ڪتاب جو نالو: چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون
مصنف: جھانگير عباسي
ڇپائيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 23 جون 2019 ع
پڙهيو ويو: 366 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 123 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مترجم پاران: ڪهاڻين جي ڪٿا!
  • مهاڳ: گُلن جي ٻاريءَ جھڙو ڪتاب
  • ڪھاڻيون

  • ٺاڪر جو کوهه : منشي پريم چند
  • ٻه وِکا ڊگهي سڙڪ ! : ڪرشن چندر
  • ابابيل : خواجه احمد عباس
  • راوي پار : گلزار
  • جنم ڏينهن : ويڪوم محمد بشير
  • چانڊوڪي رات جو ستم : ڪرتار سنگهه دگل
  • يادن ۾ سمايل چانڊوڪي! : مدهو منگيش ڪرنڪ
  • خدا حافظ : شريمتي سانيا
  • بيمار جواري جو موت ! _ نجيب فاضل
  • جواب ”نه“ ۾ آهي : نجيب محفوظ
  • تماشو : محمد منشا ياد
  • ويهن سالن کان پوءِ : امراؤ طارق
  • پرٿوي ــ غوري : آغا گُل

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    مارئي اڪيڊمي جو ڪتاب نمبر 50


    ڪتاب جو نالو : چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون
    سنڌيڪار : جھانگير عباسي
    ڇاپو پهريون : 2018ع
    ڇپائيندڙ : مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ/ نواب شاهه
    ڪمپوزنگ : راڻو خان ميگهواڙ
    : سُورج پرنٽرس، حيدرآباد، سنڌ
    قيمت : 260/- (ٻه سؤ سٺ رپيا)


    لکپڙهه لاءِ پتو
    مارئي اڪيڊمي
    بنگلو نمبر 198، ماروي ٽائون،
    قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ.
    موبائل نمبر: 03003094140
    03343305344


    CHOOND SHAHKAR KAHANION
    Translate by: Jehanger Abbasi
    Published by: Marui Academy, Sakrand/ Hyderabad, Sindh
    1st Edition: 2018
    Composing: Rano Khan Meghwar
    Souraj Printers, Hyderabad, Sindh
    Price Rs. 260/-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    آءُ پنھنجي پيار جو ھي پورھيو پنھنجن پُٽن
    عون محمد عباسي
    اذلان محمد عباسي
    نافع محمد عباسي
    جن جي نانءُ ڪيان ٿو
    جيڪي منھنجي سموري ڪائنات آھن

    جھانگير عباسي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چونڊ شاھڪار ڪھاڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. مختلف ٻولين جي شاھڪار ڪھاڻين جي ترجمي تي مشتمل ھن ڪتاب جو سنڌيڪار محترم جھانگير عباسي صاحب آھي.
    ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن. اهي سمورا ليکڪ پنهنجي فن جا ماهر آهن ۽ انهن جون ادب جي کيتر ۾ پنهنجون پنهنجون ڳڻپ لائق خدمتون آهن. سندن مختصر تعارف ڪهاڻين سان گڏ ڪتاب ۾ موجود آهي.
    ھي ڪتاب مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/نوابشاھ پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون محترم جھانگير عباسي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مترجم پاران: ڪهاڻين جي ڪٿا!

    ڪهاڻي لکڻ/ پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ منهنجي وجود ۾ ائين سمايل آهي، جيئن جسم جي رڳ رڳ ۾ رت. ننڍي هوندي ڳوٺ جي پنهنجي وڏي ويڙهي واري گهر ۾ ٻرندڙ چُلهه جي چ‍ؤگرد رات جو جڏهن خاندان جا سمورا فرد ٻرندڙ مچ تي اچي مِڙي مچي ٿيندا هئا ته پوءِ خاص ڪري اسان سڀني ننڍن ٻارن جون اکيون مرحيات ڏاڏي ارباب خاتون ۾ کُتل هونديون هيون، جيڪا پوءِ حُقي جي نڙ مان گڙ گڙ ڪندي، چلم کي هيڏي هوڏي سوريندي، جڏهن ڳالهه کڻندي هئي، تڏهن سڀ ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويندا هئاسين ــ سواءِ هن جي وچ ۾ کنگهڻ جي، يا وري سانوڻي مند ۾ ٻاهر اوطاق ۾ بيٺل انبن جي گهاٽن وڻن هيٺ ڇٻر تي ڳوٺ جي وڏڙن جي نه کٽندڙ ڪچهريءَ ۾ ڏاندن، گهوڙن ۽ گڏهن جي گوءِ وارن قصن سان گڏ ديوَ مالائي ڪردارن واريون ڪٿائون ٻڌي پوءِ اچي هنڌ ۾ ليٽندو هئس ته باقي رات اڪثر ڊپ، خوف ۾ گذرندي هئي. تڏهن کان وٺي اُهي سڀ ديو مالائي ۽ افسانوي ڪردار هر وقت وجود سان ائين سلهاڙيل رهندا آيا آهن، ڄڻ سڀئي منهنجي وجود جو حصو هجن.
    اُهو 1988ع جو سال هيو، جڏهن مان مئٽرڪ جو امتحان ڏئي فلمي ۽ ادبي رسالن جي شوق ۾ هر وقت گم رهندو هيس، ته لکڻ جو جنون به ان عمر ۾ ئي ذهن تي سوار ٿيو. ائين پهريون ڀيرو نه ڄاڻ نه سڃاڻ هوندي وڃي هڪ ادبي جماعت جي مشاعري ۾ شريڪ ٿيس، جتي شاعرن مون کي شاعري جو شوقين ڏسي هٿن تي کنيو ۽ مان پوءِ جھانگير (افق) عباسيءَ جي نئين سڃاڻپ سان شاعر بڻجي لاڙڪاڻي جي هر مشاعري ۾ شامل ٿيڻ لڳم. اڪثر ڪري انهن ۾ ”طرحي“ مشاعرن جو رواج هيو. پوءِ جلد ئي مون کي پڪ ٿي وئي ته شاعري مون لاءِ اُها کجيءَ جي چوٽ واري ماکي آهي، جيڪا سچ ۾ لاهڻ منهنجي وس ۾ نه آهي، ائين وڌيڪ ”اُفق“ تي پڇڙ تارو بڻجڻ جي شوق ۾ پاڻ کي ضايع ڪرڻ کان اڳ شاعر ”اُفق“ کي گمنامي جي کوهه ۾ دفن ڪري ڪهاڻيڪار جو روپ ورتم ۽ پهرين ڪهاڻي ”سي سڀ ڀانيم سُک“ جي عنوان سان لکيم، جيڪا 1989ع ۾ ”جاڳو“ اخبار جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي، جنهن بعد منهنجي ڪهاڻي لکڻ جو سفر اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي. اها ڳالهه الڳ آهي ته مان ڪهاڻي لکڻ جي معاملي ۾ پنهنجي وس ۾ نه رهندو آهيان، ڪڏهن ته هڪ مهيني يا سال اندر ڏهه ڏهه ڪهاڻيون به لکيون اٿم، ته وري ڪڏهن لکڻ چاهيندي به ٻه ٻه سال لڳاتار ڪابه ڪهاڻي نه لکي اٿم.
    ڪهاڻي لکڻ ۾ جڏهن ڍرائپ ٿيندي آهي ته، وري اهڙين ڪيترين ئي پڙهيل شاندار ۽ شاهڪار ڪهاڻين جا ڪردار ذهن جي ڪينواس تي ڪر موڙي جاڳي پوندا آهن، جيڪي سڀ جو سڀ ترجمو ڪرڻ تي دل چوندي آهي. ائين انهن ڪهاڻين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري ترجمو ڪندي ڪهاڻي نه لکڻ واري ڪِرت کي پورو ڪندو آهيان، جنهن ڪري به منهنجي ترجمي جو شوق عارضي ناهي هوندو. مون پهرين ڪهاڻي 1991ع ۾ ’لبنان‘ جي جڳ مشهور ليکڪ ’خليل جبران‘ جي ”شيطان“ ترجمو ڪئي هئي، جيڪا ان وقت روزاني ”عوامي آواز“ اخبار جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي هئي. ائين ڪهاڻيءَ جي تخليق سان گڏ ترجمي جو ڪم به هلندو پيو اچي. مون کي سنڌي جي جن مترجمن هر وقت اُتساهه ڏنو آهي، تن ۾ پنهنجي وقت جا تمام وڏا ڪهاڻيڪار ۽ ترجمي نگار فضل احمد بچاڻي، محمد دائود بلوچ، ولي رام ولڀ ۽ ڄام وقار حسين قادري شامل آهن. مون جڏهن به ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي ته هميشه بچاڻي صاحب جي هن ڳالهه کي اڳيان رکيو آهي ته ”آءٌ ترجما ڇو ٿو ڪريان؟ ان ڪري ته جي ڪا سٺي تخليق نه ٿو پيش ڪري سگهان ته ڪنهن سٺي تخليق جو ترجمو ئي پيش ڪندو رهان، جيڪا جيڪر آءٌ پاڻ پيش ڪرڻ گهرندو هجان.“
    منهنجي هن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ مجموعي طور تي ڪل تيرنهن ڪهاڻيون شامل آهن، جن جا لکندڙ پنهنجي پنهنجي وقت جا ڪهاڻيڪار سمورا ئي ادب ۽ آرٽ جي دنيا جا به تمام وڏا ۽ سگهارا نالا ٿي گذريا آهن، جن ۾ مصر جو نجيب محفوظ، ترڪي جو نجيب فاضل، هنديءَ جو منشي پريم چند، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دُگل، مراٺيءَ جو ويڪوم محمد بشير، اردوءَ جو خواجه احمد عباس ۽ ڪرشن چندر، پاڪستاني ادب مان محمد منشا ياد ۽ امراؤ طارق شامل آهن، جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ موجود ناهن رهيا. ائين حال حيات ڪهاڻيڪارن مان نيپال جو مدهو منگيش ڪرنڪ، مراٺيءَ جي شريمتي سانيا ۽ هندي/ اردوءَ جي گلزار جي ڪهاڻي به شامل آهي. هن ڪتاب جي ٻي خوبي هيءَ به آهي ته ڪهاڻيڪارن سان گڏ سندن تعارف به ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ مون کي تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پئي. ممڪن آهي ته ڪجهه شيون رهجي ويون هجن. هي سموريون ڪهاڻيون اڳ ۾ سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن، سواءِ ويڪوم محمد بشير جي ڪهاڻي ”جنم ڏينهن“ جي، جيڪا هن بي حسي واري معاشري ۾ حساس تخليقڪار فرد جي داخلي/ خارجي احساسن ۽ عملي ڀوڳنائن تي ٻڌل هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي.
    مان ڪهاڻيڪار اڳ ۾ پوءِ مترجم آهيان. منهنجي سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو تعداد ايترو آهي جو هڪ ٻه ٻيا ڪتاب به ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين جي چونڊ منهنجي پنهنجي آهي، جن کي ڪيترائي ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ ٻه ٽي ڀيرا ترجمو ڪندي سچ ته مون انهن ڪهاڻين جو ٻيڻو ادبي چسڪو ورتو آهي. هونئن به ترجمو تخليق کان به ڏکيو ۽ وڏي ذميواري وارو ٿڪائيندڙ ڪم هوندو آهي، جنهن ۾ هرهڪ شيءِ جو خيال رکڻو پوندو آهي. ان ڪري جو ٻي ٻوليءَ جي ماحول ۽ ڪردارن کي جڏهن پنهنجي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائجي ٿو ته اهو به لازمي ٿئي ٿو ته اُها بلڪل پنهنجي فطري ماحول، ٻولي ۽ پس منظر ۾ به ائين نظر اچي، جيئن پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ موجود آهي. مون ان حوالي سان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته هيءُ ڪم سنڌيءَ جي پڙهندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي. وڌيڪ فيصلو پڙهندڙ ئي ڪري سگهندا، جن جي راءِ جو مان دل سان ڀليڪار ڪندس.
    هيءُ ترجمو ڪهاڻي ڪتاب ترجمي جي حوالي سان منهنجو ٽيون ڪتاب آهي. هن کان اڳ پهريون ڪتاب اردو جي مشهور اديب، شاعر ۽ صحافي آغا شورش ڪاشميريءَ جو ”اس بازار میں“ جو سنڌي ترجمو ”حسن جي بازار: هڪ مطالعو“ سال 2011ع ۾ روشني پبليڪيشن حيدرآباد، شايع ڪيو، جنهن جو موضوع طوائف ۽ جسم فروشي هو. ننڍي کنڊ ۾ طوائف جي حوالي سان اهو پهريون ڪتاب پڻ آهي، جنهن جي سن 70 واري ڏهاڪي ۾ شايع ٿيڻ بعد حڪومت پاڪستان ڪتاب کي ضبط ڪندي ليکڪ کي جيل اُماڻيو هيو. ٻيو ڪتاب اردو جي منفرد ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ميجر اسد محمد خان جو ڪهاڻي ڪتاب ”درشک“ سنڌيءَ ۾ به ساڳي نالي ”درشڪ“ سان ئي سال 2013ع ۾ قلمڪار قبيلا لاهور پاران شايع ٿيو. مان محترم نواز زئور جو دل سان ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي هن ٽئين ترجمو ڪيل ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل سمورين ڪهاڻين کي وڏي ڌيان سان پڙهي مهاڳ لکي ڏنو.

    جھانگير عباسي
    الهه آباد، لاڙڪاڻو
    03337137917


    مهاڳ: گُلن جي ٻاريءَ جھڙو ڪتاب

    ڄم. تخليق، جنم. جنم جو ڏينهن. ماڻهوءَ کان وٺي هن سرشٽيءَ جي پيدائش تائين تخليق جون سموريون حسناڪيون ان ۾ سميٽجي ٿيون اچن. جنم، جيڪو اوم جو اظهار آهي، جيڪو ڪن فيڪون جو پڙاڏو آهي، جيڪو خدا جي ذات جو اقرار آهي، جيڪو هڪڙي مسلسل وهڪ آهي. اهڙي وهڪ، جيڪا ڪٿي به وسرام نه ٿي ڪري، ڪٿي به نه ٿي رڪجي. جيڪا ازل کان ابد تائين جاڳ جي حالت ۾ آهي. انهي ئي وهڪ ۾ خدائي جاڳي ٿي.
    انسان انهيءَ لاءِ انتها خدائي جو اهو ننڍڙو نقطو آهي، جيڪو ان کي معنيٰ جا نوان ويس وڳا پهرائي ٿو، نوان رنگ روپ ۽ واس ورن ارپي ٿو ۽ هر ورن ۾ هڪڙي نئين لهر اڀاري نت نئين معنيٰ پيدا ڪري ٿو.
    انسان ۾ جيڪي خدائي صفتون آهن، انهن ۾ هڪ اهم صفت تخليق پڻو آهي، تخليقيت آهي. اهو تخليقي پڻو عورت جي ڪُک مان ڦٽي ٿو، مرد جي آڱرين مان نمودار ٿئي ٿو، ۽ اُهو نت نيون صورتون اختيار ڪري ٿو. مرد ۽ عورت گڏجي تخليق جي نئين ڪائنات سرجين ٿا. ڪٿي اها تخليق ڪُک مان ڦٽي ٿي، ڪٿي آڱرين مان اڀري ٿي، ڪٿي ڳلي مان سُر سُر ٿي پرڙا ڦڙڪائي ٿي، ڪٿي رنگ ته ڪٿي مورت ٿي جلويدار ٿئي ٿي، ته ڪٿي لفظ جي چانڊوڪي ٿي پکڙجي ٿي. ائين سڄي ڪائنات ان ۾ سمائجي ٿي وڃي.
    هن وقت منهنجي سامهون اهڙي ئي چانڊوڪي پکڙي پيئي آهي. برادرم جھانگير عباسيءَ پاران مختلف ٻولين جي چونڊ ڪهاڻين جي ترجمي جو مسودو منهنجي اکين اڳيان آهي. گذريل ڪافي ڏينهن کان اهو مسودو رند پنڌ، هر جاءِ هر هنڌ مون سان ساڻ رهيو آهي. مون ان کي ڌيان سان پڙهيو آهي، ورائي ورائي ان جي ورق گرداني ڪئي آهي، ور ور ان کي ڏٺو آهي. نالي کان وٺي مواد تائين ان جي حسن مون کي موهيو آهي، متاثر ڪيو آهي، پنهنجي گرفت ۾ ورتو آهي. هن ڪتاب جو نالو آهي ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“. جنهن ۾ دنيا جي شاهڪار تخليقي ڪهاڻين جون سموريون حُسناڪيون سمايل آهن.

    ڪهاڻي:
    ڪهاڻي به انسان سان گڏ ئي جنم ورتو آهي. ان انسان وانگر ريڙهيون پاتيون آهن، پيرڙا کنيا آهن، لڏي لمي آهي، آهستي آهستي پيرن تي بيٺي آهي، هلي آهي ۽ ڊوڙون وڌيون اٿس. اها انسان سان گڏ ڄائي آهي ۽ انهيءَ سان گڏ ئي وڌي ويجهي آهي. سندن اهو ساٿ، سنگم ۽ سفر ايترو گڏ رهيو آهي، جو انسان خود هڪ ڪهاڻي ٿي پيو آهي ۽ هر ڪهاڻي هڪ نه هڪ انسان جي ڪهاڻي ٿي پئي آهي. اهي ٻئي هڪٻئي ۾ سمائجي ويا آهن، هڪ ٿي ويا آهن. سندن ساٿ ڇڄي نه ٿو ڇڄي. اهي هڪٻئي کان الڳ ٿي الڳ نه ٿا ٿين. اهي لازم ملزوم ٿي ويا آهن، هڪ ٿي ويا آهن. هڪ کان سواءِ ٻئي جو وجود ڪونهي. ٻئي هڪٻئي جي پورڻتا آهن. انسان ۽ ڪهاڻي جو ساٿ اڻ ڇِڄُ آهي، اڻ ٽُٽُ آهي. اهو هميشه رهڻو آهي. انسان وانگر ٻوليءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو ساٿ پڻ هميشه کان آهي ۽ هميشه لاءِ رهندو. اهڙي ڪابه ٻولي ڪانهي، جنهن ۾ ڪهاڻي نه هجي. هر ٻوليءَ جي هڪ ڪهاڻي آهي ۽ هر ٻوليءَ ۾ ڪئي ڪهاڻيون آهن. ٻوليءَ ڪهاڻي کي جاندار بڻايو آهي ۽ ڪهاڻي ٻوليءَ کي اڳتي وٺي وئي آهي.
    اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ جي به هڪ طويل ۽ ڊگهي ڪهاڻي آهي ۽ منجهس ڪئين ڪهاڻيون آهن. اها پنهنجون ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿي، پنهنجن ڪهاڻين کي جنم ڏئي ٿي. ڪهاڻيون ان جي ڇاتيءَ مان ائين ٿيون نڪرن، جيئن ماءُ جي اُرهن مان ٿڃ وهي نڪرندي آهي. سنڌي ٻولي، ڪهاڻيءَ لا زرخيز ۽ حُسناڪ ٻولي آهي. ان ۾ تخليق جا واهڙ سنڌو درياهه وانگر موجون هڻن ٿا. نه رڳو ايترو ته سنڌي ٻولي پنهنجي اندر مان ڪهاڻين کي سِرجي ٿي، پر منجهس اها وسعت پڻ آهي ته اها ٻين ٻولين جي ڪهاڻين کي پڻ پاڻ سمائي ٿي. دنيا ۾ اهي ٻوليون شاهوڪار ۽ وسيع آهن، جيڪي ٻين ٻولين جي ادب کي پنهنجي پاند ۾ جڳهه ڏين ٿيون. سنڌي ٻولي پڻ اهڙي شاهوڪاري، وسعت ۽ رنگا رنگي حسناڪي سان ڀرپور آهي. سندس ادب جي روشن آڪاش تي ٻين ٻولين مان آندل ڪئين ڪتاب ستارن وانگر پکڙيا پيا آهن.

    ترجمو:
    ٻولين جي بلوغت، ادب جي وسعت، علم جي پکيڙ ۽ انساني شعور جي واڌ ويجهه ۽ بُلندي ۾ ترجمي جو تمام وڏو هٿ رهيو آهي. اهو ترجمو ئي آهي، جنهن يوناني ڏاهپ سان دنيا کي روشناس ڪرايو، اهو ترجمو ئي هو جنهن عربي ادب جي شاهڪارن کي دنيا جي اکين آڏو روشن ڪيو، آهي ترجمو ئي هو جنهن چيني ڏاهپ کي دنيا تائين رسائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، اهو ترجمو ئي آهي جنهن سنڌوءَ ڪناري سرجندڙ فلسفي ۽ ويدڪ ادب جي روشنيءَ سان دنيا منور ڪئي، اهو ترجمو ئي آهي جنهن يورپ جي جديد فلسفي کي دنيا ۾ پکيڙي شعور ۽ علم جون نيون شمعون روشن ڪيون. اهو ترجمو ئي آهي، جيڪو اڄوڪي دنيا ۾ هڪ خطي جي علم، ادب، سائنسي دريافتن ۽ شعور جي ڏياٽين کي ٻئي خطي تائين رسائي رهيو آهي.
    ترجمي انساني شعور جي واڌ ويجهه ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دنيا لاءِ علمي، شعوري، تهذيبي، ثقافتي، سائنسي ۽ ادبي ميدانن ۾ يڪسان ترقي جا موقعا پيدا ڪيا آهن. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن اهي موقعا وڌندا ويندا ۽ ترجمي جو ڪردار اعليٰ کان اعليٰ ۽ سگهاري کان سگهارو ٿيندو ويندو.
    اڄوڪي زماني ۾ ترجمو تخليق جيتري ئي اهميت رکي ٿو. هاڻي اهو ڪنهن لکت جو هڪ ٻولي مان ٻي ٻوليءَ ۾ التو ناهي، اهو نقل ناهي، اهو تخليق جيترو ئي اهم بلڪه تخليق جي برابر آهي. اهو هڪ تخليق ٿيل شئي جي نئين تخليق آهي. اهو چڪ تي چڙهيل مٽيءَ کي نئين سر ڳوهي ٻيهر چڪ تي چاڙهي نئين صراحي، جام يا گلداڻي ٺاهڻ جو عمل آهي. ترجمي لاءِ هاڻي نئين اُڻت، ٻيهر تخليق، نئين سِر سرجڻ (Trans Creation) جھڙا اصطلاح ڪتب آندا ٿا وڃن. اهو دؤر ويو، جڏهن ترجمي کي تخليقي ڪم ۾ نه ڳڻيو ويندو هو. هن دؤر ۾ ترجمو تخليقي ڪم ۾ شمار آهي. هاڻي ترجمي نگاري ادب جي هڪڙي صنف بڻجي پئي آهي.

    هيءُ ڪتاب:
    ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“ جي نالي سان ايندڙ ترجمي جو هيءُ ڪتاب ڪُل تيرنهن ڪهاڻين تي ٻَڌل آهي. اهي تيرنهن ئي ڪهاڻيون مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. جن ۾ ترڪي، عربي، مراٺي، اردو، پنجابي ۽ هندي شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا سمورا ليکڪ پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جا نالي وارا، مشهور ۽ دلپذير ليکڪ آهن. ترڪي جو نجيب فاضل، مصر جو نجيب محفوظ، مراٺي ڪهاڻيڪار مدهوش منگيش ڪرنڪ ۽ شريمتي سانيا، اردو ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، گلزار، امراؤ طارق، آغا گُل، منشا ياد، پنجابيءَ جو ڪرتار سنگهه دگل ۽ هندي ڪهاڻيڪار ويڪوم محمد بشير ۽ منشي پريم چند هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل آهن. اهي سمورا ليکڪ پنهنجي فن جا ماهر آهن ۽ انهن جون ادب جي کيتر ۾ پنهنجون پنهنجون ڳڻپ لائق خدمتون آهن. سندن مختصر تعارف ڪهاڻين سان گڏ ڪتاب ۾ موجود آهي.
    يقيناً اهي سڀ ڪهاڻيڪار وڏا ڪهاڻيڪار آهن ۽ پنهنجي فن ۾ يڪتا آهن. مون هن کان اڳ ۾ به سندن ڪهاڻيون پڙهيون آهن ۽ هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪهاڻيون پڻ پنهنجي نظر مان ڪڍيون اٿم. مون انهن کي ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو آهي. فطري طور تي مون کي ڪي ڪهاڻيون گهٽ، ته ڪي وڌ وڻيون هونديون. هر ماڻهو جي ذهني سطح، پسند ۽ ذوق پنهنجو هوندو آهي. ان ڪري شين کي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڏسي ٿو. حسن ۽ سونهن جا اها اضافي خصوصيت آهي ته اها ٻن مختلف مزاجن ۽ سطحن جي ماڻهن تي ٻه مختلف اثر وجهي ٿي. ادب، ثقافت جو حصو آهي ۽ ثقافت سونهن آهي. ٻيءَ هر سونهن وانگر ادب جو پڻ ٻن مختلف طبيعتن تي مختلف اثر ٿيندو آهي. تنهن ڪري آئون پنهنجي پسند ٻين تي مڙهڻ نه ٿو گهران، نه ئي وري ٻين جو ڌيان انهن ڪهاڻين ڏانهن ڇڪائڻ گهران ٿو، جيڪي مون کي گهڻيون وڻيون آهن. ڇاڪاڻ جو مجموعي ۾ موجود هر ڪهاڻي شاهڪار ڪهاڻي آهي. سڀئي ڪهاڻيون پڙهڻ لائق آهن ۽ ضرور پڙهڻ گهرجن. هر ڪهاڻي ۾ ڪو پيغام، ڪو سمجهه لائق نقطو، ڪا ڳنڀيرتا، ڪو حسن آهي، جيڪو ماڻهو مٿان پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏي وڃي ٿو. ڪهاڻي جي پڄاڻيءَ تي پهچي، ماڻهو ڪهاڻي جي پوري جڪڙ ۾ اچي ٿو وڃي ۽ ڪئي ساعتون جادوءَ ۾ جڪڙجي ويهي ٿو رهي. اها جھانگير عباسيءَ جي ڪاميابي آهي، جو هن هر ڪهاڻي کي ڏاڍي شاندار انداز سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هو نه فقط ڪهاڻي جي معنيٰ ۽ مقصد کي سنڌيءَ ۾ پلٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پر ٻيءَ ٻوليءَ جي لکڻي جي روح کي به سنڌيءَ جي جامي ۾ لاهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هڪڙي ترجمي نگار جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها هجي ٿي ته هوءَ ٻيءَ ٻولي جي روح کي پنهنجي ٻولي جي ڪايا ۾ سموئڻ ۾ سڦلتا ماڻي. بيشڪ ته جھانگير جي ترجمي ۾ اها خوبي پوري چٽائي سان جهلڪي ٿي.
    هن ترجمي جي اها به خوبي آهي ته ان جي ٻولي ڏاڍي سرل، روان، وڻندڙ ۽ عام فهم آهي. توڙي جو ان ۾ شامل ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪي ڳوڙها نقطا بيان ڪيا ويا آهن، پر اهو سڀ فنائتي سٽاءُ ۾ هجڻ جي باوجود ايئن اپٽاريل آهي جو ماڻهو جي سمجهه تي گران نه ٿو گذري. ترجمي جي ٻولي ڏاڍي پياري ۽ دلڪش آهي. ماڻهو پڙهڻ ويهي ٿو ته ان مان هٿ ڪڍڻ تي دل ئي نه ٿي چئي. پر ڪنهن به لکڻي لاءِ رڳو ٻولي جي خوبصورتي ڪافي نه هوندي آهي. ان لاءِ ٻولي جي قاعدن قانونن جي خيال رکڻ پڻ لازمي هوندو آهي. عربي چوڻيءَ آهي ته:
    ”النحو في الکلام کا الملح في الطام“
    (ٻوليءَ لاءِ قاعدا ائين ضروري آهن، جيئن کاڌي لاءِ لوڻ لازمي هوندو آهي.)
    هڪ ٻئي سان ويجهو لاڳاپو رکندڙ ٻولين مان ترجمي جي ڪمزوري اها هوندي آهي ته ٻولي جا قاعدا قانون اڪثر ڪري خبر بڻجي پوندا آهن. اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمن ۾ اها ڳالهه، اها ڪمزوري ڳپل ڏٺي وئي آهي. مونث مذڪر ۽ جمع واحد جا صيغا ڪمزور ترجمن ۾ غلطين جي نزلي جا سڄا بار سِر تي کڻندا آهن. شڪر آهي ته هيءَ ترجمو اهڙين ڪمزورين کان آجو آهي. ان ڪري ٻولي جي قاعدن قانونن جي پوئيواري، لفظن جو درست استعمال ۽ جملي جي اثرائتي بيهڪ ٻولي جي خوبصورتي سان گڏ. هن ترجمي جي اهم خوبي آهي. ماڻهو پڙهندو ويندو ته ترجمي جون حسناڪيون ۽ خوبيون نسواني حُسن وانگر هوريان هوريان مٿس آشڪار ٿينديون وينديون. ڪنهن ڪنهن عورت جو حُسن آهستي آهستي کُلندو آهي ۽ جڏهن پوري ريت پڌرو ٿيندو آهي، تڏهن ماڻهو کي پنهنجي جادو ۾ جهٽي وٺندو آهي.

    سنڌيڪار:
    هن ڪتاب جو ترجمي نگار جھانگير عباسي اڳ ۾ ٻن ڪتابن جو ترجمو ڪري چڪو آهي. جڏهن ته هن ڪتاب سميت سندس ٻه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ آغا شورش ڪاشميري جي ڪتاب ”اُس بزار ميں“ جو سنڌيءَ ترجمو ”حُسن جي بازار“ پڻ شامل آهي. شورش ڪاشميري ڪمال جو ليکڪ آهي. سندس هڪ اڌ ڪتابن کي ڇڏي ڪري، مون سندس سمورا ڪتاب پڙهيا آهن. سندس پڙهڻ کان رهجي ويل ڪتابن ۾ ” اُس بزار ميں“ پڻ هو، جيڪو بعد ۾ مون جھانگير جي ڪيل ترجمي جي معرفت پڙهيو. جھانگير ان جو ڏاڍو سٺو ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب پڙهي مون کيس سندس ترجمي جي خوبين توڙي خامين کان آگاهه ڪيو. هيءَ شورش جو ڏاڍي ڏکئي موضوع تي لکيل ڪتاب آهي. طوائفن جي دنيا تي لکڻ قدامت پسند سماجن ۾ سدائين ڏکيرو رهيو آهي. اهڙي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏاڍي همٿ جو ڪم آهي.
    جھانگير عباسي جو ترجمو ڪيل هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“ پڻ ڏاڍو اهم ڪتاب ثابت ٿيندو. گڏوگڏ هن ڪتاب سان هڪڙي مترجم طور سندس سڃاڻپ وڌيڪ پڪي پختي ۽ مضبوط ٿيندي. سٺو ڪم هميشه ياد رهندو آهي ۽ ڪرڻ واري جا گڻ پيا ڳائبا آهن. سو آئون ڀانيان ٿو ته جھانگير جي هن ڪم کي پڻ هميشه ياد رکيو ويندو.
    جيتوڻيڪ جھانگير عباسي جي ڪم جي رفتار ڏاڍي ڍري آهي. پر اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هوريان ئي سهي، ڍرو ئي سهي، پر هو لاڳيتو اڳتي وڌندو هلي.رڙهڻ ئي اها راحت آهي، جيڪا سڀني ٿڪاوٽن تي حاوي پئجي ويندي آهي ۽ ماڻهو کي ڪڏهن به واندو ويهڻ نه ٿي ڏئي. اتر سنڌ جي زِل ڪاڙهن، ڪانوَ جي اک ڪڍڻ جھڙن آرهڙ جي ڏينهن ۽ بجلي جي بنهه اڻهوند جي مند ۾ تخليقي ڪم ڪرڻ ڪا مذاق مشڪري ڪانهي ۽ جيڪي به اهڙي سخت ماحول ۾ تخليقي ڪم ڪن ٿا، اهي سڀئي دوست جس لهڻن. بلاشڪ سوڀي گيانچنداڻي کان وٺي جھانگير عباسي تائين هڪ ڊگهي ڪڙي آهي، جنهن لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽي مان جنم وٺي، انهي ئي مٽي کي هٻڪارون هٻڪارون پئي ڪيو آهي. سو سٺي ڳالهه اها آهي ته جھانگير قلم جي ڪِرت جاري رکيو هلي. ڪم هلندو هلي، اڄ ٿورو آهي، سڀاڻي گهڻو ٿي پوندو. عظمت راتو رات نه ٿي ملي. عظمت لڳاتار ڪم ڪرڻ ۾ آهي. اهي ئي ماڻهو وڏا نتيجا ڏيندا آهن، جيڪي لڳاتار ڪم ڪندا آهن.

    پڇاڙڪا لفظ:
    هيءَ ڪتاب سنڌيءَ محاوري ”وَڻان وَڻان ڪاٺي“ جي مصداق هِتان هُتان گڏ ڪري آندل ڪهاڻين تي مشتمل آهي. پر اهي هِتان هُتان هٿ ڪيل ڪهاڻيون جڏهن هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيون آهن ته پوءِ سُڪل ڪاٺين جي ڍير بدران هڪڙو باغيچو ٿي پيون آهن. هيءَ ڪتاب گلن جو هڪڙو باغيچو آهي، گلن جي هڪڙي ٻاري آهي، جنهن ۾ رنگ برنگي ۽ طرحين طرحين گل سهسين سڳنڌون پکيڙي رهيا آهن.
    سنڌيءَ ڪهاڻي ڪلا ۽ ترجمي جي کيتر ۾ هيءَ ڪتاب هڪڙو تمام اهم واڌارو آهي. دنيا جي هنن ڪجهه بهترين ڪهاڻين کي سنڌي ويس اوڍائڻ ۽ سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ تي سچ ته جھانگير عباسي تمام گهڻو جس لهڻي. اسان کي اميد آهي ته هو آئيندي به سنڌيءَ کي شاندار، شاهڪار ۽ من موهيندڙ ڪتاب ڏيندو رهندو. آرهڙ مند جي تتل ٻپهريءَ جي لڱ ساڙيندڙ لُوءَ ۾ ڪنهن اُڃايل مسافر لاءِ ٿڌي پاڻي جي پيالي ۽ نم جي ڇانوَ جھڙا ڪتاب، ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻين“ جھڙا ڪتاب ڪائنات ۽ زندگي جون حسناڪيون سموئيندڙ ڪتاب.

    سنڌ سلامت ــ ساٿ سلامت


    نواز خان زئور
    15 ــ مارچ 2018ع
    ٺٽو سنڌ


    ڪھاڻيون

    ٺاڪر جو کوهه : منشي پريم چند

    ٺاڪر جو کوهه

    منشي پريم چند
    (1880ع ـــ 1936ع)

    اردو، هندي جي ممتاز ۽ منفرد ڪهاڻيڪار، ناول نگار، منشي پريم چند ادب جي دنيا جو اهو سگهارو تخليقڪار آهي، جنهن پنهنجي لکڻين ۾ ٻنهي زبانن جو نه رڳو استعمال ڪيو آهي، پر فڪشن جي ادبي روايتن جي تشڪيل سان گڏ ترقي پسند سوچ ۽ فڪر کي به وڌايو آهي. هن جديد افسانه نگار جو جنم 31 جولاءِ 1880ع تي ڳوٺ ملبي ضلعي بنارس ۾ منشي عجائب لال جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو پوسٽ کاتي ۾ ملازم هئڻ سان گڏ وچولي طبقي جو خوشحال ۽ اثر رسوخ وارو انسان پڻ هو. منشي پريم چند شروعاتي پرائمري تعليمي سلسلو کورکهپور، اله آباد مان پرائي. اله آباد يونيورسٽي مان بي. اي پاس ڪئي. مختلف کاتن ۾ ننڍيون ڪچيون پڪيون نوڪريون ڪرڻ بعد هن 1900ع ۾ گورنمينٽ ڊسٽرڪٽ مڊل اسڪول بهراج ۾ پڙهڻ پڙهائڻ سان باقاعده عملي زندگي جي شروعات ڪئي ۽ ترقي ڪندي انسپيڪٽر آف اسڪولز جي عهدي تائين پهتو، 1921ع ۾ عدم تعاون جي تحريڪ جي اثر هيٺ نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي سماجي ڪمن ۾ بهرو ورتائين. سياسي ۽ سماجي خدمتن سان گڏ انجمن ترقي پسند منصفين ۾ شامل رهيو ۽ ”سرسوتي پريس“ جي نالي سان ذاتي پرنٽنگ پريس به کوليائين پر نقصان ڪارڻ بند ڪري 1927ع ۾ رسالي ”مادهوري“ جو ايڊيٽر بڻيو پوءِ 1930ع ۾ ذاتي رسالو ”هنس“ جاري ڪيائين. انهيءَ دوران اجنتا سائن ٽون اداري ساڻس رابطو ڪري ساڻس ڪم ڪرڻ جي آڇ ڏني جنهن کي قبوليندي ماهوار اٺ هزار روپين تي منظرنامي نگار طور تي ڪم ڪرڻ لڳو. انهي اداري سندس هندي ناول ”سيو اسدن“ تي ”رنگيلا راجپوت“ جي نالي سان فلم ٺاهي وئي جنهن جي ڪاميابي سان منشي پريم چند جي جي هڪ ٻي ڪهاڻي “The Moll” جي عنوان سان لکي جنهن ۾ پهريون ڀيرو مزدورن جي زندگي کي فلمي اسڪرين تي آندو ويو. هن پوءِ موهن بهاواني سان ڪم ڪندي بيروزگار نوجوانن جي موضوع تي هڪ ٻي فلمي ڪهاڻي “Awa Kning” لکي پر فلم ٺهڻ کان اڳ ئي بنارس واپس هليو آيو پوءِ سندس هندي ناول ”رنگ بهومي“ تي انهي نالي سان فلم ٺهڻ شروع ٿي پر ان فلم جي ٺهڻ کان اڳ هُو دنيا مان ديهانت ڪري ويو.
    ادب جي دنيا ۾ منشي پريم چند لکڻ جي شروعات نثر سان ڪئي. سندس پهريون افسانو ”عشق دنيا“ ۽ ”حب وطن“ آهي ۽ پهريون ناول ”اسرار معاهد“ آهي. اردو هندي ادب ۾ پريم چند جا مجموعي 28 ڪهاڻي ڪتاب، 21 اردو ناول، 8 هندي، 6 مضمونن جو مجموعا، 2 سوانح نگاري جا ڪتاب شامل آهن. سندس شاهڪار ڪهاڻين ۾ سوزِ وطن، خواب و خيال، زادراه، واردات، چوگان، حجِ اڪبر ۽ ٻيون کوڙ مشهور آهن. جڏهن ته بازار حسن، ڳئو دان ۽ رنگ بهومي هن جا مشهو ناول آهن.
    منشي پريم چند جي ڪهاڻين جو بنيادي مرڪز ڳوٺاڻي زندگي، مزدور، هارين سان ٿيندڙ زميندارن جا ظلم ۽ سماج جا پڙهيل ڪردار رهيا آهن جن جي حق ۾ لکندي سندس لکڻين کي انگريز سرڪار ضبط ڪندي ڪيترن ئي ڪتابن تي پابندي مڙهي. سموري حياتي حق ۽ سماجي برابري جو آواز اٿاريندڙ ترقي پسند فڪر جي پرچارڪ ڪندڙ منشي پريم چند چوي ٿو ”مان خالي واقعي جا بيان لاءِ ڪهاڻيون ناهيان لکندو ۽ نه ئي منهنجا قصا مشاهدي ۽ تجربي تي ٻڌل هوندا آهن پر جڏهن لکندو آهيان ته اهڙي طور جو ان منجهه فلسفي ۽ جذباتي ڪيفيت حقيقي طور تي ظاهرٿئي، جيستائين انهن جو بنياد ناهي ملندو، تيستائين قلم هٿ ۾ ناهيان کڻندو!“ هن جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي ”ٺاڪر جو کوهه“ جو ترجمو پيش آهي.

    [هندي ڪهاڻي منشي پريم چند]

    ٺاڪر جو کوهه

    جوکي جيئن ئي پاڻيءَ سان ڀريل لوٽو پنهنجي ويجهو آندو ته کيس پاڻي ۾ سخت ڌپ محسوس ٿي، تڏهن هن پنهنجي زندگي جي ساٿياڻي ڪنگي ڏي نهاريندي چڙ مان چيو ”ڌپ وارو ڪنو پاڻي ٿي پيارين!... مان پڇان ٿو ته هيءُ ڪهڙو پاڻي آهي؟!!“
    ڪنگي اهو ٻڌي حيران ٿي وئي. ڳوٺ کان کوهه پري هئڻ ڪري هوءَ کوهه تي هر هر وڃڻ بدران شام ڌاري سمورو پاڻي ڀري آڻي رکندي هئي ۽ ڪالهه شام هوءَ کوهه تان جڏهن پاڻي ڀري آئي هئي ته اهو تازو ۽ مٺو هو.
    ”هيءُ اوچتو اڄ پاڻيءَ ۾ ڌپ ڪيئن ٿي وئي؟!!“ ڪنگي سوچيندي مڙس کان لوٽو وٺي جيئن ئي نڪ جي ويجهو آندو ته ڌپ ڪري کن پل لاءِ سندس به ساهه منجهي پيو ۽ پوءِ پاڻ ئي پنهنجي سوچيل سوال جو جواب ڏيندي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي هئي.
    ”پڪ سان ڪو جانور کوهه ۾ ڪري مري پيو هوندو.... پر هن مهل ٻيو پاڻي ڪٿان ايندو؟!!“ لالا جو کوهه ڳوٺ جي ٻاهرين ڇيڙي تي هيو ۽ ٺاڪر جي کوهه مان پاڻي ڀرڻ ته پري پر اتي بيهڻ به ناممڪن هو.
    ڪنگي جو مڙس ڪيترن ئي ڏينهن کان بيمار هئڻ ڪري کٽ تي پيل هئو، جنهن کي ڊاڪٽر هر طرح جي رک رکڻ لاءِ سختي سان تاڪيد ڪئي هئي، هن ڪجهه وقت ته پنهنجي اُڃ تي قابو رکيو، پر اساٽ تي انسان جو ڪهڙو وس!!... سو جڏهن همت جواب ڏيڻ لڳس ته رڙ ڪري وري زال کي چيائين.
    ”هاڻي ته اُڃ ڪارڻ ساهه نڙيءَ ۾ اچي اٽڪيو آهيو.... ڀلا اهو ڌپ وارو پاڻي ئي آڻي ڏي ته نڪ بند ڪري ٻه ٽي ڍڪ پي وٺان.“
    ڪنگي کي خبر هئي ته خراب پاڻي پيئڻ سان ماڻهوءَ جي بيماري وڌي ويندي آهي پر هوءَ انهي ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هئي ته ڪو پاڻي اُٻارڻ سان پاڻيءَ جي خرابي ختم ٿي وڃي ٿي. مڙس جي وڌيڪ بيمار ٿيڻ جو خيال ڪندي ڪنگيءَ کيس ڌپ وارو پاڻي ڏيڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو. ”هيءُ پاڻي ڪيئن پيئندين؟!! خبر ناهي کوهه ۾ الائي ڪهڙو جانور مئو هجي... تون ٿورڙو صبر ڪر... مان تو لاءِ ڪٿان نه ڪٿان ٻيو پاڻي ڀري ٿي اچان.“
    ”ٻيو پاڻي!!“ حيرت مان تڪيندي جوکو زال کي وري چوڻ لڳو هو ”ڪٿان ڀري ايندينءَ تون هينئر ٻيو پاڻي؟!“
    ”ڳوٺ ۾ لالا ۽ ٺاڪر جو هڪ هڪ کوهه آهي... اهي اسان کي مصيبت ۾ پاڻي جو لوٽو به ڀرڻ نه ڏيندا ڇا؟!!“
    ”اهي تنهنجا هڏ گڏ ڀڃي رکندا، اهي وڏي ذات وارا آهن ۽ اسين غريب ڪم ذات آهيون... جي مري وڃون ته منهن ڏسڻ ٺهيو در جي ويجهو به نه لنگهندا آهن سو توکي پنهنجي کوهن تان پاڻي چڪو ڀرڻ ڪيئن ڏيندا؟!“
    جوکي جيڪو ڪجهه چيو پئي، اهو سڀ جو سڀ سورنهن آنا سچ هو جنهن کي ڪنگي پاڻ به ڄاتو پئي ان ڪري هوءَ ماٺ ڪري بيٺي رهي پر جُوکي کي هڪ ڍڪ به ڌپ واري پاڻيءَ مان نه ڏنائين.
    رات جا نوَ ٿي رهيا هئا، ٺاڪر جي وڏي گهر جي وڏي مضبوط در آڏو پٽ تي سڄي ڏينهن جا ٿڪل مزدور، ڪمي ۽ ڪسابي اگهور ننڊ ۾ هئا، جن جي ويجهو ٽي چار هٽا ڪٽا مڙس جاڳندي پنهنجي پنهنجي بهادريءَ جا قصا ٻڌائي رهيا هئا. جيتوڻيڪ هاڻي ميدان ۾ بهادري ڏيکارڻ وارن جوانن جو زمانو لنگهي چڪو هو. پر هنن جي نظر ۾ ٺاڪر پاران حد جي صوبيدار کي رشوت جي چڪر ۾ ڦاسائي پاڻ بچائڻ وارو قصو به وڏي بهادريءَ واري ڳالهه هئي. هنن جا اهي احوال جاري هئا ته خالي مٽڪو پاڻي لاءِ کنيو ڪنگي به ٺاڪر جي کوهه مان پاڻي ڀرڻ لاءِ اچي اتي پهتي، ڏيئي جي ميرانجهڙيءَ روشني ۾ وڏي حويلي جي در آڏو ئي ڪنگي کي ٺاڪر جو کوهه صاف نظر ٿي آيو، ان کوهه منجهان سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪابه جهل پل نه هئي پر ڪنگي ۽ هن جھڙا ٻه چار خاندان گهٽ ذات هئڻ ڪري ٺاڪر جي انهيءَ مهرباني کان محروم هئا.
    وڻ جي اوٽ ۾ ويٺل ڪنگي ذات پات وارين سماجي ريتن رسمن تي سوچيندي دل ئي دل ۾ ڪڙهڻ لڳي هئي.
    ”اهي سڀ چڱا مڙس آهن ۽ اسين گهٽ ذات آهيون، ٺڳيون اهي ڪن... شراب پيئن، زنائون اهي ڪن پوءِ به اهي ٿيا معتبر... هنهه! ٺاڪر غريب ريڍار جون ٻه رڍون چورائي کائي ويو.... پنڊت جي گهر ٻارنهن ئي مهينا جوا هلي ٿي، لالا جي گيهه ۾ دينا داستي تيل ملائي سڀني کي کارائي ٿو پوءِ به هي پاڻ کي معزز ٿا سڏين، مان هنن جي آڏو گذران ٿي ته هنن جي نظر ۾ لچائپ ٿي اچي وڃي جي وس هجين ته جيڪر منهنجي جسم جي ٻوٽي ٻوٽي پٽي وڃن.... پوءِ به چون ٿا ته اسين اوچي ذات آهيون... هونهه! لک لعنت هجين... اهي ته ظلمي آهن پاپي آهن.“
    اوچتو کوهه طرف ڪنهن جي پيرن جي آوازن کي ايندو ڏسي ڪنگي جون سوچون ڇڙوڇڙ ٿي ويون، انهي خوف کان هرڻيءَ جيان هراسجي پئي، ڪنهن ڏسي ورتو ته قيامت مچي پوندي، ۽ پوءِ هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ به وڌڻ لڳي، هوءَ هڪدم گهاٽي نم جي وڻ وارين ٽارين ۾ اوٽ ٿي بيٺي، جيڪي ماڻهو جي قد تائين هيٺ نميل هيون.
    کوهه تي آيل اهي ٻه عورتون هيون جيڪي پنهنجي پنهنجي ڀاڳ جو پٽڻو پٽِنديون اچي نڪتيون هيون.
    ”گهر ۾ ڪو دلو، مٽ ثابت ڪانهي ڀيڻ! سمهڻ کان اڳ هاڻي حڪم ٿو هلائي ته تازو پاڻي ڀري آ... منهنجو مڙس ڄڻ ته ڪو لاٽ صاحب آهي.“
    ”هائو ڀيڻ! سچ ٿي چوين! اسان عورتن کي هڪ گهڙي آرام سان ويهندو ڏسي، هنن مردن کي ته ڄڻ باهه ٿي لڳي وڃي.“ پهرينءَ کي پوئين عورت جي جواب سان وڏي ٽيڪ ملي هئي.
    ”اسين هنن جون عزتون آهيون ٻانهيون ته ناهيون جو اسان سان هو سلوڪ ٿا رکن.“
    ”برابر ڀيڻ! اسان کي ملي ئي ڇا ٿو هنن وٽان؟ نه ڍنگ جو لٽو ڪپڙو ۽ نه ئي سُک جو ٽڪر.... ٻه چار روپيا به هنن کان رڙي رڙي ٿيون وٺون... ٻانهيون به اسان کان چڱي حال ۾ هونديون!“
    ”جيترو ڪم اسان پنهنجي مڙسن جي گهر ۾ ٿيون ڪيون اوترو ڪم جي ڪنهن ٻئي جاءِ تي ڪريون ته ٻه پهر آرام به ملي ويندو.... هنن آڏو ته لوڙهي لوڙهي اسان جا هڏ گڏ ڀڄي پون ٿا پوءِ به هي خوش ناهن!“
    ”بس ڇا ڪجي ادي قسمت ئي ڦٽل اٿئون... ڇڏ کڻي انهن ڳالهين کي.“
    جڏهن ٻئي عورتون پنهنجي نصيبن تي روئندي پاڻي ڀري وڃڻ لڳيون ته حويلي جي در آڏو ويٺل پهريدارن جي چوڪڙي به پوري ٿي ۽ هو پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ٺاڪر به آخري ڀيرو وڏو لوهو دروازو کولي واءُ سواءُ لهندي کوهه تان لوڻو هنيو ۽ پوءِ حويليءَ جو وڏو در بند ڪري اندر هليو ويو. ميدان خالي ڏسي ڪنگي جي وڃايل ويساهه ۾ اطمينان ڀرجي آيو. هوءَ پنهنجي چؤ طرف ائين نظر ڦيرائي ڏسڻ لڳي، جيئن جنگ جي ميدان تي موجوده سپاهي دشمن جي فوج کان بچاءَ ڪندي نهاريندو آهي ۽ پوءِ اطمينان جو احساس ٿيندي ئي ڪنگي گهاٽي وڻ کان ٻاهر نڪري کوهه تي آئي، هن جا قدم کاٽ هڻندڙ چور جيان آهستي ۽ خبرداريءَ سان کڄي رهيا هئا، کيس پڪ هئي ته هوءَ جيڪڏهن جهلجي پئي ته ٺاڪر ۽ ڳوٺ وارا کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندا، ڪنگي رسي کي مضبوطيءَ سان جهلي کوهه اندر جيئن اڇليو ته بالٽي ٻه ٽي گونگا غوطا کائي کوهه جي تري هيٺ لهي وئي، پوءِ هن جا هٿ حرڪت ۾ اچي ويا پاڻي سان ڀريل بالٽي آهستي آهستي مٿي اڀرڻ لڳي، جنهن کي ڏسي پوءِ ڪنگي کي محسوس ٿيو، ڄڻ هن پاڻي جي بالٽيءَ بجاءِ کوهه مان هيرن جي بالٽي ڀري ڪڍي هجي، پوءِ جوکي جي اڃ جو خيال ايندي هن جي هٿن جي چرپر تيز ٿي وئي. بالٽي جيئن ئي کوهه جي منهن تائين آئي ته هڪدم ٺاڪر جي حويلي جو وڏو دروازو زور سان کلي پيو. ٺاڪر جي خوفناڪ چهري تي نظر پوندي ئي ڪنگيءَ جي جسم مان ساهه ئي ڇڏائجي ويو، کيس ڏسندي ئي گهڙيءَ گوڙ اندر مچي اٿيو.
    ”ڪير آ؟! ڪير آهين تون؟!“ ٺاڪر جون رڙيون ڪنگي پويان بندوق جي گولي جيان هلنديون آيون. ڪنگي پنهنجي وجود ۾ سمايل سموري طاقت سان تيز ڊوڙندي ڊوڙندي ۽ اونداهي ۾ ڪرندي جڏهن پنهنجي گهر ۾ گهڙي ته نظرون مڙس تي اٽڪي بيهي رهيس، جي جوکو نڪ تي هٿ ڏئي لوٽي مان ڌپارو ميرو پاڻي پي رهيو هو.


