ڪتاب جو نالو: چنڊ پيرن هيٺ
مصنف: عباس ڪوريجو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 22 جون 2019 ع
پڙهيو ويو: 586 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 165 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عباس جي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي انوکي اوج تي آهي. ٻهراڙڪو ڊڪشن هجي يا مستقبليه ٻولي – هن هر طرح سان ٻوليءَ ۾ تخليقي عمل ذريعي انيڪ رنگ ڀريا آهن.
”ڪن ڪهاڻين ۾ روايتي ٽيڪنڪ هوندي به ڪردارنگاري، علامتي انداز، جملي بازي ۽ سسپينس موهيندڙ آهي. غلام عباس ڪوريجو جي ائين ئي فنڪاراڻا جنون جي وهڪ ۾ روان دوان رهيو ته نئين تناظر ۾ لکيل انوکي لاڙي وارن ڪهاڻي لکندڙن ۾ اوس اڀري ايندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • بئڪ ٽائيٽل
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • اندرَ اور
  • مهاڳ
  • ڪھاڻيون

  • پوڙهو سج
  • باسي گوشت
  • انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر
  • راتين جا رولاڪ
  • وک ٽٽڻ تائين
  • قيامت کان اڳ
  • چنڊ پيرن هيٺ
  • دال، مڇر ۽ ڪتاب
  • پنجين رات
  • وڏو چريو
  • معصوم محبت
  • هڪ ڏينهن جي روزي
  • خلا جو سفر
  • پورهيتن جي پڳ
  • ڊاڪٽر پروفائيل
  • زندگيءَ جا ڳولائو
  • ويهين صديءَ جو وڏو فراڊ ؟!

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چنڊ پيرن ھيٺ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 17 ڪھاڻين تي مشتمل ھن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار غلام عباس ڪوريجو آھي.
    ”عباس جي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي انوکي اوج تي آهي. ٻهراڙڪو ڊڪشن هجي يا مستقبليه ٻولي – هن هر طرح سان ٻوليءَ ۾ تخليقي عمل ذريعي انيڪ رنگ ڀريا آهن. ڪن ڪهاڻين ۾ روايتي ٽيڪنڪ هوندي به ڪردارنگاري، علامتي انداز، جملي بازي ۽ سسپينس موهيندڙ آهي. غلام عباس ڪوريجو جي ائين ئي فنڪاراڻا جنون جي وهڪ ۾ روان دوان رهيو ته نئين تناظر ۾ لکيل انوکي لاڙي وارن ڪهاڻي لکندڙن ۾ اوس اڀري ايندو.“
    ھي ڪتاب 2005ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو. اسان ٿو رائتا آھيون پياري عباس ڪوريجي جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    بئڪ ٽائيٽل

    ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڪتاب نوجوان ليکڪ غلام عباس ڪوريجو جي خوبصورت ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ 17 ڪهاڻيون شامل آهن. هنن ڪهاڻين مان ڪجهه مزاح تي آهن ۽ ٻيون مستقبليه ۽ متفرق موضوعن تي آهن. مستقبليه ڪهاڻيون سنڌي ۾ طارق قريشيءَ لکيون آهن، جنهن ٽرينڊ کي غلام عباس هٿي ڏني آهي. غلام عباس جي ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ پڙهندڙن کي ٻهراڙي جي نج ٻولي، نوان لفظ، لهجو ۽ انداز نظر ايندو. معصوم محبت، وک ٽٽڻ تائين، دال مڇر ۽ ڪتاب مزاحيه ۽ معنوي ڪهاڻيون آهن ۽ غلام عباس مزاح تي سٺي طبي آزمائي ڪئي آهي. مجموعي ۾ شامل هر ڪهاڻي جو پلاٽ مختلف آهي ۽ ڪا به ڪهاڻي سڌيءَ طرح رومانس تي لکيل ناهي. ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڪهاڻين جو ليکڪ غلام عباس قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ 1 مارچ 1983ع تي ڄائو، پاڻ ايڪانامڪس سبجيڪٽ ۾ گريجوئشن ڪئي اٿس. ادب کان علاوه پاڻ ٽن اين جي اوز ۾ صدر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اميد ته هو اڃان به لکندو رهندو.

    الطاف شيخ
    ٽوڪيو جپان


    ارپنا

    • جنم ڏيندڙ هستيءَ ماءُ جي نانءُ: جنهن منهنجي خوشين خاطر ڪيترائي ڏک ڏٺا
    • اوچتو وڇڙي ويل هر دلعزيز شخصيت ماما محمد علي ڪوريجو جي نانءُ







    اداري پاران

    اداري پاران



    غلام عباس ڪوريجو- نئين زماني جي ڳٽور ڪهاڻي نويس جو پهرياتو ادبي Identity card ”چنڊ پيرن هيٺ“ اوهان اڳيان آهي.
    17 مختصر ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ مختلف ٽاپڪستي، ڪنهن قدر غلام عباس ڪوريجي مختلف نگاهه وجهي، کين زندگيءَ جو نئون ساهس ڏنو آهي. مزاحيه ڪهاڻيون هجن يا سنجيده، فيوچر ٽينس ڪهاڻيون هجن يا سسپنسي اسٽوريز، غلام عباس ڪوريجي جو قلم، هر قسم جي ڪهاڻي سان نڀاءُ ڪري ڄاڻي. سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ انهي رنگت جا ڪهاڻيڪار ٿورا آهن، جيڪي گوناگون موضوع ڀلي ڀت لکي سگهن. چئجي ته غلام عباس ڪوريجو نئين ٽهيءَ مان ورسٽائيل ڪهاڻي نويس آهي، جنهن پنهنجي وهيءَ جي بنسبت وڏن موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
    سندس ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي انوکي اوج تي آهي. ٻهراڙڪو ڊڪشن هجي يا مستقبليه ٻولي – هن هر طرح سان ٻوليءَ ۾ تخليقي عمل ذريعي انيڪ رنگ ڀريا آهن.
    ڪن ڪهاڻين ۾ روايتي ٽيڪنڪ هوندي به ڪردارنگاري، علامتي انداز، جملي بازي ۽ سسپينس موهيندڙ آهي. جيترو اعلى ڪهاڻي کڻڻ جو ڏانءُ غلام عباس ڪوريجي ۾ آهي، ڪن ڪهاڻين ۾ ايترو پختو ڪلائيميڪس ناهي ڏئي سگهيو. پوءِ به غلام عباس ڪوريجو جي ائين ئي فنڪاراڻا جنون جي وهڪ ۾ روان دوان رهيو ته نئين تناظر ۾ لکيل انوکي لاڙي وارن ڪهاڻي لکندڙن ۾ اوس اڀري ايندو.
    اوهان جي راءِ ، اسان لاءِ روشنيءَ جي سراءِ هوندي.
    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    26-04-2005


    اندرَ اور

    اندرَ اور
    ننڍڙائپ ۾ ڪٿي پڙهيو هئم ته وڏو ليکڪ ٿيڻ لاءِ ” ويلڊنگ “ سکڻ ضروري آهي، جيئن مختلف خيالن ۽ جملن کي ڳنڍي سهڻي تحرير ٺاهي سگهجي. ٻئي ڏينهن ويلڊنگ مستريءَ وٽ ويو هئس، هو ڪنهن ٽريڪٽر ڊرائيور لاءِ ٽراليءَ جي ويلڊنگ ڪري رهيو هئو، مون غور سان ڏٺو هو ته مستري T.R پٽي کي ٽراليءَ جي ٺهيل خاڪي تي سيٽنگ سان رکي، ويلڊنگ مشين ۾ راڊ وجهي، اکين اڳيان شيشي جو سيفٽي ماسڪ ڏئي، ويلڊنگ ڪري رهيو هو.
    مون ڪتاب ۽ ٽراليءَ کي ڀيٽائي ڏٺو، جن ۾ ڏينهن رات جو فرق هو، مون کي مٿيون جملو ته سمجهه ۾ نه آيو هو پر ان رات اکيون ڳاڙهيون ٿي سُڄي ويون هيون، ان رات اکيون هوندي به مان ڪجھ ڏسي نه سگھيو هئس، ان الميي اڳتي هلي ” انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر“ لکڻ تي مجبور ڪيو.
    شعور جي منزل تي پهچي مون اها ”ادبي ويلڊنگ“ ته سکي ورتي پر ”وڏو ليکڪ“ ٿيڻ واري ڳالهه وقت جي ڌڌڙ ۾ گم ٿي وئي.
    اڪثر ماڻهو ”ننڍڙي ڳالهه“ سمجهي وڏا وڏا هاڃا ڪري وجهندا آهن، کين اها به خبر نه هوندي آهي ته ننڍڙي ماچيس جي تيلي ڪکاوان ويڙهن جا ويڙها جلائي سگهي ٿي. پوءِ به اها غلطي ”آدم“ هر دور ۾ ڪندو آيو آهي، ان ”ننڍڙي ڳالهه“ جا پيروڪار انفرادي ٿي سگهن ٿا ته اجتمائي به. منهنجي عقيدي موجب اها ”ننڍڙي غلطي“ بغداد جي ماڻهن کان به ٿي هئي. بغداد جي مرڪزي ٿاڻي ”باب خراسان“ جي ڪال ڪوٺڙيءَ جي داروغي ”النشار“ جي حيرت جو ڪاٿو، ان وقت لڳائڻ مشڪل هو جڏهن هن ڪفر جي تهمت هيٺ آيل منصور کي عبادت ڪندي ڏٺو هو. چيو هئائينس، ”تون ڪافر، ملحد، خدائي جي دعوى ڪندڙ پاڻ عبادت ڇو ٿو ڪرين؟!“
    منصور وراڻيو هو، ”اسان پنهنجو قدر پاڻ ڄاڻون ٿا!“
    منصور جو نعرو ته ”انا الحق“ هو ۽ ان جي معني ۽ مفهوم آهي، ” مان نه آهيان، حق آهي!“
    ”النشار“ کان وڌيڪ حيرت ۾ مان پيو هئس، جڏهن منصور جي سوانح پڙهي هئم.
    فطرت هميشه مون کي موهيو آهي، اونهاري ۾ شام ويلي سر سبز ٻنين ۾ بيٺل سارين جي فصل جو اوٻر به مونکي ايترو ته عزيز آهي، جيترو ڪنهن بهار ۾ ٽڙندڙ گل. هونئن به موسمن تي ڀاڙڻ اجايو آهي، ڪنهن کي ماڻڻ لاءِ بهارن جو انتظار ڪيسين ڪجي!؟ اصل ڳالهه ”دل جي موسم“ جي هوندي آهي.
    اسڪول لائيف ۾ جڏهن ڀر واري ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ ويو هئس، هڪ ڏينهن رستي تي ڪنهن مونکان منهنجو نالو پڇيو هو، منهنجي ٻڌائڻ تي نعرا هئڻ شروع ڪيا هئائين، منهنجي نظر ڳوٺ جي گهرن جي ڀتين تي لڳل اَلمن کان ٿيندي آڪاش تائين پهتي هئي، ان وقت مون لاءِ اها ڳجهارت هئي پر هينئر مون محسوس ڪيو آهي ته ”جيسين غلام، غلام آهي، تيسين حاڪم به قيد ۾ آهي“. ڇو جو ”ايلچي“ ئي ”سڪندر“ هوندو آهي.
    مون وٽ ڪهاڻي صرف پڙهندڙ کي مصيبتن ۽ لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جو نالو ناهي! ڪهاڻي مون وٽ ”اڪيلائي جي ٽهڪ“ مثل آهي، جتي پڙهندڙ جي گهوريندڙ اکين ۽ خشڪيل چپن تي مرڪن جا پوپٽ ظاهر ٿيڻ گهرجن، اهوئي سبب آهي جو مان ڪهاڻين جي بندوقن ۾ جملن جا ڪارتوس به ڇوڙيندو آهيان، جن ۾ فقط توتڙ ڀريل هوندا آهن.
    رومانس تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، هاڻي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي، موضوعن جي وشال آڪاس ۾ اڏامڻ گهرجي. منهنجي ڪهاڻين جو محور فقط پيار ناهي، منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار راهه ويندڙ وينگس پٺيان ڇيلڙي جيان ناهن لڳي پوندا.
    مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪٿي به پاڻ کي ”ليکڪ“ ڏيکارڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، توڻي جو منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار ٻنيءَ مان گاهه ڪڍڻ کان وٺي خلا ۾ اڏامڻ تائين آزاد آهن، پوءِ به اڄ تائين مون پاڻ کي هڪ سٺو پاٺڪ ئي محسوس ڪيو آهي، سٺو پڙهڻ جو جنون اڄ به منهنجي رڳن ۾ ڊوڙي پيو، جو دل اڄ به ڪيترن ئي اڻلڀ ڪتابن لاءِ پئي سٽون کائي.
    اڄڪلهه ”عجيب“ ڪهاڻيون لکيون پيون وڃن، جن ۾ فقط ذهني خلفشار وکريل هوندو آهي، يا ائين کڻي سمجهو ته ڪنهن چينل شروع ٿيڻ کان اڳ ٽي وي اسڪرين جا ترورا، اهڙيون ته لاشعوري خيالن جون لٺيون وهائي ڪڍندا جو پڙهندڙ کي خبر ئي نه پوندي ته ڪهاڻي ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪٿي ختم ٿي وئي! ٻڌايو ته اهڙي باهوڙيل، وسوڙيل ۽ بتاڙيل لکڻي پڙهندڙ ڪيئن پڙهي؟ تجريد ۽ علامت ته پري پر پاٺڪ ڪڏهن ڪڏهن ويٺو استعمال ٿيل استعاري تي سوچيندو، اهڙي ماحول ۾ جڏهن پڙهندڙ آڏو سمورو ڪتاب علامتي ڪهاڻين ۽ تجريدي مام جي ڪپڙي ۾ وڪوڙيل پيش ڪجي ته پڙهندڙ ٻئي هٿ مٿي کي نه ڏيندو ته ڇا ڪندو!؟
    ”چنڊ پيرن هيٺ“ منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو اوهان جي قدردان هٿن ۾ آهي، بقول طارق قريشيءَ ته ”هي منهنجا تجربا آهن“ ۽ اهي تجربا مان 1998ع کان ڪندو پيو اچان. امر جليل پڙهڻ کان پوءِ اتساهه پيدا ٿيو، پوءِ طارق قريشي، نور الهدي شاهه، طارق اشرف، نسيم کرل ۽ ٻيا پڙهيا،پر طارق قريشي جي مستقبليه ڪهاڻين اهڙيون ڪهاڻيون لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ پوءِ اهو ادبي سفر اوهان آڏو آهي.
    اوهان سان اندر اورڻ لاءِ اڃا دل گهري پئي پر ان کان اڳ جو اونداهي اندر ۾ ڪاهي پئي، منزل ڌنڌ پاڇن ۾ گم ٿي وڃي، رنگ فرش تي هارجي وڃن ۽ ڪينواس ڪورو رهجي وڃي، دلين جي روح رهاڻ ۾ ريٽيل هيءَ اندر اورَِ دوستن جي نالن سان ”ٻيءَ وک“ تائين ماٺي رکان ٿو.
    آخر ۾ انهن دوستن جا نانءَ ضرور ڳڻائيندس جن مونکي هن منزل تي رسائڻ ۾ همٿايو، جن ادبي دوست ۾ استاد اياز حسين ابڙو، رياضت ٻرڙو، سعيد سومرو، فيض گل، ”ڀائو درمحمد ٻرڙو، ديدار ”ديوانو“، نورالحق، سيف الحق سيف، قمر الدين قمر، نادر ڪوريجو، گلزار جوڻيجو، جانزيب، سائين بخش قبولائي ۽ مرحوم غلام مصطفي ڦرڙو (جنهن جا خط مون لاءِ فخر جو باعث آهن)، شامل آهن ۽ ذاتي دوستن ۾ رفيق احمد نائچ، منظور علي ڪنڀر، نظير ڪوريجو، (ڊاڪٽر پروفائيل، ) ارشاد ڪوريجو، عبدالجبار ابڙو، عبدلسلام جوڻيجو، نوشاد ڪوريجو، ناصر کوکر، ضمير گوپانگ، احمد نوازکوسو ۽ ٻيا کوڙ سارا ساٿي.
    مان نهايت مشڪور آهيان ”سنڌ جي سند باد“ الطاف شيخ صاحب جو، جن مصروفيتن باوجود بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. طارق قريشي صاحب جن جا به وڙ، جن مهاڳ لکي ڏيڻ جي عنايت ڪئي ۽ سا به پنهنجائپ سان ۽ هي خاڪسار مشڪور آهي، اداري ڪنول پبليڪشن قنبر جو، جن مجموعو ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پڄايو.

    ادب جو شاگرد
    عباس ڪوريجو


    مهاڳ

    مهاڳ
    ڊيئر غلام عباس ڪوريجو!
    مهاڳ طور هي خط توکي لکي رهيو آهيان، اميد ته قبول پوندو.روايتي انداز ۾ ٻه اکر لکڻ سان فقط رسمي ڳالهيون لکجن ها، سو الائي ڇو مون کان
    ڪونه پڳو، ان کي حجت سمجھين يا منهنجي سهل پسندي، پنهنجائپ جي صدقي درگذر ڪجانءِ تنهنجي درجن کن ڪهاڻين کي هڪ جاءِ تي پڙهڻ جو موقعو مليوان جي ڏاڍي خوشي ٿي ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالھ جي ٿي ته تون به ”جڳ جھڙو“ ٿي وئين، يعني تنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو شايع ٿي رهيو آهي . تهائين وڌيڪ راحت ملي ٿي ان احساس سان ته سنڌي ڪهاڻين کي هڪڙو ٻيوڪنٽريبيوٽر مليو.
    تنهن ڪري ڊيئر! توکي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ تي کوڙ کوڙ مبارڪون هجن.. تنهنجيون اڪثر ڪهاڻيون وڻڻ جھڙيون آهن ۽ انهن ۾ ڪجھ ڪهاڻيون محسوس ڪرائن ٿيون ته تنهنجي اندر ۾ هڪ پختو ڪهاڻيڪار ويٺو آهي آئون بلاشڪ ان ڳالھ کي سمجھان ٿو ته ڪهاڻيڪارن بلڪ اڪثر ليکڪن کي لکڻو به پوندو آهي ۽ ڇپرائڻو به پوندو آهي ، ڇپرائي وري وراهئڻو به پوندو آهي، پر ان جي باوجود کين سندن ڪهاڻين يا لکڻين بابت گھڻي انڪريجمينٽ نه ملندي آهي اسان جي قسمت ۾ سٺا نقاد آهن ئي ڪونه شايد تنقيد جي کوٽ جو به اهو ئي ڪارڻ آهي مون کي به تنقيد ڪرڻ ڪونه ٿي اچي تنقيد، جنهن لاءِ ادب جون لغتون ”انصاف“ جو مفهوم ڪڍن ٿيون تنهن ڪري مهرباني ڪري منهنجي راءِ کي حرف آخر نه سمجھجانءِ ٺيڪ آهي نه؟!
    تنهنجي ڪجھ ڪاڻين ۾ ”جن جو اڳتي ذڪر ايندو“ مون کي ڏاڍو مزو آيوانهن لاءِ ايتو ئي چوندس ته پڙهندڙ جڏهن اهي ڪهاڻيون پڙهندا ته کين وڻنديون، جو انهن ۾ تون ميچوئر ڪهاڻيڪار نظر اچين ٿو، گھڻي واکاڻ ان لاءِ نٿو ڪريان ته تنهنجا پاٺڪ پاڻهي، انهن ڪهاڻين جي خوبين کي محسوس ڪري وٺندا..
    تو سائنس فنڪشن تخليق ڪيو آهي يا ڪوشش ڪئي اٿئي، جنهن جون توکي مبارڪون هجن، پر چنڊ پيرن هيٺ ۽ خلا جو سفر ڪهاڻين جي تعريف ڪرڻ سان گڏ اهو به چوندس ته ان ڳالھ جو ضرور ڌيان رکجي ته، تجربن جي اڏيءَ تي ڪٿي اسان آرٽ کي ته قربان ڪونه پيا ڪريون سائنس وجھي فڪشن کي گم ته ڪونه پيا ڪريون؟
    انهن ٻنهي ڪهاڻين جي باري ۾ مان آئون ايترو چوندس ته تو بجا طور تي انهن ڪهاڻين کي خلوص سان لکيو آهي ۽ محنت ڪئي آهي، پر تنهنجي قلم جي پختگي انهن ڪهاڻين مان نه، پر تنهنجي ٻين ڪهاڻين مان ظاهر ٿئي ٿي، جن جو آئون اڳتي هلي ذڪر ڪندس، هِتي بس ايتو ئي چوندس ته جيڪڏهن تون چِپ جي ايجاد ۽ جينوم پراجيڪٽ جي کي پنهنجا موضوع بڻائين ها ته اهي موضوع ڏاڍا وقتائتا ٿين ها ۽ ڪيترن ئي پيڙهين تائين تازا ۽ خوشبودار رهن ها .
    ذڪر ڪيل ترقيءَ، ويهين صديءَ جي آخر ۾ ٻئي ملينيم کي تاريخ ساز بنائي ڇڏيو هو، ڇو ته بني نوع انسان جي اتهاس ان کان وڌيڪ ايڏي ترقي نه ڪئي يا ڏٺي هئي.
    تنهنجي ڪهاڻي خلا جو سفر ۾ اشارتا ”چِپ“ جو ذڪر ملي ٿو ته هُن ليب ٽاپ ذريعي فرج ۽ ٻيو سامان بند ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو هن کان بند ڪرڻ وسري ويو هو..
    ان کي اڃان وضاحت سان ڄاڻائين ها ته وڌيڪ مزو اچي ها ڇو ته اها پڪ آهي ته هاڻي مائڪرو چپ ذريعي هر قسم جي برقي ۽ برقياتي اوزار کي توهان سيٽلائيٽ ذريعي ڪٿان به ويهي آپريٽ ڪري سگھو ٿا. ممڪن آهي ته ڏهن پندرنهن ورهن کان پوءِ توهان پنهنجي گھر جا ،روم ڪولر، پکا، ٽيوب لائيٽ، استري، فرج، هيٽر، گيزر وغيره پنهنجي موبائيل فون يا وري ڪنهن ٻي ننڍڙي اوزار سان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويهي آن آف ڪيو..... ۽ اهو جلد ٿيڻو آهي.
    تنهنجي ٻن ڪهاڻين ”هڪ ڏينهن جي روزي“ ۽ باسي گوشت ۾ الائي ڇو هڪجھڙائي نظر آئي. مونکي ٻئي ڪهاڻيون الڳ الڳ فليور ڏئي نه سگھيون آهن. ان کان علاوه اهو به چوندس ته ڍونڍ کائڻ وارا يا بيمار گوشت وڪڻڻ وارا ڪردار ڏاڍا ورجايل آهن. ڪو شڪ ناهي ته تون نئين مان اهي ڪهاڻيون آهن، پر اهي موضوع تنهنجي ڪوششن کي گھڻو نه ڪري سگھيا آهن. ها، ايترو ضرور آهي ته تون هر قسم جي موضوع سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري پنهنجا ”هٿ گرم“ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪهاڻيءَ جو فن به ميٿيميٽڪس وانگر آهي. پريڪٽس ڪندا رهو ته ٺيڪ نه ته آهستي آهستي وسرڻ لڳندو آهي. جيڪڏهن ڪو ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ٿو ته، ڪجھ نه ڪجھ ٻيو لکندو رهي، نه ته مُرڳو هن کان لکڻ وسري ويندو.
    تو ڏاڍو سٺو ڪيو آهي. تو جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو آهي، آئون سمجھان ٿو ته لاڳيتو لکندو رهيو آهين. مختلف رسالن ۾ آئون تنهنجون ڪهاڻيون پڙهندو رهيو آهيان. تنهنڪري منهن جو خيال آهي ته توکي انهي ضرور فائدو ڏنو هوندو.
    تنهنجون ٽي ڪهاڻيون ”وک ٽٽڻ کان اڳ“ ، ”قيامت کان اڳ“ ۽ ”ويهين صدي جو وڏو فراڊ!“ پڻ بهترين احاساتي ڪهاڻيون آهن، جن ۾ فن خوبي به آهي ته پڻ، انهن ڪهاڻين مان تنهنجي نفيس سوچ ۽ ”مٺي درد“ کي پروڙڻ جو موقعو ملي ٿو، جيئن بيروزگاري جھڙو معاشي مسئلو ۽ هلڪي طنز ۾ ڪهاڻي ”وک ٽٽڻ تائين“ جي اڻت. يقين ڪر! تنهنجي ڪهاڻين ۾ طنز جون ڪتڪايون پڻ رکن ٿيون.
    ”قيامت کان اڳ“ ڪهاڻي ۾ ننڍڙي ڇوڪر جا احساس ۽ معاشري جي مدي خارج رسمن ۽ ويساهن کي ننديو اٿئي، ”ويهين صدي جو وڏو فراڊ!“ پڻ نواڻ رکي ٿي!.
    ڪهاڻي ”انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر“ ۾ اختتامي جملا تنهنجي ڪهاڻي سان نه ٿا ڪن. وائينڊ اپ غير ضروري طور جذباتي ۽ بيگانو ڪيو آهي آهي. وائينڊ اپ غير ضروري ۽ بيگانو آهي. شايد تو کي ڪهاڻي لکڻ وقت ان جو انجام واضع ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ پوءِ ”جيئن آهي ۽ جتي آهي جي بنياد تي“ تو ڪهاڻي کي گھمائي ويڙهي سيڙهي بند ڪيو آهي.
    تون پنهنجي اها ڪهاڻي شروع کان آخر تائين پڙھ ۽ پوءِ ٻڌاءِ ته جنهن جي زال گذاري وڃي ۽ هڪڙو پٽ نابين ۽ ٻيو ذهني طور ڪمزور هجي، (اهو شخصپڙهيل لکيل به آهي) ته ڇا هو ان سڄي تڪليف جو ذميوار پنهنجي خراب قسمت کي سمجھندو يا ان لاءِ معاشري کي ذميوار قرار ڏيندو؟ ان جو مطلب ته سونامي جي تباهين جو ذڪر ڪري اسان آمريڪا تي لاعنتون ملامتون ڪيون ته اهو سڄو ڪم جاج بش (ثاني) جو آهي، جنهن اشاري تي سونامي طوفان آيو ۽ لکين هزارين ماڻهو ماري ڇڏيائين!؟
    اِن کان علاوه ڊيئر! جيئن تنهنجي ٻين ڪهاڻين ۾ ڪافي ننڍيون ننڍيون غلطيون سواليه نشان بڻيل آهن، تئين ذڪر ٿيل ڪهاڻي ۾ به تو کان ٿي وئي آهي. سيزرين دوران ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪرداري زال ثنا پٽ ڄڻڻ کان پوءِ مري ٿي وڃي ۽ ڊاڪٽرياڻي اچي اهو ٻڌائي ٿي ته ماءُ گذاري وئي ۽ ٻار نابين پيدا ٿيو آهي. گھٽ ۾ گھٽ ٻن اڍائن مهينن تائين ڪنهن کي اها خبر ڪانه پوندي آهي ته ڄاول ٻار نابين آهي يا ٻي ڪا اٿس. ٻار جڏهن ٻن ٽن مهينن جو ٿيندو، تڏهن والدين يا ڪو اهو هوريان هوريان وڃي اندازو لڳائيندو ته ٻار ۾ ڪهڙي ڪهڙي آهي.
    هلڪي ڦلڪي مزاح سان تنهنجون ڪجھ ڪهاڻيون، جن ۾ ”معصوم محبت“ ۽ ”دال، مڇر ۽ ڪتاب“ سٺي تفريح جو ذريعو آهن. انهن ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ ليکڪ ۽ ان جي لکڻين جي خوش طبعيءَ جو اندازو ٿئي ٿو. سو آئون تنهنجي زنده دلي کي ڪيان ٿو ته مون کي تنهنجيون ٻئي ڪهاڻيون گھڻي مدد ڏين ٿيون. انهن ٻن ڪهاڻين سان گڏ ”ڊاڪٽر پروفائيل“ پڻ تنهنجي بذله سنجي ۽ تنهنجي قلم جي خوشدليءَ کي محسوس ڪرائن ٿيون. ”ڊاڪٽر پرو فائيل تنهنجي سٺين ڪهاڻين مان هڪ آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته تنهنجي ڪهاڻي ”ڊاڪٽر پروفائيل“ پڙهڻ کانپوءِ بي اختيار منير احمد جي ڪهاڻي ”حويلي جا راز ياد اچي وڃي ٿي.
    سو، بلاشڪ ته ”ڊاڪٽر پروفائيل“ نسبتا بهتر ڪهاڻي آهي ۽ ان جو اڃا به مزيدار ٿي سگھيو پئي، پر افسوس تنهنجي ڪتاب يا ڪهاڻين کي سٺو ايڊيٽر نه ملي سگھيو آهي. مون تنهنجيون ڪهاڻيون پڙهندي بار بار اهو خيال پئي آيو ته اهي ڪهاڻيون باقاعدي ٿين ها ۽ پاڻ جيڪڏهن گڏ هجون هان ته انهن ڪهاڻين کي ضرور ڪريون ها.
    ان کان علاوه هر ڪهاڻي جي عنوان تي غور ويچار ڪيون ها ۽ اهو به ته تنهنجي ڪهاڻين جا نالا ڪجھ رکون ها ۽ ڪتاب جو ٽائيٽل ڪجھ ٻيو سوچون ها. سچ ٻڌايانءِ ته مون تنهنجي سمورن ڪهاڻين ۾ سڀني کان جيڪي سٺيون ڪهاڻيون لڳيون آهن انهن ۾ ”ڊاڪٽر پروفائيل“ کانسواءِ ”پوڙهو سج“ ”پورهيتن جي پڳ“ ”راتين جا رولاڪ“ ۽ ”وڏو چريو“ شامل آهن. جيڪڏهن مون کان صلاح وٺين ها ته مان تنهنجي ڪتاب جو نالو پوڙهو سج رکان ها.
    باقي تنهنجي ڪهاڻي ”زندگي جا ڳولائو“ ۾ ڪابه نواڻ نظرڪونه آئي. الائي ڇو هاڻي اهي موضوع بيزار ٿا ڪن. روزانو اهڙيون ڪهاڻيون ۽ ڊراما پڙهڻا پون ٿا جن ۾ هڪڙو ظالم زميندار ۽ مظلوم هاري آهي ۽ ظلم ته اهو آهي ته ظالم زميندار ايڏوڪمينو ڏيکاريو وڃي ٿو جو ٻار جي هٿ مان لالي پوپ ڦرڻ کان وٺي، هارياڻي جي لڄ لٽڻ تائين ۽ پاڻيءَ جي چوري کان وٺي مُلڪي راز چوري ڪري، دشمن ملڪ کي وڪڻڻ تائين سڀ ڏوھ اهو اڪيلو ٿو ڪري ۽ هاري ايڏو گگدام آهي جو هن کي خبر ئي نه ڪونهي ته ماني وات سان کائبي آهي يا نڪ سان! اسان جي ليکڪن کي ٿوري صلاح ڏيون ته ٻه ٽي ڏينهن ظالم زميندار کي ڪرڻ جو موقعو ڏين ۽ ڪجھ ٻين مسئلن کي به کڻن.
    يار غلام عباس! توکي آءُ ڇا ٻڌايان ته سنڌ جي اڪثر ليکڪن وٽ هاڻي عيوضو، ڪڪڙن جي ميل ۽ ڏاندن جي گوءِ کان وڌيڪ ڪو موضوع ئي نه رهيو آهي. سو تون ئي مهرباني ڪري انهن کي سمجھاءِ ته ڪجھ ٻيون شيون به ڏسن. دنيا ۾ تمام گھڻا واقعا ۽ لقاءَ ٿينٿا، اهي به اهميت گھرن ٿا، انهن تي به قلم کڻڻ گھرجي ۽ هر پل بدلجندڙ دنيا جا نت نوان قدر ۽ ڪيفيتون اک ۾ رکڻ گھرجن. تنهنجي ڪهاڻين ۾ ”پنجين رات“ ڪهاڻي پڙهندي مون کي هڪڙي انڊين مووي ”ليڪن“ ياد پئي آئي. سڄي ڪهاڻي ان تجسس وچان پڙهيم ته هن ڪهاڻي ۾ تو ضرور قسم ڪرادار قوتون شامل ڪيا آهن. ڏاڍي ڪا قسم جي ڪهاڻي هوندي. ضرور ڪو فلسفياڻو نقطعو يا رکي هوندس، پر نه ڪهاڻي پوري ٿي، پنجين رات جي ڪٿا ختم ٿي وئي، ڪهاڻي جو آخري ڇيڙو هٿ ڪونه آيو سو ڪونه آيو. ڪهاڻي جو مقصد به سمجھ ۾ ڪونه آيو ته آخر تو ڇا ٿو ڪرين. آئون ۾ لکڻ پسند ڪندو آهيان ۽ علامتي ڪهاڻيون جن ۾ ڪافڪا جون به ڪهاڻيون آهن، شوق سان پڙهندو آهيان. شاعري ۾ ذيشان ساحل به هضم ڪري ويندو آهيان پر يار شيون مٿي کان گذري وينديون آهن. منهنجي خيال ۾ آرٽ اهو ئي آهي ته ڳالھ سادي به نه هجي جو ”اڳ دي سڻيل هووي“ ۽ ايڏي به نه هجي جو ”ڌڪ منهنجو به ياد رکندين“ واري صورتحال ٿئي. آرٽ پنهنجي ڳالھ کي اھڙي هنر ۽ ڍنگ سان ڪرڻ جي ڏانءَ کي سڏيو ويندو آهي، جو ٻڌندڙکان اها ڳالھ ڪڏهن به نه وسري ۽ جيڪڏهن اها ڳالھ اهو ٻڌندڙ ڪنهن ٻي کي ٻڌائي ته ان ئي اسلوب ۽ پيرائي ۾ ٻڌائي جيئن اصل ڌڻيءَ اها ڳالھ ڪئي هئي.
    قصو مختصر ته تنهنجي ڪهاڻين ۾ ٻولي ۽ گرامر جي ننڍين وڏين چُڪن، طوالت، غير محسوس اختصار، ابهام، ٻين ڪهاڻيڪارن جي ٻوليءَ جو اثر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي باريڪون ٿيڻ ضروري هيون. تنهنجي ڪهاڻين کي ۽ توکي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار دوست گائيڊ رهنما جي ضرورت آهي، جيڪو توکي تنهنجي هر ڪهاڻي تي ايماندارانه راءِ ڏئي ۽ اصلاح ڪري.
    غلام عباس آئون تنهنجي ڪهاڻين مان مايوس ڪونه آهيان، پر آئون چاهيان ٿو ته تنهنجو لهجو، زبان، آهنگ لکن ۾ پڌرو هجي. منهنجي خيال ۾ تنهنجيون هيل تائين لکيل ڪهاڻيون تنهنجا مختلف تجربا آهن، جن مان توکي انداو ٿي ويو هوندو ته تنهنجو اسلوب ۽ مزاج ڪهڙو آهي.
    تون پنهنجي اسلوب ۽ مزاج کي گرفت ۾ آڻ، ڪهاڻي خودبخوب تنهنجي گرفت ۾ اچي ويندي.

