ڪتاب جو نالو: زندگيءَ تان رٽائرمينٽ
مصنف: روشن شيخ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 10 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 401 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 99 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب خوبصورت ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر روشن شيخ نثري نظمن جو مجموعو آهي. أيوب گُل لکي ٿو:
”روشن شيخ جي شاعريءَ جي مجموعي ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ جو نالو جيترو ڇرڪائيندڙ آهي، سندس شاعري به ايتري ئي دلڪش آهي. هي سندس نثري نظمن جو مجموعو آهي ۽ سنڌ ۾ نثري نظم سان نڀاءُ ڪندڙ چند شاعرن مان روشن شيخ به هڪ آهي. وصل شاعريءَ کي بيروزگار ڪندو آهي. روشن شيخ جا هي نظم وڇوڙي جي لمحن مان چونڊيل آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • وارَ چاندي ٿيا ۽ اکيون جهانوريون
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ: شاعر جي اڪيلائيءَ جو وطن!
  • منهنجي زندگي تماشن جو مرڪز رهي آهي...
  • نثري نظمَ

  • تو وٽان ٽُٽي ايندو ھان!
  • ڳوڙھن جو قرض
  • اجائي لُڙَ جھڙو وڇوڙو
  • اڪيلائيءَ جي آسمان ھيٺان
  • اوقات
  • مون ڪٿي چيو ھو توکي ته ....
  • ۽ تون منھنجو سڀ ڪجهھ آھين
  • جھوني سونھن جي نالي
  • ڇڻيل پنن سان دوستي
  • آزاديءَ جا رنگ
  • دماغ دل جي دشمنيءَ ۾
  • ڏک ناٽڪ
  • ڀٽائيءَ جا سڀ بيت اداس ٿي ويا آھن
  • ڏُک منھنجي سڃاڻپ آھي
  • تماشو
  • بدبودار زندگي
  • اُڃَ منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيل آھي
  • منھنجي محبت
  • وڇوڙي جو لباسُ
  • اُداسيءَ جي د ڳ تي
  • ڪوڙيون ڳالھيون
  • تنھنجا ٽھڪَ ٻُڌئي ورهيه ٿي ويا آھن
  • تنھنجا ٽھڪَ ئي منھنجي زندگي آھن
  • مصنوعي چهرو
  • اُس تي به سوچڻ ڇڏي آ ڏنو
  • حنا لوڌيءَ جي نالي ھڪ نظم
  • ڪراچيءَ لاءِ لکيل ھڪ نظم
  • گھنجن کان پاڪ چھرو
  • صائمه جي نالي نظم
  • انڪارَ جي خزان
  • پريشانيون
  • ڪوشش
  • ڳالهيون
  • ڳوٺ
  • ڊائري
  • امڙ جيجل جي نالي
  • گُلابي ڪَپڙا
  • موڊي ڇوڪري
  • جڏهن تون يادِ آئي هوندينءَ !
  • زندگيءَ تان رٽائرمينٽ
  • اڌورو پيارُ
  • عجيب طبيعت
  • تلاشي
  • تنھاين جو ديس شاعر جي دل ھوندي آ هي
  • ٽهڪن جي دنيا
  • عارضي تعلقن جو ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏنو آ
  • دِل
  • عجيب ڇوڪري
  • ڏک جو فرق
  • خبر ناھي !
  • دل سان ناانصافي
  • خوابن جو اسٽيٽس
  • خفا ـــ خفا
  • هُن جي جنم ڏينهن تي
  • محبت جو ڏينھن
  • هڪ پُراڻو نظم
  • ماضيءَ جو قصو
  • آنءُ تڪڙي مزاجَ جو ماڻهو آهيان
  • غير ذميداريءَ جو خنجر
  • بُکَ
  • واعدن جي ڳوٺَ ۾
  • خواھش
  • عشق
  • تون سدائين تماشَن ۾ خوش هوندي آهين.....!
  • ڇا مونکي اجازت ڏيندينءَ ؟ !
  • بيو قوفيءَ جو مظاھرو
  • رَئي جي پاندَ ۾ ٻڌل نظم
  • رنجش نالي
  • احترام
  • ڪو به غصو ڪرڻ وارو ڪو نه ھو
  • فضول ڪمَ
  • شڪايت
  • تو وٽ برابريءَ جو ڪيڏو نه فقدان رھيو آھي!
  • محبت ڪيڏي نه عجيب ماجرا آھي
  • احساس
  • وقت سان گڏ دل به بدلجي ويندي آ هي
  • تنهنجو خُدا
  • اسٽوپڊ سوال
  • دل جي ناانصافي
  • لَٺيون کائيندڙ استاد جي نالي ……
  • گذريلَ سال
  • رَئو ....
  • ڪاش ....
  • بم سپنا ڏسندا آھن
  • تسلسل
  • افسوس
  • پناهه
  • ننڊ جو ذڪر
  • کوٽي دل
  • هڪ اڻپورو نظمُ....!
  • سياڻپ
  • تون
  • Mentality
  • مصروفيتون
  • مُهَرَ
  • پيار جي نهارَ