    ٻه وِکا ڊگهي سڙڪ ! : ڪرشن چندر

    ڪرشن چندر
    (1912ع ـــ 1977ع)

    وزير آباد ضلع گجرانوالا پنجاب (پاڪستان) جي ڇتري خاندان جي هڪ لکيل پڙهيل ڊاڪٽر وگري شڪر چوپڙا جي گهر ۾ ڊسمبر 1912ع ۾ جنم وٺندڙ ڪرشن چندر پنهنجي ننڍپڻ جي عمر کان ئي علم و ادب سان لڳاءُ رکندڙ هيو. هن شروعاتي تعليم ڪشمير، لاهور، ممبئي مان پرائڻ بعد سن 1934ع ۾ ايف. سي. ڪاليج لاهور مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ۽ سن 1937ع ۾ لا ڪاليج پنجاب يونيورسٽي مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪري پنهنجي عملي زندگي جي شروعات انگريزي رسالن ”دي نادرن رويو“ ۽ ”دي ماڊرن گرل“ جي ايڊيٽري سان ڪئي پوءِ اردو زبان ۾ ”نيا ادب“ ۽ ”زاويا“ رسالا ڪڍيا. سن 1962ع ۾ هن کي ڊبليو. زيڊ احمد جي ”شاليمار پڪچرز“ فلم ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي، جتي پنهنجي کري مزاج ڪري هو سال کان وڌيڪ ٽڪي نه سگهيو، پوءِ اُتان ڇڏي آل انڊيا ريڊيو ۾ پروگرام اسسٽنٽ مقرر ٿيو پر هتي به ڪجهه عرصو رهي استعيفيٰ ڏيئي ممبئي واپس هليو آيو ته کيس ممبئيءَ ٽاڪيز ۾ ڪم ملي ويو، جتي هن نيشنل ٿيٽر جي مدد سان سن 1945ع ۾ ذاتي فلم ”سرائي ڪي باهر“ ٺاهي پوءِ ماڊرن ٿيٽر جي نالي سان ادارو جوڙي ”دل جي آواز“ ۽ ”راکهه“ فلمون ٺاهيون پر ستت ئي سندس ادارو ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي ويهجي ويو. جنهن بعد هو ٻين فلمي ڪمپنين لاءِ اسڪرپٽ ۽ ڪهاڻيون لکڻ لڳو.
    ڪرشن چندر پنهنجي اسڪول جي زماني کان ئي ادب سان لڳاءُ رکندڙ ترقي پسند سوچ ۽ فڪر وارو هڪ روشن خيال اديب هيو. هن پهريون افسانو ”جھلم پر نائو“ جي عنوان سان لکيو، جنهن کان پوءِ اهو سفر جاري رهيو. سندس لکيل ڪهاڻين جو تعداد پنج هزار کان مٿي آهي ”ڪالو ڀنگي“، ”دادر پل ڪي بچي“، ”آدهي گهنٽي جو خدا“، ”طوفان ڪي ڪليا“ ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي انيڪ شاهڪار افسانا مشهور اٿس، هن موئن جي دڙي جو خزانو، ستاويهه ناول، چار ٻاراڻا ناول، چار ڊرامن ۽ ٻه مزاحيه مضمونن جا مجموعا، هڪ رپورٽ تار، ٻه خاڪن ۽ ٽي ادبي مضمونن جي مجموعن کان علاوه سوين فلمن جون ڪهاڻيون، اسڪرپٽ، اسڪرين پلي، ريڊيو، ٿيٽر ڊراما لکي ادب ۾ پنهنجو نانءُ لازوال بڻايو آهي.
    ننڍي کنڊ جي وڏي ادبي تنظيم ۽ تحريڪ انجمن ترقي پسند مصنفين سان واڱيل ۽ ان جو مرڪزي سيڪريٽري رهندڙ ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ سماج جي غربت وڪوڙيل ۽ ڌڌڪاريل طبقي جي نمائندگي سان گڏ آفاقي قدرن جي سچائي ۽ حقيقت نگاري بنيادي مرڪز رهي آهي. پنهنجي چاليهه سالن جي ادبي سفر واري پورهئي ۾ هزارن ايوارڊن، اعزازن کان علاوه سن 1966ع ۾ سوويت نهرو ايوارڊ ۽ سن 1969ع ۾ کيس هندوستان سرڪار جو اعليٰ سول ايوارڊ پدم بهوشن ۽ نهرو ڪلچرل ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو. 8 مارچ 1977ع تي ديهانت ڪندڙ هي عظيم افسانه نگار ادب ۾ هن نظريي جو قائل آهي ته ”اجتماعي طور تي خوبصورتي کي پالڻ ۽ غريبي کي وڃائي سُک ماڻڻ کي ئي مان انسانيت جو اصل مقصد ٿو سمجهان ۽ ان تي لکڻ پڻ پسند ٿو ڪيان.“ هت هن جي عالمي شاهڪار ڪهاڻي ”ٻه وِکا ڊگهي سڙڪ“ جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.


    [اردو ڪهاڻي _ ڪرشن چندر]

    ٻه وِکا ڊگهي سڙڪ!


    لا ڪاليج کان ويندي ڪورٽ ڪچهري واري هنڌ تائين اها ئي هڪ بس ڊگهي سڙڪ هئي، جنهن تان هر نئين اڀرندڙ سج بعد منهنجو ڪڏهن ڪڏهن سائيڪل ته وري ڪڏهن پيرين پنڌ گذرڻ زندگي جي باقي ٻين معمول وارن ڪم ڪارن مان هڪ هيو.... ان سڙڪ جي ڪچي دڳ وارن ٻنهي پاسن کان سڙڪ جيان ئي ڊگهي قطار بڻيل ٻٻر جا سڪل ۽ اداس نظر ايندڙ وڻ به هوندا هئا جن جي وجود ۾ نه ڪو فطري حسن سمايل هيو نه ئي وري ڀاڪر ڀر جيتري ڇانؤَ هئي. اهي سالن کان وٺي پنهنجي سخت ۽ کُهري وجود سان جيئن جو تيئن هر وقت پنڊ پهڻ ٿيا نظر ايندا هئا.
    گذريل نون سالن جي عرصي کان هن سڙڪ مٿان ٻين هر روز هزارين ماڻهن سان گڏ مان به اچي وڃي رهيو هُيس هن سڙڪ کي پٿرن جي ڍير سان سٿي، ڪُٽي ائين ڀريو ويو هو جيئن ڪنهن ويهاڻي جي ڇوءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪپهه کي گُڏي، ڪُٽي سٿي ڀريو ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن سڙڪ ۾ ڪنهن به هنڌ ڪو جهاڪو... کڏو يا جهول ناهي آيو ۽ هاڻ مٿس جڏهن کان وٺي سڻڀي، تيل وارو رنگ ڇڙڪي، هاريو ويو اٿس ته اونهاري جي تيز گرمين وارن ڏينهن ۾ هڪ اهڙي عجيب بدبوءِ ڦهلندي هئي جنهن سان جيءَ ڪڙو ٿي پوندو هو پر مجبوري هي هئي جو ٻي ڪا سولائي نه ڏسندي هن سڙڪ تان پوءِ به گذرڻو پوندو هيو.
    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هيل تائين اهڙيون ٻيون کوڙ ساريون سڙڪون ڏٺيون آهن جيڪي ويڪريون، موچاريون ٺاهيون ويون هن جن جي ٻنهي ڀر هلندڙ قطار سان طرح طرح جا وڻ ٻوٽا رکيا ويا هن... انهن جي ڀيٽ ۾ الائي ڇو مون کي هيءَ سڙڪ بيحد وڻندي هئي ۽ هن باري ۾ ايتري ڄاڻ هئي جيتري ڪنهن يار کي، پنهنجي جگري يار جي باري ۾ هوندي آهي. هن سڙڪ جي بيهڪ ۽ بناوٽ ڪجهه اهڙي ريت هئي ڄڻ هوءَ پاڻ ئي چوندي هجي ”مون جھڙي ڪا ٻي نه آهي... نه ئي وري ٿيندي!“
    هن سڙڪ جي ڪاري ڊانبر واري اڏول ڇاتي مٿان هر روز ڪارن موٽر سائيڪلن، ٽانگن، سائيڪلن ۽ پيرين پنڌ وارن کان سواءِ نه ڄاڻ الائجي ڪيترا گڏهه، ٻڪريون ۽ ٻيا جانور به پنهنجي قدمن جي لتاڙ ڪندا هئا پوءِ به مٿس تر جيترو فرق ڪونه آيو هو شايد انهيءَ ڪري جو هن سڙڪ جي تعمير جو ٺيڪو هڪ انگريز ٺيڪيدار هٿان پورو ٿيو هو... سڙڪ تي روز ڪيترائي واقعا، حادثا ۽ ٻيا حالات رونما ٿيندا هئا پر انهن جو به رتيءَ برابر فرق نه پيو هيس.
    ”بابو صاحب.... او صاحب! ڏئي وڃ روپيو الله جي نانءَ تي... منهنجا ٻار بک تي آهن!“ اهي هٿ ڊگهو ڪري ٻاڏائيندڙ ڪردار ڪي لولا لنگڙا... انڌا.... ٻوڙا... ڪاڻا ته وري ڪي مظلوم... رحم جوڳا منهن کنيو مٽيءَ ۾ مٽيءَ بڻيا نظر ايندا هئا جن کي جڏهن موٽ ۾ ڪجهه به پلئه نه پوندو هو ته سندن بڻ بڻ ۾ سموري جھان جي نفرت ڀرجي ايندي هئي.
    هڪ پوڙهو امير شخص پنهنجي موٽر ڪار ۾ سوار مڇن تي هٿ ڦيريندي پينو عورت کي تڪيندو وڃي ٿو، جنهن جي اکين مان ليئا پائيندڙ بيوسي به کيس خير لاءِ نٿي اتساهي... انهيءَ پٺيان ٻه نينگر سائيڪلن تي سوار آهن جن جي اکين ۾ سامهون ايندڙ موچاري عورت جي ساڙيءَ مان سج جي تجلي تي اڇا موتي چپجڻ لڳا آهن پر هو ماحول کان بي نياز بڻيل پنهنجي نوڪر سان ڳالهائڻ ۾ رڌل آهي....
    ڪجهه دير لئه سڙڪ ويران بڻجي وڃي ٿي سواءِ ان ٽانگي واري جي، جيڪو پنهنجي مئل گهوڙي کي ساهي ڏيڻ لئه هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل آهي پر اوچتو هڪ سپاهي زور سان سيٽي وڄائيندي اچي مٿان پويس ٿو.
    ”هت ڇو بيٺو آهين... اڙي او ٽانگي وارا هل! نڪر هتان ورنه ڪيانءِ ٿو چالان!“
    ”حضور! مان ته....“
    ”حضور جا پٽ! تون ڪونه مڙندين هٿ صدري ۾ وجهندي هل هاڻي ٿاڻي تي.“
    ٽانگي وارو پوءِ هٿ ۾ ٻيڻي ڪيل هڪ شئي، سپاهي جي کيسي ۾ سرڪائيندي وري ليلائي ٿو.
    ”تون ابو آهين... معافي ڏي... وري نه ائين ڪندس.“
    ”(....)“ ها! هي ته ڪجهه به نه آهي.“ پوءِ ڪجهه سوچيندي وري ڀڻڪي ٿو. ”چڱو هاڻ ٽر... ٽر هتان... وري نه ڏسانءِ ٻيهر.“
    ٽانگي وارو هو مئل گهوڙي کي هڪليندي اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌي ٿو ته هڪ انگريز آفيسر اچيس ٿو.
    ”ڪنٽومينٽ“
    ”صاحب! اٺ آنا!“
    ”اٺ آنا ڇو؟!“ ڇهه آنا... اوڪي؟!“
    ”نه صاحب نه... اهي گهٽ آهن.“
    ”ڇا؟ ڇا ٿو بڪين؟!“ ۽ پوءِ انگريز آفيسر جي هٿ ۾ کنيل بيد واري ڇڙي ٽانگي واري جي نيستي وجود مٿان ان وقت تائين، تيز تيز پوندي رهي جيسين ٻه اڌ نه ٿي هئي... گهڙي پل ۾ ٽانگي واري جي رڙين تي ماڻهن جو هشام مڙي ويو جن پٺيان سپاهي به ڊوڙي پهتو. ماڻهن جي هشام کي چيريندي اڳتي وڌي.
    معاملي جي نزاڪت سمجهندي هن به ٽانگي واري مٿان ڏمرندي کيس هيسايو. ”حرامي جا پٽ! هاڻ جو هاڻ صاحب بهادر جي پيرن تي ڪري معافي وٺ.“
    ٽانگي وارو پنهنجو ميرو پٽڪو لاهي، ان جي هڪ ڪنڊ سان اکين مان وهندڙ نيرا اگهندي سڏڪندي ڏڪندي انگريز جي قدمن هيٺ جهڪڻ لڳي ٿو. ائين هشام ڇڙوڇڙ ٿي وڃي ٿو ته سڙڪ به وري سنسان بڻجي وڃي ٿي.
    شام جا پاڇا وڌڻ لڳن ٿا... هڪ هڪ ڪري بجلي جا روشن ٿيندڙ بلب وڌندڙ اونداهه کي پنهنجي روشن وجود ۾ سموهڻ ٿا لڳن. انهيءَ سمي مان ڏسان ٿو ڪچهري کان سڏ پنڌ تي ميرن ڪپڙن ۾ ميرانجهڙيل بڻيل ٿڪيل.... بي ترتيب مزدور پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي ٿي وريا.
    ”ڏي خبر ادا! هاڻ ته پاڻ ڀرو ٿي ويو آهين؟“
    ”هائو ڀائو....“ نراس لهجي ۾ وراڻي.
    ”پوءِ پگهار ته چڳڙي ملئي ٿي نه؟!“
    ”بس! مڙئي گذارو آهي.“
    ”سٺو ٿيو... ڀائو شڪر ڪر... گهر جو گاڏو ته هلي پيو ٿئي. اڳ ته حال اهو هئي جو تنهنجي گهر واري هڪ ڦاٽل ساڙهي ۾ پئي وقت گذاريندي هئي....“ ڪي پل ماٺ... پوءِ وري ماٺ ٽٽي ٿي.
    ”ٻڌو آهي ته جنگ لڳڻ واري آهي؟!“
    ”ڪڏهن ٿي لڳي، لهجي ۾ خوف ۽ مايوسي.“
    ”تنهن جي ڪا پڪي سُڌ ته ناهي... پر جي سچ ۾ جنگ لڳي پئي ماريا ته وري به اسين غريب ئي وينداسين.“
    ”ڪنهن جي ڪهڙي خبر غريب مري ڪي امير.“
    ڪجهه دير سانت رهي ٿي ۽ هو ٻئي ڳرن قدمن سان وڌندا رهن ٿا... ڪجهه سوچي خوشحال مزدور، بي حالي واري مزدور کان پڇڻ لڳي ٿو.
    ”خبر... تو وارو نينگر هاڻي ڪيئن آهي؟“
    ”پهريون جيان ئي آهي... تپ ۾ ٽانڊن جيان ٻرندو ٿو رهي.“
    ”چئبو ته ڊگهو بخار ٿو هليس... معنيٰ ته مليريا....“
    ”ها ادا! اٿس ته الائي ڇا... ڇوري کي بخار ڇڏڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي. ٻيو هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي پريشان لهجي ۾ وري کيس ٻڌائڻ ٿو لڳيس.
    ”بس! ڇا ڪيان، ڪا واهه نٿي سوجهي. هيڏانهن هڙ ۾ پائي به ناهي ته هوڏانهن هاڻ حڪيم به ٽڪي ڦوٽي کان جباب ڏئي ڇڏيو اٿم.“
    ”يار! جي منهنجي مڃين ته فوج ۾ ڀرتي ٿي وڃ.“
    ”هائو ڀائو! چوين ته سچ پيو، مان به اهو ئي سوچي رهيو هان...“ پوءِ خوشحالي ۾ گذاريندڙ مزدور موڪلائيندي چويس ٿو: ”چڱو هاڻ. موڪلاڻي ناهي.... الله ٻيلي!“
    ڦاٽل ڌوتين سان پيرين اگهاڙي ٿڪل قدم کڻي هلندڙ سڙڪ تي هاڻ هي الائي ته ڪهڙا ماڻهو هئا جيڪي نه ته مجاهد دين ٿي لڳا... نه ئي وري آزادي جا سپاهي... بک.... بيماري ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ اهي ڪجهه ڀريل ڀت وارا ته وري ڪي نيستا وجود رکندڙ پنهنجي ڌن ۾ مگن ٿي واچوڙي وانگر واءُ ٿي ويا هئا.
    هاڻ هڪ وهي کاهي چڙهيل وجود واري عورت سان گڏ جواني جي رُت ۾ ٽمندڙ نئين ساماڻيل ڇوڪري پنهنجي پنهنجي مٿن تي تازن ڇيڻن سان ڀريل ٽوڪرا کنيو ٿي آيون اڌڙوٽ عمر واري عورت خچر جيان سهڪندي ٿي هلي ته جوانڙي جواني جي جذبن سان ٽمٽار جنهن کي ڇُوهُو هلندو ڏسي پوڙهيءَ ڇڙٻ ڏيندي چيو هيس.
    ”ڇوري ٿورو بيهه ته سهي... ائين هوا بڻيو ٿي وڃي.“ پوڙهيءَ جي چهري تي وقت ۽ حالتن جا نشان جهير جهير جي شڪل ۾ چٽا بيٺا هئا. اڙي نڀاڳي! توکي منهنجو تِر جيتروبه خيال ناهي.“
    ”ائي امان! گهر هلي سانجڻ ڪرڻي آهي سڀ خبر اٿئي پوءِ به چوين پئي ته آهستي هلان.“ ڌي جو اهڙو جواب ٻڌي ادهيڙ عمر واري ڳڻتي ۾ وٺجي صرف ايترو وراڻو ڏنس.
    ”چڱو امڙ! جيڪا تنهنجي مرضي....“
    پنهنجي هيڻي وجود جي سموري ست کي سنڀالي هوءَ ڌيءَ پٺيان ائين ئي سهڪندي، سهڪندي هلندي جيئن ڪنهن گڏهه گاڏي ۾ وڌل مينهن جي ڦر پٺيان ماءُ هيڪندي هلندي رهندي آهي. اها پوڙهي نه ڄاڻ الائي ڪيترن صدين کان وٺي پنهنجي ٻار هيڻي وجود سان ڇيڻن جي ڳري بار واري اها ٽوڪري کڻي هلي رهي آهي جنهن جي جهير ڏنل چهري تي وقت پنهنجا ڪيترائي نشان ڇڏيا ها.
    هاڻ مان ڏسان ٿو حسين. چنچل ادائن وارا موچارا وجود جوانيءَ جي نشي ۾ مست. دلربا ادائن سان سڙڪ تي هلي رهيا آهن جن وچ ۾ ڪو معاملو حل ٿيڻ جوڳو ئي نه هو.
    ”ڇو نه اڄ شملا پهاڙي جي تفريح ڪجي.“
    ”نه... هرگز به نه... ڇڏيو شملا وملا... اڄ پاڻ لارنس گارڊن ٿا هلون.“ ٻئي احتجاج سان گڏ پنهنجي پسند به مڙهي هئي.
    ”اچو ته سڀ انارڪلي ٿا ڏسي اچون.“
    ”منهنجو خيال هي آهي ته ريگل هلجي.“
    ۽ پوءِ چارئي ڄڻيون ڪٻرين جيان شور مچائڻ لڳن ٿيون ته اوچتو ئي هڪ تيز حشمت ڀريو لهجو گونجي پوي ٿو.
    ”ماٺ ڪيو سڀ... مان چوان ٿي ڪاڏي به هاڻ هلڻ جي ضرورت ناهي رهي... هاڻ جو هاڻ هڙئي واپس هلو.“
    اڄوڪي ڏينهن تي سڙڪ سڃاڻ کان ئي ٻاهر ڏسان ٿو جنهن جي ٻنهي ڀر رنگ برنگي جهنڊيون... بينر هڻي کيس نئين ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو. ها! اڄ ڪو وڏو ۽ معتبر ماڻهو اچڻ وارو هو جنهن جي آڌرڀاءُ لاءِ اسڪولي ٻارڙن کي هٿن ۾ جهنڊيون ڏئي قطار جي صورت ۾ بيهاريو ويو هو ۽ هاڻ ڏيڍ ڪلاڪ ائين بيٺي ڪومل معصوم وجود سج جي تپش ۾ ٽامي جيان تپي ويا ها. سندن چپن کي خشڪي وڪوڙي وئي هئي. پوءِ به چڙ... بيزاري ۽ بي قراري تي قابو پائيندي پنهنجي باادب هئڻ جو مثال پيش ڪري رهيا ها جن مان ڪي هوشيار اک ڀڄي وڻن جي ٽارين پٺيان ٿي لڪي بيٺا. سندن استاد هرهڪ کي جاچيندي هوشياري ڪندي پنهنجي عزت بچائڻ ۾ ائين رڌل هيا جيئن چالاڪي سان ٻلي ڪوئن پٺيان هوندي آهي.
    ”اڙي شمن! پنهنجي ٽوپي سڌي ڪر.“
    ”غلاموءَ جا پٽ! هوشيار ٿي....“
    ”ڇورا پيرن ۾ اچي اڳٺ پيو اٿئي....“
    استادن جي دهمانن ۽ دڙڪن تي بي چين بڻيل ٻار هراسجي ۽ ٿڪجي پيا ها... جن مان نيٺ هڪڙي دانهن ڪندي نيٺ چئي ڏنو.
    ”سائين! پاڻي؟!“
    ”اڙي ڪٿان آڻيان پاڻي؟!!... هت ڪو پنهنجو گهر ڏٺو اٿئي ڇا؟! بس! باقي ٿوري دير آهي تيستائين پنهنجي ڏوگهي تي قابو رک.“
    ٻه چار... ڏهه... ويهه منٽ گذري وڃن ٿا معصوم خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي اڃ وگهي وري ٻاڪاري ٿو.
    ”او سائين! منهنجو دم ٿو نڪري... پاڻي گهرجي... پاڻي.“
    پر هن جي فرياد اڻ ٻڌي ڪندي هڪ استاد باقي سمورن شاگردن کي هوشياري وٺائڻ ٿو لڳي.
    ”سڀ جا سڀ غور سان ٻڌو... جهنڊيون هن طرح سان (هٿ لوڏيندي) لوڏڻيون آهن، سمجهو ٿا نه ڪابه غلطي نه ڪجو.
    ”... ورنه....“ شاگردن تي نظر پوندي ئي استاد ڪاوڙ وچان باهه ٿي وڃي ٿو.
    ”اڙي نالائقو! جهنڊيون ڪيڏانهن ڪيو اٿئو.“
    ”هي ڇورا خالي هٿين هن ڪڍو هنن کي ٻاهر ڪٿي مارائي نه وجهن پاڻ کي....“ ٻئي خبرداري ڪندي پهرئين کي صلاح ڏني هئي.
    اوچتو بي چين ٿيل وجودن ۾ حرڪت پيدا ٿي پوي ٿي ۽ سڀ جا سڀ شاگرد بي دليو هٿ هوا ۾ لهرائي جهنڊيون ڦڙڪائڻ لڳا ها ڏسندي ئي معزز ماڻهو اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويو ته هرهڪ جي ساهه ۾ ساهه موٽي آيو قطار بڻيل هجوم ڪک پن ٿي ويو جن جي هٿن واريون جهنڊيون هاڻ پيرن ۾ لتاڙجي رهيون هيون... هوڪي وارا به هاڻ طرح طرح جون شيون کنيو ميدان ۾ لهي پيا ها.
    هاڻ مان ڏسان ٿو ته صبح جي ڦهلندڙ سوجهري ۾ جمعدار پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻهارو ڦيريندي سڙڪ جي سيني کي صاف ڪري رهيو آهي جنهن جي نڪ تائين رومال ائين ويڙهيل آهي جيئن ڳاهه ۾ ٻڌل ڏاندن جي وات تي ٻنجو ڏئي سندن وات ٻڌو ويندو آهي... جنهن پٺيان پکالي آهستي آهستي پاڻ ڇڻڪي وڌندو ٿي ويو... هن جي سامهون ايندڙ هڪ ڏاند گاڏي جي جوٽيل پاڃاري ۾ ٻه ڏاند وڏي بيزارگي مان اڳتي وڌي وڃن ٿا ته هُو پنهنجي منهن سر وکيري جهونگارڻ ٿو لڳي... پر سڙڪ جي هڪ پاسي ڪالهه شام کان پيل مئل گڏهه جي طرف ڪنهن جو به ڌيان ناهي جنهن جا ڏند ڀڪوڙيل ۽ وات اڌ تائين کليل رهجي ويل آهي جنهن کي غور سان تڪجي ته ائين محسوس ٿئي ٿو گڏهه ڄڻ چوندو هجي.
    ”الله جي واسطي مون تي رحم کائو....“ پر هت ڪوبه ڪنهن مٿان رحم کائڻ لاءِ تيار ناهي... صرف اِها سنسان سڙڪ ئي آهي جو روز جا اهڙا هزارين ٿيندڙ لقاءَ ماٺ ڪيو ڏسي رهي آهي.
    ۽ مان... ها! مان به پاڻ تي جک کائيندي اڪثر هي سوچيندو آهيان ته ”جيڪر! هن سڙڪ کي ڊائنامائيٽ سان هميشه هميشه لاءِ اڏائي ڇڏيان.“ ۽ پوءِ سڙڪ جا اڏندڙ ٽڪرا ٽڪرا ڏسي جيڪا خوشي دل کي ملندي ان احساس جي لذت کي به مان ئي محسوس ڪري سگهان... ها! انهيءَ سڙڪ تي هلندي. لڇندي... سوچيندي... دل چوندي آهي ته ڪپڙا تن تان لاهي الف اگهاڙو بڻجي، مستي ۾ سرشار ٿي نچندو رهان... مون کي انسانن کان نفرت آهي. مون کي چاهيو ڀلي پاگل خاني ۾ رهايو. پر مان هاڻ هن سڙڪ تي آزاد گهمڻ هرگز به نٿو چاهيان.


    ابابيل : خواجه احمد عباس

    خواجه احمد عباس
    (1914ع ــ 1978ع)

    ننڍي کنڊ جي عظيم تخليق ڪارن منجهان آرٽ ۽ ادب جي شعبن ۾ غير معمولي حيثيت رکندڙ خواجه احمد عباس به هڪ آهي، جنهن جو جنم 7 جون 1914ع تي هندوستان جي تاريخي شهر پاني پت جي رياست هريانه ۾ ٿيو. والد جو نالو غلام السبطين انصاري ۽ والده مسروره خاتون هئي جيڪا مولانا حالي جي پوٽي هئي. شروعاتي تعليم حالي مسلم هاءِ اسڪول قلندر پاني پت مان ۽ انٽرميڊيٽ علي مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان، بي. اي 1933ع ۾ ۽ ايم. اي 1935ع ۾ علي ڳڙهه مان حاصل ڪئي. عملي زندگي جي شروعات سن 1933ع ڌارائي صحافت ۾ ”نيشنل ڪال“ ۽ ”هندوستان ٽائيمز“ اخبارن سان ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي هن هفتيوار اخبار ”علي ڳڙهه اوپينين“ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. بمبئيءَ ۾ اچي هُو ”بمبئيءَ ڪرانيڪل“ ۾ لکڻ لڳو، جتان فلمي دنيا ۾ ”بمبئي ٽاڪيز“ اداري ۾ پارٽ ٽائيم نوڪري سان گهڙيو ۽ ڏسندي ئي انڊين موش پڪچرز پوءِ پروڊيوسر ڊاڪيومينٽري، پروڊيوسر ايسوسيئيشن، فلم ڊائريڪٽر ايسوسيئيشن ۽ آخر ۾ فلم رائيٽر ايسوسيئيشن جو حصو بڻجي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو.
    خواجه احمد عباس جيئن ته آرٽ ۽ ادب جي شعبي جو ماڻهو هيو سو هن آرٽ جي دنيا ۾ 50 کان مٿي فلمي ڪهاڻيون، مڪالما، اسڪرين پلي ۽ ڪجهه يادگار فلمون پڻ هدايت ڏنيون، جن ۾ ڌرتي ڪي لعل، انهوني، شهر اور سپنا، آواره، پرديسي، آج اور ڪل، ڊاڪٽر ڪوئنس ڪي امر ڪهاني، ميرا نام جوڪر، بوبي، سات هندوستاني، دو بوند پاني، محل وغيره شامل آهن. جن کيس عالمي سطح تي نه صرف شهرت بخشي پر فلم انسٽيٽيوٽ آف پونا جو وزيٽنگ پروفيسر، ٻه سال انڊين فلم ڊائريڪٽر ايسوسيئيشن جو صدر به منتخب ڪيو ويو. هن جاپان، آمريڪا، فرانس ۽ عرب ملڪن جا پڻ دورا ڪيا.
    ادبي دنيا ۾ لکڻ جي شروعات خواجه احمد عباس فنِ افسانه نگاري سان ڪئي. هن جي پهرئين ڪهاڻي سن 1937ع ۾ ”ابابيل“ لکي ۽ پوءِ ناول، ڊرامن، رپورٽ تاز ۽ صحافت جي شعبن ۾ مسلسل لکي پنهنجي ادبي صلاحيتن کي به مڃرايو. سندس سڃاڻپ جو ڀرپور حوالو افسانه نگار جو آهي. هن پنهنجن ڪهاڻين ۾ زندگي جي خوشين کان محروم ۽ سماج ۾ پٺتي پيل ڌڪاريل ڪردارن سان گڏ سماجي ناانصافي جي تصوير حقيقي انداز ۾ چٽي آهي. سندس ادبي سرمايو ڏهه اردو ۽ ٽي هندي افسانوي مجموعن، ٻن ڊرامن، ٽن ناولن، ٻن رپورٽ تاز، هڪ فلم نگري هڪ سياست، ٻن آپ بيتن ۽ ويهن مختلف موضوعن وارن انگريزي ڪتابن تي مشتمل آهي. جن مان زعفران ڪي پهول، انقلاب، چار دل چار راهين ۽ مين ڪون هون وغيره گهڻا مشهور ٿيل آهن.
    پنهنجي طويل ادبي ۽ فني ڪيريئر ۾ خواجه احمد عباس کي مڃتا طور تي ڪيترن ئي اعزازن، ميڊل ۽ شيلڊن سان نوازيو ويو، جن مان ڪجهه هي آهن:

    1. 1968ع ۾ ادب جو پدم شري ايوارڊ
    2. اردو اڪيڊمي ڀوپال طرفان ادب جو ميرا ايوارڊ
    3. قومي يڪجھتي تي بهار جو اردو جرنلسٽ ايوارڊ
    4. هريانه سرڪار پاران ادب جو ايوارڊ ۽ شال
    5. فلم .شهر او سپنا“ تي پريزيڊنٽ گولڊ ميڊل
    6. اطياله ڪار لو دي دارا پاران بهترين هدايت ڪاري تي فلم فيسٽيول ايوارڊ
    7. فلم ”شهر او سپنا“ تي گمون اپس فلم فيسٽيول ايوارڊ
    8. سنتا باربرا آمريڪا فلم فيسٽيول آمريڪا پاران ايوارڊ
    9. سون جي مهر ”نڪلائٽ“ اسڪريت تي اطالبه جو فلم فيسٽيول ايوارڊ
    10. 1983ع ۾ مودي غالب ايوارڊ

    زندگي جي سچاين جي ترجماني ڪندڙ خواجه احمد عباس پنهنجي لکڻين بابت چوي ٿو ته ”ڪجهه چوڻ واري دلچسپ ڳالهه ڀيرائتي انداز سان بيان ڪرڻ، ماڻهن کي سڃاڻڻ ۽ پنهنجن نظرين کي سڃاڻڻ زندگي جي سچائي آهي.“ هن جي اهڙين حقيقي سچائين جو اعليٰ مثال شاهڪار ڪهاڻي ”ابابيل“ جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.


    [اردو ڪهاڻي _ خواجه احمد عباسي]

    ابابيل

    هُن جو نالو رحيم خان هو پر هُن جھڙو ظالم ۽ پٿر دل انسان شايد ئي ڪو ٻيو هجي. سندس نانءَ کڻڻ کان سڄو ڳوٺ لنوائيندو ۽ ڊڄندو هيو. هُو نه ماڻهن تي رحم کائيندو هو نه ئي وري جانورن تي کيس ڪا ڪهل ايندي هئي. هڪڙي ڏيهاڙي رامو لوهار جي پُٽ هُن جي ڏاندن جي پُڇ ۾ ڪک ٻڌي ڇڏيا. بس! پوءِ ته کيس ماري ماري صفا اڌ مئو ڪري رکيائين. ٻيءَ ڀيري وري ائين ٿيو جو زميندار جي گهوڙي سندس ٻنيءَ منجهه ڪاهي هن جي فصل جي ڀيل ڪئي ته اُن کي به هُن لٺ سان ايترو ڪُٽيو جو گهوڙي رت ۾ وهنجي پئي. تڏهن ئي ته هن لئه هرڪو ئي چوندو هو.
    ”ظالم کي ڪو خدا جو ذرو به خوف ناهي....“
    معصوم ٻارڙن ۽ بي زبان ڍورن کي به معاف نٿو ڪري.“
    هي سڀ هن جي غير موجودگيءَ ۾ چيو ويندو هو ان ڪري جو سامهون ٿي ڳالهائڻ جي همت ڪنهن منجهه به ڪانه هئي. هڪ ڀيري بندوءَ کي کُٽيءَ کنيو جنهن منهن تي چئي ڏنو هئائينس.
    ”ڀاءُ رحيم! ٻارڙن کي ڇو ماريندو آهين؟!“
    بس! پوءِ ته هن جي اهڙي حالت ڪيائين جو هر ڪنهن توبهه ڪندي ساڻس ڳالهائڻ ته پري پر خير جو سلام ڪرڻ به ڇڏي ڏنو هو. هڪ جو هي خيال هيو ته ”رحيمو جو دماغ خراب آهي، جنهن ڪري هن کي جلد کان جلد پاگل خاني داخل ڪرايو وڃي.“ ڪنهن ٻئي وري جوش ۾ ڀڙڪو ڏيندي چئي ڏنو هو ”جي هاڻي هن ڪنهن سان به اڳرائي ڪئي ته پوءِ ٿاڻي تي رپورٽ ڪبي.“ پر اهو ممڪن نه هو جو هن خلاف شاهدي ڏئي ڪو ئي به مفت ۾ پاڻ سان دشمني ڪري.“
    آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي ڳوٺ جو هرهڪ ماڻهوءَ هن کان پري ٿيندو ويو پر رحيمو تي انهيءَ جو ڪوبه اثر نه ٿيو ايتري قدر جو هُو هڪ ڳوٺ ۾ رهندي به ڳوٺ وارن لاءِ ڄڻ ڌاريو بڻجي پيو پوءِ به پنهنجي معمول مطابق زندگي گذاريندو رهيو. پرهه ڦٽيءَ ويل هر ڪلهي تي رکي جڏهن ٻنيءَ طرف نڪرندو هو ته دڳ ۾ نه ڪنهن سان ڳالهائيندو هو نه ڪنهن طرف اک کڻي تڪيندو هو. ٻنيءَ ۾ پهچي پنهنجي ڏاندن جوڙي سان سڄو ڏينهن ڪم ڪندي ائين ڳالهائيندو رهندو هو، جھڙوڪ کي ڪنهن سان ڪچهري ڪندو هجي. هن ڏاندن جا نانءَ به رکيا هئا. هڪ کي نٿو ته وري ٻئي کي ڇدُو سڏيندو هو.
    ”اڙي نٿو! تون سنئو ٿي ڇو نٿو هلين.... ٻڌاءِ هيءَ ٻني جو هَرُ تنهنجو پيءُ پورو ڪندو... ڇدو! تنهنجي به شامت آئي آهي ڇا؟!!....“
    جڏهن کيس ڪاوڙ اچي ويندي هئي ته پوءِ سچ ۾ نٿو ۽ ڇدو مٿان هُن جي ڪاوڙ ڏمر بڻجي ڪرندي هئي. کين هٿ ۾ جهليل رسي سان ڪٽي ڪٽي ڦٽ وجهي ڇڏيندو هو. باقي رهي سهي ڪاوڙ شام جو گهر ايندي ئي ٻارن ۽ زال تي ڪڍي پوري ڪندو هو. ساڳ يا دال ۾ لوڻ مرچ گهٽ هجڻ جو بهانو ڪري زال کي اڍيڙي وجهندو هيو. ٻار کيڏندي گوڙ ڪندا ته کين ڏاندن واري رسي سان ماري ساڻو ڪري وجهندو هو. هر نئين سج سان گهر ۾ نئون ڊرامون رچائيندو هو. اوڙي پاڙي وارو هرڪو ئي اهو سڀ ڏسندي به چپ رهندا هئا، جو اهو سڀ هاڻ روز جو معمول بڻيل هيو، جيڪڏهن ڪو اڳتي وڌي وچ ۾ پوندو هيو ته پوءِ ان جو خير نه هوندو هيو. روز روز جي مار کائي سندس گهر واريءَ جي اِها حالت ٿي هئي جو هوءَ چاليهن جي هوندي به سٺ سالن جي نظر اچڻ لڳي. هڪ ڏينهن هن وڏي پٽ کي ايتري مار ڏني جو هو پيءَ کان ڪاوڙجي سندس پري جي هڪ مِٽ وٽ ڀر واري ڳوٺ ۾ وڃي رهيو، جنهن جي سِڪ ۾ سڙندي پڄرندي جوڻس هڪ ڏينهن ڊڄي چيو هو.
    ”جي هلاس پور وڃڻ ٿئي ته پوءِ نورو کي واپس گهر وٺي اچو... ڏاڍا ڏينهن ٿي ويا هن هاڻ هن بنا رهي نٿي سگهان.“
    ”ڇا ٿي چوين رن!... مان ۽ وري ان حراميءَ کي وٺي اچان، جيڪو پاڻ ويو آهي. ڪن کولي ٻڌ جي هُو هاڻ هن گهر ۾ موٽيو به ته هُن جون ٽنگون ڀڃي رکندس.“
    انهن ئي ڏينهن ۾ هن جو ننڍو پٽ به سندس روز جي مار ڪُٽ کان پاڻ آجو ڪرائي گهران ڀڄي وڃي ڀاءُ سان گڏ رهڻ لڳو. سندس زال تي به هاڻ هن جي مار جو رتيءَ برابر به اثر نه رهيو هو پوءِ به هن اهڙي سيکت ڏني هئس جو هوءَ برداشت نه ڪري سگهي ۽ هن جي غير موجودگي منجهه هميشه هميشه لاءِ گهر ڇڏي ڀاءُ سان وڃي ماءُ جي گهر رهڻ لڳي... سج لٿي جڏهن رحيمو گهر موٽيو ۽ خالي گهر ڏسي پل لئه حيرت ۾ آيو ته پاڙي واريءَ ڊڄندي هي سڀ ٻڌايو هيس.
    ”ادا رحيم خان! تنهنجي زال ماءُ جي گهر وئي آهي... ويندي چيائين پئي ته ٻن ٽن ڏينهن اندر موٽي ايندس.“
    پر رحيمو کي اها پڪ ٿي چڪي هئي ته هوءَ هاڻ ڪانه ورندي شايد تنهن سبب ڪري ئي هو اهو سڀ ماٺ ڪري ٻڌندو رهيو پوءِ ڏاندن جوڙي کي ڪلن سان ٻڌي گهر اندر هليو ويو. جيئن ئي ڪوٺي ۾ گهڙيو بکاري ٻليءَ مياؤن مياؤن ڪندي اچي پيرن منجهه پيس ته هن ڪاوڙ مان پڇ مان جهليندي در کان ٻاهر زور جي اڇل ڏئي ڇڏي هئي ۽ پوءِ چُلهه ۾ ڏٺائين ته صبح واري ٻريل باهه جي خاڪ ٺري چڪي هئي. گهر ۾ هاڻ ڪو اهڙو موجود ڪونه هيو جو هن جي لئه باهه ٻاري ماني پچائي رکي هان. هُو پوءِ کٽ تي ڊگهو ٿي چادر پائي سمهي پيو هو.
    صبح جو جنهن مهل رحيمو جي اک کلي ته سج ٻه ڪانا مٿي چڙهي بيٺو هو. هن کي به ڪا تڪڙ ڪانه هئي. هُو ٻڪريءَ جو کير پي، حقو ٺاهي کٽ تي ٺهي جڙي ويٺو ۽ مزي سان گُڙ... گُڙ ڪندي حقو پيئڻ لڳو. جڏهن سج جو پاڇو لڙي جهوپڙي اندر لڙيو ته هن پهريون ڀيرو پنهنجي گهر جو جائزو وٺندي نهاريو کيس ڀتين تي ڄارو جهجهو نظر آيو هو.
    ”ڇو نه اڄ گهر جي صفائي ڪجي.“
    پوءِ بانس جو لڪڙو کڻي، ان ۾ لٽو ٻڌي هُو ڀتين ۽ ڇت مٿان ڄميل ڄارو لاهڻ لڳو. اوچتو هن جي نظر ڪانن جي ڇت مٿان رکيل شهتير جي ڪنڊ وٽ بيهي رهي، جتي ابابيلن جو ٺاهيل آکيرو نظر آيو هيس ۽ جوڙي ابابيلن جي انهيءَ آکيري اندر ايندي ويندي پڻ ڏٺائين.
    ”هي آکيرو ڊاهي ٿو ڇڏيان.“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو پر پوءِ ارادو مٽي گهڙا منجي سوري ان تي بيهي آکيري ۾ اندر نهاريائين ته گوشت جي ڳاڙهين ٻوٽين جھڙا ٻه ننڍڙا ابابيل ٻچا نظر آيا هُيس جن جي چُون چُون جي آواز تي خوش ٿيندي هن سڄو هٿ جيئن آکيري اندر وجهڻ جي ڪئي ته نر ابابيل هن کي ٺونگا هڻندي ٻچن جو بچاءُ ڪرڻ لڳو.
    ”اڙي... اڙي کونچرا! اک ڪڍندين ڇا؟!!“ هي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو. ائين پهريون ڀيرو هن جي هٿان ڪو بچي ويو هيو ته اهو هي ابابيلن جو آکيرو هو.
    ٻئي ڏينهن کان هن معمول مطابق ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو. ڳوٺ جا ماڻهو اڃا تائين هن کان پري هيا. ٻنيءَ ۾ سڄو ڏينهن هر هلائيندي... پاڻي ڏيندي... گاهه ڪرڻ تائين پنهنجي ڪِرت ۾ جنبيل رهندو هيو پر سج لهڻ مهل ٿيندي ئي پويان پير ڪندي اچي گهر پهچندو. ڏاندن کي ٻڌي کين گاهه ڏئي پوءِ حقو ٺاهي پلنگ تي ويهي حقي جي نڙ مان گُڻِ... گُڻِ جا آواز ڪڍندي ابابيلن جي آکيري طرف تڪيندو رهندو.... ائين وقت گذرڻ لڳو گوشت جي ٻن ٻوٽين جھڙا ابابيلن جا ٻچا اڏامڻ جھڙا ٿي پيا، جن مٿان هن پنهنجي ٻن پٽن جا نالا نورو ۽ بندو رکيا ۽ پوءِ اهي چارئي ابابيل پکي هن جا دوست بڻجي پيا. ته هن جي سڀاءُ ۾ به تبديلي پيدا ٿيڻ لڳي، جنهن کي محسوس ڪندي ڳوٺ وارن کي اچرج وڪوڙي ويو. هاڻ هن جي ڏاندن جوڙو نٿو ۽ ڇدو به خوش هيا جن کي هن مار ڪُٽ ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي ۽ انهن جي ڦٽن جا نشان به مٽجڻ لڳا هئا.
    ٻنيءَ تان موٽندي هڪ شام ڌار دڳ ۾ ٻار راند روند ڪندي نظر آيس ۽ اوچتو هن کي ڏسي راند ڇڏي وٺي ڀڳا جن کان پنهنجا پادر به کڻڻ وسري ويا تڏهن هيءُ ٽهڪ ڏيندي کين چوندو رهيو.
    ”اڙي بيهو... ٻڌو ته سهي ائين ڪاڏي ٿا ڀڳا وڃو پٺيان... موٽي اچو مان هاڻ ڪنهن کي به مار ناهيان ڏيندو.“
    پر هڙئي ٻار کانئس گهڻو پري ڀڄي بيهي رهيا هئا. پوءِ هن هڪ نظر آسمان طرف کڻي نهاري جتي ڪارا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا هئا. ٿڌڙي گهلندڙ هير ڄڻ مينهن پوڻ جو اعلان ڪري رهي هئي. رحيمو پنهنجي منهن مرڪندو ڏاندن جوڙو هڪليندو تيز وکون ڀريندو اچي گهر پهتو. هن اڃا ڏاندن کي لانڍيءَ ۾ ٻڌو ئي مس ته زور سان وڏ ڦڙي وارو مينهن پوڻ شروع ٿي ويو. هن ڪوٺيءَ اندر اچي در بند ڪيو ۽ ڏيئو ٻاريو ته ڪوٺيءَ اندر زرد سوجهرو ڦهلجي ويو. معمول جيان پاروٿي ماني جا ڀورا ڀورا ڪري وڏي ابابيلن جي آکيري آڏو رکيائين پر اڄ چارئي ابابيل جڏهن ٻاهر ڪونه نڪتا ته هن کي حيرت وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وئي. پوءِ هن وڌي جيئن آکيري اندر نهاريو ته چارئي ابابيل پنهنجو منهن پرن منجهه ڏئي ڊنل نظر آيا هيس ان ڪري جو سندن آکيري مٿان ڇت وٽان هڪ سوراخ ٿيل هو جتان مينهن جو پاڻي پوڻ ڪري آکيرو پوري طرح سان پاڻي منجهه ڀڄي ويو هو.
    ”ڪجهه وقت مينهن ائين ئي وسندو رهيو ته هي آکيرو ڊهي پوندو ۽ ابابيل بي گهر بڻجي پوندا.“ اهو خيال ايندي ئي هڪ ٻيو خيال به هن ذهن ۾ آندو ”نه نه مان هنن کي بي گهر هرگز به ٿيڻ نه ڏيندس.“
    پوءِ طوفاني مينهن ۾ ڪوٺيءَ جو در کولي ڏاڪڻ رکي ڇت تي چڙهي ويو. مٽيءَ سان ڇت ۾ پيل سوراخ کي بند ڪري جڏهن هيٺ لهي ڪوٺيءَ ۾ پهتو ته سندس سمورو وجود مينهن جي پاڻيءَ ۾ ايترو پسي ويو جو پوسل ڪري کيس هر هر زور سان نِڇون اچڻ شروع ٿي ويون هيون. پر هن پرواهه نه ڪندي پنهنجا آلا ڪپڙا نپوڙي پلنگ تي چڙهي ويٺو ۽ چادر ويڙهي سمهي رهيو.
    ٻه ڏينهن گذري ويا هئا پر رحيمو کي ڪنهن به گهران ٻاهر نڪرندي ڪونه ڏٺو ۽ نه ئي وري هو ٻنيءَ تي ڪنهن هن کي ڪم ڪندي ڏٺو هو... آهستي آهستي هاڻ ڳوٺ ۾ چؤٻول شروع ٿي ويو هو. هرهڪ کي نه چاهيندي به رحيمو جي ڳڻتي ٿيڻ لڳي هئي. نيٺ ٽئين ڏينهن ڪالو زميندار سان ڪجهه ڳوٺاڻا خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ هن جي در وٽ اچي بيٺا هئا ته سندن ڪنن سان هن جو جهيڻو آواز ٽڪرايو هو.
    ”اڙي بندو... اڙي نورو... ڪاڏي مري ويا آهيو... اڄ توهان کي ماني ڪير کارائيندو....“
    ٻه ٽي ابابيل رحيمو آڏو اڏامندي ڏسي ۽ کيس ائين ڳالهائيندو ڏسي، ڪالو زميندار ڏک وچان ڳوٺ وارن ڏي منهن ڪندي چيو هو.
    ”افسوس! پٽن جي ياد ۾ ويچارو چريو ٿي پيو آهي... سڀاڻي شفا خاني وارن کي اطلاع ڪري هن کي پاگل خاني ڏياري موڪلينداسين.“
    صبح جو جڏهن شفا خاني وارا آيا ته سمورو ڳوٺ رحيمو جي در آڏو اچي مڙيو هو ۽ پوءِ جڏهن در کولي هن جي ڪوٺيءَ اندر گهڙيا ته هُو مري چڪو هو ۽ هن جي پلنگ جي چئني پاون کان چارئي ابابيل پنهنجو ڪنڌ نوايو ماٺ ۾ ويٺل هئا.


