمي انداز ۾ ۽ تمام سادي طريقي سان ڪئي اٿس.
    سندس مجموعي جي بهترين ڪهاڻين ۾ ”مجسمو“ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ناولن تي ڀاري آهي، ”مجسمو“ ڪهاڻي ۾، هن جو فن گهري انداز ۾ سوچڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو ته: ضراب، ڪهاڻيءَ کي اندر ۾ پچائيندو به آهي جيئن جو تيئن، جيڪو اچيس ٿو اُهو ئي نٿو لکي.
    ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ به شاهڪار ڪهاڻي آهي ان کان اڳ ان موضوع تي اهڙي انداز ۾ ڪنهن به ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي نه لکي آهي. مجموعي طور سندس ڪهاڻي کي ويهي ڪٿ هيٺ آڻجي ته تقريباً سڀ ڪهاڻيون لاجواب آهن.
    هن وقت ضراب جي ڪهاڻين جو تقابلي جائزو، ٻئي ڪنهن به ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين سان نٿا وٺون / ڪريون. هونئن به ضراب جي ڪهاڻين جو مقابلو، ضراب جي اڳ ۾ لکيل ڪهاڻين سان آهي، ضراب کي پنهنجي طرفان لاجواب ڪهاڻيڪار قرار ڏيڻ کانسواءِ ئي آئون اهو چئي سگھان ٿو ته جيڪڏهن ضراب ڪهاڻيءَ کان منهن نه موڙيو ته ڪهاڻي به ضراب کان منهن نه موڙيندي.
    ضراب جي گھر يا مون وٽ يا ڪٿي ٻئي هنڌ جڏهن ڪجهه ڪهاڻيڪار دوست گڏ ٿيندا آهيون ۽ ڪهاڻين تي ڳالهائيندا آهيون ته ڪجهه دوست مون تي ۽ ضراب تي اِهو الزام ڌريندا آهن ته اوهان جي ڪهاڻين ۾ پورنوگرافي هوندي آهي. اوهان سيڪس کي اُڇاليو ٿا. خاص طور تي ضراب اِن الزام هيٺ گھڻو ايندو آهي، مڃجي ٿو ته ضراب ان ليول جي ڪرافٽنگ نه ڪندو آهي، جو هو اعتراض اٿڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ ئي نه ڏئي، پر اوهان جڏهن ضراب جون ڪهاڻيون پڙهندا ته اوهانکي اُهي الزام ايڏا وزن دار نه لڳندا، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ بهادريءَ سان جنس جي نفسيات تي جن ڪهاڻيڪار لکيو آهي، انهن ۾ غلام نبي مغل، ماڻڪ، نورالهديٰ شاھ ۽ کوڙ سارن ڪهاڻيڪارن، گھڻو گھڻو اڳ پنهنجون تحريرون مڃرايون آهن. جيتوڻيڪ هاڻ اهو بحث، بحث ئي نه رهيو آهي، پر پوءِ به اعتراض ڪرڻ وارا دانهون ڪن ٿا. هن سيٽلائيٽ ٽرانسميشن جي دؤر ۾ ان قسم جا اعتراض هاڻ ڪُجهه وڌيڪ وائڙا به لڳن ٿا، ها ائين آهي ته اهي اعتراض هر دور ۾ ٿيندا رهيا آهن، هڪڙو وقت هو جو افلاطون جهڙي ڏاهي، پنهنجي يوٽوپيا ۾ شاعرن جي داخلا ٿيڻ تي پابندي وجھي ڇڏي هئي. انڪري ته متان شاعر عشق، محبت ۽ جنس جون ڳالهيون نه ڪن. مذهبن پڻ شاعرن کي شيطان جو پوئلڳ ڪوٺيو، ان جو سبب اسلام کان اڳ جي دور جي عربي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان پئجي ويندو ڪو دؤر اهڙو به هو ته ماڻهو پنهنجي زال ڏي به اوندهه ۾ ويندا هئا ۽ ڪنهن لوڪ داستان ۾ عشق جو داستان ٻڌي، توبهه توبهه ڪندا هئا، سنڌ ۾ ڳچ عرصو اڳ شاعر، محبوب جو ذڪر، مذڪر طور ڪندا هئا، جو سندن خيال ۾ ادب جو اهو صالح رخ آهي. پوءِ جڏهن ان قسم جي شاعريءَ کي غيرصالح شاعريءَ مات ڏني ته اڄ صالح شاعري ۽ ادب نظر نٿو اچي ۽ نه وري صالح اديب.!
    ٻيو، پاڻ وٽ اهو رواج به آهي ته هر روشن خيال سڀاءُ کي يورپ مان آيل فحاشي، بداخلاقي ۽ بي حيائي قرار ڏئي، ان کي مغربي پروپيگنڊا جو نانءُ ڏنو ويندو آهي. پر مغرب ۾ به هڪ اهڙو دور هو جو اتي فرانس جي بادشاھ لوئي (چوٿين) چواڻي ته : ”هن پنهنجي ڏهن ورهين جي ازدواجي زندگيءَ ۾، پنهنجي زال جي سٿر به ڏينهن جو ڪونه ڏٺي.“ ايتري قدر جو جڏهن هنري فيلڊنگ جو ناول History of Tom John پڌرو ٿيو ته سڄي انگلينڊر ۾ غوغاءُ مچي ويو ، ان حد تائين جو ان ناول کي ”انگلش تهذيب جو موت“ قرار ڏنو ويو، ان ناول جو هيرو هڪ ناجائز ٻار آهي ڳچ عرصو اڳ ڊي ايڇ لارينس جي ناولن تي به وڏي وٺ پڪڙ هئي، خاص طور تي ”ليڊي چيٽرلز لور“ ناول تي امريڪا ۾ منهن مٿو پٽيو ويو هو، منهنجي خيال ۾ اهو ناول ايڏو شاندار ناول نه هو، پر تڪراري ٿي وڃڻ سبب ان ناول کي چڱي شهرت ملي، ته چوڻ جو مقصد اهو آهي ته مغربي سماج ۾ به جتان جي ڇڙواڳي مشهور آهي، انهن ڳالهين تي اعتراض ٿيندا آهن، ان کان سواءِ اٽلي، امريڪا ۽ ٻين ملڪن جي اديبن خاص ڪري البرٽ موراويا (اٽلي) هيرالڊ رابنس (امريڪا) ۽ فرناسس ساگان (فرنس) ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن لکيو ۽ انهن تي به وقت جي نقادن فحاشيءَ جون تهمتون مڙهيون. آسڪروائلڊ تي ته هم جنس پرستيءَ جا الزام هنيا ويا، وري اچو اردو افسانه نگارن ۽ شاعرن تي ته عصمت چغتائي، سعادت حسن منٽو، سارا شگفته ۽ نوشي گيلاني تائين کوڙ اديب ملامتن جو شڪار ٿيا آهن. ادب ۾ جيڪڏهن ذهني تسڪين لاءِ ۽ اگھاڙپ جي لست ماڻن لاءِ لکڻ جو ڪو ڪنهن ليکڪ طرفان عمل ٿيندو ته اها لکڻي وقت ۽ وقت کانپوءِ ڪوبه دوام ماڻي نه سگھندي.
    مان نٿو سمجھان ته ضراب جو ڪوبه ڪردار جنسي جذبي جي تسڪين لاءِ گھڙيل آهي يا ڪو لقاءُ واردات ڪو واقعو ڪنهن خاص مزي ماڻڻ جي خيال سان، اڻت ڪاري هيٺ آهيو آهي، تنهن هوندي به منهنجو تجزيو آهي ته ليکڪ، جڏهن لکندو آهي ته هو لاشعوري طور تي مرد بڻجي لکي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪا ليکڪا لکندي آهي ته ڪٿي نه ڪٿي، عورت پڻو، ان کي ڪي اسپيڊ بريڪرز ڏئي ڇڏيندو آهي، سو ممڪن آهي ته ضراب ۽ ضراب جهڙا اسان جا ٻيا نوجوان ليکڪ ڪجھه وڌيڪ ئي بيباڪيءَ سان لکي وڃن ٿا ان لاءِ پاڻ سان گڏ سڀني ليکڪ دوستن کي اها صلاح ضرور ڏيندس ته لکڻ دوران خاص طور تي ڪهاڻيءَ ۾، جذباتي قسم جي منظرنگاري ڪرڻ وقت اجاين ۽ ڊگھن تفصيلن کان پرهيز ڪرڻ گھرجي، منهنجو خيال آهي ته جنس جي نفسيات کي فڪشن ۾ آڻڻ، تعليم ڏيڻ جي برابر آهي ۽ اُها پورنوگرافي ناهي، ڪهاڻين ۾ نت نوان تجربا ٿيڻ گھرجن. اهو ڪهاڻيءَ جو اسان تي حق آهي.


    طارق قريشي


    پنھنجي پاران

    ڪنھن به لِکڻي جي مڃتا اِن ۾ آهي ته اُن کي پڙهندڙن وٽان ڪيتري موٽ ملي ٿي. لکڻي تحقيقي هُجي يا تخليقي ليکڪ لاءِ وڏي اهميت واري هوندي آهي.
    دنيا جهان ۾ ڄاڻ ۽ علم جي واڌاري لاءِ ڪتابن جي اهميت کي رد نٿو ڪري سگهي، شروعات کان ڪتاب انساني علم ۾ واڌاري جو سبب ۽ وندر جو سامان رهيا آهن.
    جڏهن کان پرنٽنگ پريس جو بُڻياد پيو تڏهن کان ڪتاب جي اهميت اڃا وڌي وئي ويتر جديد دور ۾ انٽرنيٽ ڪتاب جي اهميت کي نه صرف وڌائي ڇڏيو پر اُن کي ابلاغ لاءِ سولو ۽ آسان ڪري ڇڏيو. جنھنڪري سموري دنيا هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وئي.
    سنڌي ادب جي ابلاغ لاءِ جتي مختلف ادارن پنھنجو پاڻ ملھايو آهي اُتي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ انفرادي طور ”سنڌ سلامت“ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، جنھنڪري ڪيترائي ڪتاب جيڪي يا ته وڃائجي چُڪا هئا يا وري اَڻ لڀ هئا سي هميشه هميشه لاءِ سنڀالجي ويا ۽ پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ مُھيا ٿي سگهيا.
    مون لاءِ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته منھنجي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”سرحدن کان اڳتي“ جيڪو 1996 ع ۾ ڇپيو هو سو اڄ اٽڪل ٻاويھن سالن کان پوءِ ’سنڌ سلامت‘ تي رکيو پيو وڃي. منھنجو هي ڪتاب پڻ ڪيترن سالن کان اَڻ لڀ هو، ۽ ڇپائي واري اداري جي مخصوص انگ واري ڇپائي سبب پڙهندڙن جي وڏي انگ تائين پھچي نه سگهيو هو ، سو اڄ کان نه صرف سنڌ ۾ پر سموري دنيا ۾ پڙهندڙن تائين پھچي سگهندو. مان اڄ تمام گهڻي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. مان تمام گهڻو شڪر گذار آهيان ’سنڌ سلامت‘ سٿ جو جن منھنجي هِن پورهيي کي پنھنجي ويب سائيٽ تي رکي ڪتاب جي زندگيءَ کي وڌائي ڇڏيو ۽ پڙهندڙن کي منھنجي ڪتاب پڙهڻ جو نئون موقعو فراهم ڪيو.

    ضراب حيدر
    12اپريل 2019
    حيدرآباد

    ڪتاب ۾ ڇپيل
    منهنجي ڪهاڻي
    ضراب حيدر

    نه ٿا ڪڇ تو خدا ٿا، ڪڇ نه هوتا تو خدا هوتا،
    ڊبويا مجھ ڪو هوني ني، نه هوتا ۾ تو ڪيا هوتا.

    جڏهن ”ڪن فيڪون“ جو آواز ٻُريو، جڏهن ”الست بربڪم“ جو ناد عالم ارواح ۾ گونجيو، ان ويل ”قالوبليٰ قلب سين“ چئي ويڙهيچن سان ڪيل وچن واري ڪتاب جي لکڻين، ڪروڙين، اربين ڪهاڻين جنم ورتو ۽ هن ڪائنات جي ڪهاڻي لکجڻ شروع ٿي ۽ ان ڪتاب جو ليکڪ ڪو ٻيو نه هو، پر ڪائنات جو ئي تخليقڪار خود خدا هو.
    انسان جي محدود علم ۽ عقل جي اک پنهنجي محدود نگاهه، ٻه ارب کن سال پوئتي وڌي ته ڏسڻ ۾ آيس ۽ اندازو ٿيس ته هن ڪائنات جي باقاعدي ڪا ڪهاڻي لکڻ شروع ٿي آهي ته اها شايد پري ڪيمبرين (Pre-Cambrian) دؤر کان ٿي آهي، اهو ئي سمئه هو، جڏهن ڌرتي جي وجود سان ٻين گرهن پنهنجو پاڻ سلهاڙي، پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري، ،ڌرتيءَ کي هڪ شڪل عطا ڪئي، ڌرتي جيڪا ان وقت ڪنهن ننڍڙي نينگري جي جسم جيان هئي، ان جي ڇاتيءَ کي ڪي اُڀار به گھرجندا هئا ۽ اهو ڪم خالق ڪائنات جبلن کان ورتو، جبلن کي ڌرتيءَ جون ميخون بڻائي ڇڏيائين ۽ پوءِ ڌرتي هڪ ڇيڳري ڇوڪريءَ مان ڦري هڪ مڪمل عورت بڻجي وئي ۽ عورت جو هڪڙو روپ ماءُ جو روپ به آهي ۽ پوءِ ان ڌرتي ماءُ تي حيات جا درخشان اُهڃاڻ نمودار ٿيا، زندگيءَ جي نه ڏسڻ ۾ ايندڙ مادي Invisible matter الجي ۽ پروٽوزا منهن مهانڊي، نڪ نقشا، صفتون ۽ وصفون وٺڻ شروعن ڪيون.
    ڌرتي ماءُ جي سيني تي حيات جي ڪاروان جو ابهم معصوم ۽ ٻالڪ جو سفر جاري هو، جيڪو پنهنجي بانبڙن پائڻ واري ڄمار کي پهتو جنهن کي پاڻ پاليئوزائڪ دور سمجھون ٿا، ان مرحلي تي ڪهاڻيءَ ۾، سمونڊ مڇين، ٻوٽن وڏن وڻن وارن ٻيلن ۽ ڪوئلي جا ڪردار متعارف ٿيا، ۽ وقت جو وهڪرو لکين سالن جو مفاصلو طئه ڪندو رهيو، ان مفاصلي دوران ڌرتيءَ جي ڪهاڻي ۾ ميزوزائڪ دور به اچي شامل ٿيو. جنهن ڌرتيءَ جي ڪهاڻي کي ريڙهيون پائيندڙ جانور ڊائنوسار ۽ اڏامندڙ پکي عطا ڪري، نئين منظرنگاري شروع ڪئي، ڪهاڻي پنهنجي ڪلائيميڪس ڏانهن وڌي رهي هئي، پر اينٽي ڪلائيميڪس کان گھڻو پري هئي ته انهن ورهين ۾ ڪينوزائڪ دؤر اچي شامل ٿيو، هن دور ۾ ٻه چٽا ڏيک ڏيکارڻ شروع ڪيا، هڪڙو ”ڏيک ٽير ٽائيري“ ڏيک هو جنهن ۾ نوان نوان ٻوٽا، وڏا کير پياريندڙ جانور نظر آيا ۽ ٻئي ڏيک ڪوارٽرنري ۾ جيوگھرڙي ارتقا وٺندي، ماڻهوءَ جي غير واضح شڪل اختيار ڪئي، ان ماڻهوءَ جي اچڻ کانپوءِ، ڌرتيءَ جي ڪهاڻي پاڻ ۾ کوڙ شيون سمائي ورتيون ۽ پوءِ وقت جا الاهي ڪهڙا وهڪرا وهي ويا.
    جيئن ڌرتيءَ جو گولو، ڪائنات ۾ ٽٻڪي وانگر آهي ۽ ڌرتيءَ تي ننڍڙو کنڊ تهذيبي حوالي سان ڌرتي ماءُ جي نڪ تي نٿ آهي، تيئن ئي مهراڻ جي وادي اُن نٿ جو جرڪندڙ سونهري ٻُڙو آهي، ان جي سونهري خطي ارتقائي مرحلن مان هڪ مرحلي تي تهذيب ۽ تمدن جو هڪ عظيم عروج ۽ ڪمال ڏٺو. ”هرڪمال را زوال است“ وانگي مهراڻي جي تهذيب تي به زوال آيو، ان وچ دوران تهذيب جيڪا ثقافتن جو مرڪب هوندي آهي، ان ۾ ڪيتريون ئي ثقافتون شامل ٿيون هيون، جهڙوڪ: جھڪار ڪلچر، جھگار ڪلچر، آريا ڪلچر، موريا ڪلچر، ڪول ۽ سنٿيان ڪلچر، پرٿيان ڪلچر، ڪوشان ڪلچر ۽ سنيان ڪلچر شامل هئا /رهيا.
    ۽ پوءِ راءِ سلطنت جو پايو پيو، هڪڙي برهمڻ زادي پنهنجي سياسي تدبر ۽ ڏاهپ سان، پنهنجي پيار جي طاقت کي ٻانهن جو ٻل بڻائي، برهمڻ سلطنت قائم ڪئي... ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ اچي چچ نامي وٽ بيهي ٿي، ان وقت ڪهاڻيءَ ۾ چچ نامي ڪيترو فڪشن وڌو ۽ ڪيتري حقيقت نگاري ڪئي، اهو ڪم مورخن تي ڇڏيون ٿا.
    عرب آيا، غزنوي آيا، غوري آيا، غورين کان پوءِ سومرن جو غور ۽ ويچار شروع ٿيو، انهن جو غور ۽ ويچارو پورو ٿيو ته سمن جو آچار شروع ٿيو، سمن جو آچار اچي ارغونن کاڌو، انهن جا ڀائيوار اچي ترخان ٿيا.. ارغونن ۽ ترخانن جو سرپرست مغل ٿيو.. ۽ پوءِ اهي ٽيئي به هن تاريخ جي ڌوڙ ٿي ويا، پوءِ ڪهاڻيءَ جي صفحي تي ڪلهوڙن جو ڪردار اُڀريو ۽ گم ٿي ويو.. ٽالپر نمودار ٿيا، ٽالپرن جو دؤر محلاتي سازشن جو دؤر هو، جنهنڪري ڪهاڻيءَ هڪ نئون موڙ اختيار ڪيو ۽ ڏسڻ ۾ آيو ته انگريز صاحب لوڪ پوري ننڍي کنڊ تي ڇانئجي ويا، انگريز ڪردار پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏي ڪهاڻي کي پاڪستان جي نالي هڪ دين دار ۽ جمهوريت جي علمبردار شخص کي 1947ع ۾ هينڊ اوور ڪيو ويو.
    پاڪستان جو ٽيڪ آف ٿيو ۽ پاڪستان سان گڏ الائي ڪيترين شين ٽيڪ آف ڪيو، انهن ڏينهن ۾ ايئن لڳندو هو، (۽ اڄ به ايئن لڳندو آهي) ته هر زميني ۽ هر آسماني آفت کي رڳو سنڌ ۾ ئي لينڊ ڪرڻ جو آرڊر ملي ٿو.
    ايئن ٿو لڳي ته خدا جهڙي مهان ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي سندس ئي گرپ (Grip) مان نڪري چڪي هئي. ڇوته ان وقت سندس ڪردار (اسان سنڌي ماڻهو) هڪ نهايت بدفضيلتي دور مان گذريا رهيا هئاسين، ان قسم جي بدفضيلتي ۽ افراتفري مون عالم ارواح مان ڏٺي پئي ۽ ڪهاڻي ۾ هڪ نيئن ڪردار جو واڌارو ڪرڻ لاءِ ٻڏتر ۾ هئس، سوچيندو هئس.
    شوري شد از خواب عدم، چشم ڪشوديم،
    ديديم ڪه باقي شب فتنه غنوديم،
    (گوڙ ٿيو، عدم جي خواب مان اک کوليم، ڏٺم ته اڃا فتني جي رات باقي آهي. سمهي رهيس.)
    پر وقت مونکي سمجھايو ته هاڻي ڪنهن به سرمد کي اک کولي ٻوٽڻي ناهي، پوءِ مون ڏٺو ته فضائن تان جنگ جا ڪارا ڪڪر ٽري ويا آهن ۽ 1965ع جو پاڻي پٽ ميدان هاڻ ڪُجھ رت جي دٻن کان آجو ٿيو آهي، ته پوءِ مون ٺيڪ ٻن سالن کانپوءِ 1967ع ۾ پنهنجي وجود جي اچڻ جو اعلان ڪيو. انهن لکن ڪروڙن سالن کان هلندڙ ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي ڪهاڻي به شامل ٿي وئي.
    منهنجي ڪهاڻيءَ 12 اپريل 1967ع، مشن اسپتال سکر ۾ جنم ورتو، منهنجي ڪهاڻي منهنجي زندگي هئي، جنهن کي بچائڻ لاءِ مشن اسپتال جي نرسن ٻارنهن ڪلاڪ برف جي بلاڪن تي رکيو ۽ منهنجي ڪهاڻي برف ۾ ٿڌي ٿيڻ بدران ڊي فراسٽيڊ ٿيڻ شروع ڪيو هو منهنجي ڪهاڻيءَ کي بچائڻ لاءِ هندستاني ڊاڪٽر مس ٺاڪرداس ۽ سندس عملو وڏا جتن ڪري رهيو هو ۽ ان سمئي امان ۽ بابا منهنجي ڪهاڻي کي بچائڻ لاءِ ڪائنات جي ڪهاڻي لکندڙ، ڪائنات کي تخليق ڪندڙ، ان مهان ڪهاڻيڪار اڳيان ٻاڏائي رهيا هئا، سندس مقدس ڪتاب (قرآن مجيد) پڙهي کيس راضي ڪري رهيا هئا.. ۽ پوءِ ان ڪائنات جي مهان ڪهاڻيڪار تخليقڪار، منهنجي ڪهاڻي انهن مسيحائن هٿان بچائي ورتي هئي.
    مان جڏهن ڇهن ڏينهن جو ٿيس ته منهنجي ڇٺي شڪارپور شهر جي هڪڙي پاڙي هزاري در، جي مرزا گھٽيءَ جي هڪ واڻڪي جاءِ جي ٻي ماڙ تي ڪئي وئي، ان ڏينهن، لاڏن ۽ سهرن جي گونج ۾ منهنجي نانءُ ”ابوضراب حيدر“ بڻجي پنهنجي ڳولا شروع ڪئي، بابا ۽ امڙ منهنجو عجيب ۽ انفرادي نانءُ رکي مونکي به عجيب بڻائي ڇڏيو.
    درد، عذاب ۽ اضطراب منهنجي قسمت ۾ لکيل هئا يا منهنجي نالي سان گڏجي آيا هئا، اها ته صرف کي خدا کي ئي ڄاڻ آهي. مونکي جيڪو ملندو رهيو، مرڪي قبوليندو رهيس ۽ سنڀاليندو رهيس. منهنجي جنم جي ٻن سالن کان پوءِ مان ڪنگيءَ جي مرضي ۾ مبتلا ٿي ويس، ان سمئه بابا سائين حيدرآباد ۾ رهندو هو، اهو دور 1969ع جو دور هو. بابا سائين حيدرآباد جو ڪوبه ڊاڪٽر ڪونه ڇڏيو هو، حيدرآباد جي سمورن روڊن تي سائيڪل جي پيڊلن کي ڦيرائيندي ڦيرائيندي بابا منهنجي ڪهاڻيءَ کي بچائي ورتو. ٺيڪ ويهن سالن کانپوءِ 6 ڊسمبر 1989ع تي بابا سائين، اسلاميه ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم هال ۾ منهنجي ڪهاڻين جي پهرينءَ مجموعي ”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت تي ڳالهائيندي چيو هو ته، ”مون ڪڏهن به نه ڄاتو هو ته ضراب حيدر جيڪو مشن اسپتال سکر ۾ پنهنجي جنم کانپوءِ موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هو.. ۽ ان کانپوءِ ٻه سال به مس گذريا هئا ته وري ڪنگيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي هڏائون پڃرو بڻجي ويو هو.. سو اڄ جسماني طور ۽ ذهني طور ايڏو پختو ۽ خو بصورت نوجوان ثابت ٿيندو، ان جو يقين نه هئم..“ ان لمحي بابا سائين جي اکين ۾ خوشين جا بي بها لڙڪ تري آيا هئا.
    مونکي ياد آهي ته جڏهن مان پنجن سالن جو ٿيو هئس ته مونکي وحدت ڪالوني حيدرآباد جي هڪ ننڍڙي ڪوارٽر جي ورانڊي ۾ هڪ ڊاڪٽر کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون ڪچيون گاريون ڏنيون هيون. ڇاڪاڻ جو هن منهنجو طهر ڪيو هو، مون کي ان ليک جيتري کل ڪپجڻ ۾ جيڪو عذاب ۽ ڪرب محسوس ٿيو هو، ان جو رد عمل مون پهريون ڀيرو رڙيون ڪري ۽ ڊاڪٽر کي گاريون ڏئي ڪيو هو. اهو منهنجو، پنهنجو پاڻ سان ٿيندڙ جُٺ جو شايد پهريون احتجاج هو.
    1971ع واري جنگ ۾ مون وحدت ڪالوني جي ساڳئي ڪوارٽر ۾ بابا سان گڏ، کٽ هيٺان سمهي، لڪي جنگي جهازن جا پڙاڏا پنهنجي ڪنن ۾ گونجندا محسوس ڪيا هئا، منهنجي پتڪڙي ذهن ۾ اهي جنگي پڙاڏا ڄڻ ويهي ويا هئا، جيڪي اڄ سوڌو پنهنجي ذهن ۾ گونجندي محسوس ڪندو آهيان، مون بابا سائين سان گڏ سائيڪل جي ڏنڊي تي ويهي سموري حيدرآباد جا روڊ ۽ رستا ڏٺا هئا،۽ انهن رستن جا جھاڪا (لوڏا) محسوس ڪيا هئا. مون پروگرام ”کيتي سر سيتي“ جي ريڪارڊنگ ”ريڪارڊنگ بوٿ“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ويهي ڏٺي هئي. اهو پروگرام بابا سائين لکندو هو ۽ پروڊيوسر غلام حسين شيخ پيش ڪندو هو، مون بابا سائين جو ذڪر ان لاءِ به ڪيو آهي ته آئون ننڍپڻ کان ٺي ”ڏاچيءَ سان توڏي“ جيان هلندو رهيو آهيان، مون پنهنجي فنڪار پيءُ کان گھڻو ڪجھ سکيو آهي.
    1972-73ع جو دؤر هو، هو منهنجي ٻالڪپڻي جو دؤر هو، اسان وحدت ڪالونيءَ ۾ رهندا هئاسين، اسانجي پاڙي ۾ هڪ طلاق يافته نرس مسز سيال پنهنجي ٽن ٻارن غزاله، شهزادو ۽ مون جيتري ننڍڙي ڌيءَ، گڏي عروج سان گڏ رهندي هئي، عروج کي پيار وچان روجي چوندا هئا. روجي ۽ مان راند روند کان وٺي اسڪول وڃڻ ۽ هوم ورڪ ڪرڻ ۾ گڏ هوندا هئاسين. پوءِ ڪڏهن هن جو ٻئين ماڙ وارو فليٽ هجي يا منهنجو ننڍڙو ڪوارٽر، اسين ٻئي جتي به هوندا هئاسين گڏ هوندا هئاسين. مونکي ياد آهي ته مون پنهنجي ڪچي پهرين درجي جا سمورا سبق، ڪتابن بدران سندس معصوم اکڙين ۾ پڙهيا ۽ پڪا ڪيا هئا ۽ روجي به پنهنجو هوم ورڪ، ڪاپي ۽ سليٽ جي بدران ڄڻ منهنجي روح جي ڦرحيءَ تي لکندي هئي، ٻارن جو پيار جنت جي حورن جيان مقدس ۽ فرشتن جهڙو نرالو هوندو آهي، گھر وارا جڏهن کيس روجي ڪري پڪاريندا هئا ته اهو پڙاڏو ”روح جي“ بڻجي محسوس ٿيندو هو ۽ مان جڏهن کيس جڏهن به سڏيندو هئس ته ”روجيءَ“ بدران ”روح جي“ ڪري سڏيندو هئس ۽ هوءَ مون کي ”ضراب“ بدران ضوبي ڪوٺيندي هئي. مونکي ايئن لڳندو هو ته آد جڳاد کان وٺي منهنجو اهو ئي نانءو آهي ۽ لطيف جي بيت وانگر ته :
    حبيبن هيڪار منجھان مهر سڏ ڪيو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ ئي اهو ٿيو.
    روجيءَ جو مونکي ”ضوبي“ ڪوٺڻ، مونکي سندس ٻاتڙي زبان جي ڪري ”صوفي“ ٻڌڻ ۾ ايندو هو، يا مونکي ايئن محسوس ٿيندو هو. مونکي ضراب مان ”ضوبي“ ضوبيءَ مان ”صوفي“ منهنجي ”روجيءَ“ (روح_جي) بڻايو هو، منهنجي گڏڙين جهڙي روجي منهنجي اندر ۾ هميشه لاءِ...

    منجھان منهنجي روح، وڃي ساجن وسري،
    ته مر لڳي لوهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
    جھڙي دعا پيدا ڪري ڇڏي.
    منهنجي روح جون وسعتون گواه آهن ته منهنجو ساڄن منهنجي روح مان نڪتو آهي.
    1974ع جي دوران بابا سائين جي بدلي پنگريو سيڊ فارم تي سپرينٽيڊنٽ جي حيثيت سان ٿي وئي، بابا سائين جي ٽرانسفر ٿيڻ سان مان پنهنجي روجيءَ کان جسماني طور ڌار ٿي چڪو هئس، پر روجي سدائين لاءِ پنهنجي نانءُ وانگر منهنجي (روح_جي) روجي بڻجي وئي. بابا سائين پروموشن ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ مونکي هڪڙي ننڍڙي ڳاڙهي پيڪو سائيڪل وٺي ڏني هئي، پر اها سائيڪل ڪنهن به ريت منهنجي روجيءَ جو نعم البدل ته ڪونه هئي.. پوءِ به مون پنگريو فارم تي پنهنجي اداسي، هيڪلائي ۽ روجيءَ جي جدائي پنهنجي سائيڪل سان شيئر ڪرڻ سروع ڪئي هئي، شايد اهو ئي سبب هو جو مون ڌيان اڪثر ان سائيڪل تي رهندو هو، مان صبح جو سويل اٿي سائيڪل صاف ڪندو هئس ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ فياض حيدر ”فضلوءَ“ کي پويان ڪيرئل تي ويهاري، پنگريو شهر جي پرائمري اسڪول پڙهڻ ويندو هئس، جيڪو اسانجي فارم کان ڏيڍ ڪلوميٽر کن پري هو، رستي ۾ ماڪ تي آلي ٿي ويل ڪلراٺي مٽي، سائيڪل جي مڊگارڊز ۾ ڀرجي ويندي هئي، جنهن ڪري سائيڪل هلائڻ ۾ ڳوري ٿي پوندي هئي. سائيڪل جي ڳوري ٿيڻ ۽ مڊگارڊز ۾ ويل ڪلر جون ڪسرون پنهنجي ڀاءُ فياض مان ڪڍندو هئس. چڙ ۾ اچي کيس خوب دل کولي ماريندو هئس ۽ هو ويچارو منهنجي ۽ پنهنجي ڪتابن جو ٿيلهو ڀاڪر ۾ قابو ڪري، بيٺو روئيندو هو، تيستائين مان ڪا، ڪاٺي ڳولهي مڊگارڊز مان ڪلر واري مٽي کرچي ڪڍندو هئس ۽ پوءِ کيس ٿورو پيار ڪري، بابا ۽ امان کي نه ٻڌائڻ جو قسم وٺي، عزت سان ڪيرئل تي ويهاري وري سفر شروع ڪندو هئس. ان دؤر ۾ پنگريو شهر ۽ اسان جي سيڊ فارم تي بجلي ڪونه هئي، انڪري اڪثر گاسليٽ ۽ وَٽ واريون بتيون ئي استعمال ٿينديون هيون، مان روز رات جو گاسليٽ واري بتيءَ تي پڙهندو هئس ۽ پنهنجو سبق پڪو ڪندو هئس، بتيءَ جي روشني تي جيت اچي ڪٺا ٿيندا هئا، جيڪي پڙهائي دوران ڏاڍو پريشان ڪندا هئا، آئون اڪثر ڪيترن جيتن کي ڪتابن جي ورقن ۾ بند ڪري، انهن جيترن جو خاتمو آڻيندو هئس، منهنجي اها حرڪت هرروز صبح جو مونکي ڪتابن ۽ ڪاپين جي خراب ٿي ويل ورقن تي پادر کارائيندي هئي. ان دؤر ۾ بابا سائين بيٽري تي هڪ بليڪ ۽ وهائيٽ ٽيليويزن پڻ ورتي هئي، ٽي وي بوسٽر پري هئڻ ڪري اها ٽي وي، تصوير ڪونه ڏيکاريندي هئي، رڳو ترورا نظر ايندا هئا، مان روز رات جو ان ٽي وي تي ڪا تصوير پسڻ لاءِ، تسبيح کڻي، ذڪر ڪندي خدا کي ٻاڏائيندو هئس، پر ڪڏهن به ان ٽي وي ڪابه تصوير ڪانه ڏيکاري، منهنجو ذڪر هلندو رهيو، مان ذڪر ڪندو رهيس، پر مان ڪابه تصوير ان اڇي ڪاري اسڪرين تي پسي نه سگھيس.
    مان پنگريو سيڊ فارم جي ٻارنهن سؤ ايڪڙن واري سرڪاري زمين جو ڄڻ وقتي شهزادو هئس، تنهنڪري منهنجي اها وقتي بادشاهي وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر واري هئي. مان اتان جي زمينن مان وهندڙ واٽرڪورسز ۾ چڍي پائي وهنجندو هئس، مون ترڻ به اتان ئي سکيو هو. سارين جي فصل ۾ بيٺل پاڻيءَ مان ڊيڊ مڇيون ڦاسائيندو هئس. ليسوڙن جي وڻن تي چڙهي، منجھن گھگھ وارا ليسوڙا کائيندو هئس، ڦاروا پٽي ايندو هئس، کٻڙن مان پيرون چونڊيندو وتندو هئس، ڪرڙن مان ڏيلها پٽيندو هئس، ٻٻرن جي ٿڙن کي ڪهاڙي جا ڌڪ هڻندو هئس ۽ ٻئي ڏينهن انهن ڌڪن لڳل جاءِ تان نڪتل کونئر هٿن جي آڱرين تي کڻي چٽيندو ۽ کائيندو هئس. اسان وٽ مينهون به هونديون هيو، انهن مينهن جي کير جا گوها وات ۾ وجھي پيئندو هئس، ۽ انهن مينهن لاءِ گاه کڻي ايندڙ گڏهه تي چڙهي شهزادن جيان هڪ فاخرانه لوڏ سان اتان جا ٻنيون ۽ ٻارا گھمندو هئس ۽ اتان جي هڪ هاري ۽ سرڪاري بيلدار جي ڌيءَ زينا کي پويان ويهاري شهزادن ۽ پرين جون آکاڻيون ٻڌائيندو هئس... ”هڪڙو شهزادو هو ’ضوبي‘ ۽ هڪڙي شهزادي هئي ’روجي‘ انهن جي پاڻ ڏاڍي دوستي ۽ محبت هئي...“
    مان زينا کي پنهنجو ۽ روجيءَ جو قصو تمثيلي ڪري ٻڌائيندو هئس، مونکي ياد آهي ته منهنجو ۽ روجيءَ جو اهو قصو الف_ليليٰ جي ڪنهن قصي جهڙو روپ وٺندو هو، شايد ان دور ۾ مون تي الف ليليٰ وارن قصن جو تمام گھڻو اثر هو، جيڪي اتان جو هڪڙو چوڪيدار جان محمد کوسو ٻڌائيندو هو، مون هڪ دفعو اسڪول کان موٽندي، رستي ۾ هڪ واٽر ڪورس مان هڪڙو ڪنگ پکي ڳوراهه نانگ کان بچايو هو، سندس ملم پٽي ڪئي هئم، پر اهو بچي نه سگھيو هو، ڪجھه ڏينهن کانپوءِ اهو ڪنگ پکي مري ويو هو، مان ڏاڍو رنو هئس، ان کان پوءِ روئڻ مون لاءِ نئون نه رهيو هو.. پوءِ آهستي آهستي منهنجي سائيڪل جي فرائي ويل به منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو، ان ڏينهن کان مون خوشيون ميڙن جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو.
    1980ع ۾ بابا نوڪريءَ سانگي نوابشاھ آيو ۽ نوابشاھ ۾ ئي سيٽل ٿي ويو، مون به نوابشاھ جا اچي وڻ ڏٺا، نواب شاھ ۾ کوڙ سارا نوان ۽ انوکا تجربا منهنجا منتظر هئا، هي اهو دؤر هو جڏهن منهنجي جسماني ساخت ۾ تبديلي پئي آئي ۽ مون پنهنجي اندر ۾ عجيب قسم جون روشنيون ۽ رنگ ڦٽندي محسو ڪيا هئا.
    مان جنهن جي اندر ۾ ازل کان هڪ ”صوفي“ ويٺل هو جيڪو آتما شڪتيءَ لاءِ :
    نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
    جو ورد ڪندو رهندو هو، انهن ڏينهن ۾ منهنجو سارا سان مکاميل ٿي ويو، مون سارا ۾ پنهنجي روجيءَ کي ڳولهڻ چاهيو، مونکي ڪڏهن به روجيءَ کي ياد ڪرڻ جي ضرورت انڪري به محسوس ڪونه ٿي جو روجي مونکان ڪڏهن به وسري نه هئي / ناهي، مون سارا جي روح ۾ ليئو پائي، پاڻ کان ڇڄي ويل روجيءَ کي ڳولهڻ شروع ڪيو، پر سارا منهنجي گهرائين ۾ گھڙي ئي ڪونه سگھي، هن جي چواڻي ته ”محبت ۾ ماڻڻ ئي محبت جو معراج هوندو آهي.“ ۽ ڪجھ وقت لاءِ مان هن جي رواجي ڳالهين جي سطحي پڻي تي ڀلجي پيو هئس. پر روح ۾ جيڪا روجي رهندي هئي، اها ته روح جي پوترتا گھرندي هئي، انهن ڏينهن ۾ رڳو اهو ٿيو هو ته مون دنيا کي پنهنجي حواسن سان ڏسڻ شروع ڪيو هو، مون تي اڳتي هلي جلدي ئي اهو انڪشاف ٿيو هو ته ماڻهوءَ کي پنهنجا حواس به دوکو ڏيندا آهن الهامي رنگ جي آفاقيت ئي روح جو پهريون ڏاڪو هوندي آهي ۽ ان پهرين ڏاڪي تي پهچڻ لاءِ ”حقيقت“ جي گھٽيءَ مان گذرڻو پوندو آهي ۽ حقيقت جي ڏاڪڻ، مجاز آهي، اهو مجاز جيڪو روجيءَ جي وجود جي حقيقت کان شروع ٿيو هو... جنهن کي مون پنهنجي حواسن سان ڳولهڻ شروع ڪيو هو، حقيقت جي مشاهدي ماڻڻ جي انڌي جنون ۾ منهنجا حواس دوکو کائي ويٺا ۽ مونکي نائلا جي صورت ۾ وري مجاز ڇهيو.
    مان جيڪو روجيءَ کي ڳوليندي نائلا جکرو (جيڪا منهنجي مڱيندي پڻ هئي) جي پرت جي منڊ ۾ سراپجي ويو هئس ۽ مونکي اهو اڻ لکو احساس هوندو هو، ته اهو منهنجي من ۾ رهندڙ روجي جو راپ، طلسم، جادو ۽ سحر آهي، جنهن نائلا جي صورت ۾ مونکي عجيب بي خودي ڏني آهي.
    حقيقت هڻي، منهنجي جان جدا ڪئي،
    هڪو پساھ پرينءَ ريءَ، سگھان تان نه کڻي،
    ڌڻي ئي ڌڻي، رهيو آهي روح ۾.
    ۽ مونکي لڳندو هو، ته مون پنهنجي معبود، مسجود سڃاڻي پرتو آهي ۽ ڳولي لڌو آهي، پر پوءِ مونکي جلد ئي پتو پيو ته کاهوڙين کي اڃا گھڻو پنڌ ڪرڻو آهي ۽ هي پرفريب ساعتون جيڪي نائلا وٽان مليون هيو، کن پل جو ڇانورو هيون، ڇوته هن ۾ منهنجي روجي ڪونه هئي. هوءَ ڏاڍي سطحي ڇوڪري هئي، جنهن ڪري هن جي محبت به سطحي رهي، هوءَ مون جهڙي محبت مونسان افروڊ نه ٿي ڪري سگھي ۽ مان سندس سطحي پڻي تي ڪنايت ڪري نٿي سگھيس... ان ڪري اسان ٻنهي خوشي سان مڱڻي جهڙي سطحي رشتي کي اتي ئي منقطع ڪري ڇڏيو. شايد هوءَ اڄ ۽ ان ڏينهن مونکان وڌيڪ خوش هئي ۽ آهي.
    شايد روجيءَ جي ڳولا جا دروازا منهنجي آتما لاءِ بند ڪونه ٿيا هئا / ۽ ڪڏهن به نه ٿيندا، جو هڪ ڏينهن آئون پنهنجي هڪ واقف ڪار ڪوثر سان مليس، مونکي منهنجي روجيءَ جون کوڙ ساريون علامتون ڪوثر ۾ نظر آيون.. جيتوڻيڪ هوءَ جيڪڏهن روجيءَ جهڙي نه به هئي يا نه به هجي ها ته ته به ڪوثر جو ثاني ڪوئي به ناهي، ان لمحي ڀانيو هئم ته منهنجي تڙپ ۽ تانگھ، سوچ ۽ لوچ کي ڄڻ ڪو گس مليو آهي.
    منهنجون واٽون جيڪي ”ويھ“ ٿيل هيون ۽ منهنجي نهار جا رستا ”ڪوھ ڄاڻان ڪهڙا پرين“ چوندا هئا، ۽ منهنجو اندر مونکي سمجھائيندو هو، ”آيل آنءُ نه وسهان، هنجون جي هارين“ تنهنڪري ”آڻيو آب اکين ۾، ڏيھ کي ڏيکارين“ کان گھڻو پوري هئس، پر پوءِ به منهنجي روجي ”ڪوثر“ منهنجي اندر جي ويراڳيءَ کي سڃاڻي ورتو هو ۽ هن محسوس ڪري ورتو هو ته منهنجي روح ۾ جيڪي سڏڪا، واڪا، آنهون ۽ دانهون، سور ۽ سوز آهن، انهن مان جيڪو سنگيت ڦٽندو آهي، اهو آسماني موسيقيءَ سان هم آهنگ آهي... ڪوثر جي روح جون قربتون مون به محسوس ڪري ورتيون هيون، مان جڏهن به هن جي نيڻن ۾ نهاريندو هئس ته هن جون اکيون مونکي سدائين اهو جھونگاريندي محسوس ٿينديون هيون.
    ”سمن سائين، مان ته گوگلي غلام تنهنجي در جي..“
    پر پيار تي پهرو ڏيندڙ پرمارن ڪوثر جي دادوءَ، ۽ ضراب حيدر جي نوابشاھ جي وچ ۾ پيار واري ”دادو مورو پل“ ڊاهي ڇڏي. اهو قسمت جو ڪيڏو نه بي هودو مذاق آهي، جو هن مونکي ايڏو لاچار ۽ مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جو مان اڄ به پنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل ۽ ڪنهن جي به نه ٿيڻ جو قسم کڻي ڇڏيندڙ، ڪوثر جا لڙڪ پنهنجي دامن ۾ ستارن وانگي سجائي نه ٿو سگھان ۽ سندس چپن جي گلدستي ۾ مرڪن جا گل سينگاري نه ٿو سگھان.
    مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي ڪوثر جي اڪيلائي هڪ اتهاس بڻجندي پئي وڃي، ۽ مان ان اتهاس جو اهو ميهار آهيان جيڪو هن کي لهرن ۾ لڙهندو ڏسي ايترو ئي چئي ۽ ڪري سگھندو آهيان،
    اڀو تڙ ميهار، ملاحن سڏ ڪري،
    آئون پڻ وجھان هٿڙا، اوهين پڻ وجھُ ڄار،
    گھوريئون ڪارونڀار، ته مان ملنئون سپرين.
    آئون پنهنجي عشق تي اروٽ هجڻ جا سڀ اروپ کڻان ٿو ۽ ڪوثر کي وفا جي ”سهڻي“ ڪوٺيان ٿو ۽ آئون دعويٰ ڪيان ٿو ته ڪوثر کي محبت جي ڪيوپڊ ديوتا، جيڪو ”ٻاڻ“ هنيو هو، اهو سندس هينئڙي ۾ قيامت تائين کتل رهندو، بلڪل ايئن جيئن لطيف جو بيت آهي.
    ڪو جو لڳس ڪان، ڪيچين جي قرب جو،
    ٿي نماڻي نيشان، سانگو لاهي سر جو.
    پر ڪنهن منهنجي دل کان پڇيو آهي ته مان ڪوثر جي، اڻ مٽ، اڻ موٽ، اڻ ٽٽ، اڻ کٽ ۽ اجھل وفائن ۽ پيار جو بدلو نه ڏئي سگھڻ تي، پنهنجي ضمير جي اڳيان، پنهنجي روح جي ”انٽرپول پوليس“ کي مطلوب ”چارلس سوڀراج“ سمجھندو رهيو آهي ۽ زندگيءَ جي هر ”تهار“ جيل کان فرار هوندي به پڇتاءُ جا سنگھر ٽوڙي نه سگھيو آهيان. وقت مون جهڙو عام نه، پر هڪ تمام وڏو فارماسسٽ آهي، پر ڪو اهڙو مرهم ٺاهي نه سگھيو آهي، جيڪو روح جا زخم ڀري سگھي، ڪابه گوري ايجاد ڪري ناهي سگھيو، جو سڀ يادگيريون ذهن مان کرجي ڪڍي سگھي.
    یاد ماضی عذاب ہے یا رب! چھین لے مجھ سے حافظہ میرا
    ايئن چوڻ کانپوءِ به ڪابه يادگيري فيڊ آئوٽ نه ٿيندي آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو منهنجي درد اُٻڙڪو کائڻ چاهيو، اڌمن چشمن جيان ڦٽي نڪرڻ چاهيو، احساس جا لاوا ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتا هئا، لفظ هئا، جن اظهار جو ذريعو بڻجڻ ٿي چاهيو. پر مونکي خبر نه هئي ته اها بي چيني مونکي ڪٿي ڪٿي رلائيندي ۽ ڪيستائين رلائيندي. مونکي ته اها به خبر نه هئي ته منهنجي اندر ۾ ڪٿي ڪو ڪهاڻيڪار ويٺل آهي، ڪو فنڪار ديرو ڄمايو ويٺو آهي، جيڪو مون ۾ هڪ مسلسل لوچ ۽ سوچ، تڙپ ۽ فڪر پيدا ڪندو رهندو هو، جنهن مون ۾ ڳولا جي اُڃ وڌائي ۽ مان جستجو ۾ جنبي ويس، هڪ Quest هئي، جنهن مونکي دنيا جي ٻئي مخلوق کان ڪجھ قدر منفرد بڻائي ڇڏيو.. انفراديت جي سفر ۾ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون.. هڪڙي واقعي نما ڪهاڻي 1983ع ۾ لکيم. جيڪا اسڪول مئگزين ”سوجھرو“ ۾ ڇپي ۽ پوءِ ٻي ڪهاڻي، 1985ع ۾ انٽر ڪرڻ دوران لکيم، جيڪا ”الا ائين م هوءِ“ جي عنوان سان ”عبرت مئگزين“ ۾ ڇپي انتر ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي فارميسيءَ ۾ داخل ٿيس، ڄامشوري جون هوائون، ماڻهوءَ کي عاشق، عاشق مان شاعر ۽ پوءِ شاعر مان پاڳل بڻائي ڇڏينديون آهن. پر مان ته اڳ ئي جنون ۾ ورتل هئس، اهڙو جنون جيڪو خردمندي بخشيندو آهي.
    يونيورسٽيءَ ۾ مونکي ٻارهون ڏينهن هو، آئون ڪلاس ۾ ويٺو هئس، ڪلاس هلي رهيو هو، ته اوچتو منهنجي نگاھ ڪلاس روم جي دروازي ڏانهن کڄي وئي، ۽ منهنجون نظرون اتي کپي ويون. ان گھڙيءَ وقت ٿڌو ٿي ويو، هر لمحو جامد ۽ ساڪت ٿي ويو، منهنجي لاءِ عشق ۾ روح جون گهرايون ۽ خود سپردگي جون ڪيفيتون نيون هيون، پر پوءِ به دروازي تي بيٺل هڪ محشر سمان، طلسم هو شربا، آفت پرڪالا، مون لاءِ قيامت برپا ڪري رهي هئي، هن جون اکيون، اکيون نه هيون ڄڻ ”شاھ جو رسالو“ هيون، هوءَ سراپا روجي هئي. هن کي ڏسي دل جي ڌڙڪن تقدس ڀري ڌمال هڻڻ شروع ڪئي.
    آئون واضح ڪندو هلان ته مونکي جوس مليح آباديءَ وانگي ”يادون ڪي بارات“ يا ديوان سگھ مفتون وانگر ”ناقابل فراموش“ لکڻ جو ڪوبه شوق ڪونهي، نه وري مونکي پنهنجي روحاني وابستگين کي تشهير ڏئي، پنهنجو پاڻ کي زيوس ديوتا سڏائڻ جي خواهش آهي. مونکي خبر آهي، ته مان جيڪا هيءَ پنهنجي ڪهاڻيڪار بڻجڻ جي ڪٿا ٻڌائي رهيو آهيان، ان لاءِ عجيب ريمارڪس پاس ٿي سگھن ٿا. پر مان ته ڪرشن ڀڳوان جو ڀڳت آهيان، ڪرشن ڀڳوان وانگر ننڍپڻ کان وٺي گوپين سان پريم ليلائون ڪندو رهيو آهيان ۽ مان سمجھان ٿو ته ڪرشن ڀڳوان هجي يا تخت هزاري ڇڏڻ وارو رانجھڻ هجي يا کڻي ايڊورڊ (اٺون) هجي، پريم هر جينيس جو ڌرم رهيو آهي، منهنجو ڌرم به پريم آهي، پريم، اڪرم کي ڪرم بڻائيندو آهي، منهنجو ڪرم، منهنجو ڌرم، ڪلاس روم جي دروازي تي بيٺل هو، منهنجون بي اختيار نگاهون هن ڏانهن کڄي ويون هيون اهي بي سبب ڪونه کڄيون هيون، مون ڏٺو ته هن جا نيڻ منهنجي ذات جو احاطو ڪري هريا هئا، هن کان به پنهنجو پاڻ وسري ويو هو. پروفيسر صاحب جو ڌيان جڏهن هن ڏانهن ويو ته کائونس پڇيائين،
    What is matter with you girl?
    هن جي محويت ٽٽي پئي، هن ڇرڪ ڀري پاڻ سنڀاليو، ”مي آئي ڪم_ان سر“ چئي بنا انتظار ڪرڻ جي ڪلاس روم ۾ گھڙي آئي ۽ پروفيسر صاحب سان پنهنجو تعارف ڪرايائين :
    I am a student of this department, I am a new comer, sorry I am too late, my name is saly.
    پروفيسر کيس ويهڻ لاءِ چيو ۽ هوءَ منهنجي ڀرسان رکيل خالي سيٽ تي ويهي رهي، ان وقت ايئن محسوس ٿيو هئم: ته ڄڻ آدم جي پاسيريءَ مان نڪتل حوا، ڪڻڪ جو داڻو واپرائڻ واري گناھ جي مغفرت کان پوءِ هڪ ڊگھي عرصي بعد وري، اچي آدم جي پاسي ۾ ويٺي آهي، هوءَ منهنجي ڀر ۾ منهنجي دل واري پاسي کان ويٺي هئي ۽ ان گھڙيءَ کانپوءِ هوءَ هميشه لاءِ منهنجي وجود جي دل واري (کاٻي) پاسي کان، مونکي محسوس ٿيندي رهي آهي. ان پهرئين لمحي کان وٺي، اڄ جي هر ساعت تائين دل جي انهي پاسي کان مونکي هوءَ پاڻ سان گڏ ويٺل ئي لڳندي آهي، تاريخ ڄڻ پاڻ ورجائي رهي هئي. وقت جي هڪ نئين خليل جبران لاءِ هڪ نئين سلميٰ ڪرامي نيرولي بڻجي آئي هئي ۽ سندس زندگي جي ڀريل پهراڻ تي ڪي نوان رنگ رنگي رهي هئي. سليءَ ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو روحاني رشتو جڙي چڪو هو، ان ازلي ۽ ابدي رشتي کي غير محسوس طريقي سان، اسان ٻنهي سمجھي ورتو هو، اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اڻ_لکو تعلق جڙي چڪو هو... مان ڊپارٽمينٽ جي نوٽيس بورڊ تي پنهنجا لکيل ۽ ڇپايل، ”ڊائريءَ جا ورق“ چنبڙائي ڇڏيندو هئس ۽ هوءَ انهن ورقن کي مون طرفان، پنهنجي لاءِ پريم پتر سمجھي پڙهندي هئي، هڪ ڀيرو وري زمانو ڄڻ اسان جي محبتن جي خانم گگوش لاءِ جلاد بڻجي ويو، هونئن ته هر آمر خزان جي سڪل زردس پتي وانگر هوا جي دوش تي اڏامي الائي ڪٿي گم ٿي غارت ٿي ويندو آهي، پر بهرحال موناليزا جي چپن تي لڳايل بيلاڊونا جو پلستر سندس مرڪ جي ڪرڻن کي ايئن لڪائي ڇڏيندو آهي، جيئن انگلينڊ جي آسمان تي ڪڪر، سج کي لڪائي ڇڏيندا آهن.
    مونکي هڪ ڀيرو ٻيهر ملندڙ روجيءَ (سليءَ) جي ماسيءَ مهرين، جيڪا پڻ ٿرڊ يئر فارميسيءَ ۾ پڙهندي هئي، اها منهنجي ۽ سليءَ جي (ضوبيءَ ۽ روجي) جي هير رانجها جهڙي داستان ۾ ڪيدوءَ جهڙو ڪردار بڻجي اسان جي سامهون آئي، نتيجو اهو نڪتو جو سليءَ جي سيڪنڊيئر ۾ ئي زوريءَ شادي ڪرائي وئي، مون سان ڇا وهيو واپريو سو مان ئي ڄاڻان ٿو، بس ايترو چوندس ته ”ڪنهن ويران جنڪشن تي، ڪٽجي ويل بوگي“ وانگي پنهنجي اندر جي خالي پڻي جو ”ڀان ڀان“ ڪندڙ آواز ٻڌندڙ هئس، ايڏي همٿ ڪونه هئم جو دنيا ڇڏي سگھان، ها ايڏي سمجھ به ڪونه هئم جو زندگيءَ کي شڪست ڏيان ها، جو حيات کي تياڳي ڇڏيان ها. بس رڳو ڇڏيم ته يونيورسٽي کي ڇڏيم، بي فارميسي اڌ ۾ ڇڏي، ڊگريءَ کي هميشه هميشه لاءِ تياڳي هڪ ويراڳ وٺي نڪري پيس، مان اهڙو شري رام چندر آهيان جنهن جو بنواس ڪڏهن به پورو ناهي ٿيڻون.
    مون سمجھيو هو ته (من ۾ ويٺل روجي جهڙي) ڪوثر جي عشق جي تجديد سليءَ سان ٿيندڙ پريت پوري ڪندي ۽ منهنجي شخصيت جا سمورا خال ڀرجي ويندا، پر هڪ ٻئي پٺيان لاڳيتو ملندڙ ناڪاميون ۽ نامراديون، مونکي مايوسين جي غفائن ۾ گم ڪري رهيون هيون، مان پاڻ کي هڪ نانڪام شخص تصور ڪري خود ساخته جلاوطني اختيار ڪئي، رلڻ منهنجي عادت بڻجي وئي، منهنجو گھر مونکان وسري ويو، رستا منهنجو مقدر بڻجي ويا.. ان دوران انڊيا به ويس، ته نيپال به رلي آيس.
    ”ڳولهيان ڳولهيان م لهان، شال م ملان هوت“ جي هوبهو تصوير بڻجي ويس، شايد ان دروان هميشه لاءِ ٻاهر نڪري وڃان ها، پر وري هڪ ڀيرو عشق جي دار مونکي سڏ ڏنو، وري مقتل مون لاءِ سجايو ويو.. وري ڪي ڪاڪل جا سنگھر، روح جي پيرن ۾ پيا، وري ڪن نيڻن پرھ جي هير جهڙيون پڪارون ڪيون، ڪي صدين جا سڏ پڙاڏا بڻجي ويا، عشق جي اني جگر کان پار ٿي، وري روح جي قلعي تي، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جي هائوس آفيسرس هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ مسيحا سمان ڇوڪريءَ نسيم (روجيءَ جي پيار جو تسلسل بڻجي) پنهنجو جھنڊو لهرائي ڇڏيو. اهو پرچم اڃان بلند ئي هو ته ڪنهن ڪافر صفت ماڻهوءَ اچي سرنگون ڪري ڇڏيو.
    اهي واسطا عام رواجيء ۽ رڳو جسماني لاڳاپا هجن ها، ته آئون به هڪ مادي واد ماڻهوءَ وانگر وکري ٽٽي وڃان ها، پر مون سان ايئن نه هو، ڇو ته منهنجو مول متو هو ته :
    جو رکھتے ہیں پیار کھا جذبا،
    وہ لوگ کبھی ٹوٹ کر بکھرا نہیں کرتے۔
    منهنجا سڀ سٻنڌ روح جا سٻنڌ هئا، جو هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن چهري ۾، ڪنهن نه ڪنهن وجود ۾، ڪٿي نه ڪٿي، مونکي روجيءَ جي ڪا جھلڪ يا ڪي ادائون نظر اچي وينديون هيون ۽ آئون بي اختيار ان روجيءَ ڏانهن وڌڻ لڳندو هئس، پر آسي زمينيءَ جي شعر وانگر ته:
    منڊ ڪوئي ونڊ ۾ هو ساقيا،
    مئ کٽي، هروار منهنجي وار تي.
    ائين ئي ڪٿي نه ڪٿي هر خاڪي پتلي ۾ روجيءَ جي روح جي مڌ جو پيالو مون وٽ پهڇندي خالي ٿي ويندو هو يا ڪڏهن ڪو چڪيءَ جو پيل پيالو پهچندو به هو ته خبر پوندي هئي، ته انهي پيالي ۾ ”روجيءَ“ جي نانءُ جي مڌ ڪونه هوندي هئي ۽ آئون اهڙي مڌ لاءِ پنهنجو ”سر سٽن ۾“ ڪونه آڻي سگھندو هئس، ڇوته منهنجي اندر ۾ جيڪو عاشق هو، اهو ”روجيءَ جهڙي“ زهر جو پياڪ هو، انڪري جتي به ”روجيءَ جهڙو“ وھ ڏٺائين ٿي ته وهسيو گھڻو ئي ٿي، پر پوءِ جڏهن خبر ٿي پيس ته اهو اصل وھ ناهي، ڪڙو ۽ قاتل ناهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن هوته، هو ان جو هيراڪ ٿئي ها! ۽ ڪي چاڪ چڪجنس ها! لطيف جي بيت وانگر،
    ٻاريو اجھائين، مون پرين اجھايو ٻارين،
    مونکي ٿا مارين، لئا لهارن جا.
    ڪوايو ٿي جنهن ٻاريو ٿي ۽ ڪنهن اجھايو ٿي ۽ ٻاريو ٿي ۽ مونکي ”لهارن جا لئا“ ڪونه مارين ها، پر مان جيڪا روجيءَ لاءِ وفائن ۽ ڳولهائن جي مالها پوئي رهيو هئس، اها مالها، هر ان (روجيءَ جهڙي) سندريءَ پنهنجي گلي ۾ ان لاءِ ٿي وڌي ته جيئن، منهنجي روحاني جستجو، جسماني تجسس جي خاتمي ۽ عارضي گھرجن، جي پورائي سان پنهنجي منطقي انجام کي پهچي ويندي، پر عشق ۽ روح سوڌو غرق ٿيل ماڻهو، عشق ۾ ڪيبه منطق ڪونه ڏسندو آهي، ڪي به دليل ڪونه ٻڌندو آهي، ڇوته ڪائنات جو وڏو ۾ وڏو دليل ۽ سچي ۾ سوچو منطق جيڪڏهن آهي ته اهو فقط ۽ فقط عشق آهي ۽ عشق ۾ جسماني حاصلات جيڪڏهن ڪا حيثيت رکي ٿي ته اها ثانوي حيثيت کان به گھٽ آهي.
    اهو ئي سبب هو، جو ڪا هڪ ادا کڻي ايندڙ، فوزيه (جيڪا سنڌي يونيورسٽيءَ جي ”انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن“ ۾ پڙهندي هئي) روجي جي عڪس جيان آئي، پر هوءَ آئي ئي ڪاروبار جا گر سکڻ هئي. تنهنڪري هن منهنجي زندگيءَ تي غرض مند، عڪس ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن لاءِ آئون قطعي طور تي تيار نه هئس، منهنجي رضامندي ڪنهن به غرض منديءَ سان ڪابه مطابقت نه پئي رکي تنهنڪري هن جي مونسان روحاني عزازت نه جڙي سگھي، فوزيه مونکي تخيل پرست، خيالي پلاءُ پچائيندڙ ۽ ”يوٽوپيا“ ۾ رهندڙ هڪ اهڙو شخص قرار ڏنو،، جيڪو هن جي نظر ۾ حجابن جا بند ڀڃڻ جي جرئت نه رکندو آهي ۽ جسماني لطافتن تائين پهچڻ لاءِ ذهني طور نا اهل هوندو آهي.