  • • ابراهيم کرل
  • • فراق هاليپوٽو
  • • دريا خان شنباڻي
  • • محمود سومرو
  • • ارشاد جاگيراڻي

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO: 147
    زندگيءَ تان رٽائرمينٽ
    (نثري نظمَ)
    شاعر: روشن شيخ
    ڇاپو پهريون: 2019ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه:اوچي ڪاپي 300/- روپيا
    سادي ڪاپي 200/- روپيا


    ZINDAGEEA’A TAA’N RETIREMENT
    (Prose Poems)

    By: Roshan Shaikh
    First Edition: 2019
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out by: Asif Nizamani
    Composing by: Irfan Bhutto
    Printed by Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Quality Paper Rs. 300/-
    News Paper Rs. 200/-


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    وارَ چاندي ٿيا ۽ اکيون جهانوريون

    وارَ چاندي ٿيا ۽ اکيون جهانوريون
    پيارُ تو ساڻُ ليڪن پُراڻو نه ٿيو


    ـــ امر اقبال


    ارپنا

    هي ڪتابُ آءٌ ارپيان ٿو
    پنهنجي بابا سائينءَ
    غلام حسين شيخَ
    ۽ امڙ سانئڻ
    مرحومه راضُل کي
    آنءُ جيڪو ڪجهه به آهيان ـــ انهن جي
    پرورش ۽ تربيتَ جي ڪري ئي آئون سڀ ڪُجهه آهيان.

    ـــــ روشن شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر روشن شيخ نثري نظمن جو مجموعو آهي. أيوب گُل لکي ٿو:
    ”روشن شيخ جي شاعريءَ جي مجموعي ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ جو نالو جيترو ڇرڪائيندڙ آهي، سندس شاعري به ايتري ئي دلڪش آهي. هي سندس نثري نظمن جو مجموعو آهي ۽ سنڌ ۾ نثري نظم سان نڀاءُ ڪندڙ چند شاعرن مان روشن شيخ به هڪ آهي. وصل شاعريءَ کي بيروزگار ڪندو آهي. روشن شيخ جا هي نظم وڇوڙي جي لمحن مان چونڊيل آهن.“
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ ۽ آصف رضا نظاماڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون پياري روشن شيخ جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    نثري نظم هاڻي سنڌي شاعريءَ جي مقبول صنف بڻجي چڪي آهي. هِنَ صنف ۾ لکندڙ شاعرن جو تعداد گهٽ ۽ انهن مان به معياري شاعرن جو تعداد بنهه گهٽ آهي. روشن شيخ نثري نظم جو نهايت سنجيده ۽ ذهين شاعر آهي. سندس نثري نظم سندس داخلي ڪيفيتن جا عڪس بڻجي سامهون اچن ٿا ته ساڳئي وقت انهن ۾ خارجي سماجي حالتن جو تصويرون به نظر اچن ٿيون.
    روشن شيخ تمام خوبصورت نثر نويس پڻ آهي. ساڳئي وقت هُو اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليوين تي ڪمپيئرنگ ذريعي پڻ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪندو رهي ٿو.
    روشن شيخ جي ڪويتائن جو پهريون ڪتاب ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. اُميد ته شاعريءَ جا پڙهندڙ ۽ پارکو هن سهڻي ڪتاب کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندا.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور ــ سنڌ


    مهاڳ: شاعر جي اڪيلائيءَ جو وطن!