    طارق قريشي
    ڪراچي
    24 مارچ 2005


    ڪھاڻيون

    پوڙهو سج

    پوڙهو سج
    چنگچيءَ تان هيٺ لٿو، کيسي ۾ هٿ وجهي پنج روپيه ڪرايو ڪڍي چنگچي ڊرائيور کي ڏنائين،آڏو واري سيٽ تي هن جي ڀرسان ويٺل پوڙهي به لڪڙ جي مدد سان هيٺ لٿو، ٿاٻڙجڻ ڪري هيٺ ڪري پيو.
    ”پوڙهو شل ڪتو به نه ٿئي!هي به ڪا زندگي آ....! مان ته هن کان اڳ۾ ئي پاڻ ماري ڇڏيندس.“چنگچي ڊرائيور هن کي چيو، هو ڪجهه چوڻ بنا شهر ڏي رڙهي ويو،مسافر خاني وٽان لنگهندي ڇڇڪر جو آواز ٻڌائين،
    ”ڪاڏي پيارا! مُندَ مٽايو وڃ!؟مسافر خاني جي در وٽ بيٺل کدڙي چيس.
    هو ڪنڌ هيٺ ڪري اڳتي رڙهي ٿو، پويان آواز ٿو اچيس،
    ”هونهه......! حرامي پاڻ پنج منٽ پوئتي آهي.“
    سرڪندي اچي مين روڊ تي چڙهيو، هڪ رڪشو رانڀاٽ ڪندو هن جي ڀرسان گذري ويو،”زندگيءَ جو محور فقط“ رانڀاٽ“ ئي آهن، جيڪي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين نصيب جي ڪتابن ۾ لکيل آهن.“
    مين روڊ تي موٽر گاڏيون، هڪ ٻئي کان اڳ ڪنڍڻ جي آس ۾ هارن هڻنديون،اور ٽيڪ ڪنديون رهن ٿيون، بنان هن سوچ جي ته ”منزل“ کان پوءِ زندگيءَ جو زوال هوندو آهي،هر ٺهيل شيءِ اوس ٽٽڻي هوندي آهي، نواڻ جي محور پوڙهائپ آهي، هر نئين شيءِ پوڙهائپ ڏي ڊڪي ٿي ۽ پوڙهائپ زوال آهي.
    دوست جي سگريٽ_ مانڊڙيءَ وٽ بيهي ٿو،کيڪاريندي ڀاڪر پائيس ٿودوست.
    ”ڪٿي ٿو رهين صاحب!؟يونيورسٽي وين ته ويندين ڪاڻ، سنگت ساٿي کي منهن ڏيکاريو آهي !“
    ”بس اڪثر ڌوئڻ به وسري وڃين ٿو، ڏيکار ڇا ڪيان!؟“
    ”يونيورسٽي ۾ رهي ٽوڻا سکي ويو آهين!“
    ”وقت وڏو”استاد“ آهي،ڪنهن کي پاپ ۽ پنڃ ته ڪنهن کي ڪرب ۽ ڪردو سيکاري ٿو ڇڏي، ڇو جو زندگي اهو تلخ لفظ آهي، جنهن کي اچارڻ سان چپ به پاڻ ۾ نه ملندا آهن.“
    ”يار ڇڏ انهن مايوسي جي ڳالهين کي ! لهي ويهه ته چانهه گهرائي پيئون! ڇهن مهينن کان پوءِ مس مليو آهين ۽ اڄ ته مان توکي مٺائي به کارائيندس!“
    ”ڇو ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا!؟؟
    ”ها يار ايڏي وڏي خوشخبري آهي جو مونکي هاڻي پنهنجو جيون سڦل پيو لڳي،ڪالهه منهنجي گهر چئن نياڻن پٺيان پُٽ پيدا ٿيو آهي!“
    ”اهو هڪ ڏينهن به ويچاري جو کٽي ويو، اهو هڪ قدم به پوڙهائپ ڏي وڌي ويس، جيئن هر شيءِ پوڙاهئپ ڏي ڊڪي ٿي.“
    ”يونيورسٽي تنهنجي دماغ ۾ علم نه پر توتڙ ڀري ڇڏيا آهن.... ڇهن مهينن کان ظاهر نه ٿيو آهين، ڳوٺ ڪڏهن پهتو آهين؟“
    ”شبير دنيا ۾ آئي ته ٻاويهه سال، ڇهه مهينا ،چوڏهن ڏينهن ۽ چار ڪلاڪ ٿيا آهن پر ڳوٺ پهتي هفتو گذري ويو آهي.“
    ”لڳي ٿو ته تون پاڻ ڪريڪ ٿي ويو آهين يا مونکي ڪرڻ گهرين ٿو، اڳي ته ائين نه هوندو هئين، کل مک هئين، توکي ڇا ٿيو آ سَلامَ!“
    شبير يار! وقت مونکان ”ٽهڪ“کسي ورتا آهن، مون خوشين جا جهول ڀرڻ چاهيا ها پر وقت مونکي خالي ڪشڪول ڏنو،شبير!وقت ڪنهنجو ڀاءُ يا دوست ناهي!!!“
    ”سلام آخر توکي ڇا ٿيو آ!؟“ شبير چانهه جو اڌ ڪوپ رکندي پڇيس ٿو،
    ”سلامُ، هاڻي ٽهڪ پروف ٿي ويو آهي،ها يار شبير !مونکان کلڻ وسري ويو آهي،وسري ويو آهي مونکان!!!“
    ”يار سلام ٻڌاءِ هاڻي منهنجي دل به صبر نه پئي ڪري سگهي.“
    ”شبير منهنجو بابا جاني هاڻي هتي ناهي رهيو!! ۽ مان بدنصيب سندس آخري ديدار به نه ڪري سگهيس!!“
    ”هان! ڪڏهن؟؟؟“ شبير چوءڪندي پڇيس ٿو،
    ”هڪ هفتو اڳ........منهنجون اکيون سندس نيڻ پسڻ بنا رهجي ويون“سلام سڏڪندي کيس ٻڌائس ٿو،“بابا جاني جو خلوص ۽ پيار مونکي هر موڙ تي ياد رهندو، مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن بابا يونيورسٽي اسٽاپ تائين ڇڏڻ هليو هئو..........
    پٽ سلام!مونکي افسوس آهي جو منهنجا هي هٿ تنهنجي سٺي اعلٰي تعليم جيترو پوڙهيو نه ڪري سگهيا پر پوءِ به سمجهان ٿو ته تنهنجي رستي جا پٿر ضرور ميڙيندا.“
    ”نه بابا! ائين ته نه چئو!اڄ مونکي فخر آهي ته هڪ هاري جو پٽ يونيورسٽي پڙهڻ وڃي ٿو.“
    ”ها پٽ! تنهنجي گاڏي هاڻي تيار آهي، ڌڻي نگهبان اٿئي،مونکي واپس به ورڻو آهي، چڻن ۾ گاهه وڌي ويو آهي، اهو ڪڍڻو آهي.“ بابا چيو هو ۽ مونکان موڪلائي ڳوٺ ڏي موٽي ويو هو،مونکي بابا جي پورهيت هٿن ۽ دور انديش جهونڙين اکين جو قدر هو، مون پنهنجي ذهن ۽ وت آهر خوب محنت پئي ڪئي، جو بي.اي اڪنامڪس ۾ پوزيشن نه سهي پر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي هئم،ٽي سال گذري ويا پر مونکي خبر ئي نه رهي ته ڪٿان منهنجي خرچ لاءِ پئسا ايندا هئا! ڪڏهن ڪار ٻه چار ڏينهن پئسن ملڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پئسن سان گڏ بابا جي چٺي به ايندي هئي، جنهن ۾ لکيل هوندو ته، ”پٽ! ٻيهر دير نه ٿيندي!“
    ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽي جي دوستن مجبور ڪري، پاڻ سان گڏ ٽوئر پروگرام تي وٺي ويا،۽ هتي بابا جي طبيعت به خراب ٿي وئي، منهنجو هڪ سوءٽ مونکي اطلاع ڏيڻ هاسٽل تي آيو پر کيس ٻڌايو ويو ته مان ٽوئر تي ويل هئس،هو پيغام رکي واپس هليو ويو.مان جيئن ئي ٻن ڏينهن بعد دوستن سان هاسٽل تي پهتس ته ڀرسان واري روم ۾ دوست منهنجي سوءٽ جو ڇڏيل پيغام ڏنو،ان وقت ئي ڳوٺ اچڻ جي تياري ڪري، گاڏي پڪڙيم پر ڳوٺ پهچڻ تي مونکي احساس ٿيو ته مون ڪيڏي دير ڪري ڇڏي هئي،وقت آبشاري پاڻي جيان ڪيترو تڪڙو لڙهي ويو هو، منهنجو انتظار ڪندي ڪندي ، نيٺ تدفين ڪئي وئي، ڳوٺ پهتس ته فقظ ”رانڀاٽ“ ئي ٻڌا هئم ،”رانڀاٽ“ جن ۾ نج ڄاڻ ڪيتريون آسون، اميدون،خواهشون ۽ منزلون گم ٿي وينديون آهن ۽ مون به انهن ۾ پنهنجو مستقبل گم ڪري ڇڏيو،ها يار شبير! زندگيءَ جو محور فقط رانڀاٽ ئي آهن. جيڪي ڄمڻ کان مرڻ تائين،نصيب جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.“ هو سڏڪي پيو، شبير کيس ڀاڪر ۾ ڀري دلجاءِ ڏيڻ لڳو.
    ”ڏس سلام! روئڻ سان ڀلا ڏورانهين ڏيهه ويل موٽي ايندا آهن؟ ڏس يار! زندگيءَ جي لفظي معنٰي ۽ مفهوم ڄڻ آهي ئي مشڪلاتن،سان جهيڙڻ، تون به دل وڏي ڪر....“
    ”شبير بابا جاني جو لکرايل هڪ خط اڄ صبح مونکي گهر مليو، جيڪو مون ڏانهن پوسٽ ٿيڻ کان رهجي ويو هو، خبر اٿئي، ان ۾ بابا ڇا لکرايو هو؟! بابا لکرايو هو،”پٽ سلام!ڪالهه ٻنيءَ تي واهه جي کاٽي کڻندي، آءُ هيٺ زمين تي ڪري پيو هئس، مون محسوس ڪيو ته هاڻي مان پوڙهو ٿي ويوي آهيان، منهنجي عضون ۾ وڌيڪ جهيڙڻ جو ست ناهي رهيو، مونکي اڄ اعتراف ڪرڻو ٿو پوي ته مان پوڙهو ٿي ويو آهيان.“
    ”سلام يار! هي دنيا فاني آ، هت ڪير نه رهڻو آ، واري واري سان اسان سڀني کي هلڻو آهي.“ ”شبير کيس آٿٿ ڏيندي چيو، ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي ڇانئجي وئي، شبير، سنگريٽن لاءِ آيل گراهڪ سان ڳالهائڻ لڳو.
    ”شبير! مان اڌ ڪلاڪ اندر موٽي ٿو اچان! اندر شهر ڏي ٿورو ڪم آهي!“ سلام اٿندي چوڻ لڳو.
    ”موٽجان تڪڙو،شام جي لٿي واري چانهه مون وٽ پئيجان!“
    هو سگريٽ مانڊڙِيءَ تان اٿي روڊ تي چڙهي، اڳتي وکون کڻندو ٽريفڪ_ هارون ٻڌاندو اڳتي نڪري ويو، اچانڪ هڪ ٽرڪ ڊرائيور اور ٽيڪ ڪندي رستي تان گذرندي ٻن گلرن کي چيڀاٽي ڇڏيو، گلرن کي ڦتڪندي ڏسي هن کان رهيو نه ويو، تڪڙو اچي ٽرڪ ڊرائيور کي هيٺ لاٿائين.
    ”انڌو ته ناهين!ٻن ساهن کي چيڀاٽي آيو آهين!!“
    ”ڪتا ئي ته آهن، ڪهڙو ماڻهو آهي!؟ ٽرڪ ڊرائيو ورنايس.
    ”اڄ ڪتو چيڀاٽڻ تي توکي ڪهل نه آئي سڀاڻي ماڻهو لتارڻ تي ڪهڙو احساس ٿيندئي!؟“
    ”اڙي خوچه ڪتو ئي ته ماريو اٿم، ڪهڙو پڻهين کي چيڀاٽي آيو آهيان!؟“ ٽرڪ ڊرائيور تارا ڦوٽاري ڏيکاريس.
    ”وات کي لغام ڏي ڪتا!“ ڊرائيور کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو.
    ”ڪمبخت! مان توکي ڏسي وٺندس!“ ٽرڪ ڊرائيور نسوار سان ڀريل ٿڪ اڇليندي چيس.
    ماڻهن جا انڀوهه مڙي آيا ها، هو جذبات تي ڪابو رکڻ لاءِ ٽرڪ ڊرائيور کان هٿ ڪڍي، اڳتي نڪري آيو، هن کي احساس ٿيڻ لڳو ته هن کي ائين جذبات ۾ اچڻ نه گهربو هو پر گلرن جو ڦتڪڻ به هن کان ڏٺو نه هو ويو.
    وڌندو هڪ دڪان تي چڙهي ويو، ڪجهه سامان وٺي مين چوءڪ وٽ آيو، پريان پريس ڪلب هئي، جتان شهر جو آواز ملڪ تائين پهچندو هو.
    هن چوءنڪ تي ٺهيل ٽاور ڏانهن نهاريو، جنهنجي پٺيان سج آيل هو،هن کي ائين لڳو ڄڻ هن ڏينهن جو پوڙهو سج ٽاور جي لٺ ۾ هٿ وجهي آهستي آهستي هيٺ جهڪي رهيو هو.
    هن هڪ نهار گل کپائيندڙ ان پوڙهي تي وڌي جيڪو پاڻ ”پراڻو“ پراڻو هوندي به تازا گل کپائي رهيو هو، هن کي پئُ ياد اچي ويو، ڀرسان اچي پوڙهي کان گلن جا هار ورتائين، گلن جا هار وٺي هو موٽڻ لڳو، هن جي سامهون ساڳيو ٽرڪ ڊرائيور پٺاڻ بيٺو هو، هن کي گار ڏيندي پسٽول سان ٻه فائر ڪري رش ۾ گم ٿي ويو.
    هو ڍرڪندو وڃي روڊ تي ليٽيو، هن جي چوڌاري رت جي ڳاڙهاڻ وڌڻ لڳي، جنهن ۾ ڳاڙها گلاب جا گل به گم ٿي چڪا هئا.
    هن اڀ ۾ شفق ڏانهن نهاري، جتي به پوڙهي سج جي چوڌاري ڳاڙهاڻ ڇائنجي چڪي هئي.


    باسي گوشت

    باسي گوشت

    گھڙيال جا ٻه ڪانٽا چار انگ تي بيٺل هئا ۽ هڪ ڪانٽو پنج انگ تي ڪاھ ڪري رهيو هو. گوشت مارڪيٽ ۽ ان جي چوڌاري ڪاري ڪانڀارا جا ڪارا جِنَ ويٺل هئا. مارڪيٽ ڏي اچڻ لاءِ ٻه رستا اتر ۽ اولھ کان آهن، ٻنهي رستن جي چوءنڪ واري دڪان آڏو لڳل بلب جي روشنيءِ جي پهچ کان اڳتي منظر تي ڪارو برش گھميل هو، رولو ڪتن جو هڪ لشڪر اتي ڦريو پئي ، ڪنهن ڪنهن ويل ڪاري چادر ۾ گم ٿي ٿي ويو ته ڪنهن ويل بلب جي روشنيءِ ۾ ڦِريوٿي.
    اوچتو اولهندي رستي کان ٽپ ٽپ جو آواز اڀريو. مفلر ۽ جرسي پاتل هڪ گوڏر همراھ هڪ ڍور ڪاهيو پئي آيو. هن جي پٺيان ننڍڙوڇوڪرو اکيون مهٽيندو ۽ ڪونهٽ کي لٺ هڻندو پئي آيو. دڪان اڳيان ٺهيل سيمينٽ جي دڪيءَ جي ڪُنڍي ۾ ڍور کي ٻڌي، دڪان کولي اندران ڇَلي کڻي آيو. ڇليءَ مان ڪاتي ڪڍي روهيءَ تي ڇيرڻ لڳو.
    ”اڙي ڇورا! ونگ ڪٿي پيا آهن!؟“ ڪاوڙ مان ڇوڪر کان پڇيائين.
    ”واڙي جي ڪٻٽ ۾!؟“ ڇوڪري اوٻاسي ڏيندي وراڻيو.
    جنهن تان اڃا ننڊ جا کيپ نه لٿا هئا.
    لخ لعنت ٿي، هت بيٺو ڇاٿو ڪرين، وڃ کڻي آءُ نه“....”
    ڇوڪرو تڪڙو تڪڙو واپس واڙي ڏي ڊڪي ٿو،
    ”نڀاڳا آهن ٽڻڪ، لانتي ڪم به ڪن ۽ شابس به نه وٺن.“
    ڇوڪري کي ويندو ڏسي ڪست مان چيائين.
    ڇوڪرو ڊوڙندو وڃي وَنگ کڻي آيو. ڪتن به دڪان جو پاسو ورتو ۽ ڦيراٽيون پائڻ لڳا. ڪاسائي وَنگ کڻي ڍور جي آڏو وارين ڄنگهن ۾ ڦاسايو ته اترئين رستي کان ڪنهن گاڏيءَ جي کڙڪي جو آواز آيو. ڪاسائي ٻيو ونگ هٿ ۾ کنيو هو پر هن جون نظرون کڙڪي ڏي کڄي ويون. ڇوڪرو جيڪو ٿڌ ۾ ڊوڙندو وَنگ کڻي آيو هو،تنهن کي سيءَ پنهنجو ڀوائتو مُنهن ڏيکاريو هو، سو به ڪُٻو ئي ڪُٻو ڪنڌ ورائي کڙڪي ڏي نهارڻ لڳو، ڇوڪرو جيڪو لوئي اوڍي، اوڪڙو ويٺو پڻس کي ونگ هڻندي ڏسي رهيو هو، تنهن کي رستو اونداهون نظر آيو ۽ رستي تي ڪا به شيءِ نظر نه آئي. اوچتو جَهڻِ جَهڻِ ڪندي، اَسي سال جي پوڙهيءَ جيان ڏڪندي هڪ ڊاٽسن اچي دڪان اڳيان بريڪ هنئي. بسڪوٽي ڪلر جي ڊينٽن واريءَ ڊاٽسن مان ٻه سٻراٽ ماڻهو ٻاهر نڪتا، هڪڙي کي لوئيءَ جي ٻُڪر لڳل هئي ۽ ٻئي کي پوتڙو ڳچيءَ ۾ ڍاريل هوس ۽ ميريون قميصون ۽ انگوشا ٻڌل هئن، ٻئي ڳوٺاڻا ٿي لڳا. ڪاسائي ڊاٽسن جي جهنگلي واري باڊيءَ ۾ ڪو ڪٺل ڍور ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ سرهو ٿيڻ لڳو. ڪتا به ڪنهن ڌاڙيل حملي جيان گاڏيءَ کي وڪوڙي ويا. ڳوٺاڻي پنهنجو ٿڌو هٿ ڪاسائيءَ ڏي وڌايو، ڪاسائي به ڪاروباري مرڪ سان کيڪاريس.
    ”ڍور آندو آهي!“ ڳوٺاڻي ٿڌو ساھ کڻي چيو.
    ”جيئرو حلال ڪيو ٿوَ يا مئل؟!“ ڪاسائي اکيون ڪَرڙيون ڪري پڇا ڪين.
    ”قسم سان جيئرو هو.“ لوئي واري وراڻيو، جنهن کي رت جا نشان اڃا ڪپڙن تي هئا.
    ”ڇا ٿيو هوس!؟“ڪاسائي پڇا ڪين.
    ”پيٽ خراب ٿي پيو هوس، کاڌي کي نه پئي وچڙي، رات ليٽي جو پئي ته حلال ڪيو مانس.“ لوئي واري تفصيل ٻڌايس.
    ”اڙي چُوت! پڇانءِ ٿو بيماري ڪهڙيءَ ورتس؟“ ڪاسائي جلاوت ٿيندي چيس.
    ”الائي! ڊاڪٽر چئي ويو هو ته گھوگھو اٿس.“پوتڙي واري ڳوٺاڻي پوتڙي جي ڪنڊ آڱر مٿان چاڙهي اوجاڳيل اکين مان چپيون ڪڍنڍي چيو.
    گھوگھي وارو گوشت ته نه ٿو هلي!“ ڪاسائي ڊاٽسن ڏي ليئو پائيندي چيس
    تنهنجا هٿ ڊگھا آهن، هروڀرو اسان کي رُلاءِنه!“،پوتري واري گھرو ٿيندي چيس، جو کيس ڦڦڙيءَ ورتو هو ته هتان نه وٺي !
    هي هڪڙو بيٺو آهي ۽ ٻيو وٺي پنهنجي مٿي ۾ ٽاٻڙڪو ته نه مچائيندس.“ڪاسائي ڳوٺاڻن جو اونت لهڻ خاطر پڪائي ڪندي چيو.
    نيٺ ٺهڻ واري ڳالھ ڪر، سودو ٺاھ به!“ لوئيءَ واري ڪُڇيو.
    ٻيو ته گوشت به پاڙوٿو ٿي ويو آهي، هلندو ئي مشڪل سان!“ڪاسائي مينهن جي کَلَ ۽ گوشت ته هٿ ڦيريندي چيو.
    ڳوٺاڻن به ڏٽئي مان بٽئي حاصل نه ٿيندي حال حقيقت ڪيس ته ٻيلي، نيٺ گھڻو ڏيندي!؟
    ”ٻه هزار......؟“
    ”ٻه هزار.....!!؟؟“ ٻئي ڳوٺاڻا آپي کان ٻاهر نڪري ويا. سندن سُٺي اگھ وڪڻڻ وارا خيال چڙان پڙان ٿي ويا
    ڏهن، ٻارهن هزارن جو ڍور آهي، وري ٻه هزار ٿو چئين!؟“ لوئي واري ڀڻڪندي چيو.”وڌيڪ مون کي نه ٿو کپي، جاڏي وڻيوَ تاڏي ڪيو، صبح جو پريان دڪان کلندوَ،انهن کي ڏجو.“ڪاسائي بند دڪانن ڏي هٿ کڻي چين.
    لوئي واري ڳوٺاڻي انگوڇي جي لاڪ ٻڌندي چيس،”ڪُلئي ٻه هزار، صفا ڀيڻهان جمڀ سٽ تي ويٺوآهين ڇا؟ ڪجھ مڙئي ڪس ڪسر کاءُ.“
    ”هي ڍور به ته بيمار آهي ، ٻه هزار ٻه سئو ۾ رات سنجھي جو ورتو آهي. هي به مرڻ تي آ.....! توهان وارو هلائيندس يا هن جي پچار ڪيان. ان لاءِ ته ساجھر ڇوڙيو اٿم ته ڪنهن کي بونءِ ٻاڦ ئي نه پوي ته حلال ڪري ھلائي ڇڏيانس، ۽ مٿان وري توهان ٺهڪو ڪيو آهي. هڪ سئو وڌيڪ ڏيندو سانوَ، نه ته توهان جي مرضي، مون کي کپي ئي نٿو.“
    ”کنئي کپي نه، ڳولي لڀي نه!“ ڳوٺاڻن نماڻائيءِ سان چيو. ڪاسائي پئسا ڏي کين فارغ ڪيو ۽ ڍور دڪيءَ تي رکرايو.
    آذانون ملي رهيون هيون، گوشت مارڪيٽ جو هڪ ٻيو دڪان به کلي چڪو هئو.
    ”اڙي ڪتي جا پڇ! تون هت بيٺو ڇا ٿو ڪرين؟ هن ڪونهٽ کي واپس واڙي ۾ ٻڌي اچ، مري ويو به سڀاڻي هلائينداسين ۽ ڀاڻين کي به اُٿاري اچ ته مونسان ٽيڪ ڪرائي.“ ڪاسائي پٽ کي رهڙ ڏيندي چيو.
    ڪتا مسلسل تڪيو بيٺا هئا ۽ گوشت نه ڦٽوٿيندو ڏسي، بيچين ٿي ويا. پوئين هڪ ڪتي اڳئين کي چڪ وڌو ته اڳئين به پوئين تي رومڙ ڪري چَڪُ وڌو. ٻاڪر ڪٽو مچڻ سان ڪتن ۾ ڀاڄ آيو ۽ گوشت مارڪيٽ خالي ڪري ويا.
    هاڻي مارڪيٽ جا سڀ دڪان کلي چڪا هئا. سج پنهنجا تجلا ڪڍي اٿڻ لاءِ آرس ڀڃي رهيو هو، تيسين ڪاسائي ڍور کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري چڪو هو.





    انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر

    انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر
    ” بابا ! مالهيءَ واري ڏاڪڻ ڪٿي آهي؟“ منهنجي نفسياتي مريض پٽ مونکان پڇيو ، جڏهن مان پنهنجي ننڍي نابين پٽ کي سندس سوالن جا جواب ڏئي رهيو هئس .
    ” ڇو پٽ ! تون ڏاڪڻ ڪهڙي ڪم ۾ آڻيندين ؟!“
    ” بابا ! منهنجي جي ڪمري جا جارا کليل آهن، اتان رات جي انڌيري ۾ ڪيئي ” ڪوئا “ ۽ ڪوئيون “ منهنجي ڪمري ۾ گهري اچن ٿا، ڪوئا ٽوڙ ڦوڙ ڪن ٿا ۽ رانديڪا ۽ شوپيس زيان ڪن ٿا ۽ ڪوئيون“ منهنجي بستري تي پيشاب ڪري وڃن ٿيون ، مان اهي جارا بند ڪندس، جيڪي ڪيترن ئي سالن کان کليل رهيا آهن.“
    ”پٽ ! منهنجي خيال ۾ ڏاڪڻ يوڪلپٽس جي ٻوٽن ڀرسان پئي هوندي!“ مان پنهنجي وڏي پٽ کي ان طرف موڪليان ٿو ته ننڍو نابين پٽ معصوميت مان پڇي ٿو ، ” ٻڌايو نه بابا ! سائو رنگ ڪيئن ٿيندو آهي ؟ “
    هن جو سوال ڪنڊو بڻجي منهنجي زبان ۾ ٽنبجي پوي ٿو ۽ مان ڪو به جواب ڏيڻ کان لاچار ٿي وڃان ٿو .
    اڄ ثناء کي وڇوڙي پورا ڏھ سال ٿيا آهن، اڄ سندس ڏهين ورسي آهي، مونکي زندگيءَ جون ڪجھ بھارون ساٿ ڏيندڙ ۽ پوءِ اڪيلو ڪري ويل جيون ساٿي ثناء يونيورسٽيءَ جي شاگردي دور دوران نهايت ذهين شاگردياڻي هئي، منهنجو ساڻس رسمي تعارف الماس ڪرايو ، الماس منهجي ڪلاس فيلو رحمان جي زال هئي. جلد ئي اهو رسمي تعارف دوستي ۽ پوءِ جيون جي پڪي رشتي ۾ تبديل ٿي ويو. وقت جا لمحا تيزيءَ سان ڦرندا ويا، الوداعي پارٽي ٿي وئي .سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا . رحمان به ميڊيڪل جي تعليم لاءِ نڪري ويو . وقت گاڏي رڙهندي رهي . مونکي به بينڪنگ ڪورٽ ۾ ريڊر جي نوڪري ملي وئي . ٻين جا ڪيس اڪلائيندي هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ ڪيس ۾ ڦاسي پيس، ثناء جي ڊليوري ڪيس ۾، موتن جهڙو پهريتڙو پٽ ڄائو هو ، وقت ترڪندو اڳتي وڌي ويو ، پٽ جڏهن پنجن سالن جو ٿيو ته ثناء ۽ منهجي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ، ڇو جو باوجود پنڌ ڪرڻ جي هو اڃا تائين ڪجھ به نه ڳالهائي رهيو هو ڪڏهن ڪڏهن باوجود اسان طرفان کلائڻ جي ، هو ماٺ ڪيو بيٺو هوندو هو. ڄڻ هو اتي موجود ئي نه هجي. هو نه ته روئڻو هو ۽ نه ڳالهائيندڙ . پوءِ ته اسان جي سوچ جا دائرا ( disable persons) ڏانهن کڄي ويا . پر پوءِ اوچتو سوچن کي ٽوڙي موڙي کيس نفسياتي ڊاڪٽر ڏانهن کڻي وياسين . ڊاڪٽر جي استقباليه کان اڳواٽ ئي وقت وٺي ڇڏيو هو.جنهن جي ڪري انتظار بلڪل نه ڪرڻو پيو . اسان جيئن ئي ڊاڪٽر جي آفيس نما ڪلينڪ ۾ داخل ٿياسين ته اسان جي حيرت جي حد نه رهي، ڇو ته نفسياتي ڊاڪٽر ڪو ٻيو نه ، پر منهنجو پراڻو ڪلاس فيلو رحمان هئو . رحمان بلڪل به تبديل نه ٿيو هو . ساڳي گرمجوشيءَ ۽ سڪ سان ڀاڪر پائي مليو ۽ خوب ڪچهرون ڪيائين ڪلينڪ ٽائيم کان پوءِ پنهجي گهر وٺي ويو الماس ڀاڀي تبديل ڏسڻ ۾ آئي تبديلي اها هئي جو اڳ ۾ اڪيلي هوندي هئي، هاڻ ٻن ٻارن سان گڏ هئي . اسان ٻه ڏينهن ٽي راتيون رحمان وٽ ترسياسين ، تيسين رحمان منهجي پٽ جو معائنو ڪندو رهيو ، آخري رات هاڻ مشڪيو ٿي ۽ ڊاڪٽر رحمان جي ننڍڙن سان راند به کيڏيو پئي ، ان رات رحمان مونکي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو.
    ” يار علي ! تنهنجو ننڍڙو مون کي ڪلاسٽرو ڦوبيا جي نفسياتي مرض ۾ مبتلا ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ منهجي تجربي موجب پائرو ڦوبيا جا اثرات به ٿي سگهن ٿا . ڪلاسٽرو ڦوبيا اهڙو مرض آهي ، جنهن ۾ مريضَ جڳهن ۽ عمارتن کان خوف محسوس ڪندو آهي ۽ پائرو ڦوبيا جو مريض باھ کان ڊڄندو آهي ۽ ممڪن آهي ته ننڍڙو بلب ۽ سج جي تيز روشنيءَ کان خوف محسوس ڪري، کيس آٿت ڏيندو ڪر ۽ انهن شين جي ويجهو رکندو ڪر ، مونکي اميد آهي ته جيڪڏهن هن وقت کان ئي سندس تربيت ڪئي وڃي ته هو بهتريءَطرف وڌي سگهي ٿو .“
    صبح جو اسان رحمان جي گهران پنهنجي گهر آياسين ، گهر اچي مون موقعو ڏسي ثناء کي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو . ان ڏينهن کان هوءِ پريشان رهڻ لڳي . مون کيس آٿت ڏني پر هوءَ ايتري حساس هئي جو اهو مسئلو هن جي دل ۾ گهر ڪري ويو ، پر پوءِ به هن مونکي محسوس ڪرڻ نه ڏٺو . ننڍڙي جي ڪمري کي رانديڪن ۽ شوپيسن ۽ خوبصورت تصويرن سان سجايو ويو . ننڍڙو هاڻ ٿورو ٿورو ڳالهائڻ لڳو . ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ ” امان _ ابا “ اچاري رهيو هو مان تمام خوش ٿيو هوس پر ثناء نه ڄاڻ مرڪ ڪنهن قلف لڳل پيتيءَ ۾ رکي چاٻي گم ڪري ڇڏي هئي . وقت گذرندو رهيو . اسان ڊاڪٽر رحمان کان ننڍڙي جو معائنو ڪرائيندا رهياسين. هاڻي ثناء به ٻئي ٻار جي اميد سان هئي مان ليڊي ڊاڪٽر جي ” ميٽرنٽي هوم “ ۾ موجود هئس، اتان رحمان جي گهر واري نمبر تي فون ڪئي، ڪجھ گھڙين ۾ ڀاڀي الماس اچي پهتي، ليڊي ڊاڪٽر آپريشن جي صلاح ڏني، جڏهن ته مونکي آپريشن ڏکي لڳي رهي هئي ڇوجو مان ذهني طرح تيار نه هئس. رحمان به پهچي ويو نيٺ ڀاڀي الماس ۽ رحمان جي زور رکڻ ڪري مان راضي ٿي ويس، مان، رحمان ۽ ڀاڀي الماس ٻاهر انتظار ڪري رهيا هئاسين ۽ ليڊي ڊاڪٽر اندر آپريشن ڪري رهي هئي.اچانڪ ڪوماڻل چهري سان ڊاڪٽرياڻي ٻاهر نڪتي منهنجي اکين سان اکيون ملائي نه سگهي، ڊاڪٽر رحمان کي ڏسي چيائين ” افسوس جو اسان ماءُ جي جان بچائي نه سگهياسين... ۽ شايد ننڍڙو به ” آءِ سائيٽ “ کان محروم هجي....“ رحمان مونکي ڀاڪر ۾ ڀري صوفي تي ويهاريو ، بس منهنجي اڳيان اونداهي ڇائنجي وئي . اونداهي جنهن جي رستي تي ڪٿي ڪو به روشندان ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو .
    ان ڏينهن ثناء جي ڏهين ورسي هئي ، مان ڪورٽ به نه ويو هئس ، ڇو جو مان اهو ڏينهن هر سال پنهنجن پٽن سان گڏجي گذاريندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن رحمان ۽ ڀاڀي الماس به اسان جي دلجوئيءَ لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا آهن . ان ڏينهن جي اخبار جو معائنو ڪري رهيو هئس .
    ” بابا ! توهان ويٺا آهيو نه ؟!“ مونکان منهنجي ڏهن سالن جي اکين کان معذور پٽ پڇيو .
    ” ها پٽ! تنهنجي ڀرسان ئي ويٺو آهيان!“
    ” بابا! سائو رنگ ڪيئن ٿيندو آهي ؟!“
    منهنجي اکين مان لڙڪ لڏندا اچي تريءَ تي ڪريا ۽ هٿ جي لڪيرن ۾ جذب ٿي ويا . ڪاش ! تون ڏسي سگهين ها پٽ ! هي سر سبز ۽ سائي دنيا ! جيڪا اکين وارن لاءِ ته ڦولاري بيٺي آهي تنهنجي لاءِ انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر آهي ! ڪاش! پٽ ، تون اکين سان هي سائي دنيا ڏسي سگهين ها !
    ” بابا ! توهان چپ ڇو آهيو؟ ٻڌايو نه ، سائو رنگ ڪيئن ٿيندو آهي !؟ “
    ” ڇو پٽ ! تون پڇي ڇا ڪندين ؟!“
    ” بابا ! ڪجھ ڏينهن اڳ شائستا پنهجي پيءُ چاچا رحمان کي چيو پئي ته هوءَ هن عيد تي سائي رنگ جا ڪپڙا خريد ڪندي ! مون کي ته خبر ناهي ، سائو رنگ ڪيئن ٿيندو آهي ؟! “
    ” پٽ ........ ! هي جيڪا دنيا آهي نه سا رنگين آهي جتي اکين وارن لاءِ رنگ برنگي نظارا آهن ۽ ........“
    ” بابا ! مالهيءَ واري ڏاڪڻ ڪٿي آهي ؟!“
    منهنجي نفسياتي مريض پٽ مونکان پڇيو، جڏهن مان پنهنجي ننڍي نابين پٽ کي سندس سوالن جا جواب ڏئي رهيو هئس .
    ” ڇو پٽ ! تون ڏاڪڻ ڪهڙي ڪم آڻيندي؟!“
    ” بابا منهنجي ڪمري جا جارا کليل آهن ، اتان رات جي انڌيري ۾ ڪيئي ” ڪوئا “ ڪوئيون منهنجي ڪمري ۾ گهري اچن ٿا . ڪوئا ٽوڙ ڦوڙ ڪن ٿا ۽ ڪوئيون بستري تي پيشاب ڪري وڃن ٿيون . مان اهي جارا بند ڪندس ، جيڪي ڪيترن ئي سالن کان کليل رهيا آهن . “
    ” پٽ ! منهنجي خيال ۾ ڏاڪڻ يوڪلپٽس جي ٻوٽن ڀرسان پئي هوندي “ مان پنهنجي وڏي پٽ کي ان طرف موڪليان ٿو ته ننڍو نابين پٽ معصوميت مان پڇي ٿو ، ” ٻڌايو نه بابا سائو رنگ ڪيئن ٿيندو آهي ؟ ! “ هن جو سوال ڪنڊو بڻجي منهنجي زبان ۾ ٽنبجي پوي ٿو ۽ مان ڪو به جواب ڏيڻ کان لاچار ٿي وڃان ٿو .
    ” بابا ! ڇا توهان به سائو رنگ ناهي ڏٺو ؟ ! “ ننڍڙي جي معصوم سوال مون کي ائين ڦٽي وڌو ، جيئن جنگ ۾ ڪو زهريلو تير جنگجوءَ کي ڦٽي وجهي .
    ” پٽ ! هن دنيا ۾ رنگ آهن ، هر شيءِ کي پنهنجو پنهنجو رنگ آهي ، وڻن کي سائو رنگ هوندو آهي ۽ جيڪو اناج کائيندا آهيون ، ان جو فصل به سائو ٿيندو آهي ۽ ان رنگ جا ڪپڙا به پائبا آهن . “ پٽ کي سمجهائڻ لاءِ بي وزن دليل ڏيڻ لڳس ، پر سمجهيم ته هو اڃا مطمئن نه ٿيو هو .
    ”بابا !باغيچو ته صفا اجڙي ويو آهي ، کٽڻهار ، موتيو ، چنبيلي، رات راڻي ، رابيل ۽ يوڪلپٽس جهڙا قيمتي گل ۽ ٻوٽا سڙڻ تي آهن ! مالهي ته صفا غير ذميوار آهي! بابا..... !! “
    ” ها پٽ ! هن ” باغيچي “ جي نصيب ۾ ڪو لائق ” مالهي “ ڪونهي ، ڪو مالهي هن باغيچي جو پاڻي سڪائي ڇڏي ٿو، ڪو وقت تي گڏ ۽ ڇانگ نٿو ڪري ته ڪو قيمتي ” گل ۽ ٻوٽا “ پٽرائي يا ساڙائي ڇڏي ٿو ته وري ڪو مالهي ٻاهران بيڪار ۽ وڻ ويڙهي جهڙا نقصانڪار ٻوٽا پوکرائي ٿو ڇڏي ، ها پٽ ! هن باغيچي جي نصيب ۾ ڪو لائق مالهي ڪو نه آيو آ .“
    منهنجو وڏو پٽ ، جنهن کي ڏاڪڻ هٿ ۾ هئي ، سو پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي ٿو ، جنهن ڪمري ۾ هو ڪيترا سال ته سمهندو نه هو ! کيس ڀئو هو ته ڪمري جي ڇت ڪري پوندي ۽ هو مدفون ٿي ويندو يا بلب تيز ٿي ويندو ۽ ڪمري کي باھ وڪوڙي ويندي ڪيتريون ئي راتيون اھڙو خيال اچڻ تي ، هو ڪمري کان ٻاھر نڪري پڌر تي ستو ھئو پر ساڻس گڏجي رھڻ ۽ دلجاءِ ڏيڻ کان پوءِ ئي سندس اعتماد بحال ٿيو پر باوجود ان جي ھو اڃ تائين باورچي خاني ۾ نه گھڙيو آهي.
    ” بابا! ڀلا چنڊ ڇا هي ۽ ڪاٿي ھوندو آهي ! ؟ شائستا کي پنهنجي ماءُ چنڊ چوندي آهي .“ ننڍڙي نينگر سائي رنگ واري سوال کي ڇڏي ٻيو سوال پڇيو.
    ” پٽ ! چنڊ سج جو ننڍو ڀاءُ آهي ، صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿندا آهيون ته سج به اڀري نڪرندو آهي ۽ روشني ڪندو آهي ، جيڪا اس سڏبي آهي ، پر چنڊ ان ويل ظاهر ٿيندو آهي ، جڏهن اسان سمهڻ وارا هوندا آهيون. چنڊ رات جو اڇي روشني ڏيندو آهي . پٽ ! چنڊ سڄي ڌرتي جي سيني کي روشن ڪري ٿو پر تنهنجي معصوم اکين کي روشني نٿو ڏئي سگهي ...... “
    ” بابا ! شائستا ڪجھ ڪاغذ کڻي آئي هئي ، ٻڌايئين پئي ته سندس فوٽو آهن ۽ بابا ..... هوءَ چئي رهي هئي ته ڪاش ! مون کي اکيون هجن ها ۽ مان اهي فوٽو ڏسي سگهان ها ، پر بابا ..... مون هن کي چيو ته هوءَ پنهنجو منهن منهنجي ڀرسان آڻي ته مان بريل جيان هٿڙا گهمائي هن جو چهرو پنهجي من ۾ اتاري ڇڏيان .“
    منهجي حسرتن جا ڳوڙها ٽمڻ لڳا . ڪاش ! ثناء تون ايترو جلد نه وڇڙي وڃين ها ..... !
    ” بابا ! ڪمري جا سڀ جارا بند ڪري ڇڏيا اٿم ، هاڻي ڪوئا اندر اچي نه سگهندا ، نه ٽوڙ ڦوڙ ڪندا ۽ نه ئي بستري تي پيشاب ۽ بابا ..... هاڻي باغيچي جو مالهي به مان پاڻ ٿيندس . “ منهجو وڏو پٽ ڪمري کان ٻاهر نڪري اچي چيو ، ان وقت هو مون کي نفسياتي مريض نه پر وڏو ” ڏاهو “ لڳو هو . پوءِ منهنجي نظر پنهنجي نابين پٽ تي پئي ، جيڪو شايد انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر ڪري رهيو هو . ڳوڙها منهجي اکين مان وهندا هٿ جي تريءَ تي ڪريا ۽ لڪيرن ۾ گم ٿي ويا ، مون ٻنهي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو .
    ” پٽ ! توهان معذور ناهيو ! معذور ته هي دنيا آهي ، جيڪا اکيون هوندي به ڪجھ نٿي ڏسي ! جيڪا سوچ هوندي به ڪجھ نٿي سوچي ! نابين ته هي دنيا آهي ! مريض ته هي معاشرو آهي ! ٻچڙا توهان معذور ناهيو .... !!! “