    مون ڪڏهن به پوتي پاڪ هجڻ جھي، ستوجتو هجڻ جي، يا هڪ ساڌ يا راهب هجڻ جي، ملائڪ يا فرشتو هجڻ جي ڪابه دعويٰ نه ڪئي آهي، ايئن به ڪونهي ته هر عام ماڻهوءَ وانگر عمر جي الهڙ پڻي ۾، تجسس جي ڪاڪ محل جي منجھائيندڙ گھٽين ۽ رستن ۾ ڀلجي، ڪا اڻ ڄاڻائي ڪا اياڻپ ۽ اٻوجھائپ ڪونه ڪئي آهي، ها آئون مختلف تجربن مان گذريو آهيان، جيڪي وقتي طور تي محسوس ڪرائيندا آهن ته ڪائنات جا رنگ انهن تجربن جي بدولت آهن، پر ڇا اهي پوپٽ جي پرن جي رنگن جيان ناپائيدا ناهن، جيڪي ڪجھ دير لاءِ، انهن کي پڪڙيندڙ جي هٿ تي رهجي ويندا آهن ۽ پوءِ مٽجي ئي ته ويندا آهن... مون فوزيه جي روح ۾ جھاتي ان لاءِ پاتي هئي ته متان سندس اندر ۾ ڪو مٿرا جو مندر هجي ۽ ان ۾ هڪ وڏي سنگھاسن تي، منهنجي روجيءَ جي ننڍڙي معصوم ۽ مقدس مورتي موجود هجي، ها مون پنهنجي اندر کي فوزيه جي اندر جهڙو سمجھيو هو، جيئن آئون اڳ ۾ به سمجھندو رهيو آهيان، پر فوزيه وانگر ٻيون به ڪيتريون ئي ڇوڪريون ايئن ئي پنهنجو پانڌ ڇڏائي ويون، يا مون سندن پچر ڇڏي ڏني، يا وري ايئن ٿيو ته ڪا ٽين ڌر اچي سلسلي کي منقطع ڪندي هئي... پر ڇا ٿيو؟ هنن کي هنن جو فائدو ۽ نقصان نيبهه هجي، جڏهن ته مون وٽ گھٽ ۾ گھٽ ايتري ته روحاني آسودگي آهي جو ڪو عام ماڻهو، پنهنجي سڀني جنمن جي نفساني خواهشن جي پورائي جي خوشين سان به ڀيٽي نه ٿو سگھي.
    فوزيه وانگر ڊاڪٽر شائسته به مونکي پنهنجو سڀ ڪُجھ سمجھڻ جي فتويٰ جاري ڪئي هئي ۽ مون به ان فتويٰ جي دستاويز تي صحيح ڪرڻ چاهيو هو، پر مان قسم، قدم ۽ قلم ڏاڍي خبرداريءَ سان کڻندو آهيان.
    ڊاڪٽر شائسته کي مون چيو هو ته، ”تون منهنجي ’روجي‘ بڻجي وڃ، ٽافيون، چاڪليٽ، ڀڳڙا، ريوڙيون، ترن جي لائي ۽ ڳڙداڻي، اڌواڌ ورهائي وٺ، مان ڀڳڙا گھڻا کڻان ته تون مونکي زور سان چهنڊيون هڻ ۽ جي تون ڳڙداڻي گھڻي کڻي وڃين ته مان توکي ڇڙٻون ڏيان، پوءِ تون ڪاوڙجي وڃين ته مان توکي پرچايان، پاڙي جي ٻارن سان گڏجي، لڪ لڪوٽي کيڏون ۽ پاڻ ٻئي گڏجي اسٽور روم ۾ رکيل هڪ پراڻي ۽ خالي ڊرم ۾ هلي لڪون، ان سوڙهي ڊرم ۾ اسان ٻئي ننڍڙا ٻار هڪ ٻئي جي روحن وانگر ان وقت هڪ ٻئي جي جسمن ۾ وچڙيل هجون ۽ ”من تو شدم تو من شدي“ ٿي وڃون ۽ ڪنهن به لالچي خواهش جي اڀرڻ کانسواءِ ئي، اسان ٻنهي جي دلين ۾ پيار ۽ پاٻوھ جا ساگر، ڇوليون هڻن، ان ڊرم ۾ ئي زندگي گذري وڃڻ جي خواهش ۽ دعا پيدا ٿي وڃي...“
    ڊاڪٽر شائسته وراڻيو، ”مان هڪ realist ڇوڪري آهيان مونکي ايتري خبر آهي ته منهنجي ۽ تنهنجي ڄمار، اسٽيٽس، ذات ۽ خيالن ۾ وڏو فرق آهي، حياتي رڳو شاعراڻن ويچارن جي ڌارا جو نالو ناهي ۽ آئون پنهنجي پرن هيٺيان سيمينٽيڊ فرش نه سهي، پر ڪجھ ڊيگھ ۽ ويڪر واري ڌرتي ڇڏڻ نه ٿي چاهيان، جنهن شئي کي تون پيار چئين ٿو اهو جذبن جي سوڍا بوتل جو وقتي اُڀار آهي، جنهن جو جوش ٿورڙي دير ۾ ختم ٿي ويندو آهي ۽ جي تون مونکي واقعي چاهين ٿو ته منهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃ.“ اها هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ آخري ملاقات ثابت ٿي، ان وقت شائسته جي سکر واري ”سکر بيراج“ منهنجي گذر لاءِ هميشه هميشه بند ٿي وئي. مان کيس اهو چئي واپس آيس ته، ”تون ائين نه به چئين ها، ته به آئون تنهنجي زندگي مان هليو وڃان ها، مون سمجھيو هو ته متان تون منهنجي ’روجي‘ ثابت ٿينءَ پر اهو ڪونه ٿيو، محبتن کي زمين جو گز اڌ ڇا ڪندو؟ محبتن لاءِ ته دلين ۾ عرش معليٰ اڏايل هوندا آهن ۽ اتي اهي ئي پهچندا آهن جن جا پير دنيا جي ڌرتيءَ تي نه پر عشق جي سرزمين تي کتل هوندا آهن.“ بس هن به ٻين وانگر منهنجي عشق جي لوهه کي ڳاڙهو ڪرڻ لاءِ ڪُجھ دير ڌنوڻي هلائي ۽ پوءِ تتل لوھ کي پاڻيءَ ۾ وجھي ٺاري ڇڏيائين، ڊاٽر شائسته خوشبوءَ جي جھوٽي وانگر ڪجھ ڏينهن منهنجي زندگيءَ کي واسيو ۽ پوءِ بي رحميءَ سان مونکي ٻين وانگر هيڪلو ڪري هلي وئي.
    ان وچ ۾ مون ڪهاڻيون به لکيون، پر اندر جو خالي پڻو ۽ فضوليت جو احساس مسلسل وڌندو رهيو... ٻي ڪا واھ نه ڏسي مون مووي ڪيمرا سان دوستي رکي، جن ڪلهن تي ”ڪراما ڪاتبين“ آزاديءَ سان ويهي منهنجا گناھ ثواب لکندا هئا، انهن ڪلهن تي جديد دور جو سڀ کان وڏو ملائڪ يعني مووي ڪيمرا سندن شريڪ ڪار ٿي ويو. مونکي مووي ڪيمرا جهڙو دوست ملي ويو، جنهن مونکي ”شو ديوتا“ بڻائي ڇڏيو، بلڪل ايئن جيئن شو ديوتا کي ڪاوڙ ايندي آهي ته سندس نرڙ ۾ ٻن اکين جي وچ تي هڪ ٽين اکر ظاهر ٿيندي آهي، بلڪل تيئن مان عشق ۾ لاڳيتو ناڪ آئوٽ ٿيندڙ نه رڳو هڪ اداس پر هڪ ڪاوڙيل ۽ مڇريل نوجوان بڻجي ويس ۽ مووي ڪيمرا منهنجي ٽين اک بڻجي وئي، پر مونکي محسوس ٿيو ته ڪيمرا مونکان به وڌيڪ بي رحم آهي، ايد اهو ئي سبب آهي جو ڪيمرا جي گھوريندڙ اک سان هرڪو پنهنجون اکيون ملائي نه سگھندو آهي، ڪيمرا جتي ماڻهوءَ جي ٻاهر جو ڏيک جھٽي وٺندي آهي، اتي اندر جا ڀاؤ به فلم بند ڪري وٺندي آهي ۽ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جا رويا ۽ ورتاءُ وساري سگھي ٿو، پر ڪيمرا جو حافظو ڪڏهن به خراب ناهي ٿيندو.
    هاڻي وقت هڪ ڪرو نه رهيو هو، اڳ ۾ ايئن ٿيندو هو ته ماڻهو جڏهن چاهيندا هئا ته مونکي پنهنجي ويجھو آڻيندا هئا، يا پري ڪري ڇڏيندا هئا، پر هاڻي مان پنهنجي ٽين اک سان ايڏو ته خودمختيار ٿي ويو هئس، جو جويڪو چهرو چاهيان ويجھو Tale ڪري بلڪل پنهنجي اک جي ويجھو آڻي Still ڪري ڇڏيندو هئس ۽ جنهن کي نه چاهيان ان کي پري ڪري ڇڏيندو هئس، ايتري قدر جو ڪيمرا جي هڪ بٽڻ سان غائب ڪري ڇڏيندو هئس، بس پوءِ مون پنهنجو دستوي ٺاهي ڇڏينو، جنهن کي چاهيندو هئس انکي دنيا جو نقشو بڻائي ڇڏيندو هئس ۽ جنهن کي ڌڪاريندو هئس، ان کي گلو مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيندو هئس.
    يونيورسٽيءَ کي خدا حافظ چوڻ ۽ ڊگريءَ کي اڌ ۾ ڇڏڻ کانپوءِ، جيتوڻيڪ مونکي روزگار حاصل ڪرڻ جي ڪابه ڳڻتي ڪونه هئي. منهنجو بابا جيڪو ان وقت ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو، مون لاءِ زندگي جي هر آسائش ۽ آرام فراهم ڪرڻ پنهنجي خوشي ۽ بنيادي فرض سمجھندو هو. هو عام رواجي پيءُ ڪونه هو. هو رڳو دوستن جهڙو پيءُ ڪونه هو، پر هو فن جو قدردان ۽ فنڪار پيءُ پڻ هو، جيڪو پنهنجي پٽ جي اندر ۾ ويٺل فنڪار جو وڏو مداح هو، بي فارميسي کي اڌ ۾ ڇڏڻ تي کيس ڏک ضرور ٿيو هو. هو سڀ ڪُجھ سمجھي رهيو هو، هن کي خبر هئي ته مون ڪهڙن حالتن ۽ سببن جي ڪري يونيورسٽيءَ کي خيرباد چيو آهي ۽ مون تي ڪيڏو به Force ڪيو وڃي، مان دلي طرح ڊگري ڪواليفاءِ ڪري نه سگھندس... ۽ چيو هئاين ”تون زندگيءَ جي امتحانن ۾ ڪامياب ٿيندو رهين ٿو، مون لاءِ اهو ئي کوڙ آهي، دنيا ۾ ڪيترائي، گورنر، ڪمشنر، آءِ جي، آيا ۽ هليا ويا... پر اڄ اهي ڪنهن کي به ياد ڪونهن... پر انفارمل ماڻهو ڪنهن کان به نه وسرندا ۽ تون به انهن مان هڪ آهي..“
    شروعات ۾ بابا کي منهنجو مووي ميڪنگ جو ڌنڌو ۽ وڊيو ڪيسٽن جو شاپ، ان ڪري ناگوار لڳو هو، جو بابا سمجھندو هو ته ڪٿي ان مصروفيت سان منهنجي اندر جو فنڪار گھُٽجي ويندو ۽ منهنجي من ۾ ويٺل هڪ سيلاني، هڪ هنڌ پابند ٿي ويهي رهندو، تنهنڪري متان آئون، اڳتي هلي ڪن نفسياتي مونجھارن جو شڪار نه ٿي وڃان، پر پوءِ جڏهن ڏٺائين ته مووي ڪيمرا منهنجي اندر جي فنڪار کي هڪ وڏو اتساھ ڏئي رهي آهي ۽ منهنجي وڊيو شاپ تان حاصل ٿيندڙ انڪم مونکي Dependency کان بچائي رهي آهي ۽ ان ذريعي مونکي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو احساس پڻ ٿي رهيو آهي، منهنجي خوداعتمادي ۾ واڌارو پڻ اچي رهيو آهي، ته هن اعتراض ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ وڊيو گرافيءَ لاءِ نوان Equments وٺي ڏيڻ ۽ بهترين اسٽوڊيو ٺاهڻ لاءِ دل کولي مدد ڪيائين.
    وڊيو گرافيءَ سان گڏوگڏ مونکي جنون جي حد تائين آرٽ موويز ڏسڻ جو ۽ ڪليڪٽ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. زندگيءَ جو سلسلو پساهن سان گڏ هلندو رهيو.
    مشهور ليکڪ ۽ شاعر گلزار ۽ ڪيفي اعظمي جي گڏيل تحقيق سان تيار ٿيل ڊراما سيريل ”مرزا غالب“ جون سڀ قسطون جڏهن وڊيو ڪيسٽن جي صورت ۾ رليز ٿي اسان وٽ پهتيون، ته نواب شاھ ۾ اهي مون وٽ به پهتيون، مرزا غالب جي جيون ڏسڻ لاءِ مون جڏهن وي سي آر ۽ ٽيليويزن جي اڳيان ويهي اهي ڪيسٽون ڏٺيون ته آئون پهرين ئي Episode ۾ ڇرڪي پيس مرزا غالب جي گھر واريءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ، ڊراما ۽ فلم ايڪٽريس تنوي اعظمي ڏسي مونکي منهنجي روجيءَ جهڙي نگھت گوري ياد اچي وئي، سوچن جي اُڀ تي هوءَ چوڏهين جي چنڊ جيا اُڀري بيٺي. هوءَ اڙدو ڪميونٽي سان واسطو رکندي هئي، پر ميرپورخاص ۾ رهڻ سبب سنڌي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي ويندي هئي، هن منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”انگن چڙهيو انگ“ پڙهيو هو ۽ منهنجي مداح ٿي هئي... ۽ پوءِ هن پاڻ مونکي ڳولهي لڌو هو، منهنجي روح کي به هن جي روح سان ويجھڙائي حاصل ٿي وئي، عشق کي ڄڻ نئين تجديد ملي. اهو دؤر 1990ع جو هو، جڏهن سنڌ ۾ لساني جھيڙا چوٽ چڙهيل هئا، محبتن کي زبان جي فرق جو راڪاس ڳڙڪائي ويو، روجيءَ جي وڇوڙي کي نئون تسلسل مليو.
    زندگيءَ کي وري هڪ نئون خال مليو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي خال منهنجي زندگيءَ کي ملندا رهيا، منهنجا سڀ بي ترتيب لکيل واقعا منهنجي جيون جي بي ترتيبيءَ کي ظاهر ڪن ٿا، مونکي پنهنجي اها بي ترتيبي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ منهنجي اها بي ترتيبي مونکي فطرت جي باترتيب ۾ بي ترتيبي جهڙي ئي باترتيب لڳندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو، مونکي زندگي جي بي مقصديت ۾ ڪوبه مقصد نظر ايندو هو ۽ هر انتشار ۾ نظم و ضبط نظر ايندو هو، پر پوءِ به مون ڪڏهن به پاڻ کي سهيڙڻ ڪونه چاهيو هو. ڇوته مون سمجھيو هو ته مون جيڪا چاهتن لاءِ روح جي گهرائين مان حاصل ٿيندڙ فولاد جي زنجير ٺاهي هئي ۽ وفائن جون ڪڙيون، ڪڙين سان ملايون هيون، اهي هروار ڪونه ڪو اچي ٽوڙي اُکيڙي ويندو هو، تنهنڪري هاڻ مونکي ڪنهن جي لاءِ به وفائون ناهن رکڻيون، بس اتي باصفا ۽ بي يا جذبن کي Over and all چوڻو آهي ۽ پوءِ روح جا سڀ ڪنيڪشن (Disconnect) ڪرڻ آهن.
    ها پوءِ مان اڳتي هلي، شايد هڪ دنيادار ۽ عام رواجي ماڻهو بجھجي وڃان ها، پر ائين ڪونه ٿيڻون هو، ڪا هڪ اهڙي ڇوڪري به هئي جيڪا پنهنجي ننڍي هوندي کان وٺي، مونکي پنهنجي مندر جو ديوتا بڻائي ۽ پاڻ داسي پڻجي، صبح شام منهنجي مورتيءَ جي اڳيان اچي پرنام ڪندي هئي. کيس چڱيءَ ريت خبر هئي ته مون پنهنجي دل جي چئن خانن کي، چئن چئن خانن ۾ ورهايو آهي ۽ هر خاني ۾ چار نه ته ٻه، ٻه نه ته هڪڙي اپسرا براجمان ڪري ڇڏي آهي، ڪهڙي اهڙي ڇوڪري هوندي جيڪا ايتريون پهاڄون قبول ڪندي، پر هوءَ عجيب ڇوڪري جنهن منهنجي سڀني خوبين ۽ خامين کي ڄاڻندي به منهنجي پرستش ڪئي هئي، سا منهنجي ماسات هئي، هن مونکي عام ويجھڙائيءَ سان ڏٺو هو، منهنجي زندگيءَ جا سڀ اڇا ڪارا هن کي معلوم هئا، پر هن شايد منهنجي روح ۾ جھاتي پائي ڏسي ڇڏيو هو ۽ ڄاڻي ورتو هو ته مون جنهن کي به چاهيو هو، ان کي روجي سمجھي پوڄيو هو، هن نه رڳو منهنجون لکڻيون پڙهيون هيون، پر ٻين مائٽياڻين وانگي منهنجي به اسٽڊي ڪئي هئائين، هن کي اها پڪ هئي ته ”ضراب جن ڇوڪرين جو ذڪر ڪندو آهي، يا ضراب جي نالي سان گڏ جن ڇوڪرين جو ذڪر ٿيندو آهي، اهي ڇوڪريون ضراب جي لاءِ روجيءَ جي حيثيت رکنديون آهن.“
    هن ڀيري به چاهتن اڳيان ڪيترائي ڪارونجھر کر کڻي بيهي رهيا، پر هيءَ لڙائي ميهار جي لڙائي ڪونه هئي، جيڪو تڙ تي بيهي واڪا ڪندو آهي، پر هي سڀ جبل سسئي کي جھاڳڻا پيا، هن سڀ ڏونگر ڏاري رکيا، پيرن جي پٿون ٿيڻ جو ڪو به خيال نه ڪيائين ۽ پنهنجو پنهون ماڻي ورتائين.
    6 مارچ 1991ع تي منهنجي زندگيءَ جي ڦرحي تي ”فرح ديبا“ منهنجي جيون جيوتي بڻجي آئي، فرح سان منهنجي شادي جي موقعي تي، منهنجي پياري دوست اياز عالم ابڙي (ماترائن کان آزاد) ڪُجھ ٽه سٽا لکيا هئا جن مان ڪجھ هي آهن:
    ديبا ۽ ضراب
    ڏينهن ڏٺي جو سپنو ناه،
    ٻئي حقيقي خواب.

    لکيو لوح قلم جو،
    فرح ضراب هڪ ٿيا
    اوس پورو ٿيو.

    فرح ڦرحي منجھ لکيو،
    هڪ نالو لوح قلم سين،
    ضراب گھوٽ ٿيو.

    فرح جو وهانءُ ضراب سان،
    سنگم آ سر ساگر جو،
    ستار ڇڙي مضراب سان.

    فرح سهاڳڻ ڪا مڻي،
    مليس گھوٽ ضراب،
    رب کي ڳالھ وڻي.

    فرح جتي منهنجي زندگيءَ ۾ بيشمار، رنگ، روشنيون سرهاڻيون ۽ سنگيت آندا، اتي هن 16 آڪٽوبر 1993ع تي پنهنجي وجود مان منهنجي لاءِ مون جهڙو ئي ننڍڙو ”هالا/ وشال“ تخليق ڪري منهنجي سمورين تخليقن کي شرمائي ڇڏيائين، هونئن ته هوءَ منهنجي لاءِ ڌرتيءَ تي سورڳ آهي، پر هالار جي جنم کان پوءِ مون سندس پيرن هيٺيان پنهنجي هالار لاءِ هڪ نئين جنت ڏسي ورتي، آئون ڪيڏو ڀاڳوان آهيان جو منهنجو گھر هر ڏس ۾ بهشت جو ڏيک ڏيندو آهي، هن جو مونسان پيار ايترو ته شديد آهي جو هوءَ فخر وچان چوندي آهي ته: ”جنهن کي مان چاهيان ٿي، جيڪو منهنجو انتخاب آهي، ان کي چاهڻ وارن جون قطارون ڪڏهن به نه ٿيون کٽن.“ ۽ مان فرح کي ڪيترو چاهيان ٿو، ان جي لاءِ ڪابه خباني دعويٰ تمام ننڍڙي ٿيندي، مان فرح جي حضور ۾ اهڙو ته راسخ العقيده مسلمان آهيان، جيڪو وحدانيت جو قائل هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مزار تان مراد پنڻ جي ڀل ڪري وجھندو آهي ۽ فرح جي دل ايڏي ته ڪشادي آهي جو پنهنجي هن گنهگار بندي جون سڀ خطائون، خط تقسيم جي هيٺ آڻي ڇڏيندي آهي.
    منهنجي ڪهاڻيڪار ٿيڻ جي، منهنجي فنڪار ٿيڻ، هڪ وڊيو گرافر ٿيڻ جي سفر جي پٺيان، منهنجي عشق جي راهن ۾ خط مستقيم جهڙي مستقل مزاجي، وفا شعاري ۽ ثابت قدمي آهي، هي اهي ڪجھ واقعا هئا، جيڪي منهنجي ڪهاڻيڪار ٿيڻ جي وارتا ڪنهن حد تائين بيان ڪن ٿا.
    مان ادب کي صرف پنهنجي اظهار جو ذريعو سمجھان ٿو مونکي ايتري خبر آهي ته منهنجي اندر ۾ ويٺل ڪهاڻيڪار هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آهي، منهنجيون ڪهاڻيون منهنجي انفراديت ظهار ڪن ٿيون... پر منهنجي منزل اڃا تمام گھڻي ڏور آهي، جنهن جي سفر ۾ آئون پنهنجي مشق ۽ تجربي سان رڙهي رهيو آهيان...
    ڪهاڻيڪار بڻجڻ جي سفر ۾ جتي ناڪاميابيون ۽ ڪاميابيون حاصل ٿيون ۽ سماج جي اونچ نيچ اثر انداز ٿي، سياسي شعبدي بازي (سياست جي نالي تي ظرافت) علائقي سطح تي ٿيندڙ تبديليون ۽ پنهنجي آس پاس ارتقا جي سست رفتاري، جديد علم کان فراريت، ادب جي نانءُ تي بي ادبي، ثقافت جي چوغي ۾ خباثت، مذهب جي آڙ ۾ ملايت ۽ روحانيت جي نانءُ تي فراريت ۽ ٻيا اڪيچار انياءُ ۽ انڌ ڏٺم ۽ انهن لاءِ ڪلهن کان ڪوريل ڪنڌ ڏٺم ته منهنجي آڱرين مان ڪهاڻين جا جھرڻا وهي نڪرندا رهيا.
    منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”انگن چڙهيو انگ“ 1989ع ۾ شايع ٿيو هو، انهي ڪتاب ڇپرائڻ دوران ادبي لڏي مان سائين طارق ”عاجز“ ڀٽي سرفهرست آهي، جنهن جا منهنجي ذاتي، علمي، ادبي، زندگيءَ تي گهرا اثر ڇڏيل آهن. ان کان پوءِ طارق عالم ابڙي جو نانءُ اچي ٿو، جنهن نه صرف منهنجي پهرين ڪتاب جو مهاڳ لکيو، ٽائيٽل ٺاهيائين، پر طبعيت ناساز هوندي به بدين ڪهي آيو ۽ منهنجي ڪتاب جو مهورت پنهنجي هٿن سان ڪيائين، سندس ڏنل اتساھ آئون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھان. منهنجي پهرين ڪتاب جي ڇپجڻ تي سڀ کان گھڻي سرهائي منهنجي مرحوم بابا ”غلام حيدر ڪليار“ کي ٿي هئي. 10 مارچ 1995ع تي هو اوترو ئي صدمو ڏئي مون کان، اسان سڀني گھر وارن کان، هميشه هميشه موڪلائي ويو.
    بابا جي وفات مون لاءِ هڪ وڏو حادثو هئي، ان حادثي منهنجا حواس ڦيرائي ڇڏيا، ان سانحي جا اثر شايد زندگيءَ ڀر مون تي رهن، جو بابا منهنجي لاءِ گھڻو ڪجھ هئڻ سان گڏوگڏ منهنجي فن جو نقاد هو، جنهن کان مان محروم ٿي ويو آهيان، بابا سائينءَ جي وڃڻ سان سماجي طرح، معاشي طرح يا ٽريڊيشن جي حوالي سان مونکي حالتن ايئن اپ سيٽ نه ڪيو، جيئن ڪو عام ماڻهو ٿي سگھي ٿو، پر ايترو سو فرق محسوس ڪيم ته پيءُ بهرحال پيءُ هوندو آهي. بابا جي وفات جو الميو، ٻين المين وانگر منهنجي لاءِ آگهي کڻي آيو، جيئن هر درد، هر وار مونکي آگهي ڏيندو رهيو... مون لاءِ هڪ سانحو هڪ ڪسوٽي بڻجي ويو ۽ مون کري ۽ کوٽي جي شناخت ڪري ورتي ۽ اهو ڄاڻي ورتم ته محبت ۽ تنهائي هاڻ مونکي اڪيلي سر ڀوڳڻا آهن، بابا سائين جي مرتئي تي ٻارن جيان اوڇنگارون ڏئي روئڻ واري سارنگ سهتي کان وٺي، واحد بخش لانگاھ، علي اظهار، فياض چنڊ، مراد قريشي، مظهر ابڙو، بخشل باغي، عابد مگسي، وسيم سومرو، ممتاز بخاري غمگين هئا، ۽ ڪُجھ دوست خبر ملڻ کانپوءِ مون سان غم خواري ڪرڻ آيا هئا، يوسف سنڌيءَ سادگيءَ وچان چيو هو:
    ”يار! توکي ڪهڙا ويهي روايتي دلاسا ڏيان ۽ تعزيتون ڪيان، تنهنجو درد منهنجو درد آهي.“ ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو اٿم ته ڪجھ ماڻهن جو درد ساڳيو هوندو آهي، پر ابلاغ Communication نه هئڻ ڪري سندن سادگيءَ جو مذاق اڏايو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو لطيف جي بيت :
    نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

    جي تشريح هوندا آهن، آئون، الائي به ڇو مٿين سٽ لکڻ کانپوءِ هلڪو ٿي پيو آهيان، ڇاڪاڻ جو ڪجھ ماڻهن جون محبتون ۽ سچايون مون تي قرض آهن ۽ دنيا ۽ ماڻهن جي ڏنل عذابن کي Balance ڪنديون رهيون آهن.
    جتي زندگيءَ ۾ کوڙ ماڻهو مليا ۽ وڇڙندا رهيا.. اتي طارق قريشيءَ جو ذڪر ان لاءِ به ضروري ٿو سمجھان ته بيشڪ طارق قريشيءَ مونکي زندگيءَ ۾ گھڻو ڪجھ سيکاريو آهي.!؟ آئون سندس نقش پنهنجي ذهن تان ڪڏهن به ميساري نٿو سگھان... هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو به رشتو هو يا رهندو، ان کي آئون ڪوبه نانءو ڏئي نه سگھيو آهيان.. ڇاڪاڻ جو منهنجي خيال ۾ دوستي ۽ زندگي ڪهاڻي هوندي به ڪا ڪهاڻي ناهي، جنهن کي (Hyperbole) ڪري، حقيقي ڪردارن کي ديو مالائي يا فرشته صفت بڻائي ڇڏجي.
    جتي تذڪرو محبتن جو، دوستين جو ۽ ڪهاڻين جو هليو آهي اُتي ريجو، عاشو، ساجو مارو ۽ عدو کي وسارڻ نٿو چاهيان، جن مونکي منهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو آهي، جن کان سواءِ منهنجون محبتون، منهنجون ڪهاڻيون، منهنجون دوستيون پورڻتا کي نه ٿيون ڇهي سگھن.
    پوءِ به غالب جي هن سٽ جيان:
    گھر ۾ ٿا ڪيا جو تيرا غم غارت ڪرتا،
    وو جو رکتي ٿي هم اڪ حسترت تعمير سو هي.

    ۽ پنهنجي هن ننڍڙي پريم ڪٿا ۽ ڪهاڻين سان گڏ اوهان جي سامهون آهيان، جيڪا منهنجي اڌوري ڪهاڻي به آهي ته آکاڻي به آهي.
    ضراب حيدر
    نوابشاھ


    ڪوجهائپ کي ڪوملتا جي ڳولا

    ھوءَ وڃي رھي آھي! خبر ناھي ڇو جنھن کي چاھيندو آھيان، اھو ڪونه ڪو جواز ڏئي مون کان ڏور ھليو ويندو آھي. زندگيءَ ۾ پائي وڃائڻ وارو عمل اڃان به جاري آھي. ڪلھه شارا کي چيو ھئم، اڄ اھا ڪونھي. نجيءَ کي چاھيم، اھا به ٻن ٻارن جي ماءُ آھي. فرزيءَ جي زندگيءَ جا روز نوان باب، ڄامشورو جي سرزمين کان صدر جي مصروف گھٽين ۾ ختم ٿيندڙ . . . . ۽ نازيءَ پڻ مون جيان نوس نوس ڪندڙ . . . . سيڪسيوئل فرسٽريشن جي شڪار.
    شارا کي وڃائي سال ٿيا، جڏھن ھو ڊاڪٽريءَ ۾ ھلي وئي ھئي، خبر ناھي ھوءَ ڪٿي ھوندي. . . . الائي ھوندي به يا نه!؟ نجي به وڇڙي ته وري نه ملي. فرزيءَ ته چاھتن کي پاڻي تي پاتل ليڪا سمجھي فراموش ڪري ڇڏيو.
    نازي بي ايڊ ڪرڻ کان پوءِ خبر ناھي ڇا ڪيو. ڪجھه ڪيائين به يا نه . . . . ۽ مان وڇوڙن جي صليب تي لٽڪيل ۽ اجڙيل احساسن جي علامت بڻيل ڪوجھو انسان . . . . جنھن جي ڪابه چٽي معنى نه . . . . ڄڻ بيڪار، نوس نوس ڪندڙ ، ھڪ جسم جي چاٽي کان پوءِ ٻئي ڪنھن جسم جو آغوش ماڻڻ لاءِ، ڪوجهائپ کي ڪوڙي شرافت جو خول پارائي جنسي آسودگي لاءِ جاکوڙيندڙ . . . . . . .
    شارا کان نجي تائين، فرزي کان وٺي نازي تائين ، مون ڇا ماڻيو. . . . !؟ ڪوڙن، مصنوعي۽ ڪاسميٽڪس سان ڀرڀور چھرن ٻھڪندڙ جسمن مان، صرف ڪوڙيون ۽ ورجايل لذتون. . . . . . !
    ڇا مون لاءِ . . . . . منھنجي زندگيءَ ڪارڻ اھي شيون ئي ڪافي ھيون . . . . ؟ ھا، شايد ڪوجھن ماڻھن کي ڪوجهائپ جي حاصلات ئي سونھين ٿي! مان ڪوجھو ۽ گندگيون . . . . . گند جي پيداور، مان ۽ منھنجون سوچون . . . . .
    صفائي ۽ سُٺائي ڪٿي آھي، مون لاءِ ته ڇا پر ڪنھن لاءِ به نه . . . جتي ڏس گندگي، ڪوجهائپ، روڊن تي اڇلايل ڪوجهائپ، اسپتالن ۾ ڦهلايل ڪوجهائپ، ڳوٺن ۾ وسايل ڪوجھائپ، شھرن ۾ سجايل ڪوجھائپ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھايل ڪوجھائپ، دفترن جي دستاويزن ۾ داڦيل ڪوجهائپ . . .
    اھائي ڪوجھائپ مون لاءِ ڪوجھي؟ منھنجي ڪوجھي بنايل ذھن کي پيداور ۽ منجھس حقيقي سونھن ۽ ڪوملتا ماڻڻ جي ڪلپنا پيدا ٿي آھي ته . . . ھو وڃي رھي آھي . . .
    ھو اڄ وڃي رھي آھي ! اھو خيال مونکي بار بار ڇو ٿو ستائي، مون کي اھو گمان ڇو ٿيڻ لڳو آھي ته ھوءَ جي ھلي وئي ته مان مري ويندس!
    موت ته برحق آھي، پر ھُن جي وڃڻ سان منھنجو موت . . . ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچيم . . . شايد مون جھڙي ڪوجھي ماڻھوءَ جو ايڏو زندھ موت، حيرت جوڳو ئي نه، پر سپنو ٿو لڳيم . . . .
    ڇاڪاڻ ته ڪنھن جي وڇوڙي ۾ مرندڙ ماڻھو، مون جھڙا ڪوجھا ڪوڙا نه پر سونھن سان سلھاڙيل سچ ھوندا آھن ۽ مان ھڪ اھڙي گند جو جز بڻجي چڪو آھيان، جنھن ۾ سچائي ۽ صفائيءَ جو تِر جيترو به حصو ڪونھي، ڪنھنجي محبت ۾ مرڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي، محبت ڪرڻ وارا ته کوڙ آھن، پر محبت ۾ مرڻ وارا بنھه گھٽ آھن. مان اھو ضروري ڇو ٿو سمجھان ته محبت لاءِ مرڻ گھرجي . . . محبت لاءِ جيئڻ به ته ھڪ وڏو ڪمال آھي، ڇو ته محبت به ته ھڪ اھڙو اڻ موت، موت آھي، جيڪو وري نه سگھندو آھي، زندگي ڏانھن . . .
    مان . . .مان به ته محبت لاءِ جيئڻ ڪاڻ اڄ تائين ڪوڙو موت مرندو پيو اچان، ڪوڙن فريبي، ڪاسميٽڪس سان ڀرڀور چھرن تي . .. جن جي ڪوجهائپ مون کي پڻ ڪوجھو بڻائي ڇڏيو.
    مان ڇا ڪيان ھا. . . .!؟
    گند ۾ رھي مان ڪٿي گلاب جو ٻوٽو پوکيان ھا، مان ڪو قلندر ڪو ولي ته نه ھئس، جو پنھنجي اندر ۾ خوشبو ۽ سونھن کي لڪائي سگھان ھا . . . پر انھن جي پوکيل سونھن به اڄ ڪيئن نه ڪوجهائپ جي ور چڙھي وئي آھي، اھا ڪوجهائپ جيڪا اڄ سندن درگاھن تي دھل جي واڄٽ تي پئي نچي . . . !
    مون وٽ ڪوجھي ٿيڻ کان سواءِ ٻيو حل به ته ڪونه ھو . . . جڏھن شارا سان پريم ڪرڻ لاءِ ڪنھن فلمي ھيري جيان خيال ۽ خاڪا جوڙيا ھيم پر اھي سڀ گندگيءَ جي اونھي پاتال ۾ پورجي ويا ھئا ۽ پوءِ ان ئي گند جي علامت بڻجي ويا، ھميشه جي لاءِ . . . جڏھن سمورا گھر وارا شھر کان ٻاھر ويل ھئا ۽ شارا منھنجي گھر آئي ھئي، ان رات ئي شارا منھنجي ساھن کي بنھه ويجھو محسوس ٿي ھئي، ساھن جو سلسلو ويتر تيز ٿي ويو ھو، جنھن سمي شارا پنھنجي سوڙھي چولي کي ڪُنڊن کان ڇڪي، سيني تي اڀريل ٻن سخت گنبذ جھڙن ارھن مان ڇڏائي، ڪلھن تائين آندو ھو ۽ منھنجا اڃايل سُڪل چپ، مون کان زوري مٿن رکرايا ھئائين، ان سمي مون کانئس ھٽي، پري ٿي وڃڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھوءَ ڪنھن گم چيوگم جيان مون کي چنبڙي پئي ھئي. مون ته کيس چيو به ھو ته، ”شارا! اھو سڀ غلط آھي، Leave it Shara!
    پر ھو ڪونه ٿي مڙي. مون کيس وڌيڪ سمجھايو ھو ته، ”شارا! مون توکي روح جي سمورين سچاين سان چاھيو آھي ۽ مان پنھنجي محبت کي گندو ڪرڻ نٿو چاھيان. . . مان اھو سڀ ڪجھه ڪري نه سگھندس .“
    ان پل شارا ڄڻ ڀڙڪي پئي ھئي، ڪاوڙيل ۽ وحشي لھجي ۾ چيو ھئائين ”جيڪڏھن توکان اھو ڪم ڪونه ٿيندو ته ٻيا کوڙ، مون کي ڪھڙي خبر ته تون کدڙو آھين. . . ۽ کدڙن سان محبت ڪرڻ وڏي اياڻپ آھي، ڪڏھن ٻڌو اٿئي دنيا ۾ ڪو شاھڪار محبت جو داستان، جيڪو ڪنھن کدڙي سان لاڳاپيل ھجي، ليلي مجنون کان وٺي ھيل تائين جا سڀئي داستان مردن ۽ مڙسن تي مبني آھن، سسئي کي ته پنھون اھڙو لڳو جو ڪاھي پئي رڻن ۾!“
    اھي لفظ مون کي گندگي جي پاتال ۾ ٻوڙڻ لاءِ ڪافي ھئا ۽ ان ڏينھن کان اڄ تائين مان چھرن ۾ چاھت جي حقيقي ڪوملتا ڳولڻ لاءِ ڀٽڪندو رھيو آھيان، پر ڀانيان پيو ھر طرف ھر جڳھه ڇڙو ڪرڀ کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪونھي. شارائون، نجيون، فرزائون، نازيون سڀ ھڪ ھڪ ڪري اينديون ۽ وينديون رھيون . . . پر اڄ ھوءَ وڃي رھي آھي، ۽ مان ڀانيان پيو مان سچ پچ مري ويندس، ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ھوءَ منھنجي سموري ذات کي مات ڏئي وڃي رھي آھي. مون کي ٽوڙي، ذرو ذرو ڪري وڃي رھي آھي، مون کي گھٽ پئي محسوس ٿئي ڀانيان پيو مونکي ڪوئي گھٽو ڏئي رھيو آھي، شايد ھن جي وڇوڙي جو احساس آھي!؟
    شارا کان وٺي نجي، فرزي کان وٺي نازي سڀني ته منھنجي وجود کي وکيريو ۽ ٽوڙي ڇڏيائون. منھنجي وجود جي اڻ ٽٽ حصن کي مڪملتا ڏيڻ کان سواءِ ئي گٽرن ۾ اڇلائي ڇڏيائون يا ٻار ڪيرائيندڙ گورين سان انھن کي گندگي سمجھي پنھنجي وجود کان ڌار ڪي اڇلائي ڇڏيائون ۽ منھنجي وجود جا اھي اڻپورا حصا منھنجي ڪوجهائپ جي بي نانءُ ۽ گمنام شھيد بڻجي ڪي به ڪتبا ۽ قبرون ماڻي نه سگھيا . . . .
    پر اڄ ھوءَ وڃي رھي آھي، منھنجي حقيقي ۽ اسان ٻنھي جي محبتن جي امر نشاني جيارڻ ڪارڻ . . . کيس ڪا مڪمل شڪل ڏيڻ ڪاڻ . . . ھوءَ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آھي ۽ مان کيس روڪي نٿو سگھان، بچائي نٿو سگھان، موت جي ڀيانڪ ۽ ڪوجھي چنبي کان . . . . !
    نه وري مان پنھنجي وجود جي ڪا حسين، سندر شڪل ڏسي ٿو سگھان، ڇو ته مان ڪوجھو آھيان۽ ڪوجهائپ جي ڪا شڪل ڪونھي ھوندي آھي . . . .
    منھنجي ڪوجهائپ جا شڪار ٿيل، منھنجي وجود جا ڪيئي حصا ھر دؤر ۾ مرندا رھيا آھن، لڙھندا رھيا آھن، پر مان ھن جي وجود مان ڦٽي نڪرندڙ ڪومل گلاب کي ڏسڻ، ڇھڻ لاءِ آتو آھيان . . . .! ! ڇو ته اھو گلاب اسان ٻنھيءَ جي ھڪٻئي لاءِ ارپيل سچاين جي پوتر علامت ھوندو . . . .!


    آئوٽ – بئڪ

    سانوڻ جو لاش پھچڻ سان سموري پاڙي ۾ قهرام مچي ويو، ھو شھر جي فسادن سبب، پيٽ ۾ گولي لڳڻ سان تڏي تي مري ويو، سندس جنازو ايمبولنس ذريعي مائي گلزار جي گھر پھتو.
    ڇا ته سندس جواني ھئي، جھڙو ھئس قد بُت، اوڏو ئي ھمراھ سگھارو ھو، ويتر وري سندس ويڪري منھن تي نقش ايئن کلي بيھندا ھئا، جيئن ڪاشي جي ٿانون تي چٽسالي . . . . . . کليل ڪشادي پيشاني، ڪاريون گھاٽيون ڀروئون، وڏيون اکين ۽ مٿن جھڙالا ڇپر، ڳاڙھا ڳٽول ڳِٽا ۽ گلابي ناسي چپ، موتين جھڙا ڏند. مُرڪندو ھو ته ڄڻ ڪائنات پئي مُرڪندي ھئي، سندس ھلڪي گلابي ڪڻڪي، منھن تي، ساول مائل ڏاڙھي ايئن نکري بيھندي ھئي، جيئن ڪڻڪ جي لوڻيل فصل ۾ انٽر ڪراپ ڪيل برسيم جا تازا ڄاول ھلڪا ساوا سلا .
    سانوڻ جي صورت ۾ ئي سونھن نه ھئي پر ھو ته سيرت ۾ به پنھنجو مٽ پاڻ ھو . . . . ٻار، ننڍا وڏا سڀ کيس چاھيندا ھئا . .. .پاڙي ۾ ڪنھن تي به اوکي ويل ايندي ھئي ته سانوڻ بنا دير ۽ بنا چوڻ آکڻ جي رسي ويندو ھو، ڪنھن جو ٻار پرچائڻ، ته ڪنھن جو سيڌو سامان وٺي اچڻ، مطلب ته ھمراھ جي وات ۾ نه ڪرڻ واري زبان ڪونه ھئي.
    اڄ سندس جوانيءَ جي موت تي، سمورن پاڙي وارن ۾ روڄ ھو، نه صرف ٻارن، پوڙھن ۾ پر نوجوانن ۽ زائفائن ۾ پڻ روڄ ڪاھجي پيو ھو، خاص ڪري پاڙي جي سامايل ڇوڪرين جون ھانءُ تي ڏريو، جيڪي شام جو پنھنجي گھرن جي درن ۽ درين مان چير ڪري کيس تڪينديون ھيون جنھن پل سانوڻ، ڀرت ڀريل پھراڻ پائي اچي گھٽيءَ جي چوڪ تي بيھي پاڻ جيڏن سان ڏينھوڪيون پچارون ڪندو ھو. ۽ وري ان لمحي، ساڳيو چوواٽو پڻ اداس لڳندو ھو جنھن شام، سانوڻ نه ايندو ھو . . . . چوواٽو ته ڇا پر درن ۽ درين جي چيرن ۾ پاتل ليئا پڻ اداس ھوندا ھئا، اڄ اھو چوواٽي ۽ درن ۽ درين جا چير پڻ روئڻھارڪا ھئا.
    پر مائي گلزار جي اکين مان ھڪ به ڳوڙھو ڪونه ٽميو ھو، ھو مسلسل خاموشي جي خول ۾ وڪوڙي پئي ھئي. سندس خشڪ ۽ ڦوٽاريل ڏوڏا، خبر ناھي ڪٿي کُپي ويا ھئا . . . جو نه ٿي، سندس اکيون ڇنڀيون نه ٿي وسيون.
    سانوڻ جو لاش وھنجاري سنوارجي، ورانڊي ۾ رکيو ويو، سندس منھن، ڪفن جي اڇاڻ ۾ ويتر بکي رھيو ھو ، ڄڻ ته ھو اڇي چادر اوڍي ننڊ ۾ مُرڪي رھيو ھو، جنھن تي کيس ڏٺو، کانئس اوڇنگار ٿي نڪري ويئي، رھندو ضائفان جي پارن، سانوڻ جي موت کي ٿي لڄايو . . . .
    ساران ته پنھنجا بُڇڙا حال ڪري رکيا ھئا، ساران جيڪا ٻاروتڻ کان وٺي ساڻس ڪُڏي ھئي، ساڻس رُني ۽ کلي ھئي، ڪاوڙي ۽ پرتي ھئي . . . ان ڪري ئي ھو ٻئي ڀيڻ ڀاءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا ھئا،
    ساران جيستائين، سامائي نه ھئي ته سانوڻ کي ڀاءَ ڪوٺيندي ھئي . . . .پر جڏھن سندس جذبا جوان ٿيا ته، سندس اندر کيس دوکو ڏيئي ويٺو، سندس ھينئون سانوڻ لاءِ ڌڙڪڻ لڳو، سندس من به سانوڻ جي سونھن تي موھجي پيو، ھُن گھڻو ئي چاھيو ۽ روڪيو پر پاڳل مَن مڃڻ کان قاصر ھئس . . . . پر اھا ڳالھه ڪنھن ٻئي ته ڇا پر سانوڻ جي ڪنن تي به ڪانه رسي . . . ساران اھا ڳالھه سانوڻ جي ڪنن تائين رسڻ به ڪانه ڏني، ان ڪري متان سانوڻ ساڻس رُسي نه وڃي، تنھن ڪري کيس ھو ڀاءَ ڪوٺي، سندس ڀرسان رھندي ھئي. مسخري مذاق ڪندي ھئي ساڻس رُسندي پرچندي ھئي ساڻس فرمائشون ڪندي ھئي، ڪڏھن سُرخي جي ته، ڪڏھن لالي جي، ڪڏھن ڪجل جي ته ڪڏھن پائوڊر جي، ڪڏھن چوڙين جي ته ڪڏھن وري ايرينگن جي، ۽ جڏھن سانوڻ کيس اھي شيون آڻي ڏيندو ھو ته ڏاڍو خوش ٿيندي ھئي. ۽ جلدي سڀڪجھه پائي، وٽس ايندي ھئي،
    ”سانوڻ ڪيئن ٿي لڳان ؟“
    سانوڻ کيس مُرڪي چوندو ھو ته ”صفا شھزادي . . . . لڳي ٿو ھاڻ تولاءِ ڪو شھزادو به آڻڻو پوندو . . . . . !!“
    ساران جو اندر ٽٽي پوندو ھو. ھوءَ اِھو چئي ڪونه سگھندي ھئي ته، ”سانوڻ! منھنجو شھزادو ته تون آھين.“ بس پوءِ ھُوءَ اداس ٿي ھلي ويندي ھئي ۽ ”سانوڻ اھو سمجھي ته ”شرمائي وئي.“ وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو . . . . .
    ساران، بُڇڙن حالن ۾ ھر ھر سانوڻ جي لاش مٿان آئي ۽ اوڇنگارون ڏئي ٿي رُني. سندس اکين مان ڄڻ ساوڻ وسي پيو ھو ۽ سندس اندر ۾ مانڌاڻ مچي پيو ھو.
    سانوڻ جو لاش جنھن پل کنيائون ته محشر مچي ويو. ساران رڙيون ڪري چيو، ”سانوڻ کي نه کڻو، مونکي ڏسڻ ڏيو، مان رُٺل کي پرچائيندس. ڏسو نه ٿا ته سندس پيٽ مان اڃان پيو رت وھي، ترسو ته مان سندس رت اگھان.“ ھو رئي جو پلاند ھٿ ۾ ڪري سانوڻ ڏي وڌي. ضائفان جھلي کيس پري ڪيو.
    ”امڙ ائين ناھي ڪبو . . . .“
    ”پر ڇڏيو ته، مان سانوڻ جي پيٽ تان رت ته اگھان .“
    اھي لفظ نه ھئا ڄڻ ته ڀالا ھئا، جيڪي ھر ڪنھن جي سيني ۾ لھندا ويا، ۽ سڏڪن جا پڙاڏا، گھرجي چو ديواريءَ ۾ گونجڻ لڳا. اھي لفظ مائي گلزار جي سيني ۾ پڻ لھي ويا، ھُن سانوڻ کي ڏٺو سندس ڪفن کي ڏٺائين، پيٽ واري جاءِ تي رت جو گھرو ڌٻو ڏٺائين، ھوءَ سڏڪي پئي، ”سانوڻ ٻچا! ڪجھه ته ڳالھاءِ، ڪا ته رڙ ڪر، ته مان توکي ڇاتيءَ لائيان.“
    ھوءَ مسلسل سُڏڪندي رھي، کيس پنھنجن سڏڪن ۾ سانوڻ جون ”اوئان . . .اوئان“ جون رڙيون ٻڌجڻ لڳيون، جيڪي ھُن اڄ کان ارڙھن سال اڳ، رات جي ڪاراڻ ۾ ٻڌيون ھيون، ان لمحي سانوڻ جي ڪپيل نڙي جو رت به اڃان ڪونه مڙيو ھو. ۽ سانوڻ قبر جي ساھمي بدران مٽيءَ جي ڳتيل تھه ۾ دٻجڻ وارو ھو. ان وقت مائي گلزار جڏھن پنھنجي ڦوھ جوانيءَ ۾ ھئي، عمر جي ايڏي وڏي به ڪونه ھئي، پر پوءِ به پُختي ۽ تجربيڪار مائي ڀائبي ھئي، سندس گھر وارو چوڪيداري ڪندو ھو، رات جو جاڳندو ۽ ڏينھن جو سمھندو ھو، ان ڪري گلزار ڄڻ ته پاڻ کي اڪيلو ڀائيندي ھئي. سندس پيٽ ۾ ويندڙ ڪڻڪ جو ھر لولو، سندس جذبن ۾ ولولو پيدا ڪري رکندو ھو. ھوءَ اوجاڳيل مڙس جي اوجاڳيل ۽ ٿڪل جذبن سان پنھنجي جاڳيل جذبن کي سمھاري ڪونه سگھندي ھئي. ان ڪري موقعا وٺي، پئي مٿن ڇنڊو ھڻندي ھئي، ھونئن ته سندس گھڻا يار ھئا پر وريام سان سندس پيڇ پيل ھو. وريام ئي ته ھو جيڪو سندس جذبن کي ساڻو ڪري رکندو ھو، تڏھن ئي سندس جذبا ننڊاکڙا ٿي ڪجھه سمي لاءِ سمھي سگھندا ھئا. ان ڪري ھڪ نه ٻئي ڏينھن ھوءَ وٽس ويندي ھئي ۽ رات جو پوئين پھر مڙس جي گھر ورڻ کان اڳ، اچي گھر رسندي ھئي.
    ان رات به ھوءَ وريام وٽان موٽي ھئي، پنھنجي ساڳئي گس تان، جتان کيس ھڪ قبرستان، گس ۾ پوندو ھو. شھر جي وچ ۾ اھوئي ھڪ قبرستان ھو، جيڪو زمين جي ننڍڙي ٽُڪر ۾ ڳتيل ھو، جنھن جون ڪجھه قبرون زمين جي پيٽ واريون حدون ڀڃي ھڪ ديواريءَ کان اڌ ٻاھر نڪري رستي ڏانھن منھڙ ڪيو پيون رستي ويندڙن کي تڪينديون ھيون، قبرستان ۾ ڪجھه گھاٽا کٻڙ ھئا، جن جو ڇانورو ڪجھه قبرن تي پوندو ھو . . .. . قبرستان جي ڀرسان ھڪ ڪنڊ کان ويران مندر ۽ شمشان گھاٽ ھو، جتي ڪو ورلي ڏيئو ٻرندو ۽ وسامندو ھو.
    ان رات گلزار حيرت ۾ پئجي وئي ھئي ته، ته ويران مندر جنھن جو ڪو اوھي نه واھي ، خاموش قبرستان جتي نڪو ساھ وارو، نه ڪو مجاور . . . . .!! اتي ٻار جو رڙيون. . . . . !!؟
    ھو خوف ۾ سراپجي وئي، کن پل لاءِ موٽ کائڻ جو سوچي بيھي رھي ھئي. سندس سمورا ڏوھ ان ٻار جي رڙين جيان رڙڻ لڳا ھئا. کيس ڊيڄارڻ لڳا ھئا، پر پوءِ گھر ورڻ جو سوچي ھُن طئه ڪيو ھو ته اڳ پوءِ اتان ئي ھلڻو آھي، پوءِ ڇو نه اڄ ھلجي . . . . ھوءَ، وڌي قبرستان جي ھڪ ديوار ٽپي قبرستان کي پاسيري ٿي، جيئن ئي ھوءَ قبرستان جي ويران منظر کي وائکو ڏسڻ لڳي، تيئن سندس ڪنن ۾ ڪنھن ٻار جو رڙيون تکيون گونجڻ لڳيون. ھو ڪنڊ ۾ بيٺل کبڙ جي اوٽ ۾ ڇپي بيھي رھي، ۽ ٻڌجندڙ رڙين جي پڙاڏي ۾ ٻار جو وجود ڳولڻ لڳي. نظرون ڦيرائيندي اوچتو سندس جسم مان سيسراٽيون نڪري ويون، وريام وٽان موٽڻ کان پوءِ سندس ساڻو ٿيل جسم خوف ۾ سيٽجي ويو. قبرستان جي وچ ۾، بتي جي روشني تي ھڪ تازو ڄاول ٻار رڙيون ڪري رھيو ھو.
    ”اوئان . . . .اوئان، او امان . . . . او امان. . . . “
    پر سندس ماءُ جي سڪل ڇاتين ۾ رحم جو ڪو گوھو نه ھو، جو مٿس ٻار تي ڪھل اچي، سندس ماءُ جون سُڪل ڇاتيون ڇڇڙن جيان بتي جي روشنيءَ کان شرمسار ٿي ترڪڻ لڳيون ۽ سندس چنبا ڪوڏر جي ڳن ۾ سوگھا ٿي ويا، ان کان اڳ جو ڪوڏر جو لپو معصوم جي دانھن کي دسي وجھي. مائي گلزار ھڪل ڪري چيو، ”بيھو، نه ويندو.“
    گلزار جي ھڪل تي سندس، نالائق ۽ ناجائز ماءُ پيءُ خوف کان ڪتي واري لُوھ ڪري ڀڳا، ۽ اونده ۾ گم ٿي ويا،
    ھو تڪڙي ٻار ڏانھن وڌي آئي ۽ کيس سيني لاٿائين.
    ”منھنجا ٻچا، تنھنجي امڙ توتان صدقي.“
    انھن لفظن ۾ ڪائنات جي سموري ممتا، ٻار جي ڇانئجي وئي، ھو چُپ ٿي ويو. ٻار جي ماٺ سان ئي گلزار جا وڦليل جذبا ھميشه لاءِ ٿانيڪا ٿي ويا. ھوءَ مڪمل ماءُ بڻجي پئي، ڪائنات جي ماءُ، جنھن جي فطرت معصوميت کي جھالت ۽ گناھ جي قبر ۾ جيئرو دفن ٿيڻ کان بچائي ورتو . . . . سندس ڪوجھو جسم، مجسمه مريم بڻجي پيو، سندس پٽيل ۽ لٻيل ڇاتيون عرش معلى جا گنبڊ بڻجي پيا . . . . ان لمحي ڌرتي ماءُ کي به مائي گلزار تي رشڪ اچڻ لڳو، جيڪا معصوميت کي پنھنجي سيني ۾ سانڍڻ جي خوف کان ڏري ۽ جھري رھي ھئي.
    مائي گلزار، سانوڻ کي کڻي گھر آئي، سندس تازي ڪپيل ناڙي جي وھيل رت کي صاف ڪري مٿس پھو رکيائين، ڄڻ ته ھن، سنسار جي ھر زخم مان وھيل رت تي مرھم رکي ڇڏيو . . . . کيس پنھنجي ھنج ۾ لوليون ڏئي سمهاريائين، جيئن رات جي ديوي ھر ذي روح کي سڪون جي ننڊ ڪرائيندي آھي. کيس فطري انداز ۾ پالي نپائي وڏو ڪيائين جيئن قدرت ھڪ گھرڙي کان تڪميل انسان تائين، حياتي کي پالي نپائي وڏو ڪيو.
    سانوڻ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، منجھس معصوميت ۽ فطرت ٻھڪڻ لڳي . . . . . سندس اخلاق ۽ رويو سراپا فطرت ھو، پر شايد فطرت ۽ معصوميت، ھن شيطان نگريءَ ۾ گھڻو جٽاءُ ڪري ناھي سگھندي، ان ڪري سانوڻ به ڪوجھي موت جي وڙ چڙھي ويو، ۽ مائي گلزار کيس پڪاريندي رھي.
    ”ٻچا سانوڻ ڳالھاءِ ته مان توکي ڇاتيءَ لائيان.“
    پر ھو، ڪُڇيو نه ڪي رڙيو، نه وري ”اوئان. . . . .اوئان . . . . او امان او امان . . . . .“ ورجايائين. شايد ان ڪري جو اڄ سندس ڌرتي ماءُ، فخر سان کيس پنھنجي ڇاتي ۾ سلھاڙڻ لاءِ آتي ھئي، جيڪا اک کيس پنھنجي سيني ۾ سانڍڻ جي خوف کان جُھري ۽ ڏري رھي ھئي.