    شاعري کِلندي آهي، روئندي آهي، ڳالهائيندي آهي، چُپ رهندي آهي، وڙهندي آهي. ڪڏهن رڻ جي راهه، ڪڏهن گهاٽو جهنگ، ڪڏهن دريا، ڪڏهن صحرا، ڪڏهن پهاڙي چشمو، ڪڏهن هرڻ جي اک جو سراب هوندي آهي. شاعريءَ جا هزارين رنگ آهن، ڪوڙين ڪايائون آهن، پنهنجيون زمينون ۽ آسمان آهن! پنهنجو وطن ۽ پنهنجي بي گهري آهي. پنهنجيون مندون، پنهنجا اونهارا سيارا، پنهنجيون خزائون. پنهنجا بهار آهن. ان ڪري شاعريءَ تي ڳالهائڻ آسان به آهي ۽ تمام مشڪل به آهي. جيئن محبت ۽ زندگيءَ تي ڳالهائڻ ۾ مشڪل سان گڏ هڪ آساني به هوندي آهي ۽ هر ڪنهن جي ان حوالي سان پنهنجي هڪ راءِ، پنهنجو تجربو ۽ نتيجو هوندو آهي.
    شاعري، جيڪا ڪڏهن دل جي پکيءَ جي پرواز ته ڪڏهن پيرن جي ڪوڙڪي آهي. آئون جڏهن جڏهن به سنڌي شاعريءَ جي ست رنگيءَ کي تصور جي اک ۾ پائيندو آهيان، مونکي سانوڻيءَ جي موسم جا ٻوڙان ٻوڙ مينهن ياد ايندا هن. سنڌو نديءَ جو پُور جوڀن ياد ايندو آهي، ڪارونجهر جبل تي نچندڙ مور ياد پوندا آهن. آئون لاڙ جي لال هندوري ۾ ”بڙ جي ڍوري“ جا پَٽَ ياد ڪندو آهيان جن کي ڀٽائيءَ جي پيرن سون ڪيو هو.
    مونکي شيخاڻي گهاڙيءَ جي ناٿي فقير لُنڊ جون جهونيون اکيون ياد اينديون آهن. يوسف فقير سَتي جتي جي مَٽَ جو ٻاڙو پاڻي ياد ايندو آهي ۽ بابا بُلي شاهه جي گنبذ جا ڪبوتر ياد ايندا آهن.
    آئون تصور ئي تصور ۾ ڏسندو آهيان ته روپاهه ماڙيءَ ۾ جنگ جو طبل وڳو آهي ۽ دودي سومري چنڊ جي گهوڙي جي واڳ ڇڪي آهي ۽ مونکي چنيسر جي دل جو ڪينو ياد ايندو آهي.
    آئون ڏسندو آهيان ته جوڳين جي ٽوليءَ ۾ ڀٽائي هنگلاج ڏي پنڌ پيو آهي ۽ گگان جَتِڻِ هُن جا بيت برزبان ياد ڪندي روئي پئي آهي ۽ آئون سوچيندو آهيان ته شاعري عشق جي اک جو گرم ڳوڙهو به آهي، ته محبوب چپن جو بوسو به آهي.
    ائين شاعريءَ تي ويچاريندي مونکي دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن سان گڏ اڄوڪي سنڌ جي نون ستارن جي نالن جي هڪ خوبصورت Galaxy ذهن تي تري ايندي آهي، جن مان هڪ خوابن جو وڻجارو اسان جو دوست روشن شيخ به آهي، جنهن کي لکڻ ايندو آهي، کلڻ ايندو آهي، ڳالهائڻ ۽ نڀائڻ ايندو آهي، جن سڀني ڳالهين ۾ آئون اڃان تائين ڪچو آهيان، پر هُن جو ضد هو ته آئون هُن جي شاعريءَ تي لکان ۽ نڀايان به سهي، جيڪو مون لاءِ تمام مشڪل مرحلو آهي، ڇو ته آئون اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته شاعريءَ تي ڳالهائڻ جيترو آسان، ايترو ئي مشڪل به هوندو آهي ۽ سٺي شاعريءَ تي لکڻ وقت نڀائڻ يا انصاف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
    روشن شيخ جي شاعريءَ جي مجموعي ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ جو نالو جيترو ڇرڪائيندڙ آهي، سندس شاعري به ايتري ئي دلڪش آهي. هي سندس نثري نظمن جو مجموعو آهي ۽ سنڌ ۾ نثري نظم سان نڀاءُ ڪندڙ چند شاعرن مان روشن شيخ به هڪ آهي.

    مون کان ڪو به درديلو نظم نه ٿو لکجي
    مون اڪيلائيءَ ۾ روئڻ ڇڏي ڏنو آهي.
    مون لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي شام به اهميت وڃائي چڪي آهي.
    مون کان اها ادا ڪارا به وسري وئي آهي
    جيڪا اڪثر ڪري تو جهڙو لباس پائيندي هئي
    مون ڊائريءَ ۾ گُل رکڻ به ڇڏي ڏنا آهن
    منهنجين انهن ڪوڙين ڳالهين تي
    ٻيو ڪوئي يقين ڪري نه ڪري
    پر مونکي پَڪ آهي
    تون ضرور يقين ڪندينءَ....

    هڪ ٻي نظم ۾ لکي ٿو:

    مونکي توسان بهار جي
    ڪنهن شام جو ملڻو هو
    پر تو
    انڪار جي خزان سان
    مونکي اڻ مندائتو ڇاڻي ڇڏيو!
    ان ڏينهن کان
    هن مهل تائين
    خزان منهنجي وجود سان چنبڙيل رهي ٿي
    اها ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي
    تون مون کان اڌ ڏينهن رٺي هئينءَ
    مان اڌ ڪتاب جيترا نظم لکي ويو هوس!