    راتين جا رولاڪ

    راتين جا رولاڪ
    ”مَ مَ.... مان آهيان شرفو !“
    بيد مشڪ جي سڪل پنن تي ڪنهن جي هلڻ جو آواز ٻڌي نوروءَ گولي چيمبر ڪري اَشهد آڱر ٽرئگر تي رکي اڻڄاتل کڙڪي کي هَڪلَ ڪئي هُئي.
    ”مَ مَ.... مان آهيان شرفو !“ شرفوءَ گھٻرائجي چيو هو.
    ”ڳالهائين نه ها ته ريوالي سان لوندڙيءَ ۾ کُڙٻ ڪريانءِ ها.“
    نوروءَ آڪڙجي شرفوءَ کي چيو.
    ”هائو ڙي هائو ! تنهنجي به خبر آهي ! وخت (وقت) تي چونپل هٿ ايندي اٿئي؟“ شرفوءَ به آڪڙجي ورندي ڏنس.
    ”بس هاڻي گهڻي يخي نه هڻ، هلي اچ!“
    ڳوٺ جي پرڀرو اسان ڇهن ”شڪارين“ جو هي ڳڙهه آهي، چوڌاري کجين جا جھت آهن، هڪ بيدمشڪ کان ڪجهه گامون اڳتي باهڻ جو ڊگھهو ۽ گھاٽو وڻ آهي، جنهن هيٺان اسان ڇهن شڪارين جو ڳڙهه آهي ۽ اُتي هر روز گڏجڻ اسان جو معمول آهي. ڳوٺ ۽ جوءِ جا ماڻهو ان پِڙَ تي اچن ئي ڪونه، رات ته ڇا پر ڏينهن جو به مجال آ جو اُتي ڪو پير رکي، ڇو جو سڀني کي خبر آهي ته باهڻ جي وڻ هيٺان ”موڏو فقير“ پوريل آهي. جنهن جي ڍڍري واهه ۾ لڙهي آئي هئي، ڪنهن ڪڍي اُتي پوري ڇڏيو هوس. ڪجهه ماڻهن کي جو ڊيڄ مليا ته ماڻهو ڪائين ڪال اُتان ٽپڻ لڳا. اسان شڪارين کي هٿيار تي ناز ! سو اسان اُتي گڏجڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو آهي پر مجال آ جو هٿيارن جا رانڀاٽ ٻڌي ڪڏهن موڏو فقير آڏو آيو هُجي !
    ”سلاماليڪم سنگت !“ شرفوءَ پڙ تي پير رکندي چيو.
    ”وعليڪم سلام، شرفو ڪٿي هئين!؟“ مون پڇيو مانس.
    ”يار خدن ! انهي اربوءَ ڍينگ رولي ڇڏيا آهن، پر سال گڏهه گاڏي جي جوٽ ڏني اٿمانس، پئسن ڪاڻ آئونبٺو ڪڍي بيٺو آهي، ڪڏهن ڍاڪ تي چڙهي آيو ته آنڊا لوڙهي تي پيا هوندس“. شرفو توائيءَ مان ڪڇيو.
    ”تو به ان ٺٺينگ ٺوٺي وال کي ڏنڳو ڇاڪاڻ !؟“ مان به ٽوڻو هڻي ڪڍيومانس.
    ”مونسان عليڪ سليڪ هئس، اعتبار جهڙو هو، مان به سهولپ سمجھي ڏنو مانس.“
    ”مانا، تو کنئون به هڦيستڙو آهي نه !؟“ منهنجي چوڻ تي سڀ کليا ته شرفو ڳالهه بدلائيندي مونکان پڇيو، ”ڀلا شآهو اڃا نه پڳو آهي ڇا؟“.
    ”بس نوروءَ ريوالو آندو آهي، الله بخش بندوق آندي آهي، بشوءَ کي ڪهاڙي آهي ۽ مونکي ساو کريل پستول..... باقي شاهو شآهينگ ڄاڻ لمندو آيو“.
    ”يار خدن ! مان به ليسڻ جي دونالي بندوق وتي اٿمانءِ ! صفا شؤنڪ جي آهي، ايڙهي شيءِ نه ڏٺي هوندئي.“ شرف بندوق مون ڏانهن وڌائيندي چيو.
    ”هنمهل نگهه ٺينگو ٿي پوي !؟ جو توکي ٻڌايان ته ڪنڌاري شيءِ آندي اٿئي! باقي مان ٽيڪر ڪونه ٿو ڏيانءِ، جيڪا به هوندي، مون واري پستول کان چڱيرڙي هوندئي.“
    پريان بيد مشڪ ڀرسان نُورو ۽ بَشو سگريٽن جا سوٽا هڻي رهيا هئا، باقي الله بخش به سرڪي اچي اسان سان ويٺو.
    ”ڦٻياسي ته ٽَن لڳندا، پر آهي زبري ذات جو ماڻهو!“.
    شرفوءَ پنهنجي راءِ ڏني.
    ”زور جي آڏو زاري آ با!“ الله بخش کيس ورنايو.
    ”چڇا ڳالهه آهي؟!“ مون کانئن پڇيو.
    ”الا بيڪَ، شڪار تاڙيو آهي، ڊنگ جي مُئي مالي آهي، چوي ٿو لانگ ورائي خواب وانگر کڻي اينداسي پر مڙس آهي صفا ڳڪ، گيدوڙي جيان چنبڙيو ايندو، بُٺيءَ تي به حساب وٺڻ وارو آهي“. شرفو مونکي تاڙين شڪار بابت ٻڌايو ”هيڏي ته اچڍو ڀيڻهان! سگريٽن جون پاڙابن ئي پٽي ڇڏيون اٿوَ!“. شرفو، نوروءَ ۽ بشوءَ کي سڏ ڪندي چيو.
    هو اڃا ٻه گامون چريا مس ته بيد مشڪ جي سڪل پنن تي ڪنهن جي اچڻ جو آواز اڀريو، بشو ڪهاڻي کڻي جھتن جي اوٽ ويهي رهيو. نوروءَ ريوالور سڌو ڪندي پڇيو:
    ”ڪهڙو آهين؟!“
    ”شڪاري نمبر ڇهه !“ پريان آواز آيو.
    ”هلي آ شاهو، هلي آ.“ نوروءَ ريوالور ور ۾ هڻندي کيس چيو.
    ”ٻيو ڪير اٿئي؟!“ نوروءَ ٻه پاڇا ڏسي شاهوءَ کان پڇيو.
    ”چاچو خانمند (خان محمد) آهي!“
    ”چاچا! تون هيڏي اينل پَٽَ تي ڪيئن.“ بشو نه سڃاڻندي به دڦ کي ڀاڪر وجھندي چيو. نورو، الله بخش، شرفو ۽ مان به چاچي خان محمد سان ملياسين ۽ پوءِ سڀ گڏجي پِڙَ تي گچ مچ ٿي ويٺاسين.
    چاچا خان محمد جيڪو هاڻي اَڀرو ٿي ويو آهي، سندس جواني بهادري، دليري ۽ جرئت جي ڪري ڏور ڏور تائين مشهور آهي، شڪاري خيال جو ماڻهو هئو، سندس همت ۽ طاقت جي هاڪ اڄ به هلي پئي، هن علائقي جا لوٺيا ۽ شڪاري اڄ به سندس حاضري ڀريندا آهن، کيس ٻه ڀائر هئا، جان محمد ۽ ڌڻي بخش. جان محمد شهر جي زميندار مُکي مل جو ڪمدار هوندو هو. اسان جو ڳوٺ علائقي ۾ چاچي خان محمد جي ڪري مشهور آهي، چاچا خان محمد جي هڪل اهڙي ڍهوندي هئي جو چڱا ڀلا به سٽ سهي نه سگهندا هئا، اڄ به کيس ساڳي ڪرڙائي آهي پر اها جوڀن واري طاقت نه رهي اٿس.
    ”چاچا ! اسان جي غريب خانن تي ڪيئن ڪرم ٿيو آ!“
    شرفو ڪجهه لمحن جي ڇانيل خاموشي کي ٽوڙيندي چيو.
    ”شاهوءَ گهرڪ ٻاري ڏني هئي ته اسان لاٽ ڪوٽ سان به ڪڏهن رهاڻ ڪيو، سو اڄ گهٽيءَ ۾ ملي ويو مانس، زوريءَ گهلي آيو آ.“
    چاچا وراڻيو:
    ”چاچا ! لکين لائق قرب اسان تي“. مون چاچا جي دل رکڻ لاءِ چيو.
    ”ڪو سُجھندي جو به ٽڪو پنجو ڪيو ٿو يا دڦ تي سڃاڻڻو پوندو؟“
    ”چاچا ـ! اسان جو سجھندي سان ٺاهه ته ڪونهي، پر چار پنج منهن (ميڻ) بتيون منهنجي کيسي ۾ پيون آهن. باڪس ته هونئن ئي اسان موالين وٽ هوندو آهي.“ بشوءَ ڪهاڙي هيٺ رکي کيسي ۾ هٿ هڻندي چيو.
    ”ماشا مولا اَبا ! اسان کي مڙئي سجھندو کپي !“ چاچا کلي چيو.
    ”پٽ شرفو ! ڏيو ڪي احوال، ڦٻيا ٻٻيا به آهيو يا ٺلها سڙڻ وارا جھٽا ٿا هلن...... ناني ماسي جي ڪڪڙ ۽ آنا، پاڙي اوڙي جا پَلَ ۽ گنديون ۽ ڪراڙين سراڙين جو صندوقان!“
    ”چاچا ! نئين پونگ جا وڪڙ نٿي ڏنا ! ڀاڳيو جاڳيو، صبوح تي مالڪ ان جا ازبا (عضوا) پيا ميڙيندا آهن. شرفوءَ وراڻيو.
    ”ها ابا! اڄ ته ڪليشنون، ريوالا ۽ بندوقان عام جام ٿي ويون ـآهن، نکمڻا نکمڻا به بُنڊيل بڻائي ڇڏيا اٿن، اڳي ائين نه هوندو هو. ٻه پٽي لٺ جي لاپڙ هوندي هئي، ها هو هڙ تي ڌڪ هڻبو هو، باقي اڄ وانگي گولين سان گيچڻ ڪونه ڪبو هو.... اَبا! بهادري به اڳي هئي، هاڻ ته ٿا هٿيار وڙهن!“
    ”ڍاچا ! هاڻي ڳلاهه کوٽي به اٿوَ ته مڙئي ڪجهه الله جي ڏني مان ٻڌايو!“ مون چاچا خان محمد کي ڇيڙڻ چاهيو.
    ”خدن ! مڙئي هنن سڀني ۾ تنهنجي ٻوٿ جو غوست (گوشت) ڪنئرو آ.“ چاچا منهنجي مُنهن تي پوندڙ شعاع ڏسندي چيو.
    ”چاچا ! تنهنجي مُنهن به ڪلراٺي ڦاٽل زمين جهڙو ٿو لڳي.“ مون به چاچا خان محمد جي گهنجيل مُنهن ۾ ڏسندي چيو.
    ”هائو خدن هائو ! ڏند کائي چپن کي لڳو آهيان، هاڻي گرنٽي ختم آهي، پڪي ماني به يا نصيب، رڌل ڀاڄي به يا نصيب!.
    ”چاچا ! توهان ڳالهه پئي ڪئي پنهنجي د ڀر جي !“ شاهو سگريٽن جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍندي چاچا کي ياد ڏياريو.
    ميڻ بتيءَ جي ڌيمي روشنيءَ چاچا خان محمد جي گهنجيل مُنهن ۾ سونڊ جو اهڃاڻ ڏيکاريو، شايد سانڀر جو سڳو ٿي جوڙيائين.
    ”مان ۽ مهرل ٻه ڄڻا هوندا هئاسون، پوءِ شڪار تي ٿورو گهڻو اٿياسي، پر پنهنجي جُوءِ اسان لاءِ حرام هئي، ٻه ٻيا ڄڻا به اسان سان ملي ويا، سو هڪ ڏينهن شڪارپور وڃي نڪتاسين، اُتي هڪ ڪارخاني جي ٽجوڙيءَ جو ڏس هو، رات جو ٽجوڙيءَ وٽ ته پهتاسين پر ٽجوڙيءَ کي تالو هجي تمام وڏو، سڀني وس ڪيا، ٽوڙي نه سگهيا، مان جڏهبن به جوش ۾ ايندو هئس ته تيز رڙ ڪندو هئس جو چڱا ڀلا جوان دهلجي ويندا هئا. سو مونکي ٽجوڙي ٽوڙڻ لاءِ چين، مان جوش ۾ اچي زور ڏنو، تالو ته ٽٽي پيو، پر منهنجيءَ رڙ تي مالڪ اُٿي پيا، مون وارا سنگتي کسڪي ويا ۽ مان گھيرجي ويس، پر هجوم ۾ ڪٿي آ چور؟ ڪٿي آ؟ پڪڙيوس ! چوندي ڪاهي پيس ۽ ٻاهر نڪري آيس، ٻاهر اچي سنگتين جي ڄڀ تي لت ڏئي سندن پتاپتو ظاهر ڪيم.
    ٻئي رات شڪارپور مان موٽي اچي رهيا هئاسين ته هڪ هنڌ شادي هجي ۽ راڳ هلي رهيو هو، ڄاڃي راڳ ۾ مست هجن اسان به اچي پاسو ورتو، راڳ هليو پئي ته ڪيوڙي جي نگهه پريان ٻڌل ٻن ڏاندن تي پئي، هن مونکي چيو ته ”خان محمد ! ڏاند ڪاهڻا آهن!“ مان چيو مانس ته:
    ”هل ڇوڙ ! مان هنن سان مُنهن ڏيان ٿو“.
    هو ٽئي ڏاند ڇوڙي هليا مس ته ڄاڃين اک پٽي، مان ٻه ـــ پٽي لٺ ٻه دفعا جو ڌرتيءَ تي وهائي ڪڍي ته ڪو به اڳتي نه آيو، هڪڙو جوانڙو ٻاهر نڪرڻ تي هو، ان کي لاپڙ جو لڳي ته ڄنگھان نڪري ويس ۽ اسان نڪري آياسين.....“
    ”چاچا تنهنجي به ته گھوڙي ڪاهجي وئي هئي نه، اِها به ڳالهه ته ٻڌاءِ!“ الله بخش وچ ۾ سوال ڪيس.
    ”بروبر الا بيڪ! منهنجو هڪڙو پٺاڻ دوست هئو، مون وٽ ترسندو هئو. ماني ٽڪي کارائيندو هيومانس، هڪ دفعي رات ٽڪيو ۽ منهنجي پاليل گھوڙي ڪاهي ويو، چوندا آهن ”ان جو مُنهن جنڊ ڏي“ سو پٺاڻ جي جوءِ به شڪارپور هئي، مان به اُتي پهتس ۽ هڪ دوست سان سارو احوال ڪيم ۽ هن کان ايترا ماڻهو گهريم، جيترا ان وقت شڪارپور مان رستا نڪرندا هئا. هن کان ايترا ماڻهو گهريم، جيترا ان وقت شڪارپور مان رستا نڪرندا هئا. هاڻي ته شڪارپور گونا گون ٿي وئي آهي، سو قدرت خداءِ جي جنهن رستي تي مان بيٺو هئم. ڏٺم ته ٻيلي همراهه گھوڙيءَ تي اچي پيو. اڳ وٺي، گھوڙيءَ تان لاهي، ٻه دفعا جو پَٽَ تي هنيومانس ته ناسن مان به رت وهڻ لڳس، منٿون ڪري جان ڇڏرايائين....“. چاچا خان محمد خاموشيءَ سان ڪيترائي لمها نوروءَ کي سگريٽن جي ڪـش هڻندي ڏسندو رهيو، پوءِ وري چيائين ”..... ٻاهر هٿ پير هڻجي پر پنهنجي قلعي کي به پختو رکجي، اسانجي ٻنيءَ ۾ هڪ کجي هئي، مٺن ڏوڏن جي ڪري ”مٺڻ کجي“ نالو پيس، هڪ رات ڪي همراهه ڏوڏن جا ڇنگا ڪٽڻ آيا، مونکي به کڙڪ پئجي وئي. کجي پاڻيءَ جي واهه مٿان بيٺل هئي، هڪ همراهه مس پس ۾ اتان کڻي واهه ۾ ٽپ ڏنو، هيٺيون همراهه هن جي ڪلهي تي چنبڙي پيو، هيڍيون همراهه توائيءَ ۾ هلندو رهيو، جڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتو ته سڌ پيس ته مٿان به ڪو چڙهيل هُئس“.
    بشام ! هي مُنهن (ميڻ) بتي ته وئي پوري ٿي، ٻي ڪا ٻاري وٺ!“ چاچا وسامندڙ ميڻ بتيءَ کي ڏسندي بشوءَ کي چيو.
    ”خدن ! ٽيم گهڻو ٿيو آهي !“ نوروءَ دونهين جو ڦوڪٽ ڪڍندي مونکان پڇيو.
    ”رات جا ٻارنهن ٿيا آهن!“ مون واچ واري ٻانهن ميڻ بتيءَ جي ويجھو آڻيندي، ڏسي وقت ٻڌايو.
    ”رات جا ٻارنهن.....!“ چاچا خان محمد چپن ۾ ڀڻڪيو. اسان سڀ چاچا ڏانهن متوجهه ٿياسين، نورو جيڪو سگريٽن جو خالي کوکو ميڻ بتيءَ جي شعلي ۾ ساڙي رهيو هئو، سو به چاچا کي گھورڻ لڳو، چاچا ڳالهايو:
    ”مائي ڪلاڪ جيڪا ٺيڪ رات جو ٻارنهين وڳي مرداڻه ڪپڙا پهري اڪيلي اڪيلي شڪار لاءِ نڪرندي هئي. کيس ٻيا به شڪاري گڏبا هُئا، پر اها سُڌ ڪنهن کي به نه هئي ته اِهو اڪيلو شڪاري ڪا عورت آهي. کيس بهادري ڍڳن جا ڍڳ هئي. هڪ رت هوءَ شڪار ڪيون پئي آئي ته ٻه مرد شڪاري گڏيس، جن سامان جي گهر ڪيس، سامان هيٺ لاهي چيائين، ”جيڪڏهن تنها مَئون ڪو کڻي سگهي ته ڀلي کڻي وڃو، جيڪڏهن مان کڻي ويس ته منهنجو آهي“. ٻنهي جوانن وس ڪيا پر ڏهه گامون به کڻي وڃي نه سگهيا ۽ مائي ڪلال ٻئي هٿ قابو وجھي، مٿي تي اڇل ڏني ۽ پٺتي لؤڻو به نه هنيو.“
    ”چاچا ! تڏهن اڄڪلهه جا فنڪار ۽ اداڪار چوندا آهن ته، ”آهي ڪو مائي ڪلال جو پُٽ ته سامهون اچي.“ مون پڇيو.
    ”انهن فن خارن، ٻن خارن جي پاڻ کي خبر ڪونهي، باقي ڀائو جان محمد ڪجهه وخت کان پوءِ پاڻ ئي چيو هيئين، ”خان محمد ! سرائي صاحبڏنو آيو آهي، چئي ٿو ته خان محمد کي چئو ته منهنجي جاڳهه تان قبضو هٽائي ڏي“. ڀائو جان محمد به ايلاز ڪيا سو سرائيءَ کي چيم تون سِرون لهراءِ ! سڀاڻي مان تنهنجو مهمان آهيان. ٻئي ڏينهن رازي کي ڪم شروع ڪرڻ جو چيم، ڪم هلندي مخالف ڌر وارا آيا، هڪل ڪري ڏنڊو زمين تي هنيم ته سڀ ڀڄي ويا ۽ هڪڙو ڪوٺي تان به ڪري پيو“.
    ڳالهه ڪندي ڪندي چاچا جو سمورو جسم جوش ۾ لڏڻ ،لڳو، ڪن جهون پاپڙيون ميڻ ڀتيءَ جي جھڪي روشنيءَ باوجود به ڳاڙهيون ٿيل نظر آيون، ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ چاچا اجھو هاڻي ڏنڊو هنيو آهي ۽ سڀ ڪجهه هن مهل ٿي رهيو آهي پر ڪجهه ساعتن ۾ ٺاپر اچي وئي ۽ چاچا وري سلسلو شروع ڪيو.
    ”......... ڀائو جان محمد مکي مل جو ڪمدار هيو، هڪ ڏينهمن مکي مل آيو ۽ ڀائو جان محمد کي چيئين، ”منهنجي مڱ جي شادي ٻئي هنڌ ٿي رهي آهي سو قرب ڪر خانڻ کي چؤ ته وڃي منهنجي مڱ مونکي وٺي آڻي ڏي“. ڀائو مون وٽ آيو ۽ چيئين، ”خان محمد ! مکي مل آيو آهي، چوي ٿو ته سندس مڱ جي ٻئي هنڌ شادي ٿي رهي آهي، خان جو سالن کانٻڙڪي رهيو هيس، سوچيو مانس، ”اها شامت به اچي ڪڙڪي ! مان ڪو ٺيڪو ته نه کنيو آهي ماڻهن جا ڪم ڪرڻ جو“. ڀائو جان محمد ڪجهه نه ڪ ڇيو، نيٺ منٿون ڪري راضي ڪيائين، پوءِ گھوڙيءَ تي چڙهي ان ڳوٺ ڏي ويس ۽ گھوڙي ڳوٺ ٻاهران ٻڌي، برقعو پائي ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڪجهه مايُن جي ٻاهر وڃڻ کانپوءِ ڪنوار کي ڪن ۾ چيم، ”مکي مل موڪليو آهي!‘“ ڪنوار بهانو ٺاهي مون پٺيان هلي آئي، کيس گھوڙي تي چاڙهي ڳوٺ وٺڄي آيس ته مکي مل جي گڦ پئي اڙهي، ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو“.
    ”بشام! منهنجي بتي ويچاري سورن ۾ ڳڪري وئي، ڪا بچي سچي آهي ته ٻاري وٺ، تيستائين مان هلڪو ٿي اچان“.
    ”چاچا اُٿي وڃڻ لڳو ته نوروءَ چيس، ”چاچا ! جھنگ جو خيال ڪرڻو اٿئي ته اتتي ئي وٽ پاسي ۾ ويهي رهه!“.
    ”شڪار جو ڇا خيال آهي!؟“ الله بخـش شرفوءَ کي ڪن ۾ چيو.
    ”نورو! بشو ! شاهو ! ۽ خدن ! الله بخش شڪار تاڙيو آهي پوءِ ڇا خيال آهي!؟؟؟“ شرفو سڀنن کي چيو.
    ”ايڙهي گٿل گولي هڻجئي جو لوندڙي منئون زونڪٽ ڪندي ٽپي وڃئي..... هيڙهي شؤنڪ جي ميفل (محفل) ڇڏي هلئون.“
    نوروءَ منهن ڦُنجھو ڪندي شرفوءَ کي چيو.
    ”توکي اڇا ٽونڪر نه آئي آهي جو خالي پيلي ٿو بڪين“. شرفو به ٻڙڪندـڙ اک ڏيکاريس.
    ”تَهان ٻنهي کي تاڏيون ڏيڻ جي پِٽَ پيل آهي“. شاهو کڙکڙي انداز ۾ راءِ ڏني،”
    ”شڪار جو ٽيم ته آهي يارو ! پر چاچا خابن محمد به اسان جي ڪري اوجاڳو ڪيو آهي، سو اها تاڙ پختي ڪيو، وري ڪڏهن هيٻو لالا هيـٻو“ ڪنداسين..... پر غيرت ڪيو ته اربوءَ سان ٻه پاڻي ڪرڻ گهرجي. ان جي رڏي لاهڻي پوندي نه ته سڀاڻي ڳچيءَ ۾ پوندو،” شرفوءَ به ڳالهايو.
    پريان چاچا خان محمد جي کنگڻ جو آواز آيو ته چپ ڇانئجي وئي، ڄڻ ڪنهن لفظن جي ميس ماري ڇڏي هجي، يا ڪنهن سڀني ويٺلنج جي زبانن کي ٻاهر ڪڍي ڪيل ٽپائي ڇڏيا هُجن.

    ”جواني کان وٺي رات جي وخت هلڪو ٿيڻ جي عادت آئهي سا اڃا آهي“. چاچا ٻيهر ڪچهري ۾ ويهندي چيو“.
    ”چاچا! چاچي حليمه جو ڀي ته قصو ٻڌاءِ..... اڌوگابري خبر آهي، مزو اچي ويندو! “. بشو ميڻ بتيءَ جي شعلي سان ڪُشٽ ڪندي چيو. چاچا خان محمد ڦاٽندڙ ڦوڪڻي جيان سُسي ويو، مُنهن جي مُرڪ غائب ٿي وليس، گُهنجيل چهرو وٽيل نوڙيءَ جيان کهرو ٿي ويس، بيد مُشڪ جي سُڪل پنن جيان مُنهن ڪري بشوءَ کي ڏٺائين، پوءِ وچڙيل واڻ جيان وچڙيل سوچن مان مُنهن ڪڍي چيائي:
    ”حليمه !!!، چڱو پوءِ ڀلا منڍَ کان ٿو ٻُڌايانوَ“.
    سڀني ڪورس واري انداز ۾ چيوسين، ”بسم الله!“.
    ”ٻهاري ڏيندي حليمه پنهنجي چاچي کي سرهو ڏٺو ، جيڪو سندس سهرو به هو، ڇو جو ان رات سندس ڌيءُ جي شادي ٿي چُڪي هُئي، جيڪا حليمه جي ڀاءُ جي مڱيندي هُئي. سندس چاچي کيسي مان پنج روپيه ڪڍي. حليمه جي ڀاءُ کي چيو:” ”وڃ ۽ ڀيڻ کي موڙو ڪري ڏي!“.
    حليمه جوش ۾ اچي چاچهنس کي چيو، ”چاچا تون اهو سَهي نٿو ڪرين، هڪ ته منهنجي ڀاءُجي مڱ ٻي کي پرڻائي ڏنئي، وري پنج روپيه ٿو ڏينس ته ڀيڻ ڪري موڙو ڏيس، تون جي ان ڳالهه ۾ راضي آهين ته ڪن کولي ٻڌ ته اڄ کان پوءِ تنهنجو پٽ به منهنجو ڀاءُ اٿئي!!“.
    ٻئي ڏينهن حليمه پاڙي جي هڪ سيد سان نڪري آئي، ان حليمه مون وٽ سام رکي. جڏجهن حليمه جي چاچي اهڙو اطلاع وڏيري گل بيگ کي ڏنوته هن هڪدم مون ڏي ٻانهن واپس ڪرڻ جو چوائي موڪليو، گهڻو زور پوڻ تي مون ح:يمه کي ناڙي بلوچستان جي سردار نياز وٽ سام رکيو پر وڏيري گل بيگ جي زور رکڻ ڪري سردار نياز ٻانهن واپس ڪرڻ چاهي ته حليمه سردار نياز کي چيو: ”سردار نياز خان ! ٻانهن واپس ڪري پنهنجو نانءُنه لڄاءِ!! توکان ڀلو هئو ته مان مکي مل وٽ سام پوان ها، پورو شهر اونڌو ٿئيها ته بس واپس نه ڪري ها“.
    نياز خان چيس: ”مائي ! تون هي دفعو وڃ، جو مونکي مجبور ڪيو ويو آهي“.
    تڏهن حليمه توائيءَ مان چيو هئس. ”تون ڇا ٿو سمجھين ته مان ڪا ڀاڄوڪڙ آهيان جو وري وري تو وٽ ايندس!“.
    ”..... ته ڇا پوءِ سردار نياز حليمه واپس موٽائي ڏني!“.
    بشو هوا جي جھوٽي ۾ وساڻل ميڻ بتي ٻاريندي پڇيو.
    ”ها سردار نياز حليمه کي سندس چاچهنس حوالي ڪيو، چاچهنس زوري کيس ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏيو. تنهن بعد منهنجيون ننڊون ڦٽي ويون، لنئون جي لـٺ لڳي چئي هُئي، جنهن منهنجي زندگي کي بدلائي ڇڌيو. اسماعيل کي گهرائي چيم، ”يار اسماعيل ! مان صفا بيحال ٿي پيو آهيان، بس مران ٿو، حليمه ڏاڍو ياد ٿي اچي. جي قرب ڪرين ته ڳولهي اچ، نه ته هٿن مان وڃانءِ ٿو“.
    اسماعيل جيڪو منهنجو دوست هو، رنگ جو مشڪي، سو ڇڄ وڪڻڻ بهاني ڳوٺ ڳوٺ ڦرڻ لڳو. هڪ ڏينهن هڪ ڳوٺ ۾ هوڪا ٻڌي حليمه در تي هلي آئي، ڇو جو هن اسماعيل جو آواز سڃاڻي ورتو هو ۽ اسماعيل کي چيائين، ”خبر ڏي ادا اسماعيل ڪيئن آيو آهين؟“
    ”خان محمد موڪليو آهي!“ اسماعيل ورندي ڏني هئس.
    ”پوءِ ڳالهه ٻڌ ! منهنجو مڙس ۽ ڏير وڏا رهزن آهن، مان رات جي پوئين پهر جنڊي پيهندي آهيان، تون، خان محمد ۽ مهرل ٻه گھوڙا ڪاهي اچو، مان تيار رهنديس“. حليمه اسماعيل کان هڪ ڇڄ وٺي واپس موٽي وئي.
    رات جي پوئين پهر اسان جا گھوڙا ان ڪوٽ نما گهر جي پاسي ۾ اچي بيٺا، اسماعيل ڀت ٽپي حليمه وٽ پهتو ۽ جنڊ پيهڻ شروع ڪيائين. حليمه کٽ جي سهاري ڀت ٽپي مون سان ملي ۽ اسان گھوڙا هڪليندا نڪري آياسين. صبح جا ڪرڻا نڪرڻ کان اڳ اسماعيل جنڊ کان هٿ ڪڍي ٻاهر نڪري آيو. جنڊ جو آواز بند ٿيندي ئي ٻئي ڀائر ٻاهر نڪتا ته حليمه موجود نه هُئي.
    مان باوجود حليمه جي روڪڻ جي وري به سردار نياز وٽ پهتس. وڏيري گل بيگت کي جڏهن اها خبر ملي ته هن خطن مٿان خط لکي سردار نياز کي ٻانهن موٽائي ڏيڻ جو چيو: پر هن دفعي سردار نياز پڙ ڪڍي بيٺو ۽ صاف صاف انڪار ڪندي وڏيري گل بيگ ڏي چوائي موڪليائين ته ”جي خون بها گهرين ته توکي ڏيون، جي ٽڪا گهرين ته توکي ڏيون. باقي ٻانهن نه ملندئي“.
    تنهن بعد مان ۽ حليمه سڪون جي زندگيءَ جو آغاز ڪيو“. چاچا ٿڌو ڇوڪارو ڀري پنهنجي ڪهاڻي ختم ڪئي.
    ”واهه چاچا واهه! اهنج ڏٺئي پر پيار ماڻيئي!“ شاهو ڊگهي خاموشيءَ کانپوءِ ڳالهايو. چاچا خان محمد جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي سندس گهنجيل چهري مان آبشار جيان ترڪي رهيا هُئا.
    ”مان توهانجي هڪ رات کوٽي ڪري وڌي نه !“.
    چاچا ڳوڙها اگهندي چيو.
    ”مڙسن لاءِ راتيون ئي راتيون آهن چاچا!“ شرفو مچلائي ڪندي چيس.
    ”نوجوانو ! منهنجي هڪ نصيحت دل سان هنڊائي ڇڏيو ته شڪار نه ملي ته نه ملي پر ڪنهن جي حياتي وٺي پاپي نه ٿجو..... آخري مُنهن بتي ڳري پوري ٿي وئي آهي، هاڻي توهان گهر ڀيڙا ٿيو، ان کان جو رب جي وڏي روشن بتي ٻرڻ شروع ڪري“.
    ۽ اسان وات پٽيون چاچي جي ٽامڻي هنيل چهري ڏانهن ڏسڻ لڳاسي.


    وک ٽٽڻ تائين

    وک ٽٽڻ تائين
    ”ٽرن...........ٽرن..........ٽرن............“
    بيل جو مسلسل آواز اچي رهيو هو، منهنجي خواب گاهه ۾، ڪنهن اڻ ڳاتل سُر جيان! سئنيما تي هلندڙ بور فلم جيان! کٽارو بس جي کڙڪي جيان! خواب جيڪي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ننڊ تي موهت ٿي پنهنجي دنيا هلائي رهيا هيا، سي ٽٽڻ چاهين ٿا. بيل جو اڻ گهريو آواز هڪ پل ۾ هٿ لڳڻ سبب رڪجي ويو. شايد صبح ٿي ويو آهي. ڪارو آسمان به شرم وچان اڇو ٿيندو پئي ويو، ڪڪڙ ۽ گڏهه گڏجي صبح ٿيڻ جي صدا ٻڌائي رهيا هئا، ڄڻ ڪنهن گمنام فلم جي بي سري ڌن، مان اڃان ننڊا کيل هئم، سمجهيم ته پاڙي ۾ راڳ رنگ جي محفل هلي رهي آهي.
    انسان ڪيڏي به اوک ۾ زندگي گذاري پر خوابگاهه جا خواب خوش رکندا آهن، اهي خواب ئي ته آهن جن ڪنهن به بادشاهه جو تالو نٿو لڳي سگهي.
    باقي!”زندگي!!!“ ڪيڏي نه اوکي آ گذارڻ!!
    رڳو دشواريون! پنهنجن پيرن تي بيهڻ ڪيڏو نه اڙانگو ڪم آهي! وري بيروگاري اڃان به سنڌَن مان ست ئي ڇڏائي ڇڏي ٿي، ڪو هنر به ته ڪونه سکيم، اڄ بابا جي اها ڳالهه ياد اچي ٿي ، جيڪا هڪ انگريزي ڪهاوت کي ڦيرائي چوندو هو.
    “Always play and no work maks man gypsy”
    ننڊ به ڪيڏي نه عجيب شيءِ آهي، آغوش وٺڻ چاهي ته ڪنهن به ڪم ۾ مورڳو مزو ئي نه اچي، جي ڇڏڻ چاهي ته ماڻهو ڇڏيس نه، خوابن جا خوبصورت منظر، محبت نگر، خوشين جا لمحا، طلسماتي ڪيفت، ڪڏهن باغن ۾ ته ڪڏهن ڪوهه ڪاف جي ڪنڊ پاسي،سهڻا سپنا جيڪي خواب جي دائري ۾ ڦرندا آهن، سڀ ڇڏي، نيٺ نه چاهيندي به سجاڳ ٿيڻو پوندو آهي، ٿڌي پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوئي، ڏندڻ ڪرڻ، ۽ وهنجڻ! ڪيڏو نه اڙانگوڪم محسوس ٿيندو آهي، هونئن به اهو ڪنهن نوڪري واري کي جڳائي.
    ”جواد.....!او اباجواد!!“
    ”جي امان.....؟“
    ”پٽ باک ڦٽئَ ويل اڪرم سڏي سڏي ويو اٿئي، تو کي ته آهي دير اٿڻ جي عادت پيل، سو توکي ڪونه اٿاريم، ويچارو ٻاڪي ٻاڪي وڃي ٿڪو پر مجال آجو تون اک کولين.“
    ”ڇا لئه آيو هو امان!؟“
    ”نه ڄاڻ ابا، الاءِ جو ڪهڙو ڪم هئس، مونکي ته چيائين ته ٻڌائجائنس هن محل ئي شهر کان پهتو آهيان.“
    ”نه امان نه ڪونه ٿو وڃانس!“
    ”ڇو ڪونه ٿو وڃينس!“ ٿي سگهي ٿو ڪو خاص ڪم هجيس.“
    ”اون هون......!ڇا وري ڇا هوند؟ واندو ماڻهو چوندو ته ويهه ته ٿا ڪچهري ڪريون.“
    ”تون وري ڪهڙا ڪارخانه ٿو هلائين!؟“ امان طنزيه ٿي چيو.” پوءِ اَبا وڃي ته ڏسينس.“
    رف رف روانيءَ سان سڌو اڪرم ڏي رخ رکيم، هو هميشه نبن ڪنڀر جي هوٽل تي ويهندو آهي ، جيڪا اسان جي گهر کان ٿوري پنڌ تي آهي، وکون کڻندي مختلف خيال اچي رهيا هئا، ڪهڙو ڪم هوندس؟ متان ڪو نئون ڪلام ياد ڪيو هجئين!يا ڪي تازا تازا گفتا ٻڌائي!جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ بوريت ختم ڪرڻ رامو کڏ ڏي ويو هئس، سرڪار طرفان تازو لنڪ روڊ ٺهيو هو، تتان ننڊڙين پٿرين جو جهول ٽمٽار ڪري کنيم ۽ کڏ جي پاڻي ۾ لهرن جا گول دائرا ٺاهڻ لڳس،اڪر به ڪنهن سياسي ليڊر جيان آڱرين کي هوا ۾ لوڏي اچي کڏ تي پهتو، مان اڃان ڪجهه ڪڇان جو اڳ ۾ ئي ڦاٽ کادائين.
    ”يار اسان جي حڪومت صفا چري آهي، مڙئي ٻئي ٽئين سال اليڪشن ڪرايو بيٺي آهي، جيڪڏهن هڪ ئي دفعي چار پنج وزيراعظم چونڊي ڇڏجن، جو هڪ لهي ته ٻيو چڙهي ٻيو لهي ته ٽيون چڙهي،ائين ڪرڻ سان اليڪشن تي زيان ٿيندڙ پئسو به بچندو ته ملڪ به ترقي ڪندو.“ ٿورو وقفو ڪري چيائين،”جوانيءَ۾ مان ڏاڍو ڊورڻو هئس، ڏاڍو ڊڪندو هئس، ڊڪڻ واري عالمي مقابلي ۾ ڪاٺ جي گهوڙن تان بل ڏئي سب مقابلا کٽي ويندو هئس پر هڪ دفعي ڊوري رهيو هئس ته منڊي ڪتي زوريءَ اچي چڪ پاتو، اهو ڏينهن هي ڏينهن وري نه ڊڪيس.“ نڪ کي لمڪو ڏئي چيائين.” يار مان ٻڪري ورتي، ٻڪري هجي سڪيلڌي، ايترو کارايو مانس، ايترو کارايومانس، پوءِ به ٻڪريءَ کي آفري نه ٿي، ويچاري بک تي مري وئي.“ فلمي ولين جيان ٽهڪ ڏئي چيائين،“ غريب پلس وڏي فيملي ايزيڪولٽ دال....“ مونکي کلندو ڏسي چيائين،” کلي وٺ، اڄ ٽڪي ۾ ٽهڪ اٿئي، سڀاڻي اڍائي روپئي داڻو ڏيندوسانءِ.“
    منهنجون وکون ختم ٿيڻ واريون هيون، ڇو جو اڳيان نبن ڪنڀر جي هوٽل هئي. منهنجي اندازي موجب هو هوٽل ۾ ويٺو هو ۽ ٽيبل تي پنهنجي ڏوڏين سان موسيقيءَ جو اسم تيار ڪري رهيو هيو. هو موسيقار نه آهي!!هو گلوڪار آهي!ڳوٺ جي گهٽين ۾ ڳائيندو آهي محفلن ۾ نه! اها ڏات هن کي ڪنهن مهان گائڪ کان ورثي ۾ نه ملي آهي پر نبن جي هوٽل ۾ ڪلام ٻڌي ٻڌي ملي اٿس.
    ”ڪهڙي ڳالهه آهي!؟“ ايندي ئي ڪَست مان پڇيم.
    ”ترس........ترس!ساهه پٽ!اچڻ سان ئي ٻٽجي ويو آهين!“ مون کي توائي ۾ ڏسندي چيائين.
    ”ڪا خاص ڳالهه به آهي يا ڪچهريءَ لاءِ هيانءُ ٿي ڦاٽئي؟!“
    ”آهي! پر پهرين چانهه گهراءِ پوءِ.“
    ”ڇو تو وٽ پئسا نه آهن ڇا؟“
    ”خوشخبري تو لاءِ، چانهه مان پياريان! ڪمال ٿو ڪرين!“
    ”اڙي او نبن! ٻه چانهيون آڻ!“ مون ئي چانهه گهرائي.
    ”ڇا ٿيو اٿئي!اڄ ڀلا ايڏي ڪاوڙ! پرين کل ته سهي، کلڻ جو گهٽ ۾ گهٽ بل ته ڪونه ايندو آهي!“
    ”کلڻ جو بل!.......بل ته بجلي، گئس ۽ فون وغيره جو ايندو آهي، کلڻ جو ته نه !؟“ مان کليس پئي،”هاڻي ٻڌاءِ به سهي ڪهڙي خوشخبري آهي جنهنڪري ڪپڙن ۾ نه پيو ماپين!؟“
    سڀاڻي ماستري لاءِ انٽرويو ٿيندو،اسان جو دوست ماسترٿيندو، ٿورو سينئر ٿيو ته ايف.اي ۽ اڃان سينئر ٿيو ته هيڊ ماستر....سڀاڻي توکي به انٽريو ڪال آهي، ياد اٿئي!؟“
    ”اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي؟ ڪيترائي انٽريو ڏنا اٿم، ڪا اميد نظر ئي ڪونه ٿي اچي، هي به گذري ويندو.“
    ”هن دفعي تون ضرور ڪامياب ٿيندين، ست هزار سيٽون آيون آهن!“
    ”۽ درخواستون هڪ لک جمع ٿيون آهن، پوءِ به هن دفعي جيان ڏوڪڙکارائيندڙ ۽ سفارش وارن کي ملنديون..........۽ پاڻ کي ته ڦاٽڪ وارو به ڪو نه سڃاڻي ...........هونهه........!!“
    ”ڇڏ بڪواس، ڀلا ٻڌاءِ ته ڪهڙي محل هلندين!؟“
    ”يار منهجي دل نه ٿي چئي.“
    ”مان چوان ٿو جواد!اِها ڦانٽا گيري وڃي ٻين سان ڪر..........“
    ”تو ۾ ته ٿوم ئي ڪونهي اڪرم!“
    ”مون ۾ ته گدامڙي به ڪونهي!.......پر تون ٻڌاءِ ڪهڙي وقت هلندين!؟“
    ”چڱو چڱو صبح سوير هلنداسين!“
    صبح جو جڏهن انٽريو سينٽر تي پهتاسين ته رش ڏسي مونکي لطيف سرڪار جو ميلو ياد اچي ويو.
    ”اڪرم ڏس اڄ ڪيترا بيروگار انٽريو ڏيڻ آيا آهن!“
    ”يار جواد!ڇا ڳالهه آهي، جيڪو اندران انٽريو ڏئي ٻاهر اچي ٿو ته پگهر ۾ ڇم لڳو پيو آهي،اندر انٽريو ٿا وٺن يا گهر لاءِ ماني ٿا پچرائن، جي گهر لاءِ ماني ٿا پچرائن ته تون ڇا ڪندين!؟ توکي ته ماني پچائڻ ڪانه اچي ٿي...........تون هئين ڪجانءِ جو چئجانءِ ته سائين مونکي ماني پچائڻ ڪانه ٿي اچي !باقي جي نوڪري ڏيو ته هڪ عدد بورچيءَ جو انتظام ضرور ڪري ڏيندس!“
    ”اڪرم ڇڏ مذاق! توکي ڇا خبر ته ڪهڙي ڪيفيت مان پيو گذران.“ مون ايترو مس چيو ته پٽيوالي منهنجو نالو ۽ نمبر پڪاريو.
    ”ڏس اڪرم!منهنجو وارو اچي ويو، مان اندر وڃان ٿو،دعا ڪجانءِ!“
    اندران موٽن ويل مان به پگهر ۾ ڇم ٿي ويو هوس، مون کان ماني ڪونه پچرايائون، مون کي فيل ڪري ڇڏيائون. ان لاءِ ته مون وٽ ڪابه سفارش ڪو نه هئي، مونکي ڦاٽڪ وارو به ڪونه سڃاڻيندو هو.