    راوي پار : گلزار

    گلزار

    پاڪستان جي شهر جھلم جي علائقي دينه ۾ 18 آگسٽ 1936ع تي سجن ڪور ۽ ماکن سنگهه جي سِکَ گهراڻي ۾ اک کوليندڙ گلزار جي باري ۾ هي ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته هُو ايندڙ وقت ۾ ادب ۽ آرٽ جي دنيا جو هڪ وڏو ۽ سگهارو نانءُ ٿي اڀرندو. جنهن جو سمورو خاندان باقي ٻين سکن سان گڏ سن 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻي ڪري جڏهن ڪيرلا رياست ۾ رهائش اختيار ڪئي ته انهيءَ دؤر ۾ ئي گلزار جي اندر جي تخليقڪار بي چين ٿي اڀريو، جيڪو هڪ گيرج ۾ ڪار مڪينڪ طور تي پهريان ڪم ڪندو هو. پنهنجي شوق جي اظهار کان پوءِ کيس هي چيو ويو ته ”جيڪڏهن تون سچ ۾ ليکڪ بڻجڻ چاهين ٿو ته پوءِ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙ.“ ۽ پوءِ هن واقعي ئي ائين ڪيو. ڪيرلا ڇڏي ڦوهه جوانيءَ ۾ جڏهن گلزار ممبئيءَ جي رنگين راتين واري شهر ۾ وارد ٿيو ته کيس اُن وقت جي چوٽيءَ وارن فلم سازن بمل راءِ ۽ هري ڪيش مکرجي جي ماتحتي ۾ نه صرف ڪم مليو پر هن جي لڪيل صلاحيتون به اجاگر ٿيڻ لڳيون. ائين هن سڀ کان پهريون گيتگار جي حيثيت جوڙي ۽ سن 1963ع ۾ عظيم موسيقار سچن ديو برمن جي لاءِ هڪ گيت فلم ”بندني“ لاءِ لکيو، جيڪو شيلندر سنگهه ڳايو ۽ ليجند اداڪاره نوتن تي فلمايو ويو، ائين هن پوءِ مدموهن کان وشال بهاوراج ۽ اي. آر رحمان تائين اهڙا سوين امر گيت لکيا، جيڪي هر دؤر جا لازوال بڻيا هن.
    گلزار جھڙن موسيقارن لئه ڏسندي ئي پوءِ فلمي ڪهاڻيڪار، اسڪرين پلي ليکڪ، ڊائيلاگ ليکڪ، هدايتڪار، فلمساز، ڊاڪيومينٽري فلم ساز ۽ ڊائريڪٽر، ادب ۾ مترجم، شاعر، ڪهاڻيڪار، نقاد، ليڪچرڪار، ڊراما ليکڪ ٿي هندوستان کان وٺي سموري دنيا تائين هڪ ڪلاسڪ واري حيثيت سان گڏ جينيئس شخصيت ۽ ڪردار جو مالڪ ٿي اُڀريو، جنهن جي ذات جا حوالا هزارين آهن، پر بالي ووڊ ۾ آرٽ جي تسلسل کي برقرار رکندڙ ۽ ڪتاب، خوشبو، ڪنارا، پربچي، ڪوشش، لباس، ميرا، آنڌي، ليڪن، ماچس ۽ هو تُو تُو جھڙيون بي مثال فلمون ٺاهيندڙ ۽ وري مرزا غالب تي يادگار ڊرامو ”مرزا غالب“ ٺاهيندڙ هڪ عظيم ڪلاڪار به سڏجي ٿو. ادبي دنيا ۾ وري دستخط، راوي پار ڪهاڻي ڪتاب ۽ چاند پکراج ڪا جھڙو شعري مجموعو ڏيندڙ گلزار موجوده دؤر ۾ مهانتا جي وڏي درجي تي پهتل آهي. سندس گهر واري راکي گلزار انڊين فلمن جي ليئجنڊ اداڪاره ته وري ڌيءَ ميگهنا گلزار پيءُ جيان هدايت ڪاري ۾ نالو ڪمايو آهي.

    [اردو ڪهاڻي _ گلزار]
    راوي پار


    پڻس گهر ۾ مري ويس... ماڻس پناهه گاهه ڪيمپ ۾ وڃائجي ويس... پوءِ به خبر ناهي درش سنگهه الائجي ڇو اڃا تائين چريو ڪونه ٿيو هو؟ اهڙين حالتن ۾ سندس زال شاهني هڪ ئي وقت وري ٻن جاڙن پٽن کي جنم ڏنو هيس. ٻن ابهم جاڙن پٽن کي ڏسي هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو خوش ٿئي... يا وري رڙيون ڪري روئي... قسمت هن سان وري هڪ ئي وقت هن هٿ وٺ... ۽ هن هٿ ڏي وارو هڪ عجيب سودو ڪيو هو.
    هر طرف اهو ئي چوٻول ٻڌڻ ۾ ٿي آيو ته آزادي يا ته ٿي وئي آهي يا وري ٿيڻ واري هئي... جي اها ٿي ويندي... ته پوءِ لائل پور ڪڏهن پهچندي هن بابت ڪنهن کي به ڪائي ڄاڻ ڪانه هئي. هر طرف قتل گيري جي بازار گرم لڳي پئي هئي... سک ۽ هندو سڀ پاڻ بچائيندي، پنهنجي گهر ڀاتين سميت گُردواري ۾ اچي گڏ ٿي رهيا هئا.
    درشن سنگهه جي زال رات ڏينهن سور کان رڙهي رهي هئي... آخر به ته هن جي ويم جا تازا ڏينهن هئا ۽ پهرين اولاد ڄڻي هئائين. درشن سنگهه هر رات جو جهيڙن بابت نيون نيون خبرون پيءُ کي ٻڌائيندي پريشان ٿي ويندو هو. پڻس کيس دلاسا ڏيندي چوندو هو ”ڪجهه به نه ٿيندو پٽ!... آءٌ چوان ٿو ڪجهه به نه ٿيندو... چڱو تون مون کي ٻڌاءِ. هيل تائين ڪنهن به هندو يا سک جي گهر کي ڪوئي نقصان پهتو آهي؟“ موٽ ۾ پيءُ کي رد ڪندي درشن سنگهه سوال اٿاريو هو.
    ”پر گردواري تي حملو ته ٿيو آهي نه بابا!... تون وري اسان سڀني کي وٺي اتي ٻين سان گڏجي مارڻ ٿو چاهين.“ درشن سنگهه کي به ابتي وراڻي ڏئي پڻس دل ساڙي رکي ته هو ماٺ ٿي هو. آسپاس وارن سڀني ڳوٺن مان آهستي آهستي هر ڪوئي گردواري ۾ وڃي گڏ ٿي رهيو هو. هڪ ڏينهن نيٺ هن پيءُ کي چئي ڏنو هو ”هڪ ٿي گڏجي رهڻ سان، وڏو حوصلو ملندو آهي، پنهنجي گهٽي ۾ به هاڻي اسان کان سواءِ ٻيو ڪو ناهي بچيو... بس! اسين ئي اڪيلا رهجي ويا آهيون.“
    پوءِ ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته درشن سنگهه هڪ رات جو پيءُ جي زور سان ڪرڻ جو آواز ٻڌو، جيڪو رات جي خاموشي کي ٽوڙي گونجيو هو. جنهن تي سڀئي گهر ڀاتي جاڳي اٿيا هئا. ٻاهر ماحول ۾ نعرن جو آواز گونجي رهيو جن آوازنن تي پڻس پنهنجي کٽ تان اٿي ڇت چڙهي ويو. هيٺ آڳر ۾ ڪرندي زور جي ڪوڏر هن جي مٿي ۾ کپي وئي هئي.
    وڏن هيلن آزارن سان درشن سنگهه پنهنجي پيءُ جون رسمون پوريون ڪيون پوءِ گهر جو قيمتي ۽ نازڪ سامان ويهاڻي ڇوءَ ۾ وجهي باقي گهر ڀاتين کي وٺي اچي ٻين سان گردواري ۾ گڏ ٿيو. جتي اڳ ئي پهتل ماڻهن جو انبوهه موجود هيو جنهن کي ڏسي هن جي من کي ڪي قدر شانتي ملي ۽ سندس دماغ ۾ موجود اڪيلي هئڻ جو احساس گهٽجي ويو ۽ زال کي وڏي واڪي سان چوڻ لڳو ”هاڻي اسين اڪيلا نه آهيون، ڀلي ڪوئي هجي يا نه هجي. پر واهگرو اسان سان گڏ آهي.“
    گردواري ۾ نوجوان خدمت جو هڪ جٿو ڏينهن رات ڪم ڪارين ۾ هو، ماڻهن پنهنجي پنهنجي گهرن مان ان، دال، اٽو ۽ گيهه وغيره پاڻ سان گڏ آندو هو. اهو سڀ انهن نوجوانن جي حوالي ڪري ڇڏيو هئائون جيڪي رات ڏينهن سڀني لئه کاڌو تيار ڪرائي رهيا هئا. پر آخر ڪيستائين؟ اهو سوال هرهڪ جي اکين ۾ پريشان جا ترورا بڻجي رقص ڪري رهيو جن سڀني جي آخري اميد سرڪاري هئي. سڀني کي اها پڪ هئي سرڪاري مصيبت جي هنن گهڙين ۾ ضرور واهر ڪندي ڪهڙي سرڪار ڪنهن سوال ڪيو هو.
    ”انگريز ته هليا ويا هتي پاڪستان ٺهيو آهي. پر اڃا تائين پاڪستاني سرڪاري ناهي ٺهي.“
    ”ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هر پاسي فوج گشت ڪري پنهنجي نگھباني هيٺ قافلن کي سرحد تي پهچائي رهي آهي.“ ڪنهن ٻئي وراڻيو هو.
    ”رفيوجي جي قافلن کي؟“
    ”رفيو جي ڇا آهن!؟“
    ”پناهگير...!!؟“
    ”پناهگير...!!؟“ سوال ورجائيندي.
    ”پر اڳي ته اهو لفظ ٻڌو ئي ناهي.“
    ڪجهه ڏينهن بعد نيٺ پناهگيرن جو هڪ قافلو تنگ ٿي گردواري کان هي اعلان ڪندي نڪري ويو هو. ”هتي ائين آخر ڪيستائين ويهنداسين اسين ته ٽيشڻ طرف وڃي رهيا آهيون. خبر پئي آهي ته ريلون هلڻ لڳيون آهن.“
    ”هائو! برابر سچ ٿو چوين... هاڻي پاڻ کي ئي همت ڪرڻي آهي.“ واهگرو اسان کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي ته ڪونه پهچائيندو؟
    جيئن جيئن گردواري مان پناهه ورتل آهستي آهستي نڪرڻ شروع ٿيا. گردواري ۾ هڪ خال پيدا ٿيندو ٿي ويو ۽ جڏهن ڪي نوان قافلا اچي پناهه وٺڻ لئه ٿي پهتا ته اهو خال ڄڻ ڀربو رهيو جن جي ٻڌايل خبرن سان ماڻهن جي وساميل اميدن جا ڏيئا ٻري پوندا هئا.
    ”ٽيشڻ تي وڏي ڪيمپ لڳي آهي.“
    ”ڪي ماڻهو بيماري ڪري مري رهيا آهن ته وري ڪي بک جي ڪارڻ....“
    ”پنج ڏينهن اڳ هڪ ريل گذري. پير رکڻ جيتري جاءِ به ڪانه هئي... ماڻهو ريل جي ڇت تائين سٿيا پيا هئا.“
    گردواري ۾ رات ڏينهن عبادت جاري هئي. اهڙين ڀلارين گهڙين ۾ شاهني هڪ ئي وقت ٻن جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو هو جن مان هڪ ايترو ڪمزور ڄائو، جو هن جي بچڻ جي ڪا ئي اميد نظر نه ٿي آئي. پر شاهني کيس ڇڪي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏيو هو.
    انهي رات جو ڪنهن هيءَ خبر اچي ڏني هئي ته پناهگيرن کي کڻڻ جي لاءِ هڪ خاص ريل اچي رهي آهي. جنهن ڪري ٽيشڻ تي نڪري هلڻ گهرجي.“ ۽ پوءِ هڪ وڏو انبوهه ماڻهن جو گردواري مان نڪري پيو هو، جن سان گڏ ئي درشن سنگهه به نڪري پيو. شاهني، هلڻ کان لاچار هئي. پر پٽن جي صدقي هلڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي جڏهن ته ماڻس هلڻ کان جواب ڏيندي هيءُ چيو هيس.
    ”پٽ! مان به اچي وينديس... پويان ايندڙ قافلي سان باحفاظت پاڻ ئي پهچي وينديس... تون زال ۽ ٻارن کي حفات سان سنڀالي نڪري هل.“
    درشن سنگهه ماءُ کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هو. ٻارن جيان ضد ڪري بيهي رهيو. پر پوءِ جڏهن ٻين ماڻهن هن جو حوصلو وڌائيندي کيس چيو هو ته ”تون نڪري هل سردار جي...! اسين به هڪ هڪ ٿي باڊر تي پهچي وينداسين... امڙ به اسان سان گڏجي اچي ويندي....“، درشن سنگهه به واهگرو جو آسرو ڪري نڪري پيو هو.
    درشن سنگهه ڪاٺ جي هڪ پڙ واري وڏي ٽوڪري ۾ پنهنجي تازن ڄاول جاڙن ٻارن کي حفاظت سان رکيو ۽ ان ٽوڪري کي هو پنهنجي مٿي تي ائين سنڀالي کڻي هلڻ لڳو ڄڻ پنهنجي خاندان جي سلامتي جو هو ئي اڪيلو وارث هجي... سچ ۾ به ته ائين ئي هيو. آخر هن دنيا ۾ درشن سنگهه جي نانءُ کي سندس اولاد ئي قائم رکڻ واري هئي.
    اسٽيشن تي ريل ته بيٺل هئي پر ريل ۾ تِر جيتري به جاءِ ڪانه هئي. ريل جي ڇت تي ماڻهو ائين اڀا بيٺا هئا. جيئن گاهه جا سلا زمين ۾ بيٺا هوندا آهن. درشن سنگهه جي زال جي هيڻي حال ۽ سندس تازن ڄاول ٻارن کي ڏسي ڪن ماڻهن کي مٿس رحم آيو، جن ريل جي ڇت تي چاڙهي ويهڻ جي جاءِ ڏني هيس.
    پورن ڏهن ڪلاڪن بعد پٽڙي تي بيٺل ريل ۾ جيئن چرپر پيدا ٿي تيئن ويٺلن بيٺلن سمورن سلامتي جو ساهه ڀريو هو. شام ڳاڙهي ٿي چڪي هئي. سج ڳاڙهاڻ جي گهيري ۾ اچي رت ۾ ٻڏل ٿي لڳو... شاهني جي ڇاتي ٺوٺ ڌرتيءَ جيان بڻجي وئي هئي. پوءِ به هوءَ هر هر هڪ کي ڇڏي، وري ٻئي کي ڇاتي سان لاهي کير پيارڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئي.
    ... ميرن، پراڻن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل ٻارن کي ڏسي، ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ شاهني گند جي ڍير تان ٻه پراڻيون ڳٺڙيون پاڻ سان گڏ جهولي ۾ رکي ويٺي هجي.
    ٻن ٽن ڪلاڪن جي سفر بعد جڏهن ريل رات جي اونداهي جي پيٽ ۾ داخل ٿي ته درشن سنگهه ٻارن کي تپاسي ڏٺو. هڪ هٿ پير هڻي روئي رهيو هو. جڏهن ته ٻيو بلڪل خاموش هو. هن کي هٿ لائيندي ئي محسوس ٿيو ته انهيءَ جو معصوم وجود ڪيتري وقت کان ٿڌو برف ٿي چڪو آهي.
    پوءِ درشن سنگهه جي زارون زار روئڻ تي ڀر ۾ ويٺل ماڻهن کي به ٻار جي مرڻ جي خبر پئي هئي... ڪجهه عورتن شاهني جي جهولي مان ٻار کڻن جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ خبر ناهي الائجي ڪهڙي وقت کان ٽوڪري سان چقمق جيان چنبڙي ويٺي هئي.
    ”نه... نه... مان هن کي نه ڏيندس... ڀاءُ کان سواءِ ٻيو کير ڪيئن پيئندو....“
    هڪ وڏي ڪوشش کان پوءِ ڪن عورتن شاهني کي ٽوڪري کان الڳ ڪيو هو.
    ريل ڏهه ڀيرا بيٺي، وري منزل جي طرف وڌي هلي هئي. ماڻهو اونداهه ۾ ساهه کڻي خالي اندازا هڻي رهيا هئا.
    ”بس! وزير آباد گذري وئي....“
    ”هيءَ ته اڃا گوجرانوالا آهي!....“
    ”هڪ ڪلاڪ جو سفر اڃا باقي آ... لاهور ايندي ئي سمجهو ته شهر هندوستان پهچي وينداسين.“
    ۽ پوءِ ”هر هر مهاديو....“
    ”جي... جي... هر... هر مهاديو“ جا نعرا رات جي اونداهي ۾ خاموشي کي ٽوڙي رهيا هئا. جڏهن ريل هڪ پل جي مٿان چڙهي هئي، ته ان پل تي ريل جا سڀئي پناهگير مسافر خوف وچان ڏڪي ويا هئا.
    ”راوي اچي ويو....“
    ”راوي اچي ويو... مطلب لاهور اچي ويو....“
    انهي گوڙ ۽ گهمسان ۾ هڪ ماڻهو درشن سنگهه جي ڪن ۾ چيو هو.
    ”سردار جي“ ٻار کي راوي ۾ اڇلي ڇڏ... هن جو ڪلياڻ ٿي ويندو... هاڻي هن کي هن پار کڻي وڃي ڇا ڪندين!“
    درشن سنگهه آهستي ڏڪندڙ هٿن سان ٽوڪري کي ٿورو سوريو ۽ پوءِ ميري ڪپڙي ۾ ويڙهيل ٻار کي ”واهگرو“ جو نعرو هڻندي جيئن راوي ۾ اڇليو. رات جي اونداهه ۾ ٻار جي روئڻ جو هلڪو آواز گونجي اٿيو. درشن سنگهه هڪدم گهٻرائجي شاهني طرف ڏٺو... مئل ٻار جنهن جي ڇاتي سان چنبڙيل هو... ۽ پوءِ هلندڙ ريل گاڏي ڇت مٿان هڪ رڙين جو آواز ريل جي تيز آواز ۾ دٻجي ويو هو.


    جنم ڏينهن : ويڪوم محمد بشير

    ويڪوم محمد بشير
    (1908ع ـــ 1994ع)

    هندوستان جي رياست ڪيرلا جي مسلم معاشري ۾ 21 جنوري 1908ع تي ويڪوم ڪوٽايم جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ويڪوم محمد بشير اهو پهريون وڏو مسلم اديب آهي، جنهن جي تخليقن ۾ مسلمان معاشري جو ماحول تهذيبي ۽ سماجي روايتن سان گڏ باقي ٻين قومن ۽ مذهبن جي ماڻهن جي حقيقي ترجماني مليالم ادب ۾ پهريون ڀيرو ملي ٿي. بشير جو والد وچولي طبقي وارو عمارتن لاءِ ڪاٺ فراهم ڪندڙ ٺيڪيدار هو پر گهر ڀاتين ۽ ٻين خانداني ذميوارين جي وڌڻ ڪري جيئن مالي مسئلن جو شڪار ٿيو تيئن بشير جو ننڍپڻ بُک، بدحالي ۽ غربت جو شڪار بڻجي ويو پوءِ به هن کي مليالم جي پرائمري اسڪول بعد انگلش ميڊيم اسڪول ويڪوم ۾ ويهاريو ويو پر پنجين درجي دوران ئي هو آزادي جي هلچل واري تحريڪ ۾ شامل ٿي مهاتما گانڌي جي فڪر، فلسفي ۽ جدوجھد جو حصو بڻجي ستيه گر آشرم ۾ وڃڻ لڳو، جلد ئي سياسي انقلابي سرگرمين ڪارڻ يارهن سالن جي عمر ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ننڍي عمر ۾ جيل ياترا به ڪيائين پوءِ ستيه گر جو باقاعده ميمبر بڻجي ڪيرلا ڇڏي بهار، ڪلڪتو، پشاور، قابل کان ٿي جڏهن ممبئي وريو ته ذهني طور تي باشعور بڻجي چڪو هو پر مالي مسئلو هميشه هن کي درپيش رهيو جنهن ڪري هر طرح جون ننڍڙيون نوڪريون ۽ ڌنڌا ڪندي چڱو عرصو جيب ڪترن، مرد طوائفن، کدڙن، مدارين، فقيرن ۽ درويشن سان به گڏ رهڻو پيس، آخر واپس ڪيرلا اچي پيءَ جي ڌنڌي ۾ ساڻس ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ سيالڪوٽ جي راندين وارن واپارين لاءِ ڪيرلا ۽ ڀر پاسي وارن شهرن ۾ ڪاٺ جي ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ لڳو.
    ادب ۾ چاليهه سال مسلسل عظيم ڪردار ۽ ڪهاڻيون تخليق ڪندڙ ويڪوم محمد بشير لکڻ جي شروعات سن 1937ع ۾ ڪهاڻين سان ڪئي. هي اهو دؤر چئجي ٿو جڏهن هن کي ڪهاڻي پوسٽ ڪرڻ لاءِ چار آنا به رُلي پني وٺڻا پوندا هئا. سندس ڪهاڻيون شروعات ۾ تاران ڪور مان نڪرندڙ رسالي ”نوجيون“ ۾ جڏهن شايع ٿيون ته ادب ۾ منفرد موضوعن ۽ ڪردارن ڪري هن جي هرهنڌ هاڪ ڄمي وئي. بشير بنيادي طور تي ناول نگار ۽ ترقي پسند فڪر جو پيروڪار، انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ پنهنجي حقيقي زندگي ۾ خود هڪ افسانوي ڪردار جي حيثيت رکندڙ ”بي پور“ جي نالي سان به سڏجيندڙ اهو برجستو ليکڪ رهيو آهي، جنهن کي جتي نئين نسل جو روح روان چئجي ٿو، اتي هزارين نون ليکڪن جو آئيڊيل به رهيو آهي. هن جا 13 ڪهاڻين جا معموعا، 14 ناول، هڪ ڊرامو، ٻه خطن جا مجموعا، هڪ تقريرن ۽ هڪ يادگيرين تي ٻڌل ڊائري، هڪ فلمي اسڪرين، ٻه انگريزي ڪهاڻين جا مجموعا، هڪ مضمون ۽ هڪ نظمن تي مشتمل مجموعو مليالم ادب ۾ شاهڪار جو درجو رکن ٿا. جن مان ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪهاڻيون انگريزي سان گڏ دنيا جي ٻين لاتعداد زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪا آهن. کيس ڪيترا ايوارڊ ۽ اعزاز به مليا جن مان ڪجهه هي آهن:

    1. 1970ع ۾ ساهتيه اڪادمي پاران فيلوشپ
    2. 1982ع ۾ حڪومت هند پاران پدم شري ايوارڊ
    3. 1987ع ۾ ڪالي ڪٽ يونيورسٽي پاران “ڊاڪٽر آف ليٽرز“ جي اعزازي سَندَ
    4. 1989ع ۾ ڪيريلا رياست پاران سندس ڪهاڻي ”ميٿي لوڪل“ تي فلم ٺهڻ بعد بهترين فلمي ڪهاڻي جو ايوارڊ
    5. 1992ع ۾ لالئي ٿهميڪا جو انترا جنم ايوارڊ
    6. 1993ع ۾ مٿاهوور ڪري ايوارڊ
    7. 1993ع ۾ ولا ٿولهو ايوارڊ

    پنهنجي سموري حياتي انسانيت جي برابري، آجپي لاءِ جاکوڙيندڙ بک، بدحالي ۽ غربت جو اونهو اڀياس ڪندڙ ڀڳت سنگهه، سکديو ۽ راج گر جي نظرين تحت معاشري ۾ امن ۽ آشتي جي متلاشي هن عظيم لکيڪ 86 ورهين جي ڄمار ۾ 5 جولاءِ 1996ع تي لاڏاڻو ڪيو، جنهن جي وفات سان نه رڳو هندوستاني ادبي دنيا ۾ پر عالمي ادب جي دنيا ۾ به هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن جو ڀرجڻ ناممڪن آهي. هتي هن جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي ”جنم ڏينهن“ جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.


    [هندي ڪهاڻي _ ويڪوم محمد بشير]

    جنم ڏينهن


    اڄ چنڊ جي اٺين تاريخ آهي ۽ منهنجو جنم ڏينهن آهي، مان معمول جي خلاف صبح ساجهر جو ئي ننڊ مان جاڳي اٿيم، وهنجي کانڌيءَ جي قميص ۽ ڌوتي پائي پيرن ۾ اچي رنگ جي هوائي چمپل وجهي، تيار ٿي آرام ڪرسي تي ويهاڻي جي ٽيڪ ڏيئي ويٺم ته منهنجي دل نراسائي سان ڀرجي آئي منهنجو پاڙيسري ميٿو جيڪو بي. اي جو شاگرد آهي مون کي معمول کان اڳ ئي تيار ڏسي پهريان ته حيران ٿيو پوءِ مسڪرائيندي سلام ڪري انگريزي ۾ چوڻ لڳو.
    ”هيلو! گڊ مارننگ...!“
    ”جي اُو... گڊ مارننگ....“ مون به کيس موٽ ڏني.
    ”اڄ توهان ايترو ساجهر اُٿي تيار ٿيا آهيو...؟ ڇا ڪنهن خاص هنڌ وڃي رهيا آهيو...؟“
    ”نه....“ مون ڪنڌ سان نهڪر ڪندي کيس ٻڌايو ته ”اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي.“
    ”جنم ڏينهن ۽ اوهان جو...؟“ هو اڃا تائين انگريزي ڳالهائي رهيو هو.
    ”خوشيءَ جو هيءُ ڏينهن خدا ڪري اوهان جي زندگيءَ ۾ بار بار اچي.“ پوءِ ميٿو پنهنجن ڏندن ۾ برش وجهندي غسل خاني ڏانهن وڃڻ لڳو.
    هر طرف کان صبح جي ماحول وارو گوڙ گهمسان اڀرڻ لڳو، جنهن سان ڪجهه گيت گنگنائڻ جا سُريلا آواز گڏ هئا، اهي شاگرد، ڪلارڪ هئا جيڪي پنهنجي پنهنجي گهرن کان اسڪول ۽ دفتر وڃڻ لاءِ نڪتا هئا.
    ”ڇا هنن کي ڪا ئي پريشاني آهي؟ جڏهن ته هنن سمورن جي زندگي پر اطمينان ۽ خوشي واري آهي.“ سندن بابت سوچيندي خيالن جو وهڪرو پاڻ طرف ڦري آيو هو.
    ”مون کي هڪ ڪوپ چانهه ڪهڙي ريت حاصل ٿي سگهندو ۽ منجهند ماني به لازمي آهي.“ پوءِ ياد اچڻ لڳو ته ڪالهه آءٌ جڏهن بازار مان گذري رهيو هئس ته حامد سان ملاقات ٿي هئي. جنهن ڪنهن به خاص اهتمام جي بنا منجهند جي ماني جي دعوت ڏني هئي. حامد هڪ معمولي شاعر آهي. پر ڏاڍو امير ماڻهو آهي. منجهند تائين چانهه جي بنا گذارو ڪرڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو. ڪمري ۾ ويٺي هاڻ هي خيال ڪرڻ لڳس ته ميٿو جو پوڙهو نوڪر هن لاءِ چانهه تيار ڪري رهيو هوندو ان ڪري جو منهنجي ڪمري جو اڌ ميٿو جو باورچي خانو بڻيل هيو جيڪو جاءِ جي مالڪ اٺ آنا ماهوار مسواڙ جي حساب سان مون کان ڇني کيس ڏنو هو.
    مان پاڙي جو اڪيلو ماڻهو آهيان، جنهن جي شڪل جاءِ جو مالڪ ڏسڻ پسند ناهي ڪندو ان ڪري جو کيس مان وقت سر مسواڙ ادا نه ڪري سگهندو آهيان. ڪجهه ٻيون پارٽيون به آهن جن کي مان سخت ناپسند آهيان جيئن هوٽل جو مالڪ ۽ سرڪاري هوٽل وارن جي ته مون تي وڏي رقم قرض جي صورت ۾ رهيل آهي. مان پنهنجن ڪپڙن، جوتن، گهر جي بابت گهڻو ٻڌائي ويٺو آهيان. هاڻي ڪجهه پنهنجي ليمپ جي بابت ٻڌائيندس، جڏهن ته پنهنجي باري ۾ هيءُ عرضِ حال آهي ته گذريل رات اڌ کان مان هٿ ۾ ڪاغذ ۽ قلم کنيو ڪمري کان ٻاهر شهر جي روڊن تي گشت ڪندو رهيو آهيان منهنجي ائين رلڻ جو مقصد پنهنجي ڊائري جي گذري ويل ڏينهن جي باري ۾ صبح کان سج لهڻ تائين سمورا معاملا درج ڪرڻ هيو پر ڇا آهي ته ڪمري ۾ رکيل ليمپ جو تيل پورو ٿي وڃڻ ڪري مان هنڌ مان اٿي نقوي جي ڀر واري باغ جي هڪ وڏي فانوس جي روشني ۾ ٿي ويٺس ۽ لکڻ شروع ڪيم ڇو ته اڃا تائين سموري ڏينهن جا واقعا منهنجي ذهن ۾ تازا هئا، جيڪي دل جي آسمان تي گڏ ٿي ڪارن ڪڪرن جيان مڙي هاڻ منهنجي من کي بي چين ڪري رهيا هئا هونئن اڄ ڪو خاص واقعو يا قصو ناهي ٿيو سواءِ هن جي ڳالهه ته اڄ منهنجو جنم ڏينهن هئو مان پنهنجي گهر کان پري نه مون وٽ ڪو پيسو آ نه ئي وري قرض کڻڻ لاءِ ڪو بهانو. هي پهريل ڪپڙا دوستن جا آهن. اهڙي ڪابه شيءِ ناهي جنهن کي مان پنهنجو چئي سگهان.
    مون کي ياد اچڻ لڳو ته ستين بجي ئي مون پاڻ سان هي وچن ڪيو هو ته اڄوڪي ڏينهن تي مون کي غلط ڳالهه ڪرڻ ۽ ڪنهن غلط عمل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اڄ نه ئي وري ڪنهن کان قرض وٺڻ گهرجي. اڄ مون کي انهن هزارين چهرن کان نرالو ٿيڻ گهرجي جيڪي سانڊي وانگر رنگ مٽائيندا رهندا آهن. اڄ منهنجي عمر ڪيتري ٿيندي گذريل سال جي عمر کان فقط هڪ سال وڏو هوندس پوئين سال ته مان شايد چوويهن جو نه ته پنجويهن يا ستٽيهن جو هوندس ٻيو وري ڇا؟؟ پاڻ بابت سوچيندي مونجهاري جو شڪار ٿي پيس وڌي وڃي پاڻ کي آئيني ۾ جاچيم هڪ منفرد چهرو جنهن جو نراڙ ڪشادو اکيون ٽڪ ٻڌي ويل ۽ تلوار جي طرز جھڙيون هلڪڙين مُڇن سان ايترو ويل به ناهيان نه ئي ڪو وڏي عمر جو ٿو لڳان پاڻ کي دلاسو ڏيندي جڏهن نظر ڪنن جي پاپڙين سان ملي ته ائين لڏي ويس جو ڄڻ ڪنهن ڌڪو ڏيئي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي... منهنجي ڪنن وٽان ڪارن وارن ۾ ڇڙوڇڙ اڇا وار چٽا نظر اچي رهيا هئا جن کي ڇڪي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم پر ناڪام ٿيس تڏهن ئي مٿي ۾ سور جي سٽ اڀرندي محسوس ٿي پر هي سور شايد چانهه نه پيئڻ جي ڪري هيو. نائين ڌاري هوٽل جو مالڪ گهوريندو بڇڙي شڪل ڪري هليو ويو ۽ پوءِ ميرن افعالن وارو هوٽل جو بيرو نينگر مون وٽ آيو ۽ رهيل رقم جي روڪ گُهر ڪرڻ لڳو.
    ”اڙي يار! پئسا سڀاڻي تائين ڏئي ڇڏيندوسانءِ.“ منهنجي عرضي رد ڪندي هن وري ساڳيو رينگٽ رڙيو.
    ”توهان ڪالهه به ائين ئي چيو هو مون کي توهان جو ڪو اعتبار ناهي سيٺ جو هي حڪم آهي ته پهريان رهيل رقم جيستائين نه ملندي چانهه ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!“
    ڏهين بجي منهنجا چپ خشڪ ٿي ويا نڙي سڪڻ لڳي، ڏينهن جي سخت گرمي پوڻ سان دل ته اڳ ئي نراس هئي ان وقت اٺن سالن جا ٻه عيسائي ڇوڪرا ڪاٺي جي ٺاهيل رانديڪن جو هوڪو ڏيندي اچي منهنجي در تي نڪتا جن ٻنهي جا منهن اس ۾ رلڻ ڪري پيلا ٿي ويا هئا سندن وجود پگهر ۾ شل هيو.
    ”ڇوڪرو! مون کي انهن جي ضرورت ناهي.“
    ”توهان جھڙا ماڻهو ڪونه خريد ڪندا ته پوءِ اسان کان هي شيون ڪير وٺندو؟“ هڪڙي ڇوڪري نراسائي مان وراڻيو.
    ”مون وٽ پيسا ناهن ان ڪري مان نٿو وٺي سگهان.“ هي ٻڌي ٻنهي جي چهرن تي بي اعتمادي ڇانئجي وئي ويچارا ٻئي سادي طبيعت هئا جو حقيقت کي سمجهي نه پئي سگهيا ڀلا ان ۾ هنن جو ڪهڙو ڏوهه هو. منهنجو لباس منهنجي آرام واري ڪرسي کي ڏسي هر ڪوئي عزت مان ”سائينءَ“، ”سر“ ڪري مخاطب ٿيندو هو جڏهن ته سچ هيءُ آهي ته مون وٽ موجود ڪابه شيءِ منهنجي ناهي مان هڪ ڪنگلو ماڻهو آهيان. ايستائين جو منهنجو پنهنجي جسم تي ڪوبه اختيار ناهي مان هندوستان جي هر شهر ۾ گهميو آهيان، ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي رهيو آهيان. مختلف شهرن ۾ مرد عورتون منهنجا دوست ۽ گهڻ گهريا آهن ان ڪري مان جسم جا سمورا عضوا، گوشت پوست ۽ هڏا به هندوستاني تصور ڪندو آهيان. ڪاش! منهنجي دل جي محبت سموري هندوستان ۾ چنڊ جي چانڊوڪي جيان ڦهلجي وڃي پر مون سان محبت ڪرڻ وارو ڪو هڪ به اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي مون سان همدردي هجي... مشهور آهي ته علم رازن تان پردو کڻندو آهي جيڪڏهن ڪنهن انسان جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي پرکيو وڃي ته وٽس ڪجهه باقي نه بچندو پيار ڏيڻ وٺڻ جي لاءِ ته ڪنهن دلڪش شيءِ جي ضرورت هوندي اهي وقت ڪيئن نه تيزي سان گذري ٿو جيڪو ٻارڙي وانگي پيءُ جي چيچ پڪڙيندو ۽ ماءُ جي ساڙيءَ جي پلوءَ کي پڪڙي پنهنجي معصومڙي لهجي ۾ چوندو هو ”امان مون کي بک لڳي اهي اڄ جواڻ جماڻ هوندي به ان ٻارڙي جيان بکيو هو وقت بي رحم سنگدل به آهي جنهن تي ڪنهن جو وس ناهي هلندو منهنجي آدرشن جا ڪيترائي تصور بم جيان دل جي ڌرتيءَ تي وسي رهيا هئا وجود ۾ هڪ جنگ جو ميدان متل هئو ۽ مان پاڻ کي ائين محسوس ڪري رهيو هيس جيئن ڪو زخمي مجاهد ڳري پهاڙ جي هيٺان دٻجي درد ۾ تڙپندو آهي. مٿي ۾ پوندڙ سور هاڻ شدت اختيار ڪري ويو هو ڇو ته مون چانهه ڪونه پيتي هئي سور جي ڪري ڪنڌ کڻڻ ۾ به تڪليف محسوس ٿي رهي هئي ”سٺو آهي ته مان ماني کائي اچان“ سوچيندي وري به خيال آيو پر ماني خاطر به ته هڪ ميل پنڌ ڪري وڃڻو پوندو! ڪجهه به هجي پيٽ ته ڀرجي ويندو ۽ بک به مٽجي ويندي.“ ائين سوچيندي مان نيٺ نڪري پيو هيس.
    يارهين بجي ڌارا حامد پنهنجي دوڪان تي موجود نه هئو منهنجي سوچن جو ٽٽل سلسلو وري جڙي پيو هو.
    ”ڪيڏو نه بهتر ٿي پوي ها ته حامد هجي ها ۽ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي هان... ممڪن آهي ته کيس ويسر ٿي پئي هجي... ته پوءِ ڇا مون کي سندس گهر وڃڻ گهرجي...؟؟!
    ساڍي يارهين بجي حامد جي ٻه ماڙ گهر جو لوهو در بند پيل هو.
    ”مسٽر حامد! مان دروازو کڙڪائي کيس آواز ڏنو پر ڪوبه جواب نه اچڻ تي ٻيهر کيس ٿورو زور سان سڏيندي دروازو کڙڪايم ”مسٽر حامد؟“ موٽ ۾ هڪ عورت ڪاوڙ ڀريل جواب ۾ وراڻي ڏني.
    ”حامد ناهي.“
    ”ڪيڏانهن ويو آهي؟ پر وري جواب ڪونه مليو ورڻ کان اڳ تنگ ٿي مان آخري ڀيرو سندس دروازو کڙڪايو ته اندران ڪنهن جي قدمن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا پوءِ چوڙين واري ٻانهه سان چوٽي ڦيرائيندي هڪ جوان عورت اڌ دروازو کولي ظاهر ٿي ۽ چوڻ لڳي.
    ”حامد ناهي کيس ڪنهن ضروري ڪم سانگي ٻاهر وڃڻو پيو آهي.“
    ”ٺيڪ آهي... پر هو ڪهڙي وقت موٽي ايندو؟“
    شام ڌارا... شايد اڃا به دير سان.“
    جڏهن هو واپس وري ته کيس مهرباني ڪري منهنجي اچڻ جو ضرور ٻڌائجو!
    بک ۾ پيڙهبي منهنجون هڏيون ڏڪي رهيون هيون. مان ڏاڍو پريشان هيس ان وقت پنهنجي حالت اهڙي هئي جيڪڏهن مٽي ملي پوءِ هان ته اها به ڳهي وڃان هان بک جي شدت کي هن احساس اڃا به وڌائي ڇڏيو ته مان ماني حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو هُيس.
    ساڍي يارهين بجي منهنجا ڪجهه واقفڪار ڀر مان ائين گذريا هئا ڄڻ مان هنن لاءِ اوپرو هيس ڌاريو هيس منهنجا دوست اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي اچو مون لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريو... دعائون ڪريو. مان پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳس. آخر هنن واقفڪارن ائين لاپرواهي ڇو ڏيکاري اهو خيال وري ستائڻ لڳو شايد ان ڪري ته سي. آءِ. ڊي وارن جو هڪ ماڻهو منهنجي پٺيان آهي.
    هڪ بجي مان مسٽر پي وٽ پهتس، جيڪو اڳ هڪ اخبار جو مالڪ هئو ۽ هاڻي دوڪانداري تي گذارو هيس بک جي شدت ڪري اکين تي اونداهه ڇانئجي رهيو هو مون هن کان سوال ڪيو.
    ”انقلاب جي اچڻ ۾ ڪيتري دير آهي؟“
    ”تمام جلد اچڻ وارو آهي.“
    ”ڇا ڪا اهم ڳالهه آهي.“
    ”نه ڪجهه خاص ناهي بس، ائين آيو آهيان.“ منهنجا ڪيترائي ليک مسٽر بي جي نالي سان شايع ٿي چڪا هئا جن جو ملندڙن تي اثر وجهڻ لاءِ مسٽر پي انهن جي جلد سازي ڪرائي رکي هئي منهنجي تيز ڌڙڪندڙ دل مان هي آواز اڀري رهيو هو.
    ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان چانهه جي هڪ ڪوپ جي ضرورت ٿو سمجهان.“ پر مسٽر پي مون کان چانهه پيئڻ جو ڇو نٿو پڇي پر هن کي منهنجي ٿڪاوٽ جي ڪابه پرواهه نه هئي تڏهن منهنجي نظر دري کان ٻاهر گهڙيءَ ۾ پئي جتي ٻه نينگر ماني ڳڀي لاءِ هڪ ٻئي سان هٿين پئجي ويا هئا. مسٽر پي پنهنجي ميز جي خاني مان هڪ آنو ڪڍي ملازم ڇوڪر کي ڏيندي چوڻ لڳو.
    ”هيءُ وٺ چانهه کڻي آ.“ ڇوڪرو وڃڻ لڳو ۽ پوءِ هڪدم مڙي مون وٽ پهتو.
    ”ڇا توهان به چانهه پيئندا؟“
    ”نه“ مون کيس وراڻيو ۽ ڪنهن شيءِ جو بهانو ڪري هيٺ جهڪي ويس.
    ”تون مون کي پنهنجو ڪوبه ڪتاب ناهي ڏنو ڇو؟“ مسٽر پي شڪايتي انداز ۾ مخاطب ٿيو.
    ”جي ضرور ڏيندومانوَ.“
    ”مان انهن بابت تبصرا پڙهندو رهندو آهيان.“
    ”ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي.“ مان مسڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي کيس وراڻيو ان ڪري جو جڏهن انسان جي دل ئي وسامل هجي ته پوءِ منهن تي سچي مسڪراهٽ ڪٿان ايندي. هڪدم مان مسٽر پي جي دوڪان مان نڪتس ۽ روڊ تي هلڻ لڳس ته مون ڏٺو ته سي. آءِ. ڊي وارن جو ماڻهو منهنجي ڪڍ ڪڍ پٺيان اچي رهيو هو.
    مان بيحد ٿڪجي پنهنجي ڪمري واري آرام ڪرسي تي پيل هيس تڏهن ديده زيب لباس ۾ هڪ حسين اڻ ڄاتل جوان عورت منهنجي در تي اچي بيٺي هن هڪ هلڪڙي دل کي ڇهندڙ مسڪراهٽ سان مون کي تڪيو ۽ مسلسل اهڙين نگاهن سان گهورڻ لڳي جن ۾ هڪ دعوت جو پيغام هئو، کيس مان به گهورڻ لڳس ته دل ۾ هوس جي باهه ڀڙڪي اٿي ۽ پوءِ ڄڻ ته سموري بدن ۾ باهه لڳندي ٿي وئي، تڏهن مون کي پنهنجي دل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
    ”ڀيڻ تون ڪنهن ٻئي در وڃ توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به نه آهي.“ ۽ پوءِ هو منهن خراب ڪندي واپس وڃڻ لڳي هوءَ ڪنهن ڏوراهين علائقي مان آئي هئي، سيلاب جي ڪري هن جو ڳوٺ ٻڏي چڪو هئو ۽ هينئر وارين حالتن کان تنگ ٿي هي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور هئي پنهنجي بابت اهو سڀ واپس ورندي هن پاڻ ٻڌايو هو، جيڪا پنهنجي پٺيان اهڙي خوشبو ڇڏي وئي هئي جنهن جي سحر ۾ مان اڃا تائين غش هُيس.
    ٽين بجي منهنجي بي حسيءَ جو عالم ڏسڻ وٽان هئو جيڪڏهن مان قرض وٺان ته ان ۾ آخر ڪهڙي خرابي آهي؟ پاڻ کان سوال ڪندي قرض وٺڻ خاطر ڪيترائي نالا ذهن جي نقشي تي ائين تري آيا جيئن گهگهه اونداهه ۾ آسمان تي تارا نظر ايندا آهن پر هينئر ڪنهن کان اوڌر وٺڻ پنهنجي رتبي کي گهٽ ڪري هئو مان خودڪشي ڇو نه ڪيان پر اهڙي موت مرڻ جو خيال ذهن کي وري جهنجهوڙي ويو هو.
    ساڍي ٽي بجي منهنجي زبان وڦلڻ شروع ڪيو. ڪاش مان پاڻ کي سمونڊ جي ٿڌي پاڻي ۾ ٻوڙي ڇڏيان اهڙين ڪيترن ئي سوچن جي ور وڪڙن ۾ جڪڙيل هيس ته مون کي ٻن ايڊيٽرن جا خط مليا، جن واپسي جو پوسٽ لفافو به موڪليو هو هڪ نئين تخليقي ڪهاڻي جي گهر ڪئي هئي مان خط کي اتي ڦٽو ڪري بي وسيءَ جي حالت ۾ پيو رهيس ته در تي بيٺل ڪلارڪ ڪرشنا پلي جو پٽ ماچس وٺڻ آيو، جنهن کي مان هڪ گلاس پاڻي جو ڀري پيارڻ لاءِ چيو.
    ”مالڪ توهان جي طبيعت درست ناهي؟“ پر مان کيس چيو.
    ”نه مان بلڪل چڱو چست آهيان.“
    ”نه لڳي ٿو ته توهان کاڌو ناهي کاڌو.“ ٻارڙي جو معصوم چهرو، ڪاريون اکيون ۽ ڪارا داغ لڳل ڪپڙا پاتل هيا جنهن کي منهنجي جواب جو انتظار هو پر مون کي چپ ڏسي هن بڻڪيو.
    ”مون وٽ ٻه آنا آهن.“ هن رازداري ۾ ٻڌائيندي وري چيو.
    ”ايندڙ مهيني مان پنهنجي گهر ويندس توهان چاهيو ته استعمال ڪريو پر گهر وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ واپس ڪجو.“ الائي ڇو مان انهيءَ جي همدردي واري جذبي کان بيحد متاثر ٿيس کيس ها ڪئي ته هو ويو. انهيءَ وقت منهنجو دوست گنگادهر به اچي نڪتو جنهن کي اڇي قميص پهريل هئي هن جي چهري تي مايوسي پکڙجي وئي هئي جيتوڻيڪ منهنجي مٿي کي چڪر اچي رهيا هئا پر کلڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس.
    ”تون ڇو کلي رهيو آهين؟“ گنگادهر سوال ڪيو.
    ”اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي بس!“
    ائين ئي مذاق بند ڪر ۽ ڳالهه غور سان ٻڌ هڪ پريشاني منهن ڪڍيو آهي ٽن هزار جي ويجهو مزدورن هڙتال ڪئي آهي ۽ گذريل هفتي کان وٺي بک تي ويٺا آهن ۽ هاڻي اها مصيبت وڌڻ واري آهي.
    ”پر اخبارن ۾ اهڙي ڪابه خبر نه لڳي آهي.“
    ”اخبارن ۾ هي خبر شايع ڪرڻ لاءِ پابندي هنئين وئي آهي. گنگادهر حقيقت ٻڌائڻ لڳو هن سلسلي ۾ مان ڇا ٿو ڪري سگهان!“
    ڳالهه هي آهي ته ان لاءِ هڪ عوامي ميڙ وارو جلسو ٿي رهيو آهي. جتي ٻيڙي ذريعي مون کي پهچڻو آهي جو مان ان جلسي جي صدارت ڪري رهيو آهيان. اڄ مون ڪجهه به ناهي کاڌو سو مان چاهيان ٿو ته مون سان اتي گڏ هل.
    ”هائو اهو ته ٺيڪ آهي پر مون وٽ ڪا پائي ناهي اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي ۽ مان هن وقت بکيو آهيان ٿورو صبر ۽ انتظار ڪر متان ڪو جڳاڙ ٿي پوي.“
    پوءِ گنگادهر مزدور قومي ڪارڪنن ۽ سرڪار جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ مان وري اخبارن جي ايڊيٽرن ۽ اديبن بابت يکي هڻندو رهيس ته ايتري دير ۾ اهو ڇوڪرو به اچي نڪتو جيڪو ٻه آنا کڻڻ لاءِ ويل هو مون انهيءَ کان اهي وٺي هڪ آني جي چانهه ۽ سگريٽ آڻڻ جو چيو، جڏهن هو اهي سڀ شيون وٺي وريو ته گنگادهر مون سان گڏجي ڪيڪ پيس کائڻ لڳو، پوءِ گلاس پاڻيءَ جو پي چانهه پيئڻ لڳو ۽ جڏهن وڃڻ لڳو ته دروازي وٽان مڙي چوڻ لڳو.
    ”اڄ اوهان جو جنم ڏينهن آهي دنيا لاءِ ڪو خاص پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا.“
    ”ها.“ مون کيس وراڻيو، ”مان انقلاب جي باري ۾ هي پيغام ڏيڻ ٿو چاهيان ته هن موجوده سماجي نظام کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هر جاءِ هر هنڌ انقلاب جي باهه جا شعلا آسمان تائين پهچائي سڀ ڪجهه ساڙي ڇڏيو ۽ هڪ نئين دنيا آباد ڪريو.“
    ”ڏاڍو سٺو پيغام آهي مان تنهنجو هي پيغام مزدور تائين ضرور پهچائيندس.“ ائين پرُ اعتماد قدم ڀريندو گنگادهر وڃڻ لڳو مان قومي ڪارڪنن ۽ اديبن جي باري ۾ سوچڻ لڳس ته اهي زندگي ڪيئن ٿا بسر ڪن مون اها اخبار کنئي جنهن ۾ ڇوڪري ڪيڪ آندو هو تڏهن منهنجي نظر جاءِ جي مالڪ تي وڃي پئي جيڪو ڪاوڙ سان ڀريل نظر ٿي آيو.“ جي سائين. مون کيس کيڪاريو.
    ”اڄ توهان مسواڙ ڏيندؤ يا....“ هو رڪجي ويو.
    ”مون کي اڃا تائين پنهنجي رقم وصول ناهي ٿي، بس ڏينهن ٻن ۾ ڏئي ڇڏيندوسانوَ.“
    ”تنهنجو اهڙو جيئڻ ڪهڙي ڪم وارو؟“ هن طنز ۽ ڪروڌ مان وراڻيو.
    هو شايد سچ چئي رهيو هو ته اهڙي زندگي ڪهڙي ڪم جي آهي مان هن جي مسواڙي گهر ۾ ٽي سال اڳ آيو هيس. مان سندس باورچي خانن جي مرمت ڪرائي جيڪي سڀ هينئر ڪرائي تي چڙهيل آهن هاڻي جڏهن مان اسٽور روم جي مرمت ڪرائي ته هن جو هي چوڻ هو ته هي به سٺي مسواڙ تي وڃي سگهندو ۽ پوءِ مون به دل ۾ هي فيصلو ڪري ورتو هو ته ڪجهه به ٿي پوي مان هي ڪمرو هرگز خالي نه ڪندس.“
    چار بجي منهنجي حالت اهڙي ٿي جو مان هن ملڪ کان بيزار ٿي ويو هيس هن شهر ۾ مون کي ساڳيا ماڻهو ساڳيا رستا روڊ ساڳيون شيون نظر اينديون آهن جن مان دل اڪتائجي وئي هئي هن شهر کان آءٌ هاڻي بيزار آهيان مان هڪ لفظ لکي نٿو سگهان ۽ نه ئي پڙهي.
    ڇهين بجي شام جو منظر وڻندڙ لڳي رهيو هو لهندڙ سج پنهنجي ڳاڙهاڻ ۾ ائين ٿي نظر آيو ڄڻ پنهنجي ئي خون ۾ ٽٻي ڏيڻ وارو هجي آسمان تي اولهه پاسي کان چمڪندڙ ڪڪر سٺا لڳي رهيا هئا هيٺ ڀر واري ندي ۾ لهرون موجون هڻي رهيون هيون پر ان جو ڪنارو ڏاڍو پرسڪون هو جتي ڪجهه ڳڀرو جوان سگريٽ جو دونهون اُڏائيندي سهڻين ساڙين، ڪپڙن ۾ حسين عورتن کي ڏسي جواني جو مزو ماڻي رهيا هئا اهي عورتون ڪرسين ۽ پٿر جي ڌڪن تي ويٺل هيون پر منهنجي دل بيحد اداس هئي.
    ستين بجي سي. آءِ. ڊي وارن جو هڪ سپاهي در تي آيو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيائين ۽ پوءِ هڪ وڏي ڪمري جي وچ ۾ مون کي ڪرسي تي اهڙي تيز روشني واري بلب جي سامهون ويهاريو ويو جنهن جي روشني اکين ۾ چبي رهي هئي ۽ پوءِ سوالن مٿان سوال ٿي رهيا هئا، انهيءَ دوران ڊپٽي ڪمشنر منهنجي چؤگرد ڦرندي اهڙي اڻ وڻندڙ نظر جا تاثرات ڏيئي رهيو هو. هن پل لاءِ به مون تان نظر ڪونه هٽائي سندس نهار ۾ اهڙي سخت نفرت سمايل هئي ڄڻ مون ڪو خوفناڪ ڏوهه ڪيو هجي پوري هڪ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا ٿيندي رهي ته مان ڪهڙي خفيه تنظيم جو ميمبر آهيان منهنجي دوستي ۾ ڪهڙا ڪهڙا دوست شامل آهن جيڪي موجوده حڪومت جي خاتمي لاءِ سرگرم آهن مان اڄڪلهه ڪهڙي شيءِ لکي رهيو آهيان مون کي هي احساس شدت سان ٿي رهيو هو ته مان هنن آڏو ايترو بي وس بڻيل آهيان جو رڳو هڪ سپاهي به آرام سان مون کي گرفتار ڪري جيل جي شيخن پٺيان واڙي سگهي ٿو.
    ساڍي ستين بجي مون کي هنن ڇڏي ڏنو مان پنهنجي ڪمري ۾ پگهر ۾ شل لڳو پيو هيس اڄ ته روشني به نه هئي مون کي ٿورڙي گاسليٽ جي ضرورت محسوس ٿي ته جيئن ڪمري ۾ روشني برقرار رکي سگهان ۽ رات جي ماني جو ڪو انتظام ڪرڻو هو هاڻي بک برداشت کان ٻاهر نڪري رهي هئي پر ڪير آهي جو مون کي ماني کارائيندو قرض وٺڻ به مناسب نه هو پر ميٿو کان وري به قرض گهرڻ جو خيال هر هر اچڻ لڳو ته مان ڪاري عينڪ پائيندڙ ان نوجوان شاگرد کان هڪ رپيو قرض وٺندس جنهن پنهنجي بيماري دوران مهانگين سوئين تي وڏو پيسو خرچ ڪيو هيو پر فائدو کيس مون واري چئن آنن جي دوا مان پهتو هو جنهن جي بدلي ۾ هو مون کي هڪ دفعو سئنيما تي وٺي هليو هو.
    ”جيڪڏهن مان هن کان قرض وٺان ته ان ۾ ڪا به برائي ناهي.“ مون سوچي قرض وٺڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو هو.
    پوڻين نائين بجي رستي سان ويندي مون ميٿو جي باري ۾ معلومات ورتي خبر پئي ته سئنيما تي فلم ڏسڻ ويو آهي جڏهن ٻي ماڙ واري عمارت جي ويجهو پهتس ته مون کي زور سان ٽهڪ ڏئي ڳالهائڻ جا آواز اچي رهيا هئا سگريٽ جي ور وڪڙ کائيندڙ دونهي ۾ ماحول غرق نظر آيو ۽ مان فقط بي وس بڻيو بيٺو اهو سڀ ڏسندو رهجي ويو هيس.