    نثري نظم جو اهو لهجو، روشن شيخ کي پنهنجيءَ ٽهيءَ ۾ سڀني کان الڳ ڪري بيهاري ٿو ۽ ڪنهن به شاعر جي سڃاڻپ هُن جو اسلوب هوندو آهي. ٻين جي ڇڏيل پيرن تي پنڌ ڪرڻ سان تخليقڪار جي پنهنجي ذات ان جي پاڇي ۾ لڪي ويندي آهي. ان ڪري روشن شيخ ٻي ڪنهن جي آواز جو پڙاڏو بنجڻ بدران پنهنجي احساس کي جداگانه بيان ڏنو آهي، جيڪو سندس فن جو ڪمال آهي. ڇاڪاڻ ته هُو مجموعي طور محبت ۽ وڇوڙي جو شاعر آهي، تنهن ڪري سندس هر تخليق جي اڻت ۾ اها جادوگري نظر اچي ٿي، جيڪا پڙهندڙ جو ڌيان هڪدم پاڻ ڏي ڇڪي وٺندي آهي. هُن جا نظم مختصر هوندي خيال ۾ ڏاڍا جامع آهن.
    مڃان ٿو ته ملڻ
    ملي وري ڇڄڻ
    اهي سڀ مقدر جا تماشا آهن
    ۽
    تون
    سدائين تماشن ۾ خوش هوندي آهين
    اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ئي ته
    تماشو ٿيندڙ
    نه ماضيءَ جو رهندو آ
    نه ئي حال جو
    ۽ ايندڙ وقت به
    ان لاءِ تماشو ئي ثابت ٿيندو آهي

    ڪجهه ماڻهن جي خيال مطابق نثري نظم لکڻ تمام آسان آهي، صرف سٽن کي اڌ ۾ ٽوڙي ڳالهه ڪرڻي آهي، پر کين اهو سمجهڻ گهرجي ته سٽن جي ترتيب بدران نثري نظم ۾ خيال جي اُڏام اهميت رکندي آهي.
    خيال به اعليٰ پايي جو هجي ۽ اظهار ۾ به دلڪشي هجي ته سون تي سهاڳي واري ڳالهه ٿي پوندي آهي ۽ روشن شيخ وٽ ڳالهه ڪرڻ جو اهو هُنر موجود آهي. هن وٽ نه صرف خيال جي آسودگي پر ٻوليءَ جو به خزانو ملي ٿو. ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جي هن وٽ پيش ڪش ايتري ته اثر انگيز آهي جو داد ڏيڻ کان رهي نه سگهجي.

    پريشانيءَ جي عمر
    آسمان جي ايراضيءَ کان وڏي ٿيندي آهي.
    دل جي بيماري
    لڙڪن آڏو
    ڪا اهميت نٿي رکي
    ۽ نه ئي مان تو وانگر
    موت کان ڊڄندو آهيان
    ها پر
    مان وڇوڙي کان ڊڄي
    پنهنجن خوابن تان هٿ کڻي ويندو آهيان.....
    تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته
    مان سدائين پنهنجي خلاف ڇو هوندو آهيان؟
    شايد ان ڪري جو
    تنهنجن ۽ منهنجن
    خوابن جي سماجي اسٽيٽس ۾
    وڏو فرق آهي!

    سندس هڪ ٻيو مختصر نطم آهي:

    گهڻن ڏينهن جو ذڪر آهي
    مان پنهنجي دل
    تنهنجي در تي وساري آيو هيس
    ۽ هاڻ
    مان پنهنجو پاڻ کي ئي
    ياد ناهيان رهيو

    روشن شيخ کي نظمن ۾ جا بجا اُداسي نظر اچي ٿي. اڌ ڏينهن جي رنجش کان پوءِ اڌ ڪتاب جيترا نظم لکجڻ پويان موجود دلگيري ۽ هڪ نامهربان ڇوڪريءَ جي يادگيرين جي رنگبرنگي ڇٽيءَ هيٺان وڇوڙي جي پنڌ جي هيءَ شاعري آهي. جنهن ۾ سمنڊ تي ڏکڻ جي تيز هوا ۾ نوجوان ڇوڪرين جي ڀنل وارن جي دلنوازي به آهي ته ڇولين جي ٻوليءَ ۾ رنگن جو ترجمو به ملي ٿو. رنگ جيڪي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏجن ته پاڇيءَ ۾ درد بچندو آهي، گلن جا جهول اُداسيءَ سان ڀربا آهن ۽ پوپٽ پنهنجي هڪ ڏينهن جي عمر ۾ ورهين جي اڪيلائي ڀوڳي وٺندا آهن. آئون سوچيان ٿو جدائي هڪ شاعر لاءِ لازمي به ته هوندي آهي. اهو وڇوڙو ئي آهي، جنهن روشن شيخ کي سوچ جا نوان جهان ڳولي ڏنا، هن کان سمنڊ جا پنڌ ڪرايا، راتين جا اوجاڳا ڏنا، لفظن جي اميري ڏني. اها ڇوڪري جنهن جي بيرخيءَ جي آسمان هيٺان هُن پنهنجي هڪ الڳ دنيا تخليق ڪري ورتي. مون روشن شيخ جي شاعريءَ کي صرف پڙهيو نه پر ڍُڪ ڍڪ ڪري پيتو به آهي. هي ان خمار جو نتيجو آهي. مون تمام گهٽ اهڙا شاعر ڏٺا آهن جن کي پنهنجن احساسن سان ان طرح انصاف ڪرڻ اچي ٿو.