    قيامت کان اڳ

    قيامت کان اڳ
    در کلڻ جو چيڪٽ ٿيو. ننڍڙي پنهنجو مُنهن گوڏن ۾ لڪائي ڀڻڪيو، ”اچي وئي !“ ٻنهي گوڏن جي وچان ننڍڙي ڪنڌ مٿي ڪري ”هُنَ“ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. کٽ جي هيٺان ۽ فرش تي ليٽيل هجڻ ڪري هن کي صرف ڪاري پتلون ۽ ٻه ڪارا پالش ٿيل بوٽ ڏسڻ ۾ ٿي آيا. هن ڏٺو ته در جو طاق ٺڙڪ ڪري بند ٿيو ۽ ڪارا پالش ٿيل جوتا فرش تي کڙڪو ڪندا، ڀرسان واري ڪمري ۾ هليا ويا.
    ”اوهه..... هي ته اَبو نڪتو ! “ ننڍڙو افسوس ڪرڻ لڳو، ”هوءِ الاءِ ڪهڙي مهل ايندي؟ هن جو رنگ الاءِ ڪهڙو هوندو؟؛ هن جو قد ڪاٺ جسم الاءِ ڪيئن هوندا؟ هن کي الائي ڪهڙي قسم جا ڪپڙا پاتل هوندا؟“. سنهي ڀوائتي آڳواز تي ساڄو هٿ کاٻي هٿ جي ٺوٺ تي ۽ کاٻو هٿ ساڄي هٿ جي ٺوٺ تي رکي، مُنهن جي آڏو آڻي، منهن لڪائي ڇڏيائين. ڀوائتو سنهو آواز هن جي ويجھو اچي رهيو هو، ننڍڙي جي لونءَ ڪانڊرجي وئي، جسم ڪيويءَ جيان وڪوڙي گول ڪري ڇڏيائين. ٻانهن جي ڏنل بند مان اک ٽيٽ ڪري ڏٺائين، ڪاري رنگ جي ها هيبتناڪ شيءِ هن طرف وڌي رهي هئي.
    ”اچي وئي ! ها اچي وئي ! قيامت اچي وئي ! ڪاري قيامت اچي وئي !“. ننڍڙي فرش تي ڪنڌ ڍاري ڇڏيو. وات مان گگ ڳڙندي فرش تي لڳي، جسم سمورو ڏڪي رهيو هئس، چپن مان ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو هو، ”بس هاڻي اچي ڳوئي ! قيامت اچي وئي !“ ڪاري ـٻلي هنمٿان بيهي ”ميائون !“ ڪيو، ننڍڙي کي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن سندس بيجان جسم کي مٿي کڻي اڇليو هجي. کٽ هيٺان ليٽيل ننڍڙي جي مٿان ٻلي ”ميائون ميائون“ ڪندي ٽپي وئي. پر ننڍڙي جي جسم ۾ ڄڻ ساهه ئي نه هجي.
    وري کڙڪو ٿيو، ننڍڙي زوم منجھان اکيون کولي، ڪارا جوتا ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندا در ڏي ٻاهر وڃي رهيا هيا. ننڍڙي اکيون مهٽي هيڏي هوڏي نهاريو، کيس ”ڪاري قيامت“ ڏسڻ ۾ نه آئي.
    ”آئي.... اِها ته تاني وارن جي ڪاري ٻلي هئي، مان ته سمجھيو قيامت آهي ! استاد اَمين ٻڌايو به ڪونه، ته قيامت ٿيندي ڪيئن؟ هن جو رنگ الاءِ ڪهڙو هوندو؟ هن جو جسم الاءِ ڪهڙو هوندو؟؛ هن کي الاءِ ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پاتل هوندا؟“
    مولوي اَمين پاسڙي جي مسجد جو پيش امام آهي، صوم و صلواة جو پابند آهي. هر روز صبح جو قرآن مجيد جي تدريس جو فرض به انجام ڏيندو آهي. روزانو اخبارون پڙهڻ ۽ عوام الناس کي قيامت جا ڀؤ پڻ ڏيندو آهي ۽ دوزخ جو نالو وٺي آڱرين جي چپٽي ٺاهي ڪنن جي پاپڙين ۾ چنبڙائي وري نڪ تي مهٽيندو آهي. صبح جو قرآن مجيد جي تدريس وقت ٻارن کي قيامت جون ڳالهيون پڻ ٻڌائيندو آهي ۽ کين سڌي رستي تي هلڻ جو پڻ چوندو آهي.
    ڪالهوڪي اخبار ۾ ڪجهه خبرون پڙهي مولوي اَمين جو بِگل ڦريو هئو. آڱرين جي چپٽي پاپڙين ۾ وجھي وري نڪ تي مهٽڻ جي مشق بار بار ٿي ڪيائين، جيڪو ٿي مليس تنهن کي ٿي خبرون ٻُڌايائين.
    ”بابلا ! قيامت جون نشانيون پوريون ٿيون، شرم حياءُ ۽ شناس ته ڪڏهوڪو موڪلايو هئو پر هاڻي ته اَبا توبهه، ماڻهو گهر جي غيرت جو رئو پيا ٽڪين“.
    اهڙي طرح صبح به تدريس وقت اهو اهڙيون ئي ڳالهيون ڪري ٻارن کي چوڻ لڳو، ”ٻچڙئو ! وڃو، بس اجھو ڄاڻ قيامت آئي ۽ دنيا ختم ٿي. وڃو بابا وڃو! پنهنجي پنهنجي گهر وڃو !“.
    ننڍڙي کي مولوي اَمين جون دهشت ڀريون اکيون ياد اچي رهيون هيون. جن کيس وحشت ۽ خوف ۾ رکيو هئو.
    ”الاءِ ڪهڙي مهل ايندي ۽ الاءِ ڪٿان ايندي؟ مون کي ته ڪا خبر نٿي پوي!“ ننڍڙو ڀڻڪڻ لڳو. اچانڪ ٿورو کليل ٻاهريون در وڏو کڙڪو ڪري کليو ۽ ٻلي تمام تيزيءَ سان اندر داخل ٿي ننڍڙي جي مٿان چڙهي ۽ اڳتي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي وئي. ٻليءَ پٺيان ڪارو متارو ڪتو به اندر گهري آيو، ڪتو رنگ جو بلڪل ڪارو هئو، ڪارا ڪارا بج ۽ اڇا اڇا ڏند ! ڪتي جو ڏاڙهه ڏسندي ننڍڙي جو هنياءُ ڦاٽڻ تي هئو پر کيس خبر ئي نه پئي ته ڪيئن هن جون اکيون ٻوٽجي ويون.

    * * *

    ”ننڍڙي جي اکين مٿان هٿ ڏيو ! ننڍڙي کي چيلابدران جي سٽ اچي وئي آهي“ عامل کٽ تي بيهوش پيل ننڍڙي تي ڦيڻا ڀريندي چيو: ”چيلابدران کي جيڪا شيءِ سهڻي لڳندي آهي ته پاڻ سان کڻي وٺندا آهن، پوءِ اهو ڇونه معصوم نينگر هُجي، ڪو سهڻو جانور هجي، نوجوان ناري يا ڇوڪرو هجي، يا پهرين رات جا گھوڙ ڪنوار هُجن“.
    ننڍڙي جو پيءُ جيڪو هڪ معمولي سرڪاري ملازم آهي، عامل جو هڪ نئون انڪشساف ٻڌي وڌيڪَ پريشانٿي وڃي ٿو، جنهن سندس ماءُ جي زخور رکڻ تي عامل کي گهرايو هو.
    ”چيلابدرا چاليهه ڀائر آهن، تن مان هڪڙو يجو لاش اٿن، هو غائب رهندا آهن. ڪڏهن ڌرتي، ڪڏهن آسمان تي گهمندا رهندا آهن، مهيني جا ڪُجهه ڏينهن ڪهڙي طرف ۽ ڪُجهه ڏينهن ڪهڙي طرف هوندا آهن. چاليهون مئلڀاءُ به ڪلهي تي کنيون گهمندا وتندا آهن“.
    ”انهن جو منهنجي پٽ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟!“.
    ”مون چيو نه، ته اُنهن کي جيڪا شيءِ وڻندي آهي، ان کي ”ٽُڪلي“ هڻي وٺندا آهن۽ ها..... انهن کي يا ته جانور ڏسي سگهن ٿا يا ”ٽڪلي“ لڳل ماڻهو“.
    ”پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟ ننڍڙي کي ڊاڪٽر ڏي کڻائي هلئون؟“.
    ”دياڪٽر ڇا ڄاڻي هن روحاني رمز مان، بيوقوف انسان !“.
    ”ته پوءِ نيٺ ڇا ٿيندو؟“.
    ”منهنجي عمل ۾ جن آهن. مان انهن کي گهرائي چيلابدران جو سحر ٽوڙيان ٿو پر پهريائين اگر بتيون ٻاريو، لوبان جو دونهون ڪريو ۽ گلداني ۾ عطر رکو“.
    ننڍڙي جو پيءُ تعميل ۾ جنبي ويو. تيسين عامل پاڻ کي اڇي ڪپڙي جو ڪفن ٻڌرائي، فرش تي تڏو وڇرائي، ليٽي ڪُجهه ڦيڻا پڙهڻ شروع ٿي چڪو هو. ان وقت منجھند جي هڪ ٿيڻ ۾ ڪجهه منٽ باقي هُئا.
    ”...... ها، اچي وئي، اجھو اچي وئي ! قيامت اچي وئي!“.
    کٽ تي ستل ننڍڙي بيهوشيءَ ۾ جاببوليندي چيو.
    ننڍڙي جي پيءُ جي دل ۾ مسرت جي هڪ لهر کنوڻ جيان تجلو ڏنو.
    ”نه پٽ نه ! ڪُجهه به ڪونهي !.... مان آهيان تنهنجو اَبو!“.
    ”خبردار ! ننڍڙي جي ويجھو نه وڃو !“. ڀوپي هڪل ڪندي چيو، ننڍڙي جي ماءُ، ڏاڏي ۽ پڦي جيڪي ڀرسان ويٺيون سسڪيون ڀري رهيون هيون، سي به يڪدم پوئتي هٽي ويون. عامل وري پنهنجي عمل ۾ محو ٿي ويو.
    ”ق..... ق..... يامت.... نه نه .... م..... م..... موٽي وڃي!“ ننڍڙي وري اکيون کوليون ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”قياقمت اچي وئي.... سڀ پنهنجي پنهنجي گهر وڃو.... ها وڃو.... وڃو.... ق..... قيا..... مت!!“ ننڍڙو ٻولاٽيون کائيندي کٽ تي لڇڻ لڳو، ننڍڙي جي آواز ۾ ماٺار اچي وئي، بس وڏا وڏا ساهه کڻي ٿڌو ٿي ويو.
    ننڍڙي جي پيءُ کٽجي ڀرسان اچي، ننڍڙي کي لڇندي ڏٺو، جيڪو ڪجهه لمحن ۾ ماٺارجي ويو. دل جي ڌڙڪن بند ٿي چُڪي هُيس. عامل اُٿي بيـٺو ۽ ننڍڙي جي پيءُ جي ڀرسان اچي بيـٺو.
    ”چيلا بدران نه مڃيو، ضد تان نه لهي نه لٿا، بس ادا حياتي!“.
    ويندي ويندي عامل ننڍڙي جي پيءُ کي دلجاءِ ڏيندي چيو.
    ننڍڙي جو پيءُ ڄڻ پٿر جو تراشيل مجسمو هجي، هن جي اکين اڳيان بس ٻه منظر هُيا. کٽ تي ستل سندس پٽ ۽ روئندڙ عورتون. هو ٿڙندو ٻاهر نڪري آيو، پاڻ کي نساهو ٿي سمجھيائين. سج ۾ اُها تپش محسوس نه ٿيس. هن کي ايئن محسوسٿي رهيو هو ته اولهه کان هڪ وڏو طوفان ”قيامت“ جي صورت ۾ اچي رهيو آهي.


    چنڊ پيرن هيٺ

    چنڊ پيرن هيٺ
    جيئن ئي اک کليس ته سامهون ٽائيم پيس ۾ فريم ٿيل مارمر جي تصوير تي نظر پيس. ميز تي ليمپ ڀرسان پيل ”سنگنگ برڊ “ گڊ مارننگ سر، گڊ مارننگ جا آواز ڪڍڻ لڳو. بستري جي کاٻي پاسي”ويڪ اپ“ بٽڻ تي زور ڏنائين ته اليڪٽرانڪ بسترو_ويل چيئر جيان ٿي ويو، اڃان لهي ئي لهي جو واچ_ ڪمپيوٽر مان الارم مليس، هن”سڪرين_اپ“ بٽڻ دَٻايو،سامهون مارمر هئي.
    ”هاءِ ڊيوڊ ڪٿي آهين !.......شادي جي ڏهين ڏينهن ڪيئن ياد پيس؟“
    ”ڊينس ۽ مان هن وقت چنڊ جي وڏي ۾ وڏي چوٽي ”مائونٽ ايورسٽ“ وٽ آهيون، اڄ اسان جي هني مون جو اٺون ڏينهن آهي چنڊ تي.“
    ”مس مارمر مان مارمر ڊينس ٿيڻ تي مبارڪون! ڪيئن محسوس ڪيو اٿئي!؟“
    ڊيوڊ چريو نه ٿيءُ ، با مقصد ڳالهاءِ!“
    ”ڀلا ڊينس ڪيئن آهي مارمر!؟“
    ”تمام شفيق، مهربان ۽ پيار ڪندڙ، تو وانگي!“
    مون وانگي .............!!ڇا مطلب؟؟“
    ”مان اڃان سن ڀاٿ ،وائين پارٽين ۽ سن ياترائن وقت تنهنجو ڏنل پيار وساريو ناهي.“
    ”........۽ ڊينس شيفر جي باري ۾ تنهجو ڇا خيال آهي!؟“
    ”او هني! هو منهنجو جيون ساٿي آهي محبت نه!مون کي ته اڃان به گذريل مهيني واري ياترا وقت تنهنجو ڏنل پيار ياد پيو اچي، هني!ماءِ چيڪس ويٽ فار سيم.......۽ ها توکي ٻڌائڻ ضروري سمجهنديس ته هتان کان پوءِ اسين مريخ تي شفٽ ٿي ويندا سين جو ڊينس جي فيملي اُتي سيٽل ٿيل آهي.“
    ” چنڊ کي چنڊ تي مزو اچي پيو يا نه!؟“
    ”ڇڏ ان ڳالهه کي ڊيوڊ! توسان پوءِ رابطو ڪنديس،وڪي باءِ.......“ اليڪٽرانڪ جي ترڪڻ واري پٽي تان ترڪندي ڊيوڊ کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته ”اسپون فيڊنگ“ انسان کي ڪيڏو ته ناڪارا بنائي ڇڏيو آهي.
    ڊيوڊ باٿروم جي دروازي وٽ اچي بيٺو،در خود بخود کلي ويو، باٿروم جي دروازي کلڻ سان باٿروم اندر بجلي به بحال ٿي وئي.باٿروم جي ربوٽن ڪجهه لمحن ۾ وهنجاري، ڪپڙا پارائي ۽ پرفيوم اسپري ڪيو.
    هاڻي گهر ٻاهران خودبخود هلندڙ فٽ پاٿ تي بيهي رهيو،فٽ پاٿ تي هلندي ”ڪلوننگ ماستر“جي دڪان اڳيان بريڪر تي بيهي رهيو.هر طرف گوڙ ۽ شور محسوس ٿيس. هر ڪنهن کي پاڻ جيان آپي خالي ٿي ڀائنيائين. کيس اهو لمحو ذهن تي تري آيو جڏهن مارمر کيس پرپوز ڪيو هئو ۽ کيس ڪو جواب ڏيڻ لاءِ چيو هئائين ته نه چاهيندي به مارمر جي دل ڏکائي هئائين ۽ پوءِ لڇيو ۽ تڙپيو هئو،زندگي گهر تائين محدود ڪري ڇڏي هئائين.هڪ ڏينهن مارمر سان واچ ڪمپيوٽر ذريعي رابطو ڪري کيس معافي ورتي هئائين، مارمر کيس نه فقط معاف ڪيو پر ڊينس شيفر سان شادي ڪرڻ جي خوشخبري به ٻڌائي هئي.اشتهائون ڪنگرن جيان ڇڻي ڪِري پيون هئس، لُڇي پيو هو.
    شادي جي تقريب مان به جلد موٽي آيو هئو.مارمر کي الودا به نه ڪيو هئائين.ڏهه ڏينهن عذاب جي اُلن ۾ جلندي کيس هي آسائشون به بي مزه ٿي لڳيون اڄ ڏهن ڏينهن بعد مارمر جي رابطي ڪرڻ تي هو گهر کان ٻاهر نڪتو هو.
    هن جي خيالن جو شيشو تڏهن ڀورا ڀورا ٿيو جڏهن”نيوزبوٿ“ جي اسپارڪلنگ ڪندڙ روشني هن جي اکين کي متاثر ڪيو.نيوز بوٿ ۾ ڪارڊ وجهي ”ارجنٽ نيوز“ نالي26.12.2123 جي اخبار ڪڍيائين، کيس اخبار بي مزه لڳي جوڊسٽ بن ۾ اڇلي وري فوٽ پاٿ تي چڙهي بيٺو،کيس مارمر جي ياد ستائي رهي هئي، ماڻهن کي فوٽ پاٿ ۽ دڪانن تي تن تنها ڏسندي ۽ هلندو رهي ٿو. اڳيان.”ڪرائيم ڪنٽرول روبوٽ سينٽر“ هو اڪثر ڪاروبار مشينري تحت پئي هليا.
    اچانڪ”فلائينگ مشين“ هن آڏو لينڊنگ ڪئي، سن باٿ ڊريس پاتل جيڪلائن هن جي اڳيان بيٺي .
    ”ماءِ سوئيٽ هارٽ ڊيوڊ! سن باٿ تي هلڻ جي خيال آهي !؟“
    ”جيڪي!سوري!“
    ”ڊيوڊ!هاڻي ته مارمر توکان پري ٿي وئي آهي، تون ڌرتئَ جي ڌوڙ ۽ اهوءَ آسمان جو تارو ٿي وئي آ، پوءِ به اسان کي لفٽ ناهي، ڇو ڊيوڊ!؟“
    ”جان ٽيلر کي ڇڏي ڏنو ٿي ڇا!؟“
    ”جاني اهو ته توکي ( ) ڪرڻ لاءِ ڪندي هئس“.
    ”جيڪو مونکي خلا ياترا مرڪز ( ) وڃڻو آهي.“
    ”ڊيوڊ!فلائينگ مشين مهيا ڪندڙ دڪانون ويجهو ئي آهن، مان تو لاءِ به هڪ عدد مشين افورڊ ڪري سگهان ٿي،500 کان1000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! اڄ گڏجي سن باٿ وٺڻ هلنداسين، آ نو يو لائيڪ اٽ!“
    ”آءِ ايم سوري مس جيڪلائن مان ٽائيم نه ڏئي سگهندس!“
    ”ڏس ڊيوڊ! جي اڄ تون نه هلندين ته مان”ڊيٿ سينٽر“تي وڃي، پنهنجي مرضئَ سان موت قبولينديس، يا هن پکئَ جيان اڏائيندڙ فلائينگ مشين تان ٽپو ڏيئي ڇڏيندس،“
    ”ٺيڪ آ، تون هل مان اچان ٿو.“
    ”مان تنهجو انتظار ڪنديس ڊيوڊ!“
    ڊيوڊ جيڪلائن کي اڏامندي ڏسي فٽ پاٿ تي بيهڻ چاهيو جو سندس واچ ڪمپيوٽر الارم ڏنو.
    ”هاءِ ڊيوڊ! مان مارمر آهيان.“
    ”يو لاءِ ان ماءِ بريٿ، مارمر!“
    ”ڊيوڊ! تون اسان ڏي اچين ڇونه پيو!؟؟“
    ”2123ع جون جديد سهولتون هوندي به مان هتي پرسڪون ناهيان،مارمر مان هن ميڙ ۾ پاڻ کي اڪيلو ڀانيان ٿو.“
    ”ڊيوڊ! تون خلا ياترا مرڪز مان اڄ ئي مريخ لاءِ فلائيٽ بڪ ڪرائي ڇڏ.“
    ”ان خيال سان ئي ته وڃين رهيو آهيان.“
    ”ڊيوڊ مان ۽ ڊينس“ ڪلوننگ ماستر“وٽان پنهنجي جين مان ٻه ٻار تيار ڪرائي ڇڏيا هئا، نائو وي نِيورَ رٽن ٽو ارٿ........! او ڊيوڊ هاڻي ڊينس سان ڳالهاءِ، هي منهنجي ڀرسان بيٺو آهي،“
    ”هاءِ ڊينس ڪهڙا حال آهن؟“
    ”ٺيڪ تون ڪئين آهين ڊيوڊ!؟ مارمر ٻڌايو پئي ته تون ڌرتئَ تي اٻاڻڪو محسوس پيو ڪرين، پيارا! تون مريخ تي اچ جو ڪجهه گهڙين بعد اسان به چنڊ تان مريخ لاءِ اڏام ڪنداسين.“
    ”ضرور ايندس!“
    ”ڊيوڊ يار! خلا ۾ چپي چپي مختلف ملڪن جا اسڪاءِ ليبس آهن ۽سڀ کان خوبصورت ۽ جديد سڪاءِ ليب سنڌ جي آهي.
    اسان جي خلائي شٽل به سنڌ جي”لطيف اسڪاءِ ليب“ تي لينڊنگ ڪئي، جيئن ئي اسان جي جهاز لطيف اسڪاءِليب جي ائير لاڪ جي چوٽيءَ تي لينڊنگ ڪئي ته ليب جي ٽن سائنسدانن جيڪي ورڪشاپ تي تجربا ڪري رهيا هئا،اسان جو استقبال ڪيو.جن بعد ۾ پنهنجو تعارف هالار،هريش ۽ مهراڻ طور ڪرايو. هريش ٻڌايو ته مريخ ۽ وينس تي انساني رهائش کي مڪمل ڪرڻ ۾ سندن سنڌ جي فلڪياتي ماهرن جو عمل دخل آهي ۽ ڊيوڊ! مهراڻ ٻڌايو ته هن وقت هو ٽئي ڄڻا اسڪاءِ ليم جي گنبذ ۾ تجربن کي پائيه تڪميل تي پهچائي رهيا هئا هالار ٻڌايو ته روس ۽ آمريڪا بعد سنڌ ئي آهي جيڪو سج جي دنيا باري ۾ تجربا ڪري رهيو آهي ۽ سندن هٿرادو گرهه سج جي حدن ۾ داخل ٿي چڪا هئا.“ ڊينس تفصيل ٻڌايس.
    ”واقعي ڊيوڊ اهي تمام محنتي آهن !..هاڻي تون ٻڌاءِ،ڀلا ڪڏهن اسان وٽ پهچندين؟“
    ”مان هاڻي ئي خلا ياترامرڪز وڃان پيو.“
    ”اوڪي هاڻي مارمر سان ڳالهاءِ!“
    ”هي ..........لَوِ ڊيوڊ!“
    ”زندگي تو بنا نٽهڻ جو پاڇو آهي ريئلي مارمر!“
    ”ڊيوڊ، سچ پڇين ته مونکي به خوشي تو بنا ڏور ٽٽل لغڙ جيان ٿي لڳي، انسان ڌرتئَ کان ڀل ڪوهين ڏور هليو وڃي ته به غمن جا پاڇا پٺيان ڊوڙندا اچن ٿا، هيترن مسرتن هوندي به ناخوش آهيان ڊيوڊ!“
    ”مارمر، مان هن وقت خلا ياترا ۾ آهيان ۽ بوڪنگ ڪرائي رهيو آهيان.“
    ”مون کان جدا ٿي ڪئين ٿو محسوس ڪرين!!؟؟
    ”ويڳاڻو ويڳاڻو........ڪنهن اڪيلي پکيءَ جيان ! جو صحرا ۾ رهندو هجي ۽ ويجهو ڪابه ڊنڍ نه هجي.“
    ”.......ته پوءِ مونسان شاديءَ لاءِ ڇو انڪار ڪيئي!!؟؟
    ”مارمر مان محبت ۾ ميلاب جو مخالف آهيان! مون وٽ ميلاپ عشق جو زوال وارو تصور آهي.... ۽ ها 31.12.2123 تي منهجي منزل تون هوندئين، جو خلا ياترا مان تارخ ملي آهي.“
    ”آئم سو هيپي ڊيوڊ!مان بيان نه ٿي ڪري سگهان ته مونکي ڪيڏي خوشي ٿي آهي .“
    واڪي باءِ، توکي هاڻي حقيقي اکين سان ڏسبو!“
    ”باءِ، ماءِ سوئيٽ هارٽ“
    ڊيوڊ کي ڪمپيوٽرواچ واري ٻانهن سڌي ڪندي جيڪلائين ياد آئي، ”آئيم سوري جيڪي!مان نه اچي سگهيس.“دل ۾ ڀڻڪندي ڊيوڊ گهر طرف موٽڻ لاءِ فٽ پاٿ تي چڙهي بيٺو. ڪلوننگ ماستر جي اڳيان نيز بوٿ جڳ ”ارجنٽ نيوز“ بٽڻ سپارڪلنگ ڪري رهيو هئو.ڪارڊ وجهي اخبار ڪڍي پڙهڻ لڳو.
    ” آمريڪا جا ڪيميڪل ليبس هڪ زوردار ڌماڪي سان تباهه ٿي ويا.“ هو تفصيل پڙهڻ بنا اخبار ڊسٽ بن ۾ اڇلي فوٽ پاٿ تي چڙهي بيٺو.هن لاءِ پنج ڏينهن پنج صديون بڻجي گذريا.
    مقرر ڪيل تاريخ تي ڊيوڊ خلا ياترا مرڪز پهچي چڪو هو ان کان اڳ هن مارمر سان رابطو ڪيو ۽ کيس اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي. نيٺ ٽوم هال ڊيوڊ،لارينس ۽ جيمس خلائي جهاز اندر ويهي، ها ۾ داخل ٿيا . ڌرتئَ کان 75 ميل مٿي جهاز جي خلااندرداخل ٿيندي ئي جهاز جي ڪيبن ۾ آڪسجن گئس جي ٽنڪي کي باهه لڳي وئي پر ”اسپري“ بٽڻ دٻائڻ سان آخر باهه وسائي وئي. خلا ياترا مرڪز جي طرفان پائيليٽ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندي واپس مڙڻ جو ميسيج مليو، جو جهاز جي سڙي وڃڻ جو انديشو هئو. خلائي جهاز وپس فضا ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي مقرر ڪيل رستي تان هٽڻ ڪري ٻيهر خلا ۾ داخل ٿيو. داخل ٿيندي ئي زميني ڪنٽرواداري جي اسڪرين تان گم ٿي ويو.
    مارمر واچ ڪمپيوٽر تي ڊيوڊ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي ور سڪرين تي کيس دونهون نظر آيو .هن واچ ڪمپيوٽر جو”اسپيشل نيز“ بٽڻ دٻايو،“خلائي جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو ۽ لطيف اسڪاءِ ليب پاران خلا ۾ ڀٽڪندڙ خلائي جهاز ڏٺو ويو.“ جون خبرون پڙهندي مارمر جا ڳوڙها واچ ڪمپيوٽر جي سڪرين تي ڪريا.
    ”ماءِ سوئيٽ هارٽ مارمر!غم نه ڪر، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، مونکي ڊيوڊ جي خبر ملي آهي، سندن خلائي جهاز روس جي زميني ۽ خلائي روٽ طرف وڃين رهيو آهي ،اميد ته هو بچي ويندا.“
    ”ڊينس!ڊينس!تنهنجي واچ ڪمپيوٽر واري وارو نيوز وارو بٽڻ اسپارڪلنگ ڪري رهي آهي.“ اچانڪ مارمر دانهن ڪندي ڊين کي چيو . “
    ڊينس ”اسڪرين اپ “ بٽڻ دٻايو، سندس واچ ڪمپيوٽر جي ننڍي اسڪرين مٿي نڪري آئي ۽ کيس”لطيف اسڪاءِليب پاران ڀٽيڪل جهاز تي گرفت حاصل“ جي خبر ۽ جهاز نظر آيا.ڊينس مارمر کي دلجاءِ ڏني ۽ کيس ڪمري ۾ وٺي آيو.مامر کي صوفي تي ويهاري، پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ سمهڻ هليو ويو.مامر ڊيوڊ جي سوچن ۾ گم هئي،اداسي هٽائڻ لاءِ ٽي دفعا اکيون ڇڀنيائين ته ڀت تي ٽي وي اسڪرين ظاهر ٿي، جتي دنيا کي ٻه صديون اڳتي ڏيکارڻ بابت فيچر هلي رهيو هو. هن هٿ سڌو ڪيو ته چينل تبديل ٿي ويو،هن وري هٿ سڌو ڪيوته ٻيو چينل شروع ٿيو. هن کي سڪون نه ٿي آيو،ٽي دفعا اکيون ڇنڀيائين ته تي وي اسڪرين غائب ٿي وئي.
    اچانڪ کيس در جي مٿان لڳل اسڪرين تي”ٽي مهمان“جو پيغام مليو،مامر دروازي کان نڪري ڊرائنگ روم ۾ پهتي ته هن جي اکين معجزو پسيو.
    ”ڊيوڊ..........!!!مئريڪل!!!“
    ”معجزونه!.... مهرباني لطيف اسڪاءِ ليب جي مهربانن جي، جن پنهنجو قيمتي صرف انسانيت جي خدمت ناتي ضايع ڪري مونکي بچايو ۽ هي آهن هالار ۽ هريش،سنڌ جا سائنسدان“ ڊيوڊ ورنايو.
    ”توهان ۽ توهان جي ملڪ جي مهرباني !“مارمر ڏک ۽ خوشئَ جي گڏيل تاثر سان چيو.”سنڌ دي گريٽ!“
    ”اسان کي افسوس آهي جو اسان ٻين کي بچائي نه سگهياسون.“ هالار افسوس جو اظهار ڪندي چيو.
    ”جلدي اچو! پنهنجي برقي جهاز ڪلوننگ ذريعي ٺاهيل انسان سميت سج جي حد ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ انسان اڃان زنده آهي.“ مهراڻ جو موڪليل ٻانهن ۾ ٻڌل جديد اوزار وسيلي هالار ۽هريش کي مليو.
    ”اسان پنهنجي هڪ اهم مشين جي ڪاميابي پنهنجي اسڪاءِليب تي وڃين رهيا آهيون جو هڪ خاص تجربي مڪمل ڪرڻو آهي.“هالار ۽ هريش صوفي تان اٿندي مامر ۽ ڊيوڊ کي چيو.
    مارمر ۽ ڊيوڊ کين الوداع ڪيو ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان دلين جي روح رهاڻ ڪرڻ لڳا، ان کان اڳ هالار ۽ هريش مريخ تان اڏامي چڪا هئا.