    سگريٽ کي ڪٿان دکائجي؟

    سنڌو درياهه، ٺٽي جي ٻاهران پاڻيءَ ۾ ريٽ ملائي سمنڊ ڏانهن ڪاهيندو ڌوڪيندو ٿي ويو. سمنڊ کان اُٿندڙ واهوندي. اڇن ڪارن ڪڪرن کي اتر ۽ اوڀر ڏانهن گهليندي ٿي وئي. ڪينجهر جون نيريون ڇوليون، نوريءَ جي قبر جي گول ٿلهي کي ڇُهي رهيون هيون. موٽر لڳل هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ناکئو، موٽر بوٽ واري اسپيڊ ۾ ڪينجهر جي سيني تي ٻيڙيءَ کي تاريندي ٿي ويو ۽ ڪينجهر جون ڇيڳريون ڇوليون، ايترو ته مٿي ٿي ويون ڄڻ ڪيتريون ئي ڊولفن مڇيون گڏجي هڪ ئي وقت نچي ۽ ڪڏي رهيون آهن. پريان سونهيرڪي ڍنڍ ۾ هڪڙو تارُو، ٽامي جي وڏي مٽ تي ترندو، ڪناري ڏانهن ڪاهيندو ٿي آيو. سونهيرڪي ڍنڍ جي سونهري رنگ جهڙي پاڻيءَ ۾ اهو ڪاري ۽ سانوري رنگ جو تارُو جيڪو پڪ سان ملاح هوندو سو ڄڻ ڪنهن سوني زيور تي ڪاري ٻُڙي وانگر لڳي رهيو هئو.
    ٺٽي جي چؤگرد زندگيءَ جو رڙهندڙ احساس هو، پر سونڊا جي پراڻي ۽ تاريخي قبرستان سميت مڪليءَ تي ڄڻ ماٺ جي چادر تاڻيل هئي. درگاهون، مقبرا ۽ گنبذ به ڄڻ سنسان لڳي رهيا هئا، ڪنهن به مقبري جي چائنٺ کي ان گهڙيءَ، ڪنهن به قدم ڪونه ڇهيو هئو، سواءِ سلطان ابراهيم بن مرزا عيسى خان بيگ واري مقبري جي، جتان ٻه موالي، هيروئن پي نڪتا هئا.
    قبرن مٿان رکيل ڳورا پٿر پنهنجي وجود جي سخت خول ۾ ذڪر ڪري رهيا هئا. ثوابن جو ڪاروان، عرش معليٰ ڏانهن سفر ڪندي، خلائن ۾ هلندو ٿي ويو، پٿر سان اڏيل سمورن مقبرن ۽ قبرن ۾ هلندڙ خدائي ذڪر جي ڪنهن به ساهواري کي ڪا به کڙڪ نه ٿي پئي.
    ان رات به مڪليءَ جي هڪ وڏي درگاهه تي معمول وارو چوٻول متل هئو:
    ” اصحابي ڇوڙ دو ظالم، اصحابي توني مار ديا قاتل! ڇوڙ دو..... (مرداڻي آواز ۾ وري) مين اِس عورت ڪو نهين ڇوڙونگا، چاهي تو مُجهي مار دي، اصحابي مين ڪوئي معمولي هستي نهين هون...ميرا مقابلا مهينگا پڙيگا ... ڇوڙدي اصحابي...ظالم! ڇوڙدي.....“
    جيتريون هيون عورتون، اوترو هئو پِٽڪو، ڪَل ٿڙيل مردن جو به انگ هروڀرو ايترو گهٽ نه هئو. هڪڙو ٽيٽيهر جهڙو شخص، اصحابيءَ جي درگاهه ۾ ماتمي طواف ڪري رهيو ۽ ٻاهر آڳنڌ ۾ هڪڙو ٿلهو متارو همراهه، سنهڙن سُرن ۾ زناني آواز ۾ وڏي واڪي پار ڪڍي چئي رهيو هو:
    ”نهين ڇوڙونگي اس ڪو نهين ڇوڙونگي......“ پر زائفائن جي قلابازين جي ڳالهه ٻي هئي، انهن ڪرتبن ۽ قلابازين جي چٽا ڀيٽيءَ جي ڪري اصحابي جي درگاهه جي تقدس ڀرئي فرش تي ٿيندڙ ڌٻڪا ۽ ڌماڪا ڄڻ ڌرتيءَ تي فطري گناهه ڪرڻ جي اجازت گهرڻ واري مطالبي جو اظهار هئا ۽ انهن ڌٻڪن تي فرش، عرش ڏانهن ڏسي روئڻهارڪو ٿي ويو هو.
    اُن رات، آسيه جي جسماني ضرورتن جي شدت کي درگاهه جي هڪڙي سرڪاري رکوالي ماٺو ڪين ڪيو هئو. آسيه وٽ اڃان به اجهل اُڃ هئي. پر آسته وٽ شڪار ٿيندڙ شڪاري، آسيه جي جذبن ۽ اڌمن سان پنهنجي طاقت کي پورو ڇوٽ نه رکي سگهيو هو، جو هو نه ڪو ايڏو ڄاڻو هئو جو ڪنهن جي طوفانن جو زور ٽوڙي سگهي ۽ نه وري وٽس ارغونن ۽ ترخانن واري انگوري هئي جو گهڻو جٽاءُ ڪري سگهي، تنهن ڪري همراهه ڦِڪو مٺو ٿيندي اسُر ڪري ڇڏيو ۽ آسيه کيس اکين ئي اکين ۾ گاريون ڏيندي قبرن وچان ٺهيل پٿريلي پيچري تان پنهنجي گناهه جهڙيون بي لذت وکون کڻندي، مڪليءَ کان ڏور نڪري آئي.
    شام جي ڳاڙهاڻ، شاهبندر، چوهڙ جمالي، شاهه يقيق، ۽ جلالي بابا جي درگاهن مٿان شفق تي ايندڙ، رات جي شرم کان ڪاري ٿيندي وئي. اُن ساعت، هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ، ڪراچيءَ کان آيل بسن مان، هڪڙي بس جو آخري بريڪ، شاهه يقيق ۽ جلالي بابا جي نگريءَ ۾ کُتو.
    بس جي در مان لهندڙ حسرتن ڀريل، اميدن ڀريل، نراس ٿيل چهرن وارن ماڻهن جا پير، ڪلراٺي ڀونءِ تي پيا. سڀني کان آخر ۾ آسيه، بس جي پوئين گيٽ کان، پنهنجا اوجاڳيل ۽ ٿڪل قدم به ان ساڳي ڀونءِ تي لاٿا. هن جو اندر، روئڻهارڪو هئو. هوءَ، پنهنجا اڌما اندر ۾ گهُٽيندي، دٻائيندي، ننڍڙيون وکون کڻي هلڻ لڳي.
    ڪالونائيز ٿيل ٺوڙهن، ڏاڙهيلن، نسواري ۽ پان کائو ماڻهن جا عجيب عجيب منهن ڏسندي بازار ۾ ڪاهي پئي. بازار جي پهرئين گهٽ وٽ ويٺل موچيءَ کي ڏٺائين، جيڪو، سامائجندڙ ٻن افغاني ڇوڪرين جي ننڍڙين انبڙين جهڙين ڇاتين تي هِرکي رهيو هئو ۽ ڇوڪريون البيلائيءَ سان، کلي ساڻس کيچل ڪري رهيون هيون ۽ موچي ڄڻ سندن چپل کي ٽاڪو هڻڻ بدران، پنهنجي اڊڙندڙ دل کي سِبي رهيو هئو. آسيه جي اڃايل ڇاتين ۾ وري ساڳي بي چين سُرسُر ٿيڻ لڳي، ان سُر سُر مان نڪتل سُسراٽ ۽ ڌُرهڙيون، سندس ڇاتيءَ جي نرم ڌرتيءَ مان اڏامي پوٺي جي گهميل فضائن ۾ جذب ٿي ويون ٿي.
    هوءَ، شاهه يقيق ۽ جلالي بابا جي درگاهن جي پوٺن تي اوپن ايئر مسافر خانن جي رکيل کٽن ۽ بسترن کي ڏسندي هلي وئي. جن تي ويٺل ٻار، ٻُڍا، عورتون ۽ مرد گهر جهڙو ماحول ٺاهي ويٺا هئا.
    کٽن ۽ بسترن جو هوڪو ڏيندڙ پٺاڻ، ڦيريون پائيندي گراهڪ ڳولي رهيا هئا. ڪي افغاني وري اُتي سيمينٽيڊ بلاڪ جي ٺهيل مسافر خانن جي سوڙهن ڪمرن ۾ رهڻ لاءِ آماده ڪرڻ جو اٽڪلون ڪري رهيا هئا ۽ پهريون ڀيرو ايندڙ ماڻهن کي ڊيڄاري رهيا هئا ته:
    ”اهڙو سٺو ڪمرو ڀرجي ويو ته وري نه ملندن.“
    آسيه، شاهه يقيق جي درگاهه جي حاضري ڀرڻ کان سواءِ ئي جلالي بابا جي درگاهه جو رخ ڪيو. آسيه جي پٺيان پٺيان آسيه جهڙي هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت به هئي، اُها شايد سندس مائٽياڻي هئي. آسيه جا پاڻ مرادو کڄندڙ قدم، انهن پيچرن سان شناسائيءَ جو ثبوت ڏئي رهيا هئا. جلالي بابا جي درگاهه، شاهه يقيق جي درگاهه کان فرلانگ ڏيڍ کن پري هئي. ٻنهي درگاهن جي وچ ۾ سارين جي فصل، سم جي پاڻي ۽ مينهن ۽ برساتن جي جمع ٿيل پاڻيءَ جي هڪ ڍنڍ ٺهي وئي هئي. ڍنڍ ۾ ٻُور واري پن، شاڪر (منڍا)، ڪميون ۽ ڏيڏريون جام هيون اُن ڍنڍ جي وچان، ٽن فوٽن جي مختصر ويڪر وارو پيچرو، جلالي بابا جي درگاهه ڏانهن ٿي ويو پيچري تي پينو عورتون، ٻار ۽ پوڙها، پني رهيا هئا. ڪجهه ٻار، ڪنڍين سان ڍنڍ مان شاڪر ڦاسائڻ ۾ مصروف هئا.
    آسيه پيچري تي پهچڻ کان پوءِ ٿورو تکي ٿي وئي، پر ٿڪ جي ڪري هوءَ، گهڻو تکو هلي ڪونه سگهي. سندس ذهن جون ڪيفيتون کيس ڪٿي گم ۽ گمنام ڪري رهيون هيون، پر پوءِ به کيس پنهنجي حيثيت ۽ سڃاڻپ جو پورو پورو احساس هو.
    پيچري تان ويندڙ ٽن نوجوانن کيس ڏسڻ کان پوءِ نظر انداز ڪري ڇڏيو هئو ۽ کيس گذري وڃڻ جي جاءِ ڪونه ڏني، تنهنڪري هوءَ، سندن پٺيان پٺيان هلندي آئي. رکي رکي، هوءَ، ٽنهي نوجوانن جون ڳالهيون ڪنائي رهي هئي. هتان جي بزرگن، اوليائن ۽ درگاهن جون حاضريون ڀري ۽ اتي ملندڙن سان عارضي وقت- گذارين سبب هوءَ هتان جي ٻولي سمجهڻ لڳي هئي.
    مسعود، ساحر کي ٻڌائي رهيو هو ته: ”ننڍپڻ ۾ هو به پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان گڏجي هتي ايندو هئو ۽ هن ئي ڍنڍ مان، ٽاچڻيءَ سان ٺاهيل ڪنڍيءَ سان ننڍيون ننڍيون مڇيون ڦاسائيندو هئو.“
    ساحر، جيڪو گهمندڙ ڦرندڙ ۽ کائيندڙ پيئندڙ نوجوان هئو تنهن کيس کلندي چيو، ”۽ هاڻ ڇا لاءِ ايندو آهين؟“
    ”هاڻ... هاڻ به جلالي بابا گهرائيندو آهي... ڇو ته جلالي بابا، جنن جون ورتل، زندگيءَ جي مزي واري تلاءَ مان نڪتل ڦٿڪندڙ ڪُرڙيون، مون ڏي ريفر ڪندو آهي.... مان انهن جي جنن سان جٺيون ڪندو آهيان... اُهي مڇيون ڦاسائيندو آهيان، جيڪي ڦٿڪي ڦٿڪي ترڪي ته وينديون آهن پر مري نه سگهنديون آهن...“
    مسعود کليو ۽ ساحر ٽهڪ ڏئي چيو، ”ٻڌو اٿم ته جلالي بابا پنهنجي ڀرسان ڪو به مردو پورڻ ناهي ڏيندو. اڳي جڏهن ڪوئي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجو مردو پوري ويندو هئو ته ٻئي صبح جو اُهو مردو ٻاهر پيو هوندو هئو يا ڪفن سوڌو ڪنهن وڻ ۾ پيو هئو لٽڪندو....“
    مسعود کلي وراڻيو: ”مون به اِهو ئي ٻڌو آهي پر يار! جيئرن ماڻهن کان وڌيڪ ڀلا مُردا خطرناڪ هوندا آهن ڇا؟ جلالي بابا، جيئرن سان جُٽيو پيو آهي، مئلن کي پنهنجي ويجهو سهي ئي ڪونه ٿو!“
    ساحر چيس، ”صفا ڪو درويش آهين... جڏهن ماڻهو، جلالي بابا وٽ جن کڻي ايندا آهن ته جلالي بابا ڪو اِتي ٿورئي هوندو آهي!! ڪڏهن جو قبر ڇڏي هليو ويندو آهي، جنن سميت ماڻهن کان پيو پناهه گهرندو هوندو....“
    مسعود وري ساحر کان ستائڻ واري انداز ۾ پڇيو،
    ”پوءِ جنن وارن ماڻهن جي حاضري ڪير لڳرائيندو آهي ۽ منجهن ويٺل جنن کي سزائون ڪير ڏيندو آهي؟ هاڻ هلي ڏسجانءِ ته جنن کي ڪيئن ٿي پادريشن ٿئي!“
    ساحر پنهنجي ننڍڙن گول ڊولائتن ڳاڙهن چپن تي هلڪي مرڪ آڻيندي چيو،
    ”ماڻهن جي اندر ۾ ويٺل، پنهنجي هٿن جو ٺاهيل جلالي بابا! ۽ جنن کي پادريشن به اُهو ئي ڪندو آهي.“
    شهزاد جيڪو ساڻن گڏ هئو ۽ اڪثر وقت ماٺ ۾ رهندو هئو، تنهن ساحر سان سهمت ٿيندي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو.
    مسعود وري ساحر ڏي شرارتي انداز ۾ ڏسندي، سنجيدگيءَ سان پڇيو، ”ساحر! ماڻهو، پنهنجي ذهنن ۾ جلالي بابا ڇا لاءِ پيدا ڪندا آهن؟“
    ساحر، مسعود ڏي ڏٺو ۽ پوءِ اوچتو سندس ڌيان پٺيان ايندڙ آسيه ڏي ويو آسيه جي اکين ۾ ڏٺائين، جنهن کيس اکين ئي اکين ۾ ڪجهه ٻڌايو، ۽ شايد اِهو مسعود جي سوال جو جواب هئو، جيڪو هن ساحر کان پڇيو هئو.
    ساحر، مسعود ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين:
    ”پنهنجي وجود جو، پنهنجي وجود جي حيثيت جي اظهار ڪرڻ لاءِ، پنهنجي هئڻ جي ثبوت ڏيڻ لاءِ، پاڻ کي پنهنجو پاڻ ريئلائز ڪرائڻ لاءِ ۽ Self Expression پاڻ کي اظهارڻ لاءِ.“
    ”مسعود وري به شوخ انداز ۾ ساحر جي اکين ۾ ڏٺو ۽ پڇيائين،
    ”ساحر! ماڻهو Self Expression لاءِ درگاهن تي ئي ڇو ايندا آهن؟“
    ساحر چپ ٿي ويو.
    ”ٻڌاءِ نه ساحر...!“
    ساحر، مسعود ڏي ڏٺو ۽ کلي وراڻيو،
    ”ڄڻ تون ڄاڻين ئي نه ٿو!“
    ”نه، خدا سان... سچي مان اٻالو آهيان.“
    ”چڱو منهنجا معصوم اٻالا! صبح جو ٻڌائيندوسانءِ.“
    ساحر، پٺيان آسيه جي اکين ۾ ڏٺو، جن ۾ ڪو چور وڦلي رهيو هئو. ۽ پوءِ اوچتو آسيه ڀڙڪو کائي هڪ رڙ ڪئي:
    ”او جلالي! مين مر گئي“ ۽ درگاهه جو رخ ڪري، کين ڌِڪو ڏئي وٺي ڀڳي.
    ”ساحر! هن کي ڇا ٿي ويو اوچتو... اڳ ۾ ته ماٺ ڪيو پئي آئي.“
    ”ذهن ۾ ويٺل جلالي بابا، حاضري شروع ڪئي هوندس.“
    آسيه، جلالي بابا جي مقبري اندر ڪونه وئي. مقبري کي چئني پاسن کان جيڪي دريون هيون، انهن مان هڪڙيءَ دريءَ جي شيخن ۾ هٿ وجهي ڪجهه ساعت بيهي رهي. ڪجهه دير ئي نه گذري ته سندس اکين جا تارا ڦرندا ويا، هن پنهنجي ڪنڌ کي مروڙڻ ۽ وٽڻ شروع ڪيو، ڄڻ ڪوئي سندس ڪنڌ هٿ سان ڀڃندو هجي ۽ پوءِ هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون: ”
    او جلالي بابا! جلا.....للا.... لي او جوٺي... او فريبي... دغاباز جلالي...!“ ۽ پوءِ هوءَ، مقبري جي ٻاهران ٺهيل چوڦير ٿلهي تي چڪر ڪاٽڻ لڳي. بلڪل ائين ئي ٻيون به کوڙ عورتون ساڳيو عمل دهرائيندي، لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال مان گذري رهيون هيون. تڪڙيون ڊوڙنديون، سهڪنديون، وڦلنديون، دانهون ڪنديون، ڪوڪون، چيخون ۽ واڪا ڪنديون چونديون رهيون:
    ”او جلالي! توني مار ديا بي رحم! بي درد اتنا درد مت دو... ڇوڙ دو... ڇوڙ ڪيون نهين ديتي... مت مارو ظالم جلالي بابا! اتنا جلال نه دکائو...“
    ائين چئي زور سان مقبري جي ديوارن تي مٿو ٽڪرائڻ مٿي ٽڪرائڻ سان گڏوگڏ هيٺ سيمينٽيڊ ٿلهي جي فرش تي ڌٻڪو ڪري ڪرڻ ۽ رڙين سان جيڪي آواز ماحول تي ڇائنجن پيا، انهن آواز ۾ هڪ عجيب وحشت ڀري دهشت هئي.
    ان گوڙ ۾ آسيه به شامل ٿي وئي:
    ”او جلالي! جوٺي.... ڇوڙ دي، مار ديا... ظالم مارديا... اتني تڪليف نه دو... او جلالي!....“
    آسيه لڙکڙايل وکن سان هلندي، پنهنجا ٻئي هٿ، دُن کان هيٺ، پيٽ جي آخري حد تي رکيا ۽ وري چوڻ شروع ڪيو:
    ”او جلالي! جوٺي.... ڇوڙ دو....“ ۽ پوءِ ڌٻڪو وڃي، پٺيءَ ڀر جلالي بابا جي مقبري جي ڀت سان ڪيائين. پيٽ وٽان هٿ ڪڍي، هٿن جي ترين سان ڀت کي زور زور سان چنبا هڻڻ لڳي ۽ پوءِ اوچتو پنهنجي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي، ڪنڌ هڻڻ شروع ٿي وئي، سندس وار کلي ويا هئا ۽ ڄڻ هوا ۾ ڪا جهار هڪلي رهيا هئا.
    ساحر کيس غور سان ڏٺو. دل ۾ سوچڻ لڳو: ڪيڏو نه دليرانا انداز آهي Self expression جو.... پاڻ کي پاڻ اذيت ڏيڻ..... Sadist (اذيت پسند) به ڪيڏي نه گريٽ شيءِ هوندا آهن!
    آسيه وري مقبري جي چوڦير، چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيا. آسيه جي جوش ۾ هاڻي تيزي اچي وئي هئي. ساحر کيس ڏسندو رهيو. ان گهڙيءَ ٺوٺ هڻندي کيس مسعود چيو، ”هو ڏس ڪڪڙ....“
    ساحر، شهزاد ۽ مسعود جو ڌيان هاڻ اُن ماڻهو طرف هئو، جيڪو جلالي بابا جي مقبري جي دروازي جي ٻاهران ڪڪڙ وانگر ٻانگون ڏئي ڦڙڪيون هڻي رهيو هئو.
    ”مسعود! واهه جو ٿيئٽر آهي، ماڻهن سان گڏ جانور به آهن. ٽريجڪ سين به آهن ته ڪاميڊي به آهي. ڀيڻسان ڪڪڙ جو پٽ، پڪ سان اڳئين جنم ۾ ڪو مسخرو، ڪڪڙ هوندو.“ ائين چئي ساحر، وري آسيه ڏي ڏسڻ لڳو. آسيه جا ڪرتب، سرڪس جي ڪنهن قلاباز (جمناسٽڪ) ڇوڪريءَ کان گهٽ نه هئا. آسيه جي ڪرتبن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ ٻيون به کوڙ قلاباز ڇوڪريون ۽ عورتون:
    ”جلالي! جلالي!“ ڪنديون پنهنجا پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ وڌيڪ پُرجوش ٿي ويون. عورتن جا اُهي لقاءَ ۽ رڙيون، پاڻ کي پاڻ ڏيندڙ اذيتون، درد ڀريا جهٽڪا، سور ۽ سوز ڀريا آواز ائين ٿي ماحول ۾ ٻريا، ڄڻ دنيا جون سڀ محروميون، ڪائنات سان، بي انصافيءَ تي احتجاج ڪري رهيون هيون.
    ساحر پريشان ٿي ويو اُن ويل کيس ايئن لڳو ته هي ماتم دنيا جي سڀني مردن جي (Mental Impotence) ذهني نامرديءَ تي ٿي رهيو آهي... مسعود ڏي ڳنڀير ٿيندي، ڏسي چيائين:
    ”مسعود يار! هي ڪهڙو ظلم آهي؟ ڪهڙو تماشو آهي، مان ته ڊپريس ٿيندو پيو وڃان.“ ساحر جو آواز ڄڻ گُهٽجندو ويو.
    ”چپ ڪري، ويهي تماشو ڏس. چانڊوڪي آهي نه... چانڊوڪيءَ ۾ جنن کي ڪجهه سرس مستي اِيندي آهي.“
    ”ڪير ٿو چوي ته جنن کي چانڊوڪيءَ ۾ مستي ايندي آهي.“ ساحر، مسعود ڏي تعجب ڀريل ڪاوڙ وچان ڏسندي چيو.
    ”اڙي يار! مان ٿو چوان ڇا؟ درگاهه جي مجاور ٻڌايو آهي.“
    ساحر کي ڄڻ چڻنگ لڳي وئي، چيائين:
    ”چانڊوڪيءَ ۾ جنن کي مستي ته ڪونه ايندي آهي، باقي نانگن، سمنڊن ۽ عورتن کي مستي ايندي آهي.“
    ”اڙي يار نانگ، سمنڊ ۽ عورتون، جن ناهن ڇا؟ باقي جيڪو تون سمجهين.“
    شهزاد، جيڪو سدائين فلاسافر ٿيو ويٺو هوندو هئو، تنهن چيو، سڀ هسٽريا جون مريض آهن... هسٽريا جا به ته کوڙ قسم آهن، جن جون مختلف ڪيفيتون ۽ تڪليفون آهن. ڏسو نه چوندا آهن ته هسٽريا، رڳو عورتن کي ٿيندي آهي، جو سندن شرم گاهه (Vagina) جي خرابين جي ڪري هسٽريا ٿيندي آهي... پر ايئن ڪونهي... هسٽريا ته مردن کي به ٿيندي آهي. هسٽريا جي مرد مريض کي به ايئن ئي پيٽ ۾ هڪ گولو اُڀرندي محسوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ اُهو گلي ڏانهن وڌندو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ۽ مريض کي ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ ڪوئي کيس گهٽو ڏئي رهيو آهي. اُهي گولا ڪي ننڍڙا (مائينر) هوندا آهن ته ڪي وڏا (ميجر) هوندا آهن ۽ انهيءَ ڪيفيت ۾ مريض پاڳل ٿي پوندو آهي. خاص طور تي عورت ته اڪثر، ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ڪمزور ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ عورت جي شرمگاهه ۾ شديد حرڪت ٿيندي آهي،جنهن جي پوراءُ نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ بيماري Puerperal Mania ٿيندي آهي. اُن کانسواءِ اڪثر بالغ ڇوڪرين ۾ جنسي لاڳاپن جي خواهش ٿيندي آهي، جنهن جي پوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ هوءَ اڪثر موري، ڪيلي، واڱڻ يا ڪنهن ٻي شيءِ جو سهارو وٺندي آهي، ڪي عورتون ته جانورن مان جنسي تسڪين ماڻينديون آهن، جنهن کي (Zoophilia) جانورن کان لذت وٺڻ چئبو آهي. ٻيو ڪجهه به نه ملڻ تي عورتون پنهنجي هٿ جي آڱر سان پنهنجي شديد نفساني خواهش پوري ڪنديون آهن، جنهن کي (Onanism) يعني انگشت زني چئبو آهي، جيئن جنسي فرسٽريشن جو شڪار مرد ۽ بلوغت ڏي وڌندڙ نوجوان، ناآسوده ۽ اڃايل گهرجن جي پورائي هٿ لس ڪرڻ (Masturbation) مشت زني ڪرڻ سان ڪندا آهن. ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ حڪيم انهن عملن کي صحيح قرار ڏيندا آهن، پر بهرحال اِهي عمل ٻنهي طرفن کان خطرناڪ آهن. عورت سان ٿيندڙ جذبن جي Suppression جيڪا بيماري پيدا ڪندي آهي، ان کي (Puerperal Mania) چئبو آهي، جيڪا ٻارن جي گهڻائي ڄڻڻ سان ۽ ٻين ڪمزورين ۽ جنسي مونجهارن سان پيدا ٿيندي آهي. ان کان سواءِ ٻيون به کوڙ بيماريون آهن. مثال طور: ڪا ڪنواري ڇوڪري، پيٽ سان ٿي ويندي آهي ۽ ڳالهه ڪنهن کي ٻڌائي به نه سگهندي آهي، پوءِ کيس اُها حالت چريو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ شريف ۽ پرديدار خاندانن جون ڇوڪريون، جيڪي سخت پابندين هيٺ هونديون آهن ۽ پنهنجون جنسي خواهشون دٻائڻ تي مجبور ٿي پونديون آهن، اُهي مختلف روڳن ۾ وٺجي وينديون آهن، جن کي (Delirium) وڦلڻ يا هزيان، (Hallucination) وهم ۽ اجاين سودائن، (Chorea) ڏڪڻي يا رڦڻ، (Epilepsy) مرگهي، (Nymphomania) نفساني خواهش جي زيادتي، جنهن جي مريض کي (Nymphomaniac) چئبو آهي ۽ (Insanity Melancholia) پاڳل پڻو يا جنون جهڙيون بيماريون سمجهيو ويندو آهي، ۽ مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ سيڪس بس رڳو گناهه آهي. سيڪس ايجوڪيشن جو ناهي....“
    ساحر، آسيه ڏي ڏٺو ۽ سوچيو،
    ”واقعي، شهزاد ٺيڪ ٿو چوي آسيه به اهڙين حالتن جي ور چڙهيل آهي. يا شايد اڃان به ڪا ٻي بيماري اٿس.“
    ساحر، آسيه کي ڏٺو، آسيه ساڻس اکيون ملائڻ شروع ڪيون. هن، آسيه جي جن کي اک هنئي. آسيه جي جن وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيو ۽ ليٿڙيون پائڻ لڳو پر آسيه جي هڪ خوبي هئي، ايئن چئجي ته اها آسيه جي جن جي خوبي هئي جو هوءَ، ٻين عورتن وانگر ليٿڙيون پائيندي، ٿلهي کان پنج فوٽ هيٺ ڪونه ٿي ڪري، پر ٿلهي جي حد ختم ٿيڻ وٽان هڪدم، وري پنهنجو پاڻ موٽي واپس ٿي آئي ۽ اچي ڪڏهن مقبري جي ڀت سان ته ڪڏهن وري ٿلهي تي ويٺل ماڻهن سان ٽڪر ٿي هنيائين.
    ان حالت ۾ وري ساحر هڪ ڀيرو ٻيهر، آسيه جي جوش ورتل جن کي اک، ڀڳي، جن جي حالت خراب ٿي وئي. پاڻ کي پٽڻ ۽ مارڻ شروع ڪيائين. جن، ليٿڙيون پائيندو، سهڪندو، شور ڪندو ساحر جي ويجهو آيو کيس پاسا هڻندي، چپن ئي چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي، اُٿي کڙو ٿيو ۽ وري مقبري جو طواف ڪرڻ شروع ڪيائين.
    ”ساحر هيڏانهن ته ڏس، ڪڪڙ هاڻي پشتو ۾ ٿو ڳالهائي.“
    ”ڳالهائڻ ڏينس.“ ساحر، آسيه مان نظر هٽائڻ کان سواءِ ئي چيو.
    ”اڙي ٻڌ ته سهي نه، جلالي بابا سان پشتو ۾ وڏي conversation ڪيو ويٺو آهي.“
    ساحر ٽهڪ ڏئي چيس،
    ”جلالي بابا ڪهڙا آرگيومينٽس ڪندس، جلالي بابا جو جلال، فقط مُردن سان هوندو آهي، جنن ۽ جنن ورتل ماڻهن سان نه.“
    ”اڙي ڀيڻان! بدعتي، منڪر! ڪجهه ته خيال ڪر...“ مسعود ڏاڍي عالمانه سنجيدگيءَ سان چيس،
    ”جلالي بابا کي جلال اچي ويو ته هڻي پورو ڪري رکندئي.“
    ”پهرئين انهيءَ ڪڪڙ کي ته پورو ڪري، جيڪو گاريون ويٺو ڏئيس. پر جلالي بابا آهي ڪٿي، ڀڄي ويو پِڙ ڪري، زاري آهي زاري! شال نه ڪو ولي ٿئي، ماڻهو جيئري ته ڪونه ڇڏيندس پر قبر ۾ به سک ماڻڻ ڪونه ڏيندس.“
    ”ساحر! هاڻي ڏس، ڪڪڙ جي پشتو، ڪنهن ڪونه ٻڌي ته وري پنجابيءَ ۾ ڳالهائي، هينئر اردوءَ ۾ شروع ٿيو آهي.“ مسعود، ساحر کي ڪڪڙ ڏي متوجهه ڪرايو.
    ”اڃان ترس، ڪٿي ٿي ڳالهه، انگريزي به ڳالهائيندو ۽ وس هلندس ته عربيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪندو.“ ايئن چئي ساحر ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
    مقبري جو دروازو قائم ٿي ويو آسيه ۽ ٻيون عورتون، پنهنجا ڪرتب ڏيکاري، ٿڪجي سهڪي ساڻيون ٿي، ٿلهي تي ويهنديون ويون. ڪڪڙ پنهنجي اداڪاريءَ جو شاندار مظاهرو ڪندي، تقرير ڪرڻ شروع ڪئي. هڪڙي پيرسن کي مخاطب ٿيندي چيائين،
    ”اي پوڙها تنهنجو پٽ، توکي صحيح ۽ سالم حالت ۾، رڳو نورانيءَ جي درگاهه تي ملندو. اُتي هو، انهن تعويذن کان آجو ٿيندو، جيڪي ان تي، مائٽن ڪيا آهن.“
    پيرسن جيڪو ڪڪڙ جو پيءُ ئي هئو، وڌي سندس ويجهو آيو ۽ گوڏا کوڙي ويهندي چيائين،
    ”فقير سائين! نورانيءَ تي منهنجو پٽ ٺيڪ ٿي ويندو نه؟“
    ڪڪڙ، ڏاڍي داٻي سان گجگوڙ ڪندي وراڻيس،
    ”پر ياد رک، تنهنجي پٽ جي جتي چاهت هئي، اُتي تو، اُن جي شادي ڪونه ڪرائي. اتي کيس ڪونه پرڻايو آهي يا مان غلط ٿو چوان؟“
    پيرسن عاجزيءَ سان وراڻيو،
    ”ها فقير سائين! سچ ٿا چئو، مون کان برابر اِها غلطي ٿي آهي. پر جيڪو ٿيڻو هئو، اهو ته ٿي ويو نه.“
    اهڙي گفتگو ٻڌي، ٻيا مرد عورتون، زيارتي ۽ سوالي سڀ ڪڪڙ جي چوڌاري گول دائرو ٺاهي ويهندا ويا. ايئن ٿي لڳو، ڄڻ ڪا ڪئمپ فائر هجي.
    ڪڪڙ کي پهتل روح، سمجهي کوڙ عورتون، ڪڪڙ کان پنهنجي قسمت جو حال پڇڻ لڳيون ۽ دعائون پنڻ لڳيون.
    ڪي ماڻهو وري ڪڪڙ کان پنهنجا مقصد پڇڻ لڳا ۽ ڪڪڙ، الله جي ڏني مان هڻندو ويو. ماڻهو، بشارتون ميڙيندا رهيا. ڪڪڙ، بشارتن ڏيڻ کان پوءِ هڪدم هوا ۾ دعا لاءِ هٿ بلند ڪيا،
    ”يا الله! هن پنهنجي گناهه گار بندي کي نه ڏس. جلالي بابا جهڙي وليءَ جي صدقي، سڀني جون مُرادون پوريون ڪر.“
    ماڻهن به دعا لاءِ هٿ کڻي، دل جي گهراين سان آمين آمين چوڻ شروع ڪيو. ڪڪڙ دعا گهرندو رهيو،
    ”يا الله! مون کي عذاب ڏي، پر منهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.“ ڪڪڙ دعا ۾ ٻاڏائڻ لڳو. ماڻهو، کيس ابدال سمجهڻ لڳا. ماحول تي ڪڪڙ ڇائنجندو ويو.
    مسعود، ساحر جي ڪن وٽ پنهنجو وات آڻيندي سس ڦس ڪندي پڇيو، ”ساحر! عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“
    ”ترس پوءِ ٻڌايان ٿو، في الحال مان، پيشاب ڪرڻ ٿو وڃان.“ ساحر معنيٰ خيز انداز ۾ چيو ۽ غير محسوس طريقي سان اٿي، آسيه کي اک جو اشارو ڏنائين. ساحر، آهستي آهستي، جلالي بابا جي مقبري کان اڌ فرلانگ کن پرڀرو لئي جي وڻن ۾ هليو ويو ڪجهه ساعت کان پوءِ آسيه به لوڻا هڻندي، سندس پويان لئين ۾ هلي وئي.
    ”ڪٿان آئي آهين؟“
    ”پنڊيءَ کان.“
    ”ڇا لاءِ؟“
    ”اهو ٻڌائڻ ضروري ته ناهي.“
    ”تنهنجي مرضي، اها گڏ ٻي ڪير اٿئي؟“
    ”منهنجي وڏي ڀيڻ آهي.“
    ”ان ويچاريءَ کي ڪهڙي ڏوهه ۾ دربدر ڪيو اٿئي؟“
    ”تنهنجو ڇا وڃي؟“
    ”ڪجهه ته منهنجو به وڃي ٿو نه.“
    ”ڏاڍو حرامي آهين.“
    ”نه، حرامي ته منهنجا ٻچا ٿيندا.“
    ”زال هوندي به اهڙا ڪم ٿو ڪرين؟“
    ”زال ڪٿان آئي مون مسڪين وٽ، تو جهڙيون ملي وينديون آهن ته زال جي ضرورت ڪونه پوندي آهي.“
    ”چڱو ڇڏائي وٺ، وقت نه وڃاءِ.“
    ”تنهنجو مڙس ڇا ڪندو آهي؟“
    ”ٽرڪ ڊرائيور آهي.“
    ”۽ تنهنجا مائٽ؟“
    ”بس آهن، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟“
    ”چڱو ويجهو اچ.... ڇاتيون ته قهر جون اٿئي!“
    ”جاءِ ته ڪا چڱي تاڙين ها. مسافر خاني ۾ کٽ وٺڻ جا پئسا ڪونه اٿئي جو هيڏانهن آيو آهين... هتي رڳو گونهه ئي گونهه پيو آهي، ڌپ ساڙيو ٿي وڃي....“
    ”اوقاف کاتيوارا، جلالي بابا جي درگاهه وٽ ڪاڪوس خانا، نه ٿا ٺهرائين. اُن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي ڀلا؟ پر خبرناهي ڇو جلالي بابا، پاڻ ئي ڪاڪوس خانا ٺهرائڻ ۾ انٽريسٽيڊ ناهي.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”ته پوءِ ڇا، صبح جو مزا هوندا، سڀ ماڻهو، هنن لئين ۾ ايندا، او هوڏانهن سارين ۾ ويندا، پريان ڪمند ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندا. هٿن ۾ لوٽا کڻي، جيئن ئي ڪمند ۾ گهڙڻ جي ڪندا ته ڪمند جو مالڪ لٺَ کڻي پويان ويندن ۽ چوندن، ”ادهر نهين آؤ، دوسري طرف جا ڪر ٽٽي ڪرو... ويچارو ڪمند، پوکائي اچي ڦاٿو آهي. هاڻي ڀلا ڪمند ۾ ٻيو به ڪجهه ٿئي ۽ اتي وڃي ڪير گونهه ڪري اچي، ته باقي ڇا بچيو؟“
    ”سچو آهين....؟“ آسيه وات تي هٿ ڏئي کلڻ لڳي ۽ پوءِ آسيه جي کل ۾ کجڪو به شامل ٿي ويو. ساحر سان گڏ هن جوانيءَ جي ڪمند جي مٺين گرين کي چوسڻ شروع ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن گُرين جو مٺو رس ختم ٿيو ته هو اُٿي کڙا ٿيا.
    ”سڀاڻي جو ڇا پروگرام اٿئي؟“
    ”سڀاڻي اسان، شاهه موسيٰ جي درگاهه تي وينداسين، هن ڀيري اِها زيارت به ڪرڻي آهي.“
    ساحر دل ئي دل ۾ چيو:
    ”لڳي ٿو ته اڃان پيٽ ڪونه ڀريو اٿئي تنهنجي پيٽ ۾ جڪو بائو گولو آهي، اُهو توکي اڃان گهڻو رلائيندو.“
    آسيه، ساحر کي ٻک هڻي، هڪ آخري ڊگهي چُمي ڏيندي چيو،
    ”چِلڪڻا! چڱو هلان ٿي.....“
    ساحر نه چاهيندي به چيو:
    ”...... تنهنجي مرضي، اڃان ته سويل آهي....“
    ساحر واپس آيو ڪڪڙ اڃان تائين، ماڻهن جا هٿ، دعا ۾ بلند ڪرائي، پنهنجي طويل دعا ۾ مصروف هئو:
    ”اي الله! ڪل انبيائن جي صدقي... يا رسول! ڪل اوليائن جي صدقي...“
    ساحر، مسعود جي ڀر ۾ ويهندي، هڪڙو فاتحاڻو آرس ڀڃيندي پڇيو،
    ”ڀلا سمهڻ جو ڇا ٿيندو؟“
    ”يار! ڪلاڪ ٿيو آهي، هن ڪڪڙ جي دعا کٽي ئي ڪانه ٿي... الائي ڇا مرضي اٿس.“
    ساحر، پريان ڀيڻ سان ويٺل آسيه ڏي ڏٺو، جيڪا ڏاڍي مطمئن پئي لڳي ۽ چيائين،
    ”ماڻهو ته پنهنجون دعائون اگهائي به آيا ۽ هن ڪڪڙ جي دعا....، پاڻ وانگر بد دعا بڻجي وئي اٿس....“ ساحر مُرڪي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    شهزاد، اوٻاسي ڏيندي چيو:
    ”چڱو اٿو ته هلي، ڪٿي بسترو وٺي سمهون.“
    مسعود چيو:
    ”نه، بسترو ڇو وٺون جلالي بابا جي ٿلهي کان هيٺ تڏي تي ٿا سمهون....“
    ساحر، آسيه ڏي ڏٺو، جيڪا ٿلهي جي ڪنڊ تي ڀيڻ سان سمهڻ جي تيارين ۾ هئي، وڏي سرچيائين:
    ”يار مسعود! هيٺ ڇو سمهون، جلالي بابا جي ٿلهي تي پيرانديءَ کان سمهي ٿا پئون. ٻيا به ته ماڻهو ته سُتا پيا آهن نه.....؟“ آسيه، ڄڻ اُهي ڪوڊ سمجهيا ٿي.
    شهزاد بيزاريءَ وچان چيو،
    ”جيڪا اوهان جي مرضي في الحال هلو ته چانهه پي اچون تيستائين، هن مروان ڪڪڙ جي تقرير به پوري ٿي ويندي، ڀيڻسان دماغ ئي چٽي ويو آهي... ڏاڍو لُڙ ڪيو اٿائين.“
    هُو ٽئي اٿي چانهه پيئڻ لاءِ ٿورو اڳيان بازار ۾ هليا ويا. مسعود کي وري جُهجڪي اچي وئي.
    ”ساحر! ٻڌايئه ڪونه ته، عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“
    ”هاڻ هلي چانهه پي ۽ پوءِ هلي ننڊ ڪر. ٻار، رات جو اهڙيون ڳالهيون ناهن ڪندا.“
    ”اڙي خبر اٿئي مان هاڻ وڏو ٿي ويو آهيان.“
    ”ڪير چوندو آهي، توکي ڪير ٿو چوي؟“
    ”مون کي بابا چيو ته پٽ مسعود هاڻ تون بالغ ٿي ويو آهين.“
    ”ڀلا تنهنجو بابا، بالغ ٿيو آهي.“
    ”گهڻو اڳ ۾.... بابا ته تڏهن بالغ ٿيو هئو جڏهن مان ڄائو هئس....“
    ساحر، وات تي آڱر رکندي چيو،
    ”ماٺ ڪر، ماڻهو يسوع مسيح بڻائي، صليب تي ٽنگي ڇڏيندئي.“
    هو، چانهه پي، سمهڻ لاءِ اُٿيا. ساحر، آسيه جي خيالن ۾ گم ٿي ويو:
    ”هن جو مڙس، ٽرڪ ڊرائيور آهي. مهيني ماسي گهر ايندو هوندو ۽ جي ايندو به هوندو ته آسيه کي وقت ڪٿي ڏيندو هوندو، ۽ وقت ڏيندو به هوندو ته آسيه جي وقت سان وقت ڪيئن ملائيندو هوندو؟ وقت ملائيندو هوندو به يا نه.... اتر قطب، ڏکڻ قطب کي ڇڪيندو آهي. هڪ جهڙا قطب، هڪٻئي کي ڌڪيندا آهن.... مخالف قطبن ۾ ڇڪ هوندي آهي.... عورتون ڪيڏو نه برداشت ڪن ٿيون. عورت ۽ ڌرتيءَ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي. پنهنجي سيني تي به برداشت ڪن ٿيون ته سيني جي اندر پناهه به ڏين ٿيون.....“ هُو خيالن ۾ گم، مسعود ۽ شهزاد کان گهڻو اڳتي نڪري آيو.
    مسعود ۽ شهزاد، ڪافي پوئتي هڪ مسافر خاني جي ڪمري وٽ بيهي رهيا. ڪمري جي هنڌان هنڌان نڪتل سرن واري هڪڙي سوراخ مان بيهي ڪجهه ڏسڻ لڳا ۽ هُو ڪجهه نه ڪجهه ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪمري جي اوندهه سان جنگ جوٽيل چانڊوڪيءَ جي چانديءَ جهڙن ڪرڻن ۾ هنن ڏٺو ته هڪڙو پٺاڻ، پنهنجي زال کي پٺيان، سوئر وانگر چُهٽيو پيو هئو.
    ساحر کي اوچتو اڪيلي هجڻ جو احساس ٿيو. مُڙي هنن ڏي ڏٺائين. پريان رڙ ڪري پڇيائين،
    ”ڇاهي ڙي! ايڏانهن ڇا جو ٿا نائيٽ شو ڏسو؟“
    مسعود ۽ شهزاد وات تي هٿ رکي... کي کي.... ڪندا کلندا، هن ڏي آيا. مسعود، چهري تي مصنوعي رعب پيدا ڪندي چيو:
    ”ڪجهه ڪونهي.... ۽ ٻارن جي ڏسڻ جهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي.“
    ”اڙي آهي ڇا مان به ته ڏسان.“ ساحر وڃڻ لڳو. شهزاد، ٻانهن ۾ هٿ وجهي پاڻ سان گهلي وٺي هلندي چيس،
    ”ايڏانهن بالغن جي تعليم جو پروگرام پيو هلي ۽ تون اڃان نابالغ آهين، ها نه؟“
    ”اڙي ٻڌايو ڇو نه ٿا.... ڇاهي جيڪڏهن منهنجي بالغ ٿيڻ ۾ اڃان مهينو اڌ رهيل آهي ته.!“
    مسعود ٻچڪار ڪندي چيس،
    ”مِٺو! صبح جو پڇجان، هاڻ هل، هلي ٽافي کائي ننڊ ڪر.“
    ٽئي ڄڻا، جلالي بابا جي مزار جي ٿلهي تي پيرانديءَ کان اچي سُتا. پريان ڪنڊ وٽ آسيه به اکيون پوري ليٽي پئي هئي. سندس هڪڙي ٻانهن، پنهنجي ڀيڻ جي مٿان ورايل هئي. ساحر کي اها خبر ڪونه پئجي سگهي ته اُها ٻانهن جسماني طور ڀيڻ جي مٿان اٿس پر خيالن ۾ ٽرڪ- ڊرائيور تي آهي، ساحر تي آهي يا اڃان ڪنهن ٻئي تي آهي.
    گهڻي اوجاڳي، ٿڪ ۽ هوا گهلڻ تي ٽنهي کي ننڊ کڻي وئي. اسُرويل اوچتو، مزار ۾ ٺهيل ننڍڙي موريءَ مان پاڻيءَ جو هڪ ريلو گڙگاٽ ڪري تيزيءَ سان نڪتو، جيڪو مجاورن طرفان مزار کي غسل ڏيارڻ ڪري سيلاب وانگر، مزار جي ٻاهر پيرانديءَ کان سُتل، ساحر، مسعود ۽ شهزاد تي جلالي بابا جي ناراضگي بڻجي ڪڙڪيو. ٽنهي جا ڪپڙا، خاص طور تي سلوارون پسائيندو ٿلهي کان هيٺ هليو ويو. اوچتو آيل اهڙي آفت تي ٽئي بي اختيار ”اوهه ماءِ گاڊ!“ ڪندي ٽپ ڏئي اُٿي کڙا ٿيا. سندن اهڙي حالت تي ٿلهي تي ستل ۽ ليٽيل مرد ۽ عورتون مٿن کلڻ لڳا.
    ”ابا! جلاليءِ کي جلال آيو آهي....“ ساحر ميسڻو منهن ڪري چيو ۽ مسعود ۽ شهزاد ٽهڪ ڏئي کليا.
    مسعود ٿلهي تي ويٺل ۽ بيٺل سڀني ماڻهن تي هڪڙي اڇاتري نظر وڌي ۽ ساحر جي جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو،
    ”ساحر! پنهنجو اِهو.... عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“
    ساحر کي ڄڻ چُوچڙي وٺي وئي. ساحر ڏٺو ته مسعود جي اِن مسخريءَ تي سڀ ماڻهو مُرڪي رهيا هئا. ساحر پنهنجي آلي ٿيل سلوار تي پٺيان هٿ رکيو، جيڪا سندس هپ کي آلو ڪري، ٽنگن تائين چنبڙي وئي هئي. کيس ائين لڳو ته ڄڻ سڀني ماڻهن سندس پُسي ويل هپ ڏسي ورتو آهي. پنهنجي ڪوفت گهٽائڻ لاءِ قميصَ جي اڳئين کيسي مان سگريٽ جو پيڪيٽ ڪڍيائين.
    مسعود وري سندس اکين ۾ شرارتي انداز ۾ ڏسندي، ڏاڍي سنجيدگيءَ سان پڇيو،
    ”ساحر! ٻڌائين نه ٿو ته، عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟“
    ساحر، ڪنڌ جهڪائي، پنهنجي آلي ٿيل هپ ڏانهن ڏٺو ۽ وري ٿورو ڪاوڙ ۾ مسعود ڏانهن ڏٺو، پيڪيٽ مان سگريٽ ڪڍيو ۽ چيو،
    ”ٻڌايانءِ ته عورتن کي جن ڇو ٿيندا آهن؟.....“
    ساحر سگريٽ دُکائي چيو،
    ”عورتن کي جن، اِن لاءِ ٿيندا آهن جو، اُنهن جا مڙس، سندن وجود جي سگريٽ کي فلٽر وٽان دُکائيندا آهن.“
    شهزاد ۽ مسعود کي اوچتو راتوڪو پٺاڻ ۽ مسافر خاني جي ڪمري ۾ ڪيل سندس ڪرت ياد اچي وئي ته بي اختيار ٽهڪ نڪري وين.
    ساحر ڏٺو ته سڀ عورتون ۽ مرد، سندس ڳالهه سمجهندي الائي، نه سمجهندي به ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هئا، پر اڪيلي آسيه جي چهري تي ڪا ڳالهه چغلي کائي رهي هئي، جنهن ڪَري هُوءَ، پاڻ کي ٻين عورتن جي اوٽ ۾ لڪائي رهي هئي.


    پيرن ۾ ڪريل آسمان

    ڪلھه دوسو ڪڙميءَ جي ڌيءُ کي شاھينگ کڻي ويا، ڪلھه ئي دادن ماڇيءَ جي ڳوٺ تي شاھينگن حملو ڪري، ڳوٺ جا سمورا مرد ماري رکيا، زائفائن سان زنا ڪيائون، مُڙس مئا، غيرت ۽ عزت لُٽي، رھندو رھيل سھيل مال به ميڙي ويا. ڳوٺ جا ڪتا ڌر کان وڃي اوسن پاسن ۾ لڪيا، باقي رھيا ٻار سي، خوف ۾ ھيسجي کٽ جي پاون کي چنبڙي، پنھنجن مائن ڀينرن سان ٿيندڙ لقاءُ ڏسندا رھيا . . . . دادن ماڇيءَ جي ڳوٺ تي جيڪا گذرئي ھئي سان گذري، شام غريبان، کان پوءِ اچي مئلن جي ٽيجھي جو سج اڀريو، پر ڪو به داد فرياد ڪونه ٿيو. ڪا به ڪل ڪونه پئي ته شاھينگ ڪير ھئا، ڪنھن جا ماڻھو ھئا، ڪھڙي ٽولي سان لاڳاپيل ھئا، ٽيجھي تي صرف ٻه چار ننڍا نيٽا روئي رھيا ھئا. جيڪي ان رات ناٽڪ ڏسڻ لاءِ شھر ويا ھئا، رات به اتي ڪنھن مسافر خاني ۾ رھيا ھئا، صبح جو گھر وريا ته ڪاري وارا ڪک ھئا. ڪفن ۾ ڍڪيل لاش . . . . ۽ لڄون لُٽيل جسم، بس سندن سر بچيا، جيڪي ھميشه ھميشه لاءِ ڇانو کان وانجھيل رھيا.
    اھا ڳالھه اڃان ماٺي ئي ڪونه ٿي ته، لالڻ پڪوڙائي جي ننڍي نيٽي، ڌي ٽي ڇورا، ڏينھن ڏٺي جو ڪاليج جي در وٽان کڻي ويا . . . . . لالڻ جو اندر تتل تيل جيان نچڻ لڳو . . . ، ڪا سُڌ نه ٿي پيس، ته آخر ڇوڪر ڪيڏانھن وئي، ڪير کڻي ويا؟ ڇا لئه کڻي ويا . . . . پڪوڙائيءَ سان وري ڪنھن جو وير!؟ دوسو پڻ ايئن ئي ويچار ۾ ھئو ته سندس ڪيڏانھن وئي؟
    ٻنھي جي جواڻ جماڻ ڌيئرن جو پتو نه زمين کي ھو، نه وري آسمان کي لڳو ائين پئي ڄڻ ٻنھي جي، ڄر ڪا غيبات ڳڙڪائي وئي آھي. ھمراھن ڪا به ڪنڊ ڪانه ڇڏي. جيستائين سندن پھچ ھئي، ڪونه گسيا، پر پھچ کان ٻاھر ٻه ھمراھن ڪين گھٽائي، پوليس ٿاڻا، چڱا چوکا، ننڍا وڏا، رئيس وڏيرا، چور چڪار، پاٿاريدار، ڪوبه ڪونه ڇڏيائون پر ڇوڪريون ھيون ڄڻ ته ڄايون ئي ڪونه ھيون.
    دوسو ڪڙمي مڙس ڏاڍو ارڏو ھو، جھڙي تھڙي جي ٻڌندو ڪونه ھو نه پنھنجي سان ٺھندو ھو نه وري ڪنھن پرائي سان، ڌي جي عمر به اچي وري هئس پر ڪنھن کي به سندس ٻانھن ڪونه ڏنائين. ھوءَ پنھنجا ڪارا وار ڏسي ڏسي ، اچي اڇن کي ويجھي ٿي ھئي. پر دوسوءَ کيس کيس ڪو به وڙ ڪونه ڏنو . . . . . ان ڪري لاچار ھو به بھانا ڪري روز ڊھندي ھئي، ۽ دوسو دوا ڦيڻي لاءِ کيس پير صاحب ڏي وٺي ويندو ھو. دوسو ٺھندو به رڳو پير صاحب سان ھو. ٻڌندو به صرف پير صاحب جي ھو. جي ڌيڻس کي ڪو دورو نه ٿيندو ھو ته به مھيني ماسي ٻارين ٻچين پيو پير صاحب جو ديدار ڪندو ھو. پير جو ھٿ به دوسو تي چڱو ھوندو ھو. دوسوءَ جي گھر واري به دلير مائي ھئي، اصل اٺن مڙسن جو مٽ! دوسو نه ھجي ته ڇا؟ پر چڱي ڀلي جي مجال ڪونه ھئي جو سندس گھر ڏي ميري اک سان ڏسي، يا سندس لوڙھو لتاڙي . . . . . پر اڄ ته سندس مائي به گھر ھئي. پوءِ به سندس ڌيءُ کڄي وئي، شاھينگن نه ڪو پنھنجو ڏس ڇڏيو، نه ڪو ڀيرو؟ ڪا خبر ئي ڪانه پئي ته آخر ڌيڻس ڪير کڻي ويو.
    پير وٽ ويو ته پير کيس دلاسو ڏيندين چيو،
    ”دوسو رک الله تي، ٻانھن ڳولي لهنداسين، شاھينگ پنھنجي جلال کان ڪيڏانھن ويندا، اصل بي فڪر ٿي وڃي گھر ويھه . . . . .!“
    جيستائين ٻانھن ملي، تيسين نه رھندس ڪا چوڙي، نه وري ڪا آڱر ۾ منڍي . . . . اھڙي ٻانھن ڪھڙي ڪم جي . . . . دوسوءَ کي وري ڪھڙي ڌي پرڻائي آھي، بس سر تي بچي ملنديس اھو به چڱو. ھڪڙو آسرو الله ۾، ٻيو پير ۾.
    لالڻ واري ڇوڪر ٽن ھمراھن جي ور چڙھي سو ويچاريءَ سان ناحق ھو . . . . کيس ڪا به سُڌ نه ھئي ته ھو ڪٿي آھي؟ . . . . کيس محسوس ٿي رھيو ھو ته ھوءَ ماڻھن ڪي ڀوءَ کان ڪافي ڏور ھئي. ھوءَ جيڪا دانھن به ڪري ته ھوءَ . . . . سندس ئي ڪن، سندس دانھن کي اوپرو محسوس ڪن، شايد ان ڪري جو اڳ ڪڏھن به سندن ڪنن اھڙيون گھٽيل دانھون ڪونه ٻڌيون ھيون. . . . جن ۾ ڪنھن جسم کي پٽڻ ۽ رونڊڻ جو عذاب ھو . . . . .
    ھو پنھنجي عذاب وارين رڙين کي ڪنن ۾ اٽڪندو ٿي محسوس ڪيو، ھُن ھر دانھن تي پاڻ کي پُل صراط اڪرڻ واري عذاب کان به وڌيڪ اذيت ۾ ٿي ڀانيو.
    ”ڏي خبر . . . . ڪٿي آھي تنھنجي عزت ، ڪيڏانھن وئي تنھنجي لوڏ ۽ مغروري، پڪوڙائي جي ڌيءُ! پاڻ کي ڇا سمجھندي ھئي؟ ڪيڏو نه چيو مانءِ ته مون سان ياري رک، پر تو سمجھيو ته مان ڪو حقير آھيان . . . . “
    ڇوڪراٽ غنڊي کيس ڄنڊن مان جھلي منھن مٿي ڪيو،
    ”ڏي نه جواب . . . . . ڏي نه جواب . . . . .“
    ڇوڪر جو نڙگھٽ خوف ۾ ويتر ڦڙڪڻ لڳو، ڳيت ڏيڻ جي ھمت ڪونه ساري سگھي، سندس ساھ واري شريان دل جي ڌڙڪي جيان تيز ڦڙڪڻ لڳي.
    ”بس يار ڌيرج ڪر، جلد ئي کيس ساڻو ڪري رکندين ڇا؟ ڪجھه ته ساھي پٽڻ ڏينس، اڃان ته رات ساري پئي آھي.“
    ٻئي ھمراھ جو ٽھڪ، ۽ گڏوگڏ ٻن ڇوڪراٽن جا ٽھڪ سندس ننگي جسم تي ڪولين جيان سنھڙا چڪ پائڻ لڳا، ھن ڀانيو ته ڄڻ اڀ ڏري پوندو، ڌرتي ابتي ٿي اٿلي پوندي . . . سندس سٿر رڦڻ لڳا، سندس ساھن جو سھڪو سندس ڇاتيءَ کان ٻاھر ڇُلڻ لڳو. ھُن پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو، کيس چڻنگ لڳي ويئي. سندس اوجاڳيل نظرون پنھنجي اگھاڙي رانڀوٽيل ڇاتيءَ تي پئجي ويون. ھن پنھنجي اوگھڙ کي پنھنجو پاڻ کان لڪائڻ لاءِ اکيون پوري ڇڏيون.
    ھُن محسوس ڪيو ته سندس سينو سندس قد کان وڌيڪ وڏو ٿي اندر ٻاھر ڦٿڪي رھيوھو. . . . سندس ڇاتي، اڳ ڪڏھن سارنگ لاءِ به ايترو ڪانه ڌڙڪي ھئي، جنھن کي ھُن ساھن ۾ سموئي چاھيو ھو، سندس جھڙاليون اکيون سارنگ لاءِ وسي پيون، سارنگ سندس سؤٽ آھي. جيڪو لاڳيتو ٽن سالن کان سندس گھر ۾ رھندو آھي. . . . گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ کيس ساڳئي شھر ۾ چڱيري نوڪري ملي ھئي، ھوءَ سارنگ کان گھڻو ڪجھه پڙھي آھي، سکي آھي ۽ ھاڻ تازو ئي ته سندس مڱڻو سارنگ سان ٿيو ھو.
    سارنگ جو تصور سندس اکين ۾ اٽڪندي ئي، سندس ساھن جو سھڪو، سندس ھيٺ مٿي ٿيندڙ ڇاتي، سندس انگ انگ، سندس سوچ سندس رڦندڙ شاھ شريان ڄڻ خانم گگوش جي آواز ۾ ورلاپجندي وئي. ھُن ڀانيو ته ھوءَ سڪون جي ننڊ سمھي رھي ھجي پر سندس رانڀوٽيل جسم ڪُرڻ لڳو. ھن ڪنڌ مٿي ڪيو، سندس نظر پنھنجي ٻانھن تي پئي، جيڪي ٿنڀ سان ٻڌيون پيون ھيون، رسيءَ جا نشان سندس ڪاراين ۾ ڳاڙھسرا ٿي ويا ھئا، ھوءَ سڏڪي پئي کيس سارنگ جون پارايل ڳاڙھيون سايون چوڙيون ياد پوڻ لڳيون جيڪي ھُن کيس عيد تي پارايون ھيون ۽ ان رات ھو ڪوٺي تي سارنگ سان ملڻ وئي ھئي. انھن ئي چوڙين جي آواز کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ھن پنھنجي رئي جو پلاند چُوڙين اندارن ٽپائي مٿان ويڙھي ڇڏيو ھو، جيئن ھو سارنگ جي کيجل روڪڻ لاءِ چوڙيون پاڻ ۾ نه ٽڪرجن ، جيئن ڪوئي اٿي نه پوي. پر ھاڻ ته سندس ڪاراين ۾ ٻڌل رسيون ساڻس ٿيندڙ ھر کيچل تي سرڪي رھيون ھيون، مُرڪي رھيون ھيون ۽ ھوءَ بُت بڻجي پنھنجي جسم تان تڙڪندڙ لڄ جون ٽڪريون ڏسندي رھي. ھُن وري اکيون پوري ڇڏيون.
    دوسو ڪڙمي واري ڌي، پير صاحب جي حجري ۾ تڏي مان ڇيتون پئي، پير جي اڌ ڪُڙاري ڇاتي تي ھڻي کجڪي رھي ھئي. ٻه چار راتيون ساڻس گڏ سمھڻ کان پوءِ پاڻ کي صفا ھلڪو ٿي ڀانيائين. ھاڻ سندس جذبن ۾ جوش بدران مسخري ھئي، کيچل ھئي، جيڪا پير جي اڌڙوٽ وھيءَ ۾ جوان ٿي نچي رھي ھئي . . . . جڏھن سندس مسخري ۽ کيچل پير جي اڌڙوٽ وھيءَ تي نچي نچي ساڻي ٿي ۽ پير جي ڇاتي سندس کيچل مان ڀرجي وئي ته پير، دوسوءَ کي گھرائي سندس ڌي موٽائي ڏني.
    ”دوسو شڪر ڪر، مشڪل سان ٻانھن ھٿ ڪئي اٿم، بنا ڀنگ جي.“ دوسوءَ ھٿ ٻڌي چيو، ”پير سائين! تنھنجا ٿورا ھن عمر ۾ لاھڻ جھڙا ناھن، مان تنھنجو غلام . . . .‘!“
    دوسوءَ واري ڌيءُ ، رئي جو پلاند وات تي رکي مُرڪي، پير کيس ٽيڏي اک سان ڏٺو، دل ئي دل ۾ چيائين: ”ٿورا وري منھنجا ڪھڙا، ٿورا ته تو واري ڌيءُ جا آھن ، اصل موجون ڪرائي ڇڏيائين.“
    ھُن وري اکيون پٽيون، سندس اکين جي لالاڻ سامھون ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ ۾ ٺڙڪڻ لڳي، رات جو ڪارو ديو پنھنجي ڪڙڪاٽ سان اچي ماحول تي ڪڙڪيو، ڏيئي جي وٽ وسامڻ بدران چٽي ٻرڻ لڳي، سندس اڇو جسم ڏيئي جي روشني ۾ ڳاڙھن ٽانڊن وانگي ٻرڻ لڳو . . . . . سانڌھ بيھي بيھي سندس ٽنگون ساڻيون ٿيڻ لڳيون، ھُن پاڻ کي ڇڏڻ چاھيو، پاڻ کي ڪرائڻ چاھيو، پر سندس ٿنڀ سان ٻڌل ٻانھون ڇڪبيون ويون، ھو سُور جي شدت کان پنھنجي پيرن جي پٻن تي کڙي ٿي وئي، ۽ پنھنجا چپ، ڏندن ۾ ڀڪوڙي ڇڏيائين.
    اڃان گھڙي مس گذري ته اوچتو دروازو جھٽڪي سان کليو، ٽي اگھاڙا جسم سندس ويجھو اچڻ لڳا، ھن ڀانيو ته ڄڻ سندس اوس پاس ۾ ڪا کنوڻ ڪري ھجي، يا ڪنھن بم اڇلايو ھجي، سندس ڪنن تي تاڙيون چڙھي ويون، سندس اکين ۾ ڌنڌ ڇانئجي وئي . . . . رات جو ڪارو ديو، ڀئه کان ڀڄي وڃي اگھاڙي آسمان ۾ گم ٿيو. ڏيئي جي لاٽ ڪنھن ٽانڊي جيان وڌيڪ واضع ٿيندي، سندس ساھ جي سھڪي سان گڏ سھڪڻ لڳي، ٽي اگھاڙا ڳورپٽ، سندس جسم کي ڪنھن لاش جيان چيرڻ ڦاڙڻ لڳا، سندس بُت خوف ۽ لڄ کان سيٽجي ويو، سندس ڪنڌ، سندس اڀي ڇاتي تي ڍرڪي پيو، سندس ڪنوارپ ڪنھن گرم گولي سان ڌماڪو ڏئي ڦاٽي پئي. سندس دٻيل ڪيڪ، سندس حياءُ جو پردو ٽوڙي ڊاھي، بي حيائي هي گھگھه اونڌھ ۾ ڪاھي پئي ۽ رت جو ھڪ ريلو سندس سٿرن، رانن، گوڏن، پنين کان وھي پيرن تان لھي، زمين کي چنبڙڻ لڳو، سندس سِيٽيل بُت ڍرو ٿيڻ لڳو ۽ سندس ڳاڙھو ٿيل، رڦندڙ جسم اڇو تي آھستي آھستي برف ٿي ويو.