    هڪ دفعي
    تو ”خبر ناهي!“
    جو راڳ گهڻو آلاپيو هو
    مون توکي چيو:
    ”بهار اچي ويو آهي
    اچ ته گُلن وانگر ٽڙي پئون“
    موٽ ۾ تو
    خزان جون ئي ڳالهيون ڪيون هيون
    گذريل رات
    مون توکي
    حد کان وڌيڪ ساريو
    ۽ توکي لکيو:
    ”جڏهن فرصت ملئي ته ياد ڪجانءِ! “
    تو ايس ايم ايس ڊليٽ ڪرڻ کان اڳ
    لکي موڪليو:
    ”خبر ناهي“ توکي
    فضول ڳالهين لاءِ وقت ڪيئن ٿو ملي؟!“

    هونئن ته وصل دل جي خوشبختي آهي پر شاعريءَ کي جدائي کپندي آهي. جيئن محبت کي ديوانگي گهربل هوندي آهي. تنهنڪري آئون سمجهان ٿو هجر ئي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو هوندو آهي. ان ڪري ته شاهه سائينءَ چيو ”جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي“.
    ملڻ کان ملڻ جي آرزو وڌيڪ دل لڀائيندڙ هجي ٿي جنهن ۾ انتظار جي راتين ۾ شاعر جا لفظ ڏيئن ۾ بدلبا آهن، مشعلن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، آسمان جا نکٽ بنجي ويندا آهن ۽ شاعري سرجڻ شروع ٿيندي آهي، وصل شاعريءَ کي بيروزگار ڪندو آهي. روشن شيخ جا هي نظم وڇوڙي جي لمحن مان چونڊيل آهن. مون هن جي هڪ هڪ سٽ کي بار بار پڙهيو آهي، هُن وٽ جدائيءَ جو وکر گهڻو آهي. هُنَ پنهنجي ذات جا وکريل ذرا ڳولي شاعريءَ ۾ رکيا آهن.

    منهنجي خواهش هئي ته
    تنهنجن لفظن جي ٽارچر سيل مان
    فرار حاصل ڪريان
    ان وچ ۾
    تو مون کان
    طنزيا انداز ۾ پُڇيو هو ته:
    ”تنهاين جو ڪهڙو ديس هوندو آ؟“
    مان ٿڌو ساهه ڀريندي
    صرف ايترو ئي چئي سگهيو هوس ته:
    ”تنهاين جو ديس
    شاعر جي دل هوندي آهي“

    هڪ ٻئي نظم ۾ روشن شيخ لکي ٿو:

    مون اڌ ننڊ جھڙو نظم لکيو
    جنھن تي پھريون اعتراض تو ئي واريندي چيو ته:
    ”تنھنجي ننڊ ڦٽائڻ کان پوءِ
    مون هميشه
    پوري ننڊ ڪئي آهي
    ڪاش !
    زندگي به
    ڪنھن سرڪاري نوڪريءَ جيان ھجي ها
    جنھن تان جڏھن به چاھجي ھا
    رٽائرمينٽ وٺي سگھجي ھا

    ”زندگي تان رٽائرمينٽ“ هن ڪتاب جو نالو آهي ۽ مٿي ڄاڻايل ان جو ٽائيٽل نظم آهي، جنهن جي هر سٽ هڪ حسرت آهي. زندگيءَ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جي ڳالهه پويان موجود ڏک کي پرکڻ لاءِ دل جون اکيون گهرجن ٿيون، جيڪي هر ماڻهوءَ وٽ نه هونديون آهن. ڪو ماڻهو خوشيءَ مان زندگيءَ کان ڪناري جو ڪٿي سوچيندو آهي، حالتن جا ڳرا بار ٿڪائيندا آهن تڏهن ساهيءَ جو خيال دلِ ۾ ايندو آهي.
    آئون روشن شيخ جي هنن نظمن کي پڙهندي ڪيترين ئي جاين تي رڪجي وڃان ٿو، انهن کي ورائي پڙهان ٿو ڇو ته انهن جو سرور حاصل ڪرڻ ضرور ڀانيان ٿو. روشن شيخ پنهنجي انداز ۾ هڪ جديد شاعر آهي، هو حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي. هُن پنهنجي شاعريءَ کي همعصر دؤر سان ڳنڍيل رکيو آهي يا ائين چئجي ته هُن جون هلندڙ وقت ۾ پاڙون آهن. گم ٿيل زمانن جو سُڏڪو بنجڻ بدران هُن اڄ کي لکيو آهي، اڄ جيڪو سڀاڻي جي تاريخ جو روشن باب ثابت ٿيڻو آهي جنهن کي روشن شيخ سميت اڄوڪي سنڌ جي شاعرن جي ڪهڪشان جا سڀ ستارا پنهنجي پنهنجي انداز ۾ رقم ڪري رهيا آهن. جڏهن ايندڙ زمانو شاعريءَ جي اک مان هن دؤر کي ڏسندو ته يقينن ايتري ئي خوبصورت نظر ايندي جيترا خوبصورت روشن شيخ جا نظم آهن.