    دال، مڇر ۽ ڪتاب

    دال، مڇر ۽ ڪتاب
    ديؤ رانڀاٽ ڪندو منهنجي ڀرف اچي رهيو هو، مان لڪندو لڪندو اچي گنديءَ جي اوٽ ويهي رهيس، اها گندي جنهن جي ڳلکڙي مان پلال جو موئو ڪڍي سرڪائي سرڪائي ڪڻڪ جو جھول ڀري پاڙي جي دوڪان تي کپائي مڱيرا ۽ لائي وٺي کائيندو هيس، گنديءَ ۽ اوڏڪي ڀٽ جي وچ تي ٿوري وٿي هئي، جنهن ۾ مون جهڙو سيپڪڙو آرام سان لڪي ٿي سگهيو پر ان کان اڳ ديؤ گنديءَ ۽ ڀت جي وٿيءَ سامهون اچي ٻيهر رنڀ ڪئي. منهنجا تارا کلي ويا، ڇڳل واڻ واري پراڻيءَ کٽ تي مال جي واڙي ۾ سُتو پيو هُئس، نانيءَ جي پهريات وڇير منهنجي مُنهن کي چٽي رهي هئي ۽ رکي رکي رنڀ پڻ ڪري رهي هئي، جنهن جو قلعو منهنجي کٽ ڀرسان هئو. وڇير کي ڪالهه ئي ڦر ڄائو هو. جيئن ئي منهنجا تارا کليا ”ديؤ“ کي اکين اڳيان ڏسي وڏو ٻرڙوٽ ڪري کٽ تان بُل ڏئي هيٺ لٿس. نانيءَ جي وڇير جي لاٿل ڇيڻي ۾ ٿڦجي پيس، هيڏي هوڏي نهاريم، ڪو به نه هو، سڀ ڄاڃي سُتل هُئا، باقي گهر ڀاتي ۽ گهر ڌياڻيون گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي نظر آيا. وڇير جو ڦر منهنجيءَ کٽ ڀرسان پيل وڏي کاري ۾ هيو. شايد نانيءَ مٿان ڳوڻ رکي ڇڏي هيس ۽ وڇير وري ديؤ بڻجي مونکي ننڊ ۽ جاڳ ۾ ڊيڄاري رهي هئي، ٻيو ته مڇرن سڄي رات مُنهن پٽي پٽي دٻلو بڻائي ڇڏيو هو، سڄي رات ”ڀون ڀون“ ڪندا رهيا، مُنهنجو رت مٺو آهي شايد، جو مڇر ڳولي ڳولي ”ڊسپوزل سرنج“ اچي مونکي هڻندا آهن. م ون به پنهنجي آخري وصيعت ۾ لکي ڇڏيو آهي ته جي اگرڪڏهنمان ننڊ ڪندي ڪندي ننڊ مان صفا سجاڳ نه ٿيان ته منهنجي خون جو ڪيس مڇرن مٿال داخل ڪرايو وڃي، اها ئي منهنجا ازلي دُشمن آهن. مان ڊڪي وڃي کٽ جي هيٺان پيل چمپل کنئي، هڪ نظر وڇير تي وڌي، جيڪا ڪنڌ ڌوڻي ڀرسان اچڻ لاءِ چئي رهي هئي، مُنهن ۾ سونڊ وجھي ڏٺومانس پر وڇير اڃا به ڪنڌ ڌوڻي رهي هئي، مونکي خواب وارو ديؤ ياد آيو.
    ”او منهنجي ادي ڀيڻ! قسم قران تي مان ماڻهوءَ جو ٻچڙو آهيان، تنهنجو ڦر ان کان ک اريءَ هيٺان اٿئي!“ وڇير کي اياز ڪندي چيم. وري سوچيم متان هن گُگدام کي مون واري سنڌي سمجهه ۾ نه اچي، ان ڪري کاريءَ جي ڀرسان اچي، ان مٿال پيل ڳوڻ لاهي، کاري مٿي کنيم، وڇير ڀٽاريءَ جو ڦر کاريءَ اندر پيل پلال تي آرامي هيو، وڇير کي اطمينان ٿيو ۽ مون کي پيٽ ۾ ساهه پيو.
    اڄ صبح مردان سان ڪنهن نڀاڳي جي مُنهن به ڪونه چڙهيو هئم، گتڏهن به عجيب و غريب واقعا رونما ٿيا هُئا. واڙي جي مُڻهن جي ٿوڻيءَ ۾ ٻڌل گڏهه زوردار هينگ ڪئي.
    ”ڦوٽ.....! نڌڻڪا تون به کٽل هئين جو صُبح صبح سان پنهنجي راڳڻي شروع ڪيئي!“ سڄي عمر ۾ههڙو اڀاڳو صبح مون ڪڏهن ناهي گذاريو. اِها ”نازي“ منهنجي مُنهن چڙهي ته خبر وٺانس ته ڪيئن ڪنهن غريب کي مال جي واڙي ۾ سمهاريو آهي؟! ڪتابن جي ڪوئي، وتندي آهي ڪتابن جا پنا ٽُڪيندي، شل نه ڪو ڪتاب ور چڙهيس، پڙهي نپوڙي هٿ ڪڍندس، باقي ڀرت ۽ ٽوپي لاءِ ماڻس منٿون ڪنديس به ته هٿ نه لائيندي، ڏٺو پورو ڳوٺ وارو ”ڪنڊو پير“ به ڪونه اٿئين، ڳالهيون وري آفريڪا جي عجائبات جون ڪندي آهي، شروع ٿيندي جهڙي سانوڻ جي جهڪ، بس ڪرائڻ لاءِ پوءِ سڄي علائقي جي پيرن جون ڊوهيون وجھوس، تڏهن وڃي بس ڪندي.
    مونکي ڪتابن کان ايئن بُڇان لڳندي آهي جيئن ٽن ڏينهن کان مسلسل دال کائيندڙ کي چوٿين ڏينهن به دال پيش ڪجي. ”دال، مڇر ۽ ڪتاب“ ٽهين سان منهنجو ازلي وير آهي، البته نازي، ڪتاب ۽ دال جي خفتڻ آهي، باقي مڇرن کان ٿورو لنوائيندي اهي. اڃا راتوڪي ڳالهه آهي جو مان ۽ منهنجو جگري يار رمون ”ادا وڏي“ جي شاديءَ واري ڏينهن لاءِ منصوبا ٺاهي رهيا هياسين، ڇو جو شاديءَجي سلسلي ۾ پري پري کان مائٽ مٽ ۽ نياڻيون سياڻيون پهتل هيون ۽ ڪمرا ۽ ورانڊو مايُن ۽ ٻارن ۾ سٿيل هُئا، سو آخري خالي کٽ تي مان ۽ منهنجو جگري يار رمون ادا وڏي جي شاديءَ ۾ هل هنگامو ڪرڻ لاءِ منصوبا ٺاهي رهيا هياسين جو اِها نازي اچي نازل ٿي.
    ”جبار ! ڦٽاڦٽ کٽ خالي ڪر، مهمان سمهندا“. اچڻ سان ئي امر حڪمران جيان حڪم هلايو هئائين.
    ”ڪنهن به شهنشاهه جو حڪم اسان تي هلي نٿو سگهي، ڇو جو اسان پنهنجيءَ دل جا بادشاهه پاڻ آهيون“.
    ”ڏس جبو ! کٽ خالي ڪر نه ته مان چاچيءَ کي چئيم، اُهي ڦُلن جيترا ڏند ڀڃائي ڇڏيندي سانءِ“.
    ڏس نازي ! منهنجي ڏندن محترمن جي شان ۾ گستاخي نه ڪر نه ته مان تنهنجي الماڙيءَ ۾ پيل سڀني ڪتابن کي کپائي پڪوڙا وٺي ڇڏيندس“.
    تون ائين نه سڌرندين ! توکي به هٽلر وارو هَٺُ آهي، مان هاڻي ئي ٿي چاچيءَ کي وٺي اچان..... پوءِ ڏسان تون ڪيئن نٿو کٽ خالي ڪرين !؟“.
    ”ڀل وَڃ !اسان جي دل وڏي آهي!“.
    ”پاڻ آهين سيپڪڙو، وري دل وڏي آهي ! تنهنجي اها بوڙينڊي جيتري دل به ڏٺي آهي، چاچيءَ جي ڪَرڙي اک ڏسندو آهين ته رات جو ٻارهين تائين گهر جو رخو ناهين ڪندو. اڌ رات جو لڪي لڪي اچي سمهي پوندو آهين؟“.
    ”نازي ! مڙسن جا قد ناهن ڪڇبا، هشمت ڏسبي آهي !“.
    ”جبار ! خدا جو نالو اتٿتئي، توسان مَٿو هڻڻ ڄڻ ٻوڙي جهار هڪلڻ“.
    ”مڃئي نه !! ته اسان به ڪا حيثيت رکون ٿا“.
    ”هاڻي وڃ وڃ ۽ واڙي ۾ سمهي رهه، تو لاءِ اُتي کٽ رکي آئي آهيان“.
    گڏهه وري هينگڻ شروع ڪيو، ننڍڙو کودو وڇير واري ڪونر ۾ پيل بچي سچي ڪُتر ۽ ڪٽي کائي رهيو هو. چاچيءَ (نازيءَ جي ماءُ) جون ٻڪريون ٻٻر جون ڇانگيل ٽاريون کائي رهيون هيون. سڄي واڙي اندر ٽي ٻڪريون، ٻه ڇيلڙا، هڪ وڇير ۽ سندس تازو ڄاول ڦر، ٻه گڏهه، هڪ کودو ۽ ادا وڏي جي شاديءَ لاءِ آڻايل ڪونهٽ هئا ۽ وچ تي منهنجي کٽ، انهن وچ ۾ پاڻ کي ڪڏهن ٻڪري ته ڪڏهن وڇير ته ڪڏهن ڇا پئي محسوس ڪيم. هي به ڪو گهر؟! پنج آڪهيون گڏ رهن، منهنجا ٽي ماما ۽ هڪ چاچو ۽ انهن سان ڏاڏي ڏاڏو ۽ ناني نانو به گڏ.
    ادا وڏي لاءِ به چاچي کان ئي سڱ ورتو اٿئون، نازيءَ جي وڏي ڀيڻ آهي، اڻ پڙهيل ۽ سڌرلي آهي، صفا ناهي ڳالهائيندي، ڳالهائيندي به ته مطلب جي ڳالهه، پر خبر ناهي نازيءَ ڪهڙي کوهه جو پاڻي پيتو آهي ! مونکي ته لڳي ٿو اِهو سڀ ڪتابن جي ڪرامت جي ڪري اهي. خير ! هٿ مُنهن ڌوئي گهر ڏي آيس، سج مٿي چڙهي رهيو هو، صبح جا ست ٿيا هُئا ۽ اهو هوندو آهي چانهه پيئڻ جو وقت ! چانهه پيئڻ جو وقت هجي ۽ چانهه نه ملي، سمجھو ته ڪوپ ۽ ساسريون ٿيا چڙان پڙان۽ سوٽو اَمان جي هٿ ۾، هر نازيءَ جي گهر، هر مامن جي گهر ۽ ڪڏهن پنهنجي گهر، ڊڪندي ڊڪندي اَمان کي به سهڪائي وجھندس پوءِ چوندي ته:
    ”جبو ٻيهر ڪوپ ڀڳئي ته ماني به نه ملندئي !“ ۽ مان به ورندي ڏيندس ته، ”ماني نه ملي ته مان به گنديءَ جي ڳلکڙي مان پلال جو ٻوهو ڪڍي، ڪڻڪ سرڪائي ڪڱي پوءِ دوڪان تي کپائي مڱيرا ۽ لائي وٺي کائيندس“.ل پر اڄڪلهه ادا لوڏي جي ڪاڄ جا ڏينهن آهن، اَمان به خطوش آهي ۽ اَبا ته آهي ئي صوفي منش ماڻهو، چانهه پيتي، ماني کاڌي، سڌو مسيت ڏي، ڏينهن رات عبادت ۾ پورو. ادا لوڏو شهر جي هڪ اسڪول ۾ ماستر آهي، صبح جو سائيڪل تي اسڪول ويندو ته سج لهٿي مس وڃي گهر موٽندو. چاچا کي نرينو اولاد نه اٿس، فقط ٻه ڌيئر اٿس ۽ ماما وارن جي آڪهه منهنجي ڳڻڻ کان چڙهيل آهي.
    کٽ تي ويٺس مس ته امان چانهه جو ڪوپ ۽ ٻه پاپا آڻي ڏنا.
    ”پٽ جبار ! چانهه پيئي، ڍورن لاءِ گاهه پٺو ڪري اچجانءِ“.
    ”ها اَمان!!“ منهن کي 1921ع جي غريب جهڙو ٺاهيندي چيم. چانهه پيئي ڏاٽو ۽ بوڇڻ ڳولي رهيو هيس ته نانيءَ چيو: ”جبار ! منهنجي وڇير لاءِ به گاهه ڀروٽي آڻجانءِ!“. هيانءَ کي باهه جي ڄر وانگر تئه اچي ويو، دل ۾ چيم ته وڇير جو نالو نه وٺ ناني..... وڇير منهنجو صبح خراب ڪري ڇڏيو آهي، ان وقت دل پئي چيو ته پنهنجن ٽن ازلي دشمنن ”دال، مڇر ۽ڪتاب“ ۾ وڇير جو نالو به شامل ڪري ڇڏيان. پر وري ننڊ واري ديؤ جو چهرو ياد آيو، تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻٻاهر نڪري آيس. رمونءَ کي ساڻ ڪري ٻنيءَ تان گاهه لُڻي آيس، گهر ۾ داخل ٿيس ته سڌي نظر نازيءَ تي پئي، ادا وڏي سان ڪجهه ڳالهائي رهي هئي، دل چاهيو ته ڏاٽو نڙيءَ تي رکي چوانس ته رات مڇرن، ديؤ ۽ وڇيرن مونکي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو، تو کٽ مال جي واڙي ۾ ڇو رکي هئي!؟؟ ڀرسان آيس ته ادا وڏو نازيءَ کي ڪجهه ٻڌائي رهيو هو.
    ”نازيه ! دنيا جي مڙني ملڪن ۾ يا ته بادشاهت هوندي آهي يا جمهوريت ! جمهوريت عوامي حڪومت هوندي آهي، عوام پنهنجا اڳواڻ چونڊي ڪرسين تي پڄائيندو آهي، جيئن برطانيه ۾ بادشاهت آهي ۽ آمريڪا ۾ جمهوريت، توکي خبر آهي ته ناياب هيرو ڪوهنور به برطانيه جي راڻي ايلزبيٿ وٽ آهي، جيڪو گڏيل هندستان مان چوري ٿي برطانيه پهتو.... سو ڳالهه پئي هلي جمهوريت جي، ته اڄڪلهه جمهوريت ۾ به آمريت اچي وئکي آهي، حڪمران پنهنجي ذاتي مرضيءَ موجب فيصلا ڪن ٿا. جيڪو ڏاڍو آ سو گابو آ، جيئن هاڻي صدر بش جهڙو ظالم ٻيهر آمريڪا جو صدر ٿي ويو آشهي!“.
    مون گاهه جي ڀري اُڇلي ته نازيءَ چيڙائڻ خاطر چيو، ”جبار ! توکي خبر آهي، صدر بش ڪير آهي؟“
    ”ها خبر آهي! پنهنجو خانداني مائٽ آهي ! ڏاڏي واسرنج سان مٽي مائٽي ڪئي هُئي، هاڻي اسان جو ”پيٽ“ به رهيل آهي انهن ڏي !“ راتوڪي باهه پيٽ مان ڪڍندي وراڻيو هئم پر ادا وارا کِل ۾ کيرا هئا.
    مان ڪاوڙجي ٻاهر نڪري آيس، رمون سان گڏجي ”محمد شاهه“ جي قبرستان مان ڳوهون پڪڙڻ لڳاسين، رمون ڳوهون پڪڙي باگڙين کي ڏيندو آهي، جنهن جا هو کيس پئسا ڏيندا آهن پر اڄ ڪا به ڳوهه هٿ نه آئي، صبح ماني به نه کاڌي هُئم، پيٽ ۾ ڪتا پئي ڀؤنڪيا، رمون کي چيم، ”رمون آنڊا گرڙ گرڙ ٿا ڪن بک ڏاڍي لڳي آهي !“.
    ”اڄ نڀاڳو ڏينهن هو جو روزي ئي نه لڳي، اچ ته توکي پنهنجي گهر هلي ماني کارايان ٿو“.
    رمونءَ جي گهر پهتاسين، رمونءَ جو پيءُ ريڙهي وهائيندو آهي ۽ ماڻس ٽوپي جو ڪم ڪندي آهي، ٽُڪ جون رليون تيار ڪري کپائيندي آهي، گهر جو خرچ هلندو اٿن.
    مون کي ويهاري رمون اندران ماني کڻي آيو، م اني کولي ته ڀاڄي ۾ دال هئي.
    ”رمون ! هي ڪهڙي مذاق آ؟!“.
    ”يار! ڇا ڪريان، ٻي ڀاڄي ڪونه چڙهي هئي!؟“.
    ”تون وڃي ڪاربانَ سان پنهنجو مُنهن ڪارو ڪر، مان هلان ٿو“.
    ڪااوڙجي هليو آيس. شامـَ جا پنج ٿيا هئا، پنهنجي پنج آڪهين تي مشتمل غريب ڪالوني جهڙي گهر ۾ داخل ٿيس. امان ٿانوَ ملي رهي هئي.
    ”جبار پٽ! ماني کاڌي اٿئي!؟“.
    ”نه امان، ڪونه کاڌي اٿم!“. بي رخيءَ سان وراڻيم.
    ”ڇو جبو! ڪنهن سان ڪاوڙيو آهين ڇا؟!“.
    ”نه امان ! منهنجو منهن ئي اهڙو آهي!“.
    ”تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟!!“ امان ٿانون مان هٿ ڪڍي مون وٽ پهتي.
    ”امان! مان مال جي واڙي ۾ نه سمهندس!“.
    ”پٽ ! توکي ڪير ٿو مال جي واڙي ۾ سمهاري!؟“.
    ”امان، رات نازيءَ منهنجي کٽ مال جي واڙي ۾ رکي هئي، سڄي رات مڇرن مونکي ”ڊسپوزل سرنجون“ هنيون آهن ۽ نانيءَ جي وڇير منهنجو مُنهن چَٽيو آهي ۽ اڪيلائيءَ ۾ مونکي هڪ وڏي ديؤ به ننڊ ۾ ڊيڄاريو هئو“.
    ”ان نازيءَ کي اچڻ ڏي ته مان سڌو ڪميانس ٿي!“.
    ”امان سڌو نه ! ڦڏو!“.
    ”ها پٽ، جيئن تون چوندين، اوئين ٿيندو!“.
    ”امان، امان ! نازيءَ کي مڇرن واري مار ڏجانس“.
    ”شاباس پٽ، تون هاڻ ماني کاءُ“.
    مون خوش ٿي ماني کاڌي، پڪ هئم ته اَمان نازيءَ کي ضرور سنهي بُهه مان ڪڍي ڇڏيندي. ان وقت کانئس سمورا ڪتاب به وسري ويندا ته علمي جملن وارا ”ڪارتوس“ به ڇٽڻ بندٿي وينداق. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ٽن ازلي دشمنن مانهڪڙي ”ڪتاب“ مانته جند ڇُٽندي. ڪتاب ته مان اسڪول به ڪونه کڻي ويندو هئم، اگر کڻي ويندو هئم ته بينچ تي رکي ٻين سان ڪاپي تي ڪڏهن استادَ جا ڪَنَ ته ڪڏهن نڪ ۽ ڪڏهن وات ٺاهيندو هئس. هڪ ڏينهن ماستر منهنجي ڪاپيءَ تي پنهنجي تصويرَ ڏسي ورتي.
    چيائين: ”هي ڇا ٺاهيو اٿئي؟!“.
    وراڻيو هئم: ”سائين جھنگ ڪڪڙ آهي!“.
    چيائين: ”هن جا ڪن ته ماڻهوءَ جيئان آهن!“.
    وراڻيم ته: ”سائين ماڻهو هوندو!“.
    چيائين: ”تون هتي پڙهڻ ايندو آهيان يا جھنگ ڪڪڙيون ٺاهڻ؟!“.
    وراڻيم: ”سائين ڪاپي ڪري پاس ٿيل ماستر جا شاگرد ڪلاس ۾ جھنگ ڪڪڙيون ئي ٺاهيندا آهن!“.
    ماستر ڪاوڙ ۾ ڪاپي منهنجي مُنهن تي هڻندي چيو: ”وڃي جھنگ ۾ جھنگ ڪڪڙيون پڪڙ، تون به پڙهي اڪ ڪارا ڪيا !“.
    اهو ڏينهن هي ڏينهن، نه مان اسڪول و يس ۽ نه ئي ڪتاب هٿ ۾ کنيم، پر نازي ڪتابن جي ڪوئي، جيڪو ڪتاب هٿ چڙ؟هندي پڙهي نپوڙي ڪڍنديس.... پر اڄ سندس سڀ ڪتابن وارو علم هڪ ئي سوٽي سان اُڏري ويندس. مان به اَمان کي مڇرائي ڇڏيو اٿمانس.
    رات جو ادا وڏي جا سهرا ڳائڻ اوڙي پاڙي جون ڪيتريون ئي مايون آيونهيون، ڪي ڊگهيون ته ڪي بندريون، ڪي سنهڙيون ته ڪي ٿلهيون، ڪي ڀوريون ته ڪي سانوريون، پر نازي ڏاڍي پريشان هئي، رمون ۽ مان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کليا هُئاسون. اَمان مونکي ورانڊي ۾ نئين و اڻيل کٽ تي هنڌَ وجھي ڏنو ۽ مان سپنن جي دنيا ۾ هليو ويس، جتي امان نازيءَ کي سوٽن سان ڪٽي رهي هئي، نازي رانڀاٽ ڪري روئي رهي هئي. امان کيس مال جي واڙي ۾ پيل کٽ تي اُڇلي آئي، جتي سڄي رات ”ديؤ“هن کي ڊيڄاريندو رهيو ۽مڇر هن جي مُنهن جي چوڌاري ”ڀون ڀون، ڪري رهيا هُئا“.




    پنجين رات

    پنجين رات
    ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي پيو، خوف هن جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي رهيو هو، هن پنهنجي ٻنهي هٿن سان گوڏي کي پڪڙيو، ور کنجهي گوڏي کي ڇهي ڏٺائي، هلڪي اطمينان جي لهر سڄي جسم\گذري ويس. ٽهڪ ڏيڻ شروڳ ڪري ڏنائين، وري روئڻ لڳو، هن کي محسوس ٿيو ته هن جي کلڻ سان ڪمري جي هر شيءِ کُلي رهي هئي، هن جي روئڻ سان هر شيءِ روئي رهي هئي، هو مسلسل ڪجھ ڏينهن کان خوف ۾ رهيو هو،
    ٻه مهينا اڳ هو پنهنجي پيءَ سان هت آيو هو “ هن جي پيءَ کي هڪ پراڻو نقشو هيو جنهن جي آڌار تي هو هڪ ويران ۽ اڪيلي عمارت جي آسارن مان ظاهر هو ته ڪو ڇڏي هليو ويو هو . هڪ ڳوٺ ِعمارت جي پٺئين پاسي ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هو، جنهن جي وچان پاڻيءَ جو واه وهندو اڀرندي پاسي هڪ ٻيو ننڍڙو ڳوٺڙو هئو ۽ ان ڳوٺڙي کان ڪجه پنڌ اورتي پراڻو ۽ وڏو قبرستان هو، قبرستان جي سڃاڻپ باهڻ جو پنجاه سال پراڻو وڻ هو، جيڪو ان وقت ڇڻڻ ۽ سڪي وڃڻ ڪري باکڙ ٿي ويو هو.
    هو پندرهن ڏينهن اَتي جي ماحول جو جائزو وٺندا رهيا، سڀ ڪجھ معمائي طور هلي رهيو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڀلجي عمارت يا قبرستان ڀرسان لنگهندو هو . سورهين ڏيهن هن جي پيءَ پهنجي ننڊڙي پيتي کولي ۽ ان مان نقشوٻاهر ڪڍيو، نقشي کي ڏسي ڪنهن جاءَ تي هٿ رکي چيائين، ”هي قبرستان ۾ بيٺل باهڻ جو وڻ آهي، هن کان اوڀر طرف قبرن جون چار قطارون ڇڏي پنجين قطار ۾ ارڙهين قبر ڀرسان اسان کي هن نقشي جو بقايا حصو ملي سگھندو......“ هو پيءُ جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو، ”.......۽ اڄ رات پاڻ هلي نقشي جو بقايا حصو کوٽي ڪڍنداسين، تون کوٽائيءَ جو سامان هڀيڪو ڪري رکجانءِ!“
    ”ٺيڪ آهي!“ هن وراڻيو هو.
    ان رات چنڊ_مهيني جي ڇويهين رات هئي، هو منهن اونداهيءَ ۾ پنڌ ئي پنڌ روانا ٿيا، ڪٿي ڪٿي رستن جي لاهن چاڙهن تي ٽارچ جي مدد سان هلندا رهيا. اڳيان باهن جي باکڻ وڻ کي اونداهي ۾ ڏسي،هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪو ديوءُ پنهنجون اڻ ڳڻيون ٻانهون ڦهلايون بيٺو هجي. پڻس پنهنجي ٽارچ جو رخ قبرستان ڏانهن ڦيرايو، قبرن جون قطارون ۽ انهن جي ڀرسان جھَتَ، ڊڀ ۽ ٻوڙا! ائين ٿي محسوس ٿيس ڄڻ ڪنهن گھاٽي ٻيلي مان بي ڌنار رڍن جو ڌڻ اچي رهيو هجي. هو باهڻ جو وڻ ٽپي قبرن جون قطارون ڳڻڻ لڳا، پنجين قطار سان هلندي ارڙهين قبر جي مٿان اچي بيٺا.
    ”پٽ! ٽيڪم ۽ ڪوڏر مون کي ڏي! تون ٽارچ جھلي بيه!“ پڻس چيو هئس، پوءِ قبر جو سيمينٽ سان ٻڌل پلستر ٽيڪم ۽ ڪوڏر جي مدد سان ٽورڻ لڳو، قبر جو ڪُتبو باهر نڪري آيو، سنگ مرمر جي گھڙيل ان ڪُتبي کي ٽارچ هنيائين، ڪتبي تي لکيل هو،”قمر الدين ولد اڪرم الدين. وفات 2 جمادالاول 1402 هجري مطابق 9مارچ 1981ع بروز سومر.“
    ٽارچ جي مدد سان ڪُتبي جي پٺيان ڏٺو، ڪا شيءِ جنبڙيل محسوس ٿيس، سَٽ ڏئي پٽي ورتائين، تھ کوليندو ويو آخر ۾ هڪ پراڻ پنو ظاهر ٿيو.
    مليويو! پٽ، نقشو ملي ويو!“ پڻس خوش ٿيندي ٻڌايس، هو ٽيڪم ۽ ڪوڏر کڻي پيءُ پٺيان قبرستان مان نڪري آيو. ڪجھ ڏينهن هو ان نقشي جي نشانين تي بعث ڪندا رهيا..... هڪ رات اچنڪ هن جو گھران نڪري ويو، هو سڄي رات تڪيندو رهيو پر پڻس واپس نه وريو، هو پيءُ جي ڳولا ۾ هر روز هيڏانهن کان هوڏانهن وڃڻ لڳو.... ۽ هڪ رات جڏهن هواڀرندي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو ته کيس هڪ ڍير ڏسڻ ۾ آيو، ٽارچ هڻي ڏٺائين هن جي پيءُ جو لاش هو. زوردار جھٽڪو لڳس، ڪرندي ڪرندي پاڻ سڀاليائين، پڻس جا لٽا ۽ ڪپڙا چيڪي مٽي ۾ ٿڦيل هئس ۽ وات ۾ هڪ ٽوالڙو ڦاٿل هئس، چيڪي مٽي ٿڦيل ڪپڙن ۽ هٿن محسوس پئي ڪرايو ته هن هٿن سان کوٽائي ڪئي هوندي يا ته هن سيني ڀر ريڙهيون پاتيون هونديون، هو لاش کي سورڻ لڳو، سوريندي هن جي نظر هٿ ۾ پيل نقشي تي پئي. نقشو هٿ مان ڪڍي پنس جي جڪيٽ جي کيسي ۾ وڌائين.
    پيءُ جي موت هن کي هيڻو ڪري وڌو هو. هو پورا ڏھ ڏينهن گھران نه نڪتوهو،يارنهن ڏينهن پيءُ جي قبر تان موٽيو ته جوش جذبا اٿي پيس، گھر اچي نقشو ڳولڻ لڳو، جيڪو وسري ويو هئس، نقشو پڻس جي پراڻي ننڍڙي پيتي مٿان پيل جيڪيٽ جي کيسي ۾ پيو هو، نقشو ڪڍيائين ته هڪ ٻيو پنو به هيٺ اچي پيرن ۾ پيس، کڻي پڙهڻ لڳو، ”....پيارا پٽ! نقشي جي هڪ نشاني هن عمارت جي پٺئين پاسي ٻه ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي جيڪو ڳوٺ آهي اتي ملي ويندي. اتي هڪ مسجد آهي ۽ ان جي صحن ۾ نلڪو ۽ نلڪي جي ڀرسان پيل پٿر هيٺيان نشاني!“
    هن کي هتي ٻن ڏينهن گھٽ ٻه مهينا ٿيڻ تي هئا. شام جا پاڇا لڙي چڪا هئا، هلڪي اونداهي ڇائنجي چڪي هئي، هو ان وقت پنهنجي لاءِ چانھ ٺاهي رهيو هو ته ٻاهرون دروازو کڙڪڻ لڳو، پهرين آهستي پوءِ تيز ۽ پوءِ بس تمام تيزيءَ سان کڙڪي رهيو هو. هن کي تعجب ٿيو ته هن ويراني ۾ ڪير اچي سگھي ٿو؟ چانھ لاهي هو دروازو کولڻ آيو. دروازو کولي چڪو ته ڇرڪ نڪري ويس. ٻاهر هڪ جھور ڪراڙي بيٺي هئي، جنهن جي چهري ۾ گھنج ايترا ته هئا ڄڻ نوڙيون وٽيل هجن. پوڙهي جا وار بلڪل اڇا هئا، کيس ڪنن ۽ ڳيچي ۾ سونا زيور پهريل هئا ۽ پوشاڪ به شاهاڻي هيس ۽ هٿ ۾ ٽوالڙو هيس.
    ”توهان جو ڪنهن ۾ ڪم آهي!؟“
    ”ڪم ....!؟؟ چئين چا پيو!؟ مان هن گھر جي مالڪياڻي آهيان ۽ تون منهنجو جيون جيون جو ساٿي!“ اهو چوندي پوڙهي اندر گهري آئي هو کيس عجب وچان ڏسندو رهيو،هاڻي هوءَ اندرئين ڪمري وٽ پهچي چڪي هئي ،هو به پٺيان پهتس .
    ” مان تهنجو ڪيترين ئي صدين کان انتظار ڪري رهي هيس ازل کان منهجي جيون _ ڏور تنهجي جيون سان جڙيل آهي ۽ تون اهڙو بيدرد آهئن جو اڄ ظاهر ٿيو آهين !“
    ”پوڙهي ! مان عزت ڪري رهيو آهيان ، ان جو مقصد اهو ناهي ته مان تنهجي ڍونگ کان اڻ واقف آهيان !“
    ” ڇا، مان ڍونگ پئي ڪريان ؟؟! اڄ تون ننڊ ۾ ته نه آهين !؟ تارا کولي ڏس مان تنهنجا ور مان تنهنجي وني آهيان !“
    ” او پوڙهي ! شرم به نٿو اچئي ائين چوندي !؟”
    پڙهي ڪاوڙ ۾ تپندي برسان واري ڪمري ۾ هلي وئي ۽ ٺئي لمحي هڪ سينگاريل اپسرا ڪمري کان ٻاهر نڪتي ۽ ٻه ڪمري ۾ هلي وئي ، هن جون اکيون ڦوٽارجي ويون ، جلد ئي ساڳي ڪمري مان پڙهي ڀڻ ڀڻ ڪندي ٻاهر نڪتي .
    ” تون سدائين منهنجي دل ٽوٽيندو آهين! تون مڪار آهين! تون ڪوڙو آهين!“ پوڙهي ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهي ٿي وئي ۽ پوءِ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. هيڏانهن جو سامان هوڏي، ڪوهيٺ، ڪو مٿي اڇلڻ ۽ ٽوڙڻ لڳي. هو خاموش بيٺو ڏسي رهيو هو. پوڙهي ٽوڙ ڦوڙ ڪيندي رهي ۽ آخر ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي ٻاهرين دروازي کان ٻاهر نڪري وئي. هو سڄي رات سمهي نه سگھيو، ڄڻ ڪنهن هن جي سوچ جي چولي تي پوڙهيءَ جي ياد جو ڪائو ٽوپي شيسو هجي.
    ٻي رات جڏهن هو گھران نڪري آيو ته پٺيان ڪنهن هڪل ڪيس، هن پٺيان ڏٺو ته هڪ اٺ ڊوڙندو هن طرف اچي رهيو هو. اٺ جي پٺيان ايندڙ همراھ هن کي ڀڄي وڃڻ جا اشارا ڏئي رهيو هو. ان کان اڳ ڇتو اٺ هن مٿان اچي ڪڙڪي، هن ڊوڙ شروع ڪئي، ڊوڙندي تمام اڳتي نڪري آيو، هن پٺ تي نظر ڪئي، اٺ مسلسل هن جي پٺيان اچي رهيو هو پر اٺ پٺيان ايندڙ همراھ غائب هو هن کي لڪڻ جي ڪا واھ نظر نه آئي بس هڪ کوھ نظر آيس، جيسين هي ڪو فيصلو ڪري اٺ مٿان اچي ڪڙڪيس، جلديءَ ۾ کوھ ۾ ٽپو ڏنائين، ٽپو ڏيڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيو ته هن ڪيڏو نه غلط فيصلو ڪيو هو، ڇو ته کوھ بلڪل ڦٽل هو، گپ ڀريو ميرو پاڻي تري ۾ بيٺل هو، ڊنگھر ۽ ٻيو ڪچرو پاڻيءَ ۾ اڀريل ۽ ٻڏل هو. ڏيڏر به ڳلکڙن ۾ ويٺل نظر آيس، کوھ ڪو خاص اونهو ڪونه هو. اٺ گول چڪر ڪاٽي اتي ئي ويهي رهيو. هنجي نظر ترڪي ڊنگھر تي ويٺل وڇونءَ تي پئي، وڇونءَ کي ڏسي هن جي لونءَ لونءَ ڪانڊرجي وئي، پر وري به همت ڪري اڳتي وڌيو، آهستي آهستي ڊنگھر کي پاڻي کان ٻاهر ڪڍيائين ۽ پوري طاقت سان ٻاهر اڇليائين، ڊنگھر وڇونءَ سڌو اٺ مٿان اچي ڪريو ۽ وڇون اٺ کي ڏنگي وڌو. وڇونءَ جي زهر ڪري، اُٺ وڏي رنڀ ڪري، پنهنجي منڍي پَٽَ تي ڍاري ڇڏي.
    کوھ ۾ لڳل سرن جي وٿين ۾ آڱريون ڦاسائيندو مٿي نڪري آيو. ٿڌو ڇوڪارو ڀريائين، اٺ تي نظر پيس، حقارت مان ڪک ۾ لت هنيائينس، هن جي لت گوڏي تائين اُٺ جي ڳري ويل ماس ۾ اندر لهي وئي، ڇڪ ڏئي اُٺ جي ڳريل ماس مان ٻاهر ڪڍيائين، سڄي گوڏي مان رت ٽميس پئي، گوڏي جو ماس ڳري رهيو هيس، ڏاڍيان رڙيون ڪرڻ لڳو.
    ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي پيو، خوف هنن جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي رهيو هو. هن پنهنجي ٻنهي هٿ سان گوڏي کي پڪڙيو، وَرَکنجي گوڏي تي کهي ڏٺائين، هلڪي اطمينان جي لهر سڄي جسم مان گذري ويس. ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪري ڏنائين، وري روئڻ لڳو. هن کي محسوس ٿيو ته هن جي کلڻ سان ڪمري جي هر شيءَ روئي رهئي هئي ۽ هن روئڻ سان ڪمري جي هر شي روئي رهئي هئي ، هو مسلسل ڪجه ڏينهن کان حوف ۾ رهيو هو .
    هو حوف جي ڪجھ لمحن کي همت ۽ جرئت تي حاوي ٿيڻ نه ڏيندو هو ، ڇو جو اهي ٻئي حبوبيون هن کي جنگجو پيءَ کان ورٽي ۾ مليون هيون ، هن جو جنگجو پيءٌ جيڪو سدائين جانبازي ۾ رڌل هو ، کيس هڪ پراڻي دوست حط وسيلي پنهنجي پوريل ملڪيت جو نقشو موڪليو هو جنهن جي ڳولا ۾ هو هت آيا هئا ، پيءُ جي حفيه موت کان پوءِ هو هيکلو ٿي پيو هو پر ان واقعي هن جي مشين جي تڪميل تي اثر وڌو هو .
    ٽئين رات هو عمارت جي پٺئين پاسي واري ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو . چانڊوڪي رات هئي ، نظر جي پهچ جا تير پري پري تائين اڇلجي پئي لڳا ، رات جا پکي ڪٿي ڪٿي اڏامندي ۽ ويٺل ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا ، هي واه جي ڪپر تي هلڻ لڳو واه جي تري ۾ بيٺل پاڻي ، چنڊ جي ڌيمي روشني ۾ کير _ نئين جو منظر پيش ڪري رهيو هو. هو ڳوٺ جي ويجهو اچي، ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. ڳوٺ اندر سڀ جا سڀ گھر ڇت اکڙيل هئا،شايد هتان جا رهاڪو لڏپلاڻ ڪري ويا هجن ۽ لڏڻ ڇتين ۾ پيل ڪاٺ جا پڃر ۽ ورا ڪڍي کڻي ويا هجن .اکڙيل ڀتين تي وڏي تغداد ۾ چٻرا ويٺل هئا ايئن پئي محسوس ٿيس ته ڄڻ ماڻهن جا ڌڙ ڪپي ، اڇلي منڊيون ڀت تي رکي ڇڏيون ويون هجن . ماڻهوءِ جو واسو پاڇو به ڏسڻ نه ٿي آيو ، هن کي ٻئي ڪپر تي وڃڻ لاءِ ڪاٺ جي ٺهيل ٺنڌ ڏسڻ ۾ آئي ، هو جيئن ئي ڪاٺ جي پڃرن جي ٺهيل اها گذري رهيو هو تنهنجي ته ڏيڏرن جي ” ٽان ٽان “ ۽ ” سرر سرر“ جا عجيب آواز هن جي ڪنن ۾ ٻرڪي رهيا هئا ٻنڌ ٽپي ٿورو اڳتي آيو ، اڳيان نم جو گهاٽو وڻ هو ، جنهن جا اڌ کان گهڻا پن پيلا هئا چانڊوڪي هوندي به نم جي هيٺيان اوندھ ھئي ، نم کان اڳتي مسجد ھئي ، هو جيئن ئي نم کان اڳتي اچي ، مسجد جي دروازي کان اندر داخل ٿيو دروازي تي ڪا سنھي تندن واريءِ شيءِ هن جي چھري تي چنبڙي وئي ، هن جھٽ ۾ لاھڻ چاھي پر ناڪام ويو ، ڇو جو اھو در تي ٺاھيل ڪورئيڙي جو ڄار ھو . ھو مسجد جي صحن ۾ داخل ٿيو، ھر شيءِ تي مٽيءِ جو ھلڪو تهه ۽ دز ڏسڻ ۾ آيس . نلڪي ڀرسان آيو ، وڏو پٿر پيل ھو ، پوريءِ طاقت سان ڌڪو ڏنائين ، پٿر هيٺان هڪ پراڻي اخبار ويڙهيل پئي هئي، هن جهٽ ۾ کڻي ورتي اخبار جي اندرئين ته ۾ اڇو پنو پيل هو، پڙهڻ شروع ڪيائين.
    ” پيارا پٽ! ان رات نقشي جي نشانين تي بحث ڪري رهيا هئاسين ۽ مان گھران نڪري آيو هئس، صرف ان لاءِ ته پنهنجي دليل جو ثبوت هٿ ڪري توکي ڏيکاريان. منهنجي دوست قمرالدين ولد اڪرم الدين جيڪو ملڪيت جو نقشو مون ڏي موڪليو هو جنهن جو بقايا حصو پاڻ گڏجي قمرالدين جي قبر جي ڪتبي مان ڪڍيو هو، ان جي آڌر تي مان ملڪيت جي پوريل جاءِ تي پهچي چڪو آهيان، اُتي ڪراس جو نشان لڳل آهي ۽ اهو حصو ان ساڳي قبرستان جي آخري ڇيڙي وٽ آهي، اتي هيٺيائين هجڻ ڪري برسات جو پاڻي بيٺل آهي ۽ اڄ رات اتان مان واپس گھر ايندس. فقط تنهنجو پيءُ.“
    هن چٺي پڙهي پوري ڪئي ته لڙڪ لاڙ ڪري وهي هليس. پيءُ کي ياد ڪري هن کان پنهجو پاڻ به وسري ويو هو. يادن جي وڻ ويڙهي کان خيالن جي لام آجي ڪيائين ته کيس واپس ورڻ جو خيال ٿيو. هن نلڪي تان هٿ منهن ڌوئي ڪوريڙي جي ڄار جون تندون لاهڻ چاهيون، نلڪي جي ڀرسان اچي، نلڪو گيڙڻ شروع ڪرڻ لڳو.
    ”نلڪو مان گيڙيان ٿو....!تون منهن ڌوئي وٺ!“ هن جي پٺيان ڪنهن جو آواز آيو، هن ڇرڪ ڀري ڪنڌ ورائي ڏٺو، هڪ سفيد ڏاڙهي وارو شخص بيٺو هو.
    ” دڄ نه! مان هن مسجد جو پيش امام آهيان پر سالن کان وٺي مقتدي ناهي َآيو.... تون منهن ڌوءُ، پوءِ ڳالهيون ڪريون ٿا!“
    منهن تي ٻه ڇنڊا هني هن ان شخص ڏي نهاريو، هو نظر نه آيس، هيڏي هوڏي نهاريائين پر ڪاريءَ وارا ڪک، تڪڙا قدم کڻندو ٻاهر نڪري ايو، چٻرا بدسورڀتين تي ويٺل هئا، هن کي ائين لڳو ڄڻ هن خوفزده ٿين تي چيٻارا ڪڍي کلي رهيا هجن. جڏهن هو عمارت وٽ پهتو، درواز کولي ورانڊي ۾ پيل کٽ تي ڪري پيو ، وڏا ساھ کڻي جسم کي ھلڪو ڪيائين ، ڪجھ گھڙين ۾ ئي خوف جا پکي هن جي ذهن جي پڙ تان اڏامي ويا .
    چوٿين رات تيز هوائون گهلي رهيون ، هو گهران نقشو ۽ ٻيو کوٽائيءِ جو سامان کڻي نڪتو ، اڃا سٽڪو پنڌ جو مستقبل وڌيو ته هلڪي بوندا باندي شروع ڪئي وئي ، جلديءِ ۾ واپسيءِ جو فيصلو ڪيائين ، اڃا عمارت ۾ داخل ٿيو مس ته ٻاهر تيز برسات وسڻ شروع ٿي چڪي هئي ، عمارت اندر پر اسرار سناٽو ڇانيل هو ، هن جلديءِ ۾ لالٽين ٻاري ۽ ڪمري جي پٺئين پاسي واري دريءِ وٽ اچي بيٺو ، جيڪا ٻاهر طرف کلي رهئي هئي . کنوڻ جو چمڪاٽ ، گاج جي گجگوڙ ۽ بوندن جي ڇرر ڇرر جو آواز کيس اڳ ڪڏهن به ايڏو ڀوائتو نه محسوس ٿيو هو . کڻوڻ جي فليش بار بار ٻاهرين منظر جا ڦوٽو ڪڍي رهئي هئي . رات جي وچ ٿيڻ تي برسات ٿڪل مسافر جيان بس جي وڻ هيٺان پنهاھ ورتي .
    صبح جڏهن هن ٿڪ نيڻن سان ننڊ ـ نگر کي الوداع چيو ته سڄو ماحول تازو تازو محسوس ٿيس ، پٺئن پاسي واري دريءِ کان ٻاهر ڏٺائين ته وھنتل ماحول ۽ ڌوتل منظر سرير کي سرور ڏئي رهيا هيس . هو ڪجھ ڏينهن جو ٻاهر نه نڪرندو هو ، ڇو جو کيس ڀوءَ هو ته متان سندس مهم جي سڌ ڪنهن کي پئجي وڃي ، ڇو جو ڪجه ڏينهن اڳ ٻن ماڻهن کيس مشڪوڪ نظرن سان ڏٺو هو . هن هاڻي جلدئي اهو علائقو ڇڏڻ ٿي چاهيو ، ڇو جو اڪيلائي ۽ خوف کيس تنگ ڪري رهيو هو ، هو مهم اڪلائي پنهنجي ديس وڃڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو هو.
    پنجين رات هن جا قدم هلڪي گپ چڪ واري دڳ تي هلڻ شروع ڪن ٿا . ڪلهن تي کوٽائي جو سامان هيس ، اچانڪ اڻ ڄاتل کڙڪي تي بيهجي وڃي ٿو ، ٽارچ جي مدد سان ڏسي ٿو ، اڳيان باهڻ جي باکڙ وڻ جا ڏار ڪريل پيا هئا. جن وچان ڪو رولو ڪتو ٽپي رهيو هو. ٽارچ جي روشني پوڻ تي حيسجي بيھي رهيو اوچتو تيزيءِ سان نڪري گم ٿي ويو آسمان تي ڪڪر ڇائنجي چڪا هئا ، هو ڏار کي سوري اڳتي ٽپي ويو، سناٽي ۾ قدم کڻندو اڳتي آيو ، جتي ڏيئو ٻري رهيو هو،جتي ڪا تازي قبر ٺهيل هئي.
    هو رڙندو قبرستان جي آخري ڇيڙي وٽ پهتو جتي پراڻيون مٽيءِ جون قبرون ٺهيل هيون ، برسائي ڪاٺ جي تختين مان ٺهيل ڪراس جو نشان کتل هو پر ان جي چوءِ گرد برسات جو پاڻي بيٺل هو. هن سامان لاهي رکيو. هڪ ٻشاخيءِ وارو لڪڙ ڀرسان ٽنبي ان جي هڪ شاخ ۾ ٽارچ ٻاري لڙڪائي ڇڏيائين. ۽ ڪوڏر۽ بيلچي سان کڏو کوٽڻ شروع ڪيائين رات گاڏيءِ جا ڦيٿا آهستي آهستي ڦرندا رهيا. هو اونهو کڏو چڪو هو هاڻي هن هڪ واهي ٺاهي . جنهن مان ڪراس وٽ بيٺل پاڻي اچي کڏي ۾ پئي پيو. پاڻيءَ جي بڻايل گپ کي کنڊيري، هو ڪراس جي نشان کي ڪڍڻ لڳو. نسان اهو کتل هو، هن جي زور لڳائڻ سان ٻاهر نه نڪتو، هن کوٽائي شروع ڪئي، کوٽيندي هن جي ڪوڏر ڪنهن سخت شيءِ سان ٽڪرائي، ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين، انسان ٻانهن جو هڏو هو، کڻي پري اڇليائين، آسمان اڃ به ڪڪرن سان ڍڪيل هو، هن جي ٽارچ جي رشني به ختم ٿي چڪي هئي مسلسل کوٽائي ڪري رهيو هو.
    اچانڪ عجيب چرپر جو آواز هن جي ڪنن تي پيو، هن جي نظر تڪجي وئي . تازي قبر جي ڀرسان ٻرندڙ ڏيئي وٽ ڪا چرپر سمجھ ۾ آيس ، پر ڏيئي جي جهيڻي روشنيءِ ۾ ڪجه ڏسي نه سگهيو، اچانڪ ڏيئي جي روشني تيز ٿيندي وئي... ايتري جو هر شيءَ چٽي ڏسڻ ۾ پئي آئي، هن کي ڪراس ڀرسان ننڍڙيون ڪوليون ۽ ماڪوڙيون به ڏسڻ ۾ آيون .
    سامهون ڪجه ڏسي ڇرڪ ڀري پوئتي هٽي ويو، هن کي اعتبار نه ٿي آيو گهوري ڏٺائين. ان روشنيءِ جي وچ تي اها ساڳي پوڙهي عورت بيٺي هئي ، جنهن عمارت اندر داخل ٿي ، هن کي تنگ ڪيو هو،جنهن جي چهري جا گنهج چٽا ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، اڇن وارن باوجود کيس ڪنن ۽ ڳيچيءِ ۾ سونا زيور پاتل هئا ۽ هٿ ۾ ٽوالڙو هئس، روشني ايتري ته وڌي چڪي هئي جو هو مسلسل پنهنجون اکيون کولي نٿي سگهيو پوڙهي قبر تي جهڪي رهي هئي جو هن تي نظر پيس پوڙهي جو منهن تپي ڳاڙهو ٿي ويو هڪ تيز گھور تي وڌائين ۽ پوءِ اوچتو اه روشني گهٽبي وئي ۽ فقط ڏيئو ئي ٽمڪڻ لڳو پوءِ اهو ڏيئو به وسامي ويو هن جي اکين اڳيان اوندهائي کائنجي وئي هو ڪجھ ڏسڻ لاءِ اڃان اکيون ڦوٽاري ئي رهيو هو ته پٺيان ڪنهن زور دار ڌڪو ڏنس ڪراس جي نشان ڀرسان ڪري پيو، هٿوراڙيون هڻي ٻئي هٿ ڪراس ۾ مضبوط وڌائين، ڪنهن ٽنگن کان وٺي اهڙي ته ڇڪ ڏنس جو ڪراس سوڌو ڇڪجي وڃي پري ڪريو اڃا اٿڻ جي مس ڪيائين جو مٿان ڪا ڳري شيءِ ڪريس، منهن ڀر وڃي گپ ۾ ڪريو هو سيني ڀر رڙيون پائڻ لڳو ڪنهن وارن کان پڪري وات ۾ ٽوالڙو وڌس، هن سٽ ڏئي ٽوالڙو وات مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو، هاڻي مٿان ڳراڳرا ڌڪ لڳي رهيا هئس، عضون مان رت ٽمڪڻ لڳس، هن جا ڪپڙا جسم چيڪي مٽيءَ ۾ ٿڦجي ويا، هو سيني ڀر رڙهندو قبرستان کان ٻاهر نڪتو، ڳرا ڌڪ لڳڻ بند ٿي چڪا هئا ڇو جو باک فٽڻ لڳي هئي، هونساهو بڻيو پيو هو، هنجي چوڌاري صبح ٿيڻ جي روشني ڇڻڪارجي رهي هئي. هن اکيون پٽيون، منهن آليءَ مٽيءَ مٿان پيو هيس، وات مان رت وهندي مٽيءَ ۾ ملي ويو هو، عضو عضو ساڻ هيس. پاڻ کي ساڳيءَ جاءِ تي ڏٺائين جتان پيءُ جو لاش کنيو هئائين. ٿورو ڪنڌ مٿي کنيائين، هٿ کي سوريندي کيسي ۾ وڌائين.....پوءِ نقشي وارو پنو ڪڍي وات ۾ وجهي رت هاڻن ڏندن سان چٻاڙي ٿڪي، اڇلائي فٽي ڪيائين ۽ پوءِ ڪنڌ ساڳيءَ مٽيءَ واري جاءِ تي رکي ڇڏيائين.