    چانڊوڪي رات جو ستم : ڪرتار سنگهه دگل

    ڪرتارسنگهه دُگل
    (1917ع ــ 2012ع)

    ڪيترن ئي ٻولين جي برک ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار، ناول نگار، نقاد ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڪرتار سنگهه دگل جو جنم پهرين مارچ 1917ع تي ڳوٺ دهيمال راولپنڊي (پاڪستان) ۾ جيون سنگهه دگل جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو وچولي طبقي جو خوشحال فرد هو. شروعاتي تعليم بعد هن بي. اي ۽ ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪرسٽن ڪاليج لاهور مان ڪئي پوءِ هندوستان هليو ويو، جتي هن پنهنجي عملي زندگي جي شروعات آل انڊيا ريڊيو تان ڪمپيئر طور ڪئي اتي ئي مختلف عهدن ۽ ذميوارين تي ڪم ڪندي سن 1942ع کان 1966ع تائين رهي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ ان دوران ڪيترائي اسڪرپٽ، ڊراما ريڊيو لاءِ لکيائين سن 1966ع کان 1973ع تائين نيشنل بڪ ٽرسٽ جو سيڪريٽري ڊائريڪٽر رهيو ۽ پوءِ پلاننگ ڪميشن کاتي ۾ انفارميشن ايڊوايئزر ۽ براڊ ڪاسٽنگ ۾ ڪم صلاح ڪار طور ڪم ڪندي سن 1992ع ۾ رٽائر ٿيو.
    ڪرتار سنگهه دگل جو شمار اردو، پنجابي، هندي ۽ انگريزي ٻولين جي چوٽيءَ وارن ليکڪن ۽ اديبن ۾ ٿئي ٿو. هن پهرين ڪهاڻي سن 1941ع ۾ پنجابي زبان ۾ ”سوير سار“ رسالي ۾ لکي. هي بنيادي طور تي پنجابي ۾ ڪهاڻيڪار آهي، ادب ۾ 22 ڪتاب، هندي ۾ 11 ڪهاڻي ڪتاب 115 ناول، 13 هندي، اردو ڊراما، 4 تحقيقي، شعري مجموعا، هڪ تنقيدي مجموعو ۽ آتم ڪهاڻي جو ڪتاب ”گياني گورمکهه سنگهه“ شايع ٿي پذيرائي ماڻي چڪا آهن. هي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جو ميمبر رهڻ سان گڏ ترقي پسند تحريڪ جو حامي به رهيو آهي، جڏهن ته راجا رمهون راءِ لائبريري فائونڊيشن، انسٽيٽيوٽ آف سوشل اينڊ ايڪنامڪ چينج (بنگلور) ۽ ذاڪر حسين ايڊيوڪيشنل فائونڊيشن ادارن جو باني پڻ رهيو آهي. ادبي مڃتا طور تي کيس ملندڙ ايوارڊن ۾ ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ، غالب ايوارڊ، سوويت لينڊ ايوارڊ، بهارتيه بهاشا پرشاد ايوارڊ، پرامن پترا ايوارڊ، ساحر ايوارڊ جي علاوه کيس هندوستان سرڪار جو اعليٰ سول ايوارڊ ”پدم بهوشن“ سان نوازيو ويو آهي.
    ادب کي حياتي جا چاليهه سال ارپيندڙ ڪرتار سنگهه دگل ادب جي ترقي لاءِ بي انتها خدمتون ڏيڻ سان گڏ هڪ ليکڪ طور پنجابي ڪلچر، تهذيب، تمدن ۽ روايتن جو سماجي منظرنامو پيش ڪرڻ سان گڏ عام رواجي ڪردارن کي زندگي جي حقيقيءَ رنگ ۾ رنگي ظاهر ڪيو آهي. ڪهاڻي بابت هن جو چوڻ آهي ته ”ڪهاڻي سٺي ۽ سُريلي شاعري وانگر وڻندڙ، ناٽڪ وانگر ڊراما ۽ قصي وانگر بياني هوندي آهي.“ هن عظيم ليکڪ جو ديهانت 26 جنوري 2012ع تي طويل عرصو بيمار رهڻ بعد ٿيو. هتي هن جي هڪ ڪلاسڪ ڪهاڻي ”چانڊوڪي رات جو ستم“ جو ترجمو پيش آهي.

    [پنجابي ڪهاڻي _ ڪرتار سنگهه دگل]

    چانڊوڪي رات جو ستم


    مالني ۽ مني کي گڏ ڏسي هرڪو اهو ئي چوندو هو ته ٻئي پاڻ ۾ ڄڻ جاڙيون ڀينر آهن ۽ جڏهن هڪ گهور ڪري ٻنهي ڏي ڏسبو هيو، ته مني پنهنجي ماءُ مالنيءَ کان گراٽڙي کڻ قدم ۾ مٿڀري نظر ايندي هئي. ٻنهي ماءُ ڌيءُ جي سرس سونهن ۽ چنچلتا کي ڏسي، اوڙي پاڙي جون سڀئي عورتون جک کائيندي، اندر ۾ سڙي ڪارو ڪوئلو بڻجي وينديون هيون، ڪي وري ٽوڪ مان مالني کي چئي ڏينديون هيون.
    ”اڙي مالني! تنهنجي ڇوريءَ تي جوانيءَ جوڀن چڙهيا آهن!“
    ”مني اڳي ئي سونهن ۾ سرس اٿئي، جي نه سورنهن سينگار ڪندئي ته ڪيئي مفت ۾ ڪسجي ويندا؟“
    ”او مالني! جواني ديواني اٿئي! ڇوريءَ جي پيرن ۾ ونگ وجهي، هاڻي کان ئي سوگهي رک، نه ته پوءِ ويٺي هٿ هڻندينءَ....“
    پر مالني اهي ساڙ ڀريون ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مني جي جوڀن ۾ ئي جڏهن زماني جي نظر ڦير سان نهاريندي هئي ته ڪنهن اڻ ڄاتي خوف جي گهيري ۾ ائين وڪوڙجي ويندي هئي جيئن واچوڙي ۾ پٽ تي پيل هر شئي ويڙهجي اڏري ويندي آهي.
    هيءَ ڳالهه مالنيءَ لاءِ ڄڻ ته ڪالهوڪي ڳالهه هئي جو هوءَ پاڻ به حسين اپسرا هئي ۽ اڄ... اڄ به سونهن ۾ ڌيءُ کان ٻه رتيون گهٽ ڪونه هئي، جيڪڏهن هوءَ اڄ به پنهنجي ڪٽارين اکين سان ڪنهن ڏي نهار ڪري ته ڪيئي جوان هن خاطر ست سمنڊ پار ڪرڻ لاءِ تيار هئا پر اهي ڳالهيون هاڻي مالنيءَ جي لاءِ سوچڻ به ڏوهه هيون، هوءَ هڪ حسين، جوان جماڻ، ڌيءُ جي ماءُ هئي، جنهن کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي هٿن سان ميندي لائي، ڪنوار بڻائي، وهانءُ رچائي، سک جو ساهه کڻڻ واري هئي.
    اڄ مالني جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي بڻجي وئي هئي، هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، سندس سوچن ڏي ويندڙ سڀئي رستا بند ٿي ويا هئا. ها! اڄوڪي رات هن کيس پنهنجي اچڻ جي چٺي موڪلي هئي، هُو جنهن مالنيءَ جي اڪير ۾ پنهنجيءَ جوانيءَ جون نه ڄاڻ ڪيتريون راتيون تڙپندي جاڳندي گذاريون هيون، هن جي زندگيءَ جو هڪ هڪ پل مالنيءَ جي راهه تڪيندي گذريو هو ۽ اڄوڪي رات پنهنجي انهيءَ طويل انتظار جو صلو وٺڻ خاطر پنهنجي هڪ طرفي محبت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مالني کي ٻانهن ۾ ڀري بي انتها پيار ڪرڻ ٿي چاهيو، جنهن جي هاڻ اچڻ جو الڪو ڪندي، مالنيءَ پريشان ٿي وئي هئي.
    ”هو اڄوڪي رات ڇا واقعي ايندو؟! ڇا هو سچ پچ ته مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري بي انتها پيار ڪندو؟! هن جي ڇهاءُ جو احساس محسوس ڪندي مالنيءَ جو وجود سراپجي ويو، سندس وياڪل نظرون اوچتو ڏيڍيءَ جي در مان آڳر ۾ داخل ٿيندڙ پنهنجي جواڻ ڌيءُ منيءَ ۾ اٽڪي ٿيون پون.
    مني بي حد خوبصورت، قدآور، صدا ملوڪڙي، مالنيءَ جي اڪيلي ۽ لاڏلي ڌيءُ، جنهن کي مالنيءَ اهڙي طرح پالي تاتي جوان ڪيو هو جو هر هنڌ سندس سڀاءُ جي هاڪ هئي، سندس ڪپهه جھڙي اُجري نرم چمڙي اهڙي جهڙو ريشم هٿ لڳائڻ سان ڄڻ ته ميري ٿي وڃي. هن جون اکيون هميشه حياءَ کان هيٺ جهڪيل، اڄ ڏينهن تائين سڄي ڳوٺ ته ڇا، پر پاڙي وارن به هن جي واتان گٿو لفظ ڳالهائيندي ڪين ٻڌو آهي. ”مني! منهنجي ڌيءُ، ڪيڏي نه سٻاجهڙي ۽ سگهڙ آهي!“ جي کيس منهنجي معاشقي جي خبر پئي، ته پوءِ....“ هڪدم سوچيندي هن جو ذهن منيءَ جي طرف هليو وڃي ٿو ۽ پوءِ مالنيءَ خوف جي چادر ۾ وڪوڙجي ٿي وڃي.
    ”امان، او امان! بابو اڄ به ناهي آيو؟ مني هن جي ڀر ۾ بيهندي بيقراريءَ وچان پڇڻ لڳي ٿي.“ تنهنجو بابو اڄوڪي سج ته ٺهيو، پر جي سڀاڻي سانجهيءَ تائين اچي، ته به شڪر ڪجانءِ!“ مالنيءَ بي رخيءَ سان وراڻو ڏيندي کيس سمجهائڻ ٿي لڳي.“ شادي جي ڪاڄ ۾ سوئي سڳي جو به خيال رکبو آهي، زيور، لٽا ڪپڙا... ۽ سامان سڻو وٺڻ به پڇي ٿو، شيون بچن ته چڱو آ، نه ته لوڪ جا طعنا! منهنجي توبهه زاري! آخر به تنهنجي شاديءَ جو ڏاج آهي ڌيءُ! ڪو گڏي گُڏي جو وهانءُ ٿورو ئي آهي، سو پڻهين کي سؤ ڪم آهن تون الڪو نه ڪر!“
    پنهنجي شاديءَ بابت ماءُ جي پٽاڻ ٻڌي، پهريون ته منيءَ شرمايو ۽ پوءِ بيزار ٿيندي، پنهنجي چنريءَ ماءُ کان وٺي، سندس مٿو پوتيءَ سان ڍڪي ڪوٺي ۾ وڃڻ ٿي لڳي، جا هن ڪجهه دير اڳ ماءُ کي ان ڪري ڏني هئي، ته جيئن مندر ويندي رستي ۾ ميري نه ٿي پوي.
    اڄوڪي رات چنڊ جي چوڏهينءَ جي رات هئي.... چانڊوڪيءَ جي جرڪندڙ کيراڻ جھڙي روشنيءَ ماحول ۾ عجيب منظر پيدا ڪري ڇڏيو هو. مالنيءَ آڳر ۾ رکيل کٽ مٿان خيالن جي وهڪري ۾ لڙهندي ستي پئي هئي، نم جي ٽارين مان چانڊوڪي پنن جيان ڇڻي سندس وجود ۾ پئجي رهي هئي، پر هوءَ خيالن جي وهڪري ۾ لڙهي اتي پهتي هئي، جتان ڪناري تي اسهڻ لاءِ هن کي ڪوبه ونجهه نٿي مليو، پوءِ چانڊوڪيءَ رات جو چنڊ، جڏهن جوڀن تي چڙهيو، ته مالنيءَ جي من ۾ هورا کورا وڌي وئي، بيقراري هن جي اندر کي ڏاٽو بڻجي وڍ ڏيڻ لڳي هئي ته وري ٻئي طرف جواڻ ڌيءُ جو وجود ڪاريهر نانگ بڻجي هن آڏو ڦوڪاٽون هڻي رهيو هو. مالنيءَ جي سوچ هڪدم وري هن طرف هلي وڃي ٿي.
    ”هو ڪيڏو نه ڪٺور آهي، بي رحم سنگدل آهي، باقي چار ڏيهاڙا صبر نٿو ڪري سگهي.“
    ڌيءُ جي ڪنوار بڻجڻ وارو خيال ايندي ئي مالني ياد ڪرڻ لڳي ٿي.
    ”مان به ته ڪنوار بڻي هيس، منهنجي هٿن تي به مهنديءَ جي رنگ جي خوشبوءِ رچي هئي پر منيءَ جي پيءُ ڪڏهن ڀلجي به منهنجي مينديءَ رتن هٿن ڏانهن نهاريو ڪين نه هو، هو سخت جان انسان هو، نار ۾ وهندڙ ڏاند وانگي سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ پورهيو رات جو پٿر بڻجي اچي پاسي ۾ پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن صرف هڪ پٽ جي خواهش هن جي پٿر واري بت کي پگهاريندي هئي ته منهنجي من جي ٺوٺ ڌرتيءَ کي سيڪ ملي پوندو هو. واهگرو به اسان تي مهربان نه رهيو. پٽ بدران هر ڀيري ڌيءُ ڏئي وري ڇني وٺندو هو، پر منهنجي مني، پٽيلي اولاد کان ڪو گهٽ آهي ڇا!؟ پر مني ته پنهنجي ور وٽ هلي ويندي، مني جي وڃڻ کان پوءِ مان ڪيتري نه اداس ٿي پوندس، ڪيتري نه اڪيلي ٿيندس، ۽ پوءِ هن کي منيءَ جي وڇوڙي جو احساس کائڻ لڳي ٿو.
    مني رات جي راڌڻ رڌي، پيءُ جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪندي، نيٺ ماني کائي، ايندڙ حسين راتين جي تصور ۾ گم ٿي ماءُ جي حال کان بي خبر سمهي پئي، پر هن جي ماءُ مالني اڃا تائين جاڳي رهي هئي، سندس اکين مان ننڊ جا جگنو ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏي اُڏري ويا هئا، الائي ڇو جڏهن به چانڊوڪي رات ايندي هئي ته مالنيءَ جي لاءِ اٿاهه سمنڊ جيڏي بيقراري پاڻ سان گڏ آڻيندي هئي. هن جو کائڻ، پيئڻ به حرام هوندو هو، چانڊوڪي رات ۾ هوءَ پاڻ کي ازل جي بکي محسوس ڪري رهي هئي! سوچن جي وهڪري ۾ سفر ڪندي مالني پنهنجو پاڻ کان به بي خبر رهجي وئي هئي. سامت ۾ ايندي هوءَ کٽ تان اُٿي ڪوٺي اندر گهڙي ٿي وڃي، جتي مني ننڊ ۾ مرڪندي نظر ٿي اچيس. هن جي سيرانديءَ کان رنگين چوڙيون ۽ اڇن موتين واري چنري پئي هئي. چوڙين جي ڀڄي پوڻ جو خيال ايندي مالنيءَ اهي کڻي پنهنجي ٻانهن ۾ پائڻ لڳي ۽ پوءِ چنريءَ واري پوتي ڍڪي جڏهن بت ۾ لڳل آئيني آڏو بيٺي، ته هن کي ڪي پل محسوس ٿيو، ته آئيني ۾ هوءَ پاڻ کي نه ڏسندي هجي، پر ڄڻ ته هن جي مني اچي بيٺي هجي، هڪدم شرمائي مالني ڪوٺيءَ کان ٻاهر اچي آڳر ۾ بيهي رهي ٿي. انهيءَ سمي چوڏهينءَ جي چانڊوڪي مالنيءَ جي رڳ رڳ ۾ ڀرجي وڃي ٿي.
    ”ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ!“ گهر جي وڏي دروازي تي آهستڙي کڙڪڻ جو آواز اڀري ٿو ته مالني شڪارين جي گهيري ۾ آيل هرڻيءَ جيان آواز تي هراسجي وڃي ٿي.
    ”ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ!“ رازداري مان اڀرندڙ کڙڪي جو آواز هاڻي وري ڪجهه تيز اڀريو هو.
    ”هو اچي ويو آهي! ها، لڳي ٿو ته سچ پچ به اچي ويو آهي.“ مالني پنهنجي منهن ڀڻڪندي وري ڳالهائڻ لڳي ٿي.
    ها! هو پنهنجي انجام جو پڪو آهي، چٺيءَ ۾ هن سچ ئي لکيو هو ”منهنجي پياري مالني! اڄوڪي چوڏهينءَ جي رات، مان تنهنجي در جو ڪُنڊو کڙڪائيندس، مرضي پوئي ته ڪڙو لاهجانءِ، جي نه، ته به جيڪا تنهنجا مرضي، تو لئه منهنجيءَ چاهت ۾ ڪڏهن به ڪا گهٽتائي ناهي اچڻي، تون اڄ به مون کي پياري آهين، جيتري ڪالهه جوانيءَ ۾ لڳندي هئينءَ واهگرو جو قسم، ته تون مون کي آخري ساهه تائين پياري رهندينءَ!“
    چانڊوڪيءَ رات جي کيراڻ جھڙي روشنيءَ ۾ مالني جي گهر ٻاهران بيٺل واقعي هن جي محبت جو چور هو، جنهن مالنيءَ کي اهڙي چؤ واٽي تي آڻي بيهاريو هو جتان ڪيئي رستا نڪرندي به مالنيءَ کي ڪو دڳ هٿ نٿي آيو، هو خيالن ۾ ٻڏي تري رهي هئي، انهيءَ وقت چوڏهينءَ رات جي چمڪندڙ چنڊ کي ڪارن ڪڪرن پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. چوڏس اونداهه ڦهلجي ويو، جو هٿ کي هٿ جي خبر ئي نه رهي ۽ پوءِ ڪجهه ئي گهڙين اندر آسمان تي ڪارڪن ڪڪرن جا ڪيترائي تهه چڙهي ويا، مالنيءَ کي ڪا ڪل ئي نه رهي، ته سندس قدم وقت جي انهيءَ ڪنهن وير ۾ خودبخود ئي وڌي در طرف وڌي ويا هئا، هن پوءِ جيئن ئي درجو ڪڙو لاهي ٻاهر قدم رکيو ته سندس وجود کي تتل ٻانهن جو گهيرو ائين ڀاڪر ۾ ڀري ويو جيئن باز اک ڇنڀ ۾ پنهنجو شڪار جهپي اڏري ويندو آهي، ويهن سالن جي طويل انتظار جو درياءُ پنهنجا سمورا بند ڀڄي بي حجاب وهڻ لڳو هو، محبت جي مدهر نشي ۾ هو ٻئي هلندا، رڙندا، چاهت جون چسڪيون ڀريندا، آزاد فضا ۾ اُڏرڻ لڳا هئا.
    ڳوٺ جي وڏيءَ چاڙهيءَ پٺيان، فجر ويل جڏهن ريل گاڏي بند تي چنگهندي گذرڻ لڳي، ته مالنيءَ به سرمستيءَ واري دنيا مان حقيقت جي دنيا طرف موٽي آئي. پنهنجو ٿڪل وجود هن جي ٻانهن جي وڪڙ مان ڇڏائيندي ڊڄندي هراسجي هلندي اچي آڳر ۾ رکيل کٽ تي اهلجي پئي جڏهن مالني جو ساهه سامت ۾ آيو ته کٽ تان اٿي ڪوٺي ۾ گهڙي جتي مني اڃا تائين راتوڪي سندر خوابن جي جھان ۾ سير ڪري رهي هئي، هن پوءِ نهايت احتياط سان سڄي هٿ جي ڪرائيءَ ۾ پاتل منيءَ جون چوڙيون لاهي سندس سيرانديءَ کان رکيون ۽ چنري به لاهي پنهنجي پوتي اوڍي ڪوٺيءَ کان ٻاهر اچي آڳر ۾ پيل کٽ تي ائين سمهي رهي ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هجي.
    ”مالني او مالني! آءٌ ٿو پڇان، ڪٿي آهي اها تنهنجي بد ذات ڇوري.“ جهاگياڻي جي رڙين تي مالنيءَ جو آڳر اوڙي پاڙي وارن سان ڀرجي ويو.
    ”ٻڌاءِ مون کي مالني، اها بدچلن آهي ڪٿي؟“ جهاگياڻي جي هٿ ۾ جهليل لٺ هن جي آواز جيان ڪنبي رهي هئي، هو رڙيون ڪندي ڪنڌ لوڏي رهيو هو، ”هن کي منهن ڪارو ڪرڻ لاءِ منهنجو ئي فصل مليو، ڪتي، بد ذات، لفنگي!“
    هي صبح سان ڪهڙو کيل ٿو کيڏين، جماڻو!“ مالنيءَ ننڊ مان جاڳي اچي هن کي چيو، ”ٻڌاءِ منهنجي ڌيءَ لا ڇا ٿو بڪين؟“
    ”آءٌ بڪان ٿو جو مون کي ڇتي ڪتي کاڌو آهي، ائين نه! مون پنهنجي هن گنهگارن اکين سان ڏٺو آهي تنهنجي لاڏليءَ کي.“
    ”ڇا ڏٺو اٿئي ٻڌاءِ، ڇا ٿو چئين؟“ مالنيءَ جي سوالن تي جهاگياڻي وڌيڪ ڳالهائڻ لڳو، ”مون کي واهگرو جو قسم آهي مون ڏٺو ته منهنجي ڪمند واري فصل مان پهريان تنهنجي سدا ملوڪڙي ٻاهر نڪتي ۽ پوءِ هو حرامي، ان جو يار! مون کي ڏسندي ئي وٺي ڀڳو هو ماءُ جو....“
    ”اڇي ڏاڙهيءَ ۾ ڪوڙ هڻين، چاچا!... مون غريب تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي؟“ ماڻهن جو هجوم منجهان مني وڌي اچي جهاگياڻيءَ آڏو بيٺي هئي. جيڪا مندر کان موٽي سڀ ڪجهه هاڻ پنهنجي ڪنن سان ٻڌي رهي هئي.
    ”شرم نٿو اچئي! بدچلن! آواره! مون کي ٿي تون ڪوڙو ڪرين!“ منيءَ تي جک کائيندي جهاگياڻي وڌيڪ کيس ثبوت ڏيندي وري چيو: ”جي تون نه آهين ته پوءِ هيءُ اڌ ڀڳل چوڙي ڪنهن جي آهي جيڪا رات يار سان سمهي اها تون ڇڏي آئي آهين.“
    هجوم ۾ بيٺل عورتون نظرن ئي نظرن ۾ هڪ ٻئي کي ڪئي معنيٰ خيز پيغام ڏيئي ويون، هڪدم مالني پنهنجي سڄي ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾ پيل چوڙيون ڳڻڻ لڳي جن مان واقعي به هڪ چوڙي گهٽ هئي، ايتري ۾ ڳوٺ جو مکي به زال سميت اچي مالنيءَ جي گهر نڪتو، جنهن جا نوڪر مڱڻي جو سامان مالنيءَ جي آڏو رکي موٽڻ لڳا هئا. پوءِ باقي رهيل ڪسر مکيءَ پوري ڪندي سموري دنيا جون گاريون مني کي ڏنيون، جنهن لاءِ ڪلهه تائين ڪنهن ڀلجي به ڪڏهن واتان ڪو گٿو لفظ ڪين ڪڍيو هو ۽ نه وري ٻڌو هو، پر اڄ هوءَ سڀني جي سامهون ڇا ڇا نه ٻڌي ۽ سهي رهي هئي! هن جي پوڄا پاٺ به کيس بي گناهه ثابت نه ڪري سگهي هئي ڪنهن غير ڏي ڀلجي به نظر کڻي نهار نه ڪندڙ مني اڄ برادريءَ لاءِ بدچلن بڻجي چڪي هئي. مالنيءَ جي گهر ۾ سندس ڌيءُ جي وهانءُ رچڻ کان اڳ جيئري ئي جنازو نڪري رهيو هو. مالنيءَ جو وجود وٺجي ويو هو. هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري ۽ ڪهڙي ريت پنهنجي جواڻ ڌيءَ جي دنيا کي برباد ٿيڻ کان بچائي پنهنجو پاڻ پيش ڪري ۽ پوءِ اوچتو مالنيءَ جي ڀر واري گهر جي کوهيءَ ۾ زور سان ڇڀڪي جو آواز اڀريو، ته ڪي پل هر هڪ جو ساهه مٺ ۾ بند ٿي ويو.


    يادن ۾ سمايل چانڊوڪي! : مدهو منگيش ڪرنڪ

    مدهو منگيش ڪرنڪ
    (1931ع ــ حال حيات)

    هندوستان جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ مراٺي ادب جو تمام وڏو حصو رهيو آهي، جنهن جي موجود دور جي ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ مدهوش منگيش ڪرنڪ جو نالو معتبر حيثيت رکي ٿو. 28 اپريل 1931ع تي ضلعي سندهو درگ مهاراشٽر رياست ۾ جنم وٺندڙ هن ليکڪ ديوناگري ۾ لکڻ جي شروعات نثر نگاري سان ڪئي. ڪيترن ئي عهدن تي ذميواري نڀائيندي کيس مراٺي ستيه سميلن رتناگري جو سن 1990ع کان 2006ع تائين صدر بڻايو ويو ۽ هن وقت مهاراشٽررياست جي ڪلچرل ۽ ادبي بورڊ جي صدر طور تي پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.
    مدهوش منگيش ڪرنڪ جي لکڻين جو مرڪز مهاراشٽرا جي ڳوٺاڻي زندگي جا موضوع ۽ معاشري جا نظرانداز ڪيل ڪردار رهيا آهن، جن جي جيون ڪٿا کي هن انتهائي گھرائي ۽ پراثر انداز ۾ پنهنجي ڪهاڻين ۾ بيان ڪيو آهي. هن جي لکيل ڪتابن جو تعداد ويهن کان مٿي آهي، جن ۾ چنڊ ۽ ڏيئو، اسپرش اٿڪٿا، ويچڪ، ناريل پاني، سور امروچي ۽ جيوا ڀاواچا جو شمار مراٺي جي بهترين ادب ۾ ٿئي ٿو. سندس هڪ عالمي شاهڪار ڪهاڻي جو سنڌي ترجمو ”يادن ۾ سمايل چانڊوڪي“ جي عنوان سان پيش ڪجي ٿو.


    [مراٺي ڪهاڻي _ مدهوش منگيش ڪرنڪ]

    يادن ۾ سمايل چانڊوڪي!


    هر روز صبح سوير دروازي هيٺيان ٻيڻي ٿيل اخبار ڪير اڇلي ويندو هو انهيءَ جي خبر اسان جي گهر مان ڪنهن کي به ڪانه هئي! نيٺ هڪ ڏينهن سوير اخبار آڻيندڙ بلوءَ کي اسان ڏسي ورتو، جنهن کي هن کان اڳ اسان مان کيس ڪنهن به ڪين ڏٺو هئو... ان ڏينهن اخبار واري ريل دير سان اچڻ ڪري هو اسان جي در تي جڏهن اخبار پڄائڻ آيو ته، سج منهن ڀر مٿي چڙهي چڪو هو. هن کي ڏسي اسان کي ائين لڳو گهر جي سمورن ڀاتين کي ڄڻ هن جي اچڻ جو انتظار هجي، ممبئيءَ جي ماڻهن کي جيڪڏهن صبح ساجهر اخبار نه ملي ته کين ڏينهن ٿيڻ جو احساس ئي ڪونه ٿيندو آهي تازين خبرن لاءِ هر ڪوئي اتالو نظر ايندو آهي اٿاهه سمنڊ جيڏي ماڻهن واري هن شهر جون خبرون اخبار ذريعي ئي ته معلوم ٿينديون آهن.
    گهر جو دروازو کليل ڏسي بلوءَ اسان جي در تي چپ چاپ اچي بيهي رهيو، گهر جو جائزو وٺندي هو ٻيڻي ٿيل اخبار در جي ڪنڊ ۾ رکي وڃڻ لڳو پر هڪ ٻه قدم کڻي هو رڪجي ويو هو.
    ”ٿورو پاڻيءَ چڪو ملندو اڄ، اڃ ڏاڍي لڳي آهي.“ انهيءَ وقت اسين سڀ چانهه پي رهيا هئاسين مون هن کي پاڻي ڏيڻ بدران چيو.
    ”چانهه پيئندي؟“
    ”جي... جي نه، رڳو خالي پاڻي گهرجي!“
    هُو ڏسڻ ۾ رنگ جو سانورو هو، پر هن جا مهانڊا بي حد خوبصورت ۽ اکيون چمڪندڙ هيون، ٻارهن سالن جي صحتمند عمر وارو هي ڇوڪر مون کي بي حد چالاڪ ۽ تيز نظر اچڻ سان گڏ، پنهنجي عمر جي عام ڇوڪرن کان مختلف نظر آيو هو، ان وقت دل اهو پئي گهريو ته هو اسان جي دروازي کان اندر اچي، سڀني سان گڏجي چانهه ويهي پيئي!... مون کيس پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ڏنو، جيڪو هو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي ويو، پوءِ پنهنجي پيشانيءَ تي آيل پگهر کي، کيسي مان رومال ڪڍي، اگهندي هن ڏاڍي عاجزي سان وراڻيو هو.
    ”اڄ صبح سان ئي ڏاڍي زور جي اُڃ لڳي آهي ڇا ڪجي ـــ اخبار پڄائڻ لاءِ در در ڊوڙڻو جو پوي ٿو.“
    ”ڊوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي... ٿورو آرام سان اچين هان.“ مون کي ساڻس همدردي ٿيڻ لڳي.
    ”اڄ اخبار جي اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي آهي... توهان جھڙن صاحب لوڪن لاءِ آفيس وڃڻ کان اڳ اخبار ضروري آهي، جنهن ڪري ڊوڙڻو پيو آهي.... ائين نه ڪريان ته اسڪول کان دير ٿي ويندي ۽ پوءِ وري استاد....“
    ”تون اسڪول ۾ پڙهندو آهين؟“
    ”جي ها! ڇهين درجي ۾ آهيان.“
    ”ڪهڙي اسڪول منجهه داخل آهين؟“
    ”ميونسپالٽيءَ جي اسڪول ۾!!“
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ”بلو!“
    ”بلو! هونئن ڏاڍو سٺو نالو آهي بلو!“ پوءِ مون چپن ئي چپن ۾ هن جو نالو ٻه ٽي ڀيرا ورجايو، ”اسڪول ۾ بلرام... هونئن بلو صاحب.“
    ”پر بلو وڌيڪ سٺو ٿو لڳي!“ منهنجي ائين چوڻ تي هُو کلي پيو هو ته موتين جيان چمڪندڙ ڏند هن جي چهري کي ڏاڍو وڻندڙ بڻائي رهيا هئا. پوءِ بلو اخبار جو بنڊل پنهنجي بغل ۾ دٻائي تيز تيز وکون کڻندو ويندو رهيو.
    آچر جو ڏينهن هيو، اسين سڀ گهر ڀاتي گهر ۾ ويٺا ٽي. وي تي هر هفتي هلندڙ جانورن بابت ڊاڪيومينٽري پروگرام ڏسي رهيا هئاسين، بلو به اسان جي گهر اچي نڪتو، پر کانئس هر ڪوئي بي خبر بڻجي ٽي. وي ۾ اکيون کپائي ويٺل هيو، جڏهن پروگرام پورو ٿيو، ٽي. وي بند ڪندي منهنجي نظر مٿس پئجي وئي، هُو درج ي پاسي ۾ بُت بڻيل بيٺو هو.
    ”بلو! تون ڪڏهن آئين؟“
    ”بس! ٿوري دير اڳ مون به سڀ جانور ڏٺا....“
    ”صاحب هي اوهان جي اخبار جو بل آندو اٿم!“ هُو هٿ ۾ کنيل فائل مان اخبار جو بل ڪڍي مون طرف وڌائڻ لڳو، مون کيس بل جي رقم ادا ڪندي چيو.
    ”هاڻي لڳي ٿو تنهنجي ترقي ٿي آ جو اخبار جي بل جي وصولي به ڪرڻ لڳو آهين.“
    بلو خوش ٿيندي کلي ڏنو هو، هن جي مرڪ اهڙي هئي جو هُو ڪنهن کي به انهيءَ لڀائيندڙ مرڪ سان پنهنجو ڪري ٿي سگهيو.
    ”آءٌ حساب ڪتاب جو هوشيار آهيان ۽ حساب ڪري ڄاڻان... تڏهن ئي ته اخبار جي مالڪ بل جي وصوليءَ واري نازڪ ذميواريءَ به مون کي ئي ڏني آهي.“
    ”ڪيترا بل ٺاهي ويندو آهين؟“ منهنجي ان ٻاراڻي سوال تي هن ٽهڪ ڏئي وراڻيو.
    ”پنجاهه“ ۽ پوءِ اوچتو مون کان سوال ڪري ويٺو.
    ”مان هر آچر ڏيهاڙي جيڪڏهن توهان جي گهر اچان؟“
    ”ڇو؟“ مون کيس حيرانيءَ مان جواب ڏنو هو.
    ”جانورن وارو پروگرام مون کي به ڏاڍو وڻندو آهي. بس! هو جيئن ختم ٿيندو آءٌ واپس هليو ويندس.“
    ”ٺيڪ آهي، ڀلي ايندو ڪر.“ منهنجو راضپو ڏسي هُن جي گول چهري تي اميد جاڳي اٿي هئي، سندس اکين جي چمڪل تيز ٿي وئي، هوءَ پوءِ خوش ٿيندي ٺينگ ٽپا ڏيندو ويندو رهيو.
    آچر واري ڏينهن تي جانورن جي ڊاڪيومينٽري پروگرام جي شروعات کان اڳ ئي بلو اسان جي گهر هليو آيو هيو، انهيءَ ڏينهن تي ڪتن بابت هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي پروگرام ڏيکاريو ويو. ٽي. وي بند ٿيندي، جڏهن بلو واپس ٿيڻ لڳو ته مون هن کان پڇيو.
    ”بلو! مزو آيو ٽي. وي تي.“ پر موٽ ۾ هن مون کان هڪ ڇرڪائيندڙ سوال ڪيو هو.
    ”توهان اديب آهيو نه!“ هن جي غير متوقع سوال تي مان حيران ٿي ويس.
    ”اهو توکي ڪنهن ٻڌايو بلو!“
    ”توهان جي نالي واري تختي صاحب!... مان جڏهن توهان جي گهر پهريون ڀيرو اخبار ڏيڻ آيو هوس، ته دروازي واري تختي تان اوهان جو نالو پڙهي سمجهي ويو هيس.“ مان کيس ڳالهائيندي ڏسندو رهيس، هن جي پنهنجائپ وارو انداز مون کي وڻڻ لڳو، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته هن جي لهجي مان هاڻ گهٻراهٽ ختم ٿي وئي هئي.
    ”ٽي. وي واري پروگرام جي ڪتن کان ته اوهان جو موتي ڪتو سٺو آهي.“ هن وري ڳالهايو.
    ”توکي موتيءَ بابت ڪنهن ٻڌايو آهي بلو!“
    ”پنجين ڪلاس جي ڪتاب ۾ اوهان جو هڪ سبق موتيءَ بابت لکيل آهي.“ هن معصوميت مان وراڻيو هو.
    بلو جي يادداشت ۽ ذهانت ڏسي مون کي گهڻي خوشي ٿي، پوءِ مون هن کي پنهنجين ڪهاڻين جا ڪجهه ڪتاب ۽ تصويرون بطور تحفي ۾ ڏنيون، هو هڪ ڀيرو ٻيهر خوش ٿي چوڻ لڳو.
    ”مون کي ڪهاڻيون پڙهڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو آهي.“
    بلو ائين هر آچر واري ڏينهن تي اسان جي گهر ٽي. وي ڏسڻ اچڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن آچر کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڏيهاڙي تي به بل ڏيڻ لاءِ ايندو هو پر پوءِ هن جو اچڻ گهٽيو، اخباري دوڪان جي مالڪ بلو جي ڊيوٽي هڪ ٻئي علائقي ۾ لڳائي ڇڏي هئي، جتي کيس گهڻين اخبارن سان گڏ هاڻي حساب ڪتاب به سنڀالڻو ٿي پيو، اهو ڪم بيحد ڏکيو هو، پر بلو پنهنجي ذهانت ۽ ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو، هو ان وقت پنهنجي روزگار ڏانهن هليو ويندو هو، جنهن وقت هن جا همعصر ٻار مٺڙي ننڊون ڪندي دنيا کان بي خبر ستا پيا هوندا هئا.
    ٽي. وي تان جانورن وارو پروگرام ختم ٿي ويو هيو، پوءِ به بلو اسان وٽ اچي نڪرندو هو، ساڻس گهر جا سمورا ڀاتي هري مري ويا هئا، هن جي ۽ اسان جي وچ ۾ سڪ ۽ پنهنجائپ وارو هڪ اڻ ٽُٽ رشتو جڙي ويو هو، پر پوءِ وقت ۽ حالتن ۾ ڦيرو اچڻ لڳو، بلو جو اچڻ گهڻو گهٽجي ويو، هڪ ڏينهن آيو ۽ مون کي هڪ ڪتاب ڏيندي چوڻ لڳو.
    ”هن ڪتاب کي پڙهندي ڏاڍو لطف مليو اٿم، صاحب! توهان جو ڳوٺ ڪوڪن ڪيڏو نه حسين آهي!“
    اهو ڪتاب منهنجو لکيل هو جنهن ۾ مون پنهنجي ڳوٺ ڪوڪن جون يادگيريون لکيون هيون.
    ”بلو! هرهڪ انسان کي پنهنجو ڳوٺ پيارو هوندو آهي، تنهنجو به ڪوئي ڳوٺ ضرور هوندو، پوءِ اهو ڪوڪن نه سهي پريارپر... مزار... ياودرب.... تنهنجا ماءُ پيءُ انهي مان ئي ڪنهن ڳوٺ جا هوندا... تون جڏهن به اتي ويندين ته اهو ڳوٺ توکي به ڪوڪن جھڙو حسين لڳندو.“
    ”منهنجو ڪوبه ڳوٺ ناهي صاحب!“ بلو جي لهجي مان مايوسي بکڻ لڳي هئي.
    ”منهنجا ماءُ پيءُ گهڻو اڳ ڳوٺ ڇڏي هن شهر ۾ آيا هئا، مان ته ڄائو به شهر ۾ ئي آهيان... ڳوٺ!... ڳوٺ جا پهاڙ، نديون، وڻ، فضا ۾ اُڏامندڙ آزاد پکي... مون ته ڪجهه به ناهي ڏٺو....“ ۽ پوءِ هڪدم بلو مون کان سوال ڪيو هو.
    ”مون کي پنهنجي ڳوٺ وٺي هلندا؟... مان، توهان جي ڪوڪن واري گهر جي آڳر ۾ رات جو ڦهلجندڙ چانڊوڪي ڏسڻ ٿو چاهيان... هن شهر ۾ اسان کي ڪڏهن به چوڏهين جي چانڊوڪي نظر ئي ناهي آئي.“
    بلو جي ڳالهه ٻڌي مون پنهنجي دل ۾ بيحد ڏک محسوس ڪيو هو، ”اها هڪڙي ڪيتري نه معمولي ڳالهه چئبي جو سڄي دنيا ۾ ڦهلجندڙ سج ۽ اُس جيان چانڊوڪي جي روشني گهرن جي آڳرن ۾ هجي، پر هن جي فطري حسن کان جهوپڙن ۽ فٽ پاٿ تي رهندڙ هزارين ٻار محروم هجن!... هن دؤر ۾ هر هنڌ بجلي جي چمڪ واري تيز روشني ايتري ته شدت سان ڦهلجي وئي آهي جو کيراڻ جھڙي چانڊوڪي رات جي مصنوعي روشنيءَ آڏو زرد نظر ٿي اچي.“ الائجي ڇو منهنجي همدردي بلو سان وڌڻ لڳي، مون هن کي جواب ڏنو.
    ”ها بلو! مان توکي پنهنجي ڳوٺ ”ڪوڪن“ وٺي هلندس، تون اتي دل کولي چوڏهين جي چانڊوڪيءَ مان لطف اندوز ٿجان.“
    ”سچي! توهان مون کي وٺي هلندا.“
    ”ها! بلڪل سچي!“ منهنجي جواب تي بلوءَ جون اکيون ائين چمڪڻ لڳيون، ڄڻ دنيا جي سموري چانڊوڪي هن جي اکين ۾ ڀرجي آئي هجي.
    اوچتو حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو جو مان بلوءَ سان ڪيل پنهنجو واعدو نڀائي نه سگهيس. اسان کي ڪن مجبورين سبب جلد ئي گهر ڇڏي، هڪ پري جي ڳوٺ ۾ رهڻو پيو، اهو سڀ ايترو جلدي ٿي ويو جو آءٌ بلو سان ملي به ڪونه سگهيس ۽ نه ئي وري هو اسان وٽ آيو هو. ڏينهن گذرندا ويا، جن سان گڏ بلو جي ياد به گذرندي رهي، نئين ڳوٺ جي نئين ماحول ۽ ماڻهن جي ميل جول ۾، بلو اسان جي ذهنن کان ڪوهين ڏور هليو ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن بلو ڪنهن وسري ويل ياد جي صدا بڻجي ظاهر ٿيو هو. هڪ رسالي جي ايڊيٽر پاران شاگردن درميان مضمون نويسي جو مقابلو رکيو ويو. ان جي انعامي تقريب جو مهمان خصوصي مون کي بڻايو ويو جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن حصو ورتو هو.
    تقريب کان اڳ جڏهن مون انعام حاصل ڪندڙ مضمونن ۽ انهن لکندڙ جي نالن جي لسٽ ڏٺي ته سڀ کان پهريون انعام حاصل ڪندڙ ڪوئي ٻيو نه پر بلو هيو، جنهن ڪمار بلرام ”ڪدم“ جي نالي سان پنهنجو مضمون لکيو هيو، هن جي مضمون جو عنوان هو ”آڳر جي چانڊوڪي جيڪا مون کي نه ملي....“ مون هن جو لکيل مضمون پڙهڻ شروع ڪيو.
    ”منهنجو هڪ ننڍڙو خواب آهي، ته ممبئيءَ ۽ ڪوڪن کان به گهڻو ڏور... هڪ ننڍڙو گهر هجي، جنهن جي ننڍڙي آڳر تي جڏهن چوڏهين جي چانڊوڪي ريڙهيون پائي داخل ٿئي ته مان کيس هميشه لاءِ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيان!“
    پوءِ مان بلو کي هڪ نظر ڏسڻ لاءِ ڏاڍو اتالو بڻجي پيس... جڏهن انعام جي انائونسمينٽ ٿي ته هو منهنجي آڏو اچي بيٺو هو... ها! مون هن کي سڃاڻي ورتو هو. ڪمزور بدن ۽ ڊگهي قد وارو هي ڇوڪرو ڪو ٻيو نه پر بلو هيو، هن جي اکين جي چمڪ ۽ مُرڪ اڄ به پهريون جھڙي ئي هئي، بلوغت کي ويجهو پهتل بلو، هينئر مون کي وقت کان اڳ جوان نظر ٿي آيو.
    منهنجي هٿ مان انعام وٺڻ بعد هُن جهڪي منهنجا پير ڇُهيا ۽ آهستي چيو. ”سر! مون کي اوهان جو پتو گهرجي.“ مون کيس پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏنو. منهنجي به اهائي خواهش هئي ته هو مون سان ملڻ اچي، ويندي کيس آهستي چيو هيم.
    ”بلُو! اسان کي چانڊوڪي ڏسڻ ’ڪوڪن‘ هلڻو آهي، تون ضرور اچجانءِ.“ انهيءَ ڳالهه کي ڪيترائي مهينا گذري ويا. مان هن جي اچڻ جو اوسيئڙو ڇڏي ڏنو هو، هڪ ڏينهن هن جو لکيل خط اچي مليو.
    ”سر! سچ اهو آهي ته ائين اوهان سان وري ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي، اهو مون ڪڏهن سوچيو به ڪين هو پر جڏهن توهان سان مليس ته سموري خوشي ملي وئي، توهان جي لکڻين منهنجي دل ۾ پڙهڻ جو جذبو جاڳايو... مسلسل پڙهڻ سان من ۾ لکڻ جي بيقراري پيدا ٿي... توهان مون کي چوڏهين جي چانڊوڪي ڏيکارڻ لاءِ ڳوٺ وٺي وڃڻا هئا، مان اها ڳالهه عمر ڀر ڪونه وساري سگهندس... مون انهي تصور کي لفظن ۾ بيان ڪري مضمون لکيو ۽ پهريون انعام مون کي مليو اهو به توهان جي هٿان ئي اها منهنجي خوش قسمتي آهي، توهان جا ٿورا ادا ڪرڻ لاءِ مون کي لفظ ئي نٿا ملن! سر! آءٌ هينئر ڏهين ڪلاس ۾ آهيان. بابي جي وفات ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي امڙ به اڪثر بيمار رهي ٿي، جنهن سان گڏ ننڍي ڀاءُ جي ذميواري به مون تي آهي... ان ڪري توهان سان گڏجي ”ڪوڪن“ هلڻ مون لاءِ هينئر ناممڪن آهي!... ڇا ڪجي! هن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهن کي سڄي زندگي اُس ۾ ئي هلڻو پوندو آهي، چانڊوڪي نصيب ناهي هوندي.... مان ڏينهن جو نوڪري ڪندو آهيان ۽ رات جو نائيٽ اسڪول ۾ پڙهان ٿو. اوهان جي شفقت ۽ پنهنجائپ واري رويي ۾، مون کي چانڊوڪي جي جيڪا هڪ لڪير ملي، سا چوڏهين جي چانڊوڪيءَ کان مون لاءِ گهڻي وڌيڪ آهي!
    اوهان جو
    بلو عرف بلرام ڪدم
    مون بلوءَ جو خط پڙهڻ بعد هن جي ائڊريس ڳولڻ جي جڏهن ڪوشش ڪئي ته بيحد مايوسي ٿي، ان ڪري جو بلوءَ خط ۾ پنهنجي ائڊريس ڪونه لکي هئي!