    ايوب گُل
     ڪراچي ــ سنڌ.
    25 ڊسمبر 2018ع


    منهنجي زندگي تماشن جو مرڪز رهي آهي...

    ”لاشُ پاڻيءَ مٿان ترندو آهي، ڇو ته ٻڏڻ لاءِ به زندگي گهرجي“.
    (نامعلوم)

    زندگي جڏهن به ڪروڌَ ۽ ”اڪيلائيءَ جي موسم“ جي ور چڙهي ويندي آهي ته آءُ نظمن ۾ پناهَه وٺندو آهيان. منهنجا نظمَ معياري آهن يا نه؟ مون انهن راين ڏي ان ڪري به ڪڏهن ڌيانُ ناهي ڏنو، ڇو ته منهنجا نظم، منهنجي دردن جو ري ايڪشن آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ آنءُ دردن وٽ وڪاڻل شخص آهيان. بقول ڪنهن شاعِرَ جي:

    درد ہو دل میں تو دوا کیجیئے
    جب دل ہی درد ہو تو کیا کیجیئے

    منهنجي زندگي تماشن جو مرڪز رهي آهي. سماجَ جي روين ۽ ڪنهن جي بيوفاين جا زنجير ڳچيءَ ۾ پيل ئي رهيا آهنِ. اهڙي سوڳوار صورتحال ۾ نظم منهنجي ذهني سڪونَ جو سبب بڻجندا رهيا. آنءُ جيڪڏهن نظمَ نه لکان هان ته ڪڏهو ڪو ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ وٺي چُڪو هُجان ها. ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ منهنجي نظمن جو پهريون مجموعو آهي. هن مجموعي ۾ مون 2016ع کان پوءِ وارا لکيل نظم شامل ڪيا آهن. غير ذميوار طبيعت هئڻ جي ڪري مون وٽ پراڻا نظمَ ڪو نه رهيا آهن.
    نظمن ڏانهن لاڙو محترم حبيب ساجد جي ڪري ٿيو هو. حبيب ساجد سان وري ملاقات پياري شڪور سولنگيءَ جي ڪري ٿي هئي . انهن ئي ڏهاڙن (شايد سال 2000ع ) ۾ حبيب ساجد هر آچر رات ڳوٺ ايندو هو ۽ حبيب ساجد ڳوٺ وڃڻ کان پهريان شڪور سولنگيءَ ۽ مون سان ڪوٽ پل جي خوبصورت جهالي وٽ ملندو هو. جتي ڳالهيون ٿينديون هيون. ناڪام محبتن، ڪتابن، فلمن ۽ نظمن جي حوالي سان.....
    حبيب ساجد هر هفتي هڪ نئون نظم لکڻ جي حوالي سان موضوعُ سليڪٽ ڪندو هو ۽ مون کان سواءِ انهيءَ موضوع تي حبيب ۽ شڪور به ٺاهوڪا نظمَ لکي ايندا هئا. لکڻ جي حوالي سان آءُ سدائين سست ئي رهيو هان. ائين ئي شاعرن سان ڪتابن ۾ توڙي روبرو ملاقاتن جو سلسلو وڌندو ويو....
    مون جڏهن پريالوءِ جي ”ماڊرن“ اسڪول ۾ پياري دوست سميع سجاد جي معرفت پڙهائڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت سائين سجاد ميراڻيءَ (عرف منهنجي ادبي ابي) مونکي ادبي سنگت پريالوءِ جو ڪرتا ڌرتا ڪري ڇڏيو هو. توڙي جو عام زندگيءَ ۾ آنءُ لاپرواهه ٽائيپ شخص رهيو آهيان، پر ڪو به ادبي ڪاڄُ ارينج ڪرڻ جي حوالي سان آنءُ سدائين ڪميٽيڊ رهيو آهيان. هاڻي ڪنهن به تنظيم جون واڳون سنڀالڻ لاءِ مون وٽ وقت ڄڻ بچيو ئي ناهي.
    ٽريزري آفيس جي سخت قسم جي ڊيوٽي، ٻارن جي پڙهائيءَ جو فڪرُ، ڪتابُ، فلمون، رولاڪيون انهي سڀني شين ڄڻ ته مونکي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي. هڪ دفعي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سجاد ميراڻي صاحب بيدل مسرور صاحب سان منهنجي شڪايت ڪئي هئي ته روشن حد کان وڌيڪ مصروف رهڻ جي باوجود هڪ سنڌي اخبار لاءِ هر هفتي باقاعدگيءَ سان ڪالمُ ٿو لکي. بيدل مسرور صاحب مرڪي وراڻيو هيو ته اوهان جيترا گهڻا مصروف هوندؤ، اوترو گهڻو لکندؤ....
    سو منهنجا هيءَ نظمَ منهنجي مصروفيت وارين گهڙين ۾ لکيل آهن. جن نظمن لاءِ آءُ ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪندس ته منهنجا هي نظم ”شاهڪار نظم“ آهن. جيئن به آهن، جهڙا به آهن، مونکي پنهنجي اولاد جيان پيارا آهن.
    هيءَ نظمن جو ڪتابُ ”زندگيءَ تان رٽائرمينٽ“ آڻڻ ۾ منهنجي ڪجهه پيارن دوستن جو اهمُ ڪردار رهيو. ڇاڪاڻ ته پنهنجن نظمن جي حوالي سان سدائين غيرمطمئن ئي رهيو آهيان....