    وڏو چريو

    وڏو چريو
    مينٽل هاسپيٽل جي گرائونڊ فلور وارڊ نمبر ٻه جو مين گيٽ کليو،وارڊ انچارج هڪ پوڙهي کي ڪن کان پڪڙيندي بيڊ نمبر ست وٽ آڻي بيهاريو.
    ”هتي آرام سان ويهي رهه! ٻاهر نڪتين ته ڇتو ڪتو بڇيندو سانءِ!“پوڙهو خاموش ٿي ويهي رهيو،وارڊ انچارج گجندو مين_گيٽ بند ڪري ٻاهر نڪري ويو.
    سڀ چريا نئين چري جي آمد تي تاڙيون وڄائي خوشيون ڪرڻ لڳا.
    ”پڪ زال چريو ڪيو هوندس!“ بيد نمبر ڇهه تي ويٺل رمضان چيو.”وهي کائي ويو آهي ڪل ٿڙي وئي هوندس!“بيڊ نمبر چار جي ضَمير چريي چيو.
    ”ڪچا ٻٽالون کاڌا هوندئين،شڪل مان ئي ڀاڙيو ٿو لڳي!“بيڊ نمبر اٺ جي چريي چيو.
    ”اسڪول ۾ جڏو هوندو،ماستر هيڏي موڪليو اٿس!“بيڊ ٻه جي لعلڻ چيو.
    ”نه ڙي ڪاڪوس ۾ ترڪي پيو هوندو، مٿي ۾ ڌڪ لڳو هوندس ۽ چريو ٿي پيو هوندو!“بيڊ نمبر نَوَ جي گلڻ چيو.
    ”توهان سڀئي پاڳل آهيو،ڌئُ ڀڄي وئي هوندس!ڳولي ڳولي چريو ٿي پيو هوندو!“ڪرم چريي بيڊ پنجين تان ڳالهايو.
    پوڙهو روئڻ لڳو،سڀ چريا خاموش ٿي ويا.
    ”هي ته ڪو” وڏو چريو“ آهي،روئي ٿو!“بيڊ ڇهه جي رمضان چيو.
    سڀ چريا پنهنجي بيڊ تان اٿندا،بيڊ نمبر ست وت گڏ ٿي ويا.
    ”اڙي پوڙها روئين ٿو!ماڻهو روئڻ لاءِ چريو ٿورئي ٿيندو آهي!ماڻهو ته کلڻ لاءِ چريو ٿيندو آهي!حرڪتون ڪرڻ لاءِ چريو ٿيندو آهي! اڙي سڀ کلو !بيڊ نمبر چار جي ضمير سڀني کي چيو.
    ”جيڪو نه کلندو ان جي ڪري...............!!“بيڊ اٺ جي نواز گار وڌي.مينٽل هاسپيٽل جي گرائونڊ فلور جو ورڊ ٻه ٽهڪن سان گونجي اٿيو.سڀ کلي کلي کيرا ٿي پيا .اچانڪ وارڊ جي مين گيٽ کلڻ جو آواز آيو،وارڊ انچارج چهبڪ اٿ ۾ کڻي داخل ٿيو،هڪ ٻن کي وهائي ڪڍيائين.
    ”حرامي ڦرئو!“گوڙ نه ڪيو، وڏو ڊاڪٽر آيل آهي.....نه ته پٿر ڪٽرائيندو مانوَ!“وارڊ انچارج،گيٽ بند ڪري ٻاهر نڪري ويو،سڀ چريا پنهنجي پنهنجي بيڊ تي کرڙيون هڻي کلڻ لڳا. بيڊ نمبر ٻه جو لعلڻ ڪاوڙجي غسل خاني هليو ويو.بيڊ اٺ جو نواز کلندي بيڊ تان ڪري پيو. هيٺ فرش تي کرڙيون هڻڻ لڳو.لعلڻ غسل خاني مان پراڻو ڏندن جو برش کڻي آيو ۽ نڪ تي هڻڻ لڳو.
    ”اڙي چريا مٿي نه ٿورو هيٺ ڪري هڻ!“بيڊ نَوَ جي گلڻ چيس.
    ”چريو هوندو پڻهين!چري هوندي ماڻهين!مان چريو ناهيان!باقي ڪلهه ڏند صاف ڪيا هئم ۽ اڄ نڪ صاف ڪيان ٿو!لعلڻ چيس.
    اچانڪ يونيورسٽي ٽوئر تي نڪتل وين اسپتال داخل ٿي .شاگرد ۽ شاگردياڻيون وارڊن جي شيخن لڳل درين وٽ کنڊري ويا،وارڊ ٻه جا چريا به درين وٽ پهچي ويا.
    ”ووادا!وو ڀائو خدا سنئون مان چريو ناهيان!مونکي زال زوري چريو ڪيو آهي بيڊ نمبر ڇهه جو رمضان درئَ وٽ بيٺل ڇوڪرن کي چوڻ لڳو.
    ”او ادي ڳاڙهن ڪپڙن واري!مونکي وٺي هل،منهنجي چار هزار فيس ڀر ته توسان گڏجي هلندس........قسم سان مان گولڊليف جي پاڪيٽ ۾ ڪي_ٽوسگريٽ وجهي پيئندو آهيان!“ بيڊ اٺين جي نواز چريي ايلاز ڪيس.
    ”نه نه هي حرامي ڪوڙ ٿو هڻي، مان پن جي ٻيڙي به نه ڇڪيندو آهيان،مان رڳو ڪيلا کائيندو آهيان ،ڪم به گهڻو ڪندو آهيان .“لعلڻ نواز جي بغل مان منهن
    ڪڍندي چيو.
    ”او ڀائو ٽوپي وارا!هي ٻئي هيروئني اٿئي !مان خانداني ماڻهو آهيان، منهنجو ڀاءٌ وڏيرو آهي.وڏو اطاق آهي،پري پري کان مهمان ايندا اٿس، اهي چرس به کڻي ايندا آهن ۽ منهنجو ڀاءٌ انهن کان وٺي ڳوٺ ۽ جوءِ ۾ کپائيندو آهي مونکي وٺي هل هڪ ئي مهيني ۾ پنج هزار ڪمائي ڏيندو سانءِ!“بيڊ چار جي ضمير ٻنهي چرين کي ڌڪا ڏيندي چيو.
    يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٽهڪندي ٻين وارڊن ڏانهن وڌي ويا.انچارج اندر داخل ٿيو،سڀ چريا پنهنجي پنهنجي بيڊ تي ويهي رهيا.
    ”ڳالهه ٻڌو!وڏو ڊاڪٽر وارڊن جي دوري تي اچي رهيو آهي، ڪنهن به اگر شڪايت ڪئي ته اُفٽ مري ويندو“.وارڊ انچارج داٻو ڏيندي چين.
    ”ٻئي شڪايت نه آهي پر مان ڪڪڙِ جا آنا نه کائيندس،ٻهراريءَ جون ڪڪڙيون ڇيڳريون ميرا آنا لاهن ٿيون ۽ شهر جي ڪڪڙين جي آنن مان فيئرن لولي ڪريم جي ڌپ اچي ٿي،تنهڪري مان هاڻي آنا نه کائيندس.“ لعلڻ وراڊ انچاج کي چيو.
    ”چڱو چڱو، توکي ٻيهر ٻليءَ جا آنا کارائبا !“ وارڊ انچارج ورنايس.
    ”نه با !ٻليءَ جا آنا حرام آهن!مان نه کائيندس!“
    لعلڻ توبه ڪرڻ لڳو.
    تون به ته حرام آهينڌ! حرام کادئي ته ڇا ٿي پيو!“
    وارڊ انچارج چيس.
    ”او صاحب مان به شڪايت نه ڪندس،مونکي رڳو ڄام شوري جي چرس جوهڪڙو وزم آني ڏيو!“ نواز چريي وارڊ انچارج کي هٿ ٻڌندي چيو.
    ”اڙي ڄام شوري جو چرس ڇو؟ ڪوئيٽه جو ڇونه !؟؟“وارڊ انچارج چيس
    ”ڄام شوري جو چرس ڀلو آ ابا!“نواز ڪُڇيو.
    ”ڇو ڄامشوري جو چرس ڀلا سنڌ يونيورسٽي جا پروفيسر ٺاهيندا آهن ڇا!؟“ وارڊ انچارج کلندي چيس.
    سڀ چريا خاموش ٿي وي، فقط ”وڏو چريو“ کنگهي رهيو هو،ڇو جو وارڊ انچارج جو چرچو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو.
    ”...............۽ ها ٻڌو!اگر ڪنهن شڪايت ڪئي ته سمجهي افٽ مري ويو!“وراڊ انچارج ٻاهر نڪري چوڻ لڳن.
    ”اڙي کلو..........!جيڪو نه کلندو ان جي ڪري...........!!“ وارڊ انچارج جي نڪرندي ئي نواز چري گار وڌي.
    ”اڙي هن مواليءَ جي چوڻ تي نه کلجو، ڪلهه به بيڊ ست جو خودو به آئوٽ ٿي ويو هو هاڻي زنجيرن ۾ ٻڌو پيو آهي، توهان به ٿورو زيال ڪريو.اسپتال جو ٺيڪو ته توهان کي ڪونه مليو آهي........هاڻي جلدي جلدي سياڻا ٿيو ۽ اسپتال خالي ڪري گهر وڃي وسايو.، ”اڄڪلهه سڀ چريا ٿيندا ٿا وڃن!“ بيڊ پنج جي ڪرم سڀني کي چيو.
    ڪجهه چريا کلي رهيا هئا،ڪنهه مشڪي رهيا هيا ۽ ڪجهه پنهنجي منهن ويٺي سوچي رهيا هئا، پوڙهو کنگهندي کنگهندي روئي پيو.
    ”اڙي لعلڻ! پوڙهو روئي ٿو!هن کي کل نٿي اچي !هي ڪيئن کلندو هن جي ته ڏندن مان به ڳوڙها ٿا ڳرن؟“ نواز پنهنجي بيڊ تان ئي پوڙهي چري کي ڏسندي بيڊ نمبر ٻه جي لعلڻ کي چيو.
    ڏسندي ئي سڄي وارڊ جا چريا بيڊ نمبر ست تي جمع ٿي ويا،پوڙهو کنگهه ۾ ٻٽيل هو، تارا ڳاڙها هئس شايد ڪنهن مار ڏني هئس.
    ”ڏس پوڙها! چريا رڳو روئندا ناهن، کلندا به آهن .“ بيڊ ڇهه جي رمضان چيس.” هاڻي تون به کل ۽ وڏا ٽهڪ ڏي!“
    ”مان به چريو ٿورئي آهيان،سياڻو آهيان، مان رڳو ڪيلا گهڻا کائيندو آهيان،هڪ ڏينهن گهر ۾ چلهه جي ڀرسان ڪلا کائي رهيو هئس ته مونکي زال چيو ته تون چريو آهين،ڪيلن جون کلون به کائي ٿو وڃين!“ بيڊ نمبت ٻه جي لالڻ پوڙهي کي چيو.
    ”مان به رڳو ڄامشوري جو چرس پيئندو هوس،ٿورڙو موالڙي هوس ،زورئَ مائٽ هتي ڇڏي ويا!“ بيڊ اٺين جي نواز چيس.
    ”منهنجو ڀاءُ وڏيرو آهي، وڏو اطاق آهي،پري پري کان مهمان ايندا اٿس،اهي چرس به کڻي ايندا آهن، ۽ منهجنو ڀاءٌ انهن کان وٺي،ڳوٺ ۾ کپائيندو آهي ته جوءِ ۾ به ،غريبن ۽ يتيمن کي چرس جو موالي ڪري ڇڏيو اٿئين! مان هڪڙي ڏينهن چيو مانس ته ”ائين نه ڪر ،ڏمر پوندئي!“ ته اُن رات جو هڪ ” ڊاڪٽر“ آيو ۽ مونکي چوڻ لڳو،”تون بيمار آهين مان توکي سُئي هڻندس!“پوءِ هن مونکي هڪ سُئي هڻي ڪڍي، ٻه ٽي ڏينهن غش هئس، اٿيس ته سب ”چريو چريو“ چئي رهيا هئا.“ بيڊ چار جي ضمير پوڙهي کي ٻڌايو.
    ”چاچا ڪراڙا!مائٽن منهجي شادي جنهن ڇوڪرئَ سان ڪرائي،اها عمر ۾ مونکان ننڍي هئي، منهنجو نالو ۽ هن جي پئُ جو نالو به رمضان هو،
    هوءَ مونکي هٿ لاهڻ به نه ڇڏيندي هئي، ”تون منهجني پيءُ وانگر آهين“ مان ڀي چريو ناهيان! مونکي زال زوريءَ چريو ڪيو آهي “ بيڊ چهه جي رمضان ٻڌايو.
    ”هي هي...........هي!اڙي سڀ کلو! جيڪو نه کلندو،ان جي ڪري............!!“ بيڊ اٺين جي نواز گار وِڌي.
    سڀ چريا کليا پر پوڙهو کاموش ويٺو ڳاڙهن تارن سان سڀني کي ڏسي رهيو هو.
    ”توکي به زال چريو ڪيو آهي نه ؟!“ رمضان پوڙهي کي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو.
    پوڙهي ڪرب مان ڪنڌ ڌوڻي نهڪر ڪئي.
    ”هاڻي ڳالهاءِ به”وڏا چريا“ ته توکي ڪنهن چريو ڪيو آهي!؟“ لالڻ پڇيس.
    ”ها مان جائي بچائي ”وڏو چريو!“ آهيان مون چريي جو پٽ وڏو آفيسر آهي، وڏو سڪاري بنگلو اٿس، آفيسر جي ڌيءُ زال اٿس، چار چار نوڪر اٿس، هي وڏو چريو به ساڻس گڏ رهندو هو،جنهن محنت مزدوري ڪري پئي زندگي گذاري،پت کي آفيسري ملي ته پٺي وڃين سرڪاري گهر ۾ ترسايائين.
    هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي آفيسر پٽ ڳاڙهي جوري ۾ ڪا شهري ڇوڪري پرڻجي اچي گهر پهتو، مونکي ان لائق به نه سمجهائين جو ساڻس گڏ هجان ها ۽ خوشئَ ۾ شريڪ ٿيان ها، اندر جون مڪون اندر ۾، ٻڙڪ نه ڪا ٻولي هئم.
    ڪلهه رات ورانڊي جي ڪنڊ ۾ پيل کٽ تي ستو پيو هئس ته ڪمري مان آواز آيو:
    ”جمي! مونکي خبر هجي ها ته تون ڪنهن ڳوار جو پٽ آهين ته توسان هرگز شادي نه ڪريان ها؟“ ڪنوار جو آوز آيو.
    ”ڏس مهڪ ! هو منهنجو پيءُ آهي ،آءٌ سندس اولاد آهيان، هن جي خدمت ڪرڻ منهنجو فرض آهي، هن جا به ڪي حق آهن مونتي.“
    ”جمي !مونکان هاڻي برداشت نه ٿو ٿئي، پوڙهو اڌرات جو کنگهي کنگهي منهنجي ننڊ به ڦٽائي ٿو ڇڏي، پوڙهي جو ڪو بلو ڪر يا ته مان هي گهر ڇڏي هلي ويندي سانء!“
    ”پليز مهڪ!مان پنهنجي پيءُ کي پوڙهائپ ۾ ڪا ٿي روليان!؟“
    ”سرونٽ ڪئاٽر ۾ رهائينس يا مينٽل هاسپيٽل ۾، پر مونکان پري هجي“ ڪنوار ڪاوڙ ۾ چيو هئس.
    صبح جو هو مون وٽ آيو هو، ڪنڌ جهڪيل هوس منهنجي نرڙ تي هٿ رکي ڏٺائين.
    ”بابا توهان جي طبيعت اڄ ڪلهه ٺيڪ نه ٿي رهي، کنگهه به وڌي وئي اٿوَ، هلو ته توهان کي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وٺي هلان.“
    پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهندي چيو هئائين.
    مون انڪار نه ڪيو هو، هو پنهنجي سرڪاري گاڏي تي کني مونکي هن اسپتال ۾ وٺي ويو. مونکي ويهاري ڪجهه لمحن لاءِ اسپتال جي ڊاڪترن سان مليو ۽ پوءِ ،مان سندس سرڪاري گاڏي جي ڦيٿن جا زونڪٽ ٻُڌا، جيڪي اسپتال جي مين گيٽ کان ٻاهر پئي ويا ۽ پوءِ ڪجهه لمحن ۾ اهو وارڊ اچارج آيو،ٻه چار چماٽون وهائي ڪڍيائين ۽ پوءِ ڪن کان پڪڙِي هن وارڊ ڏانهن گهلي وٺي آيو.
    پوڙهي جي ڳاڙهين سجيل اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
    وارڊ جا سڀ چريا وڏي ڊاڪٽر جي اچڻ کان اڳ اُٿندا پنهنجي پنهنجي بيڊ تي وڃين ڪريا ۽ بيڊ نمبر ست تي وڏو چريو اڪيلو روئندو رهجي ويو.



    معصوم محبت

    معصوم محبت
    آئيني ۾ پنهنجي منهن مبارڪ جي تصوير مبارڪ ڏٺم،پهرين ته ائين ئي ڏٺم، وري اکيون کولي چتائي ڏٺم. ”ٺيڪ ته آهيان!“ ٻه ڪن، ٻه ڀرون، ٻه چپ، ٻه نڪ (ٻه نه نه، هڪ) هڪ نرڙ. وري وات ڦاڙي زبان ڏٺم، ”ٺيڪ ته آهي!“ بس رڳو لفظن جي ڏاڪڻ تي لهندي چڙهندي گھڻو آهي. وري ڏند ڏٺم، ”ٿورو رڳو سينوارجي ويا آهن ته بس!“ وري گھوري اکيون ڏٺم، ڦڪاڻ محسوس ٿي، چپيون اگھي وري چتائي ڏٺم، ڇا نه سهڻيون اکيون آهن منهنجون، جيڪڏهن ليڊي ڊائنا کي هجن ها ته وصيعت ڪري وڃي ها ته ڪڍي عجائب گھر ۾ رکجو!“ نرڙ کان مٿي بگن وارن جي چڳ ۾ چتائي ڏٺم، بس ٿورڙو ڦاڙ هيو، مامي جي باغ ۾ ڄمون پٽيندي ڏار تان ڪري پيو هئس، پنج ٽاڪا مس لڳا هئا.
    مٿو منهنجو اهڙو گول آهي جھڙو ٻٽالو، بس امان جلديءَ ۾ اهڙو ئي وهاريو هئو. وري آئيني کي پوئين پاسي ورائي ڏٺم، پاڻ کي ڏسڻ ۾ نه آيس پر ايتري پڪ هئي ته ساڳيو هوندس. امان به جڏهن موڊ ۾ هوندي آهي ته چوندي آهي، ”تون منهنجو چوٽيهه لکڻو پٽ آهين، اڃا ٻه لکڻا کٽل اٿئي، ڇٽيهه لکڻو نه ٿيو آهين، جڏهن ڇٽيهه لکڻو ٿئين ته پوءِ شادي ڪرائيندي مانءِ!“
    هڪ دفعو وري منهن مبارڪ چتائي ڏٺم اندر مان آواز آيو، ”اهڙو سهڻو ۽ سيبتو مهانڊو ته صدين ۾ ڪنهن صدوريءَ ماءُ وٽ ڄمندو آهي.“
    پوءِ اڄ ڇو هُن ڏيڏر جي ڌيءُ مون کي چيو ته آئيني ۾ پنهنجو ٻوٿ ڏٺو اٿئي!؟“ پڻس جو مهانڊو به وڏي چٻري جھڙو، رنگ صفا ڏيڏر جھڙو، ان ڪري ته مان هُن کي ڏيڏر جي ڌيءُ چوندو آهيان.
    اڄ ماما جي باغ اڳيان ڪجهه ٻار نم مان نميريون پٽي کائي رهيا هئا ته ڪجهه ٻار واهه ۾ بيٺل پاڻيءَ جا ڇانڊارا هڻي” هيٻو لالا هيٻو“ڪري رهيا هئا، واهه جي پرينءَ ڀڪ تان جت اٺن جو وڏو ولر ڪاهي وڃي رهيا هئا، مان اٺن کي ڏسي چئي رهيو هئس، ” اٺ ماما گوگڙو سائو لڪڙ ڀڃي ڏي.“ ته ڏيڏر جي ڌيءَ چيو ، ”ولو! ڏاڏي چوندي آهي ته اٺ سان نه ڳالهائيندا ڪريو، اٺ دلي ڪڍندو آهي ته پوءِ ڇتو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو کي ماري ڇڏيندو آهي ۽ ٻيو ته ائين ٻار چوندا آهن، تون هاڻي ٻار نه ٿيءُ!“
    ”اِها تنهنجي چٻ ٻوٿئي پيءُ ڏيڏر جي ماءُ نسوار جو چپٽو هيٺين چپ ۾ ڦاسائي، جڏهن ڪبوتر وانگر ”غٽر گون، غٽر گون“ ڪري ڳالهائيندي آهي ته خبر به ڪانه پوندي اٿس ته ڀرسان ويٺل اڃا تائين ويٺو آهي يا اٿي ويو.“
    ”ولو! تون منهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي بيستي (بي عزتي) نه ڪر.“
    ”هائو ڏيڏر جي ڌيءُ! مهانڊو ڀلو ڪونه اٿن ته گهٽ ۾ گھٽ ڳالهائين ته ڀلو!“
    ”ها، باقي تون وري شهزادو آن! آئيني ۾ پنهنجو ٻوٿ ڏٺو اٿئي!؟“
    مون وري آئيني ۾ چتائي ڏٺو ، ٻيهر اندر مان آواز آيو،”اهڙو سهڻو ۽ سيبتو مهانڊو ته صدين ۾ڪنهن صدوريءَ ماءُ وٽ ڄمندو آهي.“ مان ڀي ڏيڏر جي ڌيءُ کي ماکي به نه کارائيندس،جيڪا ماما جي باغ ۾ ليمي جي وڻ ۾ ويٺل آهي، بس هاڻي ئي وڃان ٿو لاهڻ، آئيني کي کٽ تي اُڇلي تڪڙو تڪڙو در کان ٻاهر نڪتس ته سروٽي ۾ ٿاٻڙجي ڊاٻڙ ۾ وڃي مُنهن کوڙيم.
    ”هي ته وٺ ٻه سئو چوويهه!“ اڳيان ڏٺم ته آمان رڌڻي مان ٻاهر نڪري پنهنجي هٿ مبارڪ جي چئن آڱرين ۽ آڱوٺي کي کنڊيري ”آئينو“ جهلي بيٺي هئي، مون چتائي ڏٺو ان آئيني ۾ مونکي پنهنجو مُنهن ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو هو. باقي ”ٻه سئو چوويهه“ واري نظريئي جي به مون کي خبر هئي، ان ڪري سوچيم ته ايڏو خراب ڪم نه ٿيو آهي.”لک لعنت“ جي باري ۾ امان جو نظريو پنهنجو آهي،”هر ننڊي وڏي غلطيءَ تي لک لعنت چوڻ درست ناهي، غلطي ننڍڙي ته لعنتن جو شمار به گهٽ هجي، جي غلطي وڏي هجي ته لعنتن جو شمار به وڌيڪ هجي.“ان حساب سان لک مان ٻه سئو چوويهه ڪو وڏو تعداد نه پئي سمجهيم.“
    ”سڄو ڏينهن وتين ٿو ٺيهان کائيندو، ڪاليج کان موڪل ملي اٿئي ته گهر ۾ آرام نٿو اچئي، اڄ ڪراچي کان مامهين اچي ته توکي سيکت ڏياريان ٿي!“
    امان جا سخت ترين جملا ٻُڌي کڙين تي زور ڏنم ۽ ساه اچي ليمي جي وڻ وٽ پٽيم، ساهي پٽي ليمي جي ڏار وٽ بيٺس ماکيءَ جو مانارو ويڪرو هو ۽ ڀرسان ڪارا ڪارا گھُڻا اُڏري رهيا هئا،ڪَمن جي لڪايل ڪوڏر کڻي آيس، ڇو جو جلديءَ ۾ اچڻ ڪري ڪهاڙي کڻڻ وسري وئي هئي. ڪوڏر جو لپو ڏار ۾ هنيم، ڏار ته ڪو نه ٽُٽو پر مکيءَ جا گهُڻا اُٿيا ۽ مون کي چنبڙي ويا، پوءِ مُنهنجون رڙيون هجن ۽ گھُڻن جي ”ڀون ڀون“.
    ٿڙندو ٿاٻڙندو باغ مان ٻاهرنڪري آيس، سڄو منهن سُڄي رهيو هو، هٿ پير به ٿلها ٿي رهيا هئا. لڪندو ڇپندو گهر آيس، در ٽپيم مس ته امان آڱرين جي آ.ئيني کي ڊگهو ڪندي ڪندي بيهي رهي ۽ فقط” ڏه هزار پنج سئو يارنهن“ چيائين ڇو جو، امان سان گڏ ماما به ويٺو هو، جيڪو ٻن مهينن کان پوءِ ڪراچيءَ مان موٽيو هو. ماما کي ڪراچيءَ ۾ نوڪري آهي ۽ پگهار وٺي اڄ ڳوٺ پهتوهو، ماما مون کي ڏسي امان کان پڇيو،”ادي هي ڪنهن جو ڇوڪرو آهي!؟“
    ”ڀائو! هي مون وارو سڪيلڌو ولو اٿئي!“
    امان ڪاوڙ ۾ مون ڏانهن ڏسندي جواب ڏنس.
    ”ماما ڪهڙا حال آهن!؟“ بيحيائي ڪندي کيس چنبڙي پيس.
    ”ولڻ يار، هي ڇا ڪيو اٿئي !“ صفا ساجو مڱڻهار جي دُهل جهڙو ٿي ويو آهين!“
    ”ماما، اوهان مون سان اڳين دفعي واعدو ڪيو هو ته هن دفعي مون لاءِ واچ وٺي ايندا، هاڻي ته مان انگريزيءَ جا انگ به سکي ويو آهيان، ٻه مهينا انگيزي ٽيوشن سينٽر ۾ پڙهيو آهيان.“
    ”چڱو ولڻ يار! هي وٺ واچ.....۽ انگريزيءَ ۾ ٽائيم ٻڌاءِ!“
    ”ماما ٽائيم ٿيو آهي سوا فائيو!“
    ”سوا فائيو؟؟!“
    ”ها،ها، سوافائيو پوڻا ٽو کان ساڍا ٿري ڪلاڪ مٿي!“
    ان کان اڳ جو ماما منهنجي انگريزيءَ تي کلي، مان تڪڙو ڏيڏر جي ڌيءُ کي واچ ڏيکارڻ آيس.گهٽيءَ ۾ ڏيڏر گڏيو،مون کي ڏسي سانڊي جيان رنگ مٽائڻ لڳو، پنهنجي چٻرين جهڙي گول اکين کي گهمائيندي مون کي مشڪوڪ نظرن سان تڪڻ لڳو، ان کان اڳ جو هو چُري مان کسڪي نڪري آيس.
    ڏيڏر جي ماءُ مفت اکين جي ڪيمپ مان ورتل عينڪ نڪ تان سوري اکين وٽ بيهاري مون ڏي ڏسڻ لڳي. مون ورانڊي مان جهاتي پائي ڏٺو، هوءَ ڪمري ۾ روئي رهي هئي. مان دريءَ جي ڳلکڙي مان ڏسڻ لڳس، هن جي اڳيان منهنجي اسڪول ۾ ٿيل تقريري مقابلي ۾ نڪتل تصوير پئي هئي. اوچتو منهنجي اکين جي پٺيان ڪنهن هٿ رکيا. ڪنهن نرم گرم جسم جي ڀاڪر ۾ مان هوا جون ڇڙيون هڻڻ لڳس.اڄ خير ناهي! ڏيڏر اچي ويو هوندو! ڏيڏر جو مهانڊو تصور ۾ آندم سڄو ڏڪي ويس. ”جل تون جلال تون آئي بلا ٽال تون.“ جو ورد ڪرڻ لڳس. پر ”بلا“ هٿ ئي نه پئي ڪڍيو، ڀرسان وارو درلت سان کوليو ويو.بس مان ڏيڏر جي هٿان ٿيس ٻوٽي ٻوٽي. ”او منهنجي صدوري امان! متان سڀاڻي خيرات جو گوشت سمجهي منهنجي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي وڃين.“ ڀاڪر ڍور ٿيڻ لڳو، مون پاڻ کي ڪنهن هنڌ وڇايل کٽ تي محسوس ڪيو، ڏٺم ته ڪو در کي اندران بند ڪري مون ڏانهن ڊوڙندو پئي آيو.
    ”هان! کجي تون!؟ پوءِ به شڪر آ جو تون نڪتيئن، مون ته پنهنجو نالو شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.“
    ”ولڻ! مَنَ اڃا ڪيترو تڙپائيندين؟ مان مران تو لئه، تون ٻين ڪاڻ!“
    ”کجي! تون ايتري ته ڊگھي آهين جو مون کي پنهنجو ڪنڌ ٽيڻو ڪرڻو پوندو،تڏهن ئي پنهنجو جوڙ ٺهي سگھندو.“
    ”قد جو ڇاهي ولڻ! انسان جي دل وڏي هئڻ گھرجي.“
    کجي! تون پنهنجي چٻ مهانڊي ۽ ڏيڏر رنگي پيءُ کي چوين ڇو نٿي ته شينهن ڪلهي چاڙهئي!“
    ”مان هي هار سينگار تو لاءِ ڪندي آهيان، پوءِ ڪنهن ٻئي جو انتظار ڇو ڪريان؟! ۽ تون اَن جو هُن تاني (سندس ننڍي ڀيڻ) تي ٿو اڪن شڪن ٿئين!“
    ” کجي! هونئن به مون کي ڪوئل وڻندي آهي، رنگين طوطن جا شوقين ٻيا هوندئي .“
    ان کان اڳ جو کجي مٿان ڪري، مان ٽپ ڏئي کٽ تان لٿس ۽ در کولي هوائي جهاز ٿي اچي پنهنجي گهر جي در تي بريڪ ڏنم، ٻليءَ پير ٿي گهر ۾ داخل ٿيس، مامو ننڊ پيو هو، اَمان ڀرت ڀري رهي هئي، اڄ امان جي مُنهن ۾ شوخيءَ بجاءِ مسڪراهٽ هئي، ڀرسان ويهي رهيس.
    ” ولو! نڀاڳا! هيءُ پنهنجي ڪهڙي حالت ڪئي اٿئي، صفا سڄي پيو آهين!“
    ”امان! مان ڇٽيهه لکڻو ڪڏهن ٿيندس؟“
    ”ٻچا تون ته چاليهه لکڻو آهين“ توکي ڇٽيهه لکڻو ٿيڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت؟!“
    ”امان! ڇا ڳالهه آهي، اڄ لوڻ بجاءِ مکڻ پئي ڦڪائين!“
    ”ادو شانو (ڏيڏر) آيو هو، کجيءَ جي ٻانهن ڏيڻ جو چيائين پئي، پوءِ تنهنجي ڇا مرضي آهي؟!“
    ” امان! مان ڳچيءَ ۾ رسو وجھي پکي ۾ ڦاهو کائي سگهان ٿو، هن ڪچيءَ جاءِ جي پويان جيڪا پاڻيءَ جي کڏ آهي اتي ٻڏي مري سگھان ٿو، تون چوين ته مان ڏاٽي سان پنهنجي منڍي لُڻي سگهان ٿو پر کجيءَ سان هرگز شادي نه ڪندس !“
    ”ڏس ولو! جوڙا ته آسمان تي ٺهندا آهن، ڀلا اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟“
    ” پر امان! ڪانو ۽ ڪونج، ڪوئي ۽ هاٿيءَ جا جوڙا ڌرتيءَ تي ٺهندا آهن.“
    ”اڙي ڇورا! مان چوان ٿي تون ڪيئن نه ها ڪندين!“ امان ڀرسان پيل وڃڻيءَ ۾ هٿ وجهي، منهنجي ٻٽالوءَ جهڙي ٽڪڻ تي وهائي ڪڍي.
    ”ائلي اباڙي، گهوڙا ڙي، ائلي ماماڙي!“
    ”چنڊا! پنجاه هزار هجنئي.....!“
    ”ڀڄ ڙي ولڻ! اڄ تعداد وڏو اٿئي!“ جيسين امان جا وائيسر ڦرن ان کان اڳ ئي پيرن تي زور ڏنم ۽ سڌو ماما جي باغ وٽ پهتم ۽ نم تي چڙهي نميريون پٽي کائڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳس، ”امان جي به نظر ڊم ٿي وئي آهي ڪٿي کجي ۽ ڪٿي مان! کجيءَ کان هيٺ تانيه تي نظر نه ٿي پويس، لڳي ٿو جيڪا جمعي جمعي تي خرچي ملندي آهي،ان مان امان لاءِ ٻن روپين واري عينڪ وٺڻي پوندي.“
    ”اڙي ولڻ! تون مٿي ڇا ٿو ڪرين، هيٺ لهي آءُ ته توکي ڳوٺ جون خبرون ٻڌايان!“
    هيٺ نهاريم ته ببلو بي بي سي بيٺو هو هيٺ لٿس، ڀاڪر پائي مليو، ڳوٺ جون سنهيون ٿلهيون خبرون ٻڌائي چيائين،
    ”ٻڌو آهي ته ڏيڏر پنهنجي ڌيءُ جو سڱ توکي ڏيڻ چاهي ٿو.“
    ”ها، پر بد قسمتيءَ سان وڏيءَ جو!“ مون ٿڌو ڇوڪارو ڀريندي چيو.
    ”توکي خبر ناهي ڏيڏر جي مرضي به تانيه تي هئي، پر تنهنجي ماءُ جي چوڻ تي هن کجيءَ لاءِ ها ڪئي، ڇو جو تنهنجي ماءُ توکي ڏنگي زال وسيلي سڌارڻ گھري ٿي.“
    ”پر ببلو! منهنجي زندگي ته تباهه ٿي ويندي!“
    ”هڪ ترڪيب آهي . . . . جيڪا تنهنجي زندگي کي بچائي سگھي ٿي.“ ببلو منهنجي ڪن ۾ سنهي آواز ۾ زوزٽ ڪرڻ لڳو، منهنجا چپ ٽڙيا، هاڻي ڏند ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي فٽ بال جيڏو وات پٽجي ويو.
    ٻئي ڏينهن ببلو ڊوڙندو ويو ۽ امان کي چيائين، ”ولو باغ ۾ زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.“ اهو چئي ببلو سڌو مون وٽ پهتو، مون بيهوش ٿيڻ کان پهرين هڪ نظر رستي تي وڌي، پوءِ اکيون پوري ڇڏيون، ببلو ڳاڙهي دوا جو چمچو منهنجي چپن مٿان هاريو، جيڪو منهنجي کٻي واڇ کان هيٺ وهي ويو. هاڻي ڪجھ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيم، امان مون کي ٻانهن کان ڇڪي ڪڇ ۾ ويهاريو ۽ ويهي سڏڪا ڀرڻ لڳي،
    ”او مون کي ڪهڙي کپر کاڌو، جو مون سون جھڙي پٽ کي ڇڙٻون ڏنيون.“
    ”ادي! روءُ نه، ڌڻي خير ڪندو.“ ماما جو آواز ٻڌم، گوڙ ويو پئي وڌندو، چرٻاٽ وڌي رهيو هو، ڏيڏر پهتو، کجي پهتي ۽ ڏيڏر جي ننڍي ڌيءُ جو ڪوئل جھڙو آواز ٻڌم، دل چاهيو ته اکيون کولي کيس ڏسان پر ائين ڪرڻو ڪونه هو.
    ماما ٽانگو ڪاهرائي آيو ۽ مون کي کڻي ٽانگي جي سيٽ تي سمهاريو، امان منهنجي ڀرسان ويٺي، ماما ۽ ڏيڏر اڳيان ۽ ببلو باقي پويان چنبڙي پيو. امان جون دعائون گھرڻ ۽ رب کي ٻاڏائڻ چٽو ٻڌي رهيو هئس، ٽانگو علائقي جي واحد عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جي در تي بيٺو، عطائي ڊاڪٽر يتيم ٻار جھڙو منهن ڪري ٻاهر نڪتو، مان ڇپرن جي وٿيءَ مان کيس ڏسي رهيو هئس. اسٽيٿو اسڪوپ سان دل جي ڌڙڪن چيڪ ڪري ، اسٽيچر جھڙي بينچ تي مون کي سمهارڻ جو چيائين، ٽارچ کڻي آيو اکين ۾ ٽارچ هنيائين پوءِ وات اندر ٽارچ جي مدد سان ڪاڪڙو ڏٺائين.
    ”زهر صفا مٿي چڙهي ويو آهي، ڇوڪري جو بچڻ مشڪل آهي.“ ڊاڪٽر کروکرو جواب ڏنو.
    ”نيٺ ڊاڪٽر! ڪو ته علاج هوندو!“ ماما کيس چيو.
    ”ڇوڪرو معصوم آهي ۽ سندس محبت معصوم آهي، هن جي دل تي صدمو آهي، جيڪڏهن اهو نه هٽندو ته ڇوڪرو نه بچندو، توهان منهنجي ڳالهه سمجھو ٿا نه؟!!!“
    ”ها ابا! رب حياتي بخشي ڏيس، جيئن چوي تيئن ڪرڻِ لاءِ تيار آهيان!“ امان التجا خيز ٿي ڊاڪٽر کي چيو.
    ”هاڻي پئي خبر ته گھڻي ويهين سو آ.“ دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس.
    ”اسان جو ڪم آهي ڪوشش ڪرڻ، شفا ته رب جي هٿ ۾ آهي.“
    ڊاڪٽر وائل مان سُئي ڀري مون هڻندي چيو.
    مان وڏو وات ڦاڙي ننڍي دانهن ڪري اکيون کوليون، سڀ خوش نظر اچي رهي هئا. ببلو ته ٺينگ ڏئي رهيو هئو، توڙي جو کيس سڀ خبر هئي.
    ”امان! مان کجيءَ سان نه پر تانيه سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“ موقعو ڏسي ڳالهه چٽي ڪيم.
    ”پٽ! جيڪا تنهنجي مرضي! تنهنجي خوشي منهنجي خوشي!“
    ”امان! اها متِ پهرين اچئي ها ته مان ڊاڪٽر کان سُئي ڇو هڻايان ها!؟“ دل ۾ ڀڻڪو کاڌم، شڪر ٿيو ته امان نه ٻڌو نه ته ڀوءُ هو ته ڳوٺ پنڌ وڃڻو پوي ها!
    خبر ئي نه پئي لڏو اچي ويا، سڀني کاڌا، مان ته مسئلي جي نوعيت کي سمجھي ويس پوءِ ته ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس. ماما ڊاڪٽر کي فيس ڏني، سڀ خوش خوش ڪلينڪ مان نڪتاسين، هاڻ مون پان پئي پنڌ ڪيو.
    ”ٻيلي! ڊاڪٽر هوشيار آهي، ڪيئن مرض سڃاڻي ويو ۽ مريض کي ٺيڪ ڪري ڇڏيائين.“ ماما ڊاڪٽر جي تعريف ڪندي چيو.
    ببلو منهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪندي چيو،” يار! ڊاڪٽر واقعي هوشيار آهي، ڪالهه پاڻ هلي کائنس مدد گھري هئي ۽ هن کي سڄو ڊرامو سمجھايو هو ته هن ڳارهي رنگ جي دوا ڏني هئي ۽ سهڪار جو واعدو ڪيو هو، اڄ پنهنجو ڪم به ٺاهي ويو ته تنهنجو ڪم به ٺاهي ويو.“
    ببلو منهنجي ڪن ۾ کج کج ڪري ٿو، مان اکيون پوريان ٿو، مون کي منهنجي معصوم محبت انتظار ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.