    خدا حافظ : شريمتي سانيا

    شريمتي سانيا

    جديد مراٺي ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن ۾ هڪ اهم نالو آهي پاڻ مهاراشٽر جي شهر سانگلي ۾ پيدا ٿي، پر زندگيءَ جو وڏو حصو ممبئيءَ ۾ ئي گذاريو اٿس. هن اڪائونٽنگ جي تعليم حاصل ڪئي پر ڀانءِ کيس ادب ئي پيو. هن وقت هڪ سماجي ادارو هلائي ٿي، جيڪو عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي ٿو، هن مهل تائين سندس ٽي ناول ۽ يارنهن مجموعا ڪهاڻين جا ڇپجي چڪا آهن، سندن ڪهاڻيون هندي ۽ انگريزيءَ کان علاوه ڀارت جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن.


    [مراٺي ڪهاڻي _ شريمتي سانيا]

    خدا حافظ


    مينهن بند ٿي چڪو هو پر آسمان تي اڃا ڪجهه ڪڪر نظر پئي آيا. سج به پوين پساهن ۾ هئو، جنهن سبب آسمان تي شام واري ڳاڙهاڻ ڦهليل هئي، چارو دريءَ کان ٻاهر مينهن جي پاڻيءَ ۾ پسيل باغيچي کي تڪي رهي هئي. هن جي ڪمري ۾ رکيل وڏيءَ ميز تي چڪاس جو سامان دوائن سان ڀريل الماڙي ۽ ڀتين تي لڳل مختلف مرضن جي تشخيص وارا چارٽ لڳل هئا، ڪجهه ڪرسيون مريضن جي ويهڻ لاءِ وڏو لوهو اسٽول، ڪنڊائتو رکيل وڏو گلدان... هي چارو جي اسپتال هئي، جتي هر نئين ڏينهن مختلف مرضن ۾ وڪوڙيل مريض اهنج ۽ ڏک مان هن وٽ اچي نڪرندا هئا.... ڪنهن کي بخار، زڪام، کنگهه ته وري ڪو زخمي ۽ سورن ورتل مطلب ته هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي سُور ۾ سوڙهو نظر ايندو هو ۽ هڪ هڪ ٿي نمبر وار چارو جي ڀر ۾ رکيل لوهي اسٽول تي اچي ويهندو هو، پر اڄ مينهوڳيءَ سبب مريض نه هجڻ جي برابر هئا. تڏهن ئي ته هوءَ دري کان ٻاهر شام جي سمي واري هن قدرتي منظر مان لطف اندوز ٿي رهي هئي جتي هاڻ سج پوين پساهن ۾ هو، ۽ ڇٻر تي پوندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ڏاڍو وڻندڙ ڏيک ڏئي رهي هئي، اوچتو ٻاهر دروازي تي سڏ ٿيو ته چارو کي ڪي قدر حيرانگي ٿي، جو اهو پهريون ڀيرو هئو جو اسپتال جي در وٽ بيهي، ڪنهن مريض سڏ ڪيو هو.
    ”لڳي ٿو ڪو نئون مريض آهي، تڏهن ئي ته اجازت ٿو گهري.“ چارو اهو سوچيندي جيئن ئي دروازو کوليو هن جي آڏو پيءُ پٽ بيٺل هئا. پيءُ جي عمر لڳ ڀڳ پنجٽيهه سال هئي ۽ پٽ ستن سالن جو هو، پيءُ کيس ڳالهه سمجهائڻ ۾ رڌل هو، پر پٽ ڪنڌ سان نهڪر ڪندي، ضد ڪيو بيٺو هو.
    ”اوهان ڊاڪٽر آهيو نه؟ مان منوهر پنڊت ۽ هيءُ منهنجو پٽ آشيش.“ پوءِ ٻئي ڪلينڪ اندر هليا آيا ته پٽ پيءُ جو هٿ ڇڏائي ڪاوڙيل انداز ۾ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو، پيءُ لڄي ٿيندي چارو کي ٻڌائڻ لڳو: ”هن جي طبيعت خراب آهي، ان ڪري....“
    ”ويهو“ چارو پيءُ کي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيو.
    ”مون کي لڳي ٿو ته پيٽ خراب ٿي پيو اٿس.“ منوهر ڪرسيءَ تي ويهي ٻڌائڻ لڳو، چارو ڇوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ چپن تي هلڪڙي مسڪراهٽ آڻيندي، چوڻ لڳي.
    ”هيلو... تنهنجو نالو ڇا آهي؟!... پاڻ ٻڌائيندين يا مان تنهنجي ابوءَ کان پڇي وٺان.“
    ”هونئن ته هي هر ڳالهه سمجهي ويندو آهي، پر ڳالهه ٻولهه رڳو انگريزيءَ ۾ ڪندو آ.“ پٽ بدران وري به پيءُ جواب ڏنو.
    پيءُ پٽ جي ڳالهه ٻولهه جي انداز، سڀاءُ ۽ لباس کي ڏسي، چارو کي پڪ ٿي وئي ته هنن ٻنهي جو تعلق سندس علائقي سان هرگز به نه آهي، تڏهن هن کي وڌيڪ پڪ ڏياريندي منوهر پاڻ ئي ٻڌائڻ لڳو: ”اسين آمريڪا ۾ رهندا آهيون... ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن جو هتي موڪلون گذارڻ آيا آهيون... هيءُ پاڻي اوٻاريل پيئي ٿو، پر شايد کاڌي جي ڪري هن جو پيٽ خراب ٿي پيو آهي.“
    ”تو اڃا تائين پنهنجو نالو به ناهي ٻڌايو... پوءِ آئون توکي دوا ڪيئن ڏيندس؟!“ منوهر جي ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪري، چارو آشيش سان مخاطب ٿي.
    ”مون کي دوا نه گهرجي.“ آشيش چڙ ۽ ڪاوڙ مان چارو کي انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو.
    ”ٺيڪ آ... ڀلي نه وٺ... پر مون کي چيڪ ڪرڻ ته ڏي.“ هوءَ سندس چڪاس ڪندي، وري چوڻ لڳس: ”تنهنجي عمر ڇا آهي؟“ آشيش تڏهن به چپ رهيو، پوءِ چارو ميز جي خاني مان پيڊ ڪڍي، ان تي ڪجهه دوائون لکڻ لڳي ته منوهر شروع ٿي ويو.
    ”توهان جي اسپتال کان ٻه گهٽيون ڇڏي، منهنجو گهر آهي.“
    منوهر جنهن گهر بابت ٻڌايو هو، اهو گهر وڪيل پنڊت جو هو، جنهن کي هوءَ ٿورو گهڻو سڃاڻيندي هئي، اهو به ان ڪري جو مريض جي ناتي هو چارو وٽ دوا درمل لاءِ ايندو ويندو هو، ڊاڪٽر جي حيثيت سان ته هوءَ علائقي جي ماڻهن کي چڱيءَ ريت سڃاڻيندي هئي، پر پنهنجي باري ۾ ٻئي ڪنهن کي ڄاڻ رکڻ جي اجازت نه ڏيندي هئي، چارو محسوس ڪيو ته منوهر ضرورت کان وڌيڪ پئي ڳالهايو.
    ”پوئين ڀيري جڏهن هيءَ ماءُ سان گڏ آيو هو ته ان وقت چئن مهينن جو مس هو، تڏهن به گهڻو بيمار ٿي پيو هو، ايتري قدر جو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن هن کي گلوڪوس جون ٿيلهيون چاڙهيون هيون... مون نه چاهيندي به کيس ٻيهر پاڻ سان گڏ آندو آهي، منهنجي ماءُ هن کي ڏسڻ لاءِ بيچين هئي، پاڻ ته گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي... منهنجي گهر واري آمريڪا ۾ سائنسدان طور ڪم ٿي ڪري، ان ڪري هن لاءِ موڪل تمام ڏکي هئي. هونئن به هوءَ هندستان اچڻ لاءِ تيار نه هئي، جو هاڻ هتي هن جو ڪوبه مٽ مائٽ نه رهيو آهي... هن جا ماءُ پيءُ پرلوڪ پڌاري ويا آهن. هڪڙو ڀاءُ ۽ هڪڙي ڀيڻ اٿس، جيڪي به ٻاهرين ملڪن ۾ آباد آهن.... بس! ڇا ڪجي امڙ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ مون کي ئي آشيش کي وٺي اچڻو پيو.“
    آشيش هن سموري گفتگو ۽ سڄي ماحول کان بي خبر، ميز تي رکيل چارو جي ڊاڪٽري وارن اوزارن سان راند ڪرڻ ۾ پورو هو، کيس ائين ڏسي هڪدم چارو جي ذهن ۾ ڪو خيال ڊوڙي آيو. ساڻس انگريزيءَ ۾ مخاطب ٿي چوڻ لڳي: ”اچ... هن ميز تي اچي ليٽ ته مان ورائي تنهنجو پيٽ چيڪ ڪريان.“ پر موٽ ۾ ڪنڌ جي لوڏ سان آشيش نه نه ڪندو رهيو. منوهر کيس گهڻو ئي سمجهايو، لالچون ڏنيون، پر سڀ ڪوششون فضول ثابت ٿيون، جو آشيش زور زور سان رڙيون ڪندي، پنهنجا پير زمين تي هڻي رهيو هو پٽ جي اهڙي حرڪت تي منوهر پشيمان ٿيندي چيو: ”ڏاڍو ضديرو آهي... ماءُ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي ڳالهه مشڪل سان سمجهندو آ.... هت گهر ۾ به وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سندن ٻارن ساڻس هڻي وس ڪيا آهن، پر مجال آ جو ڪنهن سان ڪو اکر به زبان مان ڪڍيو هجائين... هر وقت مون سان پاڇي وانگر لڳو ٿو رهي، معمولي ڪو امان جي ٻڌي ٿو، جيڪا هن کي رڳو ٻڌندي رهي ٿي، جو هن جي انگريزيءَ هن کي پلئه نه ٿي پوي... سڀ ڪم ڪار به هن جا مون کي ئي ڪرڻا ٿا پون.“ اها ڳالهه ختم ڪندي منوهر هڪدم چپ ٿي ويو، جو کيس پنهنجي گهڻي ڳالهائڻ جو احساس ٿي چڪو هو.
    ”ڪا ڳالهه ناهي... توهان جي ٻڌايل صورتحال کي سمجهندي مون دوا لکي آهي... پندرهن منٽن تائين پاڻي اوٻاري، هن کي هر هر پيئاريو... کاڌو في الحال گهر جو ئي کارايوس ۽ صفائيءَ جو خيال رکو... گهڻي پريشانيءَ جي ڳالهه ناهي. ٻاهر رهندڙ ٻارن کي هتي اچي ٿورڙي گهڻي پريشاني ٿيندي آهي. اهو سڀ ماحول جي تبديليءَ جو اثر آهي.“ منوهر جون نظرون چارو ۾ اٽڪيل هيون، جن کان بچڻ لاءِ هن وري کلندي چيو.
    ”فڪرمند ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو... ۽ ها! توهان هت ڪيتري وقت لاءِ آيا آهيو؟“
    ”آيا ته ٻن مهينن جي لاءِ آهيون پر هن جو حال اهڙو رهيو ته شايد جلد ئي واپس موٽي وڃون.“
    ”توهان جي نوڪري؟!!“
    ”ان جو ڪوبه فڪر ناهي وري ملي ويندي... تڏهن ئي ته مان ايتري موڪل ڪري آيو آهيان ته جيئن هرهڪ سان تفصيلي ميل ميلاپ ڪري، سڀني کي راضي ڪري وڃان... پر لڳي ٿو ته ائين نه ٿي سگهندو.“
    منوهر جي بي بسي ڏسي، چارو کي ساڻس ڪجهه وقت لاءِ همدردي ٿيڻ لڳي جو سندس پٽ غير معمولي حد تائين ضديرو هو.... منوهر لکيل دوائن جو پرچو کنيو. ڪجهه دوائون هن کي چارو به ڏنيون. هن في ادا ڪئي ته چارو آشيش کي خدا حافظ چيو، پر هن ڪاوڙ ۾ اهڙي نموني منهن ٻئي پاسي ڦيريو جو چارو مسڪرائيندو رهجي وئي. هو جيئن ئي نڪتا ته هڪ ٻيو مريض ڪنجهندي ڪلينڪ اندر داخل ٿيو.
    هن واقعي کي اڃا ٻه ڏينهن مس گذريا هئا، چارو جي در تي لڳل اليڪٽرانڪ بيل زور زور سان وڄڻ لڳي، هوءَ ڏاڪا لهندي در وٽ آئي ۽ در کوليائين ته منوهر، آشيش جو هٿ جهليو، سندس نظرن آڏو بيٺو هو.
    ”اسپتال جو در بند هيو، ان ڪري گهر جي بيل وڄائي.“
    ”مان رڳو شام جي وقت اسپتال ۾ ويهندي آهيان.“ چارو بيزاريءَ مان وراڻيو.
    ”معافي ٿو گهران... پرچي تي لکيل وقت ڪونه پڙهيو اٿم سو ائين ئي هن کي وٺي آيو آهيان.“
    ”پر هاڻي ته اچي ويا آهيو نه... خير آ... صبح يا رات جيڪڏهن ڪو اچي ويندو آهي ته مان هروڀرو واپس ناهيان ڪندي... مٿي هليا اچو....“ ائين چئي، چارو واپس ڏاڪا چڙهڻ لڳا ۽ سندس پٺيان هي پيءُ پٽ به مٿي وڃڻ لڳا، جڏهن وڏي هال ۾ داخل ٿيا ته منوهر کي اهو هال بيحد ڪشادو نظر آيو، جنهن جي فرش تي هڪ پراڻو قالين وڇايل هئو، هال اندر خوبصورت صوفا سيٽ گهڻن خانن واري دلفريب ڪاٺ جي وڏي ميز ڪرسيون ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي شيون سجاوٽ سان رکيل هيون، جن سان هيءُ هال وڻندڙ ٿي پيو هو.
    ”اوهان وٽ ته پراڻو ۽ ناياب فرنيچر رکيل آهي.“ منوهر ساراهه ڪندي چيو.
    ”ها! پر هي سڀ شيون منهنجي سهري جون آهن، هو پراڻي فرنيچر جو شوقين آهي.“ چارو مختصر جواب ۾ وراڻيو.
    منوهر جي نظر هڪ بڪ شيلف ۾ ترتيب سان رکيل ڪتابن تي پئي ته هن وڌي ڪتابن کي ويجهي کان ڏٺو. منوهر جي اهڙي عمل تي چارو پاڻ مٿان ڪاوڙ کائڻ لڳي ته هن مريض جي حيثيت ۾ آيل ماڻهن کي پنهنجي گهر اندر آڻي غلطي ڪئي جيڪي هاڻ گهر اندر رکيل شين کي مهمانن جيان ڏسي رهيا هئا... پر پوءِ پاڻ تي قابو پائيندي، هن منوهر کي ويهڻ لاءِ چيو جڏهن هو صوفا سيٽ تي ٿي ويٺو، چارو کانئس معلوم ڪرڻ لڳي:
    ”آشيش کي فائدو آهي يا نه؟...“
    ”في الحال ته فرحت اٿس... پر پيٽ جي سُور جي شڪايت برقرار آهي، ان ڪري گهٽ ٿو کائي پيئي.“
    ”هُونهه... ته پوءِ هن جي هيٺ هلي چڪاس ڪرڻ گهرجي.“ پر هيٺ وڃڻ بدران چارو فقط زبان سان ائين وراڻيو هو، آشيش نهايت غور سان هال ۾ رکيل شين کي گهوريندو وڃي هڪ وڏي گهڙيال سامهون ٿي بيٺو.
    ”هن قسم جو گهڙيال شايد پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهي.“ منوهر پٽ جي ڪيفيت جي ترجماني ڪرڻ لڳو.
    چارو جي گهر ۾ پير رکندي ئي آشيش بلڪل بدلجي ويو هو. هن جي چهري تي ڪاوڙ بدران مسڪراهٽ تري آئي هئي ۽ هو پاڻ کي خوش خوش محسوس ڪري رهيو هو. پٽ جي ڪيفيت کي پرکيندي منوهر سرهائي وچان وڌيڪ چيو: ”توهان جو گهر وڻي ويو اٿس... هن وڏي گهر جي سار سنڀال ڪير ڪندو آهي؟“
    ”مان ڪندي آهيان.“ چارو وراڻي ڏني. ”هن شين کان سواءِ هن گهر ۾ ٻيون به ڪئي قديم ۽ ناياب شيون موجود آهن، پر انهن تي هينئر مٽيءَ جا تهه چڙهي ويا آهن، ڇا ڪجي واندڪائي نٿي ملي جو انهن جي صفائي ڪرائجي.“
    ”توهان جو مڙس ۽ سُهرو ڪهڙو ڪاروبار ڪندا آهن؟“
    ”هڪ ڪارخانو آهي جنهن کي ٻئي گڏجي سنڀالي رهيا آهن.“ هڪدم چارو کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هوءَ آيل مريض سان ذاتي ڳالهيون ڪري رهي آهي، تڏهن پاڻ سنڀاليندي هن موضوع بدلائيندي چيو: ”اچو ته هيٺ هلون.“
    اسپتال جي ڪمري ۾ داخل ٿي هن آشيش کي اسٽريچر تي ليٽايو، جنهن هاڻ ڪوبه ضد نه پئي ڪيو چڪاس کان فارغ ٿي، هن ڪجهه دوائون بدلائي لکيون، پوءِ وڃڻ وقت در کان مڙندي، منوهر معذرت ڀريل لهجي ۾ چيو، “مون اوهان کي صبح سان تڪليف ڏني، جنهن لاءِ بيحد معذرت خواهه آهيان.“
    ”مان صبح جو واندي هوندي آهيان، هونئن به اهو منهنجو ڪم آهي، اوهان دلجاءِ ڪريو.“
    ”هڪ ڳالهه چوان... صبح جو واندڪائي اٿوَ ته پوءِ اسپتال ڇو نه ٿيون کوليو؟“
    ”بس ائين ئي....“ چارو پهرين ڀيرو منوهر جي خوبصورت چهري ڏي نهاريندي مسڪراهٽ سان وراڻيو.
    ”توهان جي مرضي پر اسان کي اهو فائدو پيو ته ان بهاني سان توهان جو دلڪش ۽ حسين گهر ڏسڻ جو موقعو مليو.“ منوهر به مسڪرائي ڏنو.
    ”ماڻهن جي وجود کان خالي ۽ ويران گهر اوهان کي خوبصورت لڳو.... وڏي تعجب جي ڳالهه چئبي.“
    ”اوهين ان گهر ۾ ڪل ڪيترا ڀاتي آهيو؟“
    ”هوُنهه! ٽي.“ چارو اڱرين سان ڳڻپ ڪندي، پوءِ وراڻيو، ”مان! منهنجو مڙس اڀي ۽ سهرو.... اسان کي اولاد ناهي بس!! اڀي ئي پنهنجي پيءُ جو اڪيلو اولاد آ.“
    چارو جي باري ۾ ايترو ڪجهه ته هن جي پاڙي کان وٺي تر جي ڳوٺن تائين جا ماڻهو به ڄاڻندا هئا، هونئن به هوءَ مريضن کي پنهنجي باري ۾ ڪجهه به نه ٻڌائيندي هئي، پر خبر ناهي الائي ڇو اهو پهريون ڀيرو هو جو منوهر کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار هئي کين ويندو ڏسي، هوءَ اسپتال کان ٻاهر آئي هئي. باغ ۾ تازن گلن جي مهڪار سان معطر خوشبوءِ جڏهن چارو پنهنجي ساهه ۾ سمائبي محسوس ڪئي، ته هوءَ وڌي وڃي ٻوٽن جي ويجهو بيٺي، هن جي نظر پنهنجي گهر آڏو باغ ۾ ڪجهه اهڙن وڻن تي پئجي وئي، جن ۾ هاڻ ميوو تيار بيٺو هو. مينهوڳيءَ بعد وڻن تي قدرت جي خاص ٻاجهه پوندي آهي، جو هو تازا توانا ۽ دلفريب ٿي پوندا آهن.
    منوهر ٽن ڏينهن جي وٿيءَ کان پوءِ آشيش کي ساڻ ڪري، وري چارو وٽ پهتو ته هن معمول وانگي آشيش جي چڪاس ڪئي هن ڀيري آشيش اڳي جي ڀيٽ ۾ گهڻو بهتر نظر ٿي آيو ۽ خوش پڻ.
    ”هن جي بيماري ختم ٿي چڪي آهي، پوءِ به هن کي احتياطن ٻه ڏينهن وڌيڪ دوا کارائڻي آهي.“
    ”اهو ڏاڍو سٺو ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي پريشاني ته گهٽجي پوندي.“ منوهر خوشيءَ ڀرئي انداز ۾ وراڻيو.
    ”گهر ۾ ڪنهن سان رلي ملي ويو آ.... يا اڃا ساڳي حالت اٿس.“
    ”ڪو خاص نه... ننڊ مان جاڳ ٿيندي ئي منهنجو هٿ پڪڙيندو آ... هن کي تيار ڪرڻ کاڌو کارائڻ، ساڻس راند ڪرڻ، ڪتابن مان ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائڻ، سڀ منهنجي ذمي آهي.“ چارو جون نظرون آشيش ۾ کتل هيون، هو ستن سالن جي عمر واري پيءُ جيان خوبصورت نقشن وارو هڪ سهڻو ۽ معصوم ٻالڪ هو، جنهن کي قيمتي ڪپڙن غير معمولي حد تائين وڻندڙ بڻائي ڇڏيو هو... هيڏانهن منوهر جي رام ڪٿا جاري هئي.
    ”ماءُ سان ڪي گهڙيون سڪون سان ويهڻ لاءِ سڪي رهيو آهي. مون ته ان خيال کان کيس هت آندو ته پنهنجن سان ملي خوش گذاريندو، پر هاڻ ته اهي به هن جي بي رخي ڏسي مايوس ٿي ويا آهن، مون کي ڪهڙي ڪل هئي ته ڪو هت اچي مون لاءِ ممڻ مچائي ڏيندو.“
    ”اتي به هن جو ورتاءُ اهڙو هوندو آ ڇا؟“
    ”نه... ٺيڪ ٺاڪ هوندو آهي. صبح جو مان ۽ گهر واري پنهنجي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي نڪري ويندا آهيون ۽ رستي ۾ دي ڪيئر سينٽر آهي، جتي هن کي ڇڏي ويندا آهيون، اتي ئي هن جو اسڪول آهي. سينٽر جون ملازم عورتون هن کي کاڌو کارائينديون آهن... ننڊ ڪرائينديون آهن... ڪجهه ته هن جي تعريف ڪندي ٿڪبيون ئي ناهن... جڏهن گهر موٽي ايندو آهي ته به ٺيڪ هوندو آهي. ماءُ جي ڪنهن ڳالهه تي ضد ناهي ڪندو... سندس شمار سينٽر جي مثالي ٻارن منجهه ٿئي ٿو.“
    ”اهو به ممڪن آهي ته کيس ماءُ ياد ايندي هجي.“
    ”ٿي سگهي ٿو، پر هن پنهنجي ڪنهن عمل مان ائين محسوس ناهي ڪرايو، پر ائين ممڪن آهي ڇا؟!!“
    ”ٻارن جي باري ۾ ڪجهه به يقين سان نٿو چئي سگهجي. هنن جي دل ۾ ڪا ڳالهه ضرور هوندي آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن عمل جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. ڇو ته هو لفظن جي ذريعي کلي اظهار ڪري ناهن سگهندا.“ چارو جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندي منوهر کيس يڪ ٽڪ گهوريندو رهيو.
    آشيش ميز تي پيل ليٽر تي پين سان ليڪا پائي رهيو هو. بلڪل ائين جيئن ڪو مصور جھان کان بي خبر پنهنجي تصوير ۾ رنگ چٽيندو رهندو آهي. منوهر کيس ائين ڪندو ڏسي منع ڪئي، اٿاري پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لڳو.
    ”توهان اسان جي گهر ايندؤ ته ڏاڍي خوشي ٿيندي، پر ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ نه هڪ مهمان جي حيثيت ۾.“ وڃڻ مهل منوهر چارو کي دعوت ڏني.
    ”مان!... معاف ڪجو... مان تمام گهٽ ايندي ويندي آهيان. شام جي وقت جڏهن ٻين عورتن کي واندڪائي ٿئي ٿي، ته آءٌ هت اسپتال ۾ مصروف هوندي آهيان... ۽ صبح جو وري مون کي پنهنجي مصروفيت ٿئي ٿي.“
    ”پليز! مون کي غلط نه سمجهجو... مون انهيءَ خيال کان چيو ته امان ۽ ڀاڄائيءَ سان ملي، اوهين تازه دم ٿي ويندؤ ۽ ان بهاني توهان جي مڙس سان به ملاقات ٿي پوندي.“
    ”ڪنهن سان؟.... او اڀي... پر هو ته تمام دير سان گهر ورندو آهي.“
    ”خير... جيڪا توهان جي مرضي.“
    آشيش ۽ منوهر وڃڻ لڳا ته چارو ليڪا پاتل پني کي ڦاڙي، ذرا ذرا ڪري ڊسٽ بن ۾ اڇليو ۽ شين کي ترتيب سان رکڻ لڳي، جيڪي آشيش ڊاهي وڌيون هيون.
    ”مون کي توهان سان معذرت ڪرڻي آهي؟“ رات جو منوهر فون تي چارو سان مخاطب ٿيو.
    ”معافي! پر ڇا جي!؟“
    ”دراصل آشيش توهان جي ٽيبل تان ويٽ پيپر کڻي آيو آهي، سچ ته اها وڏي غير حرڪت آهي.“ منوهر جو لهجو شرمساريءَ وارو هيو.
    ”ڪا وڏي ڳالهه ناهي... ٻار ته حرڪتون ڪندا ئي رهندا آهن... ٻار جو ٿيا!...“
    ”پر هيءَ غلطي نه چوري آهي... مون کي ان ڪري به شرم محسوس ٿي رهيو آهي، ته هن کان اڳ هن اهڙي حرڪت ڪڏهن به ناهي ڪئي.“
    ”ضروري ناهي ته هو هيراڪ هجي، مون چيو ته ٻار اهڙي ٻاراڻي ڪندا ئي رهندا آهن. اوهان به هاڻ ان کي وساري ڇڏيو ۽ خيال رکو ته هو وري ٻيهر ائين نه ڪري.“ چارو ڄڻ انهيءَ قصي کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو.“ هو ننڊ آهي يا جاڳي پيو؟“
    ”هينئر هينئر ستو آهي. تڏهن ئي توهان ڏي فون ڪئي اٿم.“
    ”توهان گهر اچڻ جي دعوت ڏني ۽ مون انڪار ڪيو... اميد ته منهنجي انڪار کي اوهان غلط نه سمجهيو هوندو.“
    ”نه نه... اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي... اوهان هن علائقي ۾ رهو ٿيون... ڪلينڪ هلايو ٿيون... سو ماڻهن سان لڳ لاڳاپو به سٺو عمل آهي... مون انهيءَ خيال سان چيو هو.“
    ”ها ڇو ته ماڻهن سان منهنجا تمام سٺا تعلقات آهن، پر هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾.“ چارو ڳالهه پوري ڪئي ته منوهر وري نئين سر ڳالهه شروع ڪئي.
    ”اوهان ڪڏهن ٿا اچو؟!!“
    ”مون چيو نه، ته مون وٽ وقت بلڪل ناهي هوندو....“ چارو پنهنجي انڪار کي ورجايو.
    ”هونئن ايترو وقت ڪهڙي قسم جي ڪتابن جو ماطالعو ڪنديون آهيو.“
    ”ميڊيڪل سائنس جي دنيا ۾ هر نئين ڏينهن نيون شيون اچن ٿيون، انهن ڪتابن جو مطالعو ڪندي اهيان.... ته جيئن مريض جي مرض کي پرکي سگهان. اوهان ڏسي چڪا آهيو، مون وٽ ٻي ڏاڍي سٺي ڪليڪشن ڪتابن جي.“
    ”هائو، سٺي ڳالهه آهي، ڇا مون کي به ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ اڌارو ملي سگهندو!“
    ”ذاتي لائبريري ٺاهڻ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي، اهو ته توهان به ڄاڻو ٿا، سو مان معذرت ٿي ڪريان، هي منهنجي ذاتي لائبريري آهي.“
    ”مان سمجهي سگهان ٿو... پر مون کي ان ڳالهه جي به خوشي آهي... ته اوهان جو سهرو علم ادب سان چاهه رکندڙ شخص آهي.“
    ”نه.... ائين نه آهي، هن ته رڳو ڪتاب ميڙيا آهن ته جيئن هال جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو اچي... پڙهندي ته مان ئي آهيان.“
    سندن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هلندي، پوءِ وقت جا ڪيترائي پل چپ چاپ لنگهي ويا ۽ هو ٻئي خاموش رهيا، وڌندڙ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي آخر منوهر وري چيو.
    ”مون توهان جو چڱو وقت وڃايو آهي، سو مان معذرت خواهه آهيان.“
    ”خير آهي، مان به مطالعو ڪري رهي هيس... هونئن به گهر ۾ ڪوبه ناهي.“
    ”ڇو؟... ڪارخاني ۾ ايتري دير تائين ڪم هلندو آهي ڇا؟“
    ”نه.... ڪارخانو ته گهڻو وقت اڳ ۾ بند ٿي ويندو آهي. اڀي ۽ سندس پيءُ بزنس جي سلسلي ۾ اڪثر پارٽين سان ملندا آهن ۽ پوءِ وري ڪلب ۾ تاش کيڏندا آهن.“
    ”مطلب ته توهان اڪيلا آهيو... ايڏي وڏي گهر ۾ خوف ناهي ٿيندو توهان کي؟!!“
    چارو کلندي وراڻيو، ”ڪهڙيءَ ڳالهه جو....“
    ”مان ويهين صديءَ جي هڪ لکيل پڙهيل عورت اهيان.“
    ”منهنجو مطلب هيو ته جنن ڀوتن جو.“
    ”رات جو چوڪي هلي ٿي. گهر ۾ پراڻو نوڪر به خبردار هوندو آهي. هونئن به ٻئي کان ڊڄي ماڻهو ڪيستائين زندگي گذاريندو، سو ڊپ ڪجي ته ڇا جو؟“
    ”اوهان جون ڳالهيون ٻڌي، مون کي اوهان هڪ بهادر عورت ٿيون لڳو.“
    ”بهادر... ۽ آءٌ....“ منوهر جي اهڙيءَ ساراهه تي چارو کي حيرت ٿي.
    ”توهان کي مون بابت ايتري ڄاڻ آهي ئي ڪونه، پوءِ مان بهادر ڪيئن ٿيس!“
    ”ڪنهن کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ٻه چار ملاقاتون به ڪافي ٿينديون آهن.“
    ”هينئر رات جو هڪ ٿي رهيو آهي... جي اوهان پنهنجي گهر ڀاتين سان ڪچهري ڪريو ته وڌيڪ سٺو ٿيندو.“ چارو ڄڻ وڌيڪ ڳالهائڻ کان لنوايو پئي. ”چڱو... مان فون رکان ٿي.“ ۽ پوءِ چارو فون جو رسيور رکيو ته هن جي ڪمري اندر ڄڻ ازل جي خاموشي ٻيهر ڌوڪي آئي هئي.
    صبح کان ئي مينهن جون ڪڻيون تيز تيز وسي وري ائين ماٺيون ٿي ويون جيئن ڪو جهونو مڙس گاڏيءَ تي پهچڻ لاءِ تڪڙيون وکون کڻندي ٿڪجي پوي ۽ پوءِ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳندو هجي.... رستن روڊن ۽ باغن ۾ پير پسائڻ جيترو پاڻي گڏ ٿي ويو هو. آسمان تي ڪارا ۽ ميرانجهڙا ڪڪر ڇانيل هئا. جنهن ڪري ڏينهن ميرانجهڙو ٿي لڳو.... هوا ۾ به هلڪي هلڪي ٿڌ سمايل هئي... چارو ڪلينڪ جو دروازو کوليو ته سڀ کان اڳ منوهر اچي نڪتو، جنهن بعد ڪجهه ٻيا مريض به هڪ ٻئي پٺيان پهچندا ويا. پر منوهر هڪ جاءِ تي ڪنڊائتو ٿي ويٺو رهيو ۽ ٻين آيل مريضن کي موقعو ڏنائين، جن جي تپاس ڪندي چارو منوهر جي موجودگيءَ کي شدت سان محسوس ڪندي رهي. ٻن ڪلاڪن بعد جڏهن هوءَ واندي ٿي ته منوهر اچي هن جي سامهون ويٺو.
    ”توهان ته سڀ کان پهريان آيا هئو، پوءِ ائين ويهي ڇو رهيا؟“
    ”اڄ مان مريض جي حيثيت سان ناهيان آيو.“
    ”مطلب؟“
    ”اڄ آشيش پهريون ڀيرو امان سان گڏجي گهمڻ ويو آهي. آءٌ واندو هيس ۽ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪاڏي وڃان، بس بي سبب هيڏي هوڏي چڪر ڏيندو رهيس ۽ انهيءَ دوران مينهن وسي پيو هيڏانهن هليو آيس....“
    ”توهان وٽ ته ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا ڪم هئا، پوءِ ائين وقت ڇو ٿا وڃايو.“
    ”ها! هيا ته سهي....“ منوهر ذهن تي زور ڏئي ڄڻ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”سوچيو هيم ته ڪاليج مان چڪر هڻي اچان... پراڻن يارن دوستن سان ملي اچان ۽ هي هوٽل، سينيمائون بازارون ۽ جايون گهمي اچان، جن سان منهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو گذريو آهي... پر الائي ڇو اهو سڀ مون کي فضول لڳي رهيو آهي... منهنجو هيئن اچڻ توهان کي خراب ته نه لڳو نه....“ منوهر جي ڊگهي وضاحتي جواب جي موٽ ۾ چارو خاموش رهي ۽ پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. پوءِ ٽيبل تي ڪئلينڊر ۾ اکيون کپائي ڇڏيائين.
    ”توهان پنهنجي پريڪٽس کي ڪنهن ٻئي هنڌ وڌايو ڇو نه ٿا!“
    ”آءٌ فقط ايم. بي. بي. ايس آهيان. پوسٽ گريجوئيٽ ناهيان....“
    ”ان ۾ ڪهڙو حرج آهي.“ منوهر جي ڳالهين چارو کي منجهائي وڌو هو ڇو ته گذريل وڏي عرصي کان وٺي ڪنهن به ماڻهوءَ سان سندس اهڙي ويجهڙائپ نه ٿي هئي... چارو کي خيال آيو ته جيڪر منوهر کي هڪدم هليو وڃڻ لاءِ چوي ۽ کيس ٻيهر ڪڏهن به نه اچڻ ڏئي... پر هوءَ ائين نه ڪري سگهي، جو ٻيءَ گهڙيءَ کيس هي خيال به تري آيو ته ڪو منوهر هميشه لاءِ هتي ڪونه رهندو... پوءِ ايڏي بيزاري ڇا لاءِ؟.... هو ته فقط ڏيڍ هيني جو مهيني جو مهمان آهي ۽ هن جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ ۽ سڀاءُ به عام ماڻهن کان نرالو آهي، ان ڪري هن سان ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ ۾ ڪوبه حرج ناهي... پر هوءَ اڃا تائين منوهر جي سوالن ۾ منجهيل هئي. تڏهن به چئي ڏنائينس، ”اوهان منهنجو گهت ڏسي آيا آهيو... ان گهر کي ٺاهڻ، سنوارڻ گهر جي هر شئي سان رشتو جوڙي رکڻ... مطلب ته پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن مقصد خاطر ڪري ڇڏڻ... سڀ ڪجهه ايترو سولو ناهي هوندو.“
    چارو جو لهجو ڏکارو ٿي ويو. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي، دريءَ وٽ اچي بيٺي. ٻاهر هاڻ فضا مان خوشبو پئي آئي، پر هن جي من ۾ مايوسي لٿل هئي، جنهن کي لڪائڻ لاءِ هن پاڻ کي سنڀاليو هڪدم واپس ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ ٽيبل لئمپ جو بلب ٻاري ڇڏيائين... منوهر دل ئي دل ۾ اهو سڀ محسوس ڪندو رهيو هو. پوءِ هن چارو کي وڌيڪ کولڻ چاهيو، ”ڪجهه به هجي، پر هن علائقي ۾ توهان جي پنهنجي خاص سڃاڻپ آهي. تڏهن ئي ته اوسي پاسي جا مريض هيڏي اچن ٿا.“
    ”اهي برابر ايندا آهن، جو کين مان دوائون به هڙان ڏيندي آهيان... جي موجود نه هونديون اٿم ته گهرائي ڏيندي آهيان... فيس به معمولي چارج ڪندي آهيان... سندن خبر چار الڳ لهندي آهيان. تڏهن ئي ته هو خوشي خوشي مون وٽ اچن ٿا.“ هنن ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه جاري هئي ته هڪ جوڙو پنهنجي معصوم ۽ ابهم ٻارڙي کي ڇٽيءَ جي پاڇي ۾ لڪائي، ڪلينڪ اندر داخل ٿيڻ لڳو، جن کي ڏسي منوهر وڃڻ لڳو ته چارو هن کي ويندو ڏسي، پنهنجائپ واري نظر سان تڪيندي مسڪرائي ڏٺو هو.
    پنڊت صاحب جي در تي لڳل اليڪٽرڪ بيل تيز تيز وڄڻ لڳي. هن جي وڏي پٽ تڪڙ ۾ وڃي دروازو کوليو ته ٻاهرچارو بيٺل نظر آيس. هن کيس وڌي قرب ۽ عزت وچان کيڪاريندي، گهر اندر اچڻ لاءِ چيو.
    ”اوهان... اچو اچو... پليز اندر هليا اچو... امان جي تڪليف اسان کي هڪ عجيب خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.“
    چارو کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ سڌو ان طرف وڌي، جتي منوهر جي ماءُ سور وچان ائين تڙپي رهي هئي جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندي رهندي آهي. بستر جي چوگرد گهر جو هر ننڍو وڏو ڀاتي هڪ عجيب پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي بيٺو هو. جنهن جي هڪ ڪنڊ کان ويٺل چارو منوهر جي ڀاڄائيءَ طرف اشارو ڪندي، سڀني سان مخاطب ٿي: ”توهان مون سان هت ترسو ۽ باقي سڀ مهرباني ڪري ٻاهر هليا وڃو.“
    ”هن جي پٺيءَ جون رڳو سُڪڙجي ويون آهن... في الحال تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ مان سور واري انجيڪشن ڏيان ٿي، جي آرام نه مليو ته پوءِ وري ڏسنداسين... ڪجهه ڏينهن لاءِ امان کي هيٺ پٽ تي سمهڻو پوندو....“ ڪمري کان ٻاهر اچي چارو سمورن گهر ڀاتين سان ڳالهايو.
    ”ڊاڪٽر صاحب پريشاني جھڙي ته ڪا ڳالهه ناهي نه....“
    ”بلڪل نه... اوهين سڀ دلجاءِ ڪريو....“ چارو آشيش طرف نهاريندي جواب ڏنو، جيڪو هن صورتحال سبب هراسجي ويو هو.
    ”ڀڳوان جي ڪرپا ٿي وئي... نه ته مون کي پڪ هئي امڙ کي اسپتال داخل ٿيڻو پوندو.“ منوهر جي وڏي ڀاءُ تشويش واري لهجي ۾ چيو.
    ”امان ڪائي ڳري وزن واري شئي کنئي آهي ان ڪري ائين ٿيو آهي.“
    ”اچو. آءٌ اوهان کي ڇڏي اچان.“ منوهر احسان مند لهجي ۾ چيو.
    ”تڪليف نه ڪريو... آءٌ پاڻ ئي هلي وينديس.“
    ”اهو ڪيئن ممڪن آهي رات جي هن وقت ۾ اڪيلا نه وڃو. منوهر توهان کي ڇڏي ٿو اچي.“ منوهر جي ڀاءُ جي ڳالهه کي چارو رد نه ڪري سگهي ۽ پوءِ دڳ ۾ هوءَ سوچڻ لڳي.“ جڏهن مان آئي اڪيلي هيس، تڏهن ڪنهن به نه پڇيو ۽ هاڻي منهنجي وڃڻ جو وڏو فڪر اٿن... ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي.“ پوءِ منوهر ڏي تڪڻ لڳي ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”سوچي رهيو آهيان ته جلد موٽي وڃان... اڄ امڙ جي حالت ڏسي آشيش ڊڄي پيو آهي.“
    ”پنهنجي ماءُ ياد ايندي هوندس ممڪن آهي گهر کي ياد به ڪرڻ لڳو هجي.“
    ”۽ توهان؟“
    ”مان!!... مان ڇا؟“
    ”منهنجو مطلب آهي ته توهان کي ياد نه ٿو اچي.“
    ”مون کي... ڪو خاص نه... آءٌ هاڻ عمر جي اهڙي حصي ۾ آهيان، جتي اهي ڳالهيون بي معنيٰ آهن... هونئن به اسين پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ ايترو مصروف هوندا آهيون جو اهو سڀ سوچڻ جو وقت ئي ناهي ملندو.“
    هو ٻئي ڳالهيون ڪندا اچي گهر وٽ پهتا هئا... چارو جي گهر جي مٿئين حصي ۾ روشني ڦهليل هئي... جنهن طرف نهاريندي منوهر کانئس ساڳيو سوال پڇيو هو.
    ”اوهان واقعي هن وقت تائين گهر ۾ اڪيلا آهيو؟... ٻيو ڪوبه اوهان سان گڏ ناهي؟“
    ”نه“ چارو ڪنڌ سان نهڪر ۾ وراڻيو.
    ”پر اهي ايڏيءَ دير تائين ٻاهر....“
    ”هرڪو پنهنجي ڪِرت ۾ مصروف رهي ٿو، بس اسان جي اهائي زندگي آهي.“
    ”هن وقت رات جا ساڍا نوَ ٿي رهيا آهن.“
    ”خبر آهي... پر هو ساڍي يارهين کان اڳ ناهي ايندو.“
    ”اهو ڪجهه ٺيڪ ناهي... مڃان ٿو ته ڪم ڪار به لازمي آهن، پر جيون ۾ هر وقت رڳو ڪم ڪار ئي ته سڀ ڪجهه ناهي هوندو.“
    ”ها! پر منهنجي اها ئي زندگي آهي.“ چارو جي لهجي ۾ مايوسي ڀرجي آئي هئي.
    ”اوهان پاڻ کي هروڀرو هن قسم جي زندگيءَ ۾ قيد ڪري رکيو آهي. جڏهن ته توهان هڪ باصلاحيت ڊاڪٽر آهيو... ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهيو پوءِ به....“
    ”مان توهان کي ٻڌائي چڪي آهيان ته هن گهر اندر، گهر جو حصو بڻجي رهڻ بعد آزاديءَ جو تصور کوکلو آهي.“ چارو گيٽ وٽ مڙندي، وري ڳالهائڻ لڳي، ”ماڻهو جي وڃي به ته آخر ڪيڏانهن وڃي. هن گهر... گهر جي هرهڪ شئي سان منهنجو سالن جو ناتو آهي، جنهن کان مان چاهيندي به پري نٿي وڃي سگهان... مڃان ٿي ته دل جي ڪانه ڪا خواهش... آرزو آهي پر درست ۽ غلط جو فيصلو منهنجي اختيار ۾ ناهي... تنهن ڪري ئي ته مان پاڻ کي هن گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.“
    ”هر ماڻهوءَ جي ذاتي زندگي به ٿئي ٿي... ڇا توهان ڪڏهن ان کي محسوس ناهي ڪيو!!“
    ”اهو ضروري ناهي ته هر انسان جون سموريون خواهشون پوريون ٿين... ڪيترن ئي انسانن کي رهڻ لاءِ گهر ناهي... کائڻ لاءِ پئسو ناهي... هٿن... ڪنن... پيرن کان معذور هوندا آهن... اهي به جيئن پيا... پوءِ؟“
    ”توهان کي ائين نه سوچڻ گهرجي... اوهين ٻين کان منفرد آهيو.“
    ”نه مان ائين ئي آهيان... ڪنهن سان به ناهيان ڳالهائيندي... بس رڳو اوهان سان ئي ڳالهايو اٿم... منهنجو خيال آهيته توهان کي هينئر وڃڻ گهرجي گهر ڀاتي انتظار ۾ هوندا.“
    ”توهان فڪر نه ڪريو، بس رڳو آشيش کي انتظار هوندو.“
    چارو ڪجهه پل چپ رهي ۽ پنهنجي چوگرد جي ماحول ۾ نهارڻ لڳي جتي رڳو خاموشيءَ ڇانيل هئي ۽ خود چارو جو گهر کنڊر جھڙو ڏيک ڏئي رهيو هو. ٿوريءَ دير رکي هن وري ڳالهايو: ”توهان جي واپسي ڪڏهن آهي؟“
    ”ٻن هفتن کان پوءِ... پر وڃڻ جي تاريخ اڃا مقرر ناهي ٿي.“ منوهر وراڻيو.
    ”وري هت اچڻ جو خيال آهي يا نه؟“ چارو جي هن قسم جي سوال تي منوهر کي پنهنجائپ واري حيرانگي محسوس ٿيڻ لڳي. ”في الوقت ته من ۾ اهڙي ڪابه خواهش ناهي، پر ايندڙ وقت جي باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان.“
    ”آءٌ هاڻ ويندس ڪتاب اڌ ۾ ڇڏي آئي هيم... رات جو دير تائين پڙهڻ منهنجي روٽين جو حصو آهي، اهو ته توهان ڄاڻو ٿا....“ چارو ائين چئي هلڻ لڳي، اوچتو ڄڻ کيس ڪا ڳالهه ياد اچي وئي هجي. پٺتي مڙي هن چيو ”جيڪڏهن امڙ کي آرام نه اچي ته مون کي فون ڪري وٺجو.“
    ڪجهه ڏينهن اندر ئي منوهر جي ماءُ چاق ٿي وئي ۽ هلڻ ڦرڻ شروع ڪري ڏنائين، هڪ ڏينهن آشيش کي ساڻ ڪري، چارو جي ڪلينڪ هلي آئي. چارو سمجهيو ته شايد هن جي طبيعت ٺيڪ نه آهي.
    ”ڪيئن آهي هاڻ طبيعت... دوائون هلن ٿيون يا بند ڪيون اٿوَ.“
    ”ڊاڪٽر! مان ته خوش آهيان، پر هن کي آندو اٿم.“ آشيش طرف نهاريندي هوءَ چوڻ ٿي لڳي. ”هت اچڻ کان پوءِ ڪونه ڪو مرض لاحق ٿو ٿئيس... منوهر سان ته اڪثر ايندو رهندو اٿوَ نه؟“
    ”ها مان؟ آمريڪا جي ماحول جو هيراڪ آ، سو هتان جي آبهوا هن لاءِ سٺي ثابت ناهي ٿي.“
    ”نه، ائين نه آهي، هيءُ ماءُ جي ياد ۾ ائين ٿي پيو آهي.“
    پوءِ چارو مڪمل ڌيان سان آشيش جو چيڪ اپ ڪرڻ لڳي، پر هن جون نظرون آشيش جي وجود ۾ کتل هيون، جنهن جو گلاب جھڙو مُک ڪومايل ٿي لڳو اکين ۾ بيقراريءَ جا ترورا رقص ڪري رهيا هئس ۽ رنگ زردو ٿي چڪو هيس، اڄ هو غير معمولي حد تائين نراس نظر ٿي آيو.
    ”معمولي بخار سان گڏ اکين ۾ انفيڪشن ٿي پيو اٿس. دوا سان گڏ مان ڊراپس به لکي ڏيان ٿي، اهي هر ٽن ڪلاڪن جي وقفي سان ٻنهي اکين ۾ ٻن ڏينهن تائين وجهندا رهو.“
    ”منهنجو ٻچڙو! پرديس ۾ ڄائو... پرديس ۾ نپنو... هي پرديس جو هيراڪ اسان سان ڪيئن رهندو... اهو مون کي ئي نڀاڳ کنيو هو جو کيس اکين جي سڪ لاهڻ جي لاءِ هت گهرايو اٿم.“ منوهر ماءُ پاڻ کي برو ڀلو چوڻ لڳي ته چارو موضوع مٽائيندي سوال ڪيس ”اڄ هن جو پيءُ ساڻس گڏ ناهي آيو!؟“
    ”منوهر...؟ هُو ته پنهنجن پراڻن دوستن سان ملڻ لاءِ ويل آ.“
    ”هي ڪهڙي تاريخ تي واپس پيا موٽن؟“
    ”اڄ اربع آهي سو ايندڙ خميس تي يعني پورن اٺن ڏينهن کان پوءِ.“ منوهر جي ماءُ اکيون پوريندي هٿ جي آڱرين تي حساب ڪرڻ کان پوءِ وراڻي ڏني هئي.
    ”تون هاڻ واپس وڃي رهيو آهين، سو خوش گذار....“ چارو پيار ڀريل لهجي ۾ آشيش کي چيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪم ۾ جنبي وئي.
    چارو ڪلينڪ بند ڪري جيئن ئي ڏاڪڻ ۾ پهتي ته در جي ڪال بيل زور سان وڄڻ لڳي هوءَ ڪي پل بيٺي سوچيندي رهي ۽ پوءِ جيئن ئي در کوليائين، منوهر هن جي سامهون بيٺل هو.
    ”مون ڀانيو ته ڪلينڪ کليل هوندي.“
    ”هينئر ئي بند ڪئي اٿم... ۽ آشيش به اڃا هاڻي ئي هتان ويو آهي.“
    ”ها! امڙ مون کي ٻڌائي چڪي آ.“
    ”امان...“ چارو وري ڳالهايو ”امان ته اڄ توهان جي باري ۾ مون کي گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي... پر مون اهو سڀ ذاتي طور ناهي پڇيو.“
    ”توهان به پاڻ بابت ڪڏهن ڪجهه ناهي ٻڌايو.“
    ”مان... مان پاڻ بابت ڪنهن کي ڪجهه ناهيان ٻڌائيندي... هن وقت ڇا توهان مون سان اها ڳالهه ڪرڻ آيا آهيو.“ چارو پنهنجي دل تي دٻاءُ محسوس ڪندي چيو.
    ”منهنجو مقصد هيءُ آهي ته پاڻ ڪيترائي ڀيرا مليا آهيون... ڳالهيون به ڪيون آهن پر مون ڪوبه تڪلف ناهي ڪيو. جيڪڏهن توهان به ائين ئي ڪريو ها ته اعتماد بحال ئي رهي ها... دوستيءَ جا به ڪي اصول ٿيندا آهن. ”منوهر جي هن قسم جي ڳالهين ٻڌڻ بعد چارو کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا چوي، هوءَ منجهي پئي هئي، بهانو ڪندي وراڻيائين، ”توهان ترسو... مان پاڻي پي موٽي ٿي اچان.“ پوءِ هوءِ بيڊ روم ۾ هلي آئي ۽ فرج مان بوتل ڪڍي ٻه ڍڪ پيتائين، باقي ٿڌي پاڻيءَ جا منهن تي ڇنڊا هڻڻ لڳي ته کيس مونجهه گهٽجندي محسوس ٿي... جڏهن واپس ٻاهر آئي ته منوهر وڃي چڪو هو... هڪدم ڀريل گهر ۾ اڪيلائيءَ جو اهو احساس هن کي ڪاريهر بڻجي ڏنگڻ لڳو، تڏهن پنهنجي گهر جي هرهڪ شئي کان کيس بيزاري ٿيڻ لڳي اڄ هن پنهنجو پاڻ کي اڪيلائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهبي محسوس ڪيو هو هن کي اها ويل ياد اچڻ لڳي هئي جڏهن هن گهر مان هن جو پيءُ ۽ ٻيا ڪيترائي مٽ مائٽ کيس وٺڻ لاءِ آيا هئا ته هن وڏي اعتماد سان جواب ڏنو هو، ”مان ڪنهن ٻئي جي رحم ڪرم ۽ اشارن تي نچڻ واري ناهيان... مون کي پنهنجي ڪم ۽ صلاحيتن تي مڪمل ڀروسو آهي... هونئن به مان هن گهر ۾ محفوظ آهيان.“
    ان وقت چارو جي اهڙي جواب سڀني کي حيران ڪري وڌو هو، پر اڄ خبر ناهي ته منوهر جي ماءُ منوهر بابت هن سان الائي ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون، جو هاڻ هن جي در تي اچي دوستيءَ جي تقاضا ڪرڻ لڳو هو، پر هن جي اڃا به اها ساڳي سوچ هئي ته مان پاڻ بابت ٻئي کي ايترو حق ڇا جي ڪري ڏيان، جو ان جي رحم تي رهان ۽ سندس همدرديءَ جي محتاج رهان، جڏهن ته هن جو خيال هو ته منجهس فيصلو ڪرڻ سان گڏ همٿ ۽ بهادري به اڃا قائم هئي.... هوءَ پاڻ کي هڪ اها ايماندار ڊاڪٽر تصور ڪندي هئي، جنهن وٽ هرڪو مريض پنهنجي پنهنجي مرض سان اچي نڪرندو هو ۽ هن جي ئي ڏنل دوا سان صحتياب ٿي، سندس اڳي کان به وڌيڪ عزت ڪندي روانو ٿيندو هيو، جي نه ته هيءُ به عام گهريلو عورتن جيان ئي هجي ها، پر هيءُ هڪ غير معمولي عورت هئي، جنهن سان منوهر دوستيءَ جي ڳالهه ڪندي ويجهي ٿيڻ جو اشارو به ڏنو هو.
    چارو جڏهن پرڻجي آئي هئي ته هن محل جيڏي گهر ۾ هوءَ عام عورت جي حيثيت سان ئي داخل ٿي هئي، تڏهن هر ڪنهن ائين ئي سوچيو ته ان محل جيڏي گهر ۾ هاڻ ٻار پيدا ٿيندا ۽ ان گهر جو ماهول ٻين گهرن جھڙو ٿي پوندو، پر چارو جي قسمت ۾ ڪجهه ٻيو لکيل هو، هن جو مڙس ۽ سهرو گڏجي ڪاروبار هلائيندا هئا، جنهن ۾ نقصان پوڻ سان ڪيترين ئي مصيبتن اچي منهن ڪڍيو، جڏهن قرض گهڻو وڌي ويو ته چارو سندن مدد خاطر گهر ۾ ڪلينڪ کولي پر ان جو مڙس اڀي همٿ هاري شراب جي نشي ۾ گم ٿي ويو ۽ پوءِ غير عورتن جي صحبت کيس تباهه ڪري وڌو... هن جو سهرو سمورو ڏينهن ڪارخانن تي ۽ رات جو وري جُوا جي اڏي تي ڪمائي لٽائڻ لڳو... پر چارو ڪڏهن به همٿ نه هاري ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ جنبي رهي.
    اڄ چارو موچاري موڊ ۾ ويٺي هئي، مريض اڃا ڪونه پهتا هئا، صرف آشيش پنهنجي چاچي سان اچي نڪتو هو، جنهن کيس خبر ڏني هئي ته هنن جي وڃڻ ۾ باقي ٻه ڏينهن وڃي رهيا آهن، آشيش پوري طرح سان صحتياب ڪونه ٿيو هو، پوءِ به چارو تپاس کان پوءِ سندس چاچي کي چيو: ”هاڻ گهڻو بهتر آهي... پريشان نه رهو.“
    ”ڊاڪٽر صاحب! جي ڪا دوا آهي ته ڏئي ڇڏيو جيئن کنگهه بخار ۽ زڪام تي قابو رهي... اسان جي خواهش آهي ته هي صحيح سلامت ۽ صحتمند پنهنجي گهر پهچي.“
    ”مان سمجهان ٿي ته هيءَ اوسيتائين ٺيڪ رهندو... جڏهن آيو هو ته چيڙاڪ هوندو هو پر هاڻ بلڪل بدليل آهي.“ چارو پيار سان آشيش جي گلابي ڳل تي ٿڦڪي هڻندي چيو.
    ”هي سڀ اوهان جي ڪري آهي.“ آشيش جي چاچي احسانمنديءَ سان وراڻي ڏيندي فيس ڏيڻ لڳي هئي.
    ”نه... نه... مون ته هن کي ڏٺو ئي ناهي... پوءِ فيس ڇا جي؟!“
    ”ڪالهه تائين هي مريض هو، پر اڄ صحتياب آهي.“
    چارو پوءِ ڪيترو وقت مريضن کي ڏسندي رهي، جڏهن فارغ ٿي ته ڪتاب کڻي پڙهڻ شروع ڪيائين، پر ان ۾ دل نه لڳس، نيٺ ڪلينڪ بند ڪري مٿي هلي آئي، ته فون جي گهنٽي وڄڻ شروع ڪيو.
    ”مان!... مان منوهر ٿو ڳالهايان... تنهن ڏينهن اوهان کان موڪلائڻ بنا هليو آيو هُيس، سو پڪ اٿم ته توهان ناراض هوندؤ....“
    ”نه... انهيءَ ۾ ناراضگي ڇا جي... هونئن اهو ٻڌايو ته فلائيٽ ڪڏهن اٿوَ.“
    ”هتان سڀاڻي شام جو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو وري....“ منوهر ڳالهه بدلائيندي. ”اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو ته اسان ٻنهي ڪڏهن به هڪٻئي کي نالي سان ناهي سڏيو رڳو توهان توهان سان سلسلو هلندو رهيو آهي.“ چارو ڪو به جواب نه ڏنو ته منوهر وري ڳالهايو، ”مهينو گذري ويو خبر ئي ڪانه رهي... هاڻي سوچي رهيو آهيان ته وقت ڪيئن گذرندو.“
    ”ائين ٿيندو آهي... جڏهن شيون پنهنجي معمول تي اچي وينديون آهن ته سڀ ڪجهه اڳ جھڙو لڳندو آهي.“ چارو جي جواب تي منوهر جي همٿ وڌي.
    ”اهو ته ٺيڪ آهي پر هن طرح سان وقت گذارڻ جو احساس...!!“
    ”ڪهڙي طرح سان.“ چارو هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو.
    ”مطلب ته ائين فون تي الوداع چوڻ....“ منوهر جي ڳالهه تي چارو جون اکيون ڀرجي آيون ۽ آواز لرزڻ لڳس هن پاڻ تي قابو رکندي چيو: ”اوهان هت موڪلون گذارڻ آيا آهيو يا....“
    ”اسان جھڙن ماڻهن جو سفر ائين هوندو آهي، پنهنجي ئي گهر ڏي واپسي... اها به واپسيءَ جي ٽڪيٽ سان.“
    چارو رسيور ڪن تان لاهي، هٿ ۾ جهليو، مٿيون چپ ڀڪوڙي ڇڏيائين، هوءَ پاڻ کي دٻاءُ جي شدت ۾ لڙهندي محسوس ڪرڻ لڳي، پر عمر ۽ سماجي رتبي جو خيال کيس ستائڻ لڳو.
    ”اوهان چُپ ڇو آهيو؟“
    ”نه اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي... دراصل مون فون تي ڪڏهن ڪنهن کي الوداع ناهي ڪيو، سوچي رهي آهيان ته ائين ڪيئن ممڪن آ....“
    ”انهيءَ ۾ سوچڻ وري ڇا جو....“ منوهر ڄڻ اهڙي ئي جواب جي انتظار ۾ هو هن پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌايو.
    ”ٻاهر جو ماحول ڏاڍو حسين آهي... ۽ برسات به بند آهي... هتان کان توهان جي گهر تائين ستن منٽن جو مفاصلو آهي... مان اوهان جي در جي گيٽ تي اوهان جو انتظار ڪريان ٿو، جي ممڪن آهي ته نڪري اچو....“
    چارو تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي، ڪي پل هوءَ سوچ جي ساگر ۾ غرق رهي ۽ پوءِ کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ مڻ بارن جا دل تان لهي ويا هنجس ۽ صدين جا فاصلا سڀ رڪاوٽون ۽ وسوسا ٽوڙي مٽجي چڪا هجن... پوءِ ايندڙ لمحن جو انتظار ڪندي، هن منوهر کي فقط ايترو جواب ڏنو: ”ها!“