    زندگي هڪڙي، مسئلا هزار مگر.......
    (نارائڻ شيام)
    هڪ دفعي ڪنهن مون کي لکي موڪليو هو ته: ”روشن! تون جنهن ڳوٺ ۾ رهين ٿو، اُتي سُٺا نظم نه پر سٺيون گاريون ئي لکي سگهجن ٿيون“. توڻي جو اِها ڳالهه هڪ سؤ هڪ سيڪڙو سچ آهي، پر مون کي منهنجي ڳوٺ پوءِ به پيارو آهي. مان خيرپور جي شور ۾ جڏهن ٿڪجي پوندو آهيان، تڏهن ڳوٺ جو رُخُ ڪندو آهيان ۽ ابلُ واهه جو هڪ ڪَپرُ منهنجن لُڙڪن توڙي اڪيلايُن کي پنهنجي ڪشادي پاند ۾ سمائي ڇڏيندو آهي.
    آنءُ زندگيءَ ۾ سڀني تي تڪڙ ۾ اعتبار ڪري وٺندو آهيان ۽ نتيجي ۾ نقصان ئي اچي مٿي ۾ لڳندا آهن. دوستن جون ”مهربانيون“ دل جي بدن کي زخمي به ڪري ڇڏينديون آهن، پر پوءِ به مان هر وقت وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي، اُنهن مهربانين کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان. زمانو منهنجن ٽهڪن کي ٻڌي مون کي ”غيرسنجيده“ هئڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏيندو رهندو آهي.
    نظمن جي هِن ڪتابَ کان اڳ ۾ مون پنهنجن ڪالمن جو ڪتابُ ڇپرائڻ پئي چاهيو پر دريا خان شنباڻيءَ جي ضد هُئي ته پهريان نظمن جو ڪتابُ اچي. ٻروچ جي ضد کٽي وئي ۽ منهنجي خواهش هارائي وئي. فيس بوڪ تان پنهنجا نظم ڪاپي ڪندي ڪندي اَٺَ مهينا ڳري ويا، ڪتابَ جو نالو سوچيندي ۽ فائنل ڪندي ٻيا ڇهه مهينا خرچ ٿي ويا، ”پنهنجي پاران“ لکڻ ۾ مهينو لڳي ويو ۽ خبر پئجي وئي ته ڪتابُ سهيڙڻ ڪيڏو ڏُکيو ڪمُ آهي. پر مون لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم ته هُن جو نالو لکڻ آهي.....