    ڪارا ناسي ڪنگڻ

    ننڍپڻ ۾ بابا، ميلن تي وٺي ويندو ھو. انھن ميلن ۽ زندگي جي ھاڻوڪن ميلن ۾ ڪيڏو نه فرق پيو ڀائنجي!؟ موت جي کوھ ۾ موٽر سائيڪل ھلائيندڙ سوار کي ھمٿ ۽ جرئت جو مظاھرو ڪندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ھئس، کيس دل ئي دل ۾ ڏاڍو داد ڏيندو ھئس، جيڪو پنھنجي جان جي پرواھ نه ڪندي موت جي مُنھن ۾ ڦيريون پائيندو ھو . . .. ۽ اڄ پاڻ تي بنھه حيرت نه اٿم، جو زندگي ۽ موت جي وچ واري کوھ ۾ ڦيريون پائي رھيو آھيان، نه چاھيندي به مُرڪان پيو، کلان پيو جيئان پيو، سرڪس جي ان جوڪر وانگي، جنھن جي منھن تي مذاق جا ڪيئي لِنگھا ھوندا آھن . . . . مان به ته پنھنجي وجود سان شڪستن جي ڪيئي مزاق ۽ داغ سانڍيو مُرڪندو وتان، جن تي منھنجي چوڌاري رھندڙ، مون کي ڏسندڙ سمورن رشتن ۽ ناتن ٽھڪ ڏئي کليو آھي . . . . .
    اڄ پنھنجي ڪمري جي اڪيلائي ۾ پاڻ کي ائين پيو ڦٿڪندو ڀانيان جيئن ان ميلي ۾ آندل جانورن جي پڃرن مان ھڪ پڃري ۾ بند ٿيل رڇ جو ٻچڙو. جنھن جي بي چينيءَ جو ڪاٿو ڪوئي به نٿو ڪري سگھي، جيڪو پڃري جي ھڪ ڪُنڊ کان ٻئي ڪُنڊ تائين ڦيريون پائيندو آھي. قيد به ڪيڏو نه وڏو عذاب آھي! ۽ مان پڻ زندگي جي پڃري ۾ قيد ٿي پيو ڦٿڪان، ائين محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ مان ان ميلي ۾ آندل جادو واري دنيا جي حسين ڇوڪري جيان آھيان، جيڪا پنھنجي ڳچي، ڪاٺ جي ٽيبل جي گول خال ۾ ڦاسائي ويٺي ھوندي آھي، جنھن جو ٻيو ڌڙ دوکي ۽ منافقت وارو روپ ھوندو آھي ۽ سندس وات ۾ پيل ڪنڊيءَ دار زبان سوالن جا جواب ڏيندي رھندي آھي، رڳو ان شخص جي سوالن جا جواب جيڪو لٺ کنيو بيٺو ھوندو آھي . . . . مان پڻ معاشي مسئلن ۾ ڳچي ڦاسائي ويٺو آھيان، منھنجي وات ۾ رکيل زبان رڳو خسارن جي پورائي لاءِ جواب ڏيندي آھيءَ منھنجو ڌڙ منافقت ۽ دوکي جو روپ ڌاري ڪوڙيون محبتون تلاش ڪندو آھي. مونکي وقت جو چرخو ان ماڻھو وانگي لڳندو آھي، جيڪو ان جادوءَ واري دنيا جي شو ٻاھران دخل تي ويٺو روپئي روپئي واري ٽڪيٽ جو ھوڪو ڏيندو آھي . . . . ۽ انساني محرومين سان مذاق ڪندو آھي.
    اڄ پنھنجن خيالن ۽ سپنن کي به ان ميلي ۾ ڊوڙون پائيندڙ اٺن ۽ گھوڙن جيان پيو ڀانيان، جيڪي ساڀيان ماڻڻ لاءِ وڏيون وڏيون ٻرانگھون پائيندڙ، سھڪندا ڊوڙندا ويندا آھن ۽ ميلي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اتي فقط سُڪل پلال نظر ايندو آھي، جيڪو ھڪ ئي تيليءَ سان جلي رک ٿي ويندو آھي.
    منھنجي زندگي ۾ ميلا، ان ڪري به اھميت رکن ٿا، جو مون ميلن ۾ پنھنجو پاڻ کي وڃايل ڀانيو آھي . . . . .! پوءِ اھي ڇونه محبتن جا ميلا ھجن.
    ھفتو اڳ سيما، خبر ناھي ڪيئن مون وٽ اچي نڪتي ھئي . . . . سيما منھنجي چاھيندڙ آھي، سندس سچائي ۽ اڪير ڏسي، محبتن جا سمورا فلسفا وسري ويندا اٿم. ھو اھو ڄاڻيندي به مون وٽ اچي نڪرندي آھي ته مان شادي شده آھيان، منھنجي زندگي ۾ جڏھن منھنجي شادي جو ميلو متو ھو، ته سيما جي محبت جو ميلو پنھنجون ڌمالون پوريون ڪري ختم ٿي چڪو ھو. ان سمي سندس زندگي جي حيرت جوڳي سرڪس، پنھنجيون سموريون نمائشون وڃائي مڇريل ھاٿيءَ جي سونڍ ۾ اچي وئي ھئي . . . . .اھو مڇريل ھاٿي منھنجي شادي جو ڪارڊ ھو، جنھن پنھنجي سونڍ جھڙي حقيقت سان سندس جذبن ۽ سپنن کي ڦيرائي زمين تي سٽيو ھو . . . . پر پوءِ به ھو ٽٽي ناھي، وکري ناھي، ھوءَ اڄ به مونکي چاھي ٿي.
    اِن ڪري، ھوءَ اڄ اوچتو مون وٽ آئي ھئي، سمن سرڪار جو ميلو گھمڻ لاءِ، سمن سرڪار جيڪو بر پوٺي جو پير آھي، ان ئي بر پوٺي تي منھنجي ٻالڪپڻ جون يادون ڪلراٺيون پيون آھن، پر ھُن جي اچڻ سان منھنجي ڪلراٺين يادن جو ميلو ائين مچي پيو آھي، جيئن سمن سرڪار جي ميلي تي ميڙاڪا مچندا آھن.
    ھُن جي اچڻ سان منھنجي زال جي چِلي ۾ ڄڻ محشر مچي ويو ھو، جنھن تازو مون جھڙي پُٽ کي جنم ڏنو ھو . . . . . امير منھنجي بھترين زال آھي، ھو منھنجي زال ئي نه پر منھنجي سُٺي دوست ۽ رازدان پڻ آھي. جنھن کان منھنجي ڪرتوتن جو ڪوبه فائيل لڪل ناھي، ايتري قدر جو مان جيڪڏھن ڳائو گوشت پاءُ اڌ کائي به ويندو آھيان ته کانئس لِڪي ھضم ناھيان ڪري سگھندو.
    ھن ڀيري امير جو رُخ نيوٽرل ھو، جنھن ۾ نه ڪا نفرت ھئي، نڪي محبت . . . . پر سندس اکين ۾ ڇلڪندڙ منھنجي محبت جا عڪس روئڻھارڪا ھئا .
    کيس چيم، ”امير سيما کي ميلي تي وٺي وڃڻو اٿم، جي موڪل ڏين ته سندس خواھش پوري ڪري اچان، سندس ننڍپڻ سمن سرڪار تي باس ۾ ڪڪڙ باسيل اٿس، سو ڏيڻو اٿس، ان ڪري ته بيمار رھي ٿي. ڏس ته بيماريون ڪاٽي ڪاٽي سُڪل وونڻاٺي ٿي پئي آھي. جي مون تي اعتماد اٿئي، ته مان تنھنجي اعتماد کي ڪڏھن به ڇيھو نه رسائيندس.“
    مُرڪ ۾ روئڻ ڀرجي آيو ھئس ، ”وڃ ڀلي، مون توکي روڪيو ٿورئي آھي !!“
    مون ڏٺو ته ھو ڀري پئي ھئي پر مون جھڙي پٽ کي ٿڃ ڏيندي مطمئن ھئي. . . . سندس مامتا منھنجي پٽ تي پنھنجي پوري رحم ۽ ڪرم سان وسي رھي ھئي، جنھن مان پڪ ٿيم ته ھوءَ مون کان خفا ناھي، ھا البت ڏکايل ضرور آھي، ھو مونسان محبت ڪري ٿي، نه ته جيڪر منھنجي روئيندڙ ٻالڪ مان چڱيون ڇنڊون ڪڍي ھا.
    چيومانس، ”امير پھرين دفعي جڏھن شادي کان پوءِ سيما آئي ھئي، ته ڪاوڙ ۾ بيھوش ڇو ٿي وئي ھئين؟“
    ”ان لمحي شايد پاڻ تي اعتماد نه ھئم“
    اکين ۾ ڏسي چيومانس، ”۽ ھاڻي . . . . .؟“
    نظرون چورائي منھنجي ٻار ڏانھن ڏٺائين، جيڪو ٿڃ ڌائيندي سندس ڇاتي کي چھٽيو پيو ھو. کيس مٿس پيار اچي ويو.
    ”ھينئر پاڻ تي ويساھ اٿم، توتي فخر اٿم، جو مان تنھنجي زال آھيان . . .. ، تنھنجي ٻار جي ماءُ آھيان.“
    سندس اھڙا جملا شادي جي ٻنڌڻ واري فلسفي کي نئون فڪر ڏئي رھيا ھئا . . . ، ان لمحي پاڻ کي پلاسٽڪ جو ھلڪو گڏو ڀانيئم، جنھن ۾ سواءِ ھوا جي ڪجھه به ڀريل ناھي ھوندو.
    سيما کي گاڏي ۾ سمن سرڪار وٺي ويس، دل ئي دل ۾ سوچي رھيو ھئس ته سيما جي باس وارو ڪڪڙ، مان ئي ڏيندس، سندس جيون دان لاءِ، جنھن بنا غرض جي پنھنجو سمورو جيون، مون سان نه ھوندي به مون لاءِ ارپي ڇڏيو آھي. ۽ ھوءَ ساري واٽ خبر ناھي اڃان به الائي ڇا ڇا ارپڻ لاءِ ويچاري رھي ھئي، مون رستي تان ڪڪڙ ورتو، ھن ڏاڍو روڪيو پر مان نه مُڙيس.
    کيس چيم، ”سيما ! ڪاش! مان ڪڪڙ ھجان ھا، تنھنجي جيون لاءِ باسيل ته جيڪر پاڻ کي سمن سرڪار جي پوٺي تي ڪسڻ لاءِ ڇڏي ڏيان ھا . . . . “
    کانئس وڏو ٽھڪ نڪري ويو، ۽ ڪار جي تيز رفتاريءَ ۾ پاڻھي ماٺو ٿيڻ لڳو. سندس چپن مان ٽھڪ جي رڌم جھڙو آواز اڀريو.
    ”سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي .“
    ھن جي چھري تي اطمينان ھو ۽ اکين ۾ حسرتون . . . . .
    سمن سائين جي درگاھ تي پھتاسين، ڪڪڙ، درگاھ جي آڳنڌ ۾ ڇڏي ڏنوسين، پڙ وجھي، دعا گھري ٻاھر نڪتاسين، ڪجھه گھڙيون، آڳنڌ ۾ لڳل علم ھيٺان ويھي رھياسين، ڳالھايوسين پئي، . . . . . ھو اوچتو اٿي ھلي . . .
    ”ڪيڏانھن سيما!؟“
    ”تون ويھه مان اچان ٿي.“
    ڪجھه دير ھلي وئي، آئي ته سندس ھٿن ۾ ھڪ وڏو لفافو ھو، جنھن مان نقد ڪڍي ورھائڻ شروع ڪيائين .
    ”سيما ھي ڪھڙي باس اوچتو ياد اچي ويئه؟“
    ”توکي اولاد ڪونه ٿي نه!؟ ان ڪري باسيو ھئم ته توکي پٽ ڄمندو ته مان سمن سرڪار تي نقل ورھائيندس.“
    ھو نقل ورھائيندي رھي، مون سندس پويان ھلندي چيو، ”پر ڇو . . . .؟ تو ڇا لاءِ باسيو ھو . . . .؟“
    ”امير کي شايد اھو خوف ھو ته اھو بھانو وٺي مون سان شادي نه ڪرين . . .. ان ڪري شايد ھو پريشان رھندي ھئي . . . . ۽ تو به شايد ائين سوچيو ھجي . . . . پر اھو سڀ ڪجھه ڪڏھن به نه ٿيڻو ھو . . . . .نه ٿئي ھا . .. . نه ٿيندو.“
    ائين چئي ھو ڪار ڏانھن وڌي، مون ڪار جا لاڪ کوليا، ھو ويٺيءَ سندس منھن ۾ نھاريم جنھن تي ساڳيا ٻول نقش ھئا.
    “سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي.“
    ڪار ھلايم، رستي ۾ سيما مون کي ھڪ ننڍڙو لفافو ڏنو
    ”ھي وري ڇاھي؟“
    ”تنھنجي پٽ وشال لاءِ سوکڙي ورتي اٿم، ھِت نه کولجان، اتي ھلي کولجان.“
    لفافو کيسي ۾ رکي ڇڏيم، گھر پھتاسين، امير مُرڪي آجيان ڪئي، وِشال به ڏاڍو پرسڪون ھو. شام پنھنجو وجود، رات حوالي ڪيو . . . . ھر ڪوئي سمھي پيو، گھر وارا، امير، وشال، سيما . . .. مون کي ننڊ نه آئي، کيسي ۾ رکيل لفافو ياد آيم، لفافو ڪڍي کوليم، جنھن ۾ ٻه ننڍڙا ڪنگڻ ھئا، ڪنگڻ وشال جي ٻانھن ۾ پارايم، وشال جي پيشاني چُميم، سندس ڀرسان سُتل، امير جي پيشاني چميم، امان جي ڪمري ۾ آيس سيما سڪون سان سُتل ھئي. سندس پيشاني چميم، واپس وشال وٽ آيس، وشال جي ٻانھون ۾ پيل ڪنگڻ چميم، غور ڪيم ته ڪنگڻن جو رنگ ڪارو ۽ ناسي ھو، ڪارا نيڻ امير جا، ناسي نيڻ سيما جا، ۽ ٻئي مون جھڙي وشال جي پتڪڙين ٻانھن ۾ وڪوڙيا پيا ھئا، پاڻ کي ڪنگڻن جي وچين اڇي خال ۾ قيد ٿيل ڀانيم، ڪنگڻ کي ھڪ ڀيرو وري چميم، کين ڏٺم، ڪارا ۽ ناسي نيڻ ڄڻ ته ڪنگڻن ۾ ورجائي رھيا ھئا، ”سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي .“


    مجسمو

    هاءِ اسڪول جي ڊرائينگ هال ۾ رکيل، پرڻي ڊٺل مٽيءَ جي مجسمي مون کي بيحد متاثر ڪيو. جڏهن مان پهريون دفعو سائين طارق سان گھمڻ اسڪول ويو هئس. مون کي ننڍپڻ کان وٺي، آرٽ ۽ ڀت تراشيءَ جو تمام گھڻو شوق هو. ان شعبي ۾ مون ڪافي سکيو ۽ پرايو پڻ هو. پر هاءِ اسڪول جي ڊرائينگ هال ۾ رکيل مٽيءَ جو پراڻو مجسمو مونکي پنهنجي زندگيءَ جي آدرشي مجسمي جو هڪ ڌنڌلو عڪس لڳو. جيڪو منهنجي لاشعور ۾ ڦرندو رهيو هو. جنهن کي مان پنهنجي وهيءَ جي چڱي خاصي عرصي ۾ ڪوشش جي باوجود به چٽو ڏسي نه سگھيو هئس.
    مان هر روز سائين سان گڏ هاءِ اسڪول جي ڊرائينگ هال ۾ وڃي ويهندو هئس، لاشعوري طور نظرون الائي ڪيئن مجسمي ڏانهن کڄي وينديون هيون. تنهن هوندي به مان اسڪول جي ماحول کي چڱي پت پرکيندو رهندو هئس. منهنجي لاءِ اهو پڻ هڪڙو نئون تجربو هو، جو مان اسڪول جي هاڻوڪي دؤر تي ويچاري سگھيس ٿي نه ته هونئن به مان اسڪول مان پڙهي نڪتو هئس. ان ويل شايد منهنجي دماغ ۾ ٻاروتڻ ۽ شرارتون هيون... ۽ هينئر مون وٽ ڪنهن آدرش کي چٽو ڏسڻ جو تجسس هو.... جنهنڪري مون ۾ وڏو_پڻ اچي ويو هو.
    منهنجون لاشعوري نظرون صرف هڪ پرڻي ڊٺل مجسمي ۾ ئي کتل نه هيون، پر دنيا جي عجيب و غريب رنگن جي ميلاپ کي سمجھڻ ۽ منهنجي لاشعور ۾ ڇپيل هڪ اهڙي مجسمي جي چٽي ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيون هيون، جنهن کي ڳوليندي ڳوليندي مان زندگيءَ جي ڪنهن گمنام رستي تي نڪري پيو هئس. جنهن جي سڃاڻپ مان خود وڃائي ويٺو هئس...... پر ايترو ڌيان ۾ ضرور هئم ته منهنجي زندگيءَ جو اهو آدرشي مجسمو انسانيت جي حقن جو علمبردار هو. جيڪو ڏتڙيل ۽ ڏکايل انسانن لاءِ خوشي ۽ جياپي جو پيغام کڻي اچڻو هو.
    روزانو جڏهن به اسڪول جو گھنڊ وڄندو هو ته سوين شاگردن جون خوشيءَ ۾ پنهنجن گھرن ڏانهن ڪاهيندڙ وکون، ورانڊي ۽ ڏاڪڻين ۾ ڪجھه دير لاءِ پڙلاءُ ڪري خاموش ٿي وينديون هيون. بلڪل هال ۾ رکيل پراڻي مجسمي جي ٻانهن ۾ جھليل تنبوري جي تارن جيان، جيڪي منهنجي لاشعوري واري حواس ۾ کن پل لاءِ گونجي ماٺارجي وينديون هيون...
    موڪل کان پوءِ اسڪول ۾ ماٺ جو ڪوهيڙو ڪاهي پوندو هو پر پوءِ به رکي رکي، هال جي روشن دان م آکيرو ٺاهي رهندڙ ڪبوترن جو هڪڙو جوڙو پنهنجي آوازن سان زندگيءَ جو احساس ڏياريندو هو.... موڪل کان پوءِ اسڪول جي ڊرائينگ هال ۾ مان، سائين طارق ۽ ڊرائينگ ماستر پرڏيهي صاحب ٿي ويٺا ڪچهري ڪندا هئاسين. پرڏيهي صاحب ڪا نئين پورٽريٽ تيار ڪندو هو ۽ اسين ڪچهري سان گڏوگڏ سندس پورٽريٽ کي به ڏسندا رهندا هئاسين. پرڏيهي صاحب، عجيب انسان هو. آرٽ ۽ ڪلچر سان سندس لنؤ لڳل هو. رنگن ۽ بتن بابت حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهيون ڪندو هو. جيڪي اڳ منهنجي ڄاڻ ۾ ڪڏهن به نه هيون..... مون جڏهن به کاؤنس ڪو سوال ڪيو هو ته هن اهڙو ٺهڪيل جواب ڏيندو هو، جو مون کان وڌيڪ تفصيل پڇڻ جي سگھه موڪلائي ويندي هئي.
    هڪ دفعو مون کائنس ڪبوترن جي آواز “گر گون” ٻڌڻ کان پوءِ پڇيو هو ته، “پرڏيهي صاحب! ڪبوتر، ته درگاهن ۽ قبرستانن جا رهواسي آهن، پر هت هي ڪيئن آيا آهن. توهان کين ڪيئن رهڻ ڏنو آهي. جتي هيڏيون تصويرون ۽ مجسما رکيل آهن. هيڏو هال ۽ ڪبوتر؟”
    مونکي ڏسي مرڪيو هو. چيو هئائين، “ڏس، هي هال به ته هڪ قبرستان آهي نه...؟ سواءِ تو، مون ۽ سائين طارق جي، ٻيو سڀ ڪجھه نه خاموشيءَ جي قبر ۾ دفن آهي. هي تصويرون مجسما سڀ موت جي علامت بڻيل آهن. مئل آهن، چپ آهن..... بُت بڻيل آهن.؟
    مون سندس جواب تي اعتراض ڪيو هو ۽ کيس چيو هئم. “پرڏيهي صاحب! هي مجسما ۽ تصويرون جن ۾ زندگيءَ کي معنيٰ ڏيندڙ رنگ آهن. جيڪي سندن خواهشن، اميدن ۽ جذبن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. تن کي .... هو ڏسو ٻه هٿ جيڪي مٿي کڄيا آهن.... احتجاج ڪري رهيا آهن.” مون پنهنجي هٿ جي اشاري سان سندس ڌيان، ان پورٽريٽ طرف ڪرايو ، جيڪو ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ سان ملي ٺهيل ٻن هٿن جو هو. جيڪي احتجاجي حالت ۾ مٿي کڄيل هئا. “سائين تن کي توهين مئل ٿا چئو...... نه سائين..... نه....... اهي مئل ناهن..... اهي مئل ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟ اهي ته هڪ اتهاس آهن. هڪ اتهاس بڻجندا وڃن.”
    منهنجو اعتراض قبول ڪندي، پرڏيهي صاحب چيو، “واقعي به هي سموريون شيون زنده آهن ۽ صدين تائين زنده رهنديون، دنيا جي تاريخي آثارن جيان، پر.......”
    هو ماٺ ٿي ويو... “پر ڇا سائين؟”
    “پر جيستائين انهن کي تسليم ڪرڻ واريون نظرون نه پرکينديون، تيستائين کين ڪوئي تسليم نه ڪندو، انهن کي ڪابه زندگي نه ملندي اهي مئل رهنديون... پر اڄ تو هڪ فرد اهو قبول ڪيو آهي ته اهي زنده آهن جڏهن معاشري جو هر فرد کين سڃاڻي وٺندو ته انهن کي زندگي ملي ويندي ۽ پوءِ ئي شايد هن پورٽريٽ کي به بقا ملي وڃي ۽ هي پورٽريٽ هزارن لکن ماڻهن جي نمائندگي ڪندو.”
    سندس جواب حقيقيت لڳو....... مون لاءِ ويتر هال ۾ رکيل ڊٺل مجسمو منهنجي سوچن جو محور بڻجندو ويو. مان چوويھه ڪلاڪ ان چنتا ۾ هوندو هئس ته ڪيئن. ڪهڙي طرح. پنهنجو اڌورو مجسمو مڪمل ڪريان. جيڪو هزارن، لکن ڏتڙيل، ڏکايل انسانن جو آواز بڻجي ايندو. انهن جي نمائندگي ڪندو.....۽ خوشين ۽ جياپي جا پيغام کڻي ايندو.
    ان ڏينهن اسين ڊرائينگ هال ۾ ويٺا هئاسين، پرڏيهي صاحب، پورٽريٽ ٺاهڻ ۾ مصروف هو. مان مجسمي ڏانهن ڏسندي ڪنهن تڪميل جي ڳولا ۾ هئس. پرڏيهي صاحب ڀرسان رکيل گلاس مان برش پسائي، رنگ ملائي جوڙي، ڪجھه ڪري رهيو هو. مون مجسمي تان نظر ڦيرائي، ڪينواس تي ڏٺو. جنهن تي في الحال ڪجھه به نظر نه پئي آيو.... رڳو پيلو رنگ سموري بورڊ تي پکڙيل هو......... اوچتو سائين پرڏيهي صاحب پريشان ٿي ويو ۽ برش ميز تي رکي سوچڻ ويهي رهيو. ڪجھه پل رکي، رنگن مليل گلاس مان رنگين پاڻي پي ويو.. جنهن مان ڪجهه دير اڳ برش پسائي رنگ جوڙي ٺاهي، ڪينواس بورڊ تي لاهي رهيو هو...... مونکي پڻ اڃ لڳي هئي. تنهن ڪري ساڳيو ئي خالي گلاس کنيم ۽ هال جي ڪنڊ ۾ رکيل گھڙي مان پاڻي پيئڻ لاءِ اٿيس، پر مون کي پرڏيهي صاحب روڪي ورتو. ڪٻٺ کولي ، منجھان ٻيو صاف ۽ ڌوتل گلاس ڪڍي ڏنائين، ته ان سان پاڻي پيئان.
    مون کاؤنس پڇيو. “سائين! آخر هن گلاس ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟”
    پرڏيهي صاحب چيو، “بابا! هي رنگن ڀريو گلاس زهريلو آهي، رنگ زهريلا هوندا آهن، زندگي جا توڙي انسانن جا، تون انهن رنگن جو زهر برداشت ڪري نه سگھندين.”
    مون به کيس چئي ڏنو، “سائين! مون به رنگن جو زهر پيتو آهي.” کلي چيو چيائين، “ها تو، ضرور رنگن جو زهر پيتو هوندو. انهن رنگن جو جيڪي ڪِن خوبصورت چهرن تي هوندا آهن، انهن رنگن جو زهر، جيڪي ڪاسميٽڪس جي صورت ۾ چپڙن تي چهٽيل هوندا آهن...
    مان خاموش ٿي ويس، سائين وري ٿورو مرڪيو، ۽ پورٽريٽ ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
    مون کيس چيو، “سائين! اسانجي معاشري ۾ آرٽ جو ڪهڙو قدر آهي؟”
    پرڏيهي صاحب برش ميز تي رکي ڇڏيو.
    “ڪوبه نه...... ٻاهرين ملڪن ۽ سڌريل معاشرن ۾ آرٽسٽ ۽ آرٽ جو وڏو مان آهي......... ات چهرن کي آرٽسٽ ئي سنواريندا آهن. ڪن قومن ۾ ته آرٽسٽ اگھاڙن جسمن تي چٽسالي به ڪندا اهن.
    جنهن کي ٽنٽوازم چئبو آهي. اهو ڪجھه اوائلي د‎ؤر ۾ به هلندو هو. پوءِ ئي ته سينگار جو وجود پيو ۽ ڪاسميٽڪس ٺاهيا ويا. جيئن چهرن کي خوبصورت ترين ۽ سهڻو بڻايو وڃي..... جيئن اکين کي سهڻو ۽ وڏو، چپن کي سنهڙو، ڳلن کي ڳاڙهو، ڀرن کي ڪارو ۽ وغيره..... پر هت ته ڪاسميٽڪس کي رڳو منهن تي ٿڦيو ٿو وڃي.
    مون کيس چيو، “سائين! توهان جو مطلب آهي ته هت به ائين هئڻ گھرجي؟”
    سائين وڏو ٽهڪ ڏنو، “نه بابا نه....... هت اهو، ڪڏهن به ناهي ٿيڻو. چڱو ڇڏ ان موضوع کي هاڻي هي وٺ نارنگي کاءُ.”
    هن ميز جي خاني مان نارنگي ڪڍي مون کي ڏني. مون نارنگي جون کلون لاهي ميز تي رکيون. پرڏيهي صاحب کي چيم، “پرڏيهي صاحب! هنن کلن واري رنگ جي ڪا اهميت؟”
    چيائين، “وڏي اهيمت آهي..... هي رنگ، پکي پکڻ لاءِ پناھ گاھ آهي....... هن رنگ کان نانگ بلائون ڏور ڀڄندا آهن. ان رنگ جي ويجھو اچي نه سگھندا آهن. ان رنگ جي پوشاڪ اوڍيل شخص کي نانگ ڏنگي ڪين سگھندو. انڌو ٿي پوندو.”
    مون کيس چيو، “واقعي پرڏيهي صاحب! تڏهن ته جوڳي ۽ سامي به اهڙي رنگ جي پوشاڪ اوڍيندا آهن ۽ شڪاري به گھڻو ڪري اها پوشاڪ پائيندا آهن...... شايد پنهنجي بچاءَ لاءِ.....”
    چيائين، “تون بلڪل صحيح آهين، ائين سمجھه ته ان رنگ جي پوشاڪ سندن يونيفارم آهي.”
    منهنجي نظر وري اوچتو ان پورٽريٽ تي پئجي وئي. جيڪو پرڏيهي صاحب ٺاهيو ويٺي......... ڪينواس بورڊ تي پيلو رنگ ڦهليو پيو هو. جيڪو خشڪ ٿي وڌيڪ چٽو ٿي ويو هو.
    مون کيس چيو، “پرڏيهي صاحب! هن رنگ جو ڪهڙو مقصد آهي، جيڪو سموري بورڊ تي پکڙيو پيو آهي؟”
    کلي پيو، چيائين، “تون ته صفا ڪو چريو آهين. اها به ڪا ڳالھه آهي.......؟ پيلو رنگ ته سوجھري جي علامت آهي.”
    پرڏيهي صاحب جو ايترو چوڻ ۽ منهنجون لاشعوري نظرون پراڻي ڊٺل مجسمي ۾ کپي ويون. منهنجي ذهن ۾ پنهنجي آدرشي وڃايل مجسمي جا عڪس جيڪي اڳ ڌنڌلا هئا، چٽا ٿيڻ لڳا. اهو مجسمو جيڪو منهنجي لاشعور ۾ سالن کان اڳ لڪيو پيو هو. ڪوشش جي باوجود به چٽو ڏسي نه ٿي سگھيس. بلڪل واضح ۽ چٽو ٿي ويو.
    اهو مجسمو هڪ عظيم انسان جي هو. جيڪو هزارن، لکن، ڏتڙيل ۽ ڏکايل انسانن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ خوشين ۽ جياپي جو پيغام کڻي اچڻو هو. جيڪو منهن مونن ۾ وجھيو ويٺو هو. سندس ٻانهن ۾ تنبورو جھليل هو. بزرگي جا آثار سندس منهن جي ريکائن مان اُسري نروار ٿيندا ٿي ويا..... سندس تنبوري جي تار مان اڀرندڙ هر آواز جو پڙاڏو سڄي افق ۾ پکڙجي پيلا شعاع ڇڏيندو ٿي ويو. جيڪي سوجھري جي علامت بڻجي، غلام، ڏتڙيل ۽ ڏکايل انسانن لاءِ روشن مستقبل ۽ جياپي جي پيشنگوئي ڪري رهيا هئا.


    ۽ وڇ ڀڄي وئي

    جمعي جو ڏينهن آهي، هو بنگلي جي ٻاهران پارڪ ۾ ويٺو، اوس پاس جي ماحول کي پرکي رهيو آهي. پارڪ کان ٿورو پريان اٽڪل ٻن ايڪڙن انبن جو باغ آهي. ان باغ جي ٻنهي پاسن کان گلن ۽ موسمي ٻوٽن جون نرسريون آهن. بنگلي جي بيهڪ اهڙي جڳھه تي آهي، جو هو پري پري تائين هر شيءَ ڏسي سگھيو ٿي. پارڪ ۽ نرسرين جي ڪنڊ کان مينهن جو هڪڙو واڙو آهي. واڙي جا سمورا ڪلا خالي آهن. ائين پيو لڳي ته مينهون چارڻ لاءِ ڌنار ڪاهي ويو آهي. هڪ هفتي جي نئين ڄاول وڇ، پنهنجو ڪنڌ، پٺيءَ تي رکي آرام ڪري رهي آهي.
    بنگلي جو چؤگرد، هيٺئين طبقي جي ماڻهن جا گھر آهن. جن جا ٻار ۽ پاليل ڪڪڙيون، وڻن جي ڇانوري ۾ ڇٻر تي کيڏندي مصروف پيا نظر اچن. ڪڪڙيون کار مان پيدا ٿيل کريل جنسي چٽڪٻرن چوزن کي زمين ۽ ڇٻر کوٽي چڳائي رهيون آهن. ڀرسان نرسري ۾ هڪ چڍي ۽ گنجي پاتل اڌڙوٽ ماڻهو نرسريءَ جي ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو آهي، جيڪي پلاسٽڪ جي ڳوٿرين ۾ قطارن ۾ رکيل آهن. ڀرپاسي جا حرڪتي ٻار ان ماڻهوءَ کي ڪافي دير کان ڏاڍو پريشان ڪري رهيا آهن. هو پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ڦٽل گلاب جي نون قلمن جي چوريءَ لاءِ نرسري جي حدن ۾ ڪاهيو پيا اچن. پر پوڙهي جي هڪلن تي نرسريءَ کان پرڀرو. سرن جي اوٽ ۾ ٿا لڪيو وڃن. کين وري ساڳيو وجھه ملڻ لاءِ خاصو ٽائيم لڳيو وڃي. جيستائين اهو اڌڙوٽ ماڻهو ڪنهن گيت جھونگارڻ سان گڏوگڏ ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ ۾ شديد مصروف ٿئي. اوس پاس جي گھرن مان سونٽي جي سٽڪن جا آواز اچي رهيا آهن. موڪل سندي ڏينهن مايون پنهنجن گھر وارن جا ڪپڙا ۽ پنهنجي ٻارن جا يونيفارم ڌوئي، ننڍن گھرن جي ٻاهران وڏن بيڪ مشڪ جي وڻن جي ٿڙن سان ٻڌل نوڙين تي سڪائي رهيون آهن. مرد ماڻهو نماز جي تيارين ۾ آهن. ڇوڪرا ٻاڪرا ڀرسان واري ميدان ۾ بيٽ بال کيڏي رهيا آهن. رکي رکي بال ڪنهن نه ڪنهن گھر ۾ وڃي ڪري ٿو ۽ پوءِ بال وٺڻ لاءِ منٿون. موٽ ۾ بال ۽ دڙڪا........
    هو سول ڪورٽ جو جج آهي. هفتو کن کيس ٿيو آهي جو بدلي ٿي آيو آهي. نئون شهر، نئون بنگلو....نوان ڪيس ۽ نوان ماڻهو. هو ڪرسي تي ويٺو آهي. ميز تي رکيل اخبارن جو جائزو ٿو وٺي. سندس نظر اوچتو هڪ ڌيان طلب تي ارڙهن سالن جي بالغ ڇوڪريءَ جو بيان. کيس سٺ هزار ۾ هڪ پوڙهي ماڻهوءَ جيڪو .......... به آهي. کي وڪيو ويو ٿي. ان ڪري هوءَ گھران ڀڄي نڪتي ۽ پنهنجي هم عمر جي نوجوان سان شادي ڪئي اٿائين. ڌيان طلب ذريعي هوءَ پنهنجي حفاظت لاءِ اختياري وارن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ سرڪاري رڪارڊ تي رکڻ لاءِ درخواست ڪري رهي آهي. جيڪي سندس شهري حدن سان لاڳاپيل واسطيدار عملدار آهن. تن ڏينهن کان هو ان ڇوڪري جي بيان تي ويچاري رهيو هو. جنهن ٽيون ڏينهن سندس آڏو نڪاح نامو ۽ قسم نامو صحيح ڪري ڪورٽ ميريج جو اعلان ڪيو هو.
    هڪ نظر ڇوڪري جي ڦوٽوگراف ٿي، اهائي خوبصورت ڇوڪري جيڪا هڪ نوجوان سان ڪورٽ ۾ پيش ٿي هئي. ڇوڪرو جيڪو غير تعليم يافته هو. قد جو پورو پنو. جسم ۽ شڪل شبيهه ۾ چڱڙو. سندس ڪپڙن تي موبل آئل جا ڪارا ڌٻا جيڪي ظاهر ڪري رهيا هئا ته هو ڪنهن گيرج ۾ ڪم ڪندڙ سيکڙاٽ مزدور هو. ساڻس گڏ موبل ۾ رڱيل ڪپڙا پهريل به شاهد به هئا. جيڪي پڻ سندس گيرج جا ساٿاري ٿي لڳا. هن ٻنهي جوان بالغن جا بيان وٺي. مجبورا ۽ قانونن سندن حق ۾ فيصلو ڏنو.
    هو ان ئي مسئلي تي ويچاري رهيو هو ته ايتري ۾ بورچي کيس چيو، “سائين چانهه پيو.”
    بورچي چانهه سندس آڏو رکي هليو ويو. ٿوري دير لاءِ هن اخبار ميز تي رکيو. چانهه ٺاهي ڪوپ چپن تي آڻي سرڪي ڀريائين. اوچتو ئي سندس نگاهون هڪڙي گھر ڏانهن کڄي ويون. هڪ نوجوان ڇوڪري در کان ٻاهر لوڙي تي ڪپڙا وجھندي. هٿ جي اشارن سان ٻئي طرف ڪنهن سان ڪجھه ڳالهائي رهي هئي..... هن سرڪ ڀري ڪوپ ميز تي رکيو ۽ پنهنجو سمورو ڌيان ان ڇوڪري جي اشارن ڏانهن ڏٺو. جيڪا پاڻ کان ڪجھه پرڀرو بيٺل هڪ نوجوان ڇوڪري سان اشارن ۾ ڪجهه ڳالهائي رهي هئي. مفاصلو ڪافي گھڻو هئڻ ڪري هو ڳالهائي نه پئي سگھيا. هو گونگي ٻولي کي پروڙي ويو. اهو سلسلو رکي رکي هلندو رهيو. ڇوڪري ڪپڙا سڪائڻ جي بهاني ٻاهر نڪرندي رهي ۽ تيستائين ساڳيو همراهه سندس انتظار ڪندو تي رهيو.
    سياري جو سج به اچي ٻن پهرن کي پهتو. ان جي هلڪي تپش سندس جسم ۾ سنهڙيون سيون هڻڻ شروع ڪيو. ان ڪري هو اٿي بنگلي اندر هليو ويو....
    سمورا سلسلا ائين هلندا رهيا. روز جو معمول، روز ڪانه ڪا نئين ڳالهه. ٻارن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ سندن پاسو وٺڻ ئي عورتن جو پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ وارو جھيڙو. ڪڏهن وري نرسري ۾ ڪم ڪندڙ اڌڙوٽ همراهه جي هٿ چڙهي ويل حرڪتي ٻار کيس مار ۽ ٻار جا ٻاڪا ڦاڙي روئڻ وارا آواز. بيٽ بال کيڏندڙ ٻارن جو راند تان جھيڙو. بيٽون هڪ ٻئي جي مٿن ۾، رت مٿن مان، مٿن ۾ پٽاٽن جهڙا ڳوڙها....
    کس سارو مضمون بي ترتيب ٿي لڳو. هو بگڙيل معاشري جون اوڻايون نوٽ ڪندو رهيو. جن جو فوري حل نه وٽس هو نه وري معاشري وٽ. ان معمول ۾ کيس پورو سال گذري ويو. ساڳيو ئي سيارو وري آيو.
    هو پارڪ ۾ ڪرسي تي ويٺو هو. اخبارن جو جائزو! هڪ نظر. هڪ ڌيان طلب ڏانهن. ساڳئي ڇوڪري “آئون مسمات فلاڻي زال فلاڻي جي مون هڪ سال اڳ پنهنجي گھر وارن کان باغي ٿي . جن مون کي سٺ هزار جي عيوض مون کي هڪ پوڙهي کي ٿي وڪيو. پنهنجي پسند تي فلاڻي سان ڀڄي ڪورٽ ميريج ڪئي هئي. مون کي پوءِ خبر پئي ته منهنجو مڙس جواري آهي. منهنجي روڪڻ باوجود به هو جوا کان نه مڙيو ۽ سڀ ڪجهه جوا ۾ هارائيندو ويو. آمدني نه هئڻ ڪري هو مون کي برن ڪمن لاءِ مجبور ڪندو رهيو. تازو هن مون کي هڪ لک روپين ۾ گيرج جي مالڪ کي وڪڻڻ چاهيو. تنهن ڪري مان ٽن ڪپڙن ۾ پنهنجي هڪ مهيني جي ڄاول پٽ کي کڻي گھران نڪتي آهين. وس وارن کي عرض آهي ته مون کي ان ماڻهو کان طلاق ڏيارين.... مون کي ڪنهن به برغلايو ڪونهي. مان عمر جا باقي ڏينهن پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻار جو گذارو ڪنديس...”
    کائنس ڇرڪ نڪري ويو. هو گھڙي ساعت ويچار ۾ پئجي ويو. بورچي چانهه آڻي سندس آڏو رکي. هن اڃان چانهه جو ڪوپ ٺاهيو ئي نه هو ۽ نه ئي ان بيان جي اثر کان آجو ٿيو هو ته . هڪ اڌڙوٽ همراهه دانهون ڪندو وٽس آيو.
    “سائين ظلم ٿي ويو. منهنجي مدد ڪيو. انصاف ڪيو. منهنجي ڇوري نڀاڳي ڄمي ئي نه ها، فلاڻي ڇوري سان ڀڄي وئي........”
    سندس خيال يڪدم ڪپڙن سڪائيندڙ ان ڇوڪري ۽ سندس انتظار ۾ بيٺل ڇوڪري ڏانهن هليو ويو. جيڪي اشارن ۾ ڳالهائيندا هئا.
    هن پوڙهي کي آٿت ڏئي اماڻيو. هڪ نظر اوسي پاسي جي ماحول ڏانهن ڪيائين. سڀ شيون پنهنجي معمول تي هيون. پر هڪڙي جيڪا ڳالهه ڌيان طلب هئي اها هئي وڇ جو واڙي ۾ نه هئڻ ۽ ڪڪڙن جي کار مان پيدا ٿيل گھڻ جنسي چٽڪٻرن نابالغ نر ٻچن جون بي وقتيون بي سريون ٻانگون ڏيڻ. جن مان هڪ ٻئي “ڌيان طلب” جون ڪيتريون ئي خبرون نسري رهيون هيون.


    سرحدن کان اڳتي

    ڪارونجهر، ننگر شهر جي مٿان ڪرَ کنيو بيٺو هو، سانوڻ جا آگم ائين ڀريا بيٺا هئا، جيئن تازي وئايل مينهن جا ٿڻ، کڙ سان ڀريا بيٺا هوندا آهن. ننڍيون ننڍيون ڪڪريون جبل جي چوٽيءَ سان ڪُڏي رهيو هيون، ڪجهه ڪڪريون جبل سان ٽڪرائجي اُڀ ڏانهن ٿي هليون ويون ته وري ڪي جبل جي سيني تان ترڪنديون جبل کي پُسائينديون، دونهي جيان وکري ٿي ويون.
    شام جو ٽيون پهر، جبل جي ڪور کان وائکو ٿي رهيو هو. ”الله اڪبر“ جو آواز ڪجهه مسجدن جي ٿلهن کان نروار ٿي، ڪڪرن جي کجڪاٽن ۾ گم ٿي ويو. هلڪي بوند، ننگر شهر جي بجريءَ کي پسائي ڇڏيو، جبل جا سمورا منظر پسي ويا، شهر جون زندگيون ٺڪر جي ڇتين هيٺان پناهه وٺڻ لڳيون. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ وکون، ڪماٺيءَ تي پاڻي جا دٻا کوهه مان ڀري پوسل ۾ پُسرڻ لڳيون، جبل جا سمورا جناور پنهنجي آکاڙن ۾ وڃي لڪيا. مورن جون ٽَهوڪا، وشال آڪاش ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳا، وڇوڙو، نه ڄاڻ ڪٿان جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ جون پٿريليون ديوارون اورانگهي سڪينا بنگالڻ جي سورن ۾ ڪاهي پيو.
    هوءَ ٻنپهرن کان مسلسل سورن ۾ هئي، ”الله اڪبر“ جي پُرڪيف آواز سندس سورن کي ماٺوڪين ڪيو هو، ويتر سانجهيءَ جي آذان سندس سورن کي تِکو ڪري ڇڏيو. گونگن آگمن اچي رنگ لاتا، جيل جي ڀرسان هوا تي لڏندڙ سريل جي وڻ پاڻ کي نيستو ڪري رکيو، جيڪو ٽپهريءَ کان هوا تي لُڏي لمي رهيو هو. سورن جي گهڙين جا گهٽيل آواز، مينهن جي وڏ ڦڙن ۾ ملي ٽپڪڻ لڳا، اوچتو کنوڻ جي کجڪاٽ سان سڪينا هڪ گهٽيل آواز ۾ دٻيل ڪيڪ ڪئي، جنهن سان هڪ اگهاڙي پتڪڙي بنگاليءَ، جيل جي کوليءَ ۾ زندگي جو آواز بلند ڪيو، بنگالي ٻار جو ناڙو، ماءُ جي وجود کان ڌار ٿي ڌرتيءَ جي وجود سان ڳنڍجي ويو. اها ڌرتي جيڪا هر بني آدم جي ماتا آهي، جنهن وٽ ذات پات حسب نسب جو ڪو به تضاد ڪونهي.
    رات ساري، آگم وسندا رهيا. خدائي، ڪال ڪوٺڙي جي روشندان مان لڪي ڪاهي ٿي آئي ۽ اگهاڙي ٻالڪ کي ڳراٽڙي پائي وري آڪاش ۾ گم ٿيو ٿي وئي، ٻار جهڙي خدا جو روئڻ، بادلن مان ڪرندڙ ڦڙين جي ساز ۾ ننڊ ڪري رهيو هو.
    صبح جون هوائون، بادلن کي هڪ وڏي ريگستان ڏانهن ڪاهي ويون، سج جا ڪرڻا، ڌرتيءَ جي سيني کان نمودار ٿيا، کن پل ۾ سج پنهنجو منهن، ڌرتيءَ جي اوٽ کان ڪڍيو، سج جا روشن ڪرڻا ڪارونجهر سان ٽڪرائجي، روشندان مان ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڪاهي پيا. سوجهري نئين زندگيءَ جي آجيان ڪئي، زندگيءَ مُرڪي ورندي ڏني، سوجهري ڪارونجهر جي پاڇن کي ويتر چِٽو ڪري ڇڏيو.
    ڪارونجهر جي پيرن ۾ پيل ننڍڙي شهر جي زندگيءَ ۾ چوٻول مچي ويو، رات جي وسڪاري کان پوءِ سمورو شهر ڌوپجي ويو هو، ڪارونجهر جو ڌوتل ڪارو سينو، سج جي ڪرڻن تي، مينهن جي پُٺيءَ جيان جَرڪڻ لڳو.
    اوس پاس جي هارين، هر ۽ ناڙيون تيار ڪيون، اُٺن ۽ گڏهن سان جوٽيل هر ۽ ناڙيون، واريءَ ۽ پٿريءَ جي گڏراٺ مٽيءَ جو سينو چيرڻ لڳيون ۽ ڪن هارين ٻي وسڪاري لاءِ هَرن جي گهوٻن کي ٺپرائڻ لاءِ ننگر جو رُخ ڪيو.
    ڪارين جي نارين، جون اڏول ٻانهون ڌنوڻ هلائڻ لاءِ اُٺ جي ڳچيءَ وانگي هيٺ مٿي جهولڻ لڳيون، سندس ٻانهن ۾ پيل وڏا عاج جا چوڙا پاڻ ۾ ڪڪرن جيان ٽڪرجڻ لڳا ۽ سندن اُرهه نور جي لياڪن جيان اُڀ ساها ڇُلڻ لڳا. ڪاريا هرن جي گهوٻن کي ٽانڊن جي بٺيءَ مان چمٽيءَ سان ڪڍي، ٽپڻ لاءِ زور سان سٽن لڳا. سٽڪن جي آواز تي شهر جي زندگي ويتر تِکي ٿيندي وئي.
    بني آدم جي چهرن تي لڳل غم جا بُخيا اُڊڙڻ لڳا ۽ خوشيون سندن ڪم سان گڏ رُڌجي معتبر ٿيڻ لڳيون. شهر جي ڪنڊ ۾ رکيل شِوَ جو علامتي پُتلو، نارنگي سِندرو سان نارنگي ٿي ويو. ديوَن ۽ داسين، ٻاوَن ۽ ٻائِين جي ٻڌل هٿن وچان سندن تپسيا، ماڪ جيان زمين تي ٽيپو ٽيپو ٿي ڪِرڻ لڳي، ٻن مسجدن جا مينار، ڪونج جي ڳچيءَ جيان اُڀا ٿي، آسمان ۾ صدائون ڳولڻ لڳا، مورن جا ٽهوڪا، ڪارونجهر کان به اوچو گونجڻ لڳا. پر سڪينا بنگالڻ جو درد اڃا به اوچو هو، بلند هو، سندس درد ۾ ماڪ کان به وڌيڪ نزاڪت هئي، صدا کان به وڌيڪ صداقت هئي، ڪُوڪن کان به وڌيڪ ڪرب هئو، سندس اکين جي رڻ تي اڃان به وسڪارو جاري هو.
    هَن کي رحمان کان جدا ٿيئي اٺون مهينو ٿيو هو، رحمان جيڪو راجستان جي ڪنهن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو ۽ هوءَ سندس ڀاءُ سليم ۽ ڀاڄائي امينا رات ويلي ڇڪڙي جي ڊالي ۾ وجهي، راجستان جي سرحد کان پارڪر جي جوءِ ۾ اُڇلايا ويا هئا.
    رزق جي ڳولا ۾ نڪتل قافلو، رڻ ۾ ئي رُلي ويو، کين ڪابه سُڌ ڪانه هئي ته ڌرتيءَ جون به ڪي حدون هونديون آهن، جن کي اورانگهڻ سان اکين ۾ صرف اوندهه لهي ايندي آهي، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ به ڏسي ناهي سگهبو! نظر ايندو آهي ته رڳو دنيا ۾ تمام سستو وڪامجندڙ قانون، لوهي شيخون ۽ مٿن پهرو ڏيندڙ ٺيڪيدارن جون بي وقتيون خواهشون. اُن لمحي ته خدائي به پَر ڪري اڏامي ويندي آهي، فقط رهجي ويندو آهي پنهنجو هڏ، چم، رتُ ستُ، جيڪو وقت جي تيز هلندڙ چرخي سان سلوموشن ۾ ٿاٻڙجندو آهي.
    ”سڪينا نالو ڇا رکنديس؟“ امينا سندس ڀرسان ويهندي چيو.
    ”نالو ته ديس سان هوندو آهي، پرديسين جو ڪهڙو نانءُ؟“
    امينا ٽهڪ ڏنو،
    ”چري هِن جڳ ۾ هر ڪو پرديسي آهي.“
    سڪينا ماٺ ٿي وئي. امينا اٿي سليم جي ڀرسان وئي، جيڪو شِيخن جي ڀرسان ويٺو، پَٽ تي ليڪا پائي، پهرو ڏيندڙ سپاهيءَ جي قيد تي ويچاري رهيو هو:
    ”ڇا مان ئي قيدي آهيان؟ هت ته هر ڪو قيد ۾ آهي، پنهنجي ئي هٿ ٺوڪيل، ريتن، اخلاقن ۽ قانونن جي قيد ۾، هي سپاهي ڇا قيدي ڪونهي؟ پيٽ ۽ ورديءَ جي ڍڪ ۾ ڍڪيل قيدي ۽ مان، شيخن جي پٺيان بند ٿيل قيدي. آزادي ته روح کي هوندي آهي، سوچ کي هوندي آهي ۽ هن سپاهيءَ جو روح، مهيني جي پگهار ۾ اٽڪيو بيٺو آهي ۽ سندس سوچ سندس ڪلهي ۾ لڙڪيل بارود واري بندوق سنڀالڻ ۾ پوري آهي.
    ”اڄ وري منهنجي حاضري آهي، حاضريون ڀريندي اچي اٺون مهينو ٿيو آهي، پر ڪجهه به ڪين وريو آهي، لڳي ٿو عمر ائين ئي هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ گذري ويندي!!“
    سليم ڇرڪ ڀريو، ”هون.... ها.... پوءِ ڇا هي؟ سڀڪي ته ملي ٿو. روٽي پاڻي، ٻيو ڇا کپي، اِن لاءِ ته نڪتا هئاسين.“
    امينا جي منهن جو رنگ ڪجهه وڌيڪ ڦٽي ويو.
    ”۽ هي هيڏو سارو جبر جو ٿو سهڻو پوي، توکي ته ٻه چار ٿڦون ٿيون لڳن ويل ته مون لاءِ آهي، ڀيڻين به فلحال اِن مصيبت کان بچيل آهي، جيسين سندس ايڪيهون (اِڪويهون) گذري تيسين ته سارو قهر مون تي ٿو ڪِري.“
    سليم بيوسي ۽ چِڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو،
    ”پوءِ مان ڇا ڪريان، ڪهڙو ڦاهو کاوان، ٻڌاءِ نه، ڇا ڪيان؟ تنهنجي رئي جا به ته ٻرگهل نڪتا پيا آهن، نه ته جيڪر اِن سان ئي پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏيان.“
    ان ويل هڪ ٻيو سپاهي، کوليءَ ڏانهن آيو، لاڪپ کوليائين.
    ”امينا توکي صاحب گهرايو آهي.“
    امينا پڇيو، ”ڪهڙي صاحب؟“
    سليم کيس ڏسندي چيو:
    ”تون وڃ... ڪهڙي صاحب!! هت کوڙ صاحب آهن، جڏهن قانون انڌو، ٻوڙو ۽ اپاهج ٿي پوندو آهي ته اُن جي لغام وحشي ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويندي آهي ۽ پوءِ انڌو ۽ اپاهج قانون سندن هٿن ۾ پُتلي جيان نچندو آهي.“
    سپاهيءَ جو ٿڏو سندس ڪُک ۾ کپي ويو.
    ”دلا ڀيڻان! هڪ ته پرايون حدون ٿا اورانگهيو، ٻيو وري ڳالهايو گهڻو، توکي ته اڄ ئي ٿا ڏسي رهئون.“
    سليم دل ۾ سوچيو:
    ”اُن سمي توهان جون حدون ڪوريئڙي جي ڄار کان به ڪچيون ڪيئن ٿي پونديون آهن، جڏهن ٻاهريون قوتون توهان کي پنهنجي اِشارن تي نچائينديون آهن، اُن لمحي توهان جو قانون ڪٿي هوندو آهي، جڏهن بنگالي عصمتون سرعام وڪبيون آهن ۽ توهان جي قانون کي نچائيندڙ مداري کين وڏي اگهه تي وٺندا آهن، اُن لمحي توهان جا قانون ۽ حدون ڪٿي هونديون آهن، جڏهن ٿر جي رڻ- پٽن مان اُٺن تي بڇڙايون چاڙهي توهان جي آنڊن ۾ اوتيون وينديون آهن ۽ توهان جو سارو سرشتو، نشي ۾ الوٽ ٿي سمهي رهندو آهي، اُن قانون کي به ته ڳوليو نه، جيڪو توهان جي حدن ۾ بارود جون ٻوريون ڀري وقتي ڪيمپن ۾ پناهه وٺي، توهان جي شهرن جي حدن ۾ فساد ۽ موت بڻجي ڪاهي پوندو آهي.“
    شام جي پهر سليم جو وجود بارود سان ڀسم ٿي ويو ۽ سندس سوچون هميشه لاءِ رات جي اوندهه ۾ گم ٿي، ميسارجي واريءَ جي دڙن ۾ لٽجي ويون.
    امينا، جيل جي کوليءَ کان ٻاهر آئي، کيس ائين لڳو ڄڻ، هوءَ جنت جي در کان اُڪري اندر ٿي هئي، پر پوءِ به سندس ذهن ۾ جهنم جا لاوا سندس جسم کي تَــئهُ ڏئي رهيا هئا، ڪارونجهر جو اوچو ڳاٽ مٿس ڇانوَ بڻجي سندس اندر ۾ پيهي ٿي ويو. هُن چاهيو پئي ته جيڪر پنهنجو پاڻ ڪارونجهر جي هنج ۾ ڏئي ڇڏي ۽ اُن جي سرڪشيءَ جي پناهه ۾ اچي هميشه لاءِ عذاب کان بچي پوي، هوءَ پٿريلي پيچري تان سپاهيءَ پويان هلندي وئي.
    سپاهي کيس ڏٺو،امينا به کيس نهاريو. امينا کي محسوس ٿيو ته سپاهيءَ جي اکين ۾ آڇ هئي، هن اکيون جهڪائي ڇڏيون.... شايد امينا سندس پيروي ڪرڻ لاءِ رضامنديءَ جو دستاويز، دل ئي دل ۾ صحيح ڪري چڪي هئي، قبولي چُڪي هئي، اِن ڪري سندس پويان جيل جي کوليءَ کان تمام ڏور نڪري وئي، اِهو ڄاڻيندي به ته اڄ نه ته سڀاڻي ضرور نيلام ٿيندي ۽ پوءِ نيلام ٿيندي رهندي.
    گونگي سڪينا جي وسندڙ اکين ۾ سندس عصمت جي پائمالي جون رڙيون ٻن سالن تائين، سندس ٻالڪ جي معصوم شرارتن جي باوجود به بند ٿي نه سگهيون ۽ هن پنهنجي آلين اکين سان پنهنجي ٻالڪ کي بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي روشن دان مان ايندڙ اَڻ پوري سوجهري کي آخري ڀيرو ڏسي ۽ ٻوٽي ڇڏيو.
    اڄ وري آگم ڀرجي آيا هئا ۽ اِهو ڪارونجهر تي ٻيو وسڪارو هو، پر سڪينا جو وجود ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بي ساهو پيو هو. اگهاڙي ٻالڪ ماءُ جي ڦاٽل چولي مان سندس بي جان ڇاتين کي پنهنجي ننڍڙي وات سان چوسڻ لاءِ چڳڙون ڏنيون، پر کيس کير جي هڪ بوند به ڪونه ملي ۽ هو مايوس ٿي، ننڍڙيون پتڪڙيون وکون کڻندو جيل جي شيخن وٽ آيو ۽ پنهنجا پتڪڙا هٿ، شيخن جي ٻاهران ڪڍي وسندڙ مينهن جي ڦرين کي هٿ جي ترين تي کڻڻ لاءِ، پنڻ واري انداز ۾ جهلي، آڪاش ڏي ڏٺائين ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ٻاتن ٻولن ۾ ڪجهه چيائين، جيڪو جيل جي ديوارن کي ته سمجهه ۾ ڪونه آيو، پر ڪائنات جي خدا کي ڇڏي زميني خدائن ۽ آقائن جي سمجهه کان به مٿاهون گذري ويو..