    بيمار جواري جو موت ! _ نجيب فاضل

    نجيب فاضل
    (1940ع ــ 1983ع)

    ترڪي جي ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن مان نجيب فاضل به هڪ آهي. سندس جنم 1904ع استنبول شهر ۾ ٿيو. هن جو والد عبدالباقي فاضل بيگ هڪ لکيو پڙهيو انسان هو، جنهن نجيب جي تعليم تي ننڍپڻ کان خاص ڌيان ڏنو. نجيب پرائمري، هاءِ اسڪول تعليم استنبول مان پرائي. فنون ڪريه اسڪول اينڊ ڪاليج مان فارغ التحصيل ٿي پهريان استنبول يونيورسٽي جي ادبيات فيڪلٽي جي فلسفي واري شعبي ۾ گهڙيو، جتان وڌيڪ تعليم لاءِ فرانس هليو ويو پوءِ سڀ سلسلا اڌ ۾ ڇڏي هو واپس ترڪي موٽي آيو، جتي مختلف بينڪن ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. پوءِ فنون لطيفه اڪيڊمي جي سرڪاري مڪتب موسيقي ۾ زبان ۽ ادب جو استاد بڻيو پر هتي پنهنجي آزاد منش مزاج ڪارڻ گهڻو وقت رهي نه سگهيو ۽ نوڪري ڇڏي صحافت جي ميدان ۾ لٿو. پهريان اخبار وٽ (آغاچ) پوءِ عظيم شوق (بيوڪ دوغو) جي نالن سان ادبي رسالا جاري ڪيائين.
    ادب جي دنيا ۾ نجيب فاضل تخليق جي ڪيترن ئي شعبن ۾ هڪ ڪهاڻيڪار، شاعر، ليکڪ طور تي پنهنجي صلاحيتن جا جوهر مڃرايا آهن. هن لکڻ جي شروعات سن 1922ع ۾ شعر و شاعري سان ڪئي. پهريون شعري مجموعو “مڪر جو ڄار“ (اوور ميجڪ آغي) ٻيو 1928ع ۾ ”فٽ پيري“ (قالدريملز)، ٽيون 1932ع ۾ ”مون کان اڳيان“ (بڻيو بن وارو ئي سي)، چوٿون 1955ع ۾ ڪاروان ازل (صونسو زلوڪو)، پنجون ۽ آخري ”چلا“ جي نالي سان 1955ع ۾ شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪهاڻي ڪتابن ۾ ”ماڻهو جي تخليق“ (بر آدم بارا ثمق) 1938ع ۾، (ڪنيت)، 1940ع ۾، ”صبر جو پٿر“ (صبر طاثي) 1940ع ۾، رئيس بيگ 1964ع ۾، ڪجهه افسانا ڪجهه ڪردار ”برقاچ حڪايه برڪاچ تحليل“ 1965ع ۾ ۽ روحي ناراضگيون (روح پور ڪونتو پري) 1966ع ۾ ادب جي افق تي مڃتا ماڻي چڪا آهن ۽ نثري تحريرن جو مجموعو ”خاقان معظم عبدالمجيد خان ثاني“، ”رولو خان اڪنجي عبدالمجيد خان“ ترڪي ادب ۾ شاهڪار جو درجو ٿا رکن.
    نجيب فاضل بنيادي طور تي پنهنجي آزاد خيالي، لا ابالي ۽ عيش و عشرت واري زندگي گذارڻ ڪري گهڻو تڻو متنازعه رهيو آهي، پر عمر جي پوئين حصي ۾ اسلام جي فڪري ۽ آفاقي تعليم جي اثر ۾ رنگجي هڪ نئين راهه تي گامزن ٿيو . جيئن هو چوي ٿو: ”جتي مذهب ناهي اتي ڪجهه به ناهي. اسان مان هر ماڻهو قدرت جي اسرارن سان اک ٻوٽ ڪندي فقط انهيءَ جي حمد و ثنا جي خاطر هن دنيا ۾ اچي ٿو.“ پنهنجي اهڙن فڪر انگيز خيالن ڪري ڏسندي ئي هو ترڪي جي نئين نسل جو مهندار بڻجي ويو. هن عظيم شاعر، ڪهاڻيڪار، تمثيل نگار، صحافي، موسيقي جي ڄاڻوءَ ۽ نقاد هڪ شاندار ۽ ڊگهي عمر گذارڻ بعد سن 1983ع ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. سندس تخليقون دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. هن جي هڪ شاندار ۽ شاهڪار ڪهاڻي ”بيمار جواري جو موت“ جو ترجمو هتي پيش خدمت آهي. جنهن ۾ هن هڪ فرد جي تنهائي، بي وسي ۽ روحاني ڪشمڪش جي اونهي تصوير چٽي آهي.


    [ترڪي ڪهاڻي _ نجيب فاضل]

    بيمار جواري جو موت!


    گهٽيءَ ۾ ٻاهر گرم سنگ جي هر هر تيز واڪي واري هوڪي تي بيمار جواري جي ساڻي وجود ۾ لرزش اڀري آئي، هُن دل جي خواهش هٿان مجبور ٿي سنگ خريد ڪرڻ لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهڻن ڏينهن کان هڪ هنڌ پوڻ ڪري پاڻ ۾ ست نه ساري سگهيو ۽ اتي ئي آهلجي پئجي رهيو ائين سنگ کائڻ جي خواهش دل ئي دل ۾ رهجي ويس جنهن کي ڏٺي هاڻ مهينو لنگهي ويو هيس. هُو هن وقت هينگري عورت جي ڪشادي گهر جي هڪ اونداهي ڪوٺي ۾ ڪرائي تي رهندڙ هيو جيڪا کيس گهڻو تڻو ناپسند ڪندي هئي ۽ هن وقت هوءَ ٽيبل مٿان وڇايل ميز پوش تي تاس جا کنڊريل پتا هٿ ۾ جهليو نيم غنودگي واري حالت ۾ ائين ويٺي هئي جيئن ڪو ماهر پير تسبي داڻا هٿ ۾ کنيو اکيون ٻوٽي فال ڪڍڻ ۾ گم نظر ايندو آهي.
    ”اچي ويو... هاڻ اچي ويو. گرم گرم مڪيءَ جي سنگن وارو....“
    ٻاهر هوڪي جو آواز وري گونجي اٿيو ته هن ڀيري بيمار جواري پنهنجي هيڻي وجود سان ٻيهر اٿڻ جي ڪوشس ڪئي پر ناڪامي سبب ڦهه ڪري هيٺ ڪري پيو ۽ ڪيترو ئي وقت ان حالت ۾ پيو رهيو.... پوءِ معمول مطابق هن جي ڪمري جي صفائي ڪرڻ لاءِ گهر مالڪڻ هينگري عورت پنهنجي ڦاٽل ڪپڙن جي خيسي مان چاٻي ڪڍي سندس ڪمري جو در کولڻ لاءِ گهمائي ته چاٻي اٽڪي بيهي رهي... هن ٻه ٽي ڀيرا ڪوشش ڪئي پر لڳس ته دروازو نه صرف بند هيو. ان جي اندران ڪنڊي به چڙهيل هئي. تڏهن هن اچرج ۽ پريشانيءَ مان ڀڻڪيو.
    ”هي ڇا؟!!!...“ بيمار جواري اندر آهي. هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي وري چيو.
    ”هونهه!! اها ته وڏي ڳالهه چئبي... نه... نه ائين نه هوندو. هُو هن ويل ڪمري ۾ ناهي هوندو پر ها! هو ته گهڻو بيمار هيو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان ٻاهر به ناهي ويو.“ وري هڪ برو خيال هن جي ذهن ۾ اڀري آيو.
    ”ته ڇا هُو مري ويو؟!!“... ۽ پوءِ پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ هوءَ سندس در تي ٺڪ... ٺڪ... ڪري زور سان دروازو کڙڪائڻ لڳي... پر کيس اندران ڪابه موٽ نه ٿي مليس تڏهن هوءَ وڌي ڪن دروازي سان لڳائي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ”خر... خر... خ....“ ڪمري اندران تيز ڀؤ ڏياريندڙ آوازن جي پڙلاءُ تي هوءَ ڇرڪي پوي ٿي، ان ڪري جو اهي آواز ڪنهن به حالت ۾ انسان جي آوازن يا کونگهرن سان ملندڙ نه هئا... هن جو وجود سن ٿي وڃي ٿو ۽ ساهه نڙي ۾ گرهه جيان اٽڪي بيهي رهي ٿو.... جڏهن سامت ۾ اچي ٿي ته تيز قدم ڀريندي ويرانڊو اڪري مٿين ڏاڪي تان ئي گهٻراهٽ ۾ زور سان هيٺ ڪنڌ ڪري آواز ڏيڻ شروع ٿي ڪري....
    ”درموش!... درموش صاحب!“
    ”جي بيگم صاحبه...! جي... جي خير ته آهي نه؟“
    ”ڪجهه به ٺيڪ ناهي... توهان جود ۾ مٿي اچي وڃو.“
    ”آيُس... آيُس... اجهو.“ جُون رڙين سان رڙ ملائيندي درموش به اک ڇنڀ ۾ مٿي وڃي پهتو. هينگري عورت هڪ ئي ساهه ۾ سموري وارتا درموش کي ٻڌائي. هن به پهريون ڪن دروازي سان لڳائي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ مُنهن ۾ گنجهه وجهندي وراڻيائين.
    ”برابر! آواز ته اچي پيو... پر ڇا جو آهي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي....“ انهيءَ وقت ويرانڊي ۾ لڳل گهڙيال ٽن ٽن ڪندي يارهين جو گهنڊ وڄايو.
    ”اندر ڇا ماجرا آهي انهيءَ جي پروڙ هڪ بيمار جواري کي ته ٻيو رب کي....“ ائين چئي هينگري عورت ماٺ ۾ اچي وئي ۽ پوءِ هڪدم رڙ ڪندي ڄڻ ته ڳوٽ ڀڄي وڌي هئائين.
    ”ريڊيو...! ها ها اهو ريڊئي وڄڻ جو آواز آهي.“ ائين هنن ٻنهي آڏو اها ڳالهه هاڻ پڌري ٿي پئي ته اندر بيمار جواري جي رکيل ريڊيو جو آواز آهي جنهن کي هو پاڻ چالو ڪري سمهي رهيو آهي... پر شڪ جي ڳالهه هي هئي ته آخر ايتري شور تي هُو ڪيئن بي خبر ٿي سمهي سگهي ٿو سو ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه گڙ ٻڙ ضرور آهي... انهيءَ شڪ کي دُور ڪرڻ لاءِ ٻنهي گڏجي ٿيلها هڻي نيٺ دروازي کي کولي وڌو.... اندر داخل ٿيندي ئي درموش ڪنهن هوشيار پوليس واري وانگي شين جو جائزو وٺڻ لڳو.
    ”درموش صاحب! ريڊيو کي ائين ئي هلڻ ڏيو.“
    ”ڇا؟!... مطلب ڇا آهي اوهان جو بيگم صاحبه.“
    درموش هن اوچتي سوال کي نه سمجهندي پنهنجي مٿي جي گنج کنڻ لڳو.
    ”مطلب اهو ته اوهين پوليس کي وٺي اچو.... تيسين آءٌ هتي ئي ترسان ٿي.“
    ”پر هي به ممڪن آهي ته هو بيمار ۽ ڪمزور هئڻ ڪري بيهوش پيل هجي.“ ۽ پوءِ هُو ٻئي بيمار جواري جو جائزو وٺڻ لاءِ هن طرف وڌن ٿا.
    منهن تائين ڪمبل ۾ ويڙهيل بيمار جواري جو وجود برف جي ٽڪري جيان سرد لڳو پيو هو ۽ هڪ هٿ گرم ڪمبل کان ٻاهر نڪتل هيس جنهن جي ٻن آڱرين ۾ وساميل سگريٽ ڦاٿل هئو... پٽ تي پيل سگريٽ جي ڦلوڪڙن ۽ ڪاراٽيل مٿيون حصو آڱرن جو اهو صاف ٻڌائي رهيو هو ته هن جي کل تائين اچڻ کان اڳ سگريٽ دُکي، وسامي ويو هو... هينگري عورت ريڊيو بند ڪيو ته ٽڙيل پکڙيل ڪمري اندر هڪدم ائين ماٺ ڇانئجي وئي جيئن ڪنهن طوفان بعد سڪون ڇانئجي ويندو آهي... درموش ڪمبل کي کولي ٺاهي پوري ريت بيمار جواري مٿان وڌو جنهن جون ٻئي اکيون پٽ تي پيل پنهنجن جوتن ۾ کُتل هيون ۽ وجود پٿر جيان هڪ هنڌ ڄميو پيو هو.
    ”او منهنجا الله؟ هي ڇا؟؟!... هي ته مري ويو آ!“ هينگري عورت جون اکيون ڏکاري لهجي ڪارڻ ڀرجي آيون. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ٻرندڙ ميڻ بتي به پوين پساهن ۾ هئي جيڪا رات ڏينهن روشن هوندي هئي جو بيمار جواري وقت تي مسواڙ ادا نه ڪرڻ ڪري مالڪڻ هن جي بجلي ڪاٽا ڪئي هئي.
    انهيءَ وچ ۾ درموش جي اطلاع ڪرڻ تي پوليس جا ڪجهه ڦڙتيلا ڪارندا به اچي پهتا هئا، جن اچڻ سان پنهنجي ڪارروائي شروع ڪئي. هڪ ڄڻي جي هٿ ۾ نوٽ بُڪ جهليل هيو جيڪو پنهنجي سينيئر کان پڇي رهيو هو.
    ”سر! ڪهڙا ڪهڙا قانوني قلم لکبا؟!“
    ”لک... لک ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ مطابق هن مرندڙ کي دل جو دورو پيو.... باقي هن جي موجوده سامان جي تفصيل ڌار سان لکبي.“
    ”جي... جيڪو حڪم.“
    ”لک... لک اهو به ته موقعي جي عيني شاهدن مطابق جن مان هڪ مالڪ مڪان آهي. هي مرندڙ شخص انهيءَ جي ڪشادي گهر جي هڪ ڪمري ۾ مستقل طور جو مسواڙي هو ۽ اهو ئي هن جو گهر بڻيو ۽ هوءَ بيمار جواري جي نانءُ سان سڃاتو ويندو هو ۽ هاڻ ان جو لاش اسان جي علائقي ۾ موجود آهي.“
    ”جي... جي... درست سر.“ هڪ ٻيو سپاهي پاڻ سان آندل ٽائيپ رائيٽر ٽپ ٽڪ ڪندي تفصيل ٽائيپ ڪندو ٿي ويو.
    ”تون لکين به پيو يا جي... جي ٿو ڪري خالي.“
    سينيئر عملدار ڪڙڪ آواز ۾ جونيئر سپاهي کي تڙي چاڙهي ته هُو ڏڪي ويو.
    ”هائو سر... برابر نوٽ پيو ڪريان.“
    ”ٺيڪ آهي... لک اڳتي ته شناختي ڪارڊ جي علاوه ملندڙ شين ۾ مرحوم جو هڪ نوٽ بڪ به شامل آهي جنهن ۾ ڪيترائي قابل توجهه جملا لکيل آهن ۽ پوليس تحقيق جي لاءِ وڏي معنيٰ رکندڙ غور طلب پڻ آهن.
    ”سر! ڪهڙيون سٽون ۽ جملا آهن؟!“
    ”سڀ ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته آءٌ جوا پنهنجي من کي راحت پهچائڻ لاءِ کيڏندو آهيان... ايترو وسيع علم جيڪو ڪنهن وقت ۾ مون لاءِ سڀ ڪجهه هوندو هو سو هاڻ جو اچي هير ڪري ڇڏي ڏنو اٿم... پر حقيقت هيءَ آهي ته مان اهو سوچي جوا پيو کيڏان جو منهنجي دل ۽ دماغ تي جڏهن علم آشڪار ٿيو ته روح زخمي ٿي پيو ۽ دماغ جون رڳون ڦاٽڻ لڳيون تڏهن مون پنهنجي نجات جوا ۾ اچي ڳولهي لڌي ۽ هاڻ جنهن ڏينهن به جوا نه کيڏندس ته مان ان ڏينهن مري ويندس... خدا تعاليٰ جي هن امتحان ۾ هر ڀيري هارائڻ بعد مون کي هي جان قربان ڪرڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو... منهنجي اهڙي حالت کي هينگري عورت وانگي جي ڪو سمجهي ۽ رڳ ۾ مون کي سوئي هڻي ته مون مٿان ان جو اهو احسان قيامت تائين رهندو.“
    سينئر آفيسر آخري لفظ لکرائيندي ٽيڏي اک سان هينگري عورت کي تڪڻ لڳي ٿو ۽ ان جي خوف واري حالت ڏسي کيس وري چوي ٿو.
    ”توکي پريشان ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي... بس! تون سرڪاري وڪيل معرفت پنهنجو بيان لکرائي پوءِ پوسٽ مارٽم ٽيم کي هن ڳالهه جو ثبوت پيش ڪجانءِ ته بيمار جواري تنهنجي انجيڪشن سان نه پر دل جي دوري پوڻ ڪري مئو آهي... باقي ڪم ڊاڪٽر جو آهي.“
    آفيسر جي اهڙي منجهائيندڙ ڳالهه تي هينگري عورت ٻئي هٿ منهن ۾ ڏئي پنهنجا ڳوڙها ڳاڙيندي پوءِ رڙندي چوڻ لڳي ٿي.
    ”نه نه... اهو بهتان آهي... مان!.... ڀلا مان! هن کي ڇو ماريندس!... بڪواس آهي سڀ بڪواس....“ پوءِ جوش ۾ اچي هوءَ هٿ وڌائي ٽيبل تي کنڊريل تاس جي پتن مان هينگري جي موجوده بادشاهه جي تصوير وارو پتو هٿ ۾ جهلي، پوليس آڏو پاڳلن جيان وڏي واڪي رڙندي چوي ٿي.
    ”هن ماريو اٿس...! ها ها ٻيو ڪنهن به ڪونه ماريو آهي بيمار جواري کي گذريل رات ڪوٺي ۾ گهڙي هن ئي ماريو اٿس....“
    هڪدم ٽائيپ تي ٽڪ ٽڪ ڪندڙ سپاهي جا هٿ رڪجي وڃن ٿا. درموش جون اکيون حيرت وچان کلي وڃن ٿيون، پوليس عملدار هڪا بڪا ٿي بيهن ٿا ۽ سينئر آفيسر اڳتي وڌي رازداري ۾ چوي ٿو.
    ”اسان جي به ڪو بيوقوفي کي ڏسي... قاتل کي الائي ڪٿي پيا سوچيون ۽ هُو گهر ۾ ئي آهي.“


    جواب ”نه“ ۾ آهي : نجيب محفوظ

    نجيب محفوظ
    (1911ع)

    مصر جي تاريخي شهر قاهره جي قديم علائقي جماليه ۾ 11 ڊسمبر 1911ع تي پروفيسر نقيب پاشا محفوظ جي ستين ٻار طور جنم وٺندڙ جديد عربي ليکڪ نجيب محفوظ جو شمار عالمي ادب جي ناول نگارن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو پر بنيادي طور تي هن جي سڃاڻپ جو حوالو ناول نگاري آهي. 43 ناول ۽ 350 کان مٿي ڪهاڻيون لکندڙ هن ليکڪ جي 15 ناولن تي شاهڪار فلمون پڻ ٺاهيون ويون آهن. جڏهن ته لاتعداد اسڪرپٽ، مضمون تجزيه ۽ ڪالم لکڻ سان گڏ هُو ڪيرو (قاهره) يونيورسٽي جي مذهبي، ثقافتي وزارت ۾ انتظامي ۽ ٻين اهم عهدن تي به پنهنجيون خدمتون انجام ڏيندو رهيو آهي. هن جون ڪهاڻيون هندي، بنگالي، اردو، سنڌي، مراٺي، گجراتي، پنجابي، فرانسيسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن.
    عرب معاشري جي وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ نجيب محفوظ پنهنجي سموري حياتي سوچن ۽ خيالن آڌار تي هڪ آزاد، خوش مزاج طبيعت رکندڙ ۽ معاشري جي روايتن تي سوچيندي گذاري ۽ انهي سوچن کي تخليقي ڪردارن ۾ چٽيو آهي، تڏهن ئي ته هن جي ڪردارن ۾ عرب معاشري جي زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. هن کي ڪيترن ئي ڪتابن تي ميڊل پرائيز، يوڪر پرائيز سان گڏ جڏهن آڪٽوبر 1988ع ۾ سوئيڊش اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سندس ناول “Adrift on the nile” تي ادب جو نوبل پرائيز ڏنو ويو ته کيس يقين ئي نه ٿي آيو. نجيب محفوظ جي ڪجهه مشهور ٻين ڪتابن ۾ جبلاوي جا ٻار (Children of Gablave)، برسات ۾ پيار (Love in Rain) مشتاق علي (Mushtaq Ali) چور ۽ ڪتو (Dog and thief) وغيره اهم آهن.



    [مصري ڪهاڻي _ نجيب محفوظ]

    جواب ”نه“ ۾ آهي


    نئين هيڊ ماستر صاحب جي آمد جي خبر سڄي اسڪول ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي هئي. هن به اها خبر اسٽاف روم ۾ ويٺي اڄوڪي ڏينهن واري پڙهائيندڙ سبق تي آخري نظر وجهندي ٻڌي ته هن جي وجود کي ايندڙ وقت واري پريشاني وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وئي هوءَ سوچڻ لڳي.
    ”ڇا ٻين وانگي مون کي به نئين هيڊ ماستر سان هٿ ملائي کيس مبارڪباد ڏيڻي پوندي؟“ هوءَ ان لاءِ تيار نه هئي جو اها ڳالهه هن جي مزاجي ابتڙ هئي پر اهو سڀ ڪرڻ هن جي مجبوري هئي.“ چون پيا ته هو ڏاڍو سخت ۽ قابل ماڻهو آهي ۽ هن جا حڪم اڻٽر هوندا آهن.“ هڪ دوست ماسترياڻيءَ کيس ٻڌايو ته هن جي وڏين ڪارين اکين ۾ حيرانگي ڀرجي آئي. سندس منهن جو پنو لهي ويو آخر هن نئين هيڊ ماستر جي آمد جي باري ۾ جيڪو ڪجهه به سوچيو هيو پاڻ کي ان لاءِ ذهني طور تيار ڪرڻ لڳي.
    جڏهن نئين هيڊ ماستر صاحب جي اچڻ وارو ڏينهن آيو تڏهن اسڪول جا سمورا ماستر ۽ ماسترياڻيون پُروقار ويس وڳا پهري آيا پوءِ جڏهن هو آيو ته سڀ جا سڀ ماستر سندس استقبال لاءِ خود اسڪولي شاگرد بڻجي هڪ قطار ٿي بيٺا ۽ هڪ هڪ ٿي هن جي آفيس ۾ گهڙندا ويا، هرڪو رسمي جملن سان نئين آيل هيڊ ماستر کي کيڪارڻ لڳو.
    شاندار آفيس جي اندر وڏي ميز جي پٺيان نئون هيڊ ماستر وچولي قد ڪاٺ وارو هڪ خوبصورت انسان هيو هن جو منهن گول ڊگهو ۽ اکين جا ڀرون گهاٽا هئا، سندس چهري تي سڀ کان پُر اثر نظر ايندڙ شئي هن جون گهاٽيون ۽ وڏيون مُڇون هيون جنهن سان هن جو چهرو حشمت ڀريل نظر ٿي آيو، جڏهن هوءَ ساڻس ملڻ لاءِ اڳتي وڌي ته هن پنهنجيون نظرون هن جي چهري بدران سندس ويڪري سيني تي ڄمائي ڇڏيون هو نهايت ئي خوش نظر ٿي آيو، هن وڏي اتساهه مان پنهنجو هٿ هن جي هٿ طرف وڌايو، سندس سخت هٿ ۾ نرم هٿ ايندي هيءَ گُل جيان ڪومائجي وئي.
    ”مهرباني!“ هيڊ ماستر پنهنجائپ وچان چيس، پر هيءَ خاموش رهي، ۽ ادب سان پٺتي مڙندي آفيس کان ٻاهر نڪري آئي.
    اڄ هن جي حالت معمول کان هٽيل هئي، هوءَ پنهنجيون سموريون ذميواريون وساري ويٺي، ڪلاس ۾ هن جي اهڙي حالت ڏسي شاگردياڻيون هڪٻئي سان سُس پُس ڪرڻ لڳيون، جڏهن موڪل جو گهنڊ وڳو ته هوءَ روڊ تي ٿڪل قدمن سان هلندي گهر طرف وڃڻ لڳي. هن جو گهر انهيءَ روڊ جي آخري ڇيڙي تي هيو هوءَ جنهن وقت گهر ۾ داخل ٿي ته به هن جي حالت پهرين جھڙي هئي. هٿ منهن ڌوئي ڪپڙا مٽائي جڏهن ماءُ سان گڏ ماني کائڻ لڳي ته هن جي اکڙيل طبيعت طرف گهوريندي ماڻس فڪرمنديءَ مان پڇيو هو.
    ”ڌيءُ! سڀ خير آهي نه؟!“
    ”ها“ هن مختصر جواب ڏيندي وري چيو هو ”هُو وري آيو آهي.“
    ”ڪير بدران!!؟“ ماءُ پڇڻ لڳس.
    ”امان! توکي بدران ياد آهي نه...!؟ هاڻي هن کي اسان جي اسڪول جو نئون هيڊ ماستر صاحب مقرر ڪيو ويو آهي.“
    ”سچ پچ!“ ماڻس به حيرانگيءَ وچان پڇندي پڪ ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ ڪيترائي پل ماحول ۾ ماٺار ڇانئجي وئي. آخر ماٺ کي ٽوڙيندي ماءُ کيس سمجهائڻ واري انداز ۾ هدايت ڪرڻ لڳي.
    ”ڏس! هاڻي ان ڳالهه جي ڪابه اهميت ناهي ان ڪري جو اها هڪ وسريل ۽ پراڻي ڳالهه بڻجي چڪي آهي.“
    منجهند جي مانيءَ کان فارغ ٿي هوءَ ڪجهه شاگردياڻين جون مشق ڪاپيون ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ آرام ڪرڻ خاطر پنهنجي پڙهڻ واري ڪمري ۾ هلي آئي....
    ”بدران“ کي هوءَ جيتوڻيڪ پوري ريت وساري ويٺي هئي پر اها رڳو هن جي سوچ هئي ان ڪري جو ڪير ڪيتري به ڪوشش ڇو نه ڪري، پر مڪمل طور ڪنهن کي به وساري ويهڻ ناممڪن آهي ۽ ”بدران“ ته وسارڻ جوڳو ئي نه هيو. هُو جڏهن هن کي رياضي پڙهائڻ جي لاءِ پهريون ڀيرو سندس گهر آيو هو ته هيءَ ان وقت چوڏهن ورهين جي هئي ۽ ”بدران“ اٺاويهن ورهين جو سهڻو، سيبتو ۽ ٺاهوڪو جوان هو. هن جي پيءُ جيان پرڪشش وجود رکندڙ هو. پوءِ به الائي ڇو پهرين ڏينهن جي پڙهائيءَبعد هن ماءُ کي ٻڌايو هو.
    ”امان! استاد جو حُليو واهيات قسم جو آهي. باقي هن جي سمجهائڻ ۽ پڙهائڻ جو انداز بيحد نرالو... زبردست آهي.“
    ”اسان کي هن جي لباس سان ڪوبه مطلب ناهي... ڌيءُ تو لاءِ هن جو پڙهائڻ اهم آهي، تنهن ڪري پنهنجو ڌيان رڳو پڙهائيءَ تي رک.“
    بدران هن جي لاءِ بيحد دلچسپ قسم جو انسان ثابت ٿيو. جنهن جي غير معمولي علم ۽ ڄاڻ کان هي لاڀ پرائڻ لڳي ۽ ائين هن جو وقت سٺو گذرڻ لڳو. هيءُ معصوم ۽ سٻاجهڙي هئي تنهن ڪري بدران جي روش کي هرگز سمجهي ڪانه سگهي، جيڪو هاڻ هن سان عجيب حرڪتون ڪندي ويجهو ٿيڻ ٿي لڳو هو. هن بدران کي پنهنجي پيءُ جيان ڪري ڏٺو هيو جو هو عمر ۾ هن جي پيءُ کان ڪي سال ننڍو هيو. هو ۽ پوءِ اهو سڀ ڪجهه ٿي گذريو جيڪو هن جي وهم، گمان ۾ به اڳ ڪڏهن موجود نه هئو، ان ڏينهن هن جا پيءُ ماءُ سندس چاچي جي ڪلينڪ تي ويل هئا ۽ هيءُ ٽيوشن جي ڪري گهر ۾ اڪيلي ترسيل هئي، جڏهن سڀ ڪجهه ٿي گذريو ته هن جي وجود تي دهشت طاري ٿي وئي. خوف وچان سندس ڪمزور جسم ڪنڀڻ لڳو هو. هن جي اهڙي حالت کي ڏسي بدران سمجهائڻ لڳوس هيس.
    ”هن ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان ڀلجي به نه ڪجانءِ ۽ نه ئي توکي ڊڄڻ جي ضرورت آهي... بس! پنهنجي دل تائين رکجانءِ تون رڳو سمجهه واري ٿي ته پوءِ مان تنهنجي رشتي جي تنهنجي ماءُ پيءُ کان گهر ڪندس.“
    بدران پنهنجو پوءِ انجام پاڙيو ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو هوءَ جڏهن جوانيءَ جي سرحد تي پهتي ته بدران ساڻس ڪيل انجام مطابق هن جي ٻانهن گهرڻ لاءِ اچي هن جي پيءُ ماءُ وٽ پهتو، پر هاڻي وقت هڪ وڏو ڦيرو کائي چڪو هيو ۽ هن جو بالغ ذهن گذري ويل غلطيءَ کي سمجهڻ سان گڏ ان تي پشيمان به هئو بدران لاءِ هن جي دل ۾ نه محبت رهي هئي ۽ نه وري ڪو عزت ڀريو احساس باقي هئو، جي ڪجهه هئو به ته رڳو نفرت ئي نفرت هئي. بدران هن جي خوابن واري هڪ آدرشي ۽ مثالي انسان کان ڪوهين ڏور هو ۽ حالتون به هن جي حق ۾ نه هيون، ڇو ته هن جو پيءُ ٻه سال اڳ فوت ٿي چڪو هو ۽ هن جي ماءُ بدران جي ايڏي وڏي خواهش تي حيران هئي، پوءِ به هن ڳالهه کي ڌيءُ جي زندگيءَ جو معاملو سمجهي کيس بي اختيار فيصلي جي اجازت ڏيندي چيو هُيس.
    ”ڌي! مون کي خبر آهي ته تون پنهنجي زندگيءَ ۾ ذاتي زندگيءَ کي گهڻي ترجيح ڏيندي آهين، ان لاءِ فيصلي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جو سمورو اختيار به تنهنجي هٿ آهي.“
    هوءَ هڪ اهڙي موڙ تي اچي بيٺي هئي جو هن جو ڪي هڪ غلط فيصلو کيس اڻ وڻندڙ عمل ۽ ماحول طرف ڌڪي ٿي سگهيو نيٺ هن فيصلو ڪري ورتو.... بدران جي قصي کي هميشه لاءِ جواب ”نه“ ۾ ڏئي، پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪرڻ لڳي ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي جستجو ۾ جُنبي وئي هن لاءِ ڪيترن ئي سٺن گهراڻن مان رشتا آيا پر هن هر رشتي کان بي فڪر ٿي پاڻ کي تعليم مڪمل ڪرڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو، کيس زندگيءَ جي اصليت کان ڪوهين ڏور ويندو ڏسي هڪ ڀيري ماءُ هن کي فڪرمندي وچان چئي ڏنو هيس.
    ”توکي ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪائي دلچسپي ناهي رهي...!؟“
    ”امان مون کي چڱي طرح خبر آهي ته حالات ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن تون ڇا ڪري رهي آهين.“ ڌي جو اهڙو رکو جواب ٻڌي ماڻس جي من ۾ آنڌ مانڌ اڃا به وڌ مچي آئي هئي. ”پر وقت هٿن مان نڪتو پيو وڃي.“
    ”جي وقت نڪري وڃي ٿو، ته ڀلي لنگهي وڃي... مان پنهنجي حال ۾ خوش آهيان.“ ۽ پوءِ ڏينهن مٿان ڏينهن چڙهندا ويا ۽ وقت جا گذرندڙ لمحا کليل ڪپڙي جيان ويڙهجي ڪپڙي جو ٿان بڻبا ويا. پر هوءَ محبت جي خوف ڪري زندگي هراسجي گذاريندي رهي هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته هن جي زندگي پر عزم ۽ پر اميد ٿي گذري. جنهن خاطر پاڻ کي اهو به سمجهائڻ لڳي ته خوشي رڳو محبت حاصل ڪرڻ يا ماءُ بڻجي رهڻ جو نالو نه آهي. هن کي پنهنجي ڪيل ڪنهن به فيصلي تي پڇتاءُ نه هيو، ته ايندڙ وقت هن لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙو ثابت ٿيندو، انهيءَ کان بي خبر هن جي حياتيءَ جي گاڏي سڌري راهه واري جيون جي پٽڙي تي ائين هلي رهي هئي، جيئن ريل پٽڙيءَ تي هلندي آهي.
    هڪ ڀيرو وري حالتون موسم جيان مٽجي ويون هيون، بدران هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي خاموش گذرندڙ زندگيءَ ۾ ماضيءَ جو پڙاڏو ٿي اڀري آيو هو، پر هاڻ هو هن جو ٽيوٽر نه پر هيڊ ماستر هئو، جنهن سان روز ملڻ ۽ ڳالهائڻ هن جي اڻٽر مجبوري بڻجي پئي هئي، اهو ساڳيو بدران هيو جنهن هن جي وجود تي ڪڏهن به نه مٽجندڙ داغ لڳايو هو، دفن ٿي ويل ماضي هڪ ڀيرو وري زندهه ٿي پيو هيو. هوءَ ڪنهن ڪم سانگي بدران جي آفيس ۾ گهڙي ته کيس اڪيلو ڏسي هُن پڇيو هيس.
    ”ڪيئن آهين تون؟“
    ”مان!... مان ٺيڪ آهيان.“ هن ماٺار واري لهجي ۾ رُکو جواب ڏنو.
    ”ڇا تون....!؟ بدران گهٻرائيندي پاڻ سنڀالي پوءِ اطمينان مان پڇيو.
    ”منهنجو مطلب آهي ته تون شادي ڪئي آهي يا اڃا تائين....“ موٽ ۾ هن بيزارگيءَ جو اظهار ڪندي چيو هُيس ”مون توهان کي چيو ته مان ٺيڪ آهيان.“ ۽ پوءِ تڪڙي آفيس مان نڪري وئي هئي.
    هوءَ نهايت ئي خوبصورت ۽ امير گهراڻي جي ڇوڪري هئي. سندس شرافت ۽ اعليٰ ڪردار جي هاڪ هر جاءِ مشهور هئي، پر هينئر هوءَ ڄڻ مصيبت جي ڄار ۾ بي وس بڻي ائين ڦاٿل هئي جيئن ڪو چالاڪ پکيءَ چالاڪي ڪندي ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسي پوندو آهي، ”بدران“ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي لالچي نظرن سان هن طرف وڌڻ لڳو هيو. هيءُ کانئس سخت نفرت ڪندي هئي، پوءِ به کيس هيءُ خيال ستائي رهيو هو،ته هوءَ پنهنجين سمورين صلاحيتن سان ”بدران“ جي طرف ڇڪبي ٿي وئي آخر ”بدران“ کيس چئي ڏنو هو ”مان توسان محبت ڪريان ٿو، توکي ضرور حاصل ڪندس، ها مان پنهنجو ڪيل واعدو نڀائڻ لاءِ آيو آهيان.“
    هن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيتري ڪاوڙ اڄ اچي رهي هئي، ايتري اڳ ڪڏهن به ڪانه آئي هئي، پر هن پاڻ تي قابو رکيو، هن جي لاءِ شاديءَ جي قرباني ڏيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، پر کيس پنهنجي ذات سان آزاد ٿي رهڻ وڌيڪ عزيز هئو، اڪيلائي جيڪڏهن عزت نفس ساڻ هجي ته پوءِ اها اڪيلائي ناهي هوندي. هوءَ ڄاڻي رهي هئي ته بدران کي وڌيڪ محبت هن جي دولت سان آهي، ان ڪري هن گهڻو اڳ هڪ مضبوط ۽ اڏول فيصلو ڪندي جواب ”نه“ ۾ ڏئي، ماءُ آڏو ”نه“ جا جيڪي ”نوڪوٽ“ ڏئي ڇڏيا. ان تي اڄ به قائم بيٺي هئي. تڏهن ئي ته هاڻ به هن جو انڪار ٻڌي بدران ڪاوڙ ۾ انتقام واري لهجي ۾ چئي ڏنو هيس.
    ”تون هرگز به انڪار نه ٿي ڪري سگهين. ۽ ها! جيڪڏهن تون پنهنجي هوڏ تان نه لٿينءَ ته ان جا توکي اُگرا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.“
    ”ها! مان توسان شادي نه ڪرڻ جي صورت ۾ هر قسم جي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ هن پهريون ۽ آخري ڀيرو پنهنجي وجود جي سموري سگهه کي گڏ ڪري ”بدران“ کي بدتميزي سان جواب ڏنو ۽ سندس آفيس مان هڪ اڏول ارادي سان ٻاهر نڪري آئي هئي.