    هڪ ڏينهن جي روزي

    هڪ ڏينهن جي روزي

    گپ ۾ ڀريل پير ۽ وڃايل پاچا وري پيرن ۾ ٽائر جي ٺهيل چپل، وڃايل ۽ ليڙون ليڙون لٽا ، هڪ ٽٽل ڪسيل سائيڪل کي زور سان پينڊل هڻي اڳتي هليو. شام جي اونداهي جهڙا ميرانجهڙا ۽ چٻاڙيل ڪپڙا کيس اوڍيل ، هڪ اڻ ڌوتل ڪپڙي جي لڳل ٻٽ مان به ڪاري رنگ وارو ماتا ڌڪيل منهن ظاهر ٿيو پئي.
    پگهر ۾ ڇم ، ٻارن جي هول کان قبرستان ڏانهن رخ رکيائين ، برسات وسڻ ڪري سارو رستو گپ ۽ گارو بڻيل هو، ڦڦريل ڊاٻڙ کي برسات جي پاڻي ڄمائي ڇڏيو هو پر ڌنارن جي مينهن جي کرن جي نشانن ڊاٻڙکي وري اکيلي گچڻ بڻائي ڇڏيو هو، تنهن تي هلڻ تهائين دشوار.
    هو زندگيءَ جي ڀلڪار ۾ سڙيل هو ۽ ڀلڪار جي آتش جي ڄر هن جي جسم کي ساڙي ڇڏيو هو ، سائيڪل کي قبرن ڏانهن موڙيندي هينڊل ۾ لٽڪيل ڳوٿري گوڏي سان اٽڪيس ، سور جو چهٽاءُ محسوس ڪيائين. زنگي چهڪ ئي چهڪ هئس، ماڻهو هوندي به نه ليکيو ويو هئو، سندس ڏٻرين ٻانهن ۽ ٽنگن تي بک جو وزن رکيو ويو ، سندس زندگيءَ جو سفر گذر سائيڪل جي ڪسيل رم ۽ ٽٽل پرزن تي هو. سائيڪل کي رستي تي ليٽائي هينڊل ۾ ڦاٿل ڳوٿريءَ مان تيز ڌار ڇري ۽ چاقون ڪڍي اڳتي وڌيو، ٻن قبرن جي وچ تي هڪ هنڌ بيهي رهيو، نظرن کي ڪنهن هڪ شيءِ تي مرڪوز ڪيائين،جيڪا سندس جياپي جو واحد ڪارڻ هئي،جنهن جي ڪري هن جا چار معصوم ٻار آرام سان سڄي ڏينهن جي ماني کائيندا هئا
    . انهن معصومن ماءُ جي ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ کان پوءِ اهڙا ڪيترائي
    ڏينهن بک ۽ پساهن ۾ پئي مانيءَ جي گول دائري کي تڪيو، غربت ۽ مفلسيءَ جون شيخون آويءَ ۾ پچائي سندن اوجھريءَ ۾ ٽنبيون ويون، مانيءَ جي ڳڀي لاءِ هنن در در جون ٺوڪرون کاڌيون، پر معصوم ڪڏهن ڍوُ تي ماني ڀي نه کائي سگهيا ها.
    هن چاهيو ٿي ته هو به عام ماڻهوءَ جيان زندگي گذاري پر ڪڻس هر دفعي اٻاڻڪائيءَ سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي ويو، هن اشرف المخلوقات پئي بڻجڻ چاهيو پر هن جي رستي تي ٽانڊا وڇايا ويا، هي چنڊ جو تمنائي گگھ انڌيري ۾ ٿاٻاکائي موٽيو، هو صحرا جي طويل سفر ۾ ڪابه سواري نه ماڻي سگھيو، وقت هن جي جسم کي ڳاري ڇڏيو، هيءُ نٻر سدائين ڪنهن سڌاتوري جي ڪهڪاهه ۾ جليو پئي.
    زندگيءَ جي اڻکٽ راهن ۾ هن هڪ ڏينهن اهڙو رستو ڏٺو، جيڪو هن جي جياپي جو ڪارڻ بڻجي پئي سگھيو، دنيا جنهن کي ڪراهت جي نظرن سان ڏٺو ٿي پر هن جا معصوم ته بکئي پيٽ ڪونه سمهندا هئا.
    ٻن قبرن جي وچ تي پيل ڍونڍ کي تڪڻ لڳو، جنهن کي ڪجھ لمحن کان هن نظرن جو مرڪز بڻايو هو، ڍونڍ ڪنهن بيمار ڦنڊر جو هو، جا مناسب علاج نه ملڻ ڪري مئي هوندي. ڍونڍ کي ٽنگن کان جھليندي هلڪو چير ڏنائين ۽ پوءِ ڇريءَ سان کَلَ کي لاهيندو ويو.
    سڄو رستوويران هو،ٽاڪ منجھند سج باهه جا اُلا اڇلي رهيو هو، لڪون لڳي رهيون هيون،لُڪن واري ڪوسي هوا سرسراهٽ ڪندي ڪڻس ڇيڙي ٿي پر هو پنهنجي ڪرت ۾ محو هو. پريان ڪجھ فاصلي تي ڌنار ٻار مينهون چاري رهيا هيا.
    ڍونڍ تي چنبڙيل هزارها جيت ۽ مکيون کيس به چنبڙي ويا هئا، هو انسان بجاءِ حيوان ٿي نظر آيو. هو زندگيءَ جي ڪيڏاري ۾ شهيد ٿيل هو، حيوان جهڙو ٿي ويو هو ته ڇا ٿيو!!؟؟ هونئن به ماڻهو حيوان صفت سڏيندا هئس، هن جون ڳالهيون ڪندي اُلٽي ڪندا هئا، ساڻس امتيازي ورتاءُ ڪندا هئا، کيس ڀر ۾ ويهارڻ ته پري پر جنهن گھٽيءَ سان ايندو اها گھٽي ڇڏي ٻئي پاسي کان اڪرندا، اگر مجبورن هن اڳيان گذرڻو پوين ته نڪ تي ڪپڙو چاڙهي مخالف رخ منهن ڪري اڪرندا هئا.
    هو خواهشن جي ريل هيٺان پاڻ چيڀاٽي چڪو هو، هو ان کوهه جو ڏيڏر هو جيڪو گدلاڻ جو ڍير سمجھيو ويندو هو.
    هن کي ڇنبڙيل جيتن ۽ مکين مان ڪابه ڪرڀ محسوس نه ٿي فقط ڏسڻ لاءِ هٿ چوريائين ته جيت سندس منهن تان هٽي ويا. هن ڍونڍ تان مڪمل کَلَ لاهي سائيڪل کي اڀو ڪيو، سائيڪل جي پوئين گھوڙيءَ کي مٿي ڪري سارو چمڙو ٻاچڪي ۾ وجھي پوئينءَ سيٽ تي رکيائين. سائيڪل جي هينڊل کي هٿن ۾ مضبوط جھلي رستي تي سڌو ٿي بيٺو، سائيڪل تي چڙهي پينڊل مس هنيائين ته پٿرن ، ڀترن ۽ گارين جا وسڪارا ٿي ويس.
    ” او باگڙي ....! ڪتي جا پُٽَ.“
    ”او ڀنگي....! سوئر جا پُٽَ“
    ڌنار ٻارن جي گارين ۽ ڀترن کان ناآشنا ٿيندو، پينڊل دٻائيندو هلندو رهي ٿو، ٻارن جون گاريون ۽ ڀتر وايو منڊل مان ڦيرا کائيندي کيس زخمي ڪري رهيا هيا پر کيس يقين هو ته هن جيڪو هٿ ڪيو آهي سو هن جي هڪ ڏينهن جي روزيءَ لاءِ ڪافي آهي.
    ***


    خلا جو سفر

    خلا جو سفر
    ”پُٽ همير! ڇا تون ڪجھ ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ اچي سگهين ٿو؟“ ڪار ۾ ويٺل همير کي ليپ ٽاپ ذريعي ڊاڪٽر ڪارل جو پيغام مليو، جيڪو ليپ ٽاپ ۾ نسب ٿيل ويب ڪئميرا ۾ پريشان نظر اچي رهيو هو.
    ”ڇو سر! خير ته آهي؟ پريشان ڏسڻ ۾ پيا اچو!“
    ”پٽ همير! مون جديد خلائي طشتري ايجاد ڪئي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته مان پنهنجي هن تجربي ۾ ڪامياب ويندس پر فقط شرط آهي تهنجي سهڪار جو.“
    ”ٺيڪ آ سر، مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي!“
    ”جديد خلائي طشتري، جيڪا ڌرتيءَ تان اُڏام ڪري، خلا ۾ داخل ٿي نظام شمسي جي مڙني گرهن جي حدن ۾ گهرندي جڏهن مخصوص وقت جي گردش کان پوءِ ڌرتيءَ کان لهندي ته ان عمل دوران ڌرتيءَ تي ڏهن سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو هوندو توکي ته خبر آهي ته سڀني گرهن جي هڪ ڏينهن گذرڻ جو عرصو مختلف آهي جيئن زهر تي 243 ۽ مشتري ۽ زحل تي 10 ڪلاڪ جو هوندو، جڏهن ته عطارد جو هڪ ڏينهن 59 زميني ڏينهن جي برابر آهي... ۽ جڏهن خلائي طشتري واپس ڌرتيءَ تي لهندي ته طشتري ۾ ويٺل ماڻهوءَ جي عمر ۾ ڇهن مهينن جو اضافو ٿيندي ۽ ڌرتيءَ تسي ڏه سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو هوندو.“
    ”سر!مان جلد کان جلد اچڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.“
    همير ڊاڪٽر ڪارل کان موڪلائي ليپ ٽاپ ذريعي پنهنجي گھر جون بتيون، فرج ۽ ٻيو سامان بند ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو گھر کان نڪرندي وسري ويو هئس. هاڻي ليپ ٽاپ بند ڪري موبائل فون جي ليڊ ليپ ٽاپ مان ڪڍي ڇڏيائين. سندس ڪار روڊ تي ترڪندي اڳتي وڃي رهي هئي. همير کي ياد آيو جڏهن سنڌ سرڪار هن سميت چار سائنسدانن کي ٽن سالن لاءِ ڊاڪٽر ڪارل جي ملڪ وڏيڪ تجربن ۽ تعليم لاءِ موڪليو هو، ڇو جو اها وقت جي اهم ضرورت هئي.
    ڊاڪٽر ڪارل جي ملڪ ۾ هو”انٽر نيشنل سائنٽيفڪ انسٽيوٽ ائنڊ ليبارٽري (جججج)“ ۾ پهتا. جتي ڊاڪٽر ڪارل پڻ ليڪچر ڪندو هو. اتي همير جو تعارف ڊاڪٽر ڪارل سان ٿيو، جيڪو هن ۾ گهري دلچسپي وٺندي کيس پنهنجي ذاتي رهائشگاه تي وٺي ويو. جتي ڊاڪٽر ڪارل جي اڪيلي ڌيءُ روزلي سان سندس تعارف ٿيو.
    هڪ ڏينهن ئي همير باٿ روم مان وهنجي نڪتو هو ته روزلي کي بي تحاشه کلندو ڏٺائين، جيڪا همير جي نالي ڪيل ڪمري ۾ اڳواٽ ويٺل هئي. همير کي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر هُن جي کلڻ جو سبب ڇا هو؟ بيتاب ٿي کائنس کلڻ جو سبب پڇيو هئائين پر هُن اصل سبب نه ٻڌائيندي فقط اهو چيو ته، ” تمام خوبصورت ۽ ويڪري چيسٽ.“
    هڪ ڏينهن ويٺا خوابن جي موضوع تي ڳالهائي رهيا هئا ته روزلي. ڊاڪٽر ڪارل جي ايجاد ”ڊريم مشين“ جو ذڪر ڇيڙيو جيڪا خواب رڪارڊ ڪري سگھي پئي.
    ”اهي رڪارڊ ٿيل خواب ڊراما ڪري ٽي ويءَ تي هلايا ڪهاڻيءَ کي مڪمل ڪيو وڃي ٿو ۽ ائين ڊرامن جي رڪاڊنگ تي ٿيندڙ خرچ به بچيو وڃي.“
    همير ۽ روزلي هڪ ئي صوفي تي ويٺا هئا، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪارل ڀرسان واري صوفي تي ويٺو پنهنجي ان ڏينهن جي مصروفيتن جو ٽائيم ٽيبل ڏسي رهيو هو.
    ”روزلي! جنهن ڊريسنگ ۽ ويجهڙائيءَ ۾ تون مون سان گڏ ويٺي آهين، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو ٻروچ جي گھر ۾ هجي ها ته پاڻ ڪڏوهو ڪو ”ڪاروـ ڪاري“ جي الزام هيٺ هُن جهان پهچي وڃون ها.“ همير ڪارو ڪاري مسئلي جي شدت جو اظهار ڪيو.
    ”.....هيومن رائيٽس جهڙا انسان دوست ادارا اوهان وٽ؛ اهن ڇا!؟“ ڊاڪٽر ڪارل همير کان پڇيو.
    ”اهي ماڻهو مڪامي وڏيري کان سواءِ ڪنهن ناهن ڊڄندا....!“
    ”اوڪي همير! مون کي ضروري ميٽنگ ۾ وڃڻو آهي، مان هلان ٿو.“ ڊاڪٽر ڪارل اٿندي چيو. مس روزلي به اٿي باٿ روم ڏانهن وڃڻ لڳي. همير عالمي خبرون ٻڌڻ لاءِ ٽيبل تان ريموٽ ڪنٽرول کڻي ٽي وي کولي، اسڪرين روزلي کي ڏسي کا.نس ڇرڪ نڪرڻ تي هو پر چپ ڀڪوڙي ڇڏيائين. روزلي شاور کولي وهنجڻ لڳي ٿي. همير کي ڪجھ ڏينهن اڳ واري ڳاله مڪمل ياد اچي وئي ۽ سمجهه ۾ اچي ويو ته روزلي جي بي هميشه کلڻ جو سبب ڪهڙو هئو! همير ٽي وي بند ڪري، ريموٽ ساڳيءَ جاء تي رکيو. ڪجھ گهڙين م تروتازه روزلي سندس اڳيان هئي. هي به بي تحاش کلڻ لڳو، کلندي کلندي چيائين، ” تمام خوبصورت ۽ ويڪري چيسٽ!“ همير کي پهريون ڀيرو ڪنهن مغربي ڇوڪري جي مُک تي شرم ڏسڻ ۾ آيو هو. اهو روز جو معمول ٿي رهيو، ڊاڪٽر ۽ همير شام جي وقت ڪارل جي ذاتي ليبارٽري ۾ مختلف تجربا ڪندا هئا. جتي ڪڏهن فرصت ۾ هو روزلي سان گڏ رهندو هو. مس روزليءَ ڊاڪٽر جي اڪيلي ڌيءُ ۽مقامي بينالااقوامي يونيورسٽيءُ ۾ فزڪس جي شعبي ۾ آخري سال جي شاگردياڻي هئي، سندس پيءَُ وڏو نالو رکندڙ سائنسدان هو. جيڪو ان وقت تائين دنيا کي ڪيتريون ئي کوجنائون ۽ ايجادون ڏئي چڪو هو پر سندس اهم نظريو وقت کي تيزيءُ سان گذارڻ(1234)هو. جنهن مختلف خيال ۽ نظريه ڏئي چڪو هو، ڊاڪٽر ڪارل هڪ اهڙي مشين پڻ ايجاد ڪرڻ جو سوچي رهيو هو، جيڪا سندس ان نظريئي کي عملي جامو پهرائي سگهي. ڊاڪٽر ڪارل، ليمائٽر جي پيش ڪيل بگ بئنگ ذريعي(12345) ته دنيا هڪ وڏي ڌماڪي سان وجود ۾ آئي.“ جو سخت مخالف آهي.
    همير جي يادن جا ڏيئا وساڻا ۽کيس پنهنجي وجود جو پتو پيو، اڃا ڪار ۾ موجود هئو ته ۽ ڪار ايئر پورٽ وٽ هئي.
    ٻه ڏينهن بعد ٽرمينل تان ڊاڪٽر ڪارل جي ملڪ جي لاءِ اڏام ذريعي سندن ملڪ جي وڏي ايئر پورٽ تي لٿو. ايئر پورٽ تي اميگريشن مان ٿيندو، پاڻ مراد ڦرندڙ سامان واري پٽي تان ٿيلهو کڻي ٽراليءَ تي رکيو ۽ ڪسٽم وارن کان چيڪ ڪرائي، ڊوميسٽڪ فلائيٽ لاءِ ٿيلهي وارو سامان ۽ ٽڪيٽ جو ڪوپن ڏئي، وڌيڪ سفر جو بورڊنگ ڪارڊ ورتو، ڇو جو کيس ڊاڪٽر ڪارل ۽ روزليءَ جي شهر ذريعي اڏام وڃڻو هو. ڊوميسٽڪ اڏام ذريعي همير جڏهن ڊاڪٽر ڪارل جي شهر جي ايئر پورٽ تي لٿو ته ڊاڪٽر ڪارل ۽ روزلي سندس گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو ۽ خودڪار گاڏي هنن کي (12345) پهچايو، جتي هن خلائي طشتري جو معائنو ڪيو.
    ”سائنسدانن موجب ڪائنات جي عمر ڏهه عرب سال ۽ ڌرتيءَ جي ڪل عمر ست ارب سال آهي، هر شيءِ جو زوال اچڻو آهي ته .... بقا ڇا کي آهي!؟“ همير زندگيءَ جو مقصد دنياوي حياتيءَ جا سٺ ستر سال کي نه سمجهندي ڊاڪٽر ڪارل کان پڇيو.
    ”بس اها هستي، جنهن هي ڪائنات جوڙي پنهنجي ڪاريگري جو مظهر ڏيکاريو آهي.“
    ” سر! جيڪڏهن زندگي بي بقا آهي ته ڇو نه ان کي ڪنهن عظيم مقصد لاءِ صرف ڪجي.... مان اوهان جي هن تجربي لاءِ پاڻ ارپيان ٿو....“
    ”ٿينڪ يو همير! تنهنجا جزبا مون لاءِ خويءَ جو باعث آهن...... بس جلد ئي تون هن خلائي طشتريءَ ذريعي ڌرتيءَ جي سيني تان اڏامي خلا ۾ سفر ڪندين ۽ مون کي يقين آهي ته ڪامياب ٿيندين!“
    ” هو نئن به سر، منهنجو تعلق ان خطي سان آهي، جتي جي ٻهراڙين جا انگ اگھاڙا ٻارڙا اڄ به فضا ۾ هوائي جهاز جو آواز ٻڌي گهرن ۽ ڇاپرن کان ٻاهر نڪري پنهنجي معصوم اکين سان هوائي جهاز ڳوليندا آهن ۽ ڏسي وٺڻ تي خوشي جي اظهار بابت تاڙيون به وڄائيندا آهن ۽ اڇارا ڪري ٻين کي به ڏيکاريندا آهن. جي انهن مان ڪو هڪ نينگر اڄ دنيا جي جديد خلائي طشتريءَ جو پهريون واحد اڏام ڪندڙ هجي ته ان کان وڌ خوشي جي ڪهڙي ڳالهه هوندي؟“
    ” منهنجي خيال ۾ هاڻي گهر هلڻ گهرجي!“ روزلي، همير ۽ ڊاڪٽر ڪارل خان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
    خودڪار گاڏي ٽنهي کي گهر پهچايو. همير چار ڏينهن ڊاڪٽر ڪارل جي گهر گذاريا، پنجين ڏينهن خلا جي سفر لاءِ (123456) پهتو.
    ” پٽ همير! وش يو بيسٽ لڪ،“ ڊاڪٽر ڪارل سندس پٺي ٺپيندي چيو هو، روزلي به کيس الوداع چيو، جنهن سان گهرايل چار ڏينهن کيس اٿت ڏئي رهيا هئا.
    ” ڪا ڳاله ناهي سر!.... هو نئن به منهنجو تعلق، اُن ڌرتيءَ سان آهي جيڪا هر دور ۾ بهادري ۽ همت جا ڪردار دودا، هوشو ۽ هيمون پئدا ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به ان ئي ڀونءِ ڄڻيو هتي آهي.“
    ڊاڪٽر ڪارل ۽ روزلي ليب اسڪرين تي خلائي طشتريءَ جي اڏام ڏسي رهيا هئا، خلائي طشتري جي اڏام راڪيٽ جيان ٿي پر اڏام جي اسپيڊ راڪيٽ کان تيز هئي، طشتري فضامن خلا ۾ داخل ٿي چڪي هئي.
    همير کي اڏام ۾ چاليهه ڏينهن گذري چڪا هئا، هو مريخ جي ايترو ويجهو پهتو جو کيس سچ ـ سرشتي جي وڏي ۾ وڏي جبل اولمپس به چٽو پسڻ ۾ ٿي آيو، کيس مريخ جا ٻه چنڊ فوبوس ۽ ڊيموس به ڏسڻ ۾ آيا. همير کي هي دنيا، ڌرتيءَ جي دنيا کان وڌيڪ گونا گون محسوس ٿي.
    طشتري عطارد جي حدن ۾ پهتي، عطارد پنهنجي مهور جي چوڌاري 48 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان گردش ڪري رهيو هو. اچانڪ همير طشتري ۾ غير معمولي ڇڪ محسوس ڪئي، اها تبديلي سڄي طشتري ۾ اچي چڪي هئي، اڳيان پيل غير محفوظ سيون پوئتي وڃي ڪريون، تمام تيزي ايندي وئي، همير جي اڳيان پيل ليپ ٽاپ پيل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هن مشين ۾ نسب ٿيل گهڙيال ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته اکيون حيرت وٽان پٽيل ئي رهجي ويس، گڙيال جا ڪانٽا ڇت جي پنکي جي پرن جيان تيزي سان فري رهيا هئا. کڙڪو وڌندو رهيو، کڙڪو همير جي ڪنن ۾ ٻرڪي رهيو هو. اچانڪ طشتري تمام تيز گول ڦرڻ شروع ڪيو. همير جو دماغ چڪرائڻ لڳو. هن کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪندڙ گوريون کاڌيون، هم کي ڪجهه سمجهه نه ٿي آيو، هن جون اکيون بند ٿي ويون ۽ هوش ۾ نه رهيو هو.
    همير جون اکيون کليون، نساهو محسوس ڪيائين بدن ۾ ماٺار ۽ سڪتو محسوس ٿيس، ايتري سگهه نه ٿي ٿيس جو کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪندڙ گوريون کڻي کائي سگهي. هٿ وڌائي فوڊ باڪس کيائين ٻه ٽي گوريون ڦڪي ويو، ڪجهه گهڙين ۾ ڦڙتي اچي ويس، آبدوز ۾ نسب ٿيل پيري اسڪوپ جهڙو جديد اوزار طشتري ۾ لڳل هو، ان وسيلي همير ٻاهريون جائزو ورتو. هو اڃا خلا ۾ موجود هو. همير طشتري جي سسٽم کي آپيٽ ڪيو. سڀ ڪجهه ٺيڪ هو، هو پر اعتماد ٿيو، هن کي ڌرتيءَ تي لينڊنگ ڪندي ڪافي عرسو لڳي ويو ۽ هڪ نيٺ هڪ ڏينهن ڪامياب ٿي ويو. همير کي ڪا به خبر پئجي نه سگهي ته هو ڪهڙي ملڪ يا شهر ۾ آهي. ان کان وڌيڪ حيرت هن کي ان ڳالهه جي ٿي ته هن جي لينڊنگ بعد ڪنهن به سيڪيورٽي هن جو گهيرو نه ڪيو، هن محسوس ڪيو ته شايد ائٽمي تقي آمن جو باعث بڻي هجي، يا ان ملڪ ۾ سيڪيورٽي نظام نه هجي! ڪڪرن سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگيون ۽ ٽرائفڪ نظان ۾ تيزي ڏسي، همير کي خوشي ٿي پر اها اڻ تڻ ضرور هئس ته هو ڪهڙي خطي ۾ آهي. اهڙي معلومات وٺڻ لاءِ هن ڪنهن کان پڇڻ جو ارادو ڪيو. پر اچانڪ همير ڊاڪٽر ڪارل کي هڪ گاڏيءَ ۾ ويٺل ڏٺو، جيڪا روڊ رستي اچي رهي هئي، همير جيئن ئي ڀرسان وڃڻ چاهيو ته روڊ جي هڪ مخسوس جاءِ وٽان اها گاڏي بلڊنگ جي مٿان واري روٽ ڏانهن اڏاڻي. همير ڏٺو ته مٿين روٽ تي ڪيتريون ئي گاڏيون اڏامي رهيون هيون.
    همير جي اڻ تڻ وڌي وئي، هاڻي هن وڌيڪ وقت وڃائڻ نه ٿي چاهيو. بس تڪڙا قدم کڻندو طشتري وٽ پهتو، اڏام جي مختلف مرحلن جي پورائي کان پوءِ طشتري جي اڏام ٿي. فضا مان خلا ۾ داخل ٿي، ساڳي روٽ تان ڦرندي، ساڳيون مشڪلاتيون پار ڪندي، هڪ وڏي عرسي بعد جڏهن (12344) جي رابطي ۾ آئي ته همير کي ائين لڳو ڄڻ ڊگهي ڪاري رات جي پڄاڻي ٿي هجي.
    اهو ڏينهن به آيو جو همير جي خلائي طشتري (1234) ۾ لينڊنگ ڪئي ملڪي صدر، ڊاڪٽر ڪارل، روزلي ۽ سائنسدانن جي هڪ وڏي جٿي هن جو استقبال ڪيو. طبي معائني بعد هو ڊاڪٽر ڪارل جي ملڪ جي صدر جي دعوت ۾ شريڪ ٿيو. تقريب ۾ ڊاڪٽر ڪارل روزلي ۽ همير جو هٿ پڪڙيندي اعلان ڪيو،
    ” اڄ مان همير ۽ سنڌ کي ٻه تحفا ڏيندس، هڪ تحفو ته مان هن تجربي جي مڪمل ٽيڪنالاجي کين ارپيندي تحفي طور پيش ڪر يان ٿو ۽ ٻيو تحفو... مان پنهنجي خوبصورت ڌيءُ... روزلي.....“
    روزلي جو ٻهڪندڙ چهرو ڏسي همير جا سڄي سفر جا ٿڪ لهي ويا. صدر جي دعوت پڄاڻا ڪجهه ٻيون تقريبون مهائي همير کي پنهنجي جنم ڀومي سنڌ ڏانهن اسهڻو هو، جتي ديس واسي سندس ڀرپور آجيان لاءِ آتا آهن.



    پورهيتن جي پڳ

    پورهيتن جي پڳ
    ڳڻتين جا گهنج مُنهن تي وکيري، گلڻ پنهنجي گهر جي چائنٺ ٽپيو. سندس وارَ، مُنهن ۽ هٿ ۽ سارو بدن لِهه دز سان ليپيل هو، تنهن مان ظاهر بکي رهيو هو ته هن ساريالي فصل لاءِ ٻج جي ٻاري به ٺاهي آهي ۽ لِهه به ڍويو اٿائين.
    کٽ جي هيٺان ڪوڏر رکي، کٽ تي ويهي، جوءِ کان پاڻي گهريائين، ڇو جو سارو ڏينهن وٿاڻ وارو لِهه ڍوئي ٻنيءَ تي کنڊائي آيوهو ۽ ججھي تڪليف سان ڪم اُڪلايو هئائين، اُتي اُڃ لڳڻ هڪ فطري عمل هو.
    جوڻس گهڙا منجي تي پيل مَٽَ کي ڪنڌيءَ کان جھلي هٿ تي پيل وَٽي ڏانهن ليٽايو، پاڻي ڇڙڪ ڇڙڪ تي اوتجڻ ل ڳو.
    ”پاڻي به ڏيندينءَ يا ڏيان کوهه ۾ ٽپو!“ گلڻ بي صبريءَ جو مظاهرو ڪيو ته جوڻس کانويتر اوتيل پاڻي به اُٽلي پيو، گلڻ پنهنجي قسمت تي دل ۾ رشڪ ڪرڻ لڳو. کيس مظفر وارو چيل جملو ياد آيو.
    ”توهان جون زالون توهان جون شريڪ حيات آهن!“. گلڻ کان ٽهڪ نڪري ويو هو ۽ وراڻيو هئائينس:
    ”يار ! اسان جون زائفان وري اسان جون شريڪ حيات؟!!“.
    ”ساريالو ٻج پوکي آئين!؟“. جوڻس پاڻيءَ جو وَٽو کيس ڏيندي پڇيو.
    ”ڪٿي؟ اڃا ته ٻج لاءِ ٻاريون ٺڄاهي، انهن ۾ وٿاڻ وارو لِهه وکيري آيو آهيان، آوانهندو به جوڙيو اٿم، ڇو جو شاخ ۾ پاڻي آيل آهي ۽ ٿوري ئي چاڙهه سان واهه ۾ وهي ايندو. سومر کي سارين جي ٻج لاءِ چيو اٿمانس، پيو اڄ سڀاڻ ڪري، باقي تر ۾ ته اڌ جوءِ ٻج پوکي چڪي آهي“.
    پينگھي ۾ سُتل ٻار روئڻ لڳو، جوڻس تنهن کي گود وٺڻ لاءِ ڊوڙ پاتي. گلن کي جوءِ جو مُنهن ڏسندي ئي بُڇان لڳيس، هوءَ به هڪ ته ڪوجهڙي ٻيو نه سر اٿس نه صواد ! ڪنهن ويل سوچڻ ويهندو آهي ته هن ڀلاريءَ ڀون ۾ ته حسن جي اڻاٺ نه هئي.مارئي ايڏي ته سهڻي هوندي هئي جوعمر جي دل ڏسندي ئي هٿن مان ڇڏائجي وئي هئي، نوري به ته سندرتا جو مجسمو هوندي هئي، باقي اسان جو زائفان..... جيڪڏهن و ار کولي، ڏند ڪڍي، ڪنهنجي آڏو اچن ته ماڻهو غيباتگ سمجھي ڀڄي وڃن. گلڻ جي مُک تي مرڪ تري آئي.
    ٻاهران ڀڻ ڀڻ ڪندي ملوڪان گلڻجي گهر ۾ داخل ٿي ۽ هميشه جيان بنا لاهي چاڙهي جي سندس زبان هلوندي رهي.
    ”ابا، جيڪڏهن ايڏو شوق اٿن ته چار چار پرڻائنس،م منهنجيڪهڙي ڌراوت ضبط ٿيندي!!“.
    ”ڪير؟ ڪنهن کي ٿا پرڻائن!؟“. گلڻ ڳنڀير ٿي پڇڻ لڳس.
    ”ابا گلڻ ! اهو مزوفر (مظفر) ج نهن کي پڙهائي لاءِ ٻاهر موڪليو هئن، هئه هئه.... ڪهڙو ته دؤر اچي ويو آهي ! محسن ئي وڏو دشمن ٿو سمجھجي، شل نه ڪنهن کي چڱائي جا ٻه اکر چئيج، ساري فلم ڳاٽي ۾“.
    گلڻجي زال به ٻارڙي کي کنيون ملوڪان جي ڀر ۾ ويٺي.
    ”اابا گلڻ! ان ڇوري مزوفر جي شادي ٿا ڪرائن، مون رڳو ماڻس کي ايترو چيومانس ته ڇوڪرو اڃا ننڍڙو آهي، ان جو اڃا اهڙو خيال ناهي، هيل ڇڏيوس ته ڪ جهه پختڙو ٿئي.“.
    ماڻس مڇرجي وئي، ڄڻ تليهر ڏنگ وجھرايومانس، چوڻ لڳي:
    ”هيءَ ته ڏسو ڀَتَ ۾ ڪٻر، هيل ڇڏيوس.... هونهه!! ڇا ته تنهنجا اسان جي ڇوڪري سان ناتا آهن؟ جو چوين ٿي ته هيل ڇڏيوس....“.
    ملوڪان وات جي مشين گن مان لفظن جا برسٽ ڪڍندي رهي. گلڻ ڪنڌ ورائي مشڪي ڏنو، ملوڪان جي لهجي ته کِل ٿي آيس لحظي ۾ سڄو ٿَڪُ لهي ويس، کٽ تان اُٿي گوڏ سوڌو نلڪي هيٺان وهنجڻ لاءِ ويٺو، مليل ميٽ بدن تي مکي، نلڪي جي ڳن سهاري دڌڪار ڏنائين جو سڄو ڇپڙ ٿي ويو، مونجھارن جي مٽي مُنهن تان لٿس ته کيس ياد آيو ته مئخاني جي پٺيان پنهنجي سنگين صدوري ۽ ممونءَ سان ملڻو هئس.
    تڙتڪڙ ۾ وهنجي مئخاني جي پـٺيان ٺهيل بُني تي پهتو، جتي صدورو ۽ ممون اڳواٽ ويٺا هُئا.
    ”ڪر خبر ڪا گلڻ صاحب ! ڪٿي ٿو رهين؟“ صدوري جي ٽوڪ تي هڪ ٻڪو ٿي ويو.
    ”لڳي ٿو ڪنهن اپسرا جي لست ۾ الوپ ٿي ويو آهي“. ممون به ٽوڪ جو تير ڪمان مان ڪڍيو.
    ”اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي يارو!“ گلڻ ڄڻ ترديد ڪئي.
    ”ته پوءِ.... بهي چڪر ڇاهي؟ سڄو رات ٻج پوکي ويو، سڄي جوءِ ۾ ساريالي فصل لاءِ پوکيل ٻج جون ٻاريون سايون ٿي چڪيونآهن، ڪن هارين ته ريج به لاٿا آهن ۽ تو اڃا وسم به ڪانه ڏني آهي!؟“. صدوري ڄڻ ته تفصيل معلوم ڪرڻ چاهي.
    ”هيل گلڻ پڳ ٻڌي ئي ٻڌي....وافر ڳالهين مان ايئن ٿو ڀاسجي“. ممون ڄڻ ته اهو منظر اکين اڳيان پسي جھمريون پائڻ لڳو ۽ هر هر ڏند ٽيڙي گلڻ ڏانهن ڏسي کلندو رهيو. گلڻ اڳيان پورهيتن جي پڳ وارو سارو منظر گھوماٽيون کائڻ لڳو ۽ هُو خيالن جي وهڪري ۾ وهي ايندڙ ان منظر ۾ گم ٿي ويو.
    رونبي جي مند ۾ جڏهن سڀ ڪڙمي ڪاسبي رونبو اڪلائي وٺندا آهن ۽ جنهن ڪڙميءَ جي ٻنيءَ ۾ سڀ کان آخر ۾ روبو ٿيو ته سڀ ڪڙمي ڪاسبي ان جي واهر لاءِ ايندا آهن ۽ سندس سارو ڪم ڦڙتيءَ سان اڪلائي، ان ڪڙميءَ کي هڪ خاص قسم جي پڳ ٻڌندا آهن، جيڪا سڄو سال پئي ڳائبي آهي.
    ڪڙمين سَٿَ گلڻ جي ريج لاٿل ٻنيءَ ۾ ساريالي ٻج جي هَٿين ۾ هٿ سنڀاري، رونبو اڪلائي رهيا آهن. هر چهرو ٻهڪي رهيو آهي. سواءِ گلڻ جي مموءَ اڳواٽ ئي پلال ماننوڙ وَٽي آيو هو، مڱڻهار به دُهل ساڻ ”الله توهار“ آسري ٻنيءَ جي بَندَ تيويٺل آهي.
    ڪڙمي ڪاسبي روبو اڪلائي ٻني مان نڪرندا مڱڻهار جي ڀرسان گڏ ٿيندا ويا. ”الله توهار“ جي گونج گونجندي ئي ممو نوڙ گلڻ جي ڳ چيءَ ۾ ڍاري وَٽَ ڏيڻ لڳو، ٻيو نوڙ مٿي تي ڦيرائيندي پڳ ٻڌڻ لڳس، هڪ و َٽ مٿي تي ته ٻيو وٽ ڳچيءَ ۾ ٿي ڏنائينس، مڱڻهار دُهل تي ڏونڪن کي ناچ ڪرائڻ لڳو، سڀ ڪڙمي عيد سمان ٻهڪڻ لڳا، ممونءَ ناڙي جي مُٺ پٽي گلڻ جي ٻٻانهن ۾ ٻوڌندي چيو: ”موڙ منهنجي ادل جا ڀلارا، هن واهي ڪپر وارا!“
    سڀ ٽهڪڻ لڳا، صدوري کيس ڪلهن تي کنيو ۽ سومر پٺيان چهنڊڙيون پائڻ لڳس، ممون ۽ ٻيا دهل جي واڄي تي ناچ ڪرڻ لڳا. سڀ ڪڙمي ڪاسبي گلڻ سان ڀوڳ چرچا ڪرڻ لڳا. مرڪن ۽ ٽهڪنس ان ڀريل اهو قافلو ڳوٺ طرف وڃي رهيو آهي، جتي ڪوٺن تي ڪيترائي ٻار ۽ مايون گلڻ کي ڏسڻ جي اوسيئڙي ۾ ويـٺل آهن.