    خدا تنهنجا سڀ آسمان مون وٽ گروي آهن

    مس ناهيد مون کي ڏاڍو وڻندي هئي. کيس پهريون ڀيرو اسڪول ۾ ڏٺو هئم ته دل خوشيءَ وچان ٽڙي پئي هئي، کن پل لاءِ سندس سندرتا جي وسعت ۾ پنهنجي سپنن جي بلندين تي ٽمڪندو محسوس ڪيو هئم. جيئن سج اڀرڻ مهل، سندس ڪرڻا، هلڪي ڳاڙهي گلابي افق تي تجلا ڏيندي پکڙجي ويندا آهن.
    ان وقت مان ستن ورهين جو هوندي به پنهنجي وهيءَ کان پختو ليکبو هئس، منهنجون ڳالهيون ۽ حرڪتون، ٻين ٻارن کان بنهه مختلف ۽ مٿاهيون هيون، تنهنڪري سڀ مون کي چاهيندا، پيار ڪندا ۽ مون تي توجهه ڏيندا هئا، پر مس ناهيد جو پيار ۽ ڌيان مون ڏانهن سرس رهيو، هوم ورڪ پورو ڪري اچڻ، ڪلاس ۾ سڀ انگ اکر پورا ڪري ٻُڌائڻ تي هوءَ مون کي ڏاڍو پيار ڪندي هئي. نه رڳو پيار پر ڪڏهن ڪڏهن ته پپي به ڪندي هئي. سندس چميءَ کان پوءِ پنهنجي ڳٽن کي مذهبي عبادتگاهن جيان مقدس ڀائيندو هئس. گهر موٽڻ شرط، ڪتابن جو ٿيلهو تڪڙ ۾ ڪٻٽ ۾ اڇلائي درسنيءَ سامهون بيهي پنهنجا مقدس ڳل پنهنجي هٿن جون آڱريون پنهنجي لڳن تي گهڻائي چمندو هئس، اُن لمحي پنهنجي آڱرين مان مس ناهيد جي چپن جو مٺو ۽ پوتر هُڳاءُ محسوس ٿيندو هئم.
    مان اِهو ڄاڻي ڪين سگهيو هئس ته آخر مِس ناهيد ئي مون کي ڇو ٿي وڻي!!؟ اسڪول ۾ ٻيون به ته مِسون آهن جيڪي مون کي پڙهائين ٿيون، مون کي پيار ڪن ٿيون! پر شايد سندس پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جي پيار ڀرئي انداز کان سواءِ ڪجهه ٻيو به هئو جيڪو، منهنجي اندر ۾ پيهي ويو هو، جنهن ڪري مان سندس اکين، چپن ۽ هٿن کي مسلسل ڏسندو رهندو هئس، جن ۾ مون کي ڪو اڻ ڄاتل خدا نظر ايندو هو.
    آهستي آهستي مون جڏهن عمر جي پهرئين ڏهاڪي ۾ پير پاتو ته هر عورت، من موهيندڙ لڳم، منهنجي دل هرکڻ بدران، سندس وار، مهانڊا، عضوا، ڏسڻ ۽ پوءِ ڇهڻ لاءِ ماندي ٿيڻ لڳي. رات ڏينهن ڪو نه ڪو سندر مجسمو منهنجي ذهن جي جبلي گوشي ۾ ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ منهنجو ڀاڙي مغز جاڳندي، سمهندي لذت جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيو.... پر مِس ناهيد جي ڪنهن به عضوي مون کي ڪونه وِڦلايو، مان سندس جسم جي نظر کان بچندو، عقيدت جي اوڙاهه ۾ ڦاسندو ويس، منهنجون نظرون هميشه سندس ريشمي وڳي مان اُڀريل ڇاتين تان ترڪي، سندس هٿن جي چرندڙ آڱرين ڏانهن کڄي وينديون هيون، جيڪي منهنجي من جي مڌم ٿيل تنبوري جون تارون ڇُهي، سرگم جا سڀ سُر آلاپينديون رهنديون هيون، سندس چُرندڙ چپ ڪا وائي ورنائيندا رهندا هئا ۽ مان سندس اکين جي ڪاڪ محل ۾ مينڌرو ڳوليندي گم ٿي ويندو هئس.
    هڪ ڀيري آزاديءَ واري ڏينهن تي، مون پيانو تي قومي تراني جي ڌُن وڄائي هئي، اسڪول جي شاگردن وطن جو جهنڊو ڦڙڪائي، سلامي ڏني هئي، انعام طور شهر جي ڊي سيءَ، مون کي پپي ڪري هار پارايو هو. ان لمحي مون کي ڏاڍي چڙ لڳي هئي، ڪاوڙ ۾ سمورو ڪاراٺجي ويو هئس، اکين مان ڳوڙها وهي پيا هئم، تڏهن هر ڪنهن ائين ڄاتو هو ته خوشيءَ ۾ منهنجي اها حالت ٿي آهي، پر ائين نه هو، مون کي محسوس ٿيو هو ته منهنجا ڳٽا جن تي مس ناهيد پپي ڪندي آهي، سي ان پوڙهي کڳ ڊي سيءَ جي چميءَ سان پليت ٿي ويا آهن. مان زور زور سان روئيندو ڪامن روم ۾ هليو ويو هئس، منهنجي تِيسو ڏسي مس ناهيد مون کان سبب پڇيو هو، روئيندي چيو هومانس. ” مِس مون کي آڱرين ۾ ڏاڍو سور آهي، مون پيانو وڄائڻ لاءِ محنت ان ڪري ڪونه ڪئي هئي ته پوڙهو ماڻهو گُلن جو هار پارائي ۽ پپي ڪري.... مون کي اوهان ڇو نه هار پارايو، اوهان ڇو نه پپي ڪي؟“
    ”ڏِس اها منهنجي ڊيوٽي ڪونه هئي نه. . . . .؟ ڪيئن ايڏن ماڻهن جي منهن تي توکي پپي ڪيان ها.....؟“
    مون کيس سڏڪندي چيو هو، ”مِس ڇا؟ پپي ڪرڻ لاءِ به ڪا ڊيوٽي هوندي آهي...... پيار ڪرڻ لاءِ به ڪو عمر جو فرق هوندو آهي؟ عمر جي وڌڻ سان پيار جون سرحدون بند ٿي وينديون آهن ڇا؟“
    مِس ناهيد منجهي پئي هئي، ”ڏس مان توکي پپي ڪيان ها ته ماڻهو ڇا سمجهن ها؟“
    کيس چيو هئيم، ”“مس فلمن جو عورتون، وڏن ٻارن کي پپيون ڪنديون آهن، پوءِ اتي ته ماڻهو ڪجهه به نه چوندا آهن، رهندو خوش ٿيندا آهن.“
    ”“مِس ناهيد کان ٽهڪ نڪري ويو هو، مون کي سڏيندي چيو هئائين، ”هيڏانهن منهنجي ويجهو اچ، تون وقعي به وڏو ٿي ويو آهين ۽ عمر کان وڌيڪ سمجهدار به..!!“
    مان وڌي سندس ويجهو ٿي ويو هئس، مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي، ڳوڙها اگهندي، اهڙي ته ڇرڪائيندڙ چمي ڏني هئائين جو مون پنهنجو پاڻ کي ميڻ جيان وگهرندي محسوس ڪيو هو، سندس گول محرابي ۽ سڊول ڇاتين جي جبلن مان اوچتو ڦاٽ کائي لاوا، منهنجي ننڍڙي سيني ۾ پيهي ويا هئا. سندس چميءَ سان، سندس چپن جي گرمائش منهنجي ڳلن تي دوزخ بڻجي بيهي وئي هئي،......سندس آڱرين سان اگهيل منهنجا ڳوڙها، اذيت ۾ مبتلا ٿي روئڻ لڳا هئا ۽ مان سندس اکين جي جنت ۾ پنهنجي اڻ ڄاتل خدا کي ڳوليندي، سڏڪندو رهجي ويو هئس، ان ڏينهن کان پوءِ منهنجي اک ۾ ڪو به لڙڪ ڪونه آيو هو ڇو ته مس ناهيد مون کي روزانو اهڙيون ساڳيون چميون ڏيندي هئي ۽ انهن بي شمار چمين ۾ مون سان گڏ منهنجي ٻالڪپڻو به الائي ڪٿي گم ٿي ويو هو.... مان اڄ تائين پنهنجو ٻالڪپڻو لڀي نه سگهيو آهيان......ها باقي هن جو ڏنل سڀ چميون منهنجي ڳلن تي ۽ چپن ۾ اڄ به ڦٿڪنديون ٿيون رهن.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو مِس جو وهانءُ شهر جي هڪ وڏي سيڙپ ڪار سان ٿي ويو ۽ اهو سيڙپڪار رڳو دنيا جي ناڻي جو سيڙپڪار نه هو پر هو ته دين جو به سيڙپڪار هو، هڪ اهڙي ذات وارو ماڻهو، جنهن جو هٿ، ٻين ذاتين جي ماڻهن لاءِ ٻنهي جهانن جي ڇوٽڪاري جي نانءَ تي الائي ڪٿي ڪٿي به وڃي سگهيو ٿي پر ڪنهن ننڍي ذات واري جي اک، ان جي هٿ ڏانهن ان لاءِ به کڄي نه ٿي سگهي جو اها اک، امتي جي اک هوندي آهي ۽ مان به امتي هئس نه! پوءِ هوءَ ڪڏهن به منهنجي اسڪول ۾ مون کي پڙهائڻ لاءِ ڪونه آئي. هو منهنجي پهچ کان ڪوهين ڏور هلي وئي.......هوءَ شهر جي سوشل ورڪر ٿي شهرت حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ مصروف ٿيڻ لڳي، ڪجهه ئي وقت ۾ سندس نانءُ شهر جي هوائن ۾ پکڙجي ويو، هر هنڌ، هر فنڪشن ۾ سندس موجودگي شهر جي مختلف حلقن ۾ ضروري بڻجي وئي.... هوءَ اسان جي اسڪول جي به ڪيترن ئي فنڪشنز ۾ آئي، پر هُن پنهنجي اوچي ڳاٽ کي ڪڏهن به نوائي منهنجي پتڪڙي قد کي ڪونه ڏٺو. هوءَ مون بدران ٻين ٻارن کي گلن جا هار پارائي پپيون ڪندي هئي ۽ مان گهر موٽي اچڻ شرط ساڳئي آئيني اڳيان بيهي پنهنجي لڳن تي اڀريل موهيڙن کي پٽيندو هئس، جيڪي سندس گرم چپن جي ڇهاءُ کان پوءِ دوزخ جي باهه بڻجي سدائين منهنجي ڳٽن تي ٻرندا رهندا رهيا هئا. پنهنجي اکين ۾ سندس اکين جي جنت جو اولڙو ڳوليندو هئس، جيڪو منهنجي اکين جي پاڻياٺ ۾ وهي چڪو هو....
    مِس ناهيد ڪجهه عرصي کان پوءِ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر بڻجڻ لاءِ اميدوار بيٺي، سندس سرمائي ۽ شهر جي حلقن کيس هٿو هٿ کڻائي ڇڏيو. ياد اٿم جڏهن هُن چونڊ مهم لاءي شهر ۾ وڏو جلسو ڪيو هو، کيس هڪ گاڏيءَ جي کڙڪيءَ مان بيهاري سموري شهر جو سرگس ڪرايو ويو هو، ان لمحي ڪيترائي تماشائي کيس ڏسڻ لاءِ روڊن جي ڪنارن، گهرن جي ڇتين ۽ گاڏي جي اڳيان پويان اچي ڪٺا ٿيا هئا، رش ۾ مان سندس ويجهو وڃي نه ٿي سگهيس، ان ڪري سندس گاڏي اڳيان جهومندو سهڪندو رهيو هئس ۽ لاڳيتو سندس اکين ۾ واجهائي رهيو هئس پر تڏهن به هن مون کي ڪين ڏٺو هو، ان وقت مون لاءِ ڪنهن به سماجي ۽ معاشي نظريي جي ڪا به اهميت ڪانه هئي. مون کي مليل هڪ اڻ مٽ چميءَ جو نظريو مڙني نظرين تي ڀاري هو. سندس چميءَ جي آواز جو رڌم ازل کان ابد تائين ساڳيو هو، جنهن کي ڪروڙين سالن جي اتهاس ڪونه بدلايو آهي. پوءِ جڏهن هن مون ڏانهن بنهه ڪونه ڏٺو ۽ جلسي گاهه ڏانهن ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪاهي پئي هئي ته مان، سهڪندو سهڪندو واپس موٽيو هئس، ان لمحي منهنجي حالت ڪنهن رولو ڪتي جيا ٿي پئي هئي، جيڪو گرمي ۾ سهڪندو رهندو آهي ۽ جنهن جي ڄڀ ٻاهر نڪري ايندي آهي.... اُن ئي ساعت مون تي انڪشاف ٿيو هو ته واقعي به رڳو ظاهري حسن، حقيقت ۾ اضافي ۽ بي معنى شيءِ آهي، جيڪو نه ڪنهن جي اکين ۾ هوندو آهي، نه ڪنهن جي جسم ۾، پر اهو ته ڪن ٻن حورن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ رشتي جي احساس جو نالو آهي ۽ ڄاڻي ورتم ته دنيا، رواجي رشتن جي محتاج آهي، پوءِ پنهنجي ذهن ۾ طئه ڪري ڇڏيو هئم ته جيڪي ماڻهو، انسانن جي جبلي ۽ بنيادي جذبن جو قدر ڪرڻ ناهن ڄاڻيندا اهي سماجي اعتبار کان ڪيترائي وڏا ڇو نه هجن پر اڌورا رهندا آهن، بنهه معمولي هوندا آهن.
    ۽ هاڻ مان کيس اخبارن جي صفحن تي ڏسي سگهندو آهيان، ٽي – وي اسڪرين تي جلسا ڪندي پسندو آهيان پر اڄ به خيالن ئي خيالن ۾ سندس ريشمي وڳي جي اندران ڇلڪندڙ ڇاتين مان نڪرندڙ اُهي ساڳيا لاوا پنهنجي ويڪري ڇاتيءَ ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر محسوس ٿيندو اٿم ته سندس پيار پاٻوهه سان ڀريل اُهي گرم ڇاتيون هاڻي برف جا گولا ڳنڍا ٿي پيون آهن، جن مان سچائي وارو ميٺاج پگهرجي وهي وي آهي. سندس اکين جي جنت ۾ خدا بدران راوڻ نظر ايندو اٿم ۽ ٽي وي اسڪرين تي تقرير دوران سندس هٿن جي اشارن سان منهنجي مَن جون تارون ٽُٽندي محسوس ٿينديون آهن، جيڪي اڳ ڪلاس روم ۾ پڙهائڻ دوران مَن جي تارن جا سُر آلاپينديون هيون، سي آڱريون اڄ پنهنجي اشارن سان عوام کي نچائي رهيون آهن.
    هاڻ هوءَ سڄي ملڪ جي صحت کاتي جي وزير پڻ بڻجي وئي آهي، مان، ڪيترائي ڀيرا کيس ڏسڻ لاءِ شهر جا گهٽ وٺي بيهندو هئس، پر ڪڏهن به کيس ڏسي نه سگهيو هئس، هوءَ سدائين ڪارن ۽ شيشن واري بند ٿيل گاڏيءَ ۾ سائرن جي آواز سان زوڪاٽ ڪندي منهنجي نظر کان اوجهل ٿي ويندي هئي ۽ مان روڊ تي بيٺل سپاهيءَ جي سامهون جهليل لَٺ ڳچي اُڀي ڪري سندس گاڏيءَ جي شيشن ۾ سوجهرو واجهائيندو هئس....هوءَ ته پنهنجي منزل جا ڏاڪا چڙهي وزارت کي وڃي رسي....۽ مان زندگيءَ جي ڏاڪڻ تان ترڪي بي روزگاريءَ جي ڪُن ۾ پيس.
    ڪلهه جيڪا مِس ناهيد مون کي منهنجو خدا لڳندي هئي، سا هاڻ روبوٽ جيان پابند لڳم، جنهن وٽ طاقت ته هوندي آهي پر پنهنجو ڪو به اختيار نه..... هوءَ پنهنجي سيڪريٽريءَ جي هٿ ۾ رکيل ورقن واري رموٽ ڪنٽرول هيٺ آهي، جيڪا سندس هر اُٿلايل ورق جي لفظ لفظ تي چرپر ڪندي آهي. هوءَ آزاد آهي به ته هڪ ننڍڙي دائري ۾ جيڪو رموٽ جي برقي پهچ تائين محدود آهي ۽ جيڪڏهن مان چاهيان ته ڦوٽي ملاح واري هوٽل تي ويهي چانهه پي سگهان ٿو، ڪنهن فوٽ پاٿ تي بيهي پڪوڙا کائي سگهان ٿو، الڻ جي ريڙهيءَ ڀرسان بيهي گول گپن سان پنهنجو مٽون ڀري سگهان ٿو، ۽.... هُن جو چمچن سان کاڌل کاڌو سندس ڏند ته کڙڪائي سگهي ٿو پر کيس آڱرين سان چٽيل چٽڻيءَ جو مزو نه ٿو ڌئي سگهي، هُن جي اچڻ وڃڻ جا رستا آهن، جڏهن ته مان جتان چاهيان جنهن ڳليءَ مان چاهيان اچي وڃي سگهان ٿو، پيرين پيادو يا گپ مان ور مٿي ڪري، منهنجون شڪستون به منهنجي وَر ۾ محفوظ آهن ۽ هُن جو سوڀون به هن جي پلو ۾ محفوظ ناهن.
    مان ته وڪئي موچيءَ جي پيتيءَ تي ويهي، ساڻس ڪچهري ڪندي پنهنجي چپل ڳنڍرائيندي، ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڏسندي سندن سور پروڙي سگهان ٿو، ۽ هوءَ شيشن ۾ بند ٿيل عورت ڪيترن بي وس ۽ لاچار ماڻهن جا سور ۽ منهنجي بي روزگاريءَ جا داستان به پڙهي نه ٿي سگهي. مان ويو هئس هُن جي در تي ٻين هزارين سوالين وانگر مون وٽ پنهنجي ڊگريءَ جو ڪاڳر هو، جنهن تي مون کي بانور هو. مون کي سڃاتو هوندائين پر اکين ۾ اوپرائپ جو شيهو ڀري هڪ شوم نظر وجهي پڇيائين: ”هي انگريزءَ درخواست تو لکي آهي؟“
    مون، هن جي ڄاڻي واڻي بڻايل اجنبي اکين ۾ نهاري چيو هو: ”ها مان جنهن اسڪول ۾ پڙهيو آهيان، ان اسڪول جي انگلش ٽيچر، مون کي جيڪا انگريز پڙهائي، اها به ياد اٿم ۽ پنهنجي اُها انگلش ٽيچر به وساري نه سگهيو آهيان.“
    هن جي چهري تي کن پل لاءِ هڪڙو رنگ آيو ۽ انڊلٺ وانگر جلدي گم ٿي ويو، چيائين: ”“ ايڏو هوشيار آهين ته پوءِ ڪلارڪي ڇا ڪندين؟ وڃي سي-ايس-ايس ڪر نه“.
    ”سي-ايس-ايس جو امتحان ڏکيو آهي ڇا؟“ هڪ دم کُردري لهجي ۾ چيائين ڄڻ رُڪ چٻاڙيندي هجي. شايد پنهنجي الائي هُن جي بيوسي محسوس ڪندي چيومانس:
    ”زندگيءَ جي امتحان پاس ڪرڻ وارن لاءِ سي-ايس-ايس چاهي، پر ڪير زندگيءَ جي امتحان ۾ ويهڻ ئي نه ڏئي ته پوءِ؟......“
    ڪجهه پل ترسي هُن وري چيو ”اسان وٽ نوڪريون ته آهن ڪونه، قرض وغيره کڻو ۽ لوڻ وٺي ڪاروبار ڪيو . . . . .“
    مان پنهنجي درخواست سندس ٽيبل تان کڻي واپس ورڻ لڳس، ۽ ويندي ويندي چيومانس: ”مقروضن کان ڪهڙا قرض وٺجن؟ جيڪي ماڻهو ڪنهن جي سڄي جيون جا قرضي هُجن، اُهي ڪنهن کي ڪهڙو قرض ڏيندا.“
    هُن تي آخري نظر وجهي، مان واپس هليو آيس. مون ڏٺو ته هُن جي پٿريلي اکين جي ڪوهستان ۾ هُن تي رهيل منهنجا سڀ قرض يرغمال بڻيل هئا، هوءَ چاهيندي به انهن کي آزاد ڪرڻ کان انڪاري آهي. . . . . “


    سنڌ جو مجاور

    پراڻي اسٽيشن، پراسرار اسٽيشن، ويران اسٽيشن، تمام ڊگھو پليٽ فارم، خالي پليٽ فارم، پراڻو ڪشادو ويٽنگ روم، خالي ويران، پراسرار ويٽنگ روم، اسٽيشن به ته ورهين کان ويران، خالي پراسرار پڇاڙڪي اسٽيشن ، پڇاڙڪو پليٽفارم، خالي ويران، هڪ ويٽنگ روم ورهين کان مسافرن جي ويهڪ لاءِ آتو، ڪير مسافر......؟ ڪوريئڙي جو ڄارو، ڀتين تي طويل پراڻو منجھيل..... شايد ائين ئي............اسٽيشن ماسٽر جي آفيسن، اٽيچ ڪمرو، اٽيچ باٿ روم. ڪراڙو اسٽيشن ماسٽر اسٽيشن وانگي بنهه پراڻو... ٿورو پاسيرو هڪ وڏو دڪو وچ پليٽ فارم تي سگنلز ۽ ڪانٽن بدلائڻ لاءِ سگنلز ۽ ڪانٽن کي زنگ لڳل، ورهين جو زنگ لڳل ليور، هڪ گونگو شخص کين بدلائڻ لاءِ نوڪر، جيڪو رڳو حڪم جو بندو. ڪوڊ ورڊز ۾ حڪمن جي تعميل ڪندڙ. سوال ڪرڻ يا اعتراض ڪرڻ جي سگھه کيس ناهي. کائنس سگھه کسي وئي آهي.... ۽ اڀرندي طرف تارن سان بند ٿيل ڪسٽم هائوس پراڻو ڊٺل، ڊٺل ڇت ۽ ڀتيون ڀُريل ۽ اڌ جھريل ڪوريئڙي جو ڄارو، طويل ۽ پکڙيل چمڙن جا پراسرار سوراخ.......
    پليٽ فارم جي سامهون هڪ هوٽل ٻه چار ڪچا دڪان ۽ مدي خارج دوائن جو ميڊيڪل اسٽور. اسٽيشن وانگي مدي خارج اسٽور ڀرسان هڪ پراڻو، طاقتور ڇڪڙو بيٺل، چوطرف واريءَ جو وڏو ريگستان. وڏيون بلند ڀٽون. واريءَ جو جھوٽو، واريءَ جون هوائون...... پليٽ فارم جي پويان چند گھر، جھوپڙيون ، چونرا، هڪ ڳوٺ... هڪ شهر.. کوکرا پار شهر... عجيب شهر، ويران شهر، ويڳاڻو شهر... گھرن ڀرسان چار ڪچا کوهه، سڪل خشڪ کوهه، سڪل ۽ خشڪ شهر، سڪل کوهن جيان سڪل چهرا، خشڪ کوهن جيان خشڪ زبانون.... صدائن سان ڀريل.... هر چهرو سڪل، واريءَ سان ڀريل، ڀڀوت...
    ويران شهر، پريشان ماڻهو، بي نانءُ ڄڻ شهر، بي نانءُ ڄڻ رهواسي ۽ هو... هو..... بي نانءُ ڪراڙو... پليٽ فارم جو مجاور، ويران اسٽيشن جو مجاور واريءَ جو مجاور..... ريگستان جو مجاور، پليٽ فارم جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين فضول چڪر پيو ڪاٽي. سندس هٿن ۾ ريلوي جي هڪ پراڻي ڪاراٺيل ليمپ، جنهن جي ٻنهي طرفن وارن شيشن جو رنگ بي معنيٰ نه ڳاڙهو انقلابي سوجھرو نه سائو سرسبز سوجھرو... ڀلا رڻ ۾ ڪهڙو سوجھرو...؟
    شام جو پهر بي نانءُ ٿي، رات جي پيٽ ۾ جذب ٿيڻ لڳو، ليمپ جو ڊنل سوجھرو.... هي ڪهڙو سوجھرو رات جي اوندهه ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ لاءِ ڏڪڻ لڳو... ليمپ جو ڊنل سوجھرو.... هي ڪهڙو سوجھرو....؟ ڏڪندڙ سوجھرو؟ تتل واري ٺرڻ لڳي، تتل واري جا رهواسي آسائتا ٿيڻ لڳا. ٺرڻ لڳا. گرم واري جي سيڪ تي سڙيل چهرا ٺرڻ لڳا... منجھن احساس موٽي اچڻ لڳا مرڪن لڙڪن سکن ۽ ڏکن جا احساس....... ننڍا وڏا، پڪا پوڙها، جوانڙيون، عورتون، سڀ چونئرن جي ڇت هيٺان ۽ واري جي ٿڌي پٽ تي ليٽڻ لڳا......... سڪل ماس، مظبوط هڏ، ٿڌي واري تي مظبوط هڏ نقش ٿيڻ لڳا، سڪل ماس واري کي ايذاءُ ڏيڻ لڳا، خشڪ واري، خشڪ جسم، خشڪ اذيتون، خشڪ درد ۽ سڀ ڪجهه خشڪي ۾ خشڪ ٿيڻ لڳو. خشڪي ۾ خشڪي جذب نه ڪو ڳوڙهو..... نه ڪو لڙڪ....!
    ڍور ڍنگر بکايل ، ڏٻرو هيڻو، ڪرنگهو پيو وائکو ٿئي، ڪنهن چؤنري ۾ معصوم ٻالڪ جو روڄ، خشڪ روڄ .......، سندس گابي پڻ پئي رانڀاٽ ڪري، ...... ٿريلي گاءِ جي ٿڻن جي جاءِ تي چار سُڪل ڇڇڙا، مال جو ڪرنگهو پيو نڪري، سنڌ جو ڪرنگهو .... جنهن ۾ نشي ڏورو پيو اڃان پساهه کڻي. پوڙهو به اڃان پيو پساهه کڻي ..... پليٽ فارم ۾ به پساهه آهي .... ڪير ڄاڻي، ڪير اڳ ۾ دم ٽوريندو؟
    ريل جي پٽڙي، واريءَ ۾ وريل، الهندي طرف، اطرندي طرف ..... الهندي طرف پٽڙي مڙئي ڪجهه سنوارت ۾، پر اڀرندي پٽڙي بنهه ڍڪيل، ڪٽيل زنگ لڳل، ڪٽ لڳل، ڀِٽ لڳل، پاراتي ورتل ....... پوڙهي جي خشڪ لبن تي خشڪ آيت.
    واهڙ وهين مه شال، سُڪي ٻيلاٽيون ٿئين
    پسان تنهنجي پيٽ ۾، لاڻا، لوت، ليار
    تو سڀ ڄمار، ائين سُکائتيون ٻوڙيون.
    واهڙ جو وهڪرو بند، سُڪي ٿيو ٻيلاٽيون، سندس پيٽ ۾ واريءَ جا دڙا پر سُکائتي سنڌ ته ٻوڙي ويو .... ٻوڙي .... ويٺو ..... ”ڪهڙو وهڪرو....؟“ اهو ئي وهڪرو پراڻو وهڪرو، خبر ناهي پوڙهي جي من ۾ ڪهڙِ آنڌ مانڌ آهي ...... جو نه اٿس سُک نه ڪو سنوت، ڏسڻ ۾ بنهه چريو، وڏي ڀڀوت ڏاڙهي، وڏا وار، خشڪ ۽ اڻڀا .... منهن تي سُڪل سنڌوءَ وانگي وڏا چير.... اذيتن ۽ عذابن جا چير... ڏکن ۽ وھمن جا گھنج، ورھيہ اڳ جا پراڻا گھنج.... جڏھن پوڙھو، جوان مڙس ھو. سندس ريلوي واري ليمپ بلڪل نئين ھئي... سڀ ڪجھہ نئون ھو....اسٽيشن بہ نئين ھئي. سنوريل، وسيل، ريل گاڏين پٺيان ريل گاڏيون اينديون ھيون. اڀرندي کان الھندي وڃڻ لاءِ .... سندس چھري تي گھنج ورھيہ اڳ ان ڏينھن پيا ھئا......جڏھن ھڪ ريل، ڪارو دونھون ڪڍندي اڀرندي کان آئي ھئي. ڪن تي ڪو آواز پيو ھئس..... اجنبي اوپرو آواز.....
    ”اري ميان يہ سنڌ اور ڪتني دور ھي؟“ وائڙو ٿي ويو ھو.
    ”ھيءَ ئي تہ سنڌ آھي ٻيو وري ڪھڙي سنڌ؟“
    سوال ڪندڙ اجنبيءَ سوال جو جواب سوال ۾ ٻڌي مرڪي پيو ھو...... طنزيہ ٽوڪ ڪرڻ واري انداز ۾؛
    ”نھين ميان، يہ سنڌ ڪيسي ھو سڪتي ھي؟ سنڌ تو سنا ھي بھت سرسبز ھي“
    بس انھن لفظن سندس چھري تي درد ڀريا گھنج وجھي ڇڏيا ھئا.
    ”رب خير ڪري، ھي ڪھڙي مخلوق آھي؟ جا سرسبزي جي ڳولا ۾ آئي آحي.... سا بہ سنڌ جي سرسبزي، جا جڳ مشھور آھي.....ڪٿي ھي .... ھي ......م...ما.....ماڪڙ....تہ......“
    پوءِ کيس ڪنھن وڏڙي جا ٻول ياد پئجي ويا رھيا ھئا تہ؛
    ”سنڌ ھڪ دفعو ماڪڙ جا طوفان ايندا، وڏو ڏڪر پوندو، مال، ماڪڙ جو کاڄ بڻجي ويندو.....“
    دل چاھيو ھئس تہ جيڪر اھا پٽڙي، سَنڌ سَنڌ کان پٽي ڇڏي، ھر سليپر کان اکيڙي رکي، پٽڙيءَ جو وجود ئي ناس ڪري ڇڏي، جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ ڪونھي.....ھي ماڪڙ ڀل رڻ پٽ ۾ رُلي بک مري، علاؤالدين خلجي وانگر ڀٽڪي ڀلجي ٻاٿون کائي مري.
    ڪجھہ سانت کان پوءِ، پري کان.... اُلھندي کان، ھڪ ڪاري انجڻ رات جي ڪاراڻ جو پيٽ چيريندي، ڪارو دونھون فضا ۾ پکيڙيندي ظاھر ٿي ۽ آھستي آھستي ”ڇڪ ڇڪ شون شون، ڪوڪون“ ڪون ڪون ڪندي اچي پيلٽ فارم تي بيٺي...پليٽ فارم تي ڪوبہ ڪونہ لٿو....سواءِ ھڪ نوجوان جي.....نوجوان کي ڪجھہ سامان ساڻ ھو......ھو وڌي ويٽنگ روم ڏانھن آيو، پر ويٽنگ روم جي خوفائتي حالت ڏسي دھلجي ويو ۽ واپس اچي پيلٽ فارم جي ھڪ پراڻي بينچ تي ويھي رھيو، ٿوري دير کان پوءِ انجڻ کان گاڏا ڪٽجي ويا.....صرف ھڪ وڏو پاڻيءَ سان ڀريل ٽينڪر، وڌي گڏجي اڳتي ھليو ويو......ڪافي دير ڪاري انجڻ، رات جي ڪاراڻ ۾ ڀت جي پوئين ڀر گم ٿي وئي......
    پر ٻاڦ جو ٽڪرندڙ آواز ”شون شون، فرلانگ کن پري کان ٻڌجڻ ۾ پئي آيو، ڀٽ جي پوئين ڀر کان اوندھہ ۾.....“
    نوجوان ڪا بہ پھر نہ سمجھي پنھنجو سامان کوليو، وٽس پنھنجي کائڻ پيئڻ کان سواءِ ضرورت جو سمورو سامان موجود ھو. گھڙيءَ کن کان پوءِ پوڙھو بہ چڪر ڪاٽي وٽس آيو. اجنبي شخص کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، کيس وھم ٿيڻ لڳو، سو گرم جوشيءَ مان نوجوان کان پوڇا ڪيائين،
    ”ڪير مڙس آھين؟“
    ”چاچا مان سنڌي آھيان.....سرڪاري نوڪري اٿم.....سرڪاري رپورٽ وٺڻ آيو آھيان.“
    نوجوان ورنديءَ ۾ پنھنجائپ ڏسي، پوڙھو ڏاڍو شرمندو ٿيو، سو نوجوان کي ٿڌو ٿيندي چيائين؛
    ”ابا ڀلي ڪري آئين، معاف ڪجان، ھت تنھنجي خدمت لاءِ ڪجھہ بہ ڪونھي جو پيش ڪريان!“
    نوجوان کيس مرڪندي چيو،
    ”نہ چاچا، اھڙي ڪابہ ڳالھہ ڪونھي، مون وٽ سڀ ڪجھہ آھي. رڳو چانھہ جي ضرورت ٿيندي.“
    ”ابا سامھون ھوٽل آھي، متان تنھنجي ڀاڳ ۾ چانھہ ملي پوي.....پاڻي تہ کارو ئي ھوندو.....سو ڇانھہ بہ کاري ملندي“
    پوڙھي کيس واضع ڪري ٻُڌايو.
    ”خير آھي چاچا، ماني کائون تہ پوءِ ھلئون ٿا، پاڻي مون وٽ مٺو آھي، اُن مان چانھہ ڪاڙھي وٺنداسين، چانھہ پيءِ پوءِ حال احوال ڪبا......“
    نوجوان پوڙھي کي ماني پاڻ سان کارائي، پوءِ ٻئي ھوٽل ڏانھن روانا ٿيا. نوجوان جي ھڪ ھٿ ۾ ٽارچ ۽ ٻئي ھٿ ۾ پلاسٽڪ جي بڪيٽ ھئي، جنھن ۾ مٺو پاڻي موجود ھو.....ايئن ئي مٿاڇرا احوال ڪٽيندا، پوڙھي جي ھدايتن موجب پلاٽن جو احتياط ڪندا، اچي ھوٽل تي پھتا......ھوٽل ۾ داخل ٿيندي پوڙھي، ھوٽل واري جوان مرد کي سڏ ڪيو؛
    ”ابا چانھہ پيار، ھي نوجوان پري کان آيو آھي، چانھہ مڙئي ڀلي پيارج ھان.....ھي وٺ مِٺو پاڻي.....“
    پوڙھي، نوجوان کان پلاسٽڪ جي بڪيٽ وٺي، کيس چانھہ پيِ نوجوان ھوٽل واري کي داد ڏيندي چيو:
    ”ٻيلي واھہ جو چانھہ پياري اٿئي، سموري ڏينھن جو ٿڪ ئي ڀڄي پيو“.
    ”نہ جوان نہ..... تون اسان جو مزمان آھين. ھڙان وينداسين پر وڙان نہ وينداسين. اسان وٽ ٻيو آھي ڇا جو اوھان جي خدمت ڪري سگھون“
    ھوٽل واري پئسن نہ وٺڻ جو اظھار ميزبان ٿيندي ڪيو. پوڙھو اُٿي کڙو ٿيو، نوجوان بہ اٿيو......
    ”چڱو ابا ھلون ٿا. سڀاڻي ھونداسين جيئرا تہ ڪچھريون ڪبيون.“
    ايئن ٻئي اچي پليٽ فارم تي پھتا، ساڳئي بئنچ جي ڀرسان پوڙھي پنھنجو ڦاٿل پوتڙو وڇايو........ٻئي پوتڙي تي پلٿي ھڻي ويھي رھيا....نوجوان کيسي مان سگريٽ پيئندي، اڄ ڀانيان ٿو ڪچھريءَ ۾ واھہ جو مزو ايندو.“
    نوجوان سگريٽ دکائي، ھڪ سوٽو ھڻي پوڙھي کان پڇيو.
    ”چاچا، ھيءَ انجڻ ڪيڏانھن وئي؟سندس آواز تہ بڌجي پيو.....؟“
    ”ھئہ، ابا ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين؟ ھن ريل کي ھيڏانھن اچڻ جو ڪھڙو لاچار اٿس. پاڻي ۽ ڀاڄي ڀتي آڻڻ. پريان ڪئمپ وارن فوجين لاءِ........“
    نوجوان حيرت ۾ پئجي ويو.
    ”چاچا ڪھڙا فوجي.......؟“
    ”ابا پريان، ڀت جي پرئين ڀر فوجين جي وڏي ڪئمپ آھي، بارڊر جا فوجي.......جن لاءِ روز گاڏي، مٺو پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان کڻي ايندي آھي، اصلي رھواسين جو تہ رڳو نالو آھي.... ويٺا اوٻاسيون ڏئي لقاءُ ڏسن. لقاءُ تہ ھو بہ ڏسي پيو......جنھن اسان مسلمانيءَ جو ٺپو ھڻي اماڻيو آھي ۽ اسين اھو ٿيو، رحمت، نعمت، سمجھي سموريون زحمتون سھون پيا.“


    پوڙھو ڄڻ روئڻھارڪو ٿي پيو، ڪنڌ آسمان طرف ڪري ڇڏيائين... ڄڻ کيس ڪو جواب ملندو... پر کيس ڪوبہ جواب نہ مليو... سندس اکيون لال ٿي ويون، اکين ۾ پاڻياٺ تري آيس، نوجوان بہ ٻڏتر ۾ پئجي ويو. پوڙھي ٿڌو ساھ کنيو، سگريٽ جو ڪش ھڻي چيائين، ”نوجوان، تون ڪو احوال ڪر، ڪيئن آيو آھين؟ ڪھڙي رپورٽ وٺڻ آيو آھين؟“ ”چاچا ٻڌو اٿم ۽ سرڪاري اطلاع بہ آھي تہ ٿر ۾ خاص ڪري بارڊر وارن پاسن ڏي، ڪُجهہ ماڪڙ جا ايڪڙ ٻيڪڙ داڻا ڏٺا ويا آھن، سو انھن جو جائزو وٺڻو آھي.“ پوڙھي کي ڄڻ لفظن ڏنگي وڌو... ”واھ، ابا واھ، ھيڏانھن آيو آھين ماڪڙ جي رپورٽ وٺڻ جتي ماڻھو بک ۾ پيا پاھ ٿين... بابا ماڪڙ تہ سرسبزيءَ ۾ وڌي ۽ ويجهي، دنيا جا وڏا ادارا ماڪڙ جو خاتمو ڪرڻ جي پويان آھن ۽ اسان جي ڏيھ جا واسي، ڌرتيءَ جا ڌڻي، مڪڙ کائڻ جا شوقين، ٻڌو اٿم تہ ماڪڙ جو نسل پالي پيا وڌائين.... ابا ايڏو تيزيءَ سان پيو نسل وڌي، توکي خبر ئي ڪونھي. وڃ وڃي سرسبز پاسن ڏي ڏس، جلد وڃي رس، نہ تڳ ماڪڙ جا گندا ڪيڙا، ڌرتيءَ جي سرسبزيءَ کي کائي رک ڪري رکندا، ڍونڍ ڪري رکندا.“ نوجوان سو ويچار ۾ پئجي ويو. ”چاچا ڪھڙي ماڪڙ جي ڳالھ پيو ڪرين، چريو تہ نہ ٿيو آھين!؟“ ”ھا ابا مان چريو ئي سھي، پر تون جنھن ماڪڙ جي ڳالھ پيو ڪرين، ۽ مان جنھن ماڪڙ جي ڳالھ پيو ڪريان، اُن ماڪڙ ۾ ڪوبہ فرق ڪونھي، ٻنھي مان ”الله“ جي نالي وارو ”الف“ نڪري ويو آھي ۽ لفظ اڃا بہ بنھ خطرناڪ ”مڪڙ“ ٿي پيو آھي جيڪو سنڌ جي وسندين ۾ ڪاھي پيو آھي.“ نوجوان ٿورو گهٻرائجي ويو.. ”چاچا تون ھي ڪھڙيون پيو ڳالھيون ڪرين... اسين مسلمان آھيون، ائين چوڻ ڪُفر آھي...“ پوڙھو ٿورو مُرڪيو.. ”ابا سچو آھين... اسين مسلمان آھيون، مسلمان ڀائر... ھر ڏکي سکي وقت ۾ ڀائر... وڏن جو چوڻ آھي، تہ ھڪ ڏينھن سنڌ ۾ ڏڪر ايندو، ڏکيو وقت پوندو، مارو بُک مرندا، مال، مڪڙ کائي ويندي.. ۽ مسلمان ڀائر ھڪ ٻئي کي ڪم ايندا... بک جي مرض کان بچائڻ لاءِ، سُکيا بکين کي نجات ڏياريندا.. سندن سٿا ڪري رکندا...“ نوجوان جو جسم ڪنبڻ لڳو، ھُن ڏڪندي سگريٽ ڪڍيو، دکائين خاموشي اختيار ڪيائين... ھو ڄاڻي ويو تہ پوڙھو ڪو ڏاڍو ستايل آھي، پوڙھو بہ ڪجهہ ساعت ماٺ ۾ رھيو، پوءِ نوجوان سان مخاطب ٿيندي چيائين، ”ابا! منھنجو ھڪ يار ھو... اُڀرندي جو رھواسي، مڙئي ھتي ايندو ويندو ھو، سندس ھڪ نوجوان خوبصورت ڌيءَ ھُئي.. اڀرندي ۾ راڳ ۽ ناچ جون وڏيون محفلون ڪندي ھُئي، نالو ھُئس لالي ٻائي، ھئي بہ لالي جھڙي ڳاڙھي... پوءِ اڀرندي کان ھجرت ڪري اُلھندي وڃي رھي ھُئي... ھجرت ڪرڻ کان پوءِ لالي بائي مان ڦري لالي ھجران ٿي پئي، وڏو ڪڙن کڻي ڪڍيائين.. ناچ گانو ڇڏي ھڪ مدرسو کوليائين... ۽ اسلام جي ٺيڪيدار بڻجي ويھي رھي.. چڱي مڙس سان شادي ڪيائين جو پڻ اسلام جو ٺيڪيدار ھو.. لالي ھجران جا کُٿابي اڄ بہ مشھور آھن، آيت پڙھي مسلمان ذبح ڪندا آھن.. پوءِ لالي بائي ۽ سندس مڙس کي، سندس ڪنھن عاشق مارائي وڌو.. لالي بائي جو عاشق کين شھادت جو اعزاز ڏئي ويو. اڄ بہ لالي ھجران جا کُٿابي ۽ مُريد سندس تربتن تي قل پڙھڻ ايندا آھن ۽ آشيرواد وٺي، ڪنھن نئين مظلوم جو رت وھائيندا آھن. اسان تہ رت ڪونھي ڏٺو، ھت ڪنھن ۾ رت ھجي تہ ڏسون، پاڻيءَ لپ لاءِ ٿا سڪون، پر ٻڌو ھئوسين تہ رت ڳاڙھو ٿيندو آھي، ھڪ ڀيري لالي بائي، پان کائيندي ٿُڪ اڇلائي ھُئي تہ مون رت سمجهيو ھو ۽ رڙيون ڪيون ھئم تہ لالي بائي کي واتان رت آيو آھي.. پر لالي بائي ٽھڪ ڏئي کلي ھئي ۽ چيو ھئائين تہ ھي ڪٿو آھي، پان جو ڪٿو، نوجوان! اُھي’ڪٿي‘ ۾ رت ملائيندا آھن؟“ نوجوان پريشان ٿي ويو.. ”چاچا ڪابہ خبر ڪونھي، مون ڪڏھن پان کاڌو ئي ڪونھي، جيڪي کائيندا آھن تہ ائين لڳندو آھي، ڄڻ ڪا گوشت جي ڪچي ٻوٽي پيا چٻاڙين.. جنھن جي رت سان سندن وات ڳاڙھو ھوندو آھي.. مون کي تہ ڪرڀ ايندي آھي...“ ”سچو آھين نوجوان.“ پوڙھو مُرڪي پيو... ”چڱو ھل تہ ھلي آرام ڪريون، رات گهڻي وھامي چڪي آھي، باقي احوال صبح جو ڪبا.“ پوڙھو اُٿيو، نوجوان بہ اٿيو، پوڙھي پليٽ فارم جي پوئين ڀر وارن چونرن ڏانھن رُخ ڪيو. نوجوان بہ سندس پويان ھلندو ويو، ڪُجهہ ئي ساعت ۾ ھو ھڪ چونري ۾ داخل ٿيا، چؤنري ۾ ھڪ نوجوان، خوبصورت، سانوري ڇوڪري سُتل ھُئي، سندس وارن جون ٻہ چوٽيون ٿيل ھيون، جن ۾ ڳنڍون پئجي ويون ھئس، ٻانھن ۾ اڇيون اچرجي ڪنگڻيون ڪلھن تائين ھُئس، ھڪ پراڻو گج، جنھن جو ڀرت اُکڙي ڌاڳا ڌاڳا ٿي ويو ھئو، ائين جيئن ڄڻ سنڌ جو وجود ڌارون ڌار ٿي ويو ھُجي ۽ ويڪري سُوسي جي سلوار پاتل ھُئس... پوڙھي اندر داخل ٿيندي ڇوڪريءَ کي اٿاريو. ”مِٺان اُٿ، مھمان آيو آھي، اُٿ امڙ...“ ھُوءَ پٽ تي پيل کٿي تان ٽپ ڏئي اُٿي پاسيري ٿي بيھي رھي، کٿي جي ڀرسان ھڪ ڇڳل پراڻي کٽ پئي ھُئي، جنھن تي چتين لڳل رلي وڇايل ھئي... نوجوان کي ”مٺان“ ڄڻ سنڌي جھڙي سٻاجهڙي ۽ مظلوم لڳي. ”امڙ تون ٻاھر وڃي ٿلھي تي سُمهہ، مھمان کٽ تي آرامي ٿيندو ويچارو ٿڪل آھي، ڏورانھون آيو آھي.“ نوجوان کي اھا ڳالھ مناسب نہ لڳي... ”چاچا ضائفان ذات ٻاھر ڪيئن سمھندي، پاڻ ٿا ٻاھر ھلي ٿلھي تي سمھون.“ ”نہ جوان ائين نہ ٿيندو... اسين مارو ماڻھو ڏک سک جا ھريل آھيون، تون مھمان آھين، ٻيو ھت وري ڪھڙو خوف“ پوڙھي کيس زوريءَ کٽ تي ويھاريو... نوجوان سگريٽ دُکائي پوڙھي کي چيو: ”چاچا توکي ھڪ ئي نياڻي آھي.؟“ نوجوان جي سوال، پوڙھي جا سمورا درد اُکلي ڇڏيا. ”نہ ابا، ھاڻ تہ نياڻي ئي اٿم، جھڙوڪر نياڻي، ويچاري بيواھ ڪيڏانھن ويندي، منھنجي مرحيات پٽ جي بيوھ آھي.“ ”چاچا، تنھنجو پٽ چئبو گذاري ويو....؟“ پوڙھي کٿي تي ويھندي چيو.. ”نوجوان! ٻہ ورھيہ اڳي پُٽڙي جو وھانءُ ڪرايو ھئم، ڏاڍو سٺو گذران ھو. مٺان بہ ڄڻ ٽڙي پئي ھُئي، ھي چؤنرو تہ ڄڻ جنت ھو، ڪافي عرصو مينھن صفا کڻي ماٺ ڪئي، اچي ڏڪر پيو.. سو پٽڙو، الھندي ڪمائڻ سانگي روانو ٿيو، ٻہ چار مھينا ڪمايائين، پر پوءِ ان ساڳئي ريل ۾ سندس لاش آيو، منھنجي نوجوان پٽ جو سارو بدن رت ۾ رڱيل ھو. مون کيس رت ۾ وھنتل ڏٺو، اھو ساڳيو رنگ، لالي بائي جي پان جي ڪٿي وارو رنگ... اُن ڀيري رڙيون نہ ڪيون ھئم. مون سمجهيو متان ماڻھو کلن، ٽھڪ ڏين، لالي بائي وانگي، پر سڀ ڳوٺاڻا رُنا پئي. مٺان تہ چري ٿي پئي ھئي، مري پئي ھئي، پر مان کليس پئي.“ پوڙھو سڏڪي پيو، ٻاھران مٺان بہ سڏڪڻ شروع ڪيو، ائين لڳو ڄڻ سنڌ سڏڪڻ شروع ڪيو. نوجوان جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، پوڙھي ڳالھ جاري رکي، ”ابا اُن ڏينھن کان مٺان، پٽ تي سمھندي آھي، کٽ تي سمھڻ ڇڏي ڏنو اٿائين، جن جا گهوٽ ڪسجي ويندا، سي سيج تي وري ڪٿان سمھنديون.“ نوجوان کي محسوس ٿيو تہ مٺان مري چڪي ھئي، سنڌ مري چڪي آھي، سنڌ جا دلاور ڪسجي ويا، ھن سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ جيڪا روز پنھنجي گهوٽن جي قبر بڻجندي ٿي رھي... ”ابا تون ھاڻي سمھ، صبح جون ڳالھيون سڀاڻي ٿينديون.“ ائين چئي پوڙھو پٽ تي وڇايل کٿي تي ليٽي پيو ۽ ٻيو ڪجهہ چوڻ بجاءِ چيائين، ”شل، سنڌ سدائين سوکي ھُجي، سائي ھجي، رات جي دھشت کان آجي رھي.“ پوڙھي جا اھي ئي لفظ نہ ھئا ڄڻ ڪا دعا ھُئي، جيڪا ھن مئل قوم لاءِ ڪئي، جيئن ڪو مجاور رات جو سمھڻ ويل ڪندو آھي تہ ”جيئن قبرن ۾ پوريل لاش ڳورپٽن کان آجا رھن.“ صبح سان نوجوان تيار ٿي واپس ورڻ لاءِ اسٽيشن تي آيو، پوڙھو ساڻس گڏ ھو، پوڙھو رات جيان نہ ھو، ھو ماٺ ماٺ ھو... الائي ڇڏ سندس چھري تي درد وائکو ٿيندو ٿي ويو، اُن وقت نوجوان کي پوڙھو بلڪل مجاور ٿي لڳو. مٺان، سنڌ جي مارئي جا پنھنجي ڪُٺل گهوٽ جي قبر بڻجي چڪي ھئي... اُن جو مجاور... سنڌ جي نياني جي مئل جذبن جو مجاور، سنڌ جو مجاور... جيڪو ورھين کان مٿس پنھنجي لڙڪن جو ڇڻڪار ڪندو اچي...!


    محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص...!

    سگريٽ جي هر ڪش سان دکندڙ درد سندس سيني ۾ پيهي رهيو هئو، ”هي ڪا شڪست ڪا نئين ته ڪونهي، شڪستون ته منهنجو مقدر آهن، مان درد جي نگريءَ جو بادشاهه آهيان خوشيءَ ڏانهن منهنجي هر ڪاهه ناڪام رهندي ۽ موٽ ۾ اهو ئي ساڳيو درد ملندو، جيڪو هر وک تي ملندو اچي.... شڪستون منهنجو مقدر.... بدنصيبيون منهنجو نصيب، .... مان، درد نگريءَ جو بادشاهه....، محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص...!“
    هو اسپتال جي ميڊيسن وارڊ مان پنهنجا ٿڪل قدم کڻندو ٻاهر نڪري آيو.... سوچن جي اٿاهه ساگر ۾.... ”مان فراريت چاهيان ٿو، هن گهٽيل ماحول کان جنهن ۾ ڪو به ويڄ، ڪو به طبيب ڪونهي. ايپرن ۽ فل سوٽ جي اندران ڍڪيل هي خونخوار ڏائڻيون ۽ آدم خوار، ڪوئي ته ڄاڻي هنن ڏائڻ ۽ آدمخورن کي، جن وٽ خون چوسڻ ۽ پيئڻ کانسواءِ ڪو به فن ڪونهي.... ۽ هي فرشتن جي اڇي پوشاڪ واريون نرسون، جهڙيون ممون.... هاءِ گهوڙا .... هي نئون ارتقائي دور.... هي ڪهڙو جهنگ هي ڪهڙو ٻيلو، Social Animals جو..... هر ڪو جانور، سوئيپر کان وارڊ بواءِ، نرس کان ڊاڪٽر ۽ رجسٽرار کان ايم . ايس تائين هرڪو هوس جو پڄاري.... ”Shit“ هڪ ڪچو اوڪارو، ڪرڀ هي ڇا آهي....؟“
    سگريٽ جو دونهون ماحول ۾ آلودگي ڦهلائيندو گم ٿي ويو، اهڙي ئي آلودگي سندس اندر ۾ به....
    مراد جا ڪالهوڪا چيل لفظ ياد پئجي ويس، جيڪي مراد کيس شهر جي حدن کان اسپتال جي حد ۾ گهڙندي چيا هئا.
    ”يار! ماحولياتي الودگي هِت ڪيڏي نه گهٽ آهي، وڻڪاري قسيمن قسمين جا گل.... روڊن جي پاسن سان، پارڪن ۾ ..... تنهن کانسواءِ گل، هر وارڊ ۾، هر هاسٽل ۾ خوشبوئون، Perfumed Talc مهڪار ئي مهڪار....“
    ”ڌوڙ پئي آ مراد تنهنجي منهن ۾، اهي Talc, Perfumed spray به ته ماحول ۾ آلودگي ڦهلائي رهيا آهن... ماحول کي ته ڇڏ ان جو ته نصيب ئي هن دور ۾ آلودگي آهي، پر جيڪا گهُٽ، جيڪو ٻوست جيڪا گدلاڻ ماڻهن جي دلين ۾ گل، هار سينگار ڦهلائي رهيا آهن.... تن جو ڪاٿو ڪيو اٿئي؟“
    ”پر مراد جو به ڪهڙو ڏوهه، کيس مون جيان سونهن، خوشبوءِ ۽ ساڀيان وڻندي آهي.... اسان لاءِ ته سونهن خوشبو ۽ ساڀيان جياپو آهي. پر هيءَ ڪهڙي خوشبو ۽ ساڀيان آهي، جنهن اندر جي Ozone Layer کي Damage ڪري رکيو آهي. اندر ۾ ڏينهون ڏينهن وڃي گدلاڻ وڌندي، ڊپ ٿو ٿئي ڪٿي دل جي ڌرتيءَ جو گولو تپي ڪنهن بم جيان ڌماڪو ڏئي ڦاٽي نه پئي!؟“
    وري سگريٽ جو هڪ ڪش من ۾ اوتي .... ٿڌو ڪري، دونهون فضا ۾ ڇڏي ڏنائين، روڊ تان ٿڪيل ۽ شڪستا قدم قدم کڻندو ويو ٿي هلندو، سوچن ۽ فراريت جي وچ ۾ ڇڪبو ۽ گهٽبو.
    ڪلهه مراد، گرلس هاسٽل جي ڀرسان لنگهندي چيو هئس، ”يار، واه جو نظارو آهي، ڏس ته سهي، هاسٽل جي ونگ ۾ ٽنگيل، اڳٺ، سلوارون ۽ انگيون...! ايئن پيو لڳي ڄڻ پاڻ ٽنگيا پيا هجئون.“ مراد جو ٽهڪ.
    ڄڻ ڪنهن کيس چماٽ وهائي ڪڍي، پر ڪُڇي ڪونه سگهيو، فياض به ساڻس گڏ هو.... باهه وچان بڪڻ شروع ڪيائين.
    ”ڀيڻسان ڇورين کي شرم نه ٿو اچي جو پنهنجا راز سرِعام ونگ ۾ ٽنگي روڊ ويندڙن کي ٿيون ڏيکارن، جيڪر وس پڄين ته پاڻ کي به ڌوئي نپوڙي ونگ ۾ نوڙيءَ تي ٽنگيو ڇڏين.... سرعام واهيات گيريءَ جو تماشو“
    ڪاوڙ ۾ سڄو ڳاڙهو ٿي ويو، دل ٿي چاهيس جيڪر فياض جي ڄڀ ڇڪي پٽي وٺي..... پر ماٺو وري ڪنهن سوچ ۾....
    ”اسان اڃان ڪيڏي نه گندي معاشري ۾ رهون ٿا، ”گدڙ نه رسي ڊاک کي چئي ٿو کٽا...“ سو هي به لقاءُ اُهو ئي آهي، هر ڪو پاڻ ڄاڻي، ڏوهه ڪنهن جو به ڪونهي، جنهن ماحول ۾ گدلاڻ هوندي، جنهن ماحول ۾ جذبا گهٽبا پيسبا، اتي اهو ئي ته هڪ طريقو آهي جذبن ۽ احساسن جي اُٻس کي ڪڍڻ جو ته انهن کي سرعام نروار ڪيو وڃي، نوڙين تي نپوڙي سڪايو وڃي، پوءِ هاسٽلن جي ونگن ۾ يا وارڊن جي ڪاري ڊورس ۾، هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ جي آفس ۾ يا سوئيپر جي ٻهاريءَ جي تيلن جي ڇرڪندڙ سُرڪاٽ ۾، وارڊ بواءِ جي اڻڀن وارن جي خشڪيءَ ۾ يا چوڪيدار جي سُتل سيٽيءَ جي آواز ۾، مطلب ته ڪنهن به ريت جذبن جي ڀڙاس ڪڍڻي آهي....“
    ڇرڪي ٿو وڃي پنهنجي سوچ کان.... پنهنجي ڪاوڙ کان، هي ڪاوڙ ڪنهن تي؟ پاڻ تي يا ٻين تي....؟
    ڪلهه هو ڪم سانگي ٻارن جي وارڊ (Children Ward) ۾ هليو ويو هو...... ٻارڙن جو وارڊ، جتي تڙپندا ننڍا معصوم، ابهم ٻالڪ، زندگي ۽ موت جي ويڙهاند ۾ مصروف ۽ هوڏانهن ڊاڪٽرس ڊيوٽي روم ۾ ڪچهرا، ٽهڪڙا، چانهيون، سموسا! آدم خوري ۽ ڏانئڻ چهرا مصروف پنهنجي ڪوڙين انائن جي ويڙهاند ۾.... ”اکين جو وارڊ“ اکين جي وارڊ ۾ ڪنهن جي اک نڪري ته ڀلي نڪري پر ڊاڪٽر جي اک نرس جي جسم جي بناوٽ مان نه نڪرندي.
    ”تن طبيب نه تن جو، سڌ نه لهم سور جي“

    هو اڄ شڪست جي مڪمل گهيري ۾ آهي، محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص.... هڪڙي محبت لاءِ ڀوڳيندو ٿو رهي، اسپتال جي اداس نگريءَ ۾ جتي اڪثر موت زندگيءَ جو پيڇو ڪندي نظر ايندو آهي، درد جا انيڪ مرحلا.....
    ”شائسته! تو ڇا ڪيو؟ مون کي خبر نه هئي ته تون محبتن جي امين ٿي به محبت جي سچن جذبن کي ڪنهن مريض جي زخم تي رکيل ڏيهارِ دار، ڪپهه وانگر ڪنهن ڊسٽ بِن (Dust Bin) ۾ اڇلائي ڇڏيندينءَ، صرف ئي صرف چند مفادن لاءِ، محض چند ڪوڙين انائن لاءِ، پر ياد رک، توکي منهنجو خلوص ۽ سچائي ڪڏهن به سُک جي ننڊ سمهڻ نه ڏيندي.“
    سوچي ٿو، ”نظرن جو فريب ۽ دوکو ڪيڏو نه اذيت ڏيندڙ آهي، نيڻن جي سادگيءَ پويان لڪل فريب.... جنهن دل جي دنيا کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي....“
    دل چاهيس ٿي ته هن دنيا کي ڊاهي ڪيڙون ڪيڙون ڪري پولار ۾ هليو وڃ ۽ هميشه هميشه لاءِ پولار ۾ ڀٽڪندو رهجي
    ”شائسته! تو جهڙا چهرا Certified فريب آهن جن جو موهه اميد تي وابسته ڪائنات کي نا اميدي ۽ فساد ۾ بدلائي رهيو آهي.... ڪالهه تائين مان جيڪو تنهنجو جنوني چاهيندڙ هئس اڄ خود کان ڪرڀ اچي رهي اٿم، مان ڪو فارمل ماڻهو نه هئس جو تو جهڙي ڇوڪري لاءِ پنهنجي، حياتي، ڪنهن گند جي ڍير تي ڦهليل آلودگيءَ ۾ گهٽي ماري ختم ڪري ڇڏيان ها مان سچ ۽ سونهن جو پوئلڳ آهيان، نه ڪي ان ڪچي، بي مهانڊي ڪريل ٻار جو ذميوار فرد، جيڪو ان ٻار کي اسپتالن جي ٻاهران استعمال ٿي ويل يا مُدي خارج دوائن سان گڏ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪرڀ ته ان بي مهانڊي ۽ لاوارث ٻار ۾ ناهي هوندي، پر اُها ڪرڀ ته سموري معاشري جي هوندي آهي، ان ئي معاشري جي پيدا ڪيل هوندي آهي، جيڪو معاشرو پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪورٽن جي ڪٽهڙن کان وٺي اسيمبلين جي ايوانن تائين کوکلا دليل پيش ڪندو آهي، ۽ انصاف جي اکين تي پٽي ٻڌي پنهنجي پُڙ واري پاسي ۾ ڪوڙيون شاهديون وجهي پاڻ کي justified ڪري وٺندو آهي. پر ڪڏهن ان پُڙ ۾ پاڻ کي توري ناهي سگهندو، جيڪڏهن ايئن ڪري به ته انصاف وارو پُڙ کيس ڌرتي ۽ پولار جي وچ ۾ هميشه هميشه لاءِ ٽنگي ڇڏي.
    سندس وکون آهستي آهستي ناهموار ٿيڻ لڳيون.... زندگيءَ جي رولڙن کيس ناهموار ڪري رکيو آهي..... اڄ هُن لاءِ هڪ نئون اتهاس جنم وٺي رهيو آهي جيڪو پراڻي ۽ هاڻوڪي دور جو جائزو وٺي سگهي ٿو.
    سوچ جون ڪڙيون ڪنهن زنجير جيان سندس ذهن ۾ ڳنڍ بيون وڃن......
    ”اوائلي دور ۾ به ته مرض هئا، مريض هئا، ويڄ هئا، طبيب هئا پر ههڙي نفسانفسي انڌير نگري، ٻيلي نه ڪٿي ٻڌي سون نه ئي ڏٺيسون. جانورن کان وٺي انسان جي کل، گوشت ۽ هڏ جا واپاري، ساڻن کيڏندڙ هي طبيب نه ٿيا جهڙوڪر ڪاسائي، جن انساني عضون جا دڪان کڻي کوليا آهن. فلاڻي جا ڪات ۽ ڪاتيون مڏيون آهن. فلاڻو ڪات ۽ ڪاتيون ٻاهرين ملڪ مان ٺپرائي آيو آهي، فلاڻو نريءَ جو گوشت ماهرانه انداز ۾ ٺاهي ڏيندو آهي. فلاڻو انساني ميڄالو ڪڍڻ ۽ ڪورڻ ۾ Expert آهي، فلاڻو دل جهورڻ جو قابل آهي، فلاڻي وٽ انساني بُڪيون هر ڪٽواليءَ ۾ Freeze ٿيون پيون آهن. هي ڪهڙو مذاق آهي.... انسان ۽ انسانيت جو....!؟“
    پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دُکائڻ کان پوءِ هڪ وڏو سوٽو سندس اندر ۾ اوتجي ويو، ان ڏيهاڙي فياض ساڻس گڏ هو. اهو مفلس ماستر فياض "Social Values" جو شڪار، ڊڄي ڊڄي ساڻس هلي رهيو هئو، ڪنترون پئي هنيائين ته ڪٿي ڪو ڄاڻو سڃاڻو ڏسي نه وٺي.... ٽيوشنون نه ملنديون.... ڄاڻو سڃاڻو چوندا ته ماستر، ڇاڻي باز آهي، ڪي پنهنجون نياڻيون پڙهائڻ لاءِ چوندو.....ڇا ماستر وٽ جذبا ناهن ڇا؟ ماستر وٽ فطري ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ان کان بهتر ڪو رستو هئو ڇا؟..... کيس پنهنجي جياپي جو پورو حق آهي، جيڪڏهن هو ..... جي حدن ۾ اچي ويو ته ڇا ٿي پيو.... ماڻو ته ٽرين، ڪوچ، بازار، گرلز ڪاليج ۽ اسپتالن کي به..... سمجهندا آهن ۽ اتي ، ان ڪم لاءِ ويندا آهن. ۽ هي گهٽيون ته سماج جي ڇاڻي آهن ... اتي وڃڻ ڇاڻي بازي آهي ته پوءِ پوءِ اها ڇاڻي بازي جائز آهي....پر هت ته اسپتالن جي چيڪ اپ روم کان وٺي وارڊن جي ڊيوٽي رومن کان سواءِ، ليبارٽرين، اسٽورن آفيسن، دڪانن ..... ڪارخانن جي پويان رٽائرنگ رومز ۾ نياڻين جو لڄون پنهنجي پيرن جي کُڙين، ترين سان آڪاش کي بُجا ڏئي رهيون آهن.... ڪائنات جي فطري سرشتي کي لڄائي رهيون آهن....!
    وڏيرن، پيرن، مرشدن جون اوطاقون عصمتن جو نيلام ڪنديون هيون، ۽ ڪامورا شاهي ۽ بيوروڪريسي به بليڪ ميلنگ جي آڌار تي عصمتون نيلام ڪري رهي آهي....! مسجدن، مندرن جي رکوالن به ڪا ڪسر ڪونهي ڇڏي... معصوم نياڻين جي لڄن جون صدائون آڪاش کي چيري ڦاڙي ڏاري رهيون آهن.... اهو لقاءُ شروع ٿيو آهي ته معاشرو ڄڻ ابليس جي مُڇ جو گدلو وار بڻجي پيو آهي.... اُف خدايا.... هي ڇا آهي؟ مون کي ڇا ٿي ويو آهي، ڪٿي مان ابنارمل(Abnormal) ته نه ٿي رهيو آهيان.“
    پنهنجي نرڙ کي هٿ جي تريءَ سان مهٽي ٿو.... پر سوچن جو حملو دماغ جو کڙڪيون ۽ روشن دان ڊاهي ٽوڙي غالب پوندو وڃينس، چاهي ٿو جيڪر پنهنجي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ ڪو بٽن لڳرائي، جيڪو بند ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ساعت ته سڪون ماڻي سگهي.... نه ته پنهنجي سوچڻ واري ڊسڪ کي دماغ مان ڪڍي روڊ تي اڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي. هر وک سان سندس سوچن جو سانگهارو ويتر تيز ٿيندو وڃي. هڪڙيون سوچون ذهن جي کوهه مان ڪڍي ڦٽو ٿو ڪري ته ٻيون ٻوڙ ٿيون ڀربيون اچن.”شائسته! ڪاش تون ڄاڻين ها.... منهنجي بي انتها محبت کي.... پر تون ته منهنجي اهڙي محبت ڏسي خوفزده ٿي وئين.... جنهن جو تنهنجي خواب و خيال ۾ به تصور نه هو، تو ته انسان کي هميشه اُن حالت ۾ ڏٺو هئو جڏهن هو بي وسي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ توهانجي وارڊن جي سالن کان اڻ ڌوتل ڀيانڪ بيڊن تي پگهريو پيو هوندو آهي .... جتي هو توهان جي سهاري موت جهڙي جابر ۽ ظالم هستيءَ سان جنگ جوٽيندو آهي.... پر هارجي ويندو آهي ... اُها هار حقيقت ۾ توهان جي هوندي آهي ڇا ڪاڻ جو اوهين ڊيوٽي رومن ۾ ڪچهرين ۾ مصروف هوندا آهيو ۽ کيس وارڊ بواءِ ۽ وارڊ شوئيپر جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيو، جيڪي انٽراوينس (Intravenous) ڊرپ هڻڻ ۾ ئي کيس ساڻو ڪري ڇڏيندا آهن.

    شائسته! توکي شايد ان ڳالهه جو احساس هجي به الائي نه، ته تو جهڙين سندر ڇوڪرين جون باڊي گارڊ اڪثر ڪوجهيون ۽ بي سريون ڇوڪريون ڇو ٿينديون آهن... هو پنهنجي ڪوجهائپ کي لڪائڻ لاءِ ۽ پاڻ وڻائڻ لاءِ تو جهڙين سندرتائن جو سهارو وٺنديون آهن.... جيئن تنهنجي باڊي گارڊ ثمينه ڪيو، ڇاڪاڻ ته وٽن ڪابه خصوصيت ناهي هوندي، پنهنجو پاڻ وڻائڻ جي.... نه اخلاقي، نه سماجي.... اهي جهڙيون ڪوجهيون ٻاهران هونديون آهن، اوهڙيون ئي اندران به... ۽ تو جهڙيون سندر ڇوڪريون جيڪي نادانيءَ ۾ پنهنجو سموريون واڳون سندن حوالي ڪري ڇڏيون، جو توهان پاران اڪثر اهي ئي ڳالهائينديون.... جڏهن توهان ته هڪ گگدام مثل آهيون، جيڪو هميشه ٻئي جي واڳ تي هلندو چُرندو آهي.... توسان به ته ثمينه ايئن ڪيو، تنهنجا ترا ته اصل ۾ ان ڪڍيا، جو تنهنجو رابطو، تنهنجو واسطو اهڙي ڍڳي، ڍڳي نه پر ڍڳوڙ ڊاڪٽر سان ڪرايائين، جيڪو تو جهڙين سُندر ڇوڪرين ي پنهنجي ڪنڌ ۾ پنڃاري وجهڻ ان وڌيڪ گانو يا اڃان به ڪا وڄندڙ ٽلي پسند ڪندا آهن ۽ فخر سان ڪنڌ لوڏي هلندا آهن.
    اهڙا ڍڳوڙ ڊاڪٽر توهان جهڙين خوبصورت ڇوڪرين کي پاڻ سا گڏ گهمائڻ ۾ رشڪ ڪندا آهن، جڏهن ته سندن اصل گهر ڌياڻيون، سندن قرب ماڻڻ لاءِ ڪاٺين جي باهه ۽ دونهين تي اکيون مهٽي مهٽي عمر ڳاري ڇڏينديون آهن. اهي ڍڳوڙ ڊاڪٽر، پنهنجي جانورن واري وحشي جبلت ڪاڻ، هر ڪنهن کي ماري مڃائيندا آهن... گوڙ ۽ شور سان هر ڪنهن کي کائي ويندا آهن، ايتري قدر جو پوڙهين ماسين مان به نه مڙندا آهن.“
    ڪرڀ ٿي اچيس، ”ڪيڏو نه عظيم پيشو، ڪيڏا نه ڪڌا ڪم“
    ”شائسته! ڪلهه تنهنجي ڳولا ۾ پيرن ۾ لڦون پئجي ويون هئم.... پلاسٽر جي سخت ضرورت هئم پر شهر جي ڪيترن ئي اسٽوري تان پلاسٽر ڪونه مليو.... ڇا لاءِ ملي؟ پلاسٽر تي ڪهڙي ڪميشن؟ هتي ته هر شيءِ ڪميشن آهي، هر ڪو ڪميشن جو بُکيو آهي، ڊاڪٽرن جي اسٽور وارن سان ٻڌل ڪميشن، X-Rays وارن سان ٻڌل ڪميشن“ الٽرا سائونڊ وارن سان ٻڌل ڪميشن، ليبارٽري وارن سان ٻڌل ڪميشن... هڪ ڊاڪٽر Refer ڪندو ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي ته اُن جي به ڪميشن... اهو هڪ چڪلپڻو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
    مريض وڃي ته ڪيڏانهن وڃي سندس گهر ۽ مال ته لٽجيو وڃي ڪميشن ۾ باقي علاج لاءِ وٽس بچي ڇا ٿو؟ صرف عزت....! ۽ هو ان عزت کي بچائي روز پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو لاش کڻي ٿو واپس وري.....!!
    ها شائسته! مان به پنهنجي احساسن ۽ جذبن جو لاش کڻي واپس وريو آهيان... توهان جهڙا انسان ڪنهن جي احساسن کي ڪهڙو ڄاڻيندا؟ جن جا پنهنجا احساس گروي رکيل هجن... جيڪي ماڻهو، انساني گوشت چيريندا، ڦاڙيندا، ڪٽيندا ۽ وڍيندا، تن کي ڪهڙو پتو ته انسان ڇا..... سندس روحاني جذبو ۽ طاقت ڇا آهي؟ توهان وٽ ته آپريشن ٿيٽر کان ڊيڊ باڊي رومز تائين جا سمورا مُئل جيئرا انسان رانديڪا آهن“
    ”شائسته! اڄ جڏهن ته مان تنهنجي زلفن جو ڇانورو چاهيندي به نا اميد ٿي موٽيو آهيان .... ته اندر اڀامي رهيو اٿم.. توکان وڌيڪ ته مونکي ڇانورو ان ٽالهيءَ ۽ ٻير جي وڻن ڏنو، جيڪي تنهنجي ڪمري جي سامهون هئا.. جن هيٺان بيهي مان تنهنجو اوسيئڙو ڪندو هئس.