    تماشو : محمد منشا ياد

    محمد منشا ياد
    (1938ع ـــ 2011ع)

    شيخو پوره ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ جي زميندار گهراڻي ۾ 5 سيپٽمبر 1938ع تي اک کوليندڙ محمد منشاياد موجوده دؤر ۾ اردو ادب ۽ ڪهاڻي جو هڪ سگهارو نانءُ ڳڻجي ٿو، جنهن جي والدين جي اها دلي خواهش رهي ته هو لکي پڙهي هڪ باڪمال اعليٰ آفيسر بڻجي پر هن جو لاڙو اسڪولي زماني کان ئي ادب طرف رهيو. مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول حافظ آباد مان پاس ڪري، هن سن 1957ع ۾ ڊپلوما سول انجنيئرنگ ۽ 1964ع ۾ فاضل اردو ۽ ايف. اي جا امتحان پرائيويٽ طور ڏئي، 1963ع ۾ بي. اي پنجاب يونيورسٽي ۽ ايم. اي اردو حشمت علي ڪاليج راولپنڊي مان ۽ ايم. اي پنجابي ادب ۾ اورينٽل ڪاليج لاهور مان سن 1973ع ۾ پاس ڪئي. انهيءَ دوران مالي حالات ۽ گهريلو مسئلن جي ڪري هو 1958ع ۾ ئي پي. ڊبليو. ڊي جي بحاليات ۾ سب انجنيئر سن 1960ع ۾ سي. ڊي. اي ۾ سب انجنيئر، 1973ع ۾ اسسٽنٽ انجنيئر، 1980ع ۾ آفيسر تعلقات عام، 1983ع ۾ آفيسر اعليٰ شڪايات بڻيو ۽ اڳتي هلي ترقي ماڻيندي ڊپٽي ڊائريڪٽر طور تي ڪم ڪيو.
    منشاياد پنهنجي ننڍپڻ جي زماني کان ئي لوڪ دستانن، پنجابي روايتي قصن، ڪهاڻين جو پڙهندڙ رهيو. انهيءَ دؤر ۾ هن جون ڪچيون پڪيون لکڻيون شاعري ۽ ڪهاڻيون پندرهن وار رسالي ”هدايت“ ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. ائين لکندي هن ادب ۾ پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ پيدا ڪرڻ سان گڏ اڳتي هلي حلقه ادبي تنظيم ۽ حلقه ارباب ذوق اسلام آباد جو باني ميمبر رهيو. ”بزم ڪتاب“ جو سيڪريٽري بڻيو ۽ عملي طور تي ادب جي ڦهلاءُ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ سان گڏ منفرد موضوعن واريون ڪهاڻيون لکڻ سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي. وي لاءِ ڪيترائي ڊراما پڻ لکيائين. ادب ۾ هن جي پهرين ڪهاڻي ”داستان گو“ جي عنوان سان 1959ع ۾ شايع ٿي. منشاياد جي ڪهاڻين جو بنيادي محور شهر جي گوڙ گهمسان ۽ مسئلن سان ٽمٽمار زندگي ۽ ڳوٺاڻي حقيقي زندگي جو فطري حسن رهيو آهي. هو انسان جي بنيادي آزادي، ترقي پسندي کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پرچارڪ ڪندڙ ڪهاڻيڪار پڻ آهي، جيئن هو چوي ٿو: ”ڪهاڻي دلڪش ۽ فطري اظهار سان گڏ تخليقي ڪاوش ۾ موضوع ۾ اهڙو نئون رخ رکندڙ هجي، جنهن ۾ پڙهڻ واري جو پنهنجو تجربو واردات بڻجي.“ مجموعي حيثيت ۾ فن ۽ زندگي کي اڳتي وڌائي اردو جي افسانوي ادب ۾ منشاياد جا 6 ڪهاڻي ڪتاب، ٻه ناولٽ به منتخب افسانوي مجموعن ۽ ريڊيو، ٽي. وي ڊرامن تي ٻڌل هڪ مجموعو اهم درجو رکن ٿا، جن مان ”ماس ۽ مٽي“، ”خلا اندر خلا“، ”وقت سمندر“ ”وگدا پاني“ (پنجابي) ۽ ”درخت آدمي“ اهم آهن. نشاياد کي ادب جي نقادن ڪهاڻي جي شهر جو دروازو سڏيو آهي. هتي هن جي هڪ بهترين چونڊ ڪهاڻيءَ ”تماشو“ ڏجي ٿي.


    [اردو ڪهاڻي _ منشاياد]

    تماشو


    هُو ٻئي هاڻ اونداهيءَ جو ڊگهوي سفر طئه ڪري جڏهن درياءَ ڪناري پهتا ته سج اُڀرڻ تي هو. دريا ڪناري وٽ اڌ کاڌل ۽ اڌ مئل مڇين جا ڍير ڏسي ننڍي حيرت گاڏر لهجي ۾ وڏي کان پڇيو.
    ”هي پڪ سان لڌڙن ۽ بلائن جا ڪرتوت آهن.“ موٽ ۾ وڏي تائيد ڪندي وراڻي ڏنس.
    ”هائو پٽ! اهي ائين ئي ڪن... پهريون گهرج کان وڌ مڇيون مارين پوءِ وري کائڻ مهل پاڻ ۾ ائين وڙهي مرن جو سندن شڪار به خراب ٿيو وڃي ته وري خود به رت ۾ ريٽيو وڃن.“
    ”ابول! هڪ رات ۾ ايتريون ساريون مڇيون ماريون اٿن.... ابا هنن جا هر رات ائين پير رهيا ته پوءِ دريا ته مڇين کان خالي ٿي پوندو؟
    ”هائو پٽ! جي لڌڙن جو تعداد وڌندو رهيو ته پوءِ ائين ٿيڻ ۾ دير ڪانهي... درياءَ ۾ مڇي نه رهي ته پوءِ درياءُ ڪهڙو؟“
    هو ٻئي هلندي بهي رهن ٿا ۽ دريا ڪناري وٽ ئي سامان رکي دريا ڀر جي ٻئي پاسي نظر ايندڙ ڳوٺ کي تڪڻ لڳن ٿا جتي هنن کي وڃڻو هيو، اُن ڳوٺ جي مسجد جا بلند مينار پري کان ئي کين چٽا نظر ٿا اچن پر اوستائين پهچڻ لئه کين نه ڪا پل نظر اچي ٿي نه ئي وري ٻيڙي... تڏهن ويتر پريشان ٿي نظرون دريا اندر کپائي تڪڻ لڳن ٿا جيڪو هر پاسي کان جيترو گھرو ٿي نظر آيو اوترو ئي موڪرو هو. ڪجهه پل ائين تڪيندي نيٺ وڏي چوڻ شروع ڪيو.
    ”ڌڻي جو نانءُ وٺي لهي ٿا پئون....“
    ”بابا! جيڪا تنهنجي مرضي.“
    ”جي ٻڏي وياسين ته پوءِ؟!“
    ”پوءِ وري اهڙي ڀل نه ڪبي، پٽ جي حاضر دماغي ۽ معصوميت ڏسي وڏو ڪي پل ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو ۽ پٽ جي ڳل تي ٿڦڪي هڻندي چيائين.
    ”پٽ جهمورا! هاڻ تون گهڻو هوشيار ٿي پيو آهين.“
    ”تنهنجو چيلو جو ٿيو آهيان.“
    ”دريا ۾ ضرور لهي پئون ها پر مان هاڻ به راتوڪي خواب کان ڊنل آهيان.“
    ”ڪهڙو خواب بابا؟!“ پيءُ جي ڊپ کي ڏسي پٽ به ڊڄي ويو هو.
    ”ڏاڍو ڀوائتو خواب هو پٽ.“ پڻس ايترو چئي ماٺ ٿي ويو... ڪيترائي پل جڏهن ائين ماٺ جا لنگهي ويا ته هو پاڻ سنڀاليندي وري چوڻ لڳو.
    ”مان ڏٺم ته هڪ وڏو ميڙ هيو جنهن وچ ۾ مان ڪاريهر نانگ کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پايو بيٺو آهيان. ٻار تاڙيون وڄائي رهيا هئا ۽ وڏا خوش ٿي پٽ تي وڇايل چادر تي سڪا اڇلي رهيا هئا. تماشو زورن تي هيو جو اوچتو انهيءَ ڪاريهر پنهنجا زهريلا ڏند ڪنڌ ۾ کپائي ڏنگي وڌو جنهن کي مون تو جيان وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو هيم.“
    ”پوءِ اڳتي ڇا ٿيو ابا.“
    ”بس ٻچڙا ڇا ٻڌايانءِ... منهنجي اکين آڏو اونداهه ڇائنجڻ لڳو، جنهن ۾ ماڻهن جا منهن ائين گم ٿيڻ لڳا، جيئن دونهي ۾ هر شئي گم ٿي ويندي آ سندن آواز دٻجڻ لڳا هئا.... مان محسوس ڪيو هو موت جي اونداهي کوهه هيٺ ترڪندو... ڪرندو ٿي ويس پوءِ جڏهن پاتال ۾ پاڻ کي ڏٺم ته باقي بچيل وجود جي سموري طاقت کي سموهي انهي اونداهه ۾ آوازن جا تير اڇلي مدد لئه پڪارڻ لڳو هوس.“
    ”هُل اهڙو خواب... پوءِ ڇا ٿيوپ ابا!“ سندس پٽ جو وات کليل ۽ اکيون خوف مان ٽانڊن جيان ڳاڙهيون ٿي ويون هيون.
    ”پنهنجي ئي رڙين جي آواز تي ڇرڪ ڀري جيئن جاڳي اٿي ويٺس ۽ ڏٺو ته آسمان تان چنڊ غائب هو... ڪتا زمين تي روئي رهيا هئا ۽ سموري ماحول ۾ ٿڪل ٿڪل ساڻي ٿي ويل هوا اداسي سان گهلي رهي هئي... پوءِ جيئن نظر ڦيرائي ته ڀر ۾ تون سُتل نظر آئين. ٿڌ ڪارڻ تنهنجو وجود ائين ٻيڻو ٿيل هيو، جيئن ڪو درد جي شدت کان ٿي پوندو آهي، تڏهن مون تنهنجي وجود کي چادر سان ائين ڍڪي ورتو جيئن ميدان ۾ تماشي وقت تنهنجي ڪنڌ مٿان ڇري ڦيري ذبح ڪرڻ کان اڳ توکي وري زندهه ڪرڻ لاءِ چادر اوڍيندو هان.... پر الائي ڇو پهريون ڀيرو تو مٿان چادر اوڍڻ وارو انداز مون کي نحوسيت سان ڀريل لڳو هو، جنهن ڪري مان باقي رات سمهي نه سگهيو هان.“
    ”واهه بابا واهه! تون به حضرت آهين.... ڀلا انهيءَ خواب مان تو اهو ڪيئن سوچي ورتو ته پاڻ کي دريا پار نه ڪرڻ گهرجي.“
    ”هائو ابا! اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ سٺو نه آهي، پر تون اهو نه سمجهي سگهندين.“
    ننڍو هينئر پيءَ کان وڌ تازو توانو هو... تيز وکون ڀريندو درياءَ ڪناري ڀر ۾ ننڍڙن دڙن ۽ ٽيلن تي ڊوڙي چڙهي ٿي ويو، ائين ڪندي اوچتو هن رڙ ڪئي.
    ”ابا! مون کي پل نظر آئي آ... شايد گهڻو پري به نه آهي... اُو هُو ڏس“ اشد آڱر سان هٿ کڻي وري اشارو ڪرڻ لڳو. پل جو ٻڌي پڻس جي پوڙهي وجود ۾ زندگي جي نئين لهر سمائجي وڃي ٿي. هو به تيز وکون کڻي دڙي وٽ بيٺل پٽ تائين پهچي ٿو ۽ خوش ٿيندي ان طرف نهاريندي چوي ٿو جنهن طرف درياءَ جو وهڪرو تيز ٿي وهيو.
    ”بروبر پل پري ناهي پر پل تائين پهچڻ جو پنڌ اڻانگو ضرور آهي.
    ”انهيءَ جو خير آهي ابا... هونئن به پاڻ کي هر حال ۾ هاڻ هن رستي تي هلي درياءَ پار ڪري ڳوٺ ۾ پهچڻو آهي.“
    پوءِ ٻئي پنهنجو پنهنجو سامان سنڀالي درياءَ وهڪري سان گڏوگڏ اڳتي وڌندا هلڻ لڳن ٿا. هنن کي سچ ۾ رستو اڻانگو نظر اچي ٿو. وک ٻه وک تي دڙا، کڏ... ننڍڙيون ناليون ڌار ته وري گهاٽي جهنگ جي وڻن جون ڪنڊن سان ڀريل ٽاريون ۽ پير پٿون ڪرڻ واري ڊٻ ڌار موجود هئي پر هو ٻئي هلندا رهن ٿا جن سان گڏ درياءَ جي ٻئي طر ڳوٺ جي مسجد جا مينار پڻ هلندي نظر ٿا اچن.... صبح کان ٻپهري اچي ٿئي ٿي هنن جو سفر جاري رهي ٿو. هو هاڻ ٿڪجي وڃن ٿا ايترو پنڌ پار ڪري اچڻ کان پوءِ به کين پل اوترو ئي پري نظر اچي ٿي جيترو پهريون ڏٺي هئائون. تڏهن اچرج واري لهجي ۾ پڻس چوڻ لڳي ٿو.
    ”پٽ جهمورا! هي ته وڏي عجب ماجرا چئبي... ڏس پل اڳتي ئي اڳتي هلندي پئي وڃي.“
    ”بلڪل ابا ۽ هُو ڳوٺ به... ڳوٺ جي مسجد جا مينار پڻ اسان سان گڏ اڳتي هلندا پيا اچن.“
    ”هي ڪهڙي رمز آهي جا سمجه کان ٻاهر لڳي ٿي.“
    ”وڏي حيرت واري آهي ابا!“
    ”هونهه... پڪ سان ڀانيان ٿو ته ڪو اونهو اسرار آهي... اسان روز ماڻهن سان ڀوڳ چرچو ڪندا آهيون پر اڄ اسان سان ڪو ڀوڳ پيو ٿئي.“
    ائين ڳالهيون ڪندا هو ٻئي هلندا ٿي رهيا. هاڻ ٽپهري ٿيڻ تي هئي، گهڻو پنڌ ڪرڻ ڪري سندن وجود ساڻا ٿي چڪا هئا. گهڙي گهڙي دريا جو گدلو پاڻي پيئڻ ڪري سندن چپ خشڪ ٿي چڪا هئا. ڍنگرين ۽ ڪنڊيدار ٽارين مان گذرندي ڪپڙا ڪيترن ئي هندن تان اڍڙي، ڦاٽي پيا هئا ۽ پير سڄي پٿون ٿي چڪا هئا پوءِ به هنن کي پل ۽ دريا ڀر وارو ڳوٺ پهريون جيتري پنڌ تي نظر پئي آيا. هلندي... سهڪندي پڻس وڏا ساهه ڀريندي نيٺ ساڻائي لهجي ۾ پٽ کي چيو.
    ”هاڻ بيهي رهه پٽ... دريا پار واري ڳوٺ تائين رسڻ شايد اسان جي مقدر ۾ ناهي... ائين خالي هلندا رهياسين ته ڪڏهن به پل وٽ پهچي ڪونه سگهنداسين.“
    ”هاڻ ڇا ڪجي پوءِ؟!“
    ”ڪرڻو وري ڇاهي... هل ته پٺتي موٽي ٿا هلون.“
    ”نه ابا... هاڻ پوئتي موٽي ڇا ڪبو؟!... اسان جي منزل ته دريا پار وارو اِهو ڳوٺ آهي... هونئن به واپس ورڻ مڙد ماڻهو جو ڪم ناهي هوندو.“
    ”تون سچ ٿو چوين... پٽ اسان جون ته عورتون به دريا جي گجگوڙ وارين ڇولين کان ڪين ڊڄن ۽ ڪچن دلن تي چڙهي هي شينهن دريا پار پونديون هن.“
    ”او اتي اچ جاءِ ني.... ابا واهه جي مڙسن واري ڳالهه ڪئي اٿئي... هاڻ اچ ته دريا ۾ لهي تري ٿا پئون.“
    ”اهو ڀلجي به نه سوچ... هڪ ته پاڻ سان سامان آهي... ٻيو تون ڪٿي ٿڪجي پئين ته پوءِ؟!“
    ”منهنجو الڪو نه ڪر ابا... باقي سامان اتي پهچي ٻيو وٺنداسين.“ موٽ ۾ پڻس ڪوبه جواب ڏيڻ بدران سامان هيٺ رکي يڪ ٽِڪ دريا جي پاڻي جي گھرائي جو اندازو ڪندي خود سوچ جي دريا ۾ ٻڏي وڃي ٿو. اوچتو ڪتن جي ڀونڪار جا آواز اڀرندي هنن جي ڪنن سان ٽڪرائڻ ٿا لڳن.
    ”هن جهنگ منجهه هي آواز؟!“
    ”بروبر آواز اٿئي ابا.“
    ”ڇو نه هلي رات انهي آوازن واري آباديءَ ۾ هلي گذاريون پوءِ ساجهر سان ئي تازه ٿي پنهنجي سفر تي نڪري پونداسين.“
    ”جا تنهنجي مرضي ابا.“
    پوءِ آوازن جا پيرا کڻندي پڻس اڳ ۾ ۽ هُو پٺيان پٺيان ائين هلڻ لڳو، جيئن ڪو کڙپيل پيري چور جي پيرن پٺيان هوندو آهي. هو وڌندا رهيا کين آوازن سان گڏ هاڻ مال جي ڦڙڪڻ جا آواز به ٻڌڻ ۾ ٿي آيا. دريا هاڻ هنن جي هر وک ساڻ کانئن پاسيرو ٿيندي پري ٿيڻ لڳو. هو جيئن ئي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ويجهو ٿيا ته پڻس ٻٻرن جي وڻن کي تڪيندي بيهي رهي ٿو.
    ”ٻٻرن جي وڻن ۾ ٻير... رب خير ڪري... ڪو اونهو اسرار آهي.“ موٽ ۾ هاڻ ننڍو ماٺ رهندي آسمان ۾ تڪي ٿو ته وڏو وري ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو.
    ”ڇا پيو ڏسين؟!“
    ”ابابيل آهن تن کي پيو ڏسان.“
    ”بيشڪ ابابيل ئي آهن.“
    ”بس! ويچارا هوندا داڻي پاڻي جي ڳولها ۾.“
    ”ڪهڙي خبر متان ڪجهه ٻيو به ڳولهيندا هجن.“
    ”ٻيو مطلب؟!“
    ”غور سان ڏس جهمورا اهي اصل ابابيل نٿئي پر هاٿين مٿان ويهي چنگهارڻ ۽ گوشت کائڻ وارا آهن.“
    ”هي هنڌ ٺيڪ ناهي... هل ته هتان نڪري هلون.“ هاڻ پهريون ڀيرو ننڍو ڊنو هو.
    ”ابا مولا سڻائي ڪندو... ڪجهه ڌنڌو ڪيون... رات گذاري فجر مهل نڪري پونداسين.... تون دل نه لاهه.“
    ”جا تنهنجي مرضي ابا.“ ننڍي هميشه وانگي عاجزي مان ڪنڌ نوائي وراڻيو.
    ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ئي هو ٻئي هڪ کليل ميدان تي سامان رکي پنهنجي اردگرد جي ماحول جو جائزو وٺڻ لڳن ٿا. پوءِ ننڍو پٽ تي چادر وڇائي هڪ ڪنڊ کان ٿي ويهي ٿو ۽ وڏو بانسري سان گڏ ڊگڊگي وڄائي تماشي جي شروعات ڪري ٿو ته جهٽ پلڪ اندر ڳوٺ جا کوڙ سارا ٻار هنن جي چؤگرد جمع ٿي مڙي وڃن ٿا، جن کي ڏسندي سندن چهرا خوشيءَ مان ٻهڪي پون ٿا ۽ سموري ڏينهن جي ٿڪاوٽ ازخود ختم ٿي وڃي ٿي. بانسري ۽ ڊگڊگي وڄائيندي پڻس جڏهن ٿڪجي پوي ٿو ته بيزاري جي عالم ۾ چوڻ لڳي ٿو.
    ”هي ڪهڙو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هڪ به مرد يا عورت اڃا تائين ظاهر ناهي ٿيو، هنن ٻارن آڏو ته آءٌ وٺجي ويو هان.“
    ”ڪهڙي خبر هن ڳوٺ جي وڏڙن پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه ڀري ڇڏي هجي، شايد تڏهن ٻوڙا ٿي پيا هن.“
    ”ڪنن ۾ ڪپهه پر اهي ائين ڇو ڪندا جهمورا؟!“
    ”اهو ان ڪري جو ڏهن ماڻهو خير جي خبر نه ٻڌندو هجي ته پوءِ سندس دل هر شئي کان بيزار رهڻ لڳندي آهي.“
    ”واهه جمهورا تون کي سبق خوب ياد آهي.... هاڻ هي ٻڌاءِ ته توکي اِها خبر ڪيئن پئي ته هنن ڪا خير جي خبر ناهي ٻڌي.“
    ”اهو ته مان هنن جون هي معصوم شڪليون ڏسي سمجهي ورتو اٿم.“
    ”تون سچ ۾ هوشيار ٿي ويو آهين جمهورا.“
    ”تنهنجو چيلو جو بڻيو هان ابا.“
    ”ممڪن آهي هنن پنهنجن پيئرن کي شهر نيڪالي ڏئي ڇڏي هجي.“
    ”ها جمهورا! اسان سچ ۾ غلط هنڌ اچي نڪتا هون.“
    ”بروبر ابا.“
    ”هن ڳوٺ جو ڪوبه بالغ مرد ۽ عورت نظر ناهي آيو... شايد اهي سڀ اسان جيان ٻئي هنڌ تماشو ڏيکارڻ ويا هن.“
    ”ٺيڪ آهي پهريان هنن جي اچڻ جو انتظار ٿا ڪيون.“
    ”پر ڇا لئه؟!“
    ”ڏسڻو آهي اهي وڏا ناٽڪي هن يا اسين.“
    ”نه پٽ جمهورا نه... مون کي ته هنن جي ٻارن منجهان ڊپ لڳڻ لڳو آهي... تون ڪجهه غور سان ڏسين ته هي ٻار ڪيڏي نه عجيب و غريب شڪلين وارا هن.“
    ”اها ڳالهه آهي ته پوءِ اُٿ ته هتان هلون.“
    ”هلون ٿا پر ترس مونکي پڇڻ ڏي ته هنن جا وڏڙا آخر ڪٿي آهن.“
    ”اسين پنهنجا پاڻ ئي وڏڙا آهيون.“ پهريون ڀيرو ميڙ مان هڪ ٻار جو آواز اڀريو.
    جنهن تي ٻئي پيءُ ۽ پٽ ڇرڪجي وڃن ٿا ۽ پنهنجي حيران گاڏڙ حالت تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندي ڊپ ۾ وڪوڙيل وجودن کي لڪائڻ جي لئه مضبوط ٿي بيهن ٿا، تڏهن هڪ ٻيو پختي عمر وارو ڄامڙو ٻار ڪڙڪ لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي ٿو.
    ”بروبر منشي سچ ٿو چوي... ۽ ها ٻڌي ڇڏيو ته جيڪي ماڻهو اسان کي پاڻ کان ننڍڙو چئي اسان جي بي عزتي ڪندا آهن تن کي هن ڳوٺ ۾ هڪ پل به ترسڻ جي اجازت ناهي ملندي... سو هاڻ ڀلو انهيءَ ۾ اٿئو ته تڙ تڪڙ ۾ تماشو ڏيکاري هلندا ٿيو.“
    ”مطلب ته هت وڏي قد ڪاٺ وارو ڪوبه ماڻهو ناهي رهندو.“
    ”اسين رهڻ ڏيون ته پوءِ نه... اهڙن قدآورن کي هڻي پورو ڪري ڇڏيندا آهيون.“ ميڙ مان بيٺي هڪ ٽئين بوني کلندي وراڻيو هو.
    ”هي ڳوٺ معنيٰ ته....“ وڏي ايترو مس چيو ته سامهون ايندڙ نئين ننڍڙي قد واري هن جي ڳالهه ڪٽيندي اتان ئي وراڻو هوس.
    ”ها مان ئي هن ڳوٺ جو وڏڙو به آهيان ته وري چڱو مڙس به سمجهه... پر هاڻ وڌيڪ نخرو نه ڪيو ۽ تماشو شروع ڪيو... جي سٺو تماشو ڪندؤ ته انعام به سٺو ملندو... وڌيڪ وقت برباد ڪرڻ فضول آهي.“
    ”هن وقت ته اسين پاڻ تماشو پيا ڏسون.“ جهموري مشڪندي چيو ته سمورن بيٺلن جي اکين ۾ ڪاوڙ جا ٽانڊا ٻري اٿيا. هڪڙي وک وڌائي ڪاوڙ ۾ کين ڌمڪايو.
    ”اڙي وات ڳاڙها ڇورا! تون وري اسان مٿان ٽوڪون ٿو ڪرين.“
    ”لڳي ٿو ته تون ئي سردار جو پٽ آهين.“ جمهوري جي لهجي ۾ اڃا به شوخي ۽ طنز ڀريل هئي.
    ”سردار جو پٽ نه پر مان پاڻ ئي سردار آهيان... باقي توکي هي ڀوڳ مهانگو پوندو ڇورا.“
    ”ها ها... اهوئي اسان جو سردار اٿئي... اسان جو وڏڙو به اهو ته چڱو مڙس به“ پر جهمورو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي کلندو رهي ٿو تڏهن پڻس ويجهو ايندي آهستي چوڻ لڳيس ٿو.
    ”ابا ماٺ ڪر... اسان سچ ۾ هنن بندرن جي ڳوٺ منجهه اچي ڦاٿا آهيون.“
    ”پوڙها وات نه هڻ... ٽڪي جا مداري تو اسان کي بندرو ٿو چوين... تنهنجي ايتري همت... سردار جو منهن ڪاوڙ ۾ ٽامڻي هڻي ٿو وڃي.“ ۽ ها! هاڻ آخري ڀيرو ٿو چوانءِ ته پنهنجي ڇوري جي زبان کي لغام ڏي.“
    ”پٽ جمهورا ماٺ ٿي.... هي ڪو اونهو راز آهي، تو هاڻ هڪڙو اکر به نه ڪڇجانءِ.“
    ”هي ته سڀ ٻار هن ۽ تو ڪهڙي راز جي ڳالهه پيون ڪرين.“
    ”نه پٽ نه... هي سڀ هرگز ٻار نه اٿئي... ٿورو غور سان تڪين توکي هنن جا منهن جهير ڏئي پوڙها ٿي ويل ۽ وار سڀ جا سڀ اڇا نظر ايندئي.... هنن جون عمريون وڏيون هن پر ذهن اڃا ڪچا ٿا لڳن... هي سڀ جا سڀ بيحد خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.
    ”هائو ابا! هي سڀ وڏي تعجب واري رمز لڳي ٿي.“
    ”ڌڻي کي دعا آهي ته سڀ خير ڪري.“
    انهيءَ دوران ڪجهه وڌيڪ ڄامڙا ٻار مٿن تي کٽولا... هنڌ... ڪرسيون ۽ موڙا کڻي پهچن ٿا جن سڀني تي ڏسندي ئي هُو ڪچهري واري انداز ۾ هنن جي چؤگرد ويجهي وڃن ٿا. پوءِ سردار فاتحانه اندازن ۾ حڪم ڏيندي ٻنهي پيءُ پٽ کي چئي ٿو.
    ”تماشو شروع ڪيو وڃي.“ ڪي پل هُو ٻئي پٿر جي بُتن جيان ماٺ ۾ رهن ٿا. آخر وڏو پريشانيءَ جي حالت ۾ سڀني ڏي نهاريندي پٽ تي رکيل پنهنجي ٿيلهي مان هڪ هڪ ڪري سامان ٻاهر ڪڍڻ لڳي ٿو. سڀ کان اول هو ٽي گولا زمين تي رکي پيالن سان ڍڪي پوءِ ڪجهه منتر پڙهي ڦوڪن واري انداز ۾ هڪ هڪ پيالو جيئن کڻڻ ٿو لڳي ته گولا غائب نظر اچن ٿا. هُو مشڪندي داد جي طلب ڪري ٿو پر موٽ ۾ ڪوبه تاڙي نٿو وڄائي ۽ ماٺ ۾ رهي ٿو. تڏهن هُو وري پيالا اونڌا رکي منتر پڙهي جيئن پيالا سنوا ڪري ٿو ته سمورا گولا پهريون واري حالت ۾ نظر ٿا اچن. هن ڀيري به هرڪو ماٺ ۾ رهي ٿو.
    ٻيو تماشو شروع ڪندي وڏو مداري کيسي مان روپئي جو سِڪو ڪڍي جادوئي منترن سان ٻيا به ڪيترائي سِڪا ٺاهيندي مخصوص انداز ۾ چوندو رهي ٿو.
    ”منهنجا قدردانو... صاحبو مان جادوگر ناهيان هي سڀ رڳو هٿ جي صفائي جو ڪمال آهي... جي مان سچ ۾ جادوگر هجان ها ته پوءِ ائين تماشا ڪرڻ بجاءِ گهر ۾ ويهي سوين سڪا جوڙيان ها.“
    ”ها ڙي ها پوڙها مداري... اسان سڀ ڄاڻون ٿا تو پنهنجو تماشو جاري رک.“ سردار طنز جو تير وهائيندي چئي ڏنو ته موٽ به اهڙي ڏيندي جمهوري پيءَ جو بچاءُ ڪيو هو.
    ”جي اهڙي خبر اٿئي ته پوءِ پاڻ ميدان ۾ اچي تماشو ڪر.“
    ”مداري! تنهنجو هي ڇورو وڏي نقصان ۾ ويندءِ.“
    سردار جي ڪاوڙ کي ٺاريندي هو هٿ ٻڏي جهڪي وڃي ٿو.
    ”سرڪار! معافي ڏيو... هي ٻار آهي اڃا... هاڻ ائين هرگز نه ڪندو....“ پوءِ ڪاوڙ واري نهار سان جمهوري کي ماٺ رهڻ جو اشارو ڪندي هُو الائي ته ڪيترا نوان نوان تماشا ڪري ٿو پر ويٺلن مان نه ڪنهن جي وات منجهان ”واهه“ جو لفظ اڪري ٿو ۽ نه ئي وري هٿ پاڻ ۾ تاڙي لئه ٽڪرجن ٿا. نيٺ ٿڪجي، هارجي تنگ ٿيندي هُو نئون اعلان ڪري ٿو.
    ”هاڻ آخر ۾ آءٌ جمهوري جي ڪنڌ تي ڇري ڦيري کيس ذبح ڪري وري ٻيهر جيئرو ڪرڻ وارو تماشو پيش ٿو ڪريان.“
    اهو اعلان ٻڌندي ئي سردار سميت سڀ جا سڀ ڪيتري دير تائين خوشيءَ مان تاڙيون وڄائيندا ڪڏندا رهن ٿا. هي سڀ ڏسي مداري خود به خوش ٿيندي حيرت ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو، ان ڪري جو هو جڏهن به اهو تماشو ڏيکارڻ جو اعلان ڪندو هو ته اڪثر ماڻهو کيس ائين ڪرڻ کان روڪيندي ناپسندگيءَ جو اظهار ڪندا هئا پر هي سڀ جو سڀ بي انتها خوش ٿي رهيا هئا.
    پوءِ هُو جمهوري کي زمين تي سمهاري مٿس اهڙي ريت چادر اوڍڻ لڳي ٿو جيئن هو هميشه کان ڪندو ٿي آيو. ڳوٿريءَ مان ڇري ڪڍي هن جي تکي ڌار تي هٿ ڦيرڻ لڳو ته پهريون ڀيرو هن جي آڱرن منجهه رڦڻي ڀرجي وڃي ٿي پر تماشو پورو ڪرڻ جو خيال ايندي ئي هُو پاڻ سنڀالي وري ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو.
    ”منهنجا مهربانو! دنيا ۾ هن طرح سان ڪوبه پيءُ پٽ جي ڪنڌ تي ائين ڇُري ڦيرڻ جي همت نٿو ڪري سگهي. اِها همت ۽ حوصلو خدا جي پيغمبرن کان سواءِ باقي ڪنهن بشر ۾ ناممڪن آهي پر ڇا ڪجي پاپي پيٽ جي خاطر (پيٽ تي سڄو هٿ رکندي) هي تماشو به ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو نظر جو دوکو آهي ۽ بس.“
    ”اسان کي خبر آ... اسين سڀ ڄاڻون ٿا.“ هڙئي ويٺل هڪ آواز ٿي ڳالهائڻ لڳن ٿا جن پٺيان شوخيءَ سان ڀريل سردار جو آواز اڀري ٿو.
    ”اڙي مداري اجايو ڳالهين ۾ وقت برباد نه ڪر... هٿ ۾ جهليل ڇري هلاءِ ۽ تماشو ڪر.“
    ”ڇري هلاءِ ڇري... مداري جلد ڪر... ڇري هلاءِ.“ موٽ ۾ سمورن جا آواز گڏجي آسمان جي بلندي ۾ گم ٿي وڃن ٿا. رڙين جي تيز آوازن تي هُو وري ڏڪي، هراسجي پوي ٿو ۽ هٿ ۾ جهليل ڇري جيئن جهموري جي ڪنڌ مٿان وهائي ويهي ٿو سڀ جا سڀ ڄامڙا تماشبين خوشيءَ مان ڪڏندي نچندي، سيٽيون وڄائيندي هن طرف سِڪا اڇليندي، جمهوري جي وري جيئرو ٿي اُٿڻ کان اڳ سڀ جو سڀ اٿندا، ويندا رهن ٿا. هُو اهو سڀ ڏسي هڪ هنڌ پنڊ پهڻ ٿي وڃي ٿو. اکيون حيرت مان ڦاٽي وڃنس ٿيون، جڏهن سمورو ميدان تماشبين کان کيس خالي ٿي ويل نظر اچي ٿو ته پنهنجي وجود کي سامت ۾ آڻيندي پٽ تي پيل پٽ جهموري کي خشڪ ٿي ويل نڙي مان ٻاڙي لهجي ۾ چوي ٿو.
    ”پٽ جهمورا... منهنجا جگر اُٿ... اُٿ هي سِڪا ميڙ ته هن ڳوٺ مان نڪري هلون....“
    موٽ ۾ ڪوبه جواب نه ڏيندي جهمورو جيئن جو تيئن ئي پٽ تي پيل رهي ٿو. هن جو وجود لرزجي وڃي ٿو، سٽ ڏئي پٽ مٿان وڌل چادر کي جيئن ئي لاهي ڦٽو ڪري ٿو ته رت ۾ ٻڏل جمهوري جي سسي سندس ڌڙ کان ڌار ڏسي دماغ چڪرائجي پويس ٿو ۽ بولاٽي کائي پاڻ به پٽ تي ڪري پوي ٿو پوءِ هن جون دانهون سموري ڳوٺ ۾ گونجندي ڌرتي کان آسمان تائين ويندي بلند فضا ۾ گم ٿي وڃن ٿيون.


    ويهن سالن کان پوءِ : امراؤ طارق

    امراؤ طارق
    (1932ع ــ 2012ع)

    اردو ڪهاڻي جو ڪينواس به شاعري جيان وسيع آهي، جنهن ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ امراؤ طارق جو نانءُ پڻ نمايان اهميت رکي ٿو، جيڪو بنيادي طور تي نرالن موضوعن وارو ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ تحقيق، سماجيات ۽ سوشل سائنس ۾ به سگهارو ليکڪ ڳڻيو وڃي ٿو. 15 مارچ 1923ع ۾ فتح پور (هسوا) يو. پي جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ هن ليکڪ جو اصل نالو سيد طارق علي آهي، جنهن جي خاندان ورهاڱي بعد لڏ پلاڻ ڪري پهريائين حيدرآبا دکن، پوءِ ڍاڪا (بنگلاديش) ۽ آخر ۾ سن 1962ع ۾ ڪراچي ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪئي. جتي هن کي مولوي عبدالحق (باباءِ اردو) جي صحبت ۽ ويجهڙائي ملي، ائين هن مدرسه اسلاميه (مسلم انٽر ڪاليج) فتح پور، حليم مسلم ڪاليج ڪانپور، اردو ڪاليج ڪراچي مان ايم. اي سياست ۾ گولڊ ميڊلسٽ رهي، اتان ئي ايل. ايل. بي ڪري سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، جتي ترقي ڪندي ڊي. آءِ. جي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. انجمنِ ترقي پسنداردو جي ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي رهي ادب ۾ تحقيق سان گڏ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ۽ سيمينار پڻ منعقد ڪرايائين.
    امراؤ طارق ادب ۾ لکڻ جي شروعات نثر سان سن 1954ع ۾ ڪئي، پوءِ افسانه نگاري ۾ هن جي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪارطور تي ٿي. سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”طوائف“ ڇپجڻ تي سن 1979ع ۾ کيس ادم جي ادبي ايوارڊ ڏنو ويو. هن جي مشهور ڪتابن ۾ خشڪي په جزيرا (ڪهاڻيون) سن 1986ع ۾، دهنڪ ڪي سباقي مابده رنگ (خاڪا) 1993ع، ڊاڪٽر فرمان فتح پوري: حيات خدمات، 3 جلد، 1994ع، فوجداري قانون جا بنيادي اصول (قانون) 1995ع، معتوب (ناول) 1995ع، خود نوشت تنقيد خود نوش (جيون ڪٿا) 1998ع، ادا جعفري فن ۽ شخصيت 1998ع، تمام شهرني پهني هوئي هين دستاني (ڪهاڻيون) 1998ع ۾ شامل آهن.
    امراؤ طارق ڪيترن ئي رسالن جي ادارت سان گڏ ريڊيو پاڪستان عالمي سروس جو پروگرام آپ ڪا خط ملا جو اٺن سالن تائين ميزبان ٿي رهيو ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ جي پهرئين انگريزي ادبي رسالي ”پوليس مين“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. هن منفرد انداز ۽ اسلوب واري ڪهاڻيڪار جي وفات 8 ڊسمبر 2011ع تي ڪراچي ۾ ٿي. سندس شاهڪار ڪهاڻي ”ويهن سالن کان پوءِ“ جو ترجمو هتي پيش ڪجي ٿو.