    ڊاڪٽر پروفائيل

    ڊاڪٽر پروفائيل
    ”نالو ڇا اٿئي!؟“
    ”ڇو، نه ٻڌائيندم؟!“
    ”ٻڌاءِ........بابلا ضد نه ڪر!“
    ”صفا نه ٻڌائيندم!“
    ”ڀلا شناختي ڪارڊ کيسي ۾ اٿئي!؟“
    ”ها آهي،ڇو؟؟“
    ”چڱو ڀلا سڀاڻي تنهنجو نالو اخبار ۾ پڙهندس!“تنوير ٻاراڻو رانديڪو پستول سڌو ڪندي چيس.
    ” ٽ ٽ ٽنڊڻ نالو آ منهنجو!ٽنڊڻ پٽ کبڙ جو! کبڙ پٽ ڪرڙ جو،ڪرڙ پٽ ڪانڊيري جو.ڪانڊيرو پٽ الاءِ ڪنهنجو!!“
    ”ٽنڊڻ دهشت ۾ پنهنجو مختصر تعرف ڪرايس.
    ”چاچو ڪاڪو سپاهي پيو اچي!!“ننڍڙي نومي پنهنجي چاچي جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو.
    ”پٽ نومي!فلائيٽ ڪر،جيڪا هر مشڪل گهڙي ۾ ڪم ايندي آهي“. ٽنڊڻ ڏٺو ته هڪ ننڍڙو ۽ هڪ وڏو جهاز“ رن_ وي تي ڊوڙڻ لڳا.
    ”شڪر آ حساس ايريا مان ته نڪري آياسين!“ سٽڪو پنڌ جو اڳتي اچي تنوير، نوميءَ کي چيو.
    ”چاچو!هئين ڊورڻ کان ته ڀلو آ ته صبح جو جاگنگ ڪجي گهٽ ۾ گهٽ صحت ته سٺي رهندي....۽ ها مان ٻيهر ڪنهن به ايڊوينچر ۾ حصو نه وٺندس، توهان جي دوستي ڳوري آهي“.
    ”ڏس نومي!ويلنٽائين دي آهي سڀاڻي!مان تنهنجي ساٿ بنا ڪيئن ملهائي سگهندس !چڱو هاڻي ٻيهر اهڙو ايڊوينچر نه ڪنداسين جنهن ۾ جهاز ٿي ڊوڙڻو پوي........هاڻي ته خوش ٿئين؟!“
    ”چاچو محبوبه نمبر ٻه جي قصي جي خبر وپويوَ!!؟
    ”نه ڇا ٿيو آ هن جو!؟“
    ”چاچو! توهان جيڪو بغير نالو لکي پريم پتر ڪاغذ جو جهاز بڻائي واري گهر ڏانهن اڏاري ڇڏيو هو، اهو وڃين ”نگو ايريا“ ۾ ڪريو،ڇو جو اهو محبوبه ٻه جي ڪمري بجاءِ ماڻس جي ڪمري ۾ وڃي ڪريو ۽ خبر اٿوَ!؟ ان ڏينهن کان پوءِ ماڻس هار سينگار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن!“
    ”نومي! هن محبوبه نمبر ڇهه وارو قصو به هاڻي ختم سمجهه! جنهن پنهنجو نقاب پاتل فوٽو موڪليو هو ۽ حويليءَ جي ڀرسان جيڪا نيڪال واري ڪسي وهي ٿي، اُتي ملڻ جو چيو هئائين.ڪالهه رات جڏهن رات جي ڍنڍ ۾ ٻڏندو اُن ڪسئَ وٽ پهتس ته نم جي گهاٽي ڇانوَ جي پاڇي هيٺان هوءَ مون ڏي وڌي آئي هئي.
    ”تنوير مونکي سڃاڻي ٿو!!؟پڇيو هئائين.
    ”ها، تون هن حويليءَ واري سائينءَ جي وڏي ڌئُ قمرالنساء آهين!“ چيو هيم.
    ”تنوير!بابا پنج سال اڳ منهنجو حق بخشرائي ڇڏيو هو ۽ مان اٺن سالن کان پنهنجا جذبا ڪهي رهي آهيان، مان هاڻي هن ڪڌي رسم جو ڀرم نٿي رکي سگهان........ مونکي وٺي هل تنوير! مونکي ڀڄائي وٺي هل!“ مونتي زور رکندي چيوهئائين.
    ”نه مان ائين نه ٿو ڪري سگهان!“ انڪار ڪندي چيو هئم.
    ”ڏس تنوير توکي واسطو آ ان عورت جو جنهن توکي جنم ڏنو بس مونکي هتان وٺي هلُ، تون جنهن لاءِ چوندين مان ان سان به وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ هن واسطا ڏيندي چيو هئائين.
    ”چڱو مونکي سوچڻ لاءِ مهلت ڏي! پوءِ مان توکي ڪو جواب ڏئي سگهندس!“دلاسو ڏئي نڪري آيو هئس.
    ”چاچو ڪنهن کي ڌوڪي ۾ رکڻ چڱي ڳالهه ناهي!“ نومي تعجب کائيندي چيو.
    ”نومي توکي نوان ڪپڙا ۽ بوٽ کپن!؟“
    ”چاچو نيڪي ۽ پڇا!؟“
    ”.........ته پوءِ هڪ نئين ايڊوينچر لاءِ تيار ٿي وڃ! ڏس سامهون ڪاڪو يعقوب ٿو اچي!“
    تنوير ڪاڪي يعقوب سان ڀاڪر پائي مليو، کيس هڪ دڪان جي اڳيان پيل ڪاٺ جي بينچ تي ويهاريو،نومي به ڀرسان اڇي ويٺو، تنوير روئڻهارڪي لهجي ۾ ڪاڪي يعقوب کي چيو،
    ”ڪاڪا يعقوب!مون رات خواب ۾ تنهنجو مرحوم پيءُ ڏٺو. ويچاري جا حال صفا بيحال هئس،بدن تي ڪپڙو به ڦاٽل ۽ ليڙون ليڙون هئس، پيرن ۾ چپل به ڪونه هئس، ڌرتتيءَ ڪاٺ جي بُنڊَ تي ويٺو هو، مون کي ڏسي چيائين ته يعقوب کي چئجانءِ ته منهنجي نالي تي ڪپڙن جو جوڙو چمپل وٺي منهنجي نيت ڪنهن کي ڏئي ڇڏي.“
    تنوير اکين کي مهٽي زوري ڳوڙها ڪڍي ڪاڪي يعقوب کي ڏيکاريا ، ڪاڪو يعقوب جيڪو پيءُ سان ڏاڍو پيار ڪندو هو، تنهن مرحوم پيءُ جي ايثال ثواب خاطر کيسي مان پئسا ڪڍي تنوير کي ڏيندي چيو،
    ”پٽ تنوير! بابو مرحيات خواب ۾ توکي آيو هو، ان ڪري ان جي نيت ڪپڙن جو جوڙو به وٺي تون ڏي، هي پئسا وٺ!“
    نومي ايڊوينچر جي ڪاميابيءَ تي پنهنجي چاچي تنوير ڏي مرڪن جا رابيل مڪا. ٻئي مرڪندا گهر طرف وڌڻ لڳا، هتي انهن لاءِ هڪ نئون ايڊوينچر مهمان جي صورت ۾ پهتل هو ، تنوير وٽ مهمان جا اڻ ڳڻيا نالا آهن پر پاڙي وارا ”جاڳڻ“ جي نالي سڏيندا اٿس، ڇو جو ننڍپڻ ۾ جڏهن هو کٽ تي ستو پيو هوندو هو ته به تارا پٽيل هوندا هئس ۽ هاڻ ي نانء جي ابتڙ جتي ڪٿي ”حمون ننڊ“ وانگر ننڊ پيل هوندو آهي.
    ميڊيڪل ريپ طور ڪمپنيءَ جي دوائن جا سيمپل ڊاڪٽر تائين پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو آهي. زندڳيءَ جي هر خوشي ميسر اٿس ور اڄ تائين ڪنهن نازنينءَ اکيون نه ملايون اٿس پر هي مڙسالو ڪنهن البيليءَ جي انتظار ۾ اڄ به نيڻ ڏيئا ڪيون ويٺو آهي.
    ”واهه تنوير واهه! مان ٻن ڪلاڪن کان تنهنجي وسيئڙي ۾ ديڳ جي ڀت جيان ٽچڪان پيو ۽ تون هئينر نازل ٿيو آهين؟“ تنوير کي ڏسي جاڳڻ جا جذبا جاڳي پيا.
    ”ڇو ضامن پوانءِ ڇا؟“!
    ”اڙِي ضامن پوڻ جي ضرروت ناهي پر ”رشتي جي معاملو آهي“.
    ”جاڳڻ ڪنواري ڳوٺائڻ جيان شرم ۾ ٻڏي ويو.
    ”ڀلا تنهنجو ڏاج بلو مونکي ڪرڻو پوندو ڇا!؟“
    ”اڙي تَنو! ننڊپڻ ۾ ڪيئن ٻين ٻارن کان کٽمٺڙا، بوڙينڊا۽ چوپڻيون ڦري ڀڄي ويندو هئين!؟“ جاڳڻ جنهن جو تنوير وٽ اهم نالو ”ڊاڪٽر پروفائيل“ آهي. تنهن ننڍپڻ جي پروفائيل مان هڪ جهلڪ بيان ڪئي.
    ”چڱو چڱو، مونکي ياد آهي ته مون کان وري اهي ٽافيون تون فري ويندو هئين!“
    چڱو ڳالهه ٻڌ ڀاءُ تنوير! اڄ مهنهجي رشتي جي سلسلي ۾ تو کي هلڻو آَهي، اخبار ۾ ”ضرورت رشته“ جو اشتهار ڇپيو آهي ۽ آهي به پنهنجي ئي شهر جو....“
    ”هائو ٻچڙا!تنهنجو ”بابو“ هلڻ لاءِ تيار آهي “ تنوير ڊاڪٽر پروفائيل کي چيو.
    ”چڱو نومي اسان وڃون ٿا، تون رات جي ماني تيار ڪرائي رکجان!“ شاڪٽر پروفائيل بنام جاڳڻ پنهنجي نڪ کي لمڪا ڏيندي نومي کي چيو.
    ڊاڪٽر پروفائيل خوشي ۽ شرم جي گڏيل ڪيفيت ۾ ڪڏهن تڪڙو ته ڪڏهن ڍلو پئي هليو.
    رستي تي هڪ فقير اڳ وٺي بيهي رهيو.
    ”رب مهربان ٿيندئي، هر مشڪل آسان ٿيندئي! بابا رب جي نالي تي پنجڙي ڏئي وڃ!!“ فقير ٻنهي کي ڏسي سين هنئي.
    ”مشڪل آسان ٿيندئي!! ڏيئس نه پنجڙي!!“ تنوير ڊاڪٽر پروفائيل کي ٺوٺ هڻندي چيو.
    ”پنجڙِي ڏيانءِ ٿو فقير!پر جي تو واري دعا نه اگهي ته موٽ تي هٿ واري پنجڙي “ به ضرور ڏيندو سانءِ!“ ڊاڪٽر پرفائيل ٻٽون مان پنج روپيه ڪڍي فقير کي ڏيندي چيو.
    ”ڀاءُ تنوير!منهنجي خيال ۾ هي گهر آهي!“ڊاڪٽر پروفائيل اخبار جي ڪٽنگ واري ٽڪري ڏانهن نظر ڦيرائيندي چيو، تنوير بيل وڄائي، ڪجهه ئي لمحن ۾ هڪ ٿلهو متارو همراهه ٻاهر نڪري آيو، همراهه جو ڪاريون وڏيون مُڇون پستول ٽرئگر جيان مڙيل هيون، هڏ ڪاٺ ۾ پيليل ڏاند جيان پيو لڳو، تنوير ۽ ڊاڪٽر پرفائيل هيسجي پوئتي هٽي ويا.
    ”ڀائو توهان جو ڪنهن ۾ ڪم آهي!؟“ همراهه پڇا ڪين.
    ”ادا اخبار ۾ اشتهار توهان ڏنو هو!؟“ تنوير هٻڪندي پڇيس.
    ”اڇا اڇا! توهان رشتي جي سلسلي ۾ آيا آهي!؟“ همراهه چين
    ”اچو اچو، اندر اچو!“
    همراهه ٻني کي وٺي هال ۾ ويهاريو.”توهان ٻئي رشتي لاءِ اميدوار آهيو!؟“ همراهه مڇ ٽرئگر کي وٽيندي پڇيو.
    ”نه مان هڪڙو آهيان، هي منهنجو دوست آهي!“همراهه تي نظر پوڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر پروفائيل وات کوليو.
    ”اڇا! توهان جو نالو ڇا آهي؟“ همراهه ڊاڪٽر پروفائيل کان پڇيو.
    ”منهنجو نالو نواب آهي“.ڊاڪٽر پروفائيل پنهنجو نئون نالو ٻڌايس.
    ”ڪم ڪهڙو ڪندو آهين!؟“
    ”پنندو آهي!“ همراهه ڇرڪ ڀري تنوير ڏانهن ڏٺو ته تنوير چيس، ”منهنجو مطلب آهي ته ڪمپنيءَ جو دوائون ڊاڪٽرن تائين پڄائيندو آهي، ميڊيڪل ريپ آهي، ان ڪري گهٽي گهٽي ۾ ڊاڪٽرن کي ڳوليندو رلندو پنندو آهي.“
    ”معنٰي ته ڊاڪٽرن جو چمچو آهي!“همراهه مڇ کي وٽ ڏيندي چيو.”چمچو نه پر ديڳڙي آهي!“تنوير کيس ورنايو.
    ”ماڻهو دلچسپ آهيو.....پر رشتي لاءِ اوهان جو ڪو شرط وغيره!“ همراهه ڊاڪٽر پروفائيل کان پڇيو.
    ”نه ادا اسان ڪنهن به شرط کان بغير آهيون، بس رشتو پڪو ڪريو.“ ڊاڪٽر پروفائيل نرميءَ سان همراهه کي چيو.
    همراهه ٽيبل تي پيل گلاس کي وڄائو ته گهر واري پاسي کان جيڪو در هو، اتان ڪا ڇوڪري لڏندي چانهه کنيو پئي آئي.
    ”شاديءَ جي خوشي ۾ ڀلا اڳواٽ ئي جهمر هڻندي ٿي اچي ڇا؟“ تنوير پروفائيل ڪن ۾ چيو.
    ”تنوير يار لڳي ٿو ته منڊي آهي، مان منڊي نه وٺندس!“
    ڊاڪٽر پروفائيل آواز شايد ڪجهه تيز ٿي ويو هو.
    ”ڇا چيئي نه وٺندين!؟ ڇوري چانهه واپس گهر کڻي وڃ!“ همراهه توائي ۾ ڇوڪريءَ کي چيو ۽ پوءِ انهن ڏي مخاطب ٿي چيائين،
    ”نڪري وڃو هتان!! ڪتا نه بڇايانوَ!سڀ دڙڳي ٿا اچو سڱ لاءِ!“
    ڊاڪٽر پروفائيل رف رف روانيءَ سان تنوير جي گهر ڏي ويندڙ رستي تي هلڻ شروع ٿي چڪو هو ۽ تنويرسندن پٺيان پٺيان پير ليڪيندو پئي آيو. گهر تائين ٻنهي ٻڙڪ نه ٻولي. سج پنهنجي بادشاهي مٿان ڪاري چادر اڇلي چڪو هو، اونداهي ڪمرن مان نڪري رستن تي وکري چڪي هئي. هو گهر پهچي چڪا هچا، ڊاڪٽر ماني کائڻ بغير کٽ تي آهلي پيو، سندس اکيون ڇٿ ۾ کتل هيون، هن جي اکين امان الاهي لڙڪ ڪريا الئه سالن کان سانڍيل سپنا!
    تنوير کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته آخر هو ڪئين هن کي آٿت ڏي، پوءِ به هو ڪمري اندر داخل ٿي وڃي ٿو.
    ”ڏس يار! زندگي ڪڏهن عيش جيئڙي ته ڪڏهن سٽ جيان اُلجهي ويندي آهي،ڇو ته ڏک سک زندگيءَ جو حصوآهن“.تنوير کيس آٿت ڏيندي چيو.
    ”بس تنوير! منهنجي زندگي پپر جيان آهي، جنهن کي ڌوئڻ سان فقط امانن جا پن ڪرندا.“
    ”ڏس ڊاڪٽر! تون ٻاهر هلي ماني کاءُ، توکي تنهنجي زندگيءَ لاءِ اهڙو تحفو ڏيندس جو دعائون ڪندين!!“تنوير کيس ڪجهه رازداريءَ سان چيو،“..........................“

    ٻئي ڏينهن ويلنٽائن صبح تي نومي پنهنجي چاچي تنوير کي ننڊ مان اٿاريندي ٻڌايو ته رات حويليءَ واري سائينءَ جي وڏور ڌئَ الئه ڪنهن سان ڀڄي وئي ۽ ڊاڪٽر پروفائيل به ڪمري ۾ موجود نه ڪونهي!


    زندگيءَ جا ڳولائو

    زندگيءَ جا ڳولائو

    اها ڊسمبر مهيني جي پوئين ڏهاڪي واري رات هئي، ڪوئي عظيم رهنما جي ياد ۾ تقريبون ملهائي رهيو هو ته ڪوئي ڪرسمس ڊي. ڪاري ڪانڀارا جي سانت کان رات جي ڊني ٿي ته ممات به، پر حد جي ٿاڻي ۾ قيامت ڪهرام هو، ظلم جي پڄاڻي هئي، ننڍي جمعدار وٽ قتل واردات جو ڪيس هو. هن ڪهڙي به نموني ان جي مڃتا ٿي گهري، جو ان ذريعي پنهنجي ورديءَ تي ڦول به وڌائي سگهي ۽ رئيس جي خوشنودي به حاصل ڪري سگهي.
    مارڪُٽ ۾ جوابدار دانهون ڪيون، منٿون ڪيون پر قتل جي واردات کان نابري واري. مڃجي به ڪيئن!؟؟ جنهن جي کيسي ڪا ڪَلَ ئي ڪونه هئي.
    وڏي صاحب مڇرجي ٽارچر سيل لاءِ سوچيو.
    ساڻو ساڻو ساهه هئس، ٿاڻي جي ڪلراٺي زمين تي ڪري پيو، پنهنجا ٻئي هٿ، پنهنجن وارن ۾ وجھي، وڏا وڏا ساهه کنيائين، ڪجهه لمحن بعد پاڻ سنڀاليائين، نظرون ڇت ۾ کُتل هئس، پاڻ سنوت ۾ آڻي، ڀِت سان ٽيڪَ ڏنائين، کيس خيالن جو واءُ ماضيءَ ۾ کڻي ويو.
    پڻس ڪيڏي نه پاٻوهه ۽ پيارَ وچان نپايو هئس، غريبي حال هوندي به ٻارهين جماعت تائين پڙهايو هئائينس، ڪاليج جو نئون ماحول ڏسي کيس محڪومي ۽ اجايُن فرسوده ڳالهين کان بُڇان لڳندي هئي، هن جا ڪُجهه انقلابي دوست هنجي رهنمائي ڪندا هُئا پر ڄمندي ئي پڻس کي رئيس جي ڪڙمت ڪندي ڏٺو هئائين، کيس رئيس آڏو ليلائيندي اڪثر پسند هو. کيس ان عمل کانج ڪراهت ۽ ڪرڀ وٺندي هُئي. هر نئين ڏينهن رئيس جي ڏاڍ جي لٺ پئي لامارا کائيندي هُئي پيو ڪڙمين ونگار وهائيندو هو.
    تن ڏينهن پڻس لاءِ ڪڙم جي پرداخت اوکي ٿي پئي هئي، ڇو جو گهر ۾ نُهنج جو اضافو ٿيو هوس، هي به تعليم ڇڏي پيءُ سان ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو ۽ رئيس جي نت نئين ڏاڍ جي پيو پڄرندو هو، هڪ سمي ته رئيس کي چئي ڏنائين، ”رئيس ! تنهنجا هاري آهيون، ڪي زر خريد غلام نه، هاڻي اسان کان وڌيڪَ تنهنجون ونگارون ڪونه پُڄنديون“.
    رئيس ڪافي مار ڪڍي هُئس ۽ پڻس کي چيو هئائين:
    ”جُمعا ! پنهنجي لوفر، لفنگي ڇوري کي سمجھاءِ، نه ته اُڦٽ ماري وجھندو مانس.
    هن جي دل ۾ جيئن پوءِ تيئن رئيس لاءِ نفرت وڌڻ لڳي، رئيس مٿس مڇرجي پيو، ڪڙمت جي ڏنل حصي مان بهاڌ ٿي کسيائين. هن احتجاج ڪرڻ گهريو هو پر پيءُ جي ٻانهونٻڌڻ ڪري ماٺ ڪيائين. رئيس جي ڪرتوتن جي به کيس خبر پوندي هئي. جن جي سُڌ هو ٻين کي به ڏيندو هو.
    هڪ رات جڏهن ٻنيءَ تي رکيل ديري تان واپس گهر ٿي آيو ته هن ڏٺو ته رئيس ڪمدار سان گڏ ساجد گونگي جي گهر ۾ پئي گهريو، جيڪو رئيس جو ڪڙمي به هو، هو به لڪندو پٺيان پئي آيو، هن ڏٺو ته رئيس ساجد گونگي جي ڌيءُ سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، هي هڪل ڪندي رئيس سان جنڀوٽجي ويو. ڪمدار ڪهاڙيءَ جو پائکو هن جي مٿي ۾ وهائي ڪڍيو. زخمي حالت ۾ گهر پهتو هو. پڻس کيس سمجھائيندي چيو هو: ”پٽ ! نانگن جي ٻر ۾ هٿ نه وجهه ! پاڻ ئي زخمي ٿيندين پنهنجو نه پر ابا.... اسان جي پيريءَ جو ئي خيال ڪر، هو ڏس ڀاڳڀري ڪيئن پئي روئي، اسان کي ڇڏ، کڻي هوءَ پنهنجي جوءِ ڏس، ويچاري ڪيئن سسڪي رَهي آهي ! پيٽ سان آهي ! ڪجهه ته خيال ڪر!“.
    پرهه ڦُٽيءَ جو ننڍي جمعدار اٽالي سان اچي در کڙڪايو ۽ جمن کي چيو: ”تنهنجو ڇوڪرو سعيد اسان کي ساجد گونگي جي قتل واردات جي ڪيس ۽ سندس ڌيءُ جي اغوا جي ڪيس ۾ گهربل آهي“.
    ننڍي جمعدار جي ڏنل مار جو سور محسوس ڪري ٿو، ڪيڏو نه بيدرديءَ سان ظالم ڪٽيو ه ئس، عضون مان ست ئي ڇڏائي ويو هوس هر هر ٿي سڏڪا ڀريائين، ٿاڻي جي ڀِت تي عڪس پسڻ ۾ آيس، پڻس ۽ ماڻس جا، پڻس جي چهري تي پيڙا جو تاثر هو ۽ ماڻس روئي رهي هئي.
    ”مون توکي ڪونه سمجھايوهو ته نانگن جي ٻر ۾ هٿ نه وجهه! جي زندهه رهڻو اٿئي ته سور سهڻو اٿئي ! توکي خبر ناهي ته ڪ نهن به دؤر ۾ غريب جو آواز اٿيوآهي ته ان کي امير جي گوليءَ سمهاري ڇڏيو آهي . پٽ! اسان جون خوشيون به واويلا ڪنديون آهن! هتي بگهڙين جو ديس آهي تو ”سيهڙ“ جيموت تي ڪير روئندو!!؟؟؟ تون احتجاج جو جھنڊو کڻندين ته پاڻ ئي ڏوهي بڻبين!“ پيءُ جو عڪس ڳالهايس.
    ”ها.... ڀلي جان مان ڏوهي بڻجان بابا ! مان غلامنجي ٻيڙي ۾ نه چڙهندس.... جتي نارين جي عزت سان راند ٿئي، جتي اسان جي هر عمل پٺيان ”ڇو ۽ ڪيئن؟“ هجي جتي ڪامورا خوشين جا خرار کنيو گهمندا وتن ۽ اسين غم ۽ خوشيءَ جي خال ۾ رهون ته ڇا اتي احتجاج به نه ڪريون؟؟؟ آخر هڪ ڏينهن جلاد پنهنجو سِرُ اڏيءَ تي رکندو“. جلاوت ٿيندي چيائين:
    ”ها..... تون غلام ابن غلام آهين!! توکي هر وقت سور سهڻو پوندو. تنهنجو وجود ڪاتر مشين ۾ پيل ان گاهه جيان آهي، جنهن جي هٿورو اڳتي نڪرڻ تي هر نئون ايندڙ ڪات پرزا پرزا ڪندو آهي“. عڪس وري ڳالهايس.
    پر بابا.... اهي سڌر ماڻهو سڏائين ٿا، جن اڳيان مظلوم جو جسم آخري پساهن ۾ تڙپندو آهي ته به کين ڪا ذرڙي به نه ايندي آهي. اسين احتجاج ڪريون ٿا ته ڏوهي، ماٺ ته پوءِ غلام. جيڪي صدما اسان سـٺا آهن تن جو ماڻ دُنيا جي گولي تي شايد ملي! جنهن پيڙائن ۾ مان سڏڪان ٿو، تنهن جو ڏر ئي مونکي ٿر ٿرائي ٿو وجھي.... ڏکن کي مروٽي مُنهن تي مُرڪ آڻيندوآهيان ته به کلي ناهيان سگهندو آخر ڇو بابا.....؟ ڇو اسان جي اک جو لڙڪ ايڏو ترڪڻو آهي جو هر ساعت ڪريو پوي؟“ ڪنڌ پنهنجن گوڏن ۾ لڪائي روئڻ لڳو، ديوار تي عڪس کانئس اوجھل ٿي ويا. گرفتاري جي هڪ هفتي گذرڻ باوجود پڻس ٽي چار دفعا مُلاقات لاءِ آيو پر ساڻس ملڻ نه ڏنوويو.
    رئيس جي اوطاق تي جمعو ۽ ڀاڳڀري رئيس کي منٿون ڪري رهيا هُئا ته اسان جي ڇوڪر کي بچاءِ، کيس ڪهڙي خبر ته ماڻهو ڪيئن ماربو آ؟ هو ته صفا ٻوگھلو آهي.“ جمعو ۽ جوڻس سڏڪڻ لڳا.
    ”مُنهن ۾ مُلان، اندر ۾ پليت!“ ڪمدار ڀڻڪندي چيو:
    ”ماءُ کان مامتا کسجي وئي ته قيامت اچي ويندي!“ ڀاڳڀري سڏ ڪندي چيو:
    ”قيامت.....!! ڪمدار شيطاني ٽهڪ ڏيندي چيو:
    ”ڇورو تو وارو وڏو وڙ ڪري ويو آهي جمعا ! ڦوسڙيءَ جو پُٽ، ٿو بَڙَ سان مَهاڏو اَٽڪائي“. رئيس جلاوت ٿيندطي چيو.
    ”ڀوتار وڏا ! مان سمجھائي ڇڏيندو مانس، ٻيهر اوهانجي سامهون ٿئي ته جيڪا سزا وَڻيوَ ڏجوس.“. جمعو التجائي نموني ڪُڇيو.
    ”ڀوتار سائين! کڏ ۾ هڻو انهيءَ ڇوري کي.....! جمن جي سر ڏي خيال ڪريو، ويچارو اوهان جو خانداني غلام آهي، کڻي هن جي صدقي ڇوري کي معاف ڪريوس“. ڪمدار شيطاني لهجي ۾ چيو.
    رئيس بابو آهين، ”منهنجي پيريءَ جي سهاري کي ظالمن هٿان ڇڏاءِ“.
    جمن منٿون ڪيون.
    رئيس جي لبن تي شيطاني مُرڪ رقص ڪرڻ لڳي.
    ”ڇو نه.... ڇڏائينداسون تنهنجي ڇوڪري کي.... اسان باقي ڇا لاءِ آهيون!؟“ رئيس مُڇن کي وٽيندي چيو:
    ”پر هڪڙو شرط آهي!!“ ڪمدار جمعي سان مخاطب ٿيندي چيو:
    ”اڄ رات.... تو واري نُهن....!!“
    ”نه رئيس نه، ...... نه....! مونکي پيرسنيءَ ۾ بي عزتو نه ڪر، اسان جي عزت....“.
    ”مري ڪونه ويندي هڪ رات ۾“. ڪمدار جمن جو جملو ڪٽيندي چيو:
    ”ڀوتار سائين رحم ڪر..... اسان سان ايڏو ڪلور نه ڪر. ڏس هي.... مان پٽڪو ميڙ ٿو ڪيانءِ....“جمعو هيجڪ هڻندو رهيو. ڪمدار ٻنهي کي گهليندو اندر ”خفيه خاني“ ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڇاڙتا اُماڻي ڇڏيائين جمعي جي گهر.....
    ننڍي جمعدار جي ڪيل ٽارچر سيل ۾ سعيد دنيا جي روڊ تي موت جي ڪار هيٺان چيڀاٽجي ويو، ننڍي جمعدار ڄاڻايو ته جمعي جي پٽ رات ٿاڻي اندر خودڪشي ڪري ڇڏي.
    ”رات ڳوٺن جي ٿاڻي ۾ هڪ قيدي خودڪشي ڪري ڇڏي“.
    اخباري هاڪر هوڪا ڏيندو فٽ پاٿ وٽان گذريو، جتي ٻه عورتون ۽ هڪ پيرسن تمام خراب حالت ۾ ستا پيا هئا.
    ”ڀاڳڀري ! او ڀاڳڀري ! نُهن ڏي ته نهار، توکي سڏي رهي آهي“. جمعي سندس زال کي ڌونڌاڙيندي چيو: جيڪا رات جو رئيس جي گاڏي جي ماڻهن پاران فُٽ پاٿ تي اڇلي وڃڻ کان وٺي ننڊ پئي هئي.
    ڀاڳڀري سُرڪي اچي نُهن جي ڀرسان آئي، نُهن جي ڀرسان ڪو نئون وجود ڏسي، خوشيءَ وچان چيائين:
    ”سعيد جا پيءُ هيڏي ته ڏس..... سعيد موٽي آيو آهي!“.
    ”ڇا چيئي!؟؟ سعيد!؟“ جمن جي نظر نئين ننڍڙي وجود تي پئي ته خوشيءَ وچان زمين تي سجدو ڪيائين.
    ڀاڳڀري نئين وجود کي ڪڇ ۾ کڻي پيار ۽ پاٻوهه وچان چوڻ لڳي: ”تون منهنجو سعيد آهين نه؟.... سعيد!“
    ”ها.... ڀاڳڀري ! منهنجي مولا اسان کي سعيد موٽائي ڏنو آهي، هاڻ هلو ته هلون، ڏور ڪنهن ماڳ تي نئين زندگيءَ کي ڳولڻ، جتي ڪو به رئيس نه هُجي، اُتي هلي نئين زندگيءَ جو آغاز ڪريون“.


    ويهين صديءَ جو وڏو فراڊ ؟!

    ويهين صديءَ جو وڏو فراڊ ؟!
    مان اڄ عمر جي ان حصي ۾ آهيان،جتي ماڻهوءَ جا عضوا زندگي ڀر جي محنت ۽ جفاڪشيءَ کانپوءِ ٺاپر ۾ ايندا آهن ۽ پوڙهائپ واري ڍنگ ۾ لڪي ڪم ڪار کان نابري واري بيهندا آهن، مان به نڪو ڪيان ڪم نه ڪار ۽ نه ڪا لکَ پڙهه!
    پرآهيون مڇيءَ مانيءَ وارا جو هرڪو پيو عزت جي نگاهه سان نهاري، نه ته ماڻهو آهن اهڙا جو” ڀر ۾ مري ڀاءُ، ٻرڙي ٻاجهه نه پوي .
    معاشري ۾ اسٽيٽس آهي چڱن ڀلن تي رعب ڄميل آهي نه ته ماڻهو پوڙهن تي ائين ٿا اُلريا اچن جيئن ڀلي ٻوڙ تي مک. اڪثر ڪري انهيءِ وقت ۾ هر ڪنهن وٽ ڏوڪڙ صاحب جي اڻاٺ هوندي آهي ؛
    گهر ڀينگ هوندو اٿن پر مون لاءَ اهو مسئلو ڪا به حيثيت نه ٿو رکي ، ڇو جو چار مهينا اڳ رٽائر مينٽ ورتي هئم ، ڏوڪڙ صاحب اڻ ٽر آهي پئسن مان هڪ گهر ٺهرايو آهي ۽ الله رکيس مون واري نينگر جي شاديءَ جي تيارين ۾ آهيان ۽ اڃ به الياس جي ماءُ ساڻ ڪري شاپنگ لاءِ ٿو وڃان ، عورت کي شل نه چئجي ته تيار ٿي اچ !پوءِ ته منهجا سائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڇٽا .
    ”حيدر .....! او حيدر .....؟“
    ”جي صاحب !“
    ”وڃ ٻاهران ڏسي اچ ته هاڪر اخبارون رکي ويو آهي ! “ مون نوڪر کي سڏي چيو.
    سچ پڇيو ته اخبار پڙهندي عجيب ڪييفت طاري ٿيو وڃي ، رت سان ڳاڙها لاش پسي مونکي به مرگهٽ اچيو وڃي، مٿو ڦري ويندو آهي پاڻ کي به خيالن جي صحرا ۾ ٺهيل صليب تي مرگهٽ ٿيل لڳندو آهيان ڄڻ دنيا جي گهٽيا روايتن سان مهاڏو اٽڪائيندي فوت ٿيو هجان پر اڄوڪي اخبار تي مڙئي ميتن جي مهرباني هئي جو منهن مبارڪ ڪو نه ڏيکاريو هئائون “
    اچانڪ منهنجي نظر اخبار جي فرنٽ پيج تي ڇپيل اشتهار تي پئي، جنهن ۾ هڪ سوال لکيل هو، ”ويهين صدي جو وڏو فراڊ ڪهڙو!؟“
    مان سوچن جي گمسان واديءَ ۾ انهيءَ فراڊ کي ڳولڻ لڳس ته ويهين صدي جو وڏو فراڊ ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ اڄ ڪلهه ته دنيا تتل صحرا جي ڪنڊن ڀري راهه گذر تان گذري رهي آهي. هر گذري ويل ڏينهن هر نئين ايندڙ ڏينهن سان فراڊ ڪري رهيو آهي، کيس پنهنجا غم و غصا، ڪلفتون، آفتون، ويساهه گھاتيون، پڇتاءَ، پيڙا، ڪرب ۽ عذاب ڏئي ٿو.
    مون کي فراڊ تي گذريل سال جو واقعو ياد آيو، جڏهن ڪم سانگي، ريل رستي ڄامشوري پئي ويس، ريل اسٽيشن تي بيٺل هئي، ريل جي گاڏي ۾ چڙهندي ئي مان بريف ڪيس ڀرسان رکي سيٽ تي ويٺس. ڀرسان هڪ پيرسن آهليو ويٺو هو، برٿ تي ڪجھ سفري بيگ پيل هئا ۽ سامهونءَ واري سيٽ تي هڪ ٽيهن پنجٽيهن سالن جو همراهه ويٺو هو، مون ڏي ڏسندي ئي سلام ڪيائين، مون سلام ورايو.
    ”سائين ڪاڏي ٿا وڃو؟“ مون کان پڇيائين.
    ”ڄام شوري!“ مون مختصر جواب ڏنو.
    ”ماڻهو ڏاڍا حرامي ٿي پيا آهن!“ هن چيو.
    مون ڇرڪجي هن ڏي نهاريو.
    ”ها سائين مان سهي ٿو چوانوَ، ماڻهو ڏاڍا حرامي ٿي پيا آهن، اڃا ٻه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته مان به توهان وانگي بريڪيس کنيون مائٽن ڏي پئي ويس، اڃا منهنجي اک ننڊاکڙي مس ٿي جو ڀرسئون وارو همراهه منهنجو بريڪيس کڻي ڀڄڻ لڳو.“
    مون ڏٺو ته هي همراهه به منهنجي بريف ڪيس ۾ هٿ ڍارڻ لڳو، مان اڃان ڪجھ چوان ئي چوان هن چيو، ”سائين! هيئن هٿ ۾ کڻي ڀڄڻ لڳو.“
    بوگيءَ جي در وٽان ٿي هي همراهه موٽي آيو، بريف ڪيس منهنجي ڀرسان رکي ويهي رهيو، مان کيس ڏسندو رهيس.
    ”سائين! ماڻهو ڏاڍا حرامي ٿي پيا آهن، اهي شاهينگ ته الائي ملائخ جا پٽ آهن! خبر ئي نه پوندي، گم ٿي وڃن ٿا.“
    مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”ڀلا سائين بريڪيس ۾ وزن به آهي گھڻو! ڀلي مالڪ ويٺو به هجي، شاهينگ هوا جي لوڏي وانگر کڻي وڃي ته مالڪ کي خبر پوندي ڪاٿي!؟“
    هو منهنجي اڳيان به پرئڪٽيڪل طور بريف ڪيس کڻي گاڏي مان لهي ويو، مان اوسيئڙي ۾ در ڏي ڏسندو رهيس ته اِجھو ٿو موٽي چڙهي، پر ريل به اسٽارٽ ٿي چڪي هئي ۽ هو نه چڙهيوته منهنجي وات مان به نڪري ويو؛
    ”واقعي ماڻهو ڏاڍا حرامي ٿي پيا آهن.“
    ”صاحب چانهه حاضر آهي.“ حيدر چانهه منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکندي چيو.
    ”حيدر!“ مون پٺيرڪو ويندڙ حيدر کي سڏيو.
    ”جي صاحب!؟“ هن پريشان ٿيندي پڇيو.
    ”اندر بيگم صاحبه کي چئه ته ٻاهر هن جو شدت سان انتظار ٿي رهيو آهي.“
    چانهه جو سپ ڀريندي ياد آيو، جڏهن پنهنجي پراڻي دوست اخلاق احمد کي رٽائرمينٽ وٺڻ جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي هئي، جو هو به ساڳئي سال مون کان چار مهينا اڳ رٽائر ٿيو هو.
    ”هيلو!اخلاق احمد سان ڳالهائڻو آهي!“
    ”جي.....جي! ان جي ئي ڪن ۽ وات تي رسيور آهي.“
    ”مان به هاڻي تو جيئان مکيون ماريندس!“ مون هن کي مزاح جي موڊ ۾ ٻڌندي چيو.
    ”ڇو توکي به کنيو کٽيءَ ڇا؟ رٽائر ٿئين ٿو ڇا!؟“
    ”ڏوڪڙ جو ججھا ٿا ملن، بس دل هرکي پئي!“
    ”خيال ڪجانءِ متان ڪو تاڙ ۾ ويٺو هجئي ۽ وڃئي پڙ پالا ڪيون! تازو واقعو ٻڌايانءِ......“ ائين چئي هو پاڻ ئي شروع ٿي ويو،
    ”ڪراچيءَ کان اچي رهيو هئس، شام جا ڇهه ٿيا هئا، بلو لائين ۾ سانت لڳي پئي هئي، گاڏي جڏهن دادوءَ کي پوئتي ڇڏيو ته هڪ ڪرڙوڍ اٿي بيٺو، جيڪو شايد دادوءَ مان چڙهيو هو، بس مسافرن کيس فقير سمجهي در گذر ڪري ڇڏيو، هو پنهنجي وڪڙ واري لڪڙ جي مدد سان گاڏيءَ جي سيٽن جي وچ واريءَ وٿيءَ وٽ اچي بيٺو.
    ”ادا مسلمان ڀائرو! مان هن شهر جو مشهور حڪيم آهيان، منهنجي رب پاڪ کان دعا گھريل آهي، جنهن ڪري مان هر سئو ڪامياب علاج کان پوءِ خيرات ڪندو آهيان. هاڻي مان هڪ هزار لاچار مريضن جو ڪامياب علاج پورو ڪيو آهي ۽ ان خوشيءَ جي موقعي تي مون رب کان دعا گھري ۽ سڄي شهر ۾ مٺائي ورهايان پيو، قَسم سان منهنجو توهان ۾ ڪو به غرض ڪونهي، بس وات مٺو ڪيو ۽ رب کان مون لاءِ دعا گھرجو. توهان جي گاڏي جڏهن منهنجي شهر پهتي ته مان چڙهيو آهيان، بس دعا ڪجو ته رب مشڪل آسان ڪري.“ ان ڪرڙوڍ پنهنجي سيٽ تي ٻيهر ويهندي پنهنجي ڇوڪري کي مٺائي ورهائڻ جو اشارو ڏنو. ڇوڪرو مٺائي ورهائڻ شروع ٿي ويو.
    ”بابلا! هڪ مسلمان هيڏي به ويٺو آهي!“ ڊرائيور رڙ ڪندي ڇوڪري کي چيو.
    ”ها ادا! تون ڪيئن وسرندين!؟ خاص ماڻهو ته تون آهين!“ ان ڇوڪري ڊرائيور کي مٺائي ڏني ۽ هڪ لڏو وات ۾ وڌائينس.
    ”تو به مٺائي کائي ڇڏي!؟“ مون اخلاق کان فون پڇيو.
    ”ها، سڀ مسافر مطمئن ٿي کائي رهيا هئا، سو مان به کائي ڇڏي.“
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟ حڪيم ۽ ڇوڪرو ڪاڏي ويا؟“ مان بيتاب ٿي اخلاق کان پڇيو.
    فون رسيور مان فقط کلڻ جو آواز ٻڌي رهيو هئس، ڪجھ لمحن کان پوءِ اخلاق جو آواز آيو، ”۽ جڏهن اسان کي هوش آيو ته بلو لائين هڪ لنڪ روڊ تي بيٺي هئي ۽ سڀئي مسافر پنهنجو سامان سنڀاليندي دانهون ڪري رهيا هئا، ڪو چئي رهيو هو، ”الا، منهنجا ٻه هزار!“ اڳيان آواز آيو،”ابا ڙي منهنجو سونو لاڪيٽ لاهي ويا.“ پويان هڪ مائي جو آواز آيو، ”مار پوينِ! منهنجون سونيون واليون به لاهي ويا.“ ڊرائيور کي به شايد هوش آيو هو،
    ”ٻيلي واھ جي ڪري ويا! منهنجو لين _خرچ به کڻي ويا.“
    ”ڀلا تنهنجو ڇا کڻي ويا.“ مون اخلاق کان پڇيو.
    ”منهنجي بيگ ۾ ڪجھ ڪتاب هيا، سو کولي کولي ڦٽي ڪري ويا، باقي ڪوٽ جي کيسي مان نظر واري عينڪ ڪڍي ويا.“ فون رسيور مان ٽهڪ ٻڌجڻ ۾ پئي آيا.
    اچانڪ ٽهڪ ڪڙڪيدار ڇنڀيندڙ آواز بڻجي ويا. منهنجي يادن جو شيشو چڙان پڙان ٿيو ڏٺم ته اڳيان بيٺل بيگم صاحبه ڪجھ چئي رهي هئي.
    ”هلو ڀي، ڪيڏي دير ٿي وئي آهي، خريداري به ڪرڻي آهي، ڪهڙي ويل ورنداسين!؟“
    ”بس ڀي ڪيو، هلون ٿا!“
    خريداريءَ تان موٽندي به مونکي فراڊ واري سوال پنهنجي سحر ۾ گھيري رکيو هو، سڄو وقت گم سم رهيم.
    خبر ئي نه پئي پٽ جي شاديءَ واري ڏينهن جي تاريخ اچي وئي، دهلن دمامن سان ڄڃ ڪنواريتن جي گھرن ۾ قيام ڪري ٿي، سمورين رسمن جي ادئگي کان پوءِ گھوٽ کي نڪاح لاءِ وٺي اچڻ جو چيو ويو.
    مون ته پنهنجي پاران گھوٽ کي سڀ ڪجهه سمجهائي ڇڏيو هو. نڪاح ۾ ”قبول آهي“جا آواز ٻڌي، رهيل رسمون اڪلائي ٻنهي کي لائون ڏئي هرڪو سمهڻ جي تيارين ۾ مصروف هو، مان اڃان ڄاڃين کي سمهارڻ جو جوڳو بندوبست ڪري رهيو هئس ته الله رکيس مون وارو نينگر الياس حيران ۽ پريشان ڪمري مان نڪري مون وٽ پهتو ۽ مونکي ڪنڊائتو وٺي وڃي بيٺو.
    بابا! اندر ڪمري ۾ ”تصور“ ناهي!!“
    ”ڇا ..... ڇا چيئي؟؟“
    ”هابابا! مان سچ ٿو چوان، اندر تصور بجاءِ ٻي عورت ڪنوار بڻيو ويٺي آهي.“
    منهنجي ته پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي.
    ”ائي الله! ايڏو ڪلور، ايڏو وڏو اپمان!“
    ”بابا! ايڏو وڏو ڌوڪو اسان سان!“
    ”ها پٽ! ڌوڪو ٿيو آهي! ڪنوار جي تبديلي!“
    اچانڪ منهنجي وات مان نڪري ويو؛
    ”اهو ئي ته ويهين صديءَ جو وڏو فراڊ آهي!“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 854
    ڪتابن جو مشاهدو: 2311054
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 592643
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