    ۽ تنهنجي فيصلي کان پوءِ ..... الائي اڃان به اندر ۾ اطمينان نه اٿم ..... تو جيڪي ڪجه ڪيو آهي يا ڪري رهي آهين، سو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهي آهين ....... اڄ بار بار اصغر ياد اچي رهيو اٿم ، جيڪو منهنجو تمام پيارو دوست هو .... مون کان هڪ سال سينيئر هو، جڏهن هو يونيورسٽي ڇڏي وڃي رهيا هئا ته اسان کين فيئر ويل پارٽي ڏني هئي. ان روز فائنل جي هر شاگرد جي دل ۾ هڪ وسيع درد هو، اسين پنهنجي ڪيميا گريءَ سان ٻين جي دردن ۽ گهائن جا مرهم ته ٺاهيندا آهيون پر پنهنجي درد دل جو ڪو به مرهم ٺاهي نه سگهندا آهيون. اهو به سڀني جي وڇڙڻ جو ڏينهن هو ..... الوداعي تقريب هئي .... خبر ناهي ڪيڏا هانو ڪوڙين انائن خاطر ڏري رهيا هئا .... هر ڪنهن جي آواز ۾ درد هو .... هر تقرير ۾ اهو درد چغلي کائي رهيو هو .... هر اک پاڻياٺي ٿيو ٿي وئي ......ڪي ته اسٽيج تان لهڻ مهل سڏڪي پيا هئا.... ان ڏيهاڙي ان پارٽي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اصغر ڪافي ڪلاڪ مون سان رليو هو. جڏهن ڪافي ٿڪجي پڳا هئا سين ته سنڌالاجي جي ڪشادي پارڪ ۾ ساڻا ٿي ڪريا هئا سين، اصغر مهه جبين جو چريو ديوانو عاشق هو ..... پر مهه جبين کيس ڪوڙين رسمن، رواجن ۽ هٿ ٺوڪيل فضول مفادن جي آڌار تي هميشه لاءِ ٺڪرائي ڇڏيو هو. هن لائيف پارٽنر لاءِ هڪ پوڙهي گنجي ، ٻٽيهي نڪتل بيورو ڪريٽ جو انتخاب ڪيو هو . ان ڏينهن اصغر جو سارو وجود درد ۾ سراپجي ويو هو . الائي ڇا ڇا پئي ڳالهايائين ...... ائين پئي لڳو ڄڻ ته هو پنهنجي من ۾ متل ڪربلا جي مصائب پڙهي رهيو هو ......
    مونکي چيو هئائين ”ڏس مهه جبين مونکي ٺڪرايو آهي، نوجوان آهيان، خوبصورت آهيان، طاقتور آهيان، باشعور آهيان، پوءِ به هن منهنجي ۽ پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي دولت جي عيوض گروي رکي ڇڏيو ...... ڏسجانءِ جڏهن اهو بيوروڪريٽ پوڙهو پنهنجي ٻٽيهي لاهي ميز تي رکي، مٿس ليٿڙيون پائيندو، پوءِ کيس احساس ٿيندو ته، هاءِ اصغر مون تو کي ڇو ڇڏيو .... ڪاش مان پيار سان ٽٻٽار جواني ۽ طاقت مان لطف اندوز ٿيان ها !“
    ڇا واقعي ، شائسته ! پئسو ، دولت ۽ مفاد ماڻهو کي مطمئن ڪري سگهندا آهن؟ سندن جذبن ۽ احساسن کي ماٺو ڪري سگهندا آهن ؟ نه ، شائسته نه .... ! جيڪر ائين هجي ها ته هاءِ اسٽينڊرڊ فيمليز جون اڌ پوڙهيون ۽ جوان ڇوڪريون .. جام جي نشي ۾ الوٽ ٿي پنهنجي مرسڊيز ڪارن ۾ ڪشادن روڊن تي نڪري نوجوان ڇوڪرن جي تلاش ۾ ڀٽڪنديون نه وتن ها ۽ نه وري پنهنجي گهر جي ڪچي عمر وارن نوڪرن سان پنهنجي ضرورتن کي ماٺو ڪن ها..... شائسته جذبن ۽ احساسن جو نيلام ڏاڍو ڏکيو آهي ..... خبر ناهي ڇو ماڻهن لاءِ ايڏو سولو ٿي پيو آهي، ...... صرف ان لاءِ جو شروع کان آخر تائين جي تعليم ۽ تربيت مفادن جي بنياد تي ڪئي ٿي وڃي .... انسانيت جو درس ڪنهن به اداري ، ڪنهن به درسگاه ۾ ناهي رهيو .... ڀل ڪيڏو به مفادن ۽ دولت جي جاکوڙ جو درس ڏنو وڃي ، پر شائسته اندر ۾ لڪل فطري انسان جا جذبا ڪڏهن به لڪي نه سگهندا، اهي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ضرور رونما ٿيندا ، سر عام نوڙين تي سڪندي يا ڪنهن بند ڪمري جي تاريڪي ۾ لڪندي ....!
    شائسته ! تو لاءِ هڪ طرف تنهنجي تربيت ۾ مفاد هئا ۽ ٻئي طرف تنهنجي اندر جي سچائي ، جنهن مونکي پهرين ئي نظر ۾ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو هو، لڳو ائين پئي ته ڄڻ تو مون کان ڪجه گهريو پئي، ڪو تحفظ، ڪو خلوص يا اڃان به پنهنجي سندرتا جو جياپو ..... پر تون نادانيءَ ۾ اهڙي ڍڳوڙ ڊاڪٽر جي ڳچيءَ جو ڳانو بڻجي پئي هئين جنهن کي لاهڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي... مڃان ٿو مان بزدل هئس، مان تنهنجيءَ بقا خاطر، ان ڍڳوڙ جي سڱن سان پنهنجو پيٽ ڦاڙائڻ نه ٿي چاهيو... ۽ جيڪڏهن سٽ ڏئي مان ڳانو ڇِني به وجهان ها ته تون ٽڪر ٽڪر ٿي وڃين ها، تنهنجي سُندرتا تي ڳنڍين جو جا داغ لڳي وڃن ها..... تنهنجي سُندرتا جهُري پوي ها... ۽ مون ڪڏهن به اِهو نه ٿي چاهيو، ان ڪري تنهنجي ڪوس گهر واري دنيا کان خاموش خاموش ڏور نڪري آيس..... مون کي توهان جي ان دنيا ڏنو ئي ڇاهي، جنهن کي توهان محبتن جو ديش ڪوٺيو ٿا.... مونکي سُندرتائن جلاوطن ڪيو يا ڪرايو آهي.... مان توهان جي محبتن جي ديش من جلاوطن ضرور آهيان پر ياد رک تون پنهنجي دل جي ڌرتيءَ تان مونکي ڪهن به جلاوطن ڪري نه سگهندينءَ.
    ها شائسته! اهو ئي سچ آهي.....!!“
    هلندي هلندي سندس وِکن کي اطمينان اچي ويو..... محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص، وارن روڊ تان هلندو تمام ڏور نڪري ويو..... پنهنجي دل کي دنيا جي دغائن تي ڪمپرومائيز ڪرائڻ لاءِ......


    فخرو جي ڌيءَ جو گڏو

    سندس ڪار جو ڪيفي شريا وٽ بريڪ لڳو، سندس مڙس ڪار مان هيٺ لهي،اسٽيٽ ايجنسي ڏانهن هليو ويو،هوءِ ۽ سندس ٻار ڪار ۾ رهجي ويا.
    هن پنهننجي چشمن جي ڪمانن کي ٺاهيندي ماحو جو جائزو ورتو،هن جي ٻنهي گلاسز مان ماحول بلڪل نارمل هو، ڪيفي شريا جي ٻاهرين پارڪ ۾ چار ڪرسين ۽ هڪ ٽيبل جا پنج کن سيٽ پيل هئا، پارڪ ڏانهن رخ ڪيل ٽيليوزن ايس ٽي اين ڏيکاري رهي هئي. ٽي وي اسڪرين تي صرف ايس ٽي اين جي تصوير نظر اچي رهي هئي. جڏهن ته ڊيڪ جي وڏن اسپيڪرن مان شام جي سرن سان آلاپيل گيت شام جي خاموشي ۾ جذب ٿي، ٽيوٽرن وانگي چمڪي رهيا هئا. اهي گيت هر ذوق واري ماڻهو جي ٻڌڻ لا۽ قابل قبول هئا.
    هن نظر ڪرسين تي ويٺل ماڻهن ڏانهن واري، سڀڪو اطمينان واري گفتگو ڪندي پنهنجي ساٿي سان کلي مرڪي رهيو هو، پر هڪ ڪرسي تي ويٺل نوجوان ڇوڪري سندس دل جو ڌڙڪو تيز ڪري ڇڏيو.
    اوهو، هي ته ساڳيو ڇوڪرو آهي، جڏهن به گهر کان نڪرندي آهيان ته ڪٿي ڪٿي نه نظر ايندو آهي.
    ڀرسان ڪرسي تي ويٺل نوجوان، پنهنجي هٿ جي اڱر ۾ ڪار جي چاٻي ڦيرائي، چاٻي کي غور سان ڏسي رهيو هو. هو ماحول کان بنهه بي خبر هو، هن نه چاهيندي به ڇوڪري ڏانهن ڏٺو، ”اهڙا ته کوڙ ڇوڪرا ڏسندي رهندي آهيان پر هن ڇوڪري ۾ ڪا ڳالهه ضرور آهي. جيڪا توجهه جوڳي آهي، ڪيڏو نه سوبر ۽ اداس آهي پڻ!! پر منهنجو ڇا؟ هن ڪنڌ ڦيرائي پنهنجي ٻارن ڏانهن هلڪو ڌيان ڏنو، جيڪي پنهنجي حرڪتن ۾ مصروف هئا، کين روڪيندي پنهنجيون ٻانهون سيٽ جي پويان ڪري رليڪس ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر وري سندس نظرون ڇوڪري ڏانهن هليون ويون، “هي ڇوڪري مون کي ڇو ٿي وڻي” سندس سياءُ ته اهڙو ڪو نه ٿو ڀاسجي، بس ماڻهن جهڙو ماڻهو آهي، پر هو مون ڏانهن نهاريندو ڇو ناهي، پنهنجي دنيا ۾ مسٽ هوندو آهي..........مان اهڙي ڪا ويل ناهيان، ٺيڪ ٺاڪ آهيان.........
    هُن ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي ڳچي هيٺان بريزر سان ڍڪيل گول ڀريل ڇاتي کي ڏٺو.
    ماڻهو ته مون کي ڏسي ڇتا ٿي پوندا آهن، منهنجيون سهيليون به ته چونديون آهن ته فخرو ڪهر جو جسم اٿئي“ ٽن ٻارن کان پوءِ به پيٽ بنهه نه نڪتو اٿئي، ۽ بريسٽ به بنهه ڪونه لڙڪيا اٿئي، ڇا ٿي ڪرين ڇوري ٻارن کان پوءِ ته هڏ صفا کلي پيو هٿئي، هلڻ سان ته ماڊل گرل لڳندي آهين، ڪنڌ تائين لٽڪيل وار ۽ وري چشمو تنهنجي شخصيت کي ويتر اڀاريندو آهي......... ۽ منهنجو مڙس به ته هرهر مڇين ته هٿ رکي چوندو آهي ته تنهجا هپس واه جا آهن، هو دل ئي دل ۾ ٿورو خوش ٿي، پر چهري تي وري شڪست واري مرڪ تري آئي.
    هي ڇوڪرو آخر پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟ سندس اکين جي اداسي ۽ چهري جي پريشاني ٻڌائي ٿي ته “ هو جنسي احساس ڪمتري ۾ پوڙهو ٿي رهيو آهي.
    هن وري پيرن کان ڇوڪري کي ڏسڻ شروع ڪيو.
    پينٽ شرٽ ۾ ڪيڏو نه ٺهي ٿو، گول ڀريل سٿر، ٽي شرٽ مان ظاهر ٿيندڙ سندس ڪنس ڀريل ڏورا، ڇاتي کان ڳچي تائين گهاٽا وڪوڙيل وار.............. ڪيڏو شهوت ۾ ڀريو پيو آهي، سندس منهن ته بکندڙ پوڙها پڻ اونو ڪاش..........
    سندس چهري تي ڪاوڙ جا تاثر چٽا ٿيڻ لڳا، هن وري کيس ڏٺو، نوجوان جسم ۽ سندس پوڙهو چهري ڪيڏو نه شانائتو پيو لڳي. صرف هڪ ڀيرو مون ڏي ڏسي نه ته “ سندس اکين مان ٽمندڙ جنسي احساس ڪمتري واري اداسي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏينديس،
    هن ڇوڪري جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ پنهنجي مڙس کي سڏڻ جي بهاني ڪار جو هارن وڄايو، پر ڇوڪري هڪ نظر سندس اکين ڏسي منهن ٽي وي ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيو.
    وس ۾ هجي ته ڪار مان لهي، سندس سامهون هلي، کيس پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرايان، منهنجو جسم ۽ هب ڏسي ضرور ڪجه ڌيان ڏيندو، جيڪڏهن اڃان به ائين هن ڪري ته سندس سامهون وڃي ويهي، سندس اکين مان ٽمندڙ جنسي اداسي اکين ۾ اوتي، کيس ........... پاڻ سان کڻي اچان.........۽ پوءِ .................... او ڪاش ائين ٿئي................
    هن ٿڏو ساهه ڀريو هو ۽ خيالن ۾ هئي ته سندس مڙس اچي ويو، سندس مڙس ............ ۾ چاٻي ۾ گهمائي ڪار اسٽارٽ ڪئي، سلف جي آواز ته ڇوڪري ڪار ڏانهن ڏٺو، هن ڇوڪري جي اکين ۾ ڏسي ڇوڪري جي اکين مان ڪجهه چورائي پنهنجي اکين ۾ اوتي ورتو، پوءِ ڪار ريورس ٿي ۽ روڊ جو رخ ڪري هلي وئي.
    سڄي واٽ سندس عجيب پئي محسوس ٿيو، کيس ائين پئي لڳو ته ڄڻ هو پنهنجي کاٻي ڇاتي جي اندران رکيل ڪا ٽڪنڊي مخروطي سسندڙ شيءِ ان ڪيفي شريا جي پارڪ ۾ رکيل هڪ ڪرسي تي وساري آئي آهي، سندس دماغ ۾ پختو ڏيندڙ وهم وڌندو ويو، جنهن ڪري هن پنهنجي ڇاتي مٿان اڀريل گول، گولي تي زور سان رکي ڪجهه محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
    سندس مڙس بيڪ مرر مان کيس ڏسي ورتو،
    ڇاهي، فخرو؟ خير ته آهي؟ ڪا تڪليف آهي ڇا؟
    هون..................... نه ته پر جهاڪن جي ڪري دل جي رفتار ڪجهه تيز ٿيم،
    هُن لنوائيندي جواب ڏنو.
    پر تو جتي هٿ رکيو آهي، اصل منهنجي دل جي رفتار تيز ٿئي وئي آهي، چري اهڙيون ته حرڪتون نه ڪر، ڪٿي گاڏي نه هٿ مان نڪري وڃي.
    سندس مڙس ٽهڪ ڏنو ۽ ڳالهائڻ شروع ٿي ويو، اڄ انجواءِ به خوب ڪيو اٿئون، ٻار به ڏس نه ڪيڏو خوش ٿيا آهن، ننڍڙي صنم، راڻي باغ ۾ جانور ڏسي ڪئين مزو پئي ڪيو، ڀولڙي سان ڪئين پئي مسخري پئي ڪيائين، پهرين پنڃري ۾ ويٺل پوڙهو ڀولڙو توتي مڙئي ڪجهه سرس ديوانو ٿي لڳو، تڏهن ته پوئين ٽنگن مان گول ڳاڙهو الاهي ڇا پئي ڪڍي رڙيون ڪيائين ۽ ٽپا پئي ڏنائين، ڪجهه ته خيال ڪيو شرم ڪيو، اڄڪلهه توهان گهڻا بي حجاب ٿيڻ لڳا آهيو، ٻار ڇا سمجهندا؟
    هن ٿورو شرمائيندي چيو.
    سندس مڙس وري مرر ۾ کيس ڏٺو، اڄ ته تون ڪهر پئي لڳين، Yellow lawn ۾ تنهجو جسم ۾ شخصيت نکري آئي آهي، لڳي ٿو اڄ رات ڪمپني واهه جي ٿيندي.
    سندس مڙس ٽهڪ ڏنو
    سندس چهري تي زرد مرڪ سان هلڪي ڪاوڙ لهي آئي، دل ئي دل ۾ سوچيائين.
    اڄ تو سان ڪمپني منهنجو جسم ڪندو، ان ۾ منهنجي ۽ منهنجي ذهن جي ڪا به involvement نه هوندي، منهنجي اکين ۾ اوتجي آيل ڪا اداسي منهنجي ذهن ۾ ڪنهن رهجي ويل خال جو پوراءَ ڪري رهي آهي، ان ڪري مان ڊسٽرب آهيان.
    اسٽيٽ ايجنسي واري سڀاڻي وري ٽائيم ڏنو آهي، چيو اٿائين سڀاڻي توهان بنگلو ڏيکاريندس,ڊبل اسٽوري آهي ۽ بنگلي جو مالڪ به مناسب بها تي راضي ٿي ويندو، ان ڪري سڀاڻي وري اچڻو پوندو. سندس مڙس ساڻس مخاطب ٿيندي چيو.
    سندس خاموشي گهر جي چائنٺ تي پهچڻ کانپوءِ به برقرار رهي، هلو ڦلڪو رڌپچاءَ ڪري ٻارن کي کاري پياري، کين سمهارڻ لاءِ ڪمري ۾ وٺي آئي. امي اڄ آئون ايئن ڪونه سمهندس مون کي آکاڻي ٻڌاڻي پوندي. سندس ننڍڙي صنم ضد ڪندي چيو.
    صنم پٽ ضد ناهي ڪبو، اڄ مون کي ڪا به ڪهاڻي ياد به ته ناهي، سڀاڻي وعدو، آکاڻي ضرور ٻڌائينديس، هن کي بيڊ تي ليٽائيندي چيو.
    نه امي آکاڻي نه ٻڌائيندين ته مان به اڄ نه سمهندي سانءِ، صنم روئي پئي.
    چڱو ڀلا ٻڌ................. هن صنم جي وارن ۾ پنهنهجي وارن جي ڪنگي ڪندي چيو. “ هڪڙو هو ڇوڪرو ڏاڍو سهڻو ۽ موچارو.......... سندس جسم يعني ڌڙ بلڪل نوجوان هو پر سندس اداس چهرو ائين لڳندو هو ڄڻ هو پوڙهو ٿي ويو هجي”.
    امي جئين منهنجو گڏو آهي نه؟ پينٽ شرٽ ۾وڏيون اکيون، گلابي چپ ۽ اڇا يتيم جا وار، صنم سندس ڳالهه اد ۾ ڪٽيندي چيو.
    ها بلڪل تو واري گڏي جيان..... هو شهر جي مختلف جاين تي اڪيلو پريشان رلندو رهندو هوپر اڪثر هو هڪ هوٽل تي اچي ويهندو هو ۽ چانهه جو ڪوپ پئي ٽي وي ڏسي پنهنجي اکين ۾ ويٺل اداسي ڪمرشل(ماڊل) واريون ڇوڪريون ڏسي دور ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته کيس وندرائڻ لاءِ ڪا به راڻي نه هئي. پوءِ هڪ ڏينهن هو ڇوڪري اتان گم ٿي ويو، ڪنهن اکين جي شوڪيس ۾ ،شايد اهو ڇوڪرو گڏو ٿي ويو، ۽ تنهنجي شوڪيس ۾ اچي ويو.....او .......اهو ڏس تو وارو گڏو”
    هوءِ آئي ۽ شوڪيس مان صنم کي گڏو کڻي ڏنائين، کيس گڏو ساڳيو ڇوڪرو لڳو. هو ٿورو مرڪي ۽ گڏو کڻي صنم کي ڏنائين. هان وٺ گڏو، ڪيڏو نه سٺو آهي، گڏي جي اکين ۾ ڪيڏي نهن اداسي آهي” شوڪيس ۾ بند ڪرڻ سان گڏي جو دم گهٽيو هوندو نه؟ آئنده گڏي کي شوڪيس ۾ نه رکندي ڪر، ويچارو گهٽجي ويندو، سمجهيئه.......!!.
    ها امي هاڻي مان گڏي کي ڪڏهن به شوڪيس ۾ بند نه ڪنديس.
    شاباس چوان امي کي، چڱو هاني سمهي رهه.
    هن کيس وري وارن ۾ اڱرين واري ڪنگي ڪرڻ شروع ڪئي. ٿوري ئي سمات ۾ صنم جون اکيو پورجي ويون ۽ هو سمهي پئي. هن صنم جي ٻانهن مان پيل گڏو آهستي آهستي کسڪائي ڪڍي ورتو، گڏي کي ڏسي ٿورو مرڪي.
    او گڏا، ڪيڏو نه سهڻو آهين......تنهنجا چپ..........تنهنجون اداس اکيون مون کي ڏئي ڇڏ نه!!
    ۽ هن گڏي کي پنهنجي ڇاتي سان لائي ڇڏيو............ وري کيس سامهون ڏٺائين ۽ هلڪو ٽهڪ ڏئي، گڏي جي ٻانهن ۾ آڱريون ڦيرائي سندس ڇاتي تي رکي ڇڏيائين. تو ڪيڏو نه Sexy آهين گڏا، تنهنجا ڪنس نڪتل ڏورا، ۽ وارن سان ۾ وڪوڙيل ڇاتي...........آ هلي آ؟ پنهنجي ڇاتي منهنجي ڇاتي سان ملائي ڇڏ!!!
    ۽ هن گڏي کي پنهنجي ڇاتي سان لاهي ڇڏيو............ وري کيس گڏي کي پنهنجي ڇاتي سان لائي گڏي کي پنهنجي ڪمري ۾ کڻي آئي.
    اچ فخرو ٻار سمهي پيا ؟
    ها سمهي پيا.
    هي گڏو ڇا لئه کنيو اٿئي؟ ...................ٻار ٿي پئي آهين ڇا؟
    مڙس کيس ٽوڪيندي چيو
    “ ڪڏهن ڪڏهن ٻار به ٿيڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن گڏا ڪيڏا نه وڻندا آهن، دل چوندي آهي، گڏن کي ٻانهن ۾ ڪري سمهي پئجي.
    “چئبو ته اڄ بلڪل رومانٽڪ موڊ ۾ آهين؟ سندس مڙس مرڪ وارو تاثر ڏيندي چيائين.
    “ نه اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي، ۽ نه ئي اهڙو ڪو موڊ اٿم!، هُن بي رخي ڏيکاريندي چيو.
    فخرو ائين وري ڪئين ٿيندو..................... پليز اچ نه.........!
    سندس مڙس گڏو کانئس وٺي، بيڊ ڀرسان رکيل ٽيبل تي اڇلايو، ۽ کيس ٻک ۾ ڀري بيڊ تي ليٽايائين.
    “ ڇڏ پليز............... اڄ موڊ ناهي”
    هُن مڙس کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. مڙسهنس کيس چنبڙي ويو................. مڙس جا هٿ سندس چولي اندران سندس بريزر جي ڪلپ تي پهتا، آڱوٺي ۽ آڱر جي زور سان ڪلپ سرڪي نڪري وئي،........ ۽ مڙس جا هٿ گول ڇاتين جي چوٽين کي ڇهڻ لڳا............... ۽ پوءِ سندس چولو لهي وڃي ٽيبل جي ڀرسان ڪريو، ٻانهن مان نڪتل بريزر بيڊ تي ئي رهجي ويو، هُن جي روڪڻ باوجود به سندس سلوار گڏي جي مٿان وڃي پئي. گڏو سلوار ۾ دٻجي ويو، هن کي محسوس ٿيو ته گڏي جو دم گهٽبو هوندو............... گڏو مري نه ويو وڃِي؟
    ان خوف کان هن اکيون پوري ڇڏيو ۽ گڏي جهڙو ڇوڪرو هن جي دل ۾ لهي آيو، بلڪل ائين جئين شادي جي پهرين رات سندس محبوب سندس اکين۾ لهي آيو هئو. سندس شادي مرضي خلاف ٿئي هئي، انڪري کيس پنهنجو مڙس نه وڻندو هو، شايد اهو ئي سبب هو جو هو جڏهن به چنبڙندو هو ته هو پنهنجي اکين جا شٽر بند ڪري، پنهنجي ذهن کي بند ڪمرو بڻائي ڇڏيندي هئي، جنهن جي ٻاهران سندس مڙس چاپوڙا لاهي مطمئن ٿي ويندو هو، ۽ هيئنر به فخرو اکيو ٻوٽي مڙس بدران گڏي جهڙي ڇوڪري کي ٻک ۾ ڀڪوڙي ورتو. فخرو کي پڪ ٿي وئي ته ڇوڪرو سندس ٻک ۾ قابو ٿي ويو آهي، ۽ سندس مڙس سندس جي وجود کان الڳ ٿي ويو آهي،.............. فخرو ان جنسي احساس ڪمتري واري ڇوڪري کي پيرن کان وٺي چوسڻ ۽ چٽڻ شروع ڪيو ۽ هو پنهنجو پاڻ جهٽڪن سان Relax ٿيڻ لڳي.
    مڙس کيس اها حالت ڏسي کيس انجواءَ ڪرائڻ لاءِ پنهنجو Function شروع ڪيو. پر فخرو جيڪا عمل کان اڳ Relax ٿي چڪي هئي، بلڪل ٻئي ساهي سخت ٿيو بيڊ تي بي ڊولا جهٽڪا سهندي رهي............... ڪجهه لمحن کان پوءِ سندس مڙسهنس به هڪ جهٽڪي سان بي ساهو ٿي مٿس ڪري پيو.
    هو هٿن جي ترين سان پنهنجا وکريل وار ٺاهيندي بيڊ تان اٿي، تو چيو موڊ ناهي، اڄ ته ڏاڍو انجواءِ ڪيو اٿئي ۽ راڪ اين روال کان اڳ ئي الاهي ڪيترا ڀيرا ....................وڻين!
    هو مرڪي “ بس موڊ جو ٿي ويو.................”
    فخرو بيڊ تان بريزر کنيو، ٻانهن مان اُڪرائي، پٽي وٽ بريزر جا ڪلپ بند ڪيائين.
    ٽيبل ڀرسان ڪريل چولو کڻي پاتائين، آخر ۾ سلوار کنيائين، سلوار پائي، سلوار هيٺان دٻيل گڏو کنيائين، گڏي جي اکين ۾ ڏٺائين، گڏي جي اداس اکيون مري چڪيون هيون. گڏي جا چپ ڏٺائين، چپ ڪاراٽجي چڪا هئا، سلوار هيٺيان دٻيل گڏو مري چڪو هو، گڏي ۾ لهي آيل جنسي احساس ڪمتري وارو ڇوڪرو سندس جسم جي وندر بڻجي، گڏي سميت مري چڪو هو، هن مئل گڏي کي ڏٺو..................مئل ڇوڪري کي ڏٺو، هن پنهنجو هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙي طنزيه مرڪيو، ۽ گڏي کي پٽ تي اڇلائي باٿ روم ۾ هلي وئي.


    ڪٽجي ويل بوگي

    اسٽيشن تي سڀ بيٺا هئا، هر ڪو ڄاتل سڃاتل پئي لڳو، سڀئي مسافر هئا، سڀني کي گاڏي جي اچڻ جو انتظار هو.
    مان به اڪيلو، هڪ ڳوري ٿيل سميت اسٽيشن پهتو هئس، منهنجي ان ڳوري ٿيلهي ۾ ميرن ڪپڙن کانسواءِ منهنجي پنجن سالن جو سرمايو هو، جنهن تي بانور هئم.، جنهن ۾ منهنجي ننڍڙين خوشين سان گڏ منهنجون وڏيون اذيتون ۽ رسوايون هيون. ٿيلهو پليٽ فارم تي پاسيرو ڪري رکيم، سگريٽ دکائي ٿورو اسٽيشن تي اڳتي وڌي ويس، جتان به نه ملندڙ يڪسان پوروڇوٽ لوهي پٽڙيون پري پري تائين هليون پئي ويون، مان انهن پٽڙين جي گم ٿيڻ تائين پنهنجون نظرون ڊوڙائيندو رهيس. اوچتو ڪنهن گيت جو آواز ڪنن تي پئيم، اهو گيت اسٽيشن تي اڏيل ڪکائن هوٽل مان اچي رهيو هو، ان گيت کي مون چارئي سال هاسٽل تي روز ٻڌو هو، ساڳيو ئي گيت روز صبح جو ڪلاس روم ۾ رکيل پوين ڪرسي تي سدائين جهونگاريندو رهندو هوس، اهو گيت منهنجو ورد بڻجي چڪو هو.
    اڄ ساڳئي گيت مون کي ماضي ڏانهن وارئي ڇڏيو. اهو ماضي جيڪو هن جو ۽ منهنجو گڏيل ماضي هو، ۽ اسان جي حال سان هوندي به اسان جو بنهه ڪونه ٿي لڳو. اسان جو حال ڄڻ حال نه پر هلاڪو خان جو ڀالو هو. جيڪو اسان جي ماضي مان ٻار ٿي، اسان کي جدا ڪري مستقبل ۾ اسان جي يادن جي مقبري تي ، اسان جي چاهتن جا سر قلم ڪري پنهنجي سوڀ جو جهندو ڦڙڪائڻ پيو چاهي.
    مون پهنجو پاڻ کي اداسي کان بچائڻ لاءِ کيس ڄاتل سڃاتل چهرن ۾ ڳولهڻ شروع ڪيو، پر ناڪام رهيس، جيڪو چهرو هڪ پل به اکين کان اوجهل نه ٿيو هو، سو هيڏن چهرن ۾ گم هو، ويتر پريشان ٿي ويس، ذهن م ڪيئي سوال کڙا ٿي ويا.
    “آخر هو ڇو نه آئي”............................؟
    هڪ دفعو وري مسافرن ۾ ڏسڻ چاهيم، پر هو نظر نه آئي،
    سليءِ کي اچڻ گهربو هو!!!.
    گاڏي جي اچڻ جو اعلان ٿيو ۽ پوءِ گهنٽي وڳي، اندر جي گهنٽي به تيز وڄڻ شروع ڪيو، اندار جو اعلان ڳورو ٿي ويو، “ اها ويساه گاتي آهي کيس اچڻو هو پوءِ هو ڇو نه آئي”
    سڀ مسافر سامان کڻي تيار ٿيا، گاڏي جي انجڻ پري کان منهن ڪڍيو، انجڻ جو منهن وڇوڙي جو راڪاس لڳم، جيڪو اسان جي محبت کي کائڻ لاءِ وڌي رهيو هو، آئون هيسجي ويس، سمورا ارمان مٽي ۾ ملندا محسوس ٿيم، ڪوشش ڪري ٿيلهي وٽ آيس، سگهه نه ساريندي به ٿيلهو کنيم، ٿيلهي کي سوگهو ڪري، کيس ڳولڻ لاءِ پوئتي ڏسندو، ٽرين ۾ چڙهي گهر موٽڻ لاءِ پوئين بوگي ڏانهن وڌيس.
    اسٽيشن تي هل هنگامو متل هو، هر ڪو مسافر جاءِ والارڻ لاءِ مختلف بوگين ڏانهن ڊڪي ڊوڙي رهيا هئا. ان افرا تفري مان ٿڙندو ٿاٻڙندو پوئين بوگي ڏانهن هلندو ويس. منهنجا بي چيا قدم ان بوگي ڏانهن ڪاهيندا پئي ويا. پر منهنجو دل ۽ دماغ کيس ڳولهڻ ڏسڻ لاءِ پوئتي هلندا ويا، جنهن ڪري مهنجي چال ۾ بي ترتيبي واضح ٿيندي پئي وئي. بوگي جي دري وٽ ماڻهن جي وڏي پيهه هئي، مون ان پيهه ۾ وڃڻ نه ٿي چاهيو. ان ڪري جڳ هانُ تي تمام گهڻي ٻوسٽ هئم، تنهن ڪري ٿورو پاسيرو ٿي بيهي رهيس. ڪجهه در کان پوءِ ماڻهن جي پيهه، ڪيميڪل بانڊ جيان ٽٽڻ لڳي. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پوزيشن تي عنصرن وانگي چارج وٺي پنهنجي پنهنجي عمل ۾ اچي ويو. پر مان بوگي کان هيٺ بنا ڪنهن چرپر جي بيٺو رهيس. پوءِ اچانڪ منهنجو ردعمل تيز ٿي ويو. مون ايڪسڪيوز ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجو وزني ٿيلهو بگي جي دروازي کان اندر اڇلائي ۽ در وٽ بيٺل عنصرن وانگر وڇڙيل ماڻهن جي پوزيشن کي ٽوڙي وڌم. Reaction ۽ ائين ڪرڻ سان سخت ايڪشن ٿيو، اهو پٺيري بيٺل هڪ ڇوڪري تي ٿيو، جنهن پنهنجو ري ايڪشن ڪرڻ لاءِ پوئتي وري مون طرف ڏٺو ته عمل ۾ اچڻ کانسواءِ ئي هڪدم اڻ سڌي حالت ۾ ڄمي وئي. هن علم ڪيميا جا سمورا قاعدا ۽ قانون ڊاهي وڌا. سندس نظرون منهنجي منهن تي ڄمي ويون ۽ مان به جئين جو تئين ڄميل ئي رهجي ويس. حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو جنهن چهري لاءِ ايڏي دير کان رجندو ۽ گجندو رهيس سو هاڻي منهنجي سامهون مون کي فريز ڪيو بيٺو آهي. مون پنهنجو پاڻ کي صحيح حالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪري ڪونه سگهيس. اوچتو ٽرين جي هلڻ جي وسل اسان کي ردعمل ۾ آڻي ڇڏيو ۽ نظرن جو ڳنڍيل سلسلو ٽٽي ويو. هيڏانهن هوڏانهن وڄايوسين پئي ته ٽرين پنهنجا ڦيٿا ٻن نه ملندڙ پٽڙين تي آهستي آهستي آڻڻ شروع ڪيا.
    وقار! “جلدي ڪر چڙهه....................”
    هوءَ جهٽڪي سان اڳتي وڌي آئي، مون پنهنجا هٿ بوگي جي در وٽ لڳل لوهي هينڊلس وڌا. ۽ پنهنجا پير فوٽ اسٽيپس تي رکي چڙهڻ جي ڪوشش ڪيم، ٽرين چڱي خاصي تيزي وٺي چڪي هئي، تنهنڪري چڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيم، هن پريشاني ۾ پنهنجا هٿ وڌائي منهنجي هٿن ۾ وڌا. ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ شروع ڪيائين. اسان ٻنهي جي ڪوشش سان آئون ڇڪجي سندس ويجهو هليو ويس. ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، شڪر آ، منهنجو ته ساهه ڇڏائي ويو هو.
    ٽرين لاڳيتو تيزي سان منزل ڏانهن ڌوڪيندي وئي. سوچن ۽ وهمن جا سلسلا ذهن ۾ ڪاهيندا آيا. ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه هيو پر پوءِ به خاموش رهياسين.
    سني خاموشي کي ٽوڙڻ لاءِِ پنهنجي چپن تي هڪ خوشگوار مرڪ آڻيندي چيو “ وقار ڇو اڄ ايڏو اداس آهين؟
    مان چپ رهيس، کيس رڳو ڏسندو رهيس.
    ڪجهه ڳالهائيندين به يا رڳو چپ بت بڻيو بيٺو هوندين؟.
    مون کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو، هڪ سوٽو هنيم، هن چهري تي هلڪو ڪاوڙ وارو تاثر آڻيندي چيو مون کي خبر هئي تو ائين ئي ڪندين الا تون ايڏي سموڪنگ ڇا لاء ڪندو آهين، جڏهن تو کي ڳالهائڻ لاءِ چوندي آهيان تڏهن زوري سگريٽ دکائيندو آهين.
    کيس چيم. نه سفي اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، مون ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. شڪست کان پوءِ ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
    “ ڪهڙي شڪست وقار؟ هن سواليه انداز ۾ پڇيو،
    تنهنجي ضدن آڏو جو شڪست قبولي اٿم،
    هوءَ اداس ٿي وئي، در کان ايندڙ تيز هوا سندس وار پکيڙي ڇڏيا.
    پنهنجي وکريل وارن کي ٺاهيندي چيائين.
    وقار منهنجا ضد، ڪهڙا ضد، ٻڌا نه؟
    کيس چيم تنهنجي خانداني اوچين رواجن ۽ رسمن جا ضد ٿو چوان،
    اهي به ته تنهنجا ضد آهين نه؟.
    هُن حيرت وچان چيو. اهي ضد منهنجا ڪئين ٿيا؟
    کيس چيم اهي ضد، تنهنجا، نه هجن ها ته اڄ اسين وڇڙي ڇو رهيا آهيون.
    تون انهن رسمن رواجن جي ضدن ۾ لاءِ..................مون ڇا لاءِ. ڌڪي ڌار ڪري رهي آهين.
    سندس چهرو زرد ٿي ويو، سندس ڳلن جي لالاڻ پيلي ٿي وئي، سندس چپ جيڪي گلابن جيان، گلابي لڳا پيا هئا. سي ڪومائجي ويا. هن وٽ ڪو به جواب نه هو، انڪري چپ رهي، مون ڏٺو ته سلي ڏاڍي اداس ٿيندي وئي، مون پاران کيس ڏک رسيو هو ۽ مون نه چاهيندي به کيس اداس ڪري ڇڏيو هو. سندس اداسي کي ختم ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪو به حل ڪون هو. کيس چيم سلي هل ته ڪٿي هلي ويهون، تون ٿڪجي پوندين ۽ جي ٿڪجي پئين ته بيمار ٿي پوندين.
    ھُن منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيو: سڄي وجود کي ئي بيماريون وڪوڙي ويون آھن.... ٿڪ ڪهڙو؟ ڇا پنجن سالن جو ٿڪ ٿورو تو ڀائين، جو هي چنڊ ڪلاڪن جو ٿڪ ماريندو ڍ. سچ ٻُڌا وقار تون ٿڪجي پيو آھين نه؟ مون انکي رسمن ۽ رواجن سان وڙھندي مان چپ سندس منهن کي ڏسندو رهيس هن وري ڳالھ جاري رکي ”وقار! پنهنجن پنجن سالن جو ٿڪ، ڪيڏو نه طويل ٿيندو وڃي. شايد سموري عمر ان ٿڪ کان آجا ئي ٿي نه سگهون.“
    هن چند جملن ۾ سموري تاريخ کي اگهاڙو ڪري رکيو، جيڪا مون دل ۽ ذھن جي تهن ۾ ويڙھجي بند ڪري رکي ڇڏي هئي. ايندڙ راڪاس جهڙي اداسي ۽ رڃ جهڙي اڪيلائي لاءِ.
    نه سلي اسان ٿڪا نہ آھيون ٿڪيل ماڻھو ته ساهي پٽي وري سفر شروع ڪندا آھن. پر تون ۽ اسان ته ڇرڪجي ويا آھيون تون ۽ مان So called تقدس جي ور چڙھي ويا آھيون، اسين هٿ ٺوڪيل ڪوڙن قانونن . ڪوڙين گهڙيل ريتن ۽ رسمن جي ور چڙھي ويا آھيون. آئون پنهنجي مڊل ڪلاس جي نموني ۾ ڦاسي ويو آھيان ۽ تون اڀر ڪلاس جي اسٽيٽس جو شڪار ٿي رهي آھين.
    هو خاموش ٿي وئي، چپ خشڪ ٿيڻ لڳس، چپن کي ڏندن ۾ وڪوڙي ڇڏيائين چپن کي پنهنجي وات ۾ چوسي آلو ڪيائين،
    وقار! تون ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو آھين؟“
    کيس چيم ”مان سچ ٿو چوان“
    چهري ۽ زبان تي ضد وارو تاثر ڇڏيندي چيائين، ڪهڙو سچ؟ ٻڌاءِ ڪهڙو سچ؟
    کيس چيم اهو سچ ئي ڪافي ناهي ته مان توسان محبت ڪيان ٿو.
    منهنجو تون سان عشق آھي سلي ۽ اهو عشق جيڪو صدين کان وضاحتن هيٺ ايندي بہ واضح ٿي نه سگهيو آھي.
    هو چپ رهي کيس چيم سلي تون به مون سان عشق ڪرين ٿي نه؟!
    ڪنڌ لوڏي ”ها“ ڪيائين.
    کيس چيم ”پوءِ ڇو ڊڄي وئي آھين؟“
    مون ڏانهن ڏسي چيائين ”نه ته ڊڄي ڪٿي آھيان!“
    سندن منهن ۾ ڏٺم پوءِ شڪست ڇا لاءِ ٿي آھين؟ تون ۽ مان سدائين ناڪاميون ڇو ڏسندا رهيا آھيون.....ياد ڪونه اٿئي؟ سيمينار لائبريري ۾....
    ”بس ڪر، خدا جي واسطي وقار! مونکي ڇو ٿو ايذائين. ها مڃان ٿي ڏوھه منهنجو ئي آھي ڇاڪاڻ جو مون اهڙي خاندان ۾ جنم ورتو .جيڪو ڏوهاري آهي، دولتمند خاندان ڏوهاري هوندا آھن نه؟!
    هو پڪ ساهي چئي وئي، سندس چهري تي طويل اداسي ڇانئجي وئي، کيس چيم مٺڙي سلي ائين ڪونهي تون يا خاندان ڏوهاري ڪونهي. ڏوهاري ته اهي قانون آھن جيڪي تنهنجي خاندان ڪيا آھن جن جا اهي غلام بڻجي چڪا آھن سلي غلامي ڏوھ آھي هو ٿورو مرڪي شايد منهنجي جملن کي داد ڏيڻ لاءِ سندس مرڪ ڪوڙي لڳي.
    تون آھستي آھستي بيهڻ شروع ڪيو. بوگيءَ ۾ ڪجھه جايون خالي ٿيون کيس اٿان وٺي بوگيءَ جي وچئين ڪمپارٽمينٽ ۾ وٺي آيس. اسان سامهون سيٽن تي ويهي رهياسين.
    هو ماٺ ٿي وئي، دري مان نظر ايندڙ ڏورانهن سليٽي وڏن ڪڪرن جهڙا جبل، ڪانڊيرن
    ۽ ٿوهرن سان ڀريل وسيع ميدان ڏسندي رهي حيرت ٿيم ته هو فطرت جي اهڙين بي ترتيب شين کي گھٽ اهميت ڏيندي هئي غور ۽ فڪر سان اُهي بي ترتيب شيون ڏسي رهي هئي سندس غور ۽ فڪر ڪندڙ چهرو مونکي ڊانس ڪيپيٽل جهڙو ڳنڀير ۽ ڳوڙهو لڳي رهيو هو، هو پاڻ وکري چڪي هئي ان لءِ پنهنجو بي ترتيب جيون، بي ترتيب شين سان ڀيٽي رهي هئي يا اچان به شايد ڳالهائڻ لاءِ انهن بي ترتيب شين مان موضوع ۾ جملا ڳولي رهي هئي، اوچتو هن ڳري هئي، اوچتو هن دري کان آڱر جو اشارو ڪيو، ”وقار هو ڏس!“
    مون سندس آڱر ۽ پوءِ منهن ۾ ڏسي چيو ”ڇا....؟“
    ”هوءَ عورت....!“ هن آڱر جو اشارو هڪ عورت ڏانهن ڪيو، جيڪا ميدان ۾ اڪيلي، هڪ ڪانڊيري جي پر ۾ اداس ويٺي هئ.
    مون اها عورت ڏسي وري کيس ڏٺو، ته پوءِ ڇا ٿيو؟ اها ڪا نئين ڳاله ته ڪونهي! اهڙيون کوڙ عورتون ائين اڪيليون ويٺيون هونديون آهن، ”توکي اڄ نظر آيو آهي ڇا؟“
    ”وقار! مون ته اڄ ئي اهو ڏٺو آهي پر خبر هئي اها ڪير هئي؟“
    هُن مونکي ڪجھ ياد ڏيارڻ چاهيو هو.
    مون کيس چيو؛ ڪير هئي؟ تون کيس سڃاڻينس؟“
    هُن مونکي ڏٺو چيائين، مان ته کيس ڪونه سڃاڻان، پر لڳي ٿو اها عورت تنهنجو ئي ڪردار آهي توئي ته کيس انٽروڊيوس ڪرايو هو، پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾
    ڪهڙي ڪهاڻي؟ مون اڻ ڄاڻائي مان چيو.
    اهائي ڪهاڻي جيڪا يونيورسٽي ۾ مشهور ٿي هئي، تو کيس ڊرامائي شڪل ڏيئي انعام به کنيو هو.“
    منهنجا سموارا زخم تازا ٿي ويا سندس محبت جي ابتدا جا نقش چٽا ٿيڻ لڳا کيس چيم، ”اها ڪهاڻي ته گھڻي پراڻي ٿي چڪي آهي،“
    ”ها وقار! اها ڪهاڻي گھڻي پراڻي آهي، پر ڪنهن کان به وسري ناهي، مون کان ته ڪڏهن به ڪون وسرندي، اها ڪهاڻي ئي ته منهنجي ڪهاڻي جي ابتدا آهي، هون ته روز نوٽيس بورڊ تي تنهنجا ورق ۽ نظم پڙهندي هيس، پر ان ڪهاڻي ۾ جيڪو درد هو، تنهن مونکي روئاريو هو مون محسوس ڪيو هو ته درد ڇا آهي؟ درد جو فلو ڪيڏو نه اذيت ده آهي!
    مونکي ته ويجھن رئڻ جو به احساس ڪونه هو...... ۽ درد مون ته ڪڏهن هُن سڄي ماضي کي ورائي گڏ ڪيو، ”مون محسوس ڪيو آهي ته تون اڄ به ان شئ کان بي حس آهين توکي ڪهڙي خبر ته درد ڇا آهي....۽ عشق.......“
    ”وقار اجايو ٽوڪڻ ٿو چاهين، مون کي سمجهي ناهين سگھيو؟“
    هوءَ سُڏڪي پئي، منهجي جملن کيس ڏک رسايو هو.
    کيس چيم، ”سلي! تو مونسان ٽُٽي محبت ڪئي آهي نه؟!“
    ڪنڌ لوڏيندي ”هاڪار“ ڪيائين.
    ”ته پوءِ ڇا؟ محبت مجورين جي ماتحت هوندي آهي؟ ٽٽل ماڻهون مجبورين جا ماتحت هوندا آهن ڇا؟“
    مون وري کيس ٽوڪيندي چيو: ”توکي ناهي خبر.....ڇڏ بس، مان توسان بحث ڪرڻ نٿي چاهيان، تون جيئن جيئن بلڪل صحيح آهي،“
    هوءَ ڪاوڙجي پئي کيس پرچائيندي چيم، ”مٺي سلي! اها به ڪا ڳالھ آهي، جو ڪاوڙجين ٿي، مان توسان بحث ڪرڻ نٿو چاهيان، مان ڀلا ڪيئان توسان بحث ڪندس.... پليز معاف ڪر....خفا نه ٿي نه!؟“
    ”نه وقار! مان توسان ڪيئن خفا ٿيندس، ڀلا ڪو پنهنجو پاڻ کان به خفا ٿيندو آهي. هڪ دفعو ئي الاهي ڪيئن خفا ٿي هئس. ياد اٿئي ته، جڏهن پاڻ پهرئين سال ۾ نوان آيا هئاسين پر آخر هڪڙي ڏينهن تون مون وٽ آيو هئين، ان سان هت مان ڊيپارٽمينٽ آف فارميسي جي پارڪ ۾ ويٺي هئس....اڪيلي هئس ته... توکي شايد مون سان ڳالهائڻ جو وجھ مليو هو..... مون وٽ اچي ويٺو هئين.... ۽ خبر ناهي ڇا ڇا چوندو ويو هئين.. مونکي ڏاڍو ڏک لڳو هو مان برداشت ڪري ڪون سگھي هئس ان ڪري اٿي وئي هيس، پر پوءِ به تون منهجي پويان هلندو آيو هئين ۽ ساڳيون ڳالهيون ورجائيندو رهيو هئين ۽ مون به ڪاوڙ ۾ اچي توکي گھٽ وڌ ڳالهايو هو. منهنجي زبان توکي سڌا اڻ سڌا کوڙ جملا سارا جملا چيا هئا، تو سڀ ڪجھ کلندي ٻڌو ۽ سٺو هو...... ۽ پوءِ ڪڏهن به مون اڳيان نه اچڻ جو وعدو ڪري هليو ويو هئين.... وقار! تنهنجي وڃڻ کانپوءِ مون ڏاڍو پڇتايو هو .... شايد توسان محبت ٿي وئي هئم....جيڪا لڪائڻ جي باوجود به لڪائي ڪون سگھيو هيس ۽ ڪيڏو جلدي بنا ڊپ جي ڊاه جي توڏانهن، تو ويجهو هلي آئي هيس....
    تون شايد ان ڏينهن يونيورسٽي ڇڏي وڃڻ وارو ھئين مونکي روزينه ٻڌايو ھو تون ھميشه لاءِ يونيورسٽي ڇڏي وڃي رھيو آھين ۽ مان توڏانھن ھلي آئي ھيس ۽ توکي وڃڻ کان روڪي ورتو ھئم تو منھنجو ڀرم رکيو ھو وقار جيڪڏھن تون منھنجو ڀرم نه رکين ھان ته شايد مان به ان ڏينھن يونيورسٽي ڇڏي ھلي وڃان ھان ۽ سموري طويل ڪھاڻي ان ڏيھن ختم ٿي وڃي ھا
    ھن سمورن پنجن سالن جي درد ۽ الھاس کي منھنجي آسپاس م ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو
    کيس چيم ڪاش اھو ڀرم انھي ڏينھن ٽٽي پوي ھا ته جيڪر اھا ڪھاڻي ان ڏينھن ختم ٿي وڃي ھا، ته ھي المناڪ پڇاڙي ڏسڻي نه پوي ھا.
    ھو سڀ ڪجھ سمجھي وئي، ان ڪري چپ رھي.
    مون دري مان سيلاب ۾ ٻڏل ميدانن ۽ زمينن کي ڏٺو مونکي محسوس ٿيو ته منھنجي وجود تي جدائين ۽ الوداعن جو سيلاب اچڻ وارو آھي جيڪو مونکي ٻوڙي ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيندو ھن اوچتو منھنجي خيالن جو سلسلو ٽڙي رکيو.
    ڇو وقار چپ ٿي ويو آھين ڪجھ ته ڳالھائي.
    مان سگريٽ دکائي خاموش رھيس.
    وقار تو ۾ اھا ڪھڙي عادت آھي جو ڳالھائيندي ڳالھائيندي ماٺ ٿي ويندو آھين ڇا سوچيندو آھين؟
    کيس چيم! ڪجھ به ته.......بس ڪري ويھ!
    ٺيڪ آھي منھنجي ڳالھ ڪون ٿي وڻئي........ته مان چپ ٿي ڪيان.... بس ته!!
    ھو ڪاوڙجي وئي ڊول کڻي ٺاھيائين کيس ڏٺم مرڪيس چيم سلي! تون منھنجي اڻپوري آس آھين.
    چپ رھي وري کيس چيم سلي تون مون مونکي وسارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندين؟
    ھو ماٺ رھي منھنجي سوال سندس اندر چيري رکيو مون ڏانھن ڏٺائين اکيو ڳوڙھن سان ڀرجي آيس ڳوڙھا روڪيندي چيائين ”الاھي...خبر نه اٿم تنھنجي وڃڻ کان پوءِ مان ھوندس يان نه“
    کيس چيم سلي ڀلا مونکان جدائي واري ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿي ويندين؟
    روئڻھارڪي ٿي وئي ”چيائين توکي وسارڻ ڪا سولي ڳالھ آھي ڇا وقار؟ نه نه، اڻٿيڻي ڳالھ آھي.....پر......!!“
    ” پر،پر ڇا؟ ھان سلي“
    اکيون ملائڻ بنا ٿي چيائين پر اھي حقيقتون جن سپنن جو خون ڪيو آھي تن کي ته تسليم ڪرڻون پوندو نه؟
    کيس چيم سلي پنھنجي محبت حقيقت ناھي، ڇا ھن حقيقت جي ڪا اھميت ناھي؟
    ” ھا، ڇو نه! مون ڪو انڪار ڪيو آ ڇا؟ پر وقار توکان سواءِ ڪجھ ٻيون حقيقتون ۽ سچ به ته آھن نه! جن کي تسليم ڪرڻون ٿو پوي تون انھن کي رسمن ۽ رواجن جو نالو به ڏيئي ويٺو آھين جيڪو رسمن ۽ رواجن کان بغاوت ڪندو آھي تنھن کي سنگسار ڪيو ويندو آھي“
    کيس چيم سلي ھي تنھنجا ئي لفظ آھن ياد ڪر تو چيو ھو ته محبت ڪرڻ وارا صدين کان سنگسار ٿيندا رھيا آھن، پر پوءِ محبتون ڪڏھن مرنديون ڪونھن، محبتون ڪرڻ وارا محبتون ڪندا رھيا آھن...اھي ماڻھون محبت ۾ سنگسار ٿيڻ کي اعزاز سمجھندا آھن ”ياد ڪر سلي تون ئي ته چيو ھو ته مان ھر لمحي تنھنجو ساٿ ڏيندس، تو لاءِ ھر رڪاوٽ جو مقابلو ڪنديس“ ياد ڪر ھڪ دفعي فارميسي ڊيپارٽمينٽ واري پٿرن واري رستي تان ٿاٻڙجندي تنھنجي ھٿ ۾ ھٿ وجھي چيو ھيم تون منھنجي آھين سلي توکانسواءِ مان ڪجھ به نه رھندس. منھجي زندگي ۾ لمبا سفر ۽ اڪيلايون رھجي وينديون، توکان سواءِ منھنجون ڪھاڻيون، منھنجا ڏورا ورڪ ڪا به مڃتا ماڻي نه سگھندا، منھنجون سموريون تخليقون اتي ئي ڊيپارٽمينٽ جي لڳل نوٽيس بورڊن تي مري وينديون تون ان لمحي منھنجي ٻانھن ۾ کڻي ٻک وڌو ھو ۽ چيو ھيئي وقار تون ڪڏھن به مرڻون ناھين، تنھنجون تخليقون ڪڏھن به ڪوئي ماري نه سگھندو. اڄ جي وقار کي دنيا پل ماري پر سڀاڻي واري منھنجي وقار کي ڪوئي به ماري نه سگھندو، ان لاءِ جو اھو صرف وقار ھوندو ۽ مان پنھنجي ان وقار کي زنده رکڻ لاءِ سنگسار ٿيڻ به قبوليندس.
    پوءِ سلي تون اڄ سنگسار ٿيڻ کان ڇو ڊڄي رھي آھين.
    نه چاھيندين به چئي وئين، پر وقار تون سمجھين ڇو نٿو ڪي تقدس به ته آھن ڪي رشتا به ته آھن نه؟ ھن جو احترام اسان کي ڪرڻون آھي، کيس چيم مڃان ٿو ٻيا رشتا به آھن، تقدس لائق پر، ڇا محبت کان به وڌيڪ ڪو رشتو آھي؟ جنھن جو تقدس پائيمال ڪجي، محبت جو احترام جڏھن معاشرو نه ڪري ته پوءِ ھن معا شري ڪي قبولڻ بزدلي آھي اھڙي معاشري کان ته بغاوت ڪرڻ گھرجي، کيس لت ھڻڻ گھرجي چيائين ته پوءِ انهن بغاوت ڪندڙ ماڻهن کي ڇا هي ملندو؟
    بدناميون رسوائيون....۽ پوءِ ڪيڏو بدترين نتيجو نڪرندو آهي ان بغاوت ڪندڙ ماڻهن جو.....۽ پوءِ محبت ڪندڙ آهي ماڻهوءِ جهيڙن مسئلن ۽ بدحالي جي ور چڙهي نفرت جو شڪار ٿي ويندا آهن. سندس منهن کي ڏنم ۽ چيم ، ”سلي توکي اهو ڪنهن چيو! توکي پنهنجي پاڻ تي شاهد اعتماد ناهي رهيو تنهن ڪري پئي بهانا ڳولهين بزدليءَ واريون ڳالهيون ڪرين، وقت گذرڻ سان هر رسوائي ختم ٿي ويندي آهي پر اسان کي معاشري جي شيڊول تي به ته ناهي هلڻو نه! دنيا ڇا چوندي اهو ناهي ڏسڻو........
    ڏسڻو اهو آهي ته اسين ڇا چئون، اسان جو محبتون ڇا ٿيون چاهين، پر.......
    مان جملو اڌ ۾ ڇڏي ماٺ ٿي وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نه لڳم هو به ماٺ ٿي وئي،
    مان رکي رکي کيس ڏسندو رهيو رهيس، متان هو ڪجھه ڳالهائي پر هن ڪجھه به نه ڳالهايو، ڪو ڏاڍو ٿڪيل پئي لڳي، سندس ٿڪاوٽ جا تاثر سندس منهن تي بي هودا، ٿي لڳا. محسوس ٿيم ته هو ڪمزور ٿي چڪي هئي، مجهس ايندڙ لمحن کي فيس ڪرڻ جي سگھه نه هئي. پوءِ به ته ڄڻ ڪهڙي مجبوري کيس مونکان ڇڪي زوري ڌار ڪري رهي هئي. هو مون کان گهڻو ڪجھه لڪائي رهي هئي. گهڻو ڪجھه ٻڌائڻ چاهيندي به ڪجھه ٻڌائي نٿي سگهي. هن وٽ مونکي ڏيڻ لاءِ ڪو ڪوڙو آٿت به ڪون هو، ان ڪري هو خاموش هئي، سندس خاموشي اسان ٻنهي کي اجنبي ۽ اوپرو ڪري رهي هئي، مون محسوس ڪيو ته اسين ڏور ٿي ڳجهي مفاصلي تي وڃي رهيا آهيون، اسان ٻنهي جي وچ ۾ پوندڙ ويڇا، طئه ڪرڻ لاٰ صديون به ڪا معني نه پيون رکن. ائين لڳي رهيو هئو ته مان اهو رام آهيان جنهن جي سيتا، ساڻ گڏ بنواس وٽڻ کان منڪر هئي.
    مونکي اهو غم کائيندو ٿي ويو ته سلي! جيڪا منهنجي آهي، پنجهن سالن ۾ مون ڪڏهن ڀلجي به اهو نه سوچيو هو سلي ڪا پرائي آهي. اهو هٿ منهنجي هٿن کان ٽٽي ڌار ٿي ويندا، جن کي مان پنهنجن هٿن ۾ مضبوطي سان جهلي، سندس هجڻ جو احساس ڀائيندو هئس ۽ اڪيلائي مونکان ڪوهي ڏور بيھه رهندي هئي، منهنجي ويجهو اچي ڪون سگهندي هئي، انهن ذلفن جو ڇانورو مون هميشه پنهنجي وجود تي، پنهنجن تخليقن تي ڪنهن گهاٽي ڪڪر جيان ڀائيو هو، سو ائين راھه ۾ ئي غم ٿي ويندو ۽ نٽھڻ اس ۾ سڙي ويندس، منهنجون تخليقون، جون جي ڪاھي ۾ ٽڪنديون رهيون، مان سڀ شڪستون جنهن جي سيني ۾ منهن لڪائي سهي ويندو هئس، هاڻ ڪتان ايندو سندس اتساھه جي ڌرتي جهڙو سينو جنهن تي آئون پشاني رکي پنهنجي روئيندڙ خدا کي پرچائيندس، ڪتان اينديون سندس وڏيون ڪجليون اکيون، جن ۾ مونکي پنهنجي شاھ جو رسالو نظر ايندو، جنهن جي هر واهي تي آئون سندس اکين ۾ ڏسي روئيندي روئيندي کلي پوندس، هو اهو سڀ ڪجھه ڄاڻيندي به مونکي پاڻ کان ڌڪي ڌار ڪري رهي هئي ـ گاڏي تيزي سان منزل ڏانهن هلندي رهي. شام پنهنجو وجود وڃائي، رات جي پاڇن ۾ داخل ٿي......... مون لاءِ هڪ نئين سوچ مونکي فنا ڪندڙ، ”هو ويندي!........ هو لهي ويندي“
    ٽرين آهستي آهستي بيھڻ شروع ڪيو ”وقار! لھ، بيگ کڻ لاڙڪاڻو اچي ويو،“
    سلي پريشاني ۽ اداسي واري لهجي ۾مونکي چيو.
    ”جان سلي مونکي اڳتي وڃڻو آھي“.....
    کيس ٻڌائيندي چيم.
    ”تون لھ ته سھي،“ ھن مونکي ٻانھن مان وٺي اٿاريندي چيو،
    سوچيم خبر ناھي ڇا آھي؟ ڪھڙي مزاق آھي!
    کيس چيم ”ڇڏ سلي مزاق نه ڪر، مونکي شڪارپور وڃڻو آھي!“
    ”مونکي خبر آھي تون شڪارپور ويندين، پر ڇا مونکي گيٽ تائين سي ـ آف ڪرڻ نه ھلندين؟“
    اکين ۾ ڏسي چيومانس” ھا، ڇو نه سلي پر بيگ ڇا لاءِ کڻان؟“ کائنس سواليه انداز ۾ پڇيم،
    ”ضراب توکي خبر ناھي“
    منھن ۾ ڏسي چيو مانس، ”نه! ڪھڙي؟“
    ”ضراب! اڄ کان بولان ميل جي ھئ بوگي لاڙڪاڻي ۾ ڪٽبي ڪوئيٽيا کان ايندڙ بولان ميل سان ڊائون ۾ ويندي ـ “
    سندس جواب ۾ وڏيون معنائون ھيون پر مون ھضم ڪرڻ کانسواءِ ئي اھي معنائون، ڪنھن اميد تي بي معني ڪري ڇڏيون.
    مون بيگ کنيو، پليٽ فارم تي پاسيرو ڪري رکيم ۽ ساڻس گڏ ٻاھرين گيٽ تي آيس، ھو گيٽ وٽ اچي بيھ رھي، مون ڏانھن ڏٺائين، مون سندس اکين ۾ ڏٺو، سندس اکين ۾ درد جو ھڪ وڏو سمنڊ ڇوليون ھڻي رھيو ھو سندس اکين جي درد ۾ ٻڏڻ نه چاھيم، کيس چيم، ”سلي وڃ چڱو الله واهي.“ گھٽيل آواز ۾ چيائين ”وقار، ڪجھ دير نه بيھندين؟“
    بي اختيار کيس چئي ڏنم، ”نه........“
    منٿ واري لھجي ۾ چيائين، ”ڇو....؟“
    چيو مانس” ان لاءِ جو اڳ يان پوءِ توکي وڃڻو آھي بھتر آھي ته ھينئر ئي ھلي وڃ!“
    مون ڏانھن ڏٺائين اکيون ڀرجي آيس، روئڻ ٿي چاھيائين کيس چيم ”سلي! پليز روئجان نه.... نه ته مان سڄي عمر کلي نه سگھندس.“ ھو جھڪي ھيٺ ويھي رھي پنھنجو ٿيلھو کوليائين ٿيلھي مان ھڪ ڪارڊ ڪڍيائين” وقار! ھي وٺ!“
    حيرت مان ڪارڊ کي ڏٺم ۽ کيس چيم، ”ھي ڇا آھي؟“ منھنجي اکين ۾ ڏسي، ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيائين، ھٻڪندي چيائين وقار! مون توکي گھڻون ڪجھ ٻڌائڻ ٿي چاھيو پر مون م اھا سگھ ناھي جو توکي سڀ ڪجھ ٻڌائي سگھان، مان اوڇنگارون ڏيئي روئي پوان ھا پر ھڪ جملو به نه ڳالھائي سگھان ھا پر ھاڻي ھي ڪارڊ توکي مون پاران سڀ ڪجھ ٻڌائيندو، مون اھي سڀ حقيقتون قبول ڪيون آھن، توکي به قبول ڪرڻيون پونديون، جنھن پنھنجي محبت کي مات ڏني آھي اھا ئي حقيقت جنھن اسان جي عورت کي ڪمزور ۽ بيوس ثابت ڪيو، چاھي اھا ڪيڏي نه اعلي نسل تعليم يافته ھجي، پوءِ به وقار جان، محبت زنده رھندي آھي، وڇوڙا ته محبت کي شدت بخشيندا آھن. مان ٻين جي ھٿ وس ھوندي به ھميشه تنھنجي رھندس، تون به مونکي ساھن ۾ سلھاڙي رکجان.....۽ جيستائين تنهنجي سلي تون وٽ رهي تنهنجون ۽ منهنجون ڪهاڻيون ڪڏهن به نه مرنديون“
    هوءَ سڏڪي پئي، ۽ سڏڪندي فليٽ فارم کان هيٺ، ڏور مون ڏانهن ڏسندي هٿ لوڏيندي گم ٿي وئي.
    واپس فليٽ فارم تي آيس، ٿيلهي ڀرسان بيهي ڪارڊ کوليم، سليءَ جي شادي جو دعوت نامو هو. جيڪا هفتي کانپوءِ ٿيڻي هئي. ڪارڊ ۾ سندس هٿن سان لکيل هڪڙي ننڍڙي چـٺي ! ”جان وقار! مونکي کي معاف ڪري سگهين ته ڪري ڇڏجان........ مان تنهنجي ڏوهي ضرور آهيان پر مان بيوس هئس.......وقار! اها ئي منهنجي ڪهاڻي آهي، اها ئي ساڻ جي عورت جي ڪهاڻي آهي ......وس ۾ هجئه ته لکجان ضرورـ !!
    تنهنجي سلي،“
    ڪا به ڳالھه سمجھه ۾ نه آيم، ڪارڊ ۽ چٺي بند ڪري ٿيهلي ۾ رکيم. نظر بوگيءَ ڏانهن هلي ويم ـ جنهن ۾ گڏجي سفر ڪيو هوسين، ان ئي بوگيءَ کي هڪ طاقـتور انجڻ ٽرين کان ڌار ڪري ، ٻن نه ملندڙ پٽڙين تان ڪاهي ٻئي طرف هلي وئي، بلڪل ائين ئي جيئن ، طاقتور رسمون، سلي کي مونکان کسي ڌار ڪري، تمام پري منهنجي پهچ کان پري هليون ويون.
    مان ٻئي بوگيءِ ۾ اچي ويٺس، ٽرين آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو، لاڙڪاڻي شهر جون روشنيون گم ٿيڻ لڳيون ۽ چوطرف انڌيرا ڇانئجي ويا. مان برٿ تي ٿيهلو سراندي کان رکي ليٽي پيس.
    ”هي ڇا ٿي ويو؟....... ۽ سلي ..........“
    پنهنجي هٿ ريکائن کي ڏسڻ شروع ڪيم جتي ڪنهن به ريکا تي سلي جو نانءٌ ته هو.......ڪا به لڪير سلي جي نه هئي. اوچتو نظر ساڄي هٿ ۾ مٿين حصي تي، جتي سگريٽ جي داغ جو نشان ، جيڪو محمد علي سليءَ جي نانءٌ تي آزمائيندي ڏنڀ ڏئي ڪيو هو...... نشان کي غور سان ڏٺم. نشان مونکي آٿت ڏيندي چيو، ” جيستائين مان تنهنجي هٿ تي زنده رهندس، پوءِ ڀل تنهنجي هٿ ريکائن ۾ سلي جو نانءَ نه هجي پر تنهنجي ته گهاون ۾ ضرور رهندو، ساڳيو ئي گيت ياد پئجي ويم، چپ رهڻ چاهيم ، پر هٿ ڏانهن ڏسي، لاشعوري طرح کيس چميم ۽ چپن ۾ جهونگارڻ شروع ڪيم،
    ” تيري ياد دل سي بلاني چلا هون،
    که خود اپني هستي مٽاني چلا هون.“