    [اردو ڪهاڻي _ امراؤ طارق]

    ويهن سالن کان پوءِ


    مان اڄ ان ساڳئي ايئرپورٽ جي رن وي تي اچي بيٺو آهيان، جتي ويهه سال اڳ هڪ اونداهي رات جي پيٽ ۾ موت جي راڪاس کان لڪندو... ٿڙندو... ٿاٻڙندو... رن وي تي بيٺل جھاز ۾ اچي پناهه ورتي هئم... ۽ پوءِ جڏهن جھاز جي وڏن ڦيٿن ۾ چرپر ٿي هئي، تڏهن پنهنجي بچي وڃڻ جو احساس ٿيو هئم... ان وقت خوف جي چادر ويڙهيل جھاز جي اندر ويٺل ٻيا ماڻهو ائين نظر آيا هئا، جيئن دوڪان ۾ سنواري رکيل بي جان رانديڪا پيا هوندا آهن... اها هڪ قيامت خيز رات هئي، جيڪا ڪنهن تيز طوفان جيان آئي ۽ پاڻ سان سڀ ڪجهه اڏاري کڻي وئي.... انسانيت مري چڪي هئي... ماڻهن جي گهرن ۾ لڳايل باهيون سندن جسم ۾ گردش ڪندڙ رت کي به ساڙي رهيون هيون... عورتون اڻ ڏٺل مقام ڏانهن کنڀيون ويون... الهڙ جوانيون سرِعام ننگيون ڪيون ويون... جن جي ماس کي انسان جانور بڻجي پٽيو هو... ڳڀرو جوانن جي رت جي درياهه ۾ ابهم ٻارڙن جا لاش ترڻ لڳا هئا... آدم جو اولاد انسانيت جا سمورا سبق وساري وحشي بڻجي ويو هو. جن جون آهون ۽ دانهون اکين ۾ تيرن جيان چڀي رهيون هيون.
    انهيءَ ڪاري رات ۾ هڪ هزار فٽن جي بلنديءَ تي جھاز ۾ موجوده هر هڪ هراسيل ۽ لٽيل انسانن جي اکين آڏو اهي سڀ منظر ائين گردش ڪري رهيا هئا جيئن سئنيما اندر پردي تي ڪا فلم هلندي هجي... جھاز جي عملي کي پاڻ ۾ آهستي ڳالهه ٻولهه ڪندو ڏسي هر ڪنهن کي اهو ئي ڊپ ٿيڻ لڳو هو ڄڻ سندس بابت انڪوائري ٿيندي هجي ڪي پنهنجي وڇڙي ويل پيارن کي ياد ڪري رهيا هئا ته ڪن کي مارجي ويلن جو ڏک شدت سان تڙپائي رهيو هو. جن کي روئندي ڏسي معصوم ٻار هراسجي چُپ ٿي ويا هئا.
    هاڻي اهو چڱيءَ طرح سان ياد نه اٿم ته اها سياري جي شروعاتي مُند جي ڪهڙي تاريخ هئي! هونئن به مون لاءِ هاڻي تاريخ ۾ ڪجهه ناهي رکيو؟ انهيءَ ڏنڀ ڏيندڙ واقعي کان پوءِ تاريخ مون لاءِ بي معنيٰ بڻجي پئي آهي.... مس ڪپڙي مان ڀنل مور جي کنڀن وارن تلڪن سان لکيل اڄ تائين جي سموري تاريخ من ۾ ڪابه اٿل پئدا نه ڪري سگهي آهي! انسان جو جڏهن ويساهه اُٿي وڃي... انسانيت جا سڀ نظريا ڪوڙ جو ڀنڊار نظر اچن تڏهن بادشاهن جي شاهي لقبن سان نوازيل مورخن جي تاريخ جي ڪابه اهميت ناهي رهندي... هونئن به اڄ جي دؤر ۾ فلسفي ڳالهيون ۽ آدرشي قصا ڪتابن جي ورقن ۾ قيد ٿي ڪتب خانن جي زينت بڻجي ويا آهن جنهن پاسي وڃڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي... اڄ ان کان وڌيڪ عبرت اسان کي بس اسٽاپ تي بيٺل جواڻ جماڻ ڪاليجي ڇوڪريءَ کي ڏسي ٿئي ٿي... جنهن جون اکيون خوف کان جهُڪيل... ۽ هٿ ڪتابن ۾ سوگها هوندا آهن ۽ جنهن کي گهر اُسهڻ کان اڳ اهو احساس من ۾ کاٽ هڻندو رهندو آهي... ڪٿي ڪو شڪاري رستي ۾ وڇايل ڄار ۾ ڦاسائي کيس قيد نه ڪري وجهي... هاڻي اهو سڀ ڪو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته اسين واقعي به ڪيترائي نه مهذب آهيون!؟ مان انهن ئي خيالن ۾ گم بيٺو هئس جو هڪدم زال ۽ ڌيءُ جي سڏ تي ڇرڪ ڀري اچي انهيءَ جاءِ تي بيٺس جتان ويهه سال اڳ مون حياتيءَ جا بچيل ڏينهن سنڀالي اچي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي. پنهنجو پاڻ کي ائين هراسيل حالت ۾ رن وي تي بيٺل ڏسي ائين لڳو هو ڄڻ وقت جو ڦرندڙ ڪانٽو ويهه سال پٺتي موٽي آيو هجي!....
    ايئرپورٽ هلڪڙي اونداهيءَ جي ڀاڪر ۾ هئي... اڃا سج ڪونه اڀريو هو. اسين پهرين ته ميزبانن جو انتظار ڪندا رهياسين... ۽ پوءِ جڏهن چڱو وقت گذريو ته مان زال ۽ ڌيءُ سامان کڻي پهريان اميگريشن ڪائونٽر تان ۽ پوءِ ڪسٽم چيڪ پوسٽ تان فارغ ٿي کين وٺي اچي ٻاهر لائونج ۾ ٿي ويٺس.... ٻاهر فرش کي صاف ڪندي ڀنگي هر هر ٽيڏي اک سان انڪوائري ڪائونٽر تي ويٺل پشم جھڙي دلڪش ڇوڪريءَ کي تڪي رهيو هو جا هٿ ۾ جهليل هڪ رنگين فلمي رسالي جا فوٽو ڏسڻ ۾ مگن ويٺي هئي.... اهو سڀ الائي ڇو منهنجي دل کي ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو، تڏهن ئي منهنجي نظر هڪ ٻئي عارضي ٺاهيل ڪائونٽر تي وڃي پئي، جتي ڪجهه ماڻهو شايد اسان جي اوسيئڙي ۾ ئي بيٺل هئا. اهو ڪائونٽر ڪانفرنس منعقد ڪرائيندڙ تنظيم جي پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ غير ملڪي دانشورن جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. پوءِ مان سامان جي ٽرالي، زال ۽ ڌيءُ وٽ ڇڏي وڃي بيٺل ماڻهن سان مليس کين پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايم ته هرهڪ مون سان وڏي اُڪير مان ڀاڪر پائي مليو. انهن مان هڪ ڄڻي اڳتي وڌي اسان جو سامان کڻي آيو ۽ ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيائين... ۽ پوءِ ڪافيءَ جو سَپ ڀريندي منهنجي ڌيءُ اوچتو مون کان سوال ڪيو هو، ”بابا! توهان ٻڌايو ته شهر ۾ هتي...!؟“
    ”ها ڌيءُ! هاڻي اهو طوفان گذري چڪو آهي.“
    مون هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو هو، تڏهن انڪوائري ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪري ڳالهه نه سمجهندي مون کي چيو هو، ”سر ڪهڙو طوفان...! هيءُ موسم طوفانن جي نه پر سير و تفريح جي آهي!“
    ”ها پٽ! هاڻي واقعي به طوفانن جي مُند گذري چڪي آهي.“ مون کيس جواب ڏيندي ڳالهه کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو... ڀلا هن معصوم کي ڪهڙي خبر ته هتي ڇا ڇا نه ٿي گذريو آهي!
    اسان جي ڪار هڪ ڊگهي ليڪي واري ايئرپورٽ روڊ کي ڇڏي جڏهن شهر ۾ داخل ٿي ته مان هر شئي جو جائزو وٺڻ لڳس....
    ويهه سال اڳ جيڪو شهر مون خوف ۾ ڇڏيو هو، اهو اڄ مون کي ڌاريو ٿي لڳو جتي مان پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا... روڊ جي ڀر ۾ بيٺل بجليءَ جي قطار واري ٿنڀن ۾ کيراڻ جھڙن بلبن جي روشني مون کي بيحد اداس ۽ ٿڪل نظر آئي هئي... ۽ پوءِ جڏهن صبح جي گهميل هوا گهلڻ لڳي ته هوا سان گڏ سميل بدبوءِ به اسان جي ساهن ۾ سمائجڻ لڳي هئي... هي منهنجو شهر هو جيڪو اڄ مون لاءِ اوپرو اوپرو هو. شهر ڪيئن اوپرا بڻجي ويندا آهن انهيءَ جو اونهون احساس مون کي اڄ پنهنجي شهر کي ڏسي ٿيو هو.
    ”هتي ته مڇين جي ڏاڍي بدبوءِ آهي.“ نڪ تي رومال رکندي، منهنجي زال بيزارگيءَ مان وراڻيو هو....“ اِها ڌپ اسان سان هوٽل تائين گڏ هلندي آئي هئي.
    اسان ٽنهي کي هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي ڪشادي ۽ صاف سٿري ڪمري ۾ ترسايو ويو. ناشتي کان فارغ ٿي منهنجي زال ۽ ڌيءُ هوٽل جي بالڪنيءَ ۾ بيهي شهر جي صبح واري زندگيءَ جو منظر ڏسي رهيون هيون. هي هن شهر جو سڀ کان مهانگو هوٽل هو، جتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني مهمانن کي ترسايو ويو هو، ڪانفرنس پڻ شام کان هتي ئي شروع ٿيڻي هئي... جنهن لاءِ آئون پنهنجي مقالي کي ڏسي رهيو هئس ته ايتري ۾ فون جي گهنٽي بار بار وڄڻ لڳي... مون اُٿي جيئن ئي رسيوَر کنيو ته هُن پاسي کان ليڊي آپريٽر جو سُريلو آواز گونجيو هو... ”سر توهان جي فون آهي؟“
    ”منهنجي فون...!“ آئون حيرانگيءَ ۾ وڪوڙجي ويس.
    ”جي ها سر! ڪا عورت... ڪالهه کان وٺي ڪيترائي ڀيرا اوهان جي لاءِ فون ڪري چڪي آهي.“ آپريٽر جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي حيرانگي وڌي وئي جو هن شهر ۾ ڪنهن عورت سان منهنجي ڪابه سڃاڻپ نه هئي. مون آپريٽر کي فون ملائي ڏيڻ لاءِ چيو.
    ”هيليو!!“ منهنجي آواز تي هوءَ ڳالهائڻ لڳي هئي، ”تو بابت مون اخبار ۾ خبر پڙهي ته تون ڪانفرنس ۾ اچين پيو، اهي منهنجا ڀاڳ جو توکي وري اکين سان سامهون ڏسندس، تو مون کي سڃاتو الائي نه!“
    ”فاطمه تون!... آهه“ مون هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو.
    ها! هوءَ منهنجي فاطمه هئي... اهو ئي ڳالهائڻ جو سُريلي آواز وارو مٺڙو لهجو... مان ڀلا هن کي ڪيئن وساري سگهندس.
    ”تون اڃا تائين مون کي بلڪل به ناهي وساريو!“ هن ڳالهايو هو.
    ”تون سچ پچ فاطمه آهين؟“ اوچتو منهنجي من ۾ بيقراريءَ جي باهه ڀڙڪي آئي هئي.
    ”ياد ڪر!... مون توکي ڇا چيو هو جي تون وڇڙي به وئين ته به آئون تنهنجي ڳولا ڪري تو تائين پهچي ويندس....“ هڪدم هن جي لهجي ۾ ڏڪڻي اچي وئي هئي. ”جيون جا جيڪي ڏينهن توسان گڏ گهاريا اٿم اهي سڀ اڄ به شاهد آهن ته آئون ئي تنهنجي فاطمه آهيان.“
    ”فاطمه! تون زندهه آهين!؟“
    ”هائو! فقط اُن ڪري جو اڃا تائين تون به ته زندهه آهين!“
    ”پر پنهنجي سڙي ويل گهر کي ڏسي... مون ته توکي مئل ۽ سڙي ويل سمجهيو هو.“
    ”تو رڳو سڙندڙ گهر کي ڏٺو هو. مون کي نه.... پر هاڻي جڏهن تون پنهنجو جوان پٽ به ڏسندين ته وڌيڪ حيرانگي ۽ خوشي ٿيندئي!“
    ”منهنجو جوان پٽ!“ فاطمه جا لفظ ڀالي جيان اندر ۾ کُپي ويا هئا.
    ”ها! هٿ ٻه پير صفا تو جھڙو آهي... عادتون به تو وانگر ڌاريون اٿائين... توکي ڪهڙي خبر... هو شين کي ائين محسوس ڪري ٿو جيئن تون ڪندو هئين... سندس هلڻ مان لڳندو اٿم ڄڻ تون ايندو هجين... تو سواءِ مون وقت جا ويهه ورهيه هن کي ڏسي گذاريا آهن. جي هيءُ به نه هجي ها ته تنهنجي فاطمه شايد تڏهن ئي مري وڃي ها.“ هن جي لفظن جو درد مان پنهنجي اندر ۾ اوتبي محسوس ڪرڻ لڳو هئم.
    ”فاطمه! تون ڪٿي آهين!؟... مان توسان ملڻ لاءِ بيچين آهيان؟“
    پوءِ هن فون تي مون کي هڪ اسپتال جو ڏس ڏيندي ائڊريس سمجهائي، جتي هوءَ نوڪري ڪندي هئي. مان زال ۽ ڌيءُ سان هڪ پراڻي دوست سان ملڻ جو ڪوڙو بهانو ڪري ٽيڪسيءَ ۾ سوار ٿي اُن اسپتال طرف هليو آيو هئس... رستي ۾ شهر جي حالت ڏسندي منهنجين نظرن اڳيان ويهه سال پراڻا واقعا ٻيهر اُڀري آيا هئا. اهو دؤر ڏاڍو سٺو هو، مان فاطمه سان گڏ خوشحال زندگي جيءُ رهيو هئس. تڏهن اوچتو نسلي فساد برپا ٿيا. مان ان وقت آفيس ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئس ۽ فاطمه منهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل هئي جو ڪنهن اچي مون کي اطلاع ڏنو هو ته شهر جي ٿيندڙ فساد ۾ منهنجو گهر به ساڙيو ويو آهي.... مان پاڳلن جيان ڀڄندو، لڪندو جڏهن گهر اڳيان پهتو هئس ته منهنجين نظرن جي آڏو سڙي ويل گهر جي خاڪ جو ڍير باقي بچيو هو... ۽ پوءِ فاطمه جي ڳولا ڪندي اسپتالن، مرده خانن ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي منهنجا پير پٿون ٿي چڪا هئا پر ڪٿان به مون کي فاطمه جو ڪو ڏس پتو ڪونه مليو هو! تڏهن دل ۾ هي خيال ڪري ته شايد گهر ۾ اندر هوندي هوءَ سڙي مري چڪي آهي، پنهنجو پاڻ کي ڪوڙو دلاسو ڏئي رشوتي نوٽن جي سهاري هڪ اونداهي رات ۾ اچي رن وي تي بيٺل جھاز ۾ پناهه ورتي هئيم، جيڪو کٽمنڊو کڻي پهتو، پوءِ پنهنجي لُٽجي ويل دنيا کي ڀُلائي مون هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي.
    ”صاحب اسپتال اچي وئي!“ ڊرائيور جي سخت لهجي واري آواز ئي منهنجي ذهن تي ويٺل ماضيءَ جا سمورا پوپٽ اڏري ويا هئا... هوءَ اسپتال جي مُک وڏي در وٽ منهنجي انتظار ۾ بيٺل هئي. هن جي ڀر ۾ هڪ حسين قدآور ڳڀرو جوان به بيٺو هو، جنهن جي نظرن ۾ مون پاڻ لاءِ اوپرائپ محسوس ڪئي هئي... ۽ پوءِ مون کي اڳتي وڌندو ڏسي فاطمه ٻار جيان ڊوڙي مون سان چقمق جيان چنبڙي روئي پئي هئي... هن جو ڀريل بُت هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. سندس چهري جي حسين نقشن تي هاڻي غربت ۽ بي وسيءَ جا نه ڊهندڙ ليڪا باقي بچيا هئا... وٽس ماضيءَ جي يادن کان سواءِ باقي آواز وڃي رهيو هو... فاطمه ميري ساڙهي جي پلئه سان اکين ۾ بيٺل ڳوڙهن کي اگهندي چيو هو، ”تون ڪيڏو نه بدلجي ويو آهين!؟“
    ”سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي فاطمه! هاڻي اهو سڀ ناهي رهيو، جيڪو اڳ هوندو هو.“ مون کي هن سان ملي ۽ سندس اهڙي حالت ڏسي دلي صدمو رسيو هو، منهنجي دل ۾ ان وقت، وقت جي لاءِ نفرت پئدا ٿي پئي هئي.
    ”هي شڪيل آهي!... تنهنجو پٽ!.... تنهنجي امانت!“ پنهنجي ڀر ۾ بيٺل نوجوان جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي فاطمه خوشيءَ سان ٻڌائيندي مون طرف وڌڻ لڳي.
    ”منهنجو پٽ!... شڪيل!.... ش... ڪ... ي... ل!“
    مون نانءُ ورجائيندي هن کي پنهنجي سيني سان لڳايو ته هو به ٻارن جيان منهنجي ڀاڪر ۾ روئڻ لڳو هو.
    ”ڪيئن! آهي نه تو جھڙو!“ هُن سڏڪا ڀريندي هاڻ خوشيءَ مان ڳالهايو هو.
    ”مون کي يقين نٿو اچي ته هڪ ڏينهن... منهنجو بابا ائين مون سان اچي ملندو.“
    ”ڇو پٽ؟... فاطمه! توکي مون بابت اڳ نه ٻڌايو هو ڇا؟“
    منهنجي انهيءَ سوال تي شڪيل جي اکين ۾ فاطمه لاءِ نفرت ڀرجي آئي هئي. هن منهن ٻئي طرف ڪري خاموشي اختيار ڪئي هئي.
    ”شڪيل پٽ! تون هاڻي پيءُ کي وٺي گهر هل... آئون ٿوري دير ۾ ڪم ختم ڪري اچان ٿي... پوءِ دل کولي ڳالهيون ڪنداسين.“
    رستي سان مان شڪيل کي پهريون هڪ وڏي بازار ۾ وٺي آيس. هن کي جينز... ٽاءِ... نوان وڳا... بوٽ خريدي ڏنا... فاطمه لاءِ رنگين ساڙهيون ورتم ۽ پوءِ اسان ٻنهي پيءُ پٽ گڏجي هڪ عاليشان هوٽل ۾ ويهي منجهند جي ماني کاڌي... جڏهن مان فاطمه جي گهر کي ويجهو ٿيس ته گندگيءَ جي ڪري منهنجي ساهه ۾ ڌپ ڀرجي آئي جو هوءَ هڪ ڪچي آباديءَ جي بند گهر ۾ رهندي هئي... اسان کان پوءِ فاطمه به گهر پهچي وئي... هڪٻئي سان دل کولي حال احوال ڪياسين.... جڏهن شام ٿيڻ لڳي ته مون ساڻن ٻئي ڏينهن ملڻ جو واعدو ڪري کين پڪ ڏياري ته جلد ئي ٻنهي کي پاڻ وٽ گهرائيندس منهنجي وڃڻ جو ٻڌي فاطمه ۽ شڪيل جي خوشيءَ وارن چهرن تي اداسي ڇانئجي وئي هئي.
    ٻئي ڏينهن صبح سان ئي مون پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي تاريخي جاين جو سير ڪرايو، کين بي انتها شاپنگ ڪرائي، هوٽل تي پهچي مان کين چاهڻ جي باوجود شڪيل ۽ فاطمه بابت ٻڌائي نه سگهيو هئس... شام جو ڪانفرنس جي پڄاڻي ٿي... مان فاطمه ۽ شڪيل جو خيال دل تان لاهي واپسيءَ جي تياريءَ ۾ لڳي ويس... اسان کي مان ۽ عزت سان وڏي قافلي جي صورت ۾ ايئرپورٽ تي آندو ويو، جتان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس ورڻو هو.
    هڪ ڀيرو ٻيهر مان پنهنجي زال ۽ ڌيءُ سان گڏ ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار ۾ بيٺل هئس، جتي ويهه سال اڳ بيهي مون هي ملڪ هميشه لاءِ ڇڏيو هو، جڏهن منهنجو سڀ ڪجهه لٽجي ويو هو... جھاز ۾ سفر ڪندي منهنجي زال مون سان ڄڻ ته گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو پر الائي ڇو همٿ نه ٿي ڪري سگهي، تڏهن اوچتو ايئر هوسٽس جو مڌر آواز گونجيو هو، ”اسين هينئر هڪ هزار فوٽن جي بلنديءَ تي آهيون.... انشاءَالله! ٿوريءَ دير ۾ ايئرپورٽ تي لهنداسين... مسافرن کي گذارش آهي ته پنهنجا حفاظتي بئلٽ ٻڌي ڇڏيو... مهرباني!“
    اعلان پورو ٿيندي ئي منهنجي زال پنهنجي بيقراريءَ کي روڪي نه سگهي ۽ منهنجي ساڄي ڪن ۾ سرگوشي ڪندي چيائين.
    ”(.......)“
    ”ڇا تون فاطمه ملي هئينءَ؟“ لفظ بندوق جي گوليءَ جيان منهنجي زبان مان نڪتا ۽ پوءِ منهنجو وجود هڪ ڀيرو ٻيهر حيرانگيءَ جي وڻ ويڙهيءَ ۾ وڪوڙجي ويو هو. مان چاهيندي به رڙ ڪري روئي نه سگهيو هيم، ان لاءِ جو منهنجي دنيا هڪ دفعو وري لٽجي چڪي هئي.


    پرٿوي ــ غوري : آغا گُل

    آغا گُل
    (1951ع ـــ حال حيات)


    بلوچستان جي پهاڙن ۽ صحرائن واري سخت گير ڌرتيءَ سان تعلق رکندڙ آغا گُل 19 نومبر 1951ع هرنائي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري کان ڪاليج تائين جي تعليم مختلف شهرن مان پرائي، ان کان پوءِ اردو، انگريزي ۽ سياست سبجيڪٽن ۾ گريجوئيشن ڪري پهريان ليڪچرار بڻيو، پوءِ سي. ايس. ايس. جو اعليٰ امتحان ڏئي پاڪستان پوسٽ ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سرنجام ڏيندي ايڪيهين گريڊ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل پوسٽ آف پاڪستان جي حيثيت سان ريٽائر ٿيو. اڄڪلهه بلوچستان جي نمل يونيورسٽي ۾ اهم انتظامي عهدي تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    اردو سان گڏ بلوچي زبان جي ادب ۾ به آغا گل فڪشن جو منفرد تخليقڪار ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. ادب ۾ هن جا ٻارنهن ڪهاڻين جا مجموعا، چار ناول، ٻه تاريخي ۽ ٽي مختلف موضوعن بابت لکيل ڪتاب ادبي سرمايو آهن. جن ۾ هن بلوچستان خطي جي عوام جي بدحالي، بي حسي ۽ محرومي کي بيان ڪرڻ سان گڏ سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن ۽ ملڪي حالتن کي موضوع بڻايو آهي. هن جا ٽي عدد انگريزي ۾ لکيل ڪتاب به اهميت وارا آهن. آغا گُل جي ادبي خدمتن عيوض سندس مختلف موضوعن تي ڇهه ايم. فل مقالا، ٻه پي. ايڇ. ڊي جا ٿيسز لکيا ويا آهن. آغا گُل جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي ”پرٿوي ــ غوري“ جو ترجمو هت پيش ڪجي ٿو.

    [اردو ڪهاڻي _ آغا گل]

    پرٿوي ــ غوري


    هُو ٻئي پاهڻن جي اوٽ ۽ وڻن جي ٿُڙن پٺيان لڪندي، هڪٻئيءَ مٿان گولين جو مينهُن وسائيندي، برفيلي ميدان ۾ لُڌڙن وانگي ٽيلن ڀر ليٿڙندي وڙهندي وڙهندي هاڻ پنهنجي پنهنجي مورچن جي حدن کان ٿِڙي، گهڻو هن برفيلي طوفان منجهه پري نڪري چڪا هئا. هر فائر سان غوري دشمن سپاهيءَ کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو ته ساڻس ٻيا به ڪيترائي ساٿي ساڻ آهن، اڪيلو هرگز به ناهي. جڏهن ته هن جي دشمن سپاهي پرٿويءَ کي وري هن ڳالهه جي پڪ ٿي چڪي هئي، ته سندس هڪ گولي دشمن غوريءَ جي جسم کي چيري پار نڪتي آهي ۽ هُو هاڻ هن جي پڪڙ کان پري ناهي، توڙي جو هُن جو وجود به گولي چِيري وئي هئي. ائين هڪٻئي مٿان برفيلي طوفان جي برف باري وانگي گوليون هلائيندي، نيٺ آمهون سامهون ٿيندي ٻکئين پئجي، وڙهندي ڪرندي هڪ اونهي تهه واريءَ کڏ ۾ اچي ڪريا هئا. جنهن ڪري، رهڙن ۽ نُهڊن جا نشان هنن جي مُنهن تي چِٽا ٿي بيٺا هئا.
    اُڀا بيٺل پهاڙَ ڄمي ويل برف جي تَهن سان اڃا به وڌيڪ بلند نظر ٿي آيا، جن جي چؤ طرف زندگيءَ جو ڪوبه وجود نظر نٿي آيو، سواءِ گهلندڙ سرد هوا جي، جيڪا ماٺ جي زور کي ٽوڙيندي، ڄڻ ته پناهه گاهه جي ڳولا ۾ کڏ هيٺ هر هر لهي ٿي آئي، جتي هُو ٻئي زخمي حالت ۾ اکين ۾ اکيون وجهي، هڪٻئيءَ کي ائين گهوري رهيا هئا، جيئن سرد برف باريءَ واريءَ مند ۾ بُک وگهي پاهه بڻجي ويل بگهڙ هڪٻئيءَ سان اکيون ملائي تاڙ ۾ ويهندا آهن ۽ پوءِ سندن ئي ڪو ساٿي اکيون ٻوٽي وجهندو آ، ته هڙئي پنهنجي اُن ساٿيءَ کي چيري ڦاڙي کائي وجهندا آهن.... هنن ٻنهي جي زخمن مان ٽمندڙ رت بيهجي وئي هئي، جن جو معمولي تدارڪ ڪندي پٽيون ويڙهيون هئائون. پر، پاڻ ٻئي بي ست بڻجي چڪا هئا. پرٿويءَ جون اکيون ڍريون ٿيڻ لڳيون، ته هڪدم پاڻ سنڀالي دشمن کي جاڳ ۾ هئڻ جو احساس ڏياريندي چوڻ لڳو:
    ”اجهو منهنجا ساٿي پهچڻ وارا اٿئي. پوءِ توکي جيل ۾ واڙيو ويندو.... پر تنهنجو بئلٽ ۽ ٻيو سامان پنهنجي اوطاق ۾ سجائيندس، جيئن منهنجي بهادريءَ جي قصي ۾ تون به جيئرو رهين.“
    غوري، درد وچان ڪِنجهندي، پرٿويءَ کي ڪوبه جواب نه ڏيندي، هڪ پٿر کي ٽيڪ ڏئي ويٺو رهيو. جنهن جو هڪ هٿ جي.ٿري رائيفل جي ٽريگر تي مضبوطيءَ سان رڪيل هو. گولي لڳڻ سبب هُن جي همت جواب ڏيڻ لڳي هئي. پاڻ کي مرندڙ حالت ۾ محسوس ڪندي، سندس اندر وڍجي ٻه اڌ ٿيڻ لڳو هو ۽ ساڻائي سندس باقي بچيل سَتَ کي ڄئور جيان چوسي ختم ڪري رهي هئي. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي، پرٿويءَ اک ڇنڀ واري ڦڙتيءَ سان پيرن ڀر پيل رائيفل کڻي پوزيشن سنڀالي ورتي ۽ پوئتي ٿي غوريءَ وانگي ئي پٿر کي ٽيڪ ڏئي سندس مٿان سِڌي ڪئي، ته هُن مرڻ کان اڳ شهادت جو ڪلمو پڙهڻ شروع ڪيو.
    ”دل ۾ متان ڪا حسرت رهجي وڃئي، هڪ ڀيرو وري پڙهي وٺ.“ دشمن سپاهيءَ جو هيءُ جملو غوريءَ جي وجود تي ڳري ڇِپَ جيان اچي ڪريو، جنهن کيس وڌيڪ ساڙيندي چيو.
    ”۽ ها! پنهنجو اکيون به ٻوٽي ڇڏ. مان ٽن تائين ڳڻي، پوءِ فائر ڪندوسانءِ.“
    ”هر سپاهيءَ جي پهرين خواهش اهائي هوندي آهي ته هُو شهيد ٿي مري..... مان به شهيد ٿيندس. تون ڀلي هلاءِ گولي، مان موت کان نه ٿو ڊڄان.“
    ”هڪ.... ٻه....“ تائين ڳڻپ ڪندڙ پرٿويءَ جي زبان بيهجي وڃي ٿي. پوءِ هُو جيئن ڦِڪي کِلَ کليو، ته سندس وات مان رت جي گرڙي وهي نڪتي. جنهن کي زبان ورائي، چپن وٽان صاف ڪندي، غوريءَ کي تَڪي رهيو هو، جيڪو اڃا تائين جوش ۾ ورتل هو.
    ”جي.ٿري ۾ پيل گولين کان علاوه، مون وٽ ٻيون به موجود آهن. پر، تون به اهو ٻُڌي ڇڏ، ته توکي ڪونه ماريندس.... پاڻ سان گڏ قيدي ڪري وٺي ويندس.“
    ڪجھه گهڙيون بي ست بڻجي ويل غوري هاڻي جوش جي جذبي سان سرشار ٿي ويو هو. موٽ ۾ پرٿوي کيس اڃا تائين شوخ نظر سان گهوري رهيو هو، جنهن مٿان غوري داٻي واري انداز ۾ جي ٿري اُڀي ڪندي، ڪيترن ئي سوالن جا تير ڪنهن هوشيار تيرباز وانگي گڏ اُڇليندو ٿي ويو.
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟!!... ڪهڙي يونٽ سان واسطو اٿئي ۽ رينڪ ڪهڙي اٿئي.... ڀلو انهي ۾ اٿئي، ته منهنجن سوالن جا جلدي جلدي جواب ڏيندو وڃ؟!!“
    ”تنهنجي لاءِ بس هي کوڙ آهي، ته منهنجو نالو پرٿوي راج چوهاڻ اٿئي؟!“ پرٿوي به ساڳي جرئتمند لهجي ۾ وراڻي ڏني، ته کيس غوري داٻي سان وڌيڪ ڌمڪائيندي چيس، ”ياد ڪر گذريل وقت جي تاريخ کي، جيڪا اڄ به گواهه آهي ته مون توکي ماري مڃايو هو. هاڻ اها تنهنجي ڀُل هوندي، سو ڪابه چالاڪي ڏيکاريئي، ته انجام ماضيءَ کان به وڌيڪ خراب نڪرندئي.“ اِهو ٻُڌي، پرٿويءَ جو گهايل چهرو ٽامڻي هڻي ويو ۽ اکيون ڪاوڙ ۾ ٽانڊن جيان ٻَرِي اٿيس.
    پوءِ هُو ٻئي هڪٻئي تان نظرون هٽائي انهن زخمن کي تڪڻ لڳن ٿا، جن مان رت وري سيمو ڪري وهڻ لڳي هئي. ڪجھه وقت لاءِ ماحول ۾ ماٺار ٿي وڃي ٿي. وقت جا پهر ٻِليءَ پير هلندي پنهنجي منزل ڏي وڌندا رهن ٿا. هُو ٻئي ٿڪجي پيا هئا. سندن وجودن مان سَتُ ڇڏائبو ٿي ويو. پوءِ به ٻنهي جا حوصلا بلند هئا. زمين تي هن برفيلي جھنگ واري ماحول ۾ ڪاريءَ وارا ڪک نظر ٿي آيا ۽ مٿي آسمان تي ڪارا ڪارا ڪڪر ٽولن جي صورت ۾ ڊُوڙون پائي رهيا هئا، جن لهندڙ سج جي باقي روشنائيءَ مٿان به شام جي پاڇن ڄڻ ڪارو ٿان اوڍي ڇڏيو هو. جڏهن ته وڏا ڊگها وڻ هوا تي جهومندي ڄڻ هوا جي جُهوٽن سان وڙهي رهيا ها. هُو ٻئي هاڻ پنهنجي سيمو ڪندڙ رت مٿان وري تهه رکي پٽيءَ سان قابو ڪري ٻيهر بکايل بگهڙن وارين نظرن سان هڪٻئيءَ کي گهوري رهيا هئا. ان سمي ٻنهي جي حالت ان شخص جيان رحم جوڳي نظر ٿي آئي، جيڪو معذوريءَ ڪارڻ هڪ هنڌ پيل هوندو آهي.... سج جي روشني هاڻ ڪڪرن ۾ رلجي، هنن ٻنهي جي نظرن کان کسڪڻ لڳي هئي. ڪارن ڪڪرن باقي بچل آسمان جي حالت کي عجب رنگ ۾ رنگي وڌو هو.
    ”پرٿوي! تو وٽ ماچيس هوندو؟!“ غوريءَ جو انداز اڃا به فاتحانه هو. پرٿوي ڏڪندڙ هٿن سان کيسي مان ماچيس ڪڍي، غوريءَ طرف ائين اُڇليو، ڄڻ کيس ڪنهن پٿر هڻي ڪڍيو هجي. غوري به ڏڪندڙ هٿن سان ماچيس کڻندي ڀُڻڪيو، ”پاڻ کي ڪاٺيون ميڙڻيون پونديون. هن ڪم لاءِ تنهنجي مدد درڪار آهي.“
    ”غلام ناهيان جو تنهنجو هر حڪم مڃان.“
    ڪجهه دير پرٿوي ماٺ رهي، پوءِ ڪجهه سوچي، نيٺ رڙهندي، پنهنجي چؤگرد کِنڊڙيل ڪاٺيون ميڙي گڏ ڪري، غوريءَ آڏو رکي ٿو، جيڪي سموريون پوسل ورتل هُيون. هُو سهڪي رهئو هيو. کيس هڪ گولي ٽنگ ۾، ته ٻي وري ڦڦڙن کي چيري آر پار ٿي وئي هئي. ماچيس ۾ ٻارڻ جون تيليون باقي وڃي بچيون هُيون. غوريءَ چار پنج تيليون ٻاري ڪاٺين اندر ڏنيون، جي سڀ ڀڙڪو کائي وسامي ويون. اهو ڏسي، ٻنهي جي مُنهن جا پَنا لهي ويا. پوءِ پرٿويءَ عقل منديءَ وچان ڀُڻڪندي چيو.
    ”ماچيس مون کي ڏي.“ غوريءَ ماچيس کي هُن طرف اڇليو، ته هُن ورديءَ جي پٺئين کيسي مان ٻٽون ڪڍي، ڪجھه ڪڙڪ نوٽ ڪڍيا ۽ ڪڙڪ نوٽن سان باهه ٻاري ڪاٺين اندر ڏني، ته باهه ڀڙڪو کائي مچي اٿي. پوءِ پرٿويءَ ٽوڪ واري نوع ۾ غوريءَ کي نئون حڪم ڏنو.
    ”تون به پنهنجي کيسي مان نوٽن سان گڏ اِهي آمريڪي ڊالر ڪڍ. جيئرو رهندين ته وري ٻيا ملي پوندئي!“
    پرٿويءَ جي ٽوڪ جي موٽ ۾ ڪوبه جواب نه ڏيندي، غوريءَ ساڳيءَ ريت ٻٽونءَ مان نوٽن سان گڏ ڪڙڪ ڪاغذن جھڙا پنا ڪڍي، سندس حوالي ڪيا. باهه ۾ ٻرندڙ ڪاٺيون هاڻ چٽ.... ٽڪ جا ٺڪاءُ ڪندي دونهين سان گڏ اڀرڻ لڳيون، ته هي ٻئي گرميءَ جو سيڪ وٺڻ لئه ويجهو ٿي ويٺا. غوريءَ کي هڪ ٻيو خيال ڪر موڙي جاڳيو. هُن ورديءَ جي اڳين کيسن مان ٻه بوتلون ڪڍيون ۽ هڪ کولي باهه مٿان ڇڻڪي، ته باهه جا شعلا لَپڪندي وڌڻ لڳا. پوءِ هُو ٻئي ٿورو سُرِي، اڃا به باهه جي ويجهو ٿي ويٺا ۽ ائين نظر اچڻ لڳا، ڄڻ پڳ مٽ يار هجن، جن جا پنهنجا وجود هيڻا ٿي ويا هئا. خالي ٻٽون پرٿويءَ جي جهوليءَ ۾ پيل هئو، جنهن تي هُن جون نظرون اٽڪي بيٺيون هيون. اهو غوريءَ کي به باهه جي ڏڪندڙ شعلن ۾ چِٽو نظر اچي رهيو هو. هُن پنهنجائپ وچان پڇيس:
    ”نوٽن جي سڙڻ جو ڏک اٿئي ڇا؟!!“
    ”نه.“ پرٿويءَ جا چپ رت ۾ رنگجي ويا. هن پنهنجيءَ ڳالهه کي طول ڏنو:
    ”هن ۾ منهنجي ڌيءَ جو فوٽو آهي، جنهن ۾ هُوءَ ماءُ جي هنج ۾ ويٺل آ.“ ۽ پوءِ هُو زال کي اڪير مان تڪڻ لڳو، ته هيءُ نعرو پنهنجو پاڻ هُن جي چپن تي تري آيو:
    ”موه سردا... سيوا پوجا.... ڀڳتي بليدان.“
    پرٿويءَ کي محسوس ٿيڻ لڳو ته باهه جي ڀڙڪندڙ شعلن ۾ هُن جي انا ۽ ارڏائي به سڙي وئي آهي ۽ وقت جا گذري ويل هي پل ان مٿان ڄڻ روڄ ڪري رهيا آهن. هُن وري افسرده لهجي ۾ ڀُڻڪيو:
    ”هي ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي. جن نوٽن لئه پاڻ وڙهي مري رهيا آهيون، انهن کي انسان ڇاپي، وري پاڻ ئي تَنِ تي وڪامي وڃي ٿو.“
    غوريءَ جو ڪڻڪائو رنگ زرد بڻجي ويو هو. سندس نظرون پرٿويءَ ۾ کتل هُيون. ”انسان دولت لاءِ نه، پر عقيدي خاطر سر گهوريندو آهي ۽ جن وٽ ڪو عقيدو هوندو آهي، سي اڏول انسان ٿيندا آهن.“
    ”مان به پنهنجي عقيدي خاطر وڙهي رهيو آهيان. ڪشمير منهنجو وطن آهي ۽ مان ان جو محافظ.“ موٽ ۾ پرٿوي پنهنجي عقيدي جي وضاحت به ڪئي. اونداهي رات ۾ واسينگ جيان ريڙهي پائيندڙ موت هنن ٻنهي طرف وڌي رهيو هيو ۽ اکين ۾ روشن اميد جا ڏيئا جهيڻا ٿيڻ لڳا هئن.
    ”پرٿوي فائر ڪر! ممڪن آهي ته ڪو آواز ٻُڌي، پنهنجيءَ واهر لاءِ اچي نڪري.“
    ”بندوق ۾ گولي هجي ها، ته توکي ڪڏهن جو پورو ڪري وجهان هان.... پر، نه. شايد ائين به نه ڪيان ها. تون زخمي آهين ۽ زخميءَ مٿان وار ڪرڻ اسان راجپوتن جو وڙ ناهي. سو تون فائر ڪر.“ پرٿويءَ جي هن عجيب جوابَ ڪجهه دير لئه غوريءَ کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو.
    ”اِها ڪهڙي خبر ته هيءُ منهنجو علائقو آهي يا تنهنجو.... پاڻ اڳ ئي هنن غارن کان به بچندي، برف ۾ ڀَٽڪي هت پهتا آهيون. سو، مان ڪيئن فائر ڪريان؟!“
    ”جي هيءُ منهنجو علائقو نڪتو، ته اهو وچن ڪيانءِ ٿو ته تنهنجي حفاظت منهنجي سر هوندي.... هونئن به ڪجهه دير ۾ ٿڌ پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ واري آهي، سو تو ۽ مون وارو جهيڙو هاڻ بي مقصد آهي.“
    ”ٺا“ هڪ زور جي آواز سان ٽانڊي جيان ٻرندڙ گولي فضا کي چيري آسمان ۾ گم ٿي وئي. غوريءَ پيرن ۾ رکيل رائيفل جي گولين وارو پٽو هڪ پاسي ڪري رکيو ۽ چوڻ لڳو:
    ”جي دشمن اچي ويا، ته مرندي مرندي ڪجهه پاڻ سان وٺيو ويندس.“
    هڪ ڀيرو وري سرسراهٽ سان هوا وڌي وئي. ٿڌ جو ديوتا ڄڻ هماليه جي چوٽيءَ کان هيٺ لهي آيو هئو. جنهن ڪري، ٻه سرد جُهوٽا هنن ٻنهي جي جسمن کي ڳجهن جيان نوچيندي، ’هنده‘ وانگر جگر کي چٻاڙڻ لڳي هئي. گُهلندڙ هوا تي ٻرندڙ مچ ۾ ’چٽ، ٺڪ‘ جا آواز ڪندڙ ڪاٺيون پنهنجي ٻرڻ جو فرياد ڪري رهيون هيون.
    ”منهنجي ڌيءَ کي ٻڌائجانءِ ته هُن جو پيءُ هڪ دلير سپاهي هو. جنهن دليريءَ سان وڙهندي ديس مٿان جان گهوري ڇڏي ۽ تون انهيءَ جو اکين ڏٺو شاهد آهين.“ باهه ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل پرٿويءَ جو ذهن ٿڌ ۾ يخ ٿي وڃڻ ڪري سندس ڏند ڏڪڻ لڳا هئا، پرهُوڏ اڃا به قائم هئس.
    ”منهنجي ڌرم ۾ ديش جو مفاد سڀ کان مٿاهون آهي.
    ”وطن ۽ سرڪار ۾ فرق ٿيندو آهي.“ هن کي اڻ ڏٺو ڪندي، پرٿويءَ سندس جملي جي تشريح ڪندي پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي: ”تون ديس جو نه، پر سرڪار جو وفادار آهين.“
    ”مان اڳ ئي زخمي آهيان. تون ويتر پنهنجن لفظن جي نشترن سان گهايل ٿو ڪرين.“
    ”پرٿوي ائين نه آهي.... تون جي مون کي ڳوٺ ۾ ملين ها، ته تنهنجو آڌر ڀاءُ وڏي مهمانوازيءَ سان ڪريان ها. پر، افسوس جو پاڻ جنگ جي ميدان تي مليا آهيون.“
    ”تو وٽ سگريٽ آهي؟!!“ ڏڪندڙ هٿن سان دُکايل سگريٽ پرٿويءَ کي ڏنائين، ته غوريءَ جا هٿ لرزڻ لڳا.... ٻه ٽي ڪش ڀريندي، پرٿويءَ وڌيڪ ڪاٺيون باهه ۾ اُڇليون، ته باهه مَچِي اٿي. انهيءَ ويل هوا جو وڏو لشڪر آسمان تان هيٺ ڌوڪي آيو ۽ رُڪجي ويل برف باري به هلڪڙَي مينهن ڪڻين جيان پوڻ شروع ٿي. مَچيل باهه اجهامڻ لڳي ۽ گذرندڙ وقت جو هر پل پهاڙ جيڏو ڳرو بڻبو ٿي ويو. انهيءَ اونداهيءَ گهڙين ۾ هنن ٻنهي جي اکين ۾ جلندڙ جوت به وسامڻ لڳي، جن جي وجود ۾ باقي رت هر لمحي فريزر ۾ رکيل شين جيان ڄمندي ٿي وئي.... اوچتو ماٺ جي ماحول ۾ ڪجهه چرپر جو آواز پري کان ويجهو ٿيندا ٿي ويا، جن هنن جو ڌيان ڇڪايو ۽ هُو ٻئي ڊڄي ويا. پوءِ اُهي آواز وحشت واري اونداهيءَ سان گڏ رلندي کين گهڻو ويجهو ٿيندا ويا، جيڪي هاڻ مڌم نه، پر خوف زده ٿي ويا هئا ۽ سرد رات جي قيامت واريءَ ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڪنهن ٿاڪ سان گڏ پيٽ جي بک مِٽائڻ لاءِ آتا هئا.
    ”پرٿوي، غور سان ٻُڌ! پاڻ بگهڙن جي گهيري ۾ آهيون. هاڻ وقت جي تقاضا سمجهه. باهه کي مَچائي، دل ۾ پاٻوهه پيدا ڪر. هونئن به اونداهي، تنهائي، نفرت ۽ ٿڌ انسان جي روح کي بيچين ڪندي آهي.“
    هڪ کوکلو ٽهڪ ڏيندي، موٽ ۾ پرٿويءَ بيوسيءَ مان وراڻي ڏنس.
    ”تنهنجي چالاڪيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ خنجر لڪائي رکيو هئم، سو هاڻ ڪم ايندو ۽ تون به ياد رکندين ته هڪ راجپوت وڙهندي توکي بگهڙن کان بچائي، پاڻ مري ويو هئو ۽ اسان راجپوتن جو ڌرم به اهو آهي ته وڙهندي مارجي وڃون.“
    ”تون ڳڻتي نه ڪر، منهنجيءَ بندوق ۾ گوليون ايتريون آهن، جو هڪ به نه بچندو.“
    ڪشمير جي ارڏن پهاڙن مٿان برف جا مڻ ڄمي ويا هئا، جيڪي زمين کان پهاڙن تائين اونداهه جي ڀاڪر ۾ ڀريل هئا. باهه جي ڀڀڪن ڀڻڪڻ ڇڏي ڏنو هو. هنن ٻنهي جون حياتيون باهه سان واڳيل هيون. پرٿويءَ جي آواز ۾ ڪنبڻي ڀرجي آئي هئي.
    ”منهنجو سورگ واسي پيءُ انگريزيءَ جو پروفيسر هئو. جنهن گهڻو اڳ هي ٻڌايو هو ته انسانن جي وجود ۾ به بگهڙن جو روحُ اچي ويندو آهي. جن آڏو هارمڃي، ٻيو انسان کوڏا کوڙي ڇڏي ٿو.“
    موٽ ۾ غوري ڄڻ سندس ڳالهه جي پڪ ۾ ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو.
    ”مون به ائين ئي ٻڌو آهي.... صفت وارن انسانن جو شڪليون بظاهر باقي انسان بگهڙن جھڙا هجن ٿا. لاطيني ٻوليءَ ۾ بگهڙ کي Vulpus چوندا آهن، جنهن مان لفظ Woll نڪتو آ ۽ انهيءَ مان وري Vagina يا Vulua نڪتا آهن.... تون اهو شايد نٿو ڄاڻين، ته عقيدن جو خون ۽ انسانن جي تفريق ۽ ورهاست ڪرڻ هنن بگهڙن جو ڪم آهي.“
    ”انسان عقيدي خاطر سر گهوريندو آهي، نه ڪي پيسي لئه. پوءِ جان بچائڻ لاءِ، ميڙيل دولت به قربان ڪري وجهندو آهي. جيئن پاڻ ڪجهه دير اڳ نوٽ ساڙيا هئا.“ پرٿويءَ جو آواز اهڙي اونهي کوهه مان اُڀري نڪتو، جيڪو ڄڻ موت جي ڪاري پاڻيءَ سان ڀريل هئو.
    ”اسان ٻنهي جي رت ۾ شامل هاڻ بگهڙ شايد نڪري ويا آهن.“ اوچتو غوريءَ جو ڀالي جھڙو جملو پرٿويءَ جي وجود ۾ ٽُنبجي ويو. انهيءَ پل هنن کان پرڀرو برف سان ڍڪيل وڻن ۾ چرپر ٿي. ٻنهي جي اڻ تڻ وڌي وئي. هُو ٻئي جنهن اونهيءَ کڏ ۾ اچي ڪريا هئا، اهو ٽن پاسن کان پهاڙن ڪري بند هئو. هڪ طرف سوڙهو رستو موجود هو، جتان ڪنهن جي حملي جو خدشو موجود هئو.... هڪدم ڦڙت ٿيندي، غوريءَ رائيفل وڻن واري پاسي سِڌي ڪئي، جتي چرپر هئي. پر، برف ۾ سرد ٿي ويل هُن جو سمورو جسم هڪ هنڌ ئي باغي بڻيل هو.
    ”غوري! متان فائر ڪيو اٿئي.... ممڪن آهي اهي منهنجا ساٿي هجن.... توکي ڪوبه ڇيهو ڪونه رسندو، مون تي ويساهه رکُ.“
    ”جنگي قيدي بڻجي، پنهنجو سر بچاءِ، يا اهو مُور به منهنجي غيرت کي نه ٿو جڳائي. ان ڪري تنهنجو هڪڙو به ساٿي نه بچندو.“
    ڄمي پٿر ٿي ويل وڻن جي ٽارين ۾ ائين چرپر وڌڻ شروع ٿي، جيئن ڪو بيهوش مريض هوش ۾ اچڻ لڳندو آهي. پوءِ ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڪيتريون ئي اکيون رات جي اونداهه ۾ پري کان نظر اچڻ لڳيون، ته غوري به پنهنجي پوزيشن سنڀالڻ لڳو.... ڪيترائي بکايل بگهڙ هڪدم خونخوار آواز ڪڍندا، هنن طرف وڌڻ لڳا. جيڪي سچ ۾ به رڳو بگهڙ هئا، نه هندو، نه ڪي مسلمان هئا. جن جا بُک ۾ پاهه ٿيل وجود طوفاني سرد برفيلي رات ۾ پنهنجي شڪار جي نُوس نُوس ڪندي هنن تائين اچي پهتا هئا.
    ”غوري! گولي هلاءِ.“ بگهڙن کي ويجهو ٿيندو ڏسي، پرٿويءَ دهشت وچان رڙ ڪري چيو. موٽ ۾ غوري ماٺ ٿي رڳو نشانو وٺي بيٺو رهيو. هڪ بگهڙ پرٿويءَ مٿان، ته ٻين وري هوا ۾ ڪُڏندي غوريءَ مٿان حملو ڪري جيئن هيٺ کڏ طرف ڪريا، ته غوريءَ به هڪٻئي پٺيان ڪيترائي فائر ڪري وڌا. گولين ۽ بگهڙن جي اُڀ ڏاريندڙ دانهن سان رات ڄڻ دانهون ڪري ڊڄي وئي، ته سموري جنگ جو ماحول خوف جي چادر ۾ ويڙهجي ويو.
    ”جي ماتا ڪالي“ جو نعرو هڻندي، پر ٿويءَ به مضبوطيءَ سان هٿ ۾ جهليل خنجر اوتري ئي طاقت سان ان بگهڙ جي پيٽ ۾ ٽُنبي ڏنو، جيتري طاقت سان هُن ٽپو ڏئي مٿس حملو ڪيو هو. پر، خود به زخمي هئڻ ڪري بگهڙ جو وزن سهي نه سگهيو ۽ ان سميت اچي پَٽَ تي پيو. ٻئي طرف، پنج بگهڙ رتو رت ٿي هيٺ ڦٿڪي رهيا هئا. باقي بچيل هن دهشت سان ڀريل زور واري موٽ تي هراسجي پُٺتي ٿي، وڏا ڪڏ ڀري، کڏ کان نڪري، جهنگ اندر اونداهه ۾ اونداهه ٿي ويا هئا، ته هڪ ڀيرو وري ماحول ماٺ جي مُٺِ ۾ قابو ٿي ويو، پرٿوي ڪاوڙيل نهار سان غوريءَ کي تڪڻ لڳو، جنهن جي موٽ ۾ هُن هي وضاحت ڪندي کيس ٿڌو ڪرڻ لڳو.
    ”هنن بگهڙن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ مون دير سان فائر ڪيا، ته جيئن گهڻا ماري سگهجن، ڇو جو هنن جي جسم جي کل ۾ وڏي گرمي ٿيندي آهي.“
    ”تو ٺيڪ ڪيو. شايد هاڻ اسان واقعي ئي ڪجھه وقت زنده رهي سگهنداسين.“ معاملي جي نوعيت کي سمجهندي، پرٿويءَ رت ۾ ٻڏل خنجر بگهڙ جي کل سان صاف ڪندي وراڻيو.
    پوءِ ٻنهي گڏجي ماريل بگهڙن مان ٻن جي کل خنجر سان لاهي پاڻ ڍڪيو ۽ باقي مئل پنهنجي چؤگرد ويڙهي رکيا. ڪجھه وقت، جن بکايل بگهڙن هنن کي پنهنجي کاڄ بنائڻ ٿي چاهيو، سي هاڻ هنن جي حياتي بچائڻ جو ذريعو بڻجي ويا هئا.... تيز هوائون پهاڙن جي چوٽيءَ مٿان جيئن هيٺ لٿيون، ته ماحول ۾ ٿڌ جو ٻيڻو اضافو ٿي ويو؛ جنهن جي شدت سان هُو ٻئي بگهڙن جي کل ۾ هوندي به ڪراڙن جيان ڏڪي رهيا ها. جڏهن باهه پوري ريت وسامي چڪي، ته هُو ٻئي ڪنبندي ڏڪندي، ملي هڪ ٿي ويا. ٿڌ پنهنجي شدت سان اڃا به تيز وڌي سندن جسمن ۾ سرائيت ڪري وئي ۽ رت ۾ ٻُڏل کلون هنن مٿان سوڙ جيان ويڙهجي ويون هيون، ته ٿڌڙي هوا جو دٻاءُ هنن مٿان ڪي قدر گهٽجي ويو.
    ”غوري! هيءَ ويڙهه ڪڏهن ختم ٿيندي؟!“ پرٿويءَ جي هن اوچتي سوال تي غوريءَ موٽ ۾ صرف هي وراڻيو.
    ”منهنجي ۽ تنهنجي؟!!!“
    ”نه.... پرٿوي ۽ غوريءَ جي ويڙهه، جيڪا نه ڄاڻ الائي ڪيترن صدين کان جاري آهي.“
    غوري هن جي اکين ۾ نهاريندي پُر اعتماد لهجي ۾ جواب ڏنو، ”جڏهن Vulpus اسان جا حاڪم نه رهندا.“
    ٻنهي جا ساٿي سندن ڳولا ڪندي، ٻئي ڏينهن جي اجري روشنيءَ ۾ جڏهن هڪ ئي وقت کڏ وٽ پهتا، ته اڇا جهنڊا فضا ۾ لهرائي، هڪٻئي مٿان اڳواٽ حملو نه ڪرڻ جي پڪ ڏيڻ لڳا. پوءِ ٻنهي پاسن کان ڪجھه جوان رسا ٻڌي هيٺ کڏ ۾ لٿا، جيڪا ٽن طرفن کان مڪمل طور تي بند هئي ۽ وڻن جي چوٿين طرف هڪ سوڙهو گس هو.
    .... بگهڙن جي کل ۾ ويڙهيل ڄمي پارو ٿي ويل ٻه انساني وجود پاڻ ۾ مليل ڏسي، ٻنهي پاسن جا جوان حيران رهجي ويا، جيڪي هاڻ پاڻ ۾ ائين ملي چڪا هئا، جيئن لوهه چقمق ساڻ ملي پوندو آهي ۽ هاڻ سندن وجود ڪٽجڻ کان سواءِ ڌار ڪرڻ ناممڪن ٿي لڳو.... نيٺ ٻنهي کي جڏهن ڪٽي ڌار ڪيو ويو، ته هڪ کي پوري سرڪاري اعزاز سان سلامي ڏئي چتا تي چاڙهي ساڙيو ويو ۽ ٻئي جي وجود کي به ساڳئي اعزاز سان لحد ۾ لاهي، مڻن مٽيءَ هيٺ دفنائي، سندس قبر تي قل پڙهيا ويا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2070609
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 539679
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