    الف کي ڪو به نقطو نه آهي

    منهنجي اکين ۾ لڙڪن سان گڏ نشا جي ويهن سالن جي اڙٻنگ رهي هئي جيڪا زيب جو عڪس لڳي رهي هئي، زيب الائي ڪيترا ڏينهن منهنجي ئي علاج هيٺ، منهنجي ئي اسپتال ۾ حيات ۽ ممات جي ڪشمڪش ۾ چڙي چڙي مري وئي. مون کيس بچائڻ لاءِ سوين هيلا هلايا، پر موت جو پهرو وانجهي هن کي پاڻ سان وٽي ويو.......زيب جيترا ڏينهن به اسپتال ۾ هئي مون پنهنجو پاڻ هن تان نڇاور ڪيو هو. دل جي انيڪ گهرائين سان سندس سار لڌم ، پرگهور لڌم ۽ نه لڌم ته موت جو ڪو کر پير، جو پنهنجي زيب کي بچائي سگهان. منهنجي زيب ڏانهن توجھ ۽ اڪنڍ ڏسي زماني جي ماڻهن سان گڏ اسپتال جي عملي کي حيرت لڳي ۽ منهنجي مشهور ٿيل شرافت کي شڪ پڻ ٿيو، اسپتال جو عملو، مونکي پنهنجي رنگ لڳل زبانن سان هن لاءِ ڏنڀي نه سگهيو، جو مان اسپتال جو نه پر ملڪ جو به وڏي ۾ وڏو سرجن هئس، ۽ اسپتال جو اڳواڻ به هئس. هونئن به مان ڪو فرشتو ته ڪو هئس، جو مون تي ڪير ڪا به ڳالھ نه ٺاهي، ڪوئي الزام هڻي نه سگهي. ۽ رات ۾ ڪتا بيهاري ڀونڪرائڻ ۽ بڇ ڪرائڻ وارا ماڻهو ته اوليائن ۽ انبيائن تان به ڪو موڙيندا آهن سو مون مان به ڪٿي مڙي ٿي سگهان. سس پس ۾ ڳالهيون ائين ئي سسنديون ڦنڊنديون رهيون ته مشهور رنڍي زيب ، ڊاڪٽر سرجن وقاص جي پريت آهي.
    زيب منهنجي پريت هئي، اها خبر ڪنهن کي به ڪو هئي، پريت آئي ته پريما، ڪائون سريتون ڪوٺيون هونديون آهن، سريت لفظ خراب به ته ڪونهي. جو ٻڌڻ سان نفرت ۽ حقارت جو پلصراطون اڏي ڇڏجن، جن تان پار سلوص جي نگاھ جو لنگھ ڏکيو ٿي پوي. پريت ته هر عورت ڪري سگهي ٿي ۽ پريٽ به هر عورت بڻجي سگهي ٿي ، پر سريت ڪا ڪا عورت بڻجندي آهي. دنيا جا سڀ مذهبي ، اخلاقي، روايتي، سماجي قانون ٽوڙي انهن لاءِ وهي وڃڻ، ڪنهن هڪ فرد جو ٿي وهي وڃڻ، پنهنجو پاڻ سان حق پاڻ ناحق ڪرڻ حق مهر سان ”حق پرين ! لو آهر“ ڪرڻ سريت جو ئي ڪم آهي پر زيب ته منهنجي پريت ۽ سريت هئڻ سان گڏ منهنجو ماضي ، حال ۽ مستقبل هئي، جن مان گذري مان وقاص مان سرجن وقاص ٿي ويو هئس، پر زيب سواءِ رنڍي جي ڪجھ به نه هئي، موت به ڪيڏو نه عجيب آهي جو مارڻ کانپوءِ مرتبا ڏيندو آهي، پر رنڍي لاءِ موت اسان جي سماج جيترو نه ئي بي رحم هوندو آهي ، جو رنڍي مرڻ کانپوءِ ئي رنڍي سڏبي آهي ماڻهو ڄمندي عام ڀل هجن پر مرندي ڄام ٿي پوندا آهن. ڏاڍا سٺا ، ڀلا ، ٺيڪ پرهيزگار وغيره وغيره جيئرا ماڻهو آهن ، اوترا خطاب ڏينا ويندا آهن ، پر زيب جهڙن عورت لاءِ جيئندي مرندي رنڍي جو لقب مشهور ٿي ويندو آهي. زيب جهڙيون عورتون نه هجن ته دنيا جا محروم ۽ مايوس ماڻهو ڦاٽي مرن، جن کي ڪنهن به جهولي جو آٿت ناهي ملندو، جهولي ماءُ جي هجي، محبوبا جي هجي، زال جي هجي يا رنڍي جي هجي، آٿت هوندي آهي اتساھ هوندي آهي.
    ” نشا! تون مون سان گڏ هلندين يا ...........“ مون جملو اڌ ۾ ڇڏي ، چشمو لاهي لڙڪ اگهيا .
    ” جيئن توهان چئو! نشا به ڳنڀير لهجي ۾ وراڻيو ،
    اوڪي تون مونسان ئي هل“
    مان نشا سان گڏ ايمبولنس ۾ اچي ويٺس جتي زيب جي ميت هن جي آخري سفر لاءِ اسان کي به گهڙي کن واسطي پنهنجو همسفر بڻائڻ لاءِ منتظر هئي، سفيد سفيد ئي اجرن اجرن گهاون واري زيب، جيڪا دنيا وارن جي ميرين ثوابن کان اکيون ڦري وڃڻ لاءِ مرگو اکيون بند ڪري. سفيد سفيد ئي اجري ڪفن ۾ منهنجي اڳيان هئي ، هن جو مڙ مونکي ڄڻ چئي رهيو آهي ته اڄ مان مڪت ٿي وڃان ٿي، پر تنهنجو مختي ختم ڪري پئي وڃان. مون پنهنجو سڏڪن کي گوٽيندي نشا ڏي ڏٺو ۽ چيومانس ، ”زيب جي ڪفن دفن کانپوءِ تون آزاد آهين، روح توڙي جسم جي آزادي ڏيڻ محبت جو معراج آهي ، اهو ئي ته زيب مونکي سڄي زندگي سيکاريندي رهي هئي.“
    منهنجو گلو ڀرجي آيو ۽ لڳم ته اوڇنگارون ڏئي وهندس.
    ” جيڪڏهن مان پنهنجو پاڻ کي توهان جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ته ڇا غلط ٿيندو؟ “ نشا پنهنجون اکيون اگهيون ڳاڙهو ٿي ويل نڪ به اگهيو. مان سمجهي ويس ته نشا پنهنجو پاڻ مونکي سپرد ڪرڻ چاهي ٿي زيب کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاٿو، مٽي وراهي مٿان لتاڙي قبر جي مٿين حصي تي گل وکيريم، قبر جي ڇڏيل هر مٽي جي هرهڪ لپ تي قبر تي وڌل سڄي مٽي مٿان لتن سان لتن تي ائين لڳم ته زيب کي نه پر پنهنجي هستي کي ، پنهنجي تاريخ کي ، محبت ، وفا ، ايثار ، ديوانگي ۽ جنون کي خاڪ ۾ ملائي رهيوآهيان. مون ڪٿي هڪڙو شعر پڙهيو هو ته ، ڇا سوئر جي اک ۾ لڙڪ هوندا آهن؟! نه مون ان شعر ۾ سوئر لفظ ڪٽي اتي سرجن لکيم ۽ سرجن، پڙهيل لکيل ڪاسائي به هوندو آهي، اهڙو ڪاسائي جيڪو رڳ رڳ، ريشي ريشي، تند تند ۽ نس نس کي ڪٽڻ، ڪپڻ ۽ ڪورڻ جو ماهر هوندو آهي. پنهنجي پيشورانه ذميوارين دور ان مون الائي ڪيترا آپريشن ڪيا ۽ الائي ڪيتري جرئت ڪيم، مون کي سور، درد، پيڙا ۽ تڪليف لفظ معنيٰ کان خالي لڳندا هئا. اڄ ايئن پيو لڳيم ته ڄڻ بنا ڪنهن ٽرنڪولائيزر يا ڪلوروفارم سنگهائڻ جي منهنجي سڄي وجود جي ڊائيسيڪشن ٿي رهي آهي. اڳ ڪيئن هوندي آهي، اها اڄ مونکي وڪوڙي وئي آهي ته خبر پئي آهي ڪائنات جا رنگ ڪيئن اڌامندا آهن، اجهو هاڻ معلوم ٿيو اٿم. مان ڪڏهن خوشين جو ڳولائو ۽ گهرجائو نه رهيو آهيان پر درد ته اڻ گهريا مڻيا آهن. مان گهرڻ جي عذابن پٺيان عذاب مليا ته آٿت ڏيندو هئس. پاڻ کي ته بنا گهرڻ جي تمنا ڪرڻ کانسواءِ، منهنجي پانڌ ۾ گلاب به اچي ڪرندا.
    ۽ گلاب ..... هوءَ ڪڏهن ٽڙي به ڪونه هئي. هاءِ! ڇڻي وئي، ڄاڻي وئي مونکي، ماڻهو زنده هوندو آهي ته، فاصلن جي باوجود به دل کي آٿت هوندو آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ملڻ ۽ مرڪڻ جي مند ايندي.... مان ڪيئن چوان ته درياهه.... توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي ..... ڪيڏو نه ان ماڻهو لاءِ ويل هوندو آهي، جنهن کي، تقدير جو غيبي هٿ نظر به نه اچي ۽ قسمت ان سان هاسيڪار ڪري، اوچتو اوچتو هي ڇا ٿي ويو؟ زندگي جنهن نقطي کان شروع ٿي هئي ۽ جنهن نقطي تي پڄاڻي پذير ٿئي ها، اهو نقطو ئي ته رهيو، نقطو ڪيو زير ڊگري به هوندو آهي ته ٽي سو سٺ ڊگري به هوندو آهي. نقطو جيڪو انجام به آهي ته آغاز به آهي. نطو جيڪو ازل به آهي ۽ ابد به آهي، نقطو جيڪو ابتدا به آهي ۽ انتها به آهي، اهو نقطو مونکان کسجي ويو ان جي شروعات ۽ پڄاڻي شروع کان پوءِ ۽ اختيار کان اڳ ۾ ئي وڃائجي وئي. مون لاءِ سرءُ جي مند ۾ هڪ نئين خزان شروع ٿي هئي. سوچيان ٿو ته بهارن جي اُمنگ به ڪونه ڪئي هئي، مون ته سرءُ کان به نفرت ڪونه ڪئي هئي پوءِ لڙڪن ۽ دردن جو هديو هر بار مون لاءِ ڇو ٿي آيو! آسمان بڻجي ويو ۽ پيڙا منهنجي ڌرتي بڻجي وئي، منهنجي خاموشي سڏڪن ۽ نشا جي هنيان ڦاڙ اوڇنگارن ۾ زيب جو ٽيجهو به گذري ويو. ڪير ٿو چئي ته وقت وڏو مرهم آهي. ڪوڙ ٿا هڻن چوڻ وارا ڏک هوندو آهي يا ڪونه هوندو آهي. خوشي يا ته ٿيندي آهي يا ڪونه ٿيندي آهي..... درد رهندو آهي، نه ختم ٿيندو آهي ۽ نه گهٽجي ويندو آهي، درد ته وقت جيان دائمي درياهه آهي، جنهن ۾ ڪڏهن لاٿ نه ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن خوشي جي چنڊ جو عڪس مٿان پوندو اٿس ته ويتر به مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي. زيب کي جدا ٿئي ٽي ڏينهن گذري ويا پر ڪوبه اهڙو پل ڪونه آيو، هن جي ياد مون منجهان نڪري وئي هجي، جيئن جيئن وقت گذري پيو تيئن تيئن اندر جي انجري وڌندي پئي وئي. مون کي ته ٻيا به ٻڌائين ٿا! ته مان ننڍ ۾ به روئندو آهيان. ننڍ ڪهڙي ڪافر کي ايندي آهي، جنهن به اهلِ دل لطيف جي هي سِٽ پڙهي هوندي ته ”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري“، ان کي ننڍ ڪٿان ايندي.! مان نشي ۾ رهڻ لڳس، ننڍ جي نالي ۾ بيهوشي وٺندو هئس، چوڻ وارن ته چيو ته ڊاڪٽر ڪمزور ٿي ويو پر ڪنهن به نٿي ڄاتو ته ڊاڪٽر مري ويو آهي ...... دنيا جا سڀ ماڻهو زنده رهڻ جي طاقت جبلت کان مغلوب ٿيڻ کانپوءِ زنده رهڻ کي دليري چوندا آهن ۽ آپگهات کي بزدلي، هونئن ته ڄڻ انسان ڏاڍو دلير آهي. نفسيات چوي ٿي ته حد کان وڌيڪ جذباتي بڻجو، جيڪو ڪم ڪرائيندو آهي اهي دليري ۾ شمار ٿين ٿا. مان جذبن جو قائل نه هئس، پر هاڻ ٿيو آهيان. مان شاعري کي وقت جو زيان سمجهندو هئس پر اهلِ درد جو هر مينيليسٽر هر آيت کان وڌيڪ آهي. مان مري ويو هئس.... موت مون لاءِ خوف رهيو هو..... ۽ مان ذهني طرح ”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري“ کي باعمل ۽ با ثواب بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار ٿي چڪو هئس.
    صبح جو سويل اٿيو هئس ته نشا چانهه جو ٽري کڻي منهنجي ڪمري ۾ منهنجي سامهون بيٺي هئي. نما شام جهڙي نشا، صبح جو منهنجي سامهون آئي ته ڪڏهن به نه هوندي به محسوس ٿيم ته مونکي ته ورهين کان بيڊ تي وٺڻ جي عادت آهي. خبر ناهي اهو سڀ ڪجه نئون ڪونه لڳم.
    ”چانهه ٽيبل تي رک“ چيومانس.
    مان باٿ روم مان گرڙي ڪري، هٿ منهن ڌوئي آيس.
    سر! .... مونکي خبر آهي ته توهان بيڊ ٽي نه وٺندا آهيو.
    ”توکي ڪيئن خبر پئي“؟ خبر ناهي ڇو اهڙو وائڙو سوال ڪيومانس، ”بورچيءَ ٻڌايو“.
    مان پنهنجي فضول سوال جي ريڊي ميڊ جواب تي پاڻ ئي مرڪي پيس. مون هٿ منهن اگهيو، صوفي تي ويهندي چشمو کڻي، اخبار ۾ هٿ وڌم. ”سر.... چانهه ٿڌي ٿي ويندي“.
    ”توکي بورچي اهو ڪونه ٻڌايو ته مان چانهه ٺاري پيئندو آهيان“. هو منهنجي سامهون واري صوفي ويهي رهي ۽ ننهن سان صوفي جي ڪشن کي کرڻ لڳي، دل ۾ چيم اسان پنهنجو پاڻ کي به سمجهي ڪونه سگهندا آهيون. ٻين کي اهو ڇو محسوس ڪرائيندا آهيون ته تنهنجو ورق ورق پڙهي ڇڏيو اٿم. مون هڪ ڀرپور نظر نشا تي وڌي، اخباري هيڊنگز تي نظرون ڦيرائيندي پڇيومانس، ”زيب تنهنجو ذڪر ڪونه ڪيو هو ..... ذڪر به ڪيئن ڪري، زيب ڪڏهن ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، تون زيب جي ڇا ٿين؟ “
    ”ڪجهه به نه .... “
    ”ها... مونکي ائين محسوس ٿيو ته توهان ۾ ڪنهن انگي حساب وارو تعلق ڪونه هو... پر پوءِ به تون بهرحال زيب سان گڏ رهندين هيئين ته ان لاءِ ڪو حوالو ته هوندو نه!“
    ”گڏ ته مان، هاڻ توهان سان به رهان ٿي.“ ” ان جو حوالو آهي؟ ...
    زيب جيڪا هر حوالي سان مون لاءِ مٿانهين آهين، مون کيس شايد سندس حيثيت ياد ڏياري“. منهنجي لهجي ۾ ٿورڙي تلخي به اچي وئي.
    ”گڏ رهڻ لاءِ سر! .....“ نشا هٻڪندي چيو. ” رشتن جو يقين ضروري نه آهي“
    ،ون چانهه جو آخري سپ ڀريندي چيو ”هون .....تون ٺيڪ ٿي چوين“. مان پنهنجي گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري اسپتال پهتس، اسپتال ۾ پهچڻ کانپوءِ رائونڊ هنيم، تقريبن سڀ وارڊ وزٽ ڪيم، پنهنجي آفيس ۾ آيس ته منهنجي پٺيان ڊاڪٽر فريال به اندر هلي آئي، کيس اشاري سان ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيم، مان عادت موجب وارڊ وزٽ ڪرڻ کانپوءِ آفيس ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين هٿ ڌوئيندو آهيان، واش بيسن تي هٿ ڌوئيندي آئيني ۾ ڏٺم ۽ سوچيم ته ڇا منهنجي شخصيت پيار ڪرڻ جي لائق آهي، آئيني جواب ڏنو ته مان قبول ڪرڻ جهڙو آهيان. مون کي اڄ تائين خبر نه پئي آهي ته ڊاڪٽر فريال سوڌو ٻين ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جي مون ۾ دلچسپي ڇو آهي، ڇا جي ڪري جو مان ڪنسلٽنٽ سرجن آهيان، يا ان جي ڪري جو مونکي چاهيندڙ ڊاڪٽرياڻيون وڏي عمر جون ڪنواريون آهن. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ دلچسپي جو محور رڳو مفاد ئي هوندو آهي. نه ته مان ايترو نيڪ دل آهيان جو ڪنهن کي سهارو ڏيڻ لاءِ هينئر تائين هزار کن شاديون ڪري چڪو هجان ها. مان باٿ روم جو دروازو کولي ٻاهر هليو آيس ۽ پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺس، ڊاڪٽر فريال ڏي ڏسندي چيم، ”هائو آر يو؟ “
    چپن تي هڪ اداس مرڪ پيدا ڪندي چيائين، ”ناٽ بيڊ“
    ”بٽ يو آر لڪنگ بيٽر دين مي“
    ”نو سر! توهان ته اڄ وڌيڪ فريش ٿا لڳو“
    ”فريش لڳان ٿو ۽ فريش نه هجان ته پوءِ؟“
    ”سر! هو جيڪا عورت ايڪسپائر ڪري وئي، شايد زيب نالو هئس، ان سان گڏ جيڪا ڇوڪري هئي، هاڻ توهان وٽ ٿي رهي ڇا؟“
    هن جي سوال ۾ ڪيترائي سوال هئا؟، ۽ اهو سوالن سان ڀريل سوال اوچتو نه هئو پر، بي مقصد نه هو. مون هڪڙي ڪيس جو هسٽري فائيل اٿلائيندي پرسڪون انداز ۾ وراڻيو،
    ها! نشا مون سان گڏ رهي ٿي.
    ”سر! نشا..... ينگ آهي، خوبصورت به آهي سر....“
    مون ڊاڪٽر فريال جي اکين ۾ ڏٺو، هوءَ ٿورو پريشان ٿي وئي،
    ”توهان مائينڊ ڪيو سر!“
    ”ڊاڪٽر فريال، تون چئو، جيڪو توکي چوڻو آهي.“
    ”نه سر! مان ته ڪجه به نٿي چوان.“
    ” ها ها، تون ڪجهه ڪون ٿي چوين، ضرور ماڻهو چوندا هوندا.“ ڊاڪٽر فريال ضرور هڪ ڊگهو ساهه خارج ڪندي، بي اختيار هڪدم چيو
    ”ها سر، ها“.
    ” ماڻهو ڇا ٿا چون!“
    ڊاڪٽر فريال ميز تان پيپر ويٽ کنيو، پنهنجي هٿ ۾ ڄڻ توريندي پنهنجي خيالن جي ورن کي هڪ ڪرو ڪندي چيو ته ”سر! ماڻهن کي ڇا آهي، ماڻهو ته چوندا رهندا آهن.“
    تون ڇا ٿي چوين! مون سندس چهري جا رنگ جاچيندي چيو. توهان سٺا آهيو، توهان جي اکين ۾ مون ڪڏهن به بي لباس مرد ويٺل مرد ڪونه ڏٺو آهي. مان پنجٽيهن سالن جي آهيان، ڊاڪٽر هجڻ ڪري، سرجري سان واسطو هجڻ ڪري مونکي جيڪو تجربو ٿيو آهي، ان تجربي مون کي زندگي جا ڪيترائي پاسا ڪليئر ڪري ڏنا آهن. مان ايترو ڄاڻان ٿي ته دنيا ۾ ايڪسپلائٽيشن کي جيڪو خراب سمجهي ٿو اهو ماڻهو سٺو آهي ۽ جيڪو سٺي سمجهي ٿو اهو خراب آهي ۽ توهان ۾ جيترو مون ڏٺو آهي ته ڪنهن کي به ايڪسپلائيٽ نه ڪندا آهيو.
    ٿينڪ يو ڊاڪٽر فريال، توهان منهنجي تعريف ڪئي، توهان کي چانهه پيئارڻ گهرجي.
    مون ڪال بيل وڄائي، نائب قاصد کي چانهه جو چيم.
    شهر جي ٻين مختلف اسپتالن ۾ ڪنسلٽنسي هيٺ پنهنجا پيشنٽ وارڊ ڪيس اٽينڊ ڪري گهر موٽيس. نشا مرڪي آجيان ڪئي. هن ماني تيار هجڻ جو اطلاع ڏنو ۽ مان بنا دير جي ڊائننگ ٽيبل تي آيس. نشا به منهنجي کاٻي پاسي کان ڪرسي تي ويهي رهي. سامهون واري ڀت تي لڳل وال ڪلاڪ تي نظر وڌم، پوڻا چار ٿيا هئا. نشا ڏي نهاريندي چيم، ”تو ماني ڪونه کاڌي آهي!“
    ”مون سوچيو، توهان ايندو ته گڏجي کائينداسين“ ، تون ماني کائي ڇڏيندي ڪر، توکي خبر آهي ته انتظار ڪيڏو خراب ٿيندو آهي. مون ماني کائيندي محسوس ڪيو ته هو ماني کائڻ ۾ حجاب ڪري رهي آهي. الائي ڇو مون کي محسوس ٿيندو آهي ته جيڪي عورتون کائڻ جي معاملي ۾ بي باڪ ۽ بي حجاب هونديون آهن اهي پنهنجي جسم جي بک جو وڏي سر اعلان ڪنديون آهن.
    ”ماني بورچي جي پچايل نٿي لڳي، تو پچائي آهي؟“
    ”ها مون پچائي آهي“.
    ”تنهنجي هٿ ۾ لذت آهي“.
    پر مانيون ڦڏيون سڌيون پچي ويون آهن. هن هاٽ پاٽ مان پنج پئسي جهڙي هڪ ماني ڪڍي، منهنجي اڳيان جهلي وات تي هٿ ڌئي کلڻ لڳي. هڪ لمحي ۾ وقت جون سرحدون مٽجي ويون، الائي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويس. مون کي ياد آهي ته هڪ ڪکائين بورچي خاني ۾ گول گول مانيون پچائيندڙ زيب کان به ڦڏيون سِڏيون ڪچيون پڪيون مانيون پچيون هيون. ها مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ مان ايم بي بي ايس جي پهرئين سال ۾ هئس ۽ پنهنجي روم ميٽ، ڪلاس ميٽ ۽ دوست ڪامل سان گڏ رهندو هئس. اها نومبر جي شام هئي مان روم تي اسٽڊي ڪري رهيو هئس، اوچتو ڪامل ڪٿان ٻاهران تڪڙو تڪڙو آيو، اچڻ شرط ئي منهنجي ٽيبل جي ليمپ آف ڪيائين، منهنجي هٿ مان ڪتاب ڦريندي چيائين هري اپ، آئوٽنگ ڪيون، ڪامل سدائين ائين ڪندو هو.
    مونکي نه هٿ منهن ڌوئڻ ڏنائين نه ئي ڪپڙا بدلائڻ ڏنائين، اسان پنڌ ڪندا ڦاٽڪ تائين آياسين. ڄامشورو ڦاٽڪ ان وقت سنڌو درياه جيان وهندو هو. پر هاڻ نه ڦاٽڪ ٿو وهي ۽ نه وري سنڌو درياهه. پوائنٽ بس ۾ چڙهياسين، سيٽ تي ويهڻ کانپوءِ مون ڪاوڙ وچان ڪامل کي چيو، توسان مسئلو ڪهڙو آهي؟ هاڻ ٻڌائي به کڻي ته ڪيڏانهن ٿو هلين.
    ماٺ ڪري ويهه جيڏانهن به هلان منهنجي مرضي. ڪامل بدمعاشي جاري رکي هئي، مان ڪامل کي دل ئي دل ۾ نوانوي پادر هڻان پيو ۽ وري ڀلجي پير پوان. پوائنٽ بس حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙي رهي هئي. جيئن نومبر جون شامون رومانٽڪ هونديون آهن، تيئن ڄامشوري جون هوائون ۽ حيدرآباد جون محبوبائون به خوشبو جيان حواسن تي ڇانئنجي وينديون آهن. شام جو سفر رات ڏانهن پنهنجا پير آهستي آهستي سوري رهيو هو. پر اڃان رات اچڻ لاءِ کوڙ لمحا ڪنهن جمناسٽڪ وانگر ٺينگ ٽپا ڏئي رهيا هئا. سنڌوءَ مٿان نومبر جون پهريون ڪوهيڙو پکڙجي رهيو هو. ڄامشوري جي پل ٽپڻ کانپوءِ پري کان نظر ايندڙ حيدرآباد شهر جي ڪارخانن مان نڪرندڙ رڪشن ۽ فورسيٽرن مان نڪرندڙ آلودگي جا دونهان پنهنجا تهن مٿان تهه ٺاهي ڪڪرن جو ڏيک ڏئي رهيا هئا، اهي ڪارا ۽ سليٽي نقلي بادل سرمئي نيڻن جيان دل غريب لڳي رهيا هئا، ان سمي ائين ٿي لڳو ڄڻ حيدرآباد شهر مٿان ڪنهن ايفروڊائيٽ جي خماريل نگاه ڇانيل آهي ۽ شهر جي فضا ڪجهه سرمئي ۽ ڪجهه گلابي بڻجي پيار ۾ اٽوٽ ٿي جهومي رهي آهي، اڳي ته الائي ڪهڙو نالو هئس، هاڻوڪي قاسم چوڪ وٽ ڪامل مونکي لهڻ جو اشارو ڪيو. پوائنٽ مان لهي ڪامل هڪڙو رڪشا پڪڙي ورتو. رڪشا ۾ چڙھي اسان سڀ وحدت ڪالوني پھچي. اسان رڪشي مان لھي پياسين. ڪامل کان پڇيو ھئم ” ٻڌاءِ ته ڪيڏانھن ٿو خوار ڪرڻ ھلين؟“
    ”تنهنجي وات کي ٻوچ ڏيڻو ئي پوندو.“ ڪامل وري به ڪونه ٻڌايو ۽ دڙڪو ڏئي ويو.
    مان به ڪونه مڙيس، چيومانس نٿو ٻڌائين ته مان ڪونه ٿو هلان.
    ڪامل مختصر جواب ڏيندي چيو. ڪچي آبادي ٿا هلون.
    ڇو ٿا هلون! مون منهن سڄايو.
    پاڻ کي پڪو ڪرڻ
    ”پڪو ڪرڻ، ڇا مطلب؟“
    ”اڃان ڪچو آهين؟ پاڻيهي مطلب سمجهي ويندين. مان خاموشي سان ڪامل جي پٺيان هلندو رهيس. ڪامل وحدت ڪالوني جون گهٽيون اورانگهيندو ڪچي آبادي جي گهٽين ۾ وٺي هليو. ڪچي آبادي جي ڪچين گهٽين مان هلندي، هڪڙي گهر وٽ پهچي دروازو کڙڪايو، ٿورڙي ئي دير ۾ اندران آواز آيو. ”ڪير آهي؟“
    ڪامل تقريبن سرٻاٽن ۾ چيو مان آهيان ڪامل. دروازو کليو ته دروازي مان هڪڙي ڇوڪري منڊي ڪڍي، ڪامل ڇوڪري ڏي ڏسندي پڇيو، ڇو زرينه ڪونهي ڇا؟
    ”امان ته شهر وئي آهي، اچو ......“ ڇوڪري دروازو ڇڏي بيهي رهي. مان ڪامل جي پٺيان اندر گهر ۾ داخل ٿيس. ڇوڪري اسان جي گهڙڻ کانپوءِ دروازي جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ پڌر ۾ رکيل کٽ تي ويهڻ جو چيائين ۽ پوءِ انهيءَ گهڙي خماريل لهجي ۾ پڇيائين. ”ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
    ڪامل اک ڀڃندي چيو، ”سانجهيءَ جي نماز پڙهڻ آيا آهيون“، امينا مرڪندي پڇيو ته ٻئي نمازي آهيو ڇا؟ ڪامل مون ڏي ڏٺو ۽ پُر خيال انداز ۾ چيائين، هي منهنجو دوست آهي، صفا نئون آهي. اڄ هن کي به دنيا ۾ داخل ٿا ڪريون.
    مان سڀ ڪجهه چڱي ريت سمجهي رهيو هئس، مون ڦڪائي وچان چيو.
    ”نه مان ..... ڪونه ....“ ڪامل امينا کي چيو ”يار منهنجو صفا شرميلو آهي، ڏس ته ساهه ٿو وڃيس، تون هل مونسان متان شرم ۾ مري نه وڃي.“
    ڪامل ۽ امينا ورانڊو ٽپي اندر ڪمري ۾ گهڙي ويا. ۽ دروازو اندران بند ڪري ڇڏيائون. مان پڌر ۾ رکيل کٽ تي ويٺو رهيس، ٻڌتر ۾ هئس ته ڇا ڪريان؟ مون اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن عورت سان جسماني واسطا نه رکيا هئا. پر اهي ڳالهيون مون لاءِ تجسس وڌائڻ جو سبب هيون. منهنجي دل ۾ اها خواهش اها برابر هوندي هئي ته اهي مزا جيڪر مان به ماڻيان. ان وقت به مان پنهنجي بي همتي، شرم ۽ حجاب واري طبيعت هٿان پريشان ٿي رهيو هئس. هڪ طرف اندر ۾ اهي اڌمان به هئا ته مان به ڪامل وانگر پاڻ کي مڪمل ۽ ڪامل بڻايان..... ٻي طرف پاڻ ۾ ايڏي همت ۽ جرئت ڪونه پئي سمجهيم.

    اتي ويٺي ويٺي ان ننڍڙي ۽ ڪچي گهر جو جائزو وٺڻ شروع ڪيم. مان پڌر ۾ جتي ويٺو ھئس اتي ڀرسان ئي ننڍڙو ڪکائون رڌڻو به ھو جتي اندر باھ به ٻري رھي ھئي. شايد ڪا عورت ماني به پچائي رھي ھئي. جو ماني پچائڻ واري ڪرت جا آواز مون کي واضح ٻڌڻ ۾ ٿي آيا. مان کٽ تان اٿيس رڌڻي جي دروازي تي آيس ته ڏٺم ته ھڪ ننڍڙي سانوري ڇوڪري شام جي طلسمي سمي ۾ چلھ جي باھ جي ڪري گلابي گلابي نظر اچي رھي ھئي. ڇوڪري ته لڳي ڪونه ٿي، ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڪوئلي جي کاڻ مان سون جو ٽڪرو پگھري رھيو آھي، رڌڻي ۾ سانوري ڇوڪري مونکي ڏسي ڇرڪي پئي ھئي پوءِ شايد سمجهي وئي ته مان ڪنهن گراھڪ سان گڏ آيو آهيان. تنهن هوندي به هو هيسيل نظر اچي رهي هئي ء۽ هٻڪندي مونکي چيائين.
    ”توهان پليز هتي نه بيهو...هوڏانهن وڃي ويهو نه“ مون خوش دلي وچان چيو... ”مان...مان... مونکي غلط نه سمجهو... هوڏانهن ويٺو هئس ته ڪمري مان خراب خراب... منهنجو مطلب آهي ته مونکي آواز نه پئي وڻيا.
    مان پنهنجو ڌيان هٽائڻ لاءِ هيڏانهن آيو آهيان...مان ڪم لاءِ نه آيو آهيان“
    ”پليز... توهان هتان وڃو...مان گهر جوڪم ڪار ڪندي آهيان... ٻيو ڪجه به نه ڪندي آهيان“ هن سانوري ڇوڪري ڪروڌ وچان چيو. هن جي ڪاوڙ ڏسي مون مرڪندي چيو. ”تون پنهنجو نالو ٻڌائي ته مان وڃان“
    ”منهنجي نالي سان تنهنجو ڇا!“ هن وڌيڪ تلخ ٿيندي چيو. ”نالو ته ٻڌائيندين نه ته مان به ڪون ويندس“ مونکي ڄڻ مزو ٿي آيو.
    هن جان ڇڏائيندي چيو...زيب.. زيبا نالو آھي...هاڻي وڃ هتان مون هن جي ڪاوڙ کي نظر انداز ڪندي چيو. ”زيب مونکي غلط نه سمجه مونکي ڪامل وٺي آيو آهي سو به بنا ٻڌائڻ جي!“
    زيب مون ڏانهن ڏٺو ۽ اوچتو وات تي هٿ ڏيئي ٽهڪ ڏيندي کلي پئي.
    زيب جي کل ته سمجه ۾ نه آيم، پر ھن جي کلڻ منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي ڇڏي. پيار جا سادا اظهار دنيا جي سمورن فلسفن تي ڪيڏا نه ڀاري پوندا آهن. جو ڪنهن ڇپرائين بورچي خاني ۾ نئين سامايل زيب ڇوڪري چوندي آهي. آئون اهڙي ڇوڪري ناهيان، مان ته گهر جو ڪم ڪار ڪندي آهيان، ائين مون جهڙو مانهو چوندو آهي ته مان به اهڙو ماڻهو ته ناهيان. مونکي ڪامل زوري وٺي آيو آهي سو به ٻڌائڻ جي بنا وٺي آيو آهي، ان سمي اسان جي معصوميت تي فرشتن کي به رشڪ ٿيو هوندو. ان لمحي نومبر جون شامون، ڄامشوري جون هوائون ۽ حيدرآباد جون محبوبائون پنهنجيون معنائون وڃائي ويٺيون هيون، ڇاڪاڻ ته اهو لمحو نه هو، هڪڙو اتهاس هو. جتي موسمون، سرحدون، مزاج، ٻوليون، مذهب ۽ ثقافتون پنهنجي پنهنجي وجود کي نيست ڪري ڇڏينديون آهن. مان جڏهن زيب کي ڇڏي پڌر ۾ وڃڻ لاءِ پوئتي وريو هئس ته هن چيو هو. ”تون پنهنجو نالو ڪونه ٿو ٻڌائين؟“
    ”منهنجو نالو وقاص آهي“.
    پڃيو به هئائين ”وري ڪڏهن ..... وري ايندين؟“
    مان کيس پوءِ، جواب ڏئي نه سگهيو هئس، شايد مون وٽ ڪو به جواب ڪونه هو، ڪو به جواز ڪونه هو. هونئن به مون وٽ ڪهڙو جواز هو جو زيب جي ڪچي جواني ۾ اچڻ لاءِ ڪچي آبادي جون گهٽيون لتاڙيان. شايد ذهن ۾ ڪٿي اهو ڊپ هئم ته ڪچيون شيون جلدي ٽٽي پونديون آهن، پر شايد ائين نه هو. هر ڪچي شيءَ ئي پڪي ٿيندي آهي. مونکي لڳو هو ته اسان ٻئي ڪنهن ڪچي بي ترتيبي جي ور چڙهي چڪا هئاسين جيڪا پڪي عشق جي جنون جي بي ترتيب ترتيبي هوندي آهي. مان پڌر ۾ اچي ويٺو هئس ۽ زيب بابت سوچڻ لڳو هئس. پر گهڻي دير هن جي ويجهو رهي، هن بابت سوچي نه سگهيس. هڪ ڀيرو ٻيهر رڌڻي جي دروازي وٽ هن جي سامهون وڃي بيهي رهيس ۽ هن کي ماني پچائيندي ڏسڻ لڳس. شايد هن جي زندگي ۾ پهريون ڏينهن اهڙو آيو هو، جو هن جون سموريون مانيون گول گول پچڻ بدران ڦڏيون سِڏيون ۽ ڪچيون پڪيون پچيون هيون .... هوءَ ڪچي عمر ۾ئي بي ترتيبي جي ور چڙهي وئي هئي ۽ اهڙي بي ترتيبي جيڪا ڪائنات جي بي ترتيب نظر ايندڙ ترتيب سان هم آهنگ هوندي آهي ۽ ڪنهن وڏي ترتيب کي جنم ڏيندي آهي.
    ”توهان ڦڏي ماني کي يڪو ڇو پيا ڏسو؟“ ماني کائو نه ... نشا جي آواز مونکي ماضي مان موٽائي حال ۾ آندو، پاڻ کي سنڀالي ماني کائڻ لڳس ۽ نشا کي محسوس ئي نه ٿيڻ ڏنم ته مان ڪچي آبادي مان لمحن ۾ ئي پنهنجي پڪي عمر ۾ موٽي آيوهئس.
    ”تون ماني کاءُ، تو ڇو بس ڪئي؟“
    مون ته پنهنجي ڪوٽا جيتري کائي ورتي. مون حيرت مان نشا ڏي ڏٺو ۽ تعجب وچان پڇيومانس تو ماني کائي به ڇڏي! هوءَ مونکي حيران ڏسي وائڙي ٿي وئي، پڇيومانس تنهنجي هٿ ۾ ته ماني جهليل هئي، تو مونکي ماني پئي ڏيکاري، مون تو کان پڇيو تون ماني ڇو نٿي کائين؟ نشا کلندي چيو، جيڪا مون توهان کي ڏيکاري اها ماني ته مون کائي ڇڏي ۽ هينئر ”جيڪا مون توهان کي اڳيان ماني جهلي ڏيکاري اها ڦڏي ڪونه هئي. مان ته اهو پئي ڏسڻ چاهيان ته توهان ڦڏي ماني ڏسي ڪهڙي شيءَ ۾ هليا ويا هئا،“
    مون ماني کائيندي چيومانس هن ڦڏي دنيا تي غور ڪري رهيو هئس، جنهن جي ڪنهن به ڪنڊ تي ڪوبه سڌو ماڻهو ڪونهي.
    ”سر چوندا ته دنيا گول آهي“.
    ”ڪير ٿو چوي ته دنيا گول آهي؟ گول نه .....“
    مان چوندي چوندي چپ ٿي ويس.
    ”ڇا گول آهي سر!! “ نشا تجسس مان پڇيو.
    ها اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته دنيا گول آهي ڇو ته دنيا جو گلوب گول آهي. ويري فني...... ائين چئي نشا کلي پئي.
    ماني کائڻ کانپوءِ هوءَ ڊائننگ ٽيبل تان ٿانو کڻي ڪچن ۾ هلي وئي ۽ مونکي گول ۾ منجهائي وئي. گول ته زيب جي ڇاتيءَ جو تر هو. جنهن ۾ ڪل ڪائنات پنهان هئي. اهڙي ڪائنات جيڪا مان پاءُ صدي گذرڻ جي باوجود ڳولي ناهيان سگهيو. ڪٿي ڪٿي نه ان ڪاري گول تِـر لاءِ واجهايو اٿم. جيڪو زيب جي جسم جي مسجد جي ساڄي محراب تي ستاري جيان هو، اهو تِر ڄڻ ڪوئي پڇڙ تارو هو. جنهن پنهنجا سڀ مدار ڇڏي ڏنا هئا ۽ پنهنجي دل جي ڌرتي مٿان ڪريو هو. ماڻهو به ٽٻڪي جيان هوندو آهي. ماڻو جنهن شهر ۾ هوندو آهي اهو شهر به دنيا ۾ ڪنهن ٽٻڪي وانگي هوندو آهي. دنيا ڪائنات به ٽٻڪي وانگر آهي ۽ ڪائنات به ڄڻ ٽٻڪو آهي. منهنجي ڪائنات هڪ تر، هڪ ٽٻڪو هئي، مان هن ڪائنات کي ڳوليندي ڳوليندي سرجن وقاص بڻجي ويو هئس، پر مان پنهنجي ٽٻڪي جي ڳولا واري جستجو ڪنهن به سرجري کانپوءِ پنهنجي اندر جان ڪوري ڪڍي نهن سگهيو هئس.
    مون کي اها شام ياد آهي جڏهن زيب پهريون ڀيرو مونسان گڏ هلي هئي، ان ڏينهن مون سندس ماءُ زرينه کي زيب جي پلي لاهڻ لاءِ ڏهه هزار رپيا ڏنا هئا ۽ هڪ هزار رپيا وڌيڪ ان لاءِ ڏنا هئا جيئن زيب کي سندس گهر کان ٻاهر وٺي وڃي سگهان، اهو سمورو معاملو مونکي ڪامل ٺاهي ڏنو هو ۽ سموري ذميوار ي به ڪامل کنئي هئي ۽ اها رات ڪامل منهنجي ڪري زرينه جي گهر منهنجي عيوض امانت طور ترسيو هو. زرينه شرط وڌو هو ته جيستائين ٻي ڏينهن صبح جو زيب واپس وٺي نه موٽندين تيستائين ڪامل وٽس گروي رهندو.
    زيب مون سان گڏ هئي، مونکي ڪوبه اندازو ڪونه هو ته هوءَ خوش آهي يا ارهي آهي پر مان خوش هئس، مونکي ائين لڳي رهيو هو ته زيب خوش آهي، پر زيب جي چهري تي ڊپ ۽ خوف شرم حيا سان گڏجي ڪنهن پروجيڪٽر وانگر مختلف رنگن جا سلائيڊس بدلائي رهيو هو. محبت جي قوت ڪيڏي به پرجوش ڇو نه هجي، پر حيا ۽ شرم جي سرزمين تي تپي ويل سج جي گولي جيان هوندي آهي. محبت جي سج جون ڄڀون وسامن يا ڦاٽن پر حياءُ جي اوزون تهه جي لهر کي تباه ناهن ڪري سگهنديون، حياءَ جو ڳاڙهو اوزون ليئر محبت جي سج جي حدت سبب ٽٽي پوندو آهي ته اسانجي جذبن ۽ احساسن ۾ ڪيتريون ئي آلودگيون ڪاهي پونديون آهن. پوءِ دل جون ڌرتيون صدين تائين ڀوڳينديون رهنديون آهن.
    مونکي هزارين خيال اچي رهيا هئا، آئون چڱي ريت پيو ڄاڻان ته زيب سان جيڪو ڪجه ٿي رهيو هو يا ٿيڻ وارو آهي انهيءَ تي هوءَ خوش آهي ماڻهو جي زندگي ۾ ڪجهه لمحا اهڙا به ايندا آهن جڏهن هو ڪجه هئڻ ۽ نه هئڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي وچ ۾ غوطا کائيندو آهي. ان تي خوش نه هوندي به خوش هوندو اهي، انهن ئي لمحن ۾ ماڻهو سڀ ڪجه سمجهندي به اڻ ڄاڻ بڻيل هوندو آهي ۽ دنيا ۾ عروج، ثوابن ۽ گناهن جي گردان جي تارازي ۾ پاڻ کي ڪنهن هڪ پڙ ۾ وجهي پنهنجي عملن تي حق بچائي به قرار ڏيندو آهي ته هن ڪا به غلطي ڪانه ڪئي آهي.
    ساڳي وقت مونکي اهو ويچار به پريشان ڪري رهيو هو ته اڄ کانپوءِ زيب اها ساڳي زيب نه رهندي. منهنجي ان وقت جي ذهني سطح مونکي ان ڳاله تي به سوچڻ ۽ سوچي پريشان ٿيڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. ته مان زيب جي محبت جي تقدس کي پائمال ڪيان يا نه ڪيان. آئون رڳو ساڻس ڳالهيون ٻوليون ۽ ڪچهريون ڪري وقت گذاريان يا سند ڪنوارپ جي ربن ڪٽي سندس جسم جو افتتاح ڪيان. انهن لمحن ۾ مونکي اها به چڱي طرح خبر هئي ته زيب سان جيتوڻيڪ مان ڪجه به نه ڪيان، ته به هوءَ سڀاڻي کان پنهنجي ڀيڻ امينا جهڙي ٿي پوندي، جنهن لاءِ ڪنهن به گراهڪ جي جهل پل نه رهندي. مون وٽ زيب جي ٻَلي لاهڻ جو مقصد رڳو زيب سان گڏ وقت گهارڻ هو، پر مون سوچيو ته وقت ڪيئن به گذراجي گذري ويندو پر زيب جو ايندڙ وقت منهنجي وقت خريدڻ کان پوءِ نيلام جو واڪ بڻجي ويندو. زيب جي ٻَلي ڏهن هزارن ۾ جيڪڏهن مان نه لاهيندس ته ٻيو ماڻهو ٻارهن هزارن ۾ لاهي ويندو. ان وقت مونکي چيل ۽ ٻڌل اهو پهاڪو به ياد ڪونه هو ته ڪجهه نه کائي مرڻ کان بهتر آهي ته ڪجهه کائي مرجي.
    ان ڏينهن منهنجي ذهن ۾ تمام گهڻي ولوڙ هئي، تنهن هوندي به منهنجي سموري توجهه زيب کي سندس خوشي جو احساس ڏيارڻ ۾ لڳل هئي، اسان ڏاڍو رليا هئاسين ۽ راڻي باغ ۾ ويا هئاسين. راڻي باغ گهمڻ کانپوءِ پڇيومانس، ٻيو ڪٿي گهمندين؟ .......
    ”وٺي هلندين!“
    منهن ۾ ڏسي چيومانس ”ها، ڇو نه!“
    ”ته پوءِ المنظر تي وٺي هلي
    مون گهڙي ۾ وقت ڏٺو، پنج ٿي رهيا هئا، المنظر تي وڃڻ جو موزون ٽائيم هو.
    ”سر شام ٿي وئي آهي، اڄ اوهان جو المنظر تي هلڻ جو پروگرام هو،“ اوچتو نشا مونکي سجاڳ ڪري ورتو.
    ”او سوري، مان ته وساري ويٺو هئس. ٽائيم گهڻو ٿيو آهي. نشا وال ڪلاڪ ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين پنج ٿيا آهن“.
    ”ها، اهو ئي ته المنظر تي هلڻ جو وقت آهي. گيٽ ريڊي.....“
    نشا تيار ٿي آئي، ائين لڳو وقت جون طنابون ڪنهن ڇڪي ورتيون آهن ـ مان روائينڊ ٿي ان جڳهه تي بيٺو آهيان جتي زيب پنهنجي سموري طلسم ۽ حشر ساماني سوڌو منهنجي سامهون هئي، هڪ لمحي لاءِ ته ائين لڳو هيم ته سچ پچ هوءَ زيب آهي پر هوءَ زيب نه هئي، نشا هئي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي نه زيب جيڪا نه رهي هئي ۽ نشا جيڪا ڪنهن به وجود لاءِ هجڻ جو احساس جاڳائڻ واري هستي هئي. مختلف ٿيندي هڪٻئي سان ڪيڏي هڪجهڙائي هئن. نشا، زيب وانگر، پرڪشش ۽ دل لڀائيندڙ هئ. مان پاڻ کي نشا ۽ زيب جي سحر مان ڪڍندي هڪدم هوشيار ٿيس پر پوءِ به نشا ۽ زيب کي الڳ الڳ ڪري نه سگهيس.
    ”هلو ڀلا نه، ڇا پيا سوچيو!“
    ها ... ها... اڄ نه هلندس ته ڪڏهن هلندس.“
    ”ڇو اڄ ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“
    خاص ۽ عام جي ته خبر نه اٿم، پر ائين لڳي رهيو آهي ته اڄ مان سرجن وقاص نه پر رڳو وِڪي آهيان ۽ تون نشا ناهين زيب آهين. ائين لڳو هيم ته منهنجي ان جملي تي نشا دل ئي دل ۾ خوش ٿي هئي. گهر مان نڪرندي نشا منهنجي اکين ۾ نهاريندي پڇيو هو
    ”واقعي اڄ مان زيب ٿي لڳان!“
    مون پنهنجيون سڀ حاضر دماغي حاضر ڪندي وراڻيو هو.
    ”تون زيب آهين يا نه پر بي زيب ناهين، تون آهين ته هر شيءَ، هر منظر ۽ هر لقاءُ ديده زيب ٿو ٿي پوي“.
    اسان ڪار ۾ المنظر روانا ٿياسين، رستي ۾ مون بيڪ مرر ۾ پويان ايندڙ گاڏي جو جائزو وٺندي ڪار کي ڊبل ٽاپ گيئر ڏنو ۽ نشا کان پڇيم” نشا! تون مون جهڙي جهوني جهاڙ سان گڏ نڪتي آهين ، توکي عجيب نٿو لڳي.“
    ”سر توهان مونکي آزمايو ٿا ڇا؟“
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟“
    ”الائجي، لڳي ٿو ته آءِ ڪيو جي ٽيسٽ ٿا وٺو.“
    ” نه، منهنجو سوال ته سمپل آهي.“
    ”سرءُ جي خوشامد نه سمجهو ته يو آر اسٽل ينگ“.
    ”پر مان ڏاڍو ريئلسٽڪ آهيان.“
    ”سر! گستاخي نه لڳي ته پوءِ مان ايترو ئي چوندس ته توهان کي اڪيلائي احساس محرومي جو عذاب ڏنو آهي.“
    پر مان ته جڏهن به آئيني اڳيان بيهندو آهيان ته آئينو مون تي کلندو آهي.
    ”وهم آهي توهانجو“ .
    ائين چوي نشا ڪار ۾ هلندڙ پليئر جو آواز جهڪو ڪري ڇڏيو، ڪجهه لمحا ترسي نشا چيو.
    ”اوهان جي فٽنيس ۽ پرڪشش چهرو اوهان کي اهو ڪونه ٻڌائيندا آهن ڇا ته اوهان ڪنهن به ٽين ايجز ڇوڪري کي متاثر ڪري سگهو ٿا“
    نشا منهنجا وار ته اڇا ٿي ويا آهن.
    ”توھان جا رڳو قلم اڇا ٿيا آهن ۽ واٽو دي گو اي ڊگنيٽي ٽريور پرسنلٽي“
    ” پر مان ايجڊ ته لڳان ٿو نه،“
    ”ڇو توهان ڪو گنجا ٿيا آهيو ڇا؟ باءِ دي وي ڪي ماڻهون گنجا ٿيندا آهن ته شيطان لڳندا آهن، جيڪڏهن توهان گنجا ٿيندو ته انسان لڳندو“
    مونکان ٽهڪ نڪري ويو کلندي چيو مانس. ”گنجو ماڻهون به انسان لڳندو آهي ڇا؟“
    هو به ڀرپور مذاق جي موڊ ۾ هئي، چيائين
    ”جيڪڏهن انسانيت وارن ۾ هجي ها ته پوءِ دنيا جا سڀ هپي نيپال ۾ گڏ ڪون ٿين ٿا“
    اوچتو هڪڙ خيال اچي ويم ته، پڇيو مانس،
    ”تون ڪهڙيون ڊگريون ورتيون آهن“
    چيائين، آءِ ڪين گيٽ اي جاب آف ٽائيپسٽ
    ” چيومانس واءِ يو ڪُڊ ناٽ گو ٽو فرڌر!“
    چيائين، آئي ول ڪنٽينيو، واٽ آ شوڊ هيو.....
    چيم. ”پوءِ توکي ڪنهن روڪيو آهي.“
    چيائين. ”روڪيو ته ڪنهن به ڪون هو بس زيب جي بيماري جي ڪري وقفو بڻجي ويو، زيب ته ڏاڍو چوندي هئي پر افسوس مان بيماري دوران اڪيلو ڇڏي نه پئي سگهان“
    ”هاڻي ڇا خيال اٿئي!“
    هو هڪدم خاموش ٿي ويئي ۽ پوءِ ڪجه لمحا ترسي پوءِ چيائين.
    ”سر آءِ ڪانٽ سي ابائوٽ...“
    ”مان جي آهيان. جي تون سمجهين.“
    ”سچ وقاص!“ هن بي يقيني ۾ خوشي وچان بي اختيار چيو. هن جي ايڏي بي تڪلف تي مون کيس گهوريو هو. هو منهنجي نهارڻ جو مقصد سمجهي وئي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي. مون کيس شرمساري جي احساس کان بچائڻ لاءِ چيو. اٽ از آل رائيٽ. تون مونکي خالي وقاص سڏيندين ته به مان مائينڊ ڪون ڪندس. ڇو ته مونکي خبر آهي ته تون مون جهڙي پوڙهي سان گڏ گهمندين خراب نه ٿي سمجهين ۽ مون کي اها به خبر آهي ته اسان جي وچ ۾ حد کان وڌيڪ حجاب ناهي ته حد کان وڌيڪ بي حجابي به ڪونه آهي.
    نشا ڪو به جواب ڪون ڏنو ۽ ڪار ۾ هلندڙ پليئر جو آواز ٻيهر وڌائي ڇڏيو. ڪار ۾ موسيقي ٻرڻ لڳي.
    المنظر تي پهتاسين شام جا پاڇا وري رهيا هئا منهجي زندگي ۾ زيب سان گڏ جيڪا پهرين شام المنظر تي آئي هئي اها نومبر جي شام مون وري ڪڏهن به نه ڏٺي آهي. ڏيه پرڏيھ گھميو آهيان پر اهڙي جيڪا پنهنجي هلڪي نارنگي پيلي روشن دلي جهڙي ڌرتي سونهري چادر تاڻي ڇڏيندي آهي. مون ڪٿي به ناهي ڏٺي. ساڳيو المنظر هو ۽ ساڳيا ان جا منظر هئا.
    سنڌو جون ڇيڳريون ڇوليون ساڳين البيلائن سان روان دوان هيون پر نه هو ته صرف زيب جي هجڻ جو احساس ڪون هو زيب سان گذريل اها شام منهنجي من جي ڌرتي تي ڪيترائي انڊلٺي رنگ کڻي آئي هئي. زيب کان پڇيو هئم، ”زيب توکي درياه وڻندو آهي؟“
    زيب سنڌو ڏانهن محبت وچان ڏسندي چيو هو ته درياه ڪنهن شفيق پوڙهي ماڻهون وانگر لڳندو آهي.
    اوچتو نشا چيو.
    ”ڪيڏو خوبصورت منظر آهي وقاص“
    نشا ڳالهايو ته ڄڻ خيالن جي رڻ مان موٽي آيس، خبر ئي نه پوي ته ڪيئن ڪار پارڪ ڪئي. ڪيئن اچي ريسٽورينٽ ۾ ويٺا هئاسين. نشا تنهنجي سامهون واري ڪرسي تي ويٺي هئي. مون پنهنجي کيسي مان سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي ان مان سگريٽ ڪڍي چپن ۾ آندو هو.
    لائيٽر جي شعلي سان سگريٽ دکائي ڪش هنئي دونهان ڪڍڻ لڳس ڪيتري ئي دير بي خيالي وچان سگريٽ ڇڪيندو رهيو هئس، اچانڪ نشا ٽيبل تي ناڪ ڪندي چيو هو ”موٽي اچو وقاص“
    مون پنهنجو پاڻ کي دماغي طرح حاضر ڪيو نشا پڇيو، ڇا پئي سوچيو!
    ”زيب جي خيالن ۾ کوئجي ويو هئس“
    نشا پڇيو ته ”توهان وٽ زيب جون تمام گھڻيون يادگيريون آهن ڇا؟“
    مون اکيون ٻوٽي چيو هئم، ها تمام گھڻيون يادگيريون، زيب جون يادگيريون ٿوريون هجن ها يان فقط هڪڙي ئي يادگيري هجي ها ته به مان ان هڪڙي يادگيري تي سڄ زندگي گذاريان هان مون وٽ ته زيب جي يادگيرين جو خزانو آهي توکي خبر آهي الاهي نه زيب اها رات جيڪا هر عورت زندگي جي پهرين ۽ آخري اهم رات سمجهندي آهي. مونسان گزاري هئي.
    ”پوءِ ڇا ٿيو هو وقاص؟“
    ”تون ٻڌي سگهندين نشا؟“
    ”ها مان پاڻ ۾ ايتري همت سمجهان ٿي“
    نشا هي اها رات آهي جنهن جي ابتدا ته آهي پر انتها نه ڪونهي. مان زيب جي ٻلي لاهڻ لاءِ زرينه کي ڏه هزار رپيه ڏيئي زيب کي پاڻ سان گڏ وٺي نڪتو هئس. ان ڏينهن اسان هت المنظر تي به آيا هئاسين. سج ڄامشوري جي جبلن کان ليئا پائي رهيو هو. پنهنجو منهن لڪائڻ کان اڳ پنهنجي ٻڏندڙ نظرن سان ڏسي رهيو هو ۽ وڃڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. سج کي اهو بانور هوندو آهي ته هن جي غير موجودگي ۾ ڌرتي ۾ اونداهي ٿي ويندي آهي ۽ دنيا جو چرخو بيھ ويندو. پر ڌرتي تي هر فطري ۽ غير فطري تخليق جو جنم سج جي غير موجودگي ۾ ٿيندو آهي. ”عبادتن جا علم ۽ گناهن جا الميا رات جي پيٽ ۾ پلجندا آهن“
    ”وقاص، توهان گناهن ۽ ثوابن ج چڪر ۾ به الجهندا آهيو ڇا؟“
    ”ها ظاهر آهي“
    ”پر وقاص فطرت اسان کي آزادي ڏني آهي، انسان اختياري قوتن جو مالڪ آهي گناه ۽ ثواب جو تاويلون اڻ بربري جي سماج جون تشهير آهن.
    ”ها مهنجو به اهو خيال آهي پر ڇا ڪجي جو انهن جي جاءِ تي ڪي نوان اصطلاح ڪونهن ۽ نوان اصطلاح ٺاهجن به ته سمجهندو ڪير. هون به اسان کي هتي ئي رهڻون آهي. ٻه قدم اڳتي وڌي هلڻ تي پٺيان وري گوڙ ڪن ٿا.
    ته توهان ڀٽڪي ويا آهيو، جيتوڻيڪ مان آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق محسوس ڪندڙ ماڻهن جي مختصر قبيلي جو هڪڙو فرد آهيان. پر پوءِ اڪثريتي راءِ جي اڳيان سرينڊر ڪندو آهيان. سو بهرحال مان عام ماڻهن وانگر گناهن ۽ ثواب سوڌو هر غير اهم چڪر ۾ به الجھندو به آهيان.“
    ”ٺيڪ آهي وقاص ائين ئي الجھندي انهي ٻولي ۾ جيڪڏهين چئون جن ڪمن ۾ فطرت جي رضامندي شامل هجي ته اهي عمل گناه ناهن.“
    ”آءِ ٿنڪ سو....مان زيب کي تيستائين ڪون ماڻيا ها جيستائين هو پاڻ رضامند نه ٿيئي ها توکي ته خبر آهي زيب ڪيڏي نه عقلمند هئي“
    ”ها هو ڏاڍي ڏاهي هئي، مونکي ياد آهي جڏهن مون امينه ۽ زرينه جي دنيا ۾ هوش سنڀاليو هو ته مونکي نفرت ٿيڻ لڳي هئي. مان ان دنيا ۾ جيڪڏهن نفرت ڪانه ڪندي هئس ته اها زيب هئي.
    زيب هن گدلي سينور جي دنيا ۾ ڪنول گل جيان پاڪ ۽ صاف هئي.
    مان ان دنيا ۾ ڪنهن آڪٽوپس جي ڄنگهن ۾ جڪڙيل هجان ها، پر زيب وک وک تي منهنجي اڳيان ڍال بڻجندي رهي، نه ته مونسان به ائين ٿئي ها جيئن زيب سان ٿيو هو. زيب جي ٻلي لاهڻ واري زيب کي پنهنجن هٿن سان قبر ۾ لاٿو هو، پر منهجي ٻلي لاهڻ وارو ڪو اڻڄاڻ شخص مونکي زنده لاش بڻائي سماج جي قبرستان ۾ ڦٽي ڪري هليو وڃي ها، زيب مونکي پڙهايو هو.
    منهجي تربيت ڪئي هيائين، پنهنجي حفاظت ۾ رکيو هيائين، منهنجي عمر جڏهن سورنهن سال ٿي ته زرينه منهنجي ٻلي لاهڻ جو سودو ويهن هزارن عيوض ڪري ڇڏيو .ان کان اڳ جو منهجي ٻلي لاهڻ جو ڏينهن مون تي قيامت بڻجي.
    زيب راتو واه پنهجي زندگي جي سموري موڙي ۽ ڪجه زيور کڻي مون کي پاڻ سان وٺي نڪري آئي هئي. ”ائين چئي نشا خاموش ٿي وئي هئي، مون نشا کان پڇيو ”پوءِ امينه ۽ زرينه توهان جي ڳولا ته ڪئي هوندي.“
    ”ها شروع ۾ ڳولا ڪئي هئائون پوليس کي به بڇيو هئائون پر ڪجه ڏينهن ۾ ڪنه رهزن امينه ۽ زرينه جو خون ڪري ڇڏيو. پوءِ اهو قاتل شيد گرفتار ٿيو هو، اهو ٻڌائي نشا وري خاموش ٿي وئي.
    مون نشا کان پڇيو، ”توکي ڪڏهين زيب ٻڌايو ته هوندو ته تون ڪٿان آئين هئين“
    نشا جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا ”چيائين چڪلي مان“
    مون کان ڇرڪ نڪري وي، نشا چوڻ لڳي، مون پنهجي ماءُ کي ڪون ڏٺو هو، پر مهنجي ماءُ مونکي اتي ڄڻيو هو، پوءِ چون ٿا ته منهنجي ماءُ مري وئي هئي مون کي زيب ٻڌايو هو ته زرينه مونکي چڪلي مان خريد ڪيو هو. ائين چئي نشا روئڻ لڳي ـ روئيندي ۽ سڏڪندي نشا چيو ”مونکي خبر ناهي ته مان ڪير آهيان ڪٿان جي آهيان ۽ ڪنهن جي آهيان“ نشا زاروقطار روئي رهي هئي.
    ”مونکي افسوس آهي جو نشا، مون توکي روئاڙيو“
    نشا ڳوڙها اگھندي چيو ته، ”روئڻ ڪهڙو ائين ته ٿيڻو هو، هن مرڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. منهن ۾ ڏسي چيومانس. ”نشا تون پريشان نه ٿي“ مون سگريٽ ڪڍي وري چيو مانس.
    ”اڪثر فلمن ۾ هڪڙو ڊائيلاگ هوندو آهي، جنهن جو ڪير به نه هوندو آهي انهي جو خدا هوندو آهي. نشا ڌرتي تي ڪوئي ڪنهن جو نه هوندو آهي.
    ان لاءِ شايد خدا سڀني جو هوندو، يا ڪنهن جو به نه هوندو آهي، توکي جيڪڏهن سڃاڻپ نه هجڻ تي ڏک آهي ته حيران نه ٿي، دنيا ۾ تمام گهڻا اهڙا به ماڻهون آهن جيڪي پنهنجي سڃاڻپ کان بيزار هوندا آهن، تنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ تنهنجي پنهنجي هستي آهي ۽ جي محسوس ڪرين ته مان تنهنجي ويجهو آهيان، ۽ اها خاطري ڪري ڇڏ ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪا به عرض ڪونه ايندي.
    نشا چيو، ”مان انسان فراموشن جي رستي ۾ پيدا ٿي آهيان ۽ مون سڄي عمر انسان فراموشن سان گڏ گذاري آهي. مونکي ايترو سو تجربو آهي جو مان کوٽي ۽ کري جي سڃاڻپ رکان ٿي ۽ توهان ڇا آهيو ۽ مونکي ڇا ٿا سمجهو، اهو به اندازو اٿم، مان توهان کي ۽فقط توهان کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪيان ٿي، شايد ان لاءِ مان توهان جي اڳيان بنان ڪنهن کل جا سم سم چوڻ جي کليل ڪتاب بڻجي وئي آهيان.
    ائين چئي نشا خاموش ٿي وئي ماحول ۾ اونداه ڇائنجي رهي هئي.
    شام رات ۾ تبديل ٿي رهي هئي. مون اٿڻ جي ڪندي چيو ”هاڻي واپس هلڻ گهرجي.“ نشا خاموشي سان اٿي کڙي ٿي.
    نشا سائيڪالاجي ۾ داخلا ورتي هئي، هو روز يونيورسٽي ويندي هئي، مان پنهنجي روٽين مطابق هاسپيٽل ويندو هئس، اسان تقريبن روزانو آئوٽنگ ڪندا هئاسين. نشا ڏاڍي خوش هوندي هئي، نشا کان وڌيڪ مان خوش هئس، ڇو ته منهنجي اڪيلائي ۾ هاڻي رڳو مايوسيون ڪون هيون، پر خوشيون به شامل ٿي ويون هيون، نشا ۽ مان دوست بڻجي ويا هئاسين. اسان مختلف موضوع تي ڪچهريون ڪرڻ لڳاسين، نشا پنهنجي ماضي بابت کُلي طرح احوال ڪندي هئي، مان به پنهنجا سڀيئي اعمال نامه اڳيان کولي ويهندو هئس، زيب جو تصور مون لاءِ اهڙو ٽانڪ هو. جنهنجي واپرائڻ سان سڀ ضرورتون پنهنجي شفقتن سميت ٽڙي پکڙجي وينديون هين، ان حد تائين جو جسمي لذتن جي گھرج به زيب جي يادگيرين اڳيان پنهجي سرڪش وڃائي ويهندي هئي، ۽ نشا جي اچڻ کان پوءِ ائين نه لڳندو هو ته منهنجون ڪي خواهشون ۽ ضرورتون ڄڻ ته آهن ئي ڪون، مان ميڊيڪل سائنس جي نقطي نگاھ کان صحت مند ۽ نارمل ماڻهون هئس، مون کي نفسياتي خواهشون طوفان مچائي ڇڏينديون هيون ۽ مون کي لڳندو هو ته مان آپي مان ٻاهر نڪري ويندس، ان وقت دل چوندي هئي ڪابه ڪاري ڪوجھي لولي لنگڙي انڌي منڊي عورت منهنجي سامهون اچي، ته مان ان کي ڪچو کائي وڃان، پر نشا جي اچڻ کانپوءِ اندر ۾ ٻرندڙ بتيون سرد ٿي وينديون هيون، جيتوڻيڪ نشا اثر انداز تائين خوبصورت هئي، ۽ جواني ڪنهن به عابد کي بنائڻ تي قادر هئي، سندس جوڀن زهد ۽ نقوي جي معنى وسارڻ لاءِ کوڙ هو، پر مون ۾ ڪڏهن به نشا کي هنڊائڻ جي لالچ پيدا ڪون ٿي، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن من چاهيندو هو ته نشا جو جسم ڏسان، سندس اڀريل ڇاتيون ڇهان ۽ چمان منهنجي لا شعوري ۾ ويٺل انهي پختي ارادي کي تقويت ملي رهي هئي، ته مان جنهن ڪل ڪائنات جي ڳولها ۾ آهيان اهو تر ڳولهي لهان، پر هڪدم اهو خيال پئي پيدا ٿيو ته نشا جي ڇاتين تي به ڪو اهڙو تر ئي نه هجي ته پوءِ مان پاڻي پٺيان سرابن جي فريب ۾ ڀٽڪي وڃان ۽ مري وڃان ته پوءِ خبر ناهي ڇو موت کان ڊڄندو رهيو آهيان. شايد هر ماڻهون موت کان ڊڄندو آهي ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هئس ته جسم ته سڀ جسم هوندا آهن، پوءِ اهو زيب جو جسم هجي، ڊاڪٽر فريال جو جسم هجي، ڊاڪٽر فريال جسم هجي، نشا جو جسم هجي يا ڪنهن ٻئي عورت جو جسم هجي، مونکي ائين لڳندو هوندو هو ته مون شايد پنهنجي سموري سهڻي زندگي هروڀرو ان تر جي ڪري قربان ڪري ڇڏي ، مون تر کي ابتدا سمجهي ۽ انتها ڪري ڇڏي. ايتري قدر جو جڏهن منهنجي شادي پنهنجي سئو ٽ ريحانه سان ٿي هئي ته شادي جي پهرين رات ئي مون ريحانه جي ڇاتي تي ان تر کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ريحانه ۾ ڪا به کوٽ ڪون هئي سندر هئي، سشيل هئي، سندس خوبصورت اجريل ۽ خماريل جسم، ڪنهن اپسرا جي جسم کان گهٽ نه هو، ۽ نه هو ته ريحانه جي ڇاتي تي تر نه هوجيڪو منهنجي تلاش هو ، مان ڪيترائي ڏينهن ريحانه کي ڇهندو ۽ چمندو رهيس، ۽ جڏهن تر نظر نه ايندو هو تي سسي ويندو هئس، ريحانه شايد مونکي ايبنارمل نامرد سمجهندي هئي، پر هن ڪڏهن به ڪون ڪڇيو، ٻن چئن سال تائين کيس اولاد ڪان ٿي اهو لعنتاڻو مونکان وڌيڪ ريحانه جي لا ناقابل برداشت هو، جنهن ڪري کيس مائٽن پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو، پر ريحانه جو ڪهڙو ڏوه، پر ڏوه منهنجو به ڪونه هو، مان ڪيان هان، ريحانه جي ڇاتي تي ڪونه هو زيب جي ڇاتي واري تر مونکي نفسياتي طرح نامرد ڪري ڇڏيو هو مونکان اهو تر ڇا گم ٿي ويو هو. منهنجي سڀئي ذهني ۽ جسماني طاقتون گم تي ويون هيون ڪڏهن ڪڏهن مونکي پاڻ تي به شڪ ٿيندو هو، ته شاهد مان نامرد آهيان، پوءِ مان پنهنجي ڊهو دور ڪرڻ لاءِ ڏيھه پرڏيھه ۾ جڏهن عورتن مان پنهنجي جنسي لذتن جي حاصلات ۽ مردانگي جي پڪ ڪرڻ چاهيندو هئس ۽ عورتن کي انهي مقصد لاءِ جڏهن تنگ ڪندو هئس ته پهرين پهرين سندس ڇاتين تي تر ڳولڻ چاهيندو هئس ڪو به تر نه ڏسي ڍرو ٿي ويندو هئس ۽ نامرد ٿي پوندو هئس ان حد تائين جڏهن ڪلاسڪو ۾ پنهنجي اسڪاٽ ڪلاس ميٽ پرٽي سان جسماني طرح ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئم ته ٽٽڻ کان اڳ مرجهائجي ويو هئس پرٽي ڪاوڙ ۾ اچي چيو هو ته، قد پت ته باڪسرن جهڙو اٿئي پر، پرڪارن ۾ مغل دور جو ڪو خوجا سرا ٿو لڳين............
    ”واٽ از دي ميٽر وٿ يو؟“
    اوچتو نشا منهنجي ٻانهن مان لوڏيو ، مان پنهنجي اذيتناڪ خيالن ، يادگيرين مان ٻاهر اچي ويس،
    ”توهان سڄا پگهر ۾ شل ٿي ويا آهيو“ ڏٺم ته نشا هڪڙو ٽشو پيپر کڻندي منهنجو پگهر اگهڻ ٿي چاهيو، مون نشا کان ٽشو پيپر کڻندي چيو ، ” ڇڏ مان پاڻهي ئي ٿو اگهان“
    نشا زبردستي منهنجو پگهر اگهندي چيو مان اگهان ٿي ، پر توهان سان مسئلو ڇا آهي ؟
    ” ڪو به ڪونهي“
    ”نه مونکي لڳي ٿو ته توهان پريشان آيو ، اڄڪلھه توهان پريشان رهو ٿا، شاهد منهنجي ڪري “
    مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو ” نه، مان ته تنهنجي اچڻ سان خوش ٿيو آهيان“
    ” سچ وقاص !!“
    ”هاها،“ مون مرڪندي وراڻيو هو ڏٺم ته نشا جي چهري تي ڪيئي رنگ تري آيا هئا ۽ مون محسوس ڪري ورتو ته نشا اهميت ملڻ سان سرهاڻ محسوس ڪري رهي هئي
    صبح جو جڏهن اسپتال پهتس، ڊاڪٽر فريال کي آپريشن ٿيٽر ۾ شفٽ ڪيو ويو مونکي ڊاڪٽر فريال جو آپريشن ڪرڻو هو ڊاڪٽر فريال کي پيٽ ۾ رسولي ٿي پئي هئي، آپريشن ڪري رسولي کي ڪڍڻو هو مان اوٽي ۾ آيس ڊاڪٽر فريال کي بيهوش ڪيو ويو ڊاڪٽر فريال آپريشن واري مخصوص سفيد يونيفارم ۾ منهنجي اڳيان آپريشن ٿيٽر ٽيبلي تي ليٽي پئي هئي منهنجي چوڌاري ٻيا به ڪيترائي ڊاڪٽر مون کي اسسٽنٽ ڪرڻ لاءِ موجود هئا.
    آپريشن ڪرڻ شروع ڪيم جراحي تجربي سبب ايتري ته سولي هئي جو مون کان ڪا به غلط ڪان ٿيندي هئي، پوءِ چاهي ٿوري دير لاءِ هتي به وڃي مان ٺيڪ ٺيڪ ڪم ڪري رهيو هئس پر منهنجو ڌيان ڊاڪٽر فريال جي ڇاتين ڏانهن هليو ٿي ويو منهنجي اندر ۾ باربار اندر ۾ ڪر کڻي رهي هئي ته مان ڊاڪٽر فريال جون ڇاتيون ڏسان ۽ ڇاتين تي اهو تر ڳوليان جنهن منهنجي زندگي کي زندگي بدران محض تلاش بڻائي ڇڏيو آهي. زندگي ۾ پهريون ڀيرو سرجري ڪندي پگهر ۾ شم ٿيو هئس. آپريشن ختم ٿيڻ کان پوءِ به الاهي ڪيتري دير ڊاڪٽر فريال جي مٿان بيٺو رهيو هئس. مان آپريشن ٿيٽر ۾ ٻين موجود ڊاڪٽرن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي. آپريشن ٿيٽر ۾ جڏهن مان بلڪل اڪيلو رهجي ويس مون هڪدم فريال جي ڇاتين تان ڪپڙو مٿي ڪر ڇڏيو ڊاڪٽر فريال جون ڇاتيون منهنجي اڳيان نروار ٿي پيون ۽ ان مهل مون کان چونڪ نڪري ويو، مون ڏٺو ته ڊاڪٽر فريال جي ڇاتي تي هڪڙو ننڍڙو تر هو مون هڪدم بي اختيار پنهنجو هٿ ان تر ڏانهن وڌايو، جڏهن منهجو هٿ ڊاڪٽر فريال جي نرم ڇاتي وٽ آيو ته مون محسوس ته منهنجي هٿ ۾ ڏڪڻي هئي، مون ڏڪندڙ هٿ ڊاڪٽر فريال جي ڇاتي تي رکيو ۽ پوءِ اشهد آڱر سان ان ڇاتي کي ڇهيم، ان گھڙي مان سڄو وسامي ويس ڇو ته جنهن کي مون تر سمجهيو هو اهو تر نه هو اها ته کبر هئي جيڪا پچي ڪاري ٿي وئي هئي. ۽ جڏهن مون ان کان ننهن سان کرڙيون ته اها نڪري آئي مان پگھرجي چڪو هئس. هڪدم اوٽي مان نڪري ۽ پنهنجي آفيس ۾ هليو آيس. مونکي ڏاڍو غلط محسوس ٿي رهيو هو. اندر ئي اندر ۾ ڏاڍو پڇتاءُ ٿي رهيو هئم ته پنهنجي تجسس جي هٿان مجبور ٿي ائين وهلور نه وڃڻ کپندو هو. ڪيتري دير مان گم سم ٿي ويٺو رهيو هئس ۽ پنهنجي عمل کي پنهنجي لاءِ درست قرار ڏيڻ لاءِ ذهن ئي ذهن ۾ دليل ڊوڙائي رهيو هئس، پنهنجي ان عمل کي ناءُ ته ڏيئي سگهيس ته! منهنجي اها ڪوشش تر جي ڳولها هئي يان هوس جي وحشيت، مون کي ڪا به خبر ڪون هئي، زيب کان اڳي به ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ٻيون عورتن منهنجي زندگي ۾ اچڻ لاءِ بي قرار هيون ۽ هن مان ڪيتريون اهڙيون به هيون جن پنهنجا سڀ انگ ۽ رنگ مون تي آشڪار ڪرڻ چاهيا، باوجود ٻهڪي وڃڻ جي حد تائين مان اڳتي وڌڻ جو سوچيندو هئس، پر بس فقط سوچيندو ئي رهجي ويس، پوءِ هڪ دفعي ائين به ٿيو ته مان استعمال ٿي ويس، اسان جي پاڙي ۾ هڪڙو ايگرو ڪيميڪل آفيسر رهندو هو، جنهن کي هڪڙي زال ۽ ٻار هوندا هئا، پٽ پنجن سالن جو هوندو هئس ۽ ڌي ڏهن مهينن جي هوندي هئي ۽ اهو آفيسر اڪثر ٻاهر وڃي ڊيوٽي تي رهندو هو، مان سندس گهر ايندو ويندو هئس ته آفيسر جي زال ڏهن مهينن جي ٻار کي ٿڃ پياريندي نظر ايندي هئي. مان ان عورت غور سان کي ڏسندو هئس ۽ مونکي ياد آهي ته مان محض تجسس وچان ڏسندو هئس. مونکي ائين محويت وچان نهاريندي ڏسندي هڪ ڏينهن ان عورت مونکي پنهنجي ويجھو سڏ ڪيو هو پڇيو هو، ”تون ائين ڇا ڏسندو آهين؟“
    ”مان تنهنجو بُبو ڏسندو آهيان“ مونکان بي ساختي وچان چئجي ويو هيو.
    پڇيائين ”توکي وڻندو آهي؟“ مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هو.
    هن ڪجه دير سوچي پنهنجي ننڍڙي کي بيڊ تي سمهاري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي چولي ۾ هٿ وجهي بريزر جو اڳيان وارو هڪ بريزر لاهي ڇڏيو ۽ پنهنجو چولو مٿي ڪري پنهنجيون ڀريل ڀريل ڇاتيون منهنجي اڳيان آڻيندي
    ”اچ ڀلي هٿ لاهي ڏس“
    مون هٻڪندي ۽ ڊڄندي پنهنجا هٿ سندس ڇاتي تي ڦيريا هئا، هن جي وات مان ننڍڙا سرڙاٽ نڪري رهيا هئا. اکيون ٻوٽي چيائين، ”ڪر ته... مان سندس ٻنهي ڇاتين کي مهٽڻ لڳس“ هن اوچتو جھٽ هڻي پنهنجي ٻک ۾ قابو ڪيو ۽ ڊبل بيڊ تي هڪڙي پاسي پاڻ سان چهٽائي ليٽي پئي منهنجي بت ۾ عجيب ڪتڪتايون شروع ٿي ويون هينون ۽ اهڙو انوکو قرار اچي رهيو هو جو دل چوي پئي ته مان هن ۾ جسم سان چيوگم جيان هميشه چهٽيو رهان.
    پوءِ اهو منهجو معمول ٿي ويو ته، مان روزانو هن ڏي ويندو هئس ۽ مان موٽندو هئس ته مان پنهنجو پاڻ ۾ هوندو هئس، اسڪول ويندي اسڪول مان واپسي ايندي، رسيس ۾ ان ڏانهن هليو ويندو هئس جمعي جي رات هن جو مڙس ايندو هو ۽ جمعي جي شام هليو ويندو هو ۽ اهي ڏينهن گوشت جي ناغي وارا ڏينهن هئا، هن مونکي گهڻون ڪجھ سيکاريو هو ۽ مونکي وقت کان اڳي گنهگار بڻائي ڇڏيوهو، سالن کان پوءِ هن جي مڙس جي ٽرانسفر ٿي ۽ ٻئي شهر لڏي ويا هو هلي وئي ته پوءِ مونکي اندازو ٿيو ته مان هن جو ڪيڏو عادي ٿي چڪو آهيان ڪجھ ڏينهن کانپوءِ منهنجي اسڪول جي پٽيوالي ايسٽ آبادي سان ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ سندس گهر وڃڻ ٿيو ته اتي سندس زال تحسين سان واقفيت ٿي، نواز شام جي وقت ڪنهن واڙي جون مينهون ڏوهندو هو ۽ مان شام جي وقت سندس گهر هليو ويندو هئس هڪڙي ڏينهن تحسين مونکي سڀڪجھ پنهنجو آڇيو، پر باوجود شديد ضرورت جي مان تحسين جي جسم کي هنڊائڻ وارو عمل ڪري نه سگهيس، مونکي اڄ تائين اها ڳاله سمجھ ۾ نه آئي آهي ته مان تحسين کان پري ڇو رهيو هئس پر هاڻي ايترو سو سمجھ ۾ ايندو آهي ته مان ان عورت وانگر هئس جيڪا ذهني ۽ جسماني طرح ڪنهن هڪ ماڻهون تي آشڪار ٿيندي آهي. ۽ شايد اهو ئي سبب هو جو باوجود تجربي ڪار هجڻ جي، مان زيب جي پهرين ملاقات ۾ به ڄڻ ذهني طرح ڪنوارو هئس.
    مان جڏهن زيب سان مليو هئس ته منهجي زندگي ۾ هڪ نئين ترتيب اچي وئي آهي. آءُ ڄاڻي به سگھيو هئس ته ان جو محرڪ اهو تر هو يا هڪ نئين جنسي لذت جي ابتدا يا منهنجو ڪنهن هنڌ آشنائي وارو ٽڪاءٌ هو مان پنهجي جاءِ تي هڪ نارمل مرد هئس، زيب کان پوءِ جي مان چاهيان ها ته ڇاڇا پئي ڪري سگھيس ۽ ڪرڻ چاهيو به هئم. پاڻ به ننگو ٿيو هئس ۽ ڪيترين ئي پراين نياڻين
    کي به بي لباس ڪيو هئم. پر سندس ڇاتين تي تر نه ڏسي مان انهن جهڙي نياڻي ٿي پوندو هئس.
    منهنجي پيشاني پگھر ۾ آلي ٿي وئي ته مونکي احساس ٿيو ته مان ڪيتري دير کان ائين بي خبر پنهنجي ويچارن جي لهرن ۾ لڙهندو رهيو هئس، مون ڪرسي جي ٽيڪ تي رکيل ٽوال کڻي پنهنجو پگھر اگھيو ۽ سگريٽ ڪڍي دکايم، ته ٽيليفون جي گھنٽي وڳي، ريسيور کنيم.
    ”هيلو....“ نشا جو آواز هو
    ”چئو نشا“
    اڄ ڏاڍي دير ڪئي اٿئي
    ”ها هڪ ضروري آپريشن هو هاڻي واندو ٿيو آهيان، جلدي اچي ٿو وڃان“
    مون ريسيور رکي ڇڏيو ۽ اسپتال مان نڪري آيس
    رات جو معمول مطابق ڊنر تي گڏ ويٺا هئاسين خبر ڇو منهنجو پاڻ مرادو نگاهون نشا ڏانهن کڄي ٿي ويون ۽ اتي ئي رڪجي ٿي ويون.
    ”وقاص توهان ڪجھ ڏينهن کان اپ سيٽ لڳي رهيا آهيو“
    ”ڪيئن ڀلا، مون الجهندي پڇيو مانس“
    هن منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو، ”توهان منتشر ٿا لڳو، توهان جو هاڻ ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جو بدليل انداز توهانجي بي چيني کي ظاهر ڪري ٿو.“
    ”تون درست آهين، مان اڄڪلھ ڪجھ وڌيڪ ئي زيب ۾ گم آهيان“
    نشا پر خيال انداز ۾ چيو، توهان کي زيب جو ذڪر وڻي ٿو!!
    مونکي به زيب جي ذڪر تي سڪون ملندو آهي، اسان ٻنهي جي وچ ۾ زيب هڪ درد مشترڪ وانگر آهي ۽ اسان جي وچ ۾ شايد سڀ کان وڏي هڪجهڙائي اهائي آهي، پاڻ ٻئي زيب جو ذڪر ڪندا رهنداسين. ڇو ته اسان ٻنهي جو اعلاج به ته اهوئي آهي.
    چيو مانس، نشا تو واقعي ئي مون کي سمجهيو آهي، مان شعوري ۽ لاشعوري طور تي زيب جو لباس ئي پهرڻ چاهيندو آهيان، زيب جي تصور کان سواءِ مونکي ائين لڳندو آهي ته مان ڄڻ اگھاڙو آهيان، نشا خوش ٿيندي چيو ٺيڪ آهي“ اسان هينئر ئي زيب جو ذڪر باضابطا طور تي شروع ڪيون ٿا.
    توهان پنهجيون يادگيريون مون سان شيئر ڪيو.
    مون سگريٽ ڪڍي دکايو، ڊگهو ڪش هنيم ۽ پوءِ چوڻ شروع ڪيم، نشا توکي ٻڌايو هئم نه ته مان جنهن ڏينهن زيب کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هئس ته ان رات اسين ٻئي اڪيلا هئاسين مون وٽ خاطري سان چوان ٿو زيب جي جسم جي لالچ ڪون هئي مون پيار محبت ڀريون ۽ عام رواجي ڳالهيون ڪري وقت گھارڻ پئي چاهيو. مون وٽ ته اها به وڏي غنيمت هئي، جو ان ڏينهن زيب منهنجي سنگ هئي، اسان ٻئي ڪمري ۾ گڏ هئاسين، زيب منهنجي ڀرسان مون وانگي ٽيڪ ڏيئي ويٺي هئي، هن جو هٿ منهنجي هٿن ۾ هو، هوءَ ڪجھ هيسيل ضرور هئي، پر تمام گھڻون خوش هئي، هن جو هيسيل هجڻ فطري هو، ۽ خوش ٿيڻ جو جواز پڻ هن وٽ هو، مون جهڙو چاهيندڙ ۽ خوبصورت نوجوان سندس ان رات جو راڻو بڻيو هو، جيڪا رات پريم پوجا جي رات هوندي آهي، جنهن رات لاءِ هر عورت جنم وٺندي آهي، ها ان رات ڪنوارين جي جسم کي نرواڻ ملندو آهي، جسم تي پريم جا پهريان نقش چٽبا آهن ۽ عورت جو معراج ٿيندو آهي نشا! محبت ۽ جنگ ۾ ڪو به قانون ناهي هلندو آهي، محبت ۾ ماڻهون حق تي هجي يان ناحق تي ماڻهون پاڻ کي صحيح سمجهندو آهي، نشا هي اها رات هئي، جتي سڀ شيون پنهنجون مڃتائون وڃائڻ واريون آهن. هي اها رات هئي، هي اها رات هئي جنهن ۾ زيب جي جسم کي نرواڻ ملڻون هو، نش! ان رات مون زيب کي چيو هو زيب مونسان شادي ڪندين.
    زيب پنهنجو مُنهن منهنجي ڇاتي ۾ لڪائيندي چيو هو، ”اڄ توسان شادي نه ٿي اٿم“ مان کيس ڏسڻ لڳو هئس، هو چوڻ لڳي، ڏسين ڇا پيو؟ سچ ته چوان ٿي، اڄ توسان شادي ته ٿي اٿم، توکي ڪهڙي خبر ته اسان جهڙين ڇوڪرين جي شادي ائين ئي ته ٿيندي آهي، نه دهل وڄندا آهن، نه ڄڃ ايندي آهي، نه مهندي لڳندي آهي نه ساٺ سنوڻ ٿيندا آهن، نه لائون لهبيون آهن نه ڪا سيج سجندي آهي، بس چپ چپاٽ ۾ ڪمري ۾ واڙجي وينديون آهيون، ڪو به اسان جو گهونگهٽ ناهي کڻندو، نه ئي ڪوئي کاڏي مٺي ڪري، اسان جو منهن ڏسي اسان کي شرمائڻ تي مجبور ڪندو آهي بس جيڪو به ايندو آهي اسان جو گهونگهٽ کڻڻ بدران اسان جو چولو مٿي کڻندو آهي ۽ اڳٺ ۾ هٿ وجهندو آهي، ”زيب سڏڪي پئي هئي، پڇيو مانس ”زيب توسان ته ائين نه ٿيو آهي نه؟“ ”زيب چيو هو اڄ نه ٿيو آهي سڀاڻي ٿيندو“
    مان بيڊ تي اٿي ويهي رهيو هئس ۽ آهستگي سان پنهنجي ٽنگ زيب جي ٽنگن تي رکي هئم زيب بلڪل نه ڇرڪي هئي، هو خاموش هئي، مون سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي هلڪو زور ڏنو، زيب هلڪو ساه کنيو چيو مانس زيب تون مون کي وڻين ٿي، ”ٿورو مرڪي چيو هئائين“ ڪوڙا فريبي، چيو هو مانس ”فريبي ٿي سگھان ٿو پر مان ڪوڙو ناهيان.“ زيب هٿ مٿي کڻي چيو هو ”خبر آ خبر، تون ڏاڍو شريف آهين چيو مانس، ”ڇا مان شريف ناهيان“ وراڻيون هئائين، ”نه تون شريف ناهين ها باقي اهو آهي ته تون بدمعاش به ناهين،“
    پڇيو هو مانس ”زيب تون پڙهندين آهين“ ٻڌايو هئائين ته ”ميٽرڪ ڪيو اٿم ڇو؟“
    مون سڌو ٿي ويهندي چيو هو، ” تون پنهنجي ظاهري ڏيک کان وڌيڪ گهرو ٿي ڳالهائين“
    زيب چيو مان اڃان سامائي به ڪون هئس اسان جي ايندڙن مهمانن مون کي بکايل نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو هو، ۽ انهن ئي نظرن مونکي سمنڊن جهڙو گهرو ڪري ڇڏيو هو“
    نشا! ان ڏينهن زيب جي معصوميت کان وڌيڪ ڏاهپ تي پيار آيو هو، مونکي ائين لڳو هو ته مان سترهن سالن جي ڇوڪري سان نه پر ستر سالن جي ڇوڪري سان ڳالهائي رهيو آهيان. ساڳئي وقت مون کي زيب جون ڳالهيو ۽ ادائون موهي رهيون هيون، مان بي اختيار ٿي سندس چهٽي پيو هئس، ڏاڍو پيار ڪيو مانس ۽ هو به مون کي ساڳئي گرم جوشي سان ساڳئي محويت سان پيار ڪندي رهي، اسان پيار ڪندي ڪندي هر ڳاله کان بي نياز ٿي ويا هئاسين، ايتري قدر جو اسان جي جسم تي ڪپڙا به نه رهيا هئا، ان مستي واري ڪيفيت ۾ اوچتو مونکي خيال اچي ويو ته مان جهٽڪو ڏيئي اٿيو هئس، بيڊ تان لهي وڃي، ڪرسي تي ويٺو هئس، منهنجي ذهين ۾ هزارين خوف ويهي رهيا هئا، مون سوچيو جيڪڏهن زيب منهنجي جنسي تسڪين جي ور چڙهڻ کانپوءِ پنهنجون مرڪون وڃائي ويهي رهي ته پوءِ؟ مان اڃان اهو سوچي رهيو هئس ته زيب اٿي مون ڏانهن آئي هئي، زيرو بلب جي هلڪي روشني ۾ به هن جو جسم تجلا ڏيئي رهيو هو، منهنجي پيرن ۾ ويهندي چيائين، ”ڇا ٿيو وقاص؟ مونکان ڪا غلطي ٿي و ئي آهي.“
    ”اوهون. مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو. زيب الاهي ڇو مونکي هي سڀ ڪجھ سٺو نٿو لڳي“
    زيب پڇيو هو، ”اسان گناه ٿا ڪيون ڇا؟“
    مون چيو مانس ”نه هون ته مون لاءِ منهنجو ڪو به عمل گناه ڪونهي، پر الاهي ڇو، منهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ڳاله اڀري ٿي ته ڪٿي مون تنهنجيون مجبوريون ته ناهن خريديون“
    زيب مرڪي چيو ”جيڪڏهن تون رڳو خريدار هجين ها ته شايد مان ائين تنهنجي پيرن ۾ ويٺل نه هجان ها، منهنجو جسم ته ڇا روح به تنهنجو آهي“
    مان چپ ويٺو رهيس، هو اٿي بيٺي ۽ منهنجي وارن ڪنگي ڪرڻ لڳي چيائين، ”تون مونسان پيار ٿو ڪرين نه وقاص؟“ مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو چيائين. ” پوءِ اڄ ان کان اڳ جو منهنجي روح تي رڳو رانڀوٽن جا نشان هجن تون پنهنجي پيار جي گلڪاري ڪري ڇڏ ”مان هڪدم اٿي بيٺس ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀريم ۽ بيڊ تي اچي ويس، پوءِ مون هتي ڪمري جون سڀ لائيٽون ٻاري ڇڏيون، ان کانپوءِ مان جڏهن بيڊ تي آيس ته زيب جي محبت واري روشني ۾ ٻڏي ويس، روشني جي ان راند ۾ مونکي جيڪڏهن ڪٿي ڪا ٽڪاءٌ جهڙي جاءِ نظر آئي ته اهو تر هو، جيڪو زيب جي ساڄي ڇاتي تي هو، مان ان تر کي چمندو رهيو هئس، اهو تر مون لاءِ ڪل ڪائنات هو منهنجو سڄو سنسار هڪ ٽٻڪي ۾ سمائجي ويو هو ۽ اهو تر منهنجي شروعات هو ۽ مهنجي پڄاڻي هو، صبح جو اسان ٻئي جڏهن ننڊ مان جاڳياسين ته هڪ ٻئي جي چهري تي نظر وڌيسين اسان جا چهرا هڪ ٻئي جا آئينه ٿي پيا هئا، اهي آئينه ٻڌائين پيا ته اسان تي سڄي رات رنگ ۽ نور جي برسات ٿيندي رهي آهي، ڏينهن چڙهي آيو هو، اسان جي اندر جي آسمان تي ڪيترائي سج چمڪي رهيا هئا، زيب تيار ٿيندي چيو، ”وقاص! اڳتي مون ڏانهن نه اچجان، مان جنهن دنيا ۾ رهندي آهيان، اها اهڙ دلدل آهي، جيڪا عافيت ته عافيت پر دنيا ئي خراب ڪري ڇڏيندي آهي، تون ڊاڪٽري ۾ پڙهين ٿو. جيڪڏهن تون وڏو ڊاڪٽر ٿي وئين ۽ سماج ۾ وڌيڪ طاقتور ۽ با اختيار ٿي ويندين ته الاءِ ڪيتريون مون جهڙيون زيبون تو وٽان آب حيات ماڻينديون، پر جيڪڏهن تو رڳو مون کي بچائڻ چاهيندين ته شايد تون ٻڏي ويندين، وعدو ڪر وقاص! ته تون منهنجي ڳاله مڃيندين ۽ منهنجو قسم به کڻ....
    مون سندس ڳاله مڃڻ بدران چيو هو ”زيب تڏهن ته چوان ٿو ته هل ته ڀڄي هلي ڪٿي شادي ڪيون.“
    زيب وراڻيو ”مان تنهجو مستقبل بگاڙي پنهنجو ماضي سڌاري ته نه ٿي سگھان نه.“
    مان خاموش ٿي ويو هئس، مونکي اندازو ٿي ويو هو ته زيب ڪڏهن به منهنجي ڳالھ ڪون مڃيندي ۽ مونکي زيب جي لاءِ پنهنجي مستقبل کي شاندار بڻائڻو هو، ء۽ پوءِ نشا، مان زيب جي محبت کي اسم اعظم بڻائي پنهنجي پڙهائي ۾ لڳي ويس، مونکي دنيا جهان جو ڪوبه خيال نه رهيو هو.
    منهنجي توجه هڪ ئي نقطي تي مرڪوز هئي ۽ اهو نقطو منهنجو مستقبل هو، منهنجي زيب هئي ۽ زيب جي ڇاتي وارو تر. مونکي واضح طور تي پوزيشن کڻڻ تي قائد اعظم اسڪالرشپ ملي هئي. مان ڊاڪٽر ٿيڻ جي خوشي ۾ زيب ڏي ويو هئس ۽ زيب کي چيو هئم ”هاڻي ته مونسان گڏجي هل.“
    زيب چيو هو ”تون پهرين اسڪالرشپ تي ٻاهران ڊگري وٺي اچ“
    مان وري موٽي ويس، مان انگلينڊ ويس، گلاسڪو يونيورسٽي مان ڊگري وٺي موٽي آيس، مان هڪ ڀيرو ٻيهر زيب جي اڳيان وڃي بيٺس ۽ ان کان سندس پنهنجو پاڻ گهريو، چيو مانس ” زيب! هاڻي مان سڀ لڪ لنگهي آيو آهيان ۽ هاڻي مونکي منهنجي محبتين جو انعام ڏي.“
    زيب پنهنجي چهري تي سختي پيدا ڪندي چيو هو، ”وقاص صاحب مان ڇا آهيان، تنهنجي لاءِ ته اور کان اور عورتون تنهنجي انتظار ۾ آهن ۽ تون ڪنهن لاءِ ٿو انعام بڻجين. چيومانس زيب منهنجي ڪائنات تنهنجي ڇاتي وارو تر آهي ۽ مان پنهنجي ڪائنات مان دستبردار ڪونه ٿيندس، زيب مُنهن پڪو ڪندي چيو هو، ”وقاص مٽجي ويو آ، سڀ ڪجھ ڪجھ به نه رهيو آ“
    مون چيو ”ممڪن ئي ناهي، ”نقش رهن يا گم ٿين پر تون منهنجي زندگي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندين ته پوءِ شايد منهنجي زندگي نه رهندي“
    ٻڌءِ نشا! مونکي زيب مون جهڙي سرد لهجي ۾ چيو هو، ته مان جيڪا تنهنجي ڪاميابين جو سوچي پنهنجو پاڻ کي زنده رکڻ تي مجبور ڪندي رهي آهيان، اها مان تنهنجي طرفان تنهنجي شفاف زندگي ۾ پنهنجي ميري حياتي ڳنڍڻ لاءِ مجبور ڪرڻ تي مجبور ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيندس. مان ڏڪي ويو هئس، ڇو ته مونکي منهنجي دل چئي رهي هئي زيب جيڪو چوي ٿي اهو ڪري ڏيکاريندي نشا! زيب وٽان واپس اچ مون اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته مان زيب جي ان رويي جي ڪر خودڪشي ڪندس، مون سوچيو هي زندگي به ڪا زندگي آ، جنهنج ۾ زيب ناهي، مان شايد لاشعوري طور انا پرست به ٿي پيو هئس ته زيب کي ڪري ڏيکاريان هن خودڪشي جي ڌمڪي ڏني ۽ مون خود ڪشي ڪري ڇڏي، هون به مون هينئر تائين جيڪو ڪجھ ڪيو هو. اهو ڪنهنجي لاءِ ڪيو هئم زيب کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ئي ته ڪيو هئم، پوءِ مون سوچيو حيف آهي مون تي جو مان ائين ٿو سوچيان، مان خودغرض ڪميڻو ۽ نيچ آهيان مان ڪيڏو نه ناڪاري انداز ۾ سوچي رهيو آهيان هڪڙي پاسي زيب آهي، جنهن مون لاءِ زندگي جون سڀ زلالتون ڀوڳيون آهن پنهنجو سڀ ڪجھ وڪڻي به منهنجو مستقبل روشن رهڻ ڏنائين ۽ مان زندگي جي عظمتن کي حاصل ڪندو رهيو آهيان، پوءِ مان ائين ٿو سوچيان، مان ڪيڏو نه گھٽيا آهيان، جو منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته زيب منهنجي محبت جي گلن جي هٻڪار وساري پنهنجي گندي دنيا جي بدبوءَ تي هري وئي آهي ۽ هو عظيم عورت منهنجي تابناڪ حال ۽ عاليشان مستقبل ۽ بي پليتي جي ور چڙهيل ماضي کي اُجرو رکڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي گندو قرار ڏيئي مون تي هڪ ٻيو احسان ڪري رهي آهي، هو اڃان به منهنجي لاءِ پنهنجو پاڻ کي جياري ٿي ء۽ مان پنهنجو پاڻ کي مارڻ جو سوچي رهيو آهيان.
    نشا! پوءِ بنا ڪنهن کي ڊسٽرب ڪرڻ جي پنهنجي دنيا الڳ ڪري ڇڏي، مونکي ڪڏهن ڪڏهن جنسي گهرج تنگ به ڪندي هئي، ته ”زيب جو تصور مونکي شانت ڪري ڇڏيندو هو“
    نشا کي ايترو ٻڌائي مان خاموش ٿي ويس مون ڏٺو ته نشا جي جي اکين جي ڪنڊن کان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ نشا جو اکيو ڳاڙهيون ٿي پيون ويون هيون ڪافي دير تائين گونگا ڳوڙها وهائيندي رهي هئي پوءِ صبح جو مونکي نشا اٿاريو هو، هو چانه کڻي آئي هئي. مون بيڊ تي پيتي ۽ نشا سمورو وقت خاموش رهي، سندس چهرو به لٿل ٽٽل لڳم، مون چائي ڪپ بيڊ جي ڀرسان رکيل ٽپائي تي رکيو پڇيو مانس ”واٽ از رانگ وٿ يو“
    ”ڪجھ نه“ سرسري انداز ۾ وراڻيائين
    ڪجھ دير ترس وراڻيائين زيب توهان جي نظر ۾ ڇا هئي؟
    ”هو عظيم هئ“
    وات سان ڳٽڪار ڪر انڪار ڪيائين ۽ چوڻ لڳي، ” يان هو عظيم نه هئي يان توهان جا تصور محدود هئا، اها ڪهڙي عظمت چئبي جيڪا ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ کي ذهني طرح نا مرد بڻائي ڇڏي“
    ”چيومانس مان پوءِ به خوش آهيان“
    چيائين ”محبت ماڻهپو ڏيندي آهي ۽ ماڻهون چاهي ٿو مجرد زندگي گذارڻ جي ڄاڻي واڻي ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ ڪيل ڪوشس گناه آهي عورت کان سواءِ زندگي بسر ڪرڻ جو تصور به فطرت جو وڏي ۾ وڏو گناه آهي“
    مون نشا جي ڳالھ تسليم ڪندي چي ”پر مان ته اڪيلو ناهيان مان ته پنهنجي زيب سان گڏ آهيان“
    غلط بلڪل غلط توهان زيب کي سمجهيو ئي ڪون هو زيب توهان جي زندگي ۾ نه آئي جو هوءَ توهانجي زندگي ٻئي انداز ۾ ڏسڻ ۾ پئي چاهي، زيب ته اهو پئي چاهي، توهان جيڪا هن سان محبت ڪيو ٿا اها رڳو توهان تائين محدود نه رهي، بلڪه توهان جي محبت توهانجي ايندڙ نسلن جي تاريخ پئجي ”مون ڳاله جو رخ بدلائيندي چيو. تون اڄ يونيورسٽي نه ويندين ڇا؟“
    ”ها وينديس اڄ ميوزڪ ڪامپيٽيشن آهي ۽ مان به پارٽيسپيٽ ڪنديس، توهان کي خراب ته نه لڳندو نه“ مون مرڪي وراڻيو ”مونکي ڇو خراب لڳندو، تنهنجو گانو مونکي برداشت ڪرڻون پوندو ڇا؟“
    ”خير مان ايترو به خراب ڪونه ڳا ڳائيندي آهيان“
    اڃان! ته تو تاسين جي اولاد مان آهين، مون مذاق ڪندي چيو.
    هو سڄي وسامي وئي، روئيندڙ لهجي ۾ چيائين ڌ، ”مونکي اهائي ته خبر ناهي مان ڪنهن جي اولاد مان آهيان“
    مون چيو ”سوري منهنجو مقصد توکي رنجائڻ نه هو، پر باءِ دي وي، ڇا تو لاءِ اها ڳاله اطمينان جهڙي ناهي ته تنهنجي اولاد کي خبر هوندي ته هو ڪنهن جو اولاد آهن“ هو مرڪي پئي، ۽ شرمائيندي چيائين، ”ڪاش ائين ٿئي.“
    هو يونيورسٽي مان ٿي آئي. شام جو ڪا به خاص ڳالھ ٻولھ ڪونه ٿي. شايد ڪڏهن ڪڏهن خاموشي پنهنجو راج قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي.
    ٻئي ڏينهن مان ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن طرفان سيمينار ڪرايل سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هليو ويس. اسلام آباد ۾ مونکي پنج ڏينهن ترسڻو پيو. مان پنجن ڏينهن کان پوءِ واپس موٽيو هئس. گهر پهتس ته ڊرائينگ هال ۾ مائونٽ ڪرايل تصوير ڏٺم زيب جي تصوير هئي
    مان بي اختيار تصوير ڏانهن وڌيس. ويجهو کان ڏٺم ته تصوير زيب جي نه پر نشا جي هئي، سندس هٿ ۾ ڪو ايوارڊ هو. هڪدم ياد اچي ويو ۽ سمجهي ويس ته پڪ اهو ايوارڊ هن کي ميوزڪ ڪامپيٽيشن ۾ مليو هوندو، نشا جي چهري تي ڪاميابي واري مرڪ هئي ۽ تصوير ۾ ڏاڍو سندر لڳي رهي هئي، مون اتي بيٺي بيٺي نشا کي سڏ ڪيو، نشا پنهنجي ڪمري مان ڊوڙڻ جي حد تائين تيزي وچان مون وٽ پهتي، پڇيو مانس هي تصوير تنهنجي ئي آهي نه!
    نشا کلندي چيو. ”ها ڇو“
    ”مون ٿڌو ساه کڻي چيو، پري کان بلڪل ائين لڳو ڄڻ زيب جي تصوير آهي“
    ”هي تصوير ميوزڪ ڪامپيٽيشن واري آهي، ڪيئن نه سٺ آهي نه ويري بيوٽيفل“
    هوءَ پنهنجي تصوير جي تعريف ٻڌي ٽڙي پئي هئي.
    ٻهڪندي پڇيومانس، ”ماني لڳايان“
    ”نه مان ڊنر ڪري آيو آهيان“
    ائين چئي مان هن کي وش چئي، پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس، بريف ڪيس بيڊ تي اڇلايم، هن منهنجي ڪمري جو دروازي کوليو، ڏٺم ته نشا منهنجي ڪمري ۾ آئي هئي.
    ٽاءِ جي ٽاٽ کي ڍرو ڪندي کيس سواليه نظرن سان ڏٺم.
    منهنجو سگريٽ ڪيس ۽ لائيٽر مون ڏانهن وڌائيندي چيائين،
    ”هي ڊرائينگ روم ۾ وساري آيا هئا وري خوامخواه پريشان ٿيو ها“
    مون سگريٽ ڪيس ۽ لائيٽر ورتا پئي ته مونکي ڏيندي هن جي هٿ مان فرش تي ڪري کلي پيو ۽ سگريٽ نڪري ٽڙي پکڙي ويا، نشا گهٻرائجي چيو، ”آ ايم سوري“
    ”اٽس آل رائيٽ تون ڀلي وڃ مان کڻان ٿو“
    پر هو تيزي سان هيٺ جهڪي سگريٽ ميڙڻ لڳي نشا جي جهڪندي ئي سندس چولي جي ويڪري گريبان مان ڪاري رنگ جي بريزر ۾ گوريو گوريون ڇاتيون گهاٽن ڪڪرن ۾ موجود ٻن جاڙن جنڊن وانگر جهاتيون پائيندي نظر آيم، نشا جي ڇاتي کي ڏسي مان پنڊ پهڻ ڪون ٿيو هئس، ڇو ته مان اهڙين شين جو ڪو به تجسس مون وٽ ڪون رهيو هو، جنهن ڳاله مونکي وائڙو ۽ حواس با خطا ڪيو هو، اهو تر هو جيڪ نشا جي ساڄي ڇاتي جي مٿان. عين ان جاءِ تي مونکي نظر آيو هو، جتي زيب کي به هوندو هو مان بي اختيار نشا جو ڇاتيون گهوري رهيو هئس، نشا بي خبر سگريٽ ميڙي سگريٽ ڪيس ۾ رکي چڪي هئي ۽ کيس اندازو ئي نه هو ته مون سان ڪيڏي نه وڏي واردات ٿي وئي آهي.
    نشا مونکي سگريٽ ڪيس ۽ لائيٽر هٿ ۾ ڏيئي ۽ گڊ نائيٽ چئي هلي وئي پر منهنجي نائيٽ گڊ ڪرڻ بدران بيڊ ڪري هلي وئي مونکان ننڊ رسي وئي، مان سوچيندو رهيس ته ڪيڏو عجيب آهي جو نشا بلڪل زيب جهڙي آهي ۽ زيب وانگر ئي ڇاتي تي پڻ تر اٿس، مان سوچيندو رهيس ڪٿي ائين تي نه آهي ته نشا زيب جي ڌي آهي. نشا جو زيب سان ايترو پيار ڪرڻ به ته ان ڳالھ جو گواه آهي. مان لاڳيتو سوچيندو رهيس منهنجي دل ۾ اها خواهش شدت سان پيدا ٿي رهي هئي ته مان نشا جون ڇاتيون ڏسان ۽ ڇاتين تي موجود اهو تر ڏسان، تر کي ڇهان ۽ چمان، پر مان ائين نه ٿي ڪري سگھيس، مونکي عجيب وغريب خيال ايندا رهيا، مان ٻڏندو ۽ ترندو رهيس، سوچيندي ۽ لوچيندي صبح ٿي ويو. اوچتو منهنجي دروازي جو ڪمرو کليو، نشا چانه جو ڪپ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ مونکي اندازو ٿيو، هل ڀيڻيان ڏينهن ٿي ويو آ.
    ”توهان اڳ ۾ ئي جاڳي ويا آهيو“ نشا چانھ ٽپائي تي رکندي چيو، چانھ رکڻ جي جيئين ئي جھڪي ته سندس ڇاتيون ۽ سندس ڇاتين تي موجود تر هڪ ڀيرو ٻيهر مون تي قيامت ڪرائي رهيا هئا، مونکي الاهي ڇا ٿي ويو مون نشا جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ سٽ ڏيئي پاڻ ڏانهن بيڊ تي ڇڪيو مانس منهجي ان اوچتي حرڪت تي هو ذهني طور به تيار نه هئي، مون هن کي بيڊ تي ڪيرائي پنهنجي هيٺان آڻي ڇڏيو، هو حيرت زده انداز ۾ وائڙي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي هن جي ڦاٽي ويل اکين ۾ تمام گھڻو هو هٻڪندي هن رڳو ايترو چيائين ته ”ڇا ٿيو آ توهان کي“ مون کيس ڪو به جواب ڪونه ڏنو هڪدم سندس گريبان ۾ هٿ وجهندي زور سان ڇڪ ڏنم ته چرڙاٽ ڪري سندس چولو ڦاٽي ويو مون بنا دير جي سندس ڇاتين کي بريزر کان آجو ڪري ڇڏيو نشا ڪو به رد عمل ڪونه ڏيکاريو پهرين هن جي اکين ۾ حيرت هئي، پر پوءِ هوءَ بلڪل خاموش ٿي وئي، ڪا به مزاحمت ڪانه پئي ڪيائين، مزاحمت کي ناراج ڪري ڇڏي ها، مان سڀئي حدون ۽ سرحدون اڪري ڊسمبر جو درياه ٿي ويس، ته پوءِ مونکي سمجه ۾ آيو ته مان اڪيلو نه جون جولاءِ نه هئس پر نشا تي تي به منجهند لٿل هئي، چوڌاري جڏهن ماٺار ٿي وئي ته اوچتو نشا اٿي ٽيبل تان ٽشو پيپر کنيو، رخ مون ڏي ڪندي چيائين زيب سدائين مونکي پنهنجو ڇاتي وارو تر تڏهن ڏيکاريندي هئي جڏهن هو ڪپڙا بدلائيندي هئي ۽ ڏاڍي پيار سان ٻڌائيندي هئيته منهنجو وقاص منهنجي هن تر تي فدا آهي. وقاص هڪڙي رات ۾ منهنجي هن تر کي ايتريون چميون ڏنيون هيون ايتريون ڪنهن حاجي به حجر اسود کي به ڪونه ڏنيون هونديون توهان به جيڪو ڪجھ زيب جي باري زيب جي باري ۾ ٻڌايو ان ۾ گھڻون ذڪر ان تر جو آهي ۽ اهو توهان جو روڳ بڻجي ويو آهي، مونکي ڇاتي تي اصلي تر ڪونهي، اهو تر مون آرٽيفيشل ٺاهيو آهي.
    ائين چئي نشا آڱر وات ۾ الي ڪري پنهنجي ڇاتي واري تر کي آلو ڪي ٽشو پيپر سان مهٽڻ لڳي، مان نشا جي ڳاله ٻڌي وائڙو ته ٿي ويو هئس، پر منهنجي حيرت جي انتها تڏهن ٿي جڏهن نشا جي ڇاتي تان تر ائين گم ٿي ويو، ته جيئان آسمان تان چنڊ الوپ ٿي ويندو آهي، منهنجي حواس تي ڄڻ ڪنهن ڪارپيٽ بم اڇلايو آهي مان ٽئين جنگ عظيم جو ڄڻ تباه ٿيل شهر بڻجي ويو هئس نشا بيڊ وٽان پنهنجا ڪپڙا کنيا، پنهنجو ڦاٽل چولو پاتو۽ منهنجي پير ۾ ڦاٿل پنهنجي بريزر کنئي ۽ ڪمري مان نڪري وئي.
    مان الائي ڪيتري دير تائين بيڊ تي ائين ليٽيل رهيس مان الائي ڪيتري دير بيڊ تي بي سڌ پيو هئس، مون کي ائين لڳي رهيو هو مان اهڙو جواري آهيان
    جنهن پنهنجو مستقبل به هارائي ڇڏيو هجي، مان اهڙو روزيدار هئس جنهن ٽپهري جي وقت پنهنجو روزو ٽوڙي ڇڏيو هوپ لها ٿيين وڌيڪ گھرو ٿي ويو هو، منهنجو من ماتم ڪدو بڻجي ويو هو منهنجي ذهن ۾ هڪڙي سوچ هئي ته آءِ شڊ بي نو مور مون اٿي پنهنجي الماري مان ريوالور ڪڍيو ميگزين لوڊ ڪيم ۽ ريوالور جي نال پنهنجي لوندڙي کي رکي اوچتو دروازو کلي نشا پنهنجي وڏي بيگ سميت ڪمري ۾ داخل ٿي بيگ هيٺ رکيائين ۽ منهنجي اکين ۾ نهاريندين چيائين مونکي خبر آهي ته توهان زندگي کي ڄاتو ئي نه آهي، توهان کي جيئڻ جي مفهوم جي خبر ئي نه آهي، مان وڃڻ جو فيصلو ڪري آئي هئس ۽ هاڻ مان وينديس ئي وينديس، زيب توهان سان شايد ان لاءِ پيار ڪيو هوندو ته توهان کي هن هڪ پيار ڪندڙ شخص سمجهيو هوندو پر ان کي اندازو ئي نه هو ته پاڻ پرست آهيو، مان زيب ناهيان جو توهان سان پيار ڪيان ۽ توهان تي زندگي لٽايان مون دنيا ۾ اهو ئي ڄاتو آهي ته ڪنهن جو ڪوئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ماڻهون جي پنهنجي من ۾ ڪنهن جي ٿي وڃڻ جو سوداءُ سمائجي وڃ، مون وٽ منهنجو مستقبل محفوظ آهيجو زيب پنج سال اڳ منهنجي لاءِ تمام گھڻي رقم فڪسڊ ڊيپازٽ ۾ رکرائي هئي ۽ شهر جي بهترين علائقي ۾ هڪ جاءِ به خريد ڪئي هئي، زيب جا زيور به مون وٽ رکيل آهن، مان چاهيان ته نئين سر پنهنجي زندگي شروع ڪري سگھان ٿي مان پڙهيل آهيان جاب ملي سگھيم ٿي ، عورت آهيان اگھامجي سگھان ٿي، مون وٽ قطعي طور تي توهان کان تحفظ ملڻ جي لالچ ڪونه هئي ۽ نه وري مونکي عورت ڪمزور هجڻ جو ڊپ هو، مان توهان سان ان لاءِ رهي هئس جو توهان زيب سان پيار ڪندڙن آهيو، توهان جي منهنجي وچم جيڪو رشتو آهي مون سمجهو هو ته ان رشتي جو زيب آهي، پر مان وڃان ٿي ڪيڏنهن ٿي وڃان سا مون کي به خبر ناهيپر مان ڪنهن به اهڙي شخص وٽ نه ٿي رهي سگھان جيڪو پنهنجي ذهني الجھن سان پيار ڪندو هجي، حيرت اها آهي ته توهان کي زيب جي وفا ڪڏهن به ڀاءَ نه رهي جيڪا هن جي خوبصورت روح جي بدن تي ڪنهن ابدي ۽ ازلي ستاري جيان سجايل هوندي هئي. زيب جي روح جو اهو تر ڪڏهن به نظر ڪونه آيو، باقي مٽي ۾ ملي فنا ٿي ويندڙ جسم تي موجود تر طلسم توهان تي ڇانيل رهيو، هاڻي ڇا آهي؟ زيب مري ٿي ته! قبر ۾ سندس جسم ڳري ويو هوندو، جتي گوشت ئي نه رهيو هوندو، عضوا ئي نه رهيا هوندا، اتي تر ڪيئن رهيو هوندو، حالتن زيب کي سندس تر سميت فنا ڪري ڇڏيو، اتي ته توهان آپگھات ڪونه ڪيو، پر جڏهن مون پنهنجو تر ماٽائي ڇڏيو ته توهان سڀ ڪجھ فنا ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا آيو، ڪاش توهان زيب بدران نشا سمجهي پيار ڪيو ها، ڪاش توهان آرٽيفيشل تر ڏس منهجي ڇاتين ۾ ڳولهڻ بدران منهنجي جواني منهنجي خو بصورتي ڏسي ڇنا ٿي پئو ها، ڪاش! توهان عام مرد هجو ها ۽ عام انداز ۾ پنهنجي حوس محبت سمجهو ها، ڪاش! توهان پاڻ کي منفرد ۽ عاشق ۽ صادق سمجهڻ بدران هڪ شوقن مزاج سمجهي، مونسان پنهنجو ڏينهن ڪارو ڪيو ها، مونکي بنا مهندي لڳائڻ جي بنا چوڙين پائڻ جي بنا ساٺ سنئوڻ جي بنا گيج لاڏي جي، سهاڳ رات بدران اُجري اُجري ڏينهن ۾ ئي هي ڪارنھ مليندي نرواڻ ملي وڃي ها. مان وڃان پئي ۽ پاڻ تي گولي خرچ نه ڪجو، لاشن تي گوليون ڪون هلائبيون آهن، ائين چئي نشا پنهنجي بيگ ۾ هٿ وڌو ۽ بيگ کڻي وڃڻ لڳي، مونکي ڄڻ ھوش اچي ويو هو. مون ريوالور بيڊ تي اڇلايو ۽ پنهنجو پاڻ کي سندس مٿان اڇلايم، مون دير ئي نه ڪئي. ها سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيم، هو مونکي ڌڪ، چڪ ۽ رانبوٽا هڻندي رهي، پر مان پوءِ به نه مڙيس، هو هڙباني ۽ هيجاني دانهن ۽ ڪوڪن ۾ چوندي رهي، آءِ هيٽ يو وقاص ....آءِ هيٽ يو، مون سمجهيو هو عارضي ڪاوڙ ۾ ائين چئي رهي آهي، پاڻيهي سندس ڪيفيت ۾ ماٺار ٿي ويندي، ان ڪري سندس بي اختيار ڇاتيون چمندو رهيس ۽ سندس سموري جسم تي پنهنجي چپن سان چٽسالي ڪندو رهيس. ان لمحي الاهي ڇو مونکي نشا تي بي انتها پيار اچي رهيو هو. منهنجي دل جي گھراين مان ڦٽندڙ صدا منهنجي چپن مان ڀڻڪي جي صورت ۾ ٻاهر نڪتي، کيس چيم، آءِ لو يو نشا.... پر هن جي آواز ۾ وڌيڪ نفرت ڀرجي وئي هئي، هو چئي رهي هئي، ”آئون ڪنهن به اهڙي مرد سان محبت نه ٿي ڪيان“ جيڪو صرف پنهنجي ذهني الجھن سان پيار ڪندو آهي.... آءِ هيٽ يو...
    ۽ پوءِ هڪ ٺڪاءُ سان نشا جو جسم سرد ٿي ويو، منهنجو بيڊ تي اڇلايل ريوالور نشا جي هٿ ۾ قابو ٿي ويو هو ۽ ان مان نڪتل گولي سندس ڪک مان اڪري، سندس جيت جي تند ٽوڙي چڪي هئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336014
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598204
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