    جب نام تیرا پیار سے لکهتی ہیں انگلیاں
    میری طرف زمانے کی اُٹهتی ہیں انگلیاں

    پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ مون دردَ جون وڏيون ڄمارون ڏٺيون آهن. ننڍپڻ ۾ امڙ جيجل جو وڇوڙو مليو، غربت آڏو ”ڄاڻ“ پنهنجي اهميت وڃائيندي رهي. پرائيويٽ ادارن جي نوڪرين وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو. پر منهنجي جيون ساٿياڻي (جنهن کي آنءُ پيار ۾ ”رنجش“ سڏيندو آهيان) مونکي سهيڙيندي رهي ۽ بابا سائينءَ وري هڪ ئي وقت پيءُ جي پيارَ سان گڏ ماءُ جو پيارُ پڻ ڏنو. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جو برک شاعر سائين منير سولنگي، ناميارو شاعِرُ محترم سجاد ميراڻي، سينيئر پي ٽي وي پروڊيوسر ۽ ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، منهنجا همدرد دوست محترم شاهن سمنگ، محترم محمد علي سهتو، محترم رحيم داد جوڳي، محترم مقصود مهيسر، محترم ڏاڏو صلاح الدين شيخ، محترم هاشم ڀٽي، محترم محمد اقبال سولنگي، استاد گل حسن لوهر، محترم عبدالرشيد سولنگي، محترم طارق ابراهيم، ڊاڪٽر نور محمد سولنگي، محترم نثار رڪ ۽ سندس معصوم نياڻي عاليه نثار، محترم غلام قادر ڀٽي، محترم اشرف ‌‌ڄامڙو، محترم محمد حنيف سولنگي، محترم ظهير احمد ميمڻ، محترم مهدي حسن سولنگي، محترم شڪور سولنگي، محترم حفيظ فاروق گهانگهرو، استاد سعيد سومرو، محترم سعيد سنڌي، محترم سميع سجاد، محترم نثار مڱڻيجو، محترم ماجد انصاري، محترم ظهور سولنگي، محترم محمد علي جاگيراڻي، ناميارو شاعر ۽ نثر نويس محترم عزيز سولنگي (اثر)، ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انور ابڙو، ناميارو شاعر محترم رکيل مورائي، ناميارو صحافي محترم منظور ميراڻي، ناميارو ڪهاڻيڪار محترم رزاق سهتو، محترم آزاد انصاري، محترم غلام حسين مري، محترم جاني خاصخيلي، محترم ديدار معصوم، محترم فهيم ڀٽو، منهنجو چاچو محترم غلام حيدر، ماما محترم يار محمد، ماما محترم محمد رمضان، ماما محترم پيارل، ماما محترم عزيز الله، محترم مولا بخش شيخ، محترم حبيب شيخ، منهنجا ٻچڙا رديٰ، رافع، ڌرتي، واسِعُ، ماهين، پارس ۽ انهن ٻچڙن جي امڙ، منهنجي زندگيءَ جي هر ڏک سک ۾ منهنجي همسفر منهنجي وني روزينا، زندگيءَ جي هر موڙ تي منهنجي لاءِ اتساهَه جو سبب رهيا آهن.
    منهنجي زندگيءَ ۾ اهمُ ڪردار سائين امداد علي منگيءَ جو به رهيو آهي، جنهن مونکي سُٺي روزگار سان نوازيو. مان سڄي عُمر سندس ٿورائتو رهندس ۽ دعاگو رهندس ته ربُ سائين کيس دراز عمر ۽ مڪمل صحت عطا ڪري ته جيئن هُو اِئين ئي خلق جي خدمت جو خير جهڙو ڪم ڪندو رهي.
    تمام گهڻي مهرباني پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي چيئرمين ۽ سنڌي ادب جي خاموش خدمتگار محترم قربان منگيءَ جي، جنهن منهنجي ڪتابَ کي خوبصورت نموني ڇپائي اوهان تائين پهچايو آهي.
    گهڻي مهرباني سنڌ جي پنهنجي ئي رنگ واري مصور محترم سعيد منگيءَ جي جنهن ڪتابَ جو سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو.
    نثري نظم جي خوبصورت شاعر پنهنجي پياري دوست محترم ايوب گُل جا ٿورا جنهن انتهائي مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ڪتابَ جو مهاڳُ لکيو. سندس چواڻي هُن ڪڏهن به ڪنهن ڪتاب جو مهاڳُ ناهي لکيو. ڀلا ڀاڳ منهنجي ڪتابَ جا جنهن جو مهاڳُ پياري ايوب گُل لکيو.....
    نثري نظم جي اڳواڻ شاعر سائين پارس حميد، منهنجن عزيز دوستن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعرن / ليکڪن محترم سجاد ميراڻيءَ، محترم امر اقبال، محترم ابراهيم کرل، محترم حبيب ساجد، محترم محمود سومري، محترم شڪور سولنگيءَ، محترم فراق هاليپوٽي، محترم دريا خان شنباڻيءَ، محترم ارشاد جاگيراڻيءَ ۽ محترم عرفان لُنڊ جن جي به تمام گهڻي مهرباني، جن منهنجي هِن ڪتابَ لاءِ پنهنجا خوبصورت احساس خوبصورت لفظن ۾ ارپيا آهن.
    مان بيحد ٿورائتو آهيان سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر ۽ پنهنجي ورهين جي دوست محترم امر اقبال جو، جنهن هن ڪتابَ جي سهيڙ واري سموري سفر ۾ پنهنجيون سهڻيون صلاحون ۽ محبتون ارپيون. سندس محبتن جو ڪوئي مُلهه ئي نه ٿو سمجهان.
    پياري آصف نظاماڻيءَ ۽ پياري عرفان ڀُٽي جا به لکَ ٿورا جن هن ڪتابَ کي ڪمپوزنگ جي مرحلي مان اُڪاريو.

    روشن شيخ
     ڳوٺ پير حاجنا شاهه،
    خيرپورميرس ـــ سنڌ.
    0301-3402961


    نثري نظمَ

    تو وٽان ٽُٽي ايندو ھان!

    مان سدائين
    تو وٽان ٽُٽي ايندو ھان !
    ۽ پوءِ زندگيءَ جي ڏاڪڻ
    مونکي خودڪشيءَ طرف
    وٺي ويندي آ
    خودڪشي _
    جيڪا اڪثر ڪري تون
    پرس ۾ منھنجي لاءِ کڻي گھمائيندي آهين
    ۽ مان
    تنھنجي ڪجهه لفظن
    ۽ طعنن جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ
    صرف اھو سوچيندو آهيان ته
    تون منھنجي واندڪائيءَ تي
    خودڪشيءَ جو رسو ٻڌي
    ڪيڏو نه خوش ٿيندي آهين؟!


    ڳوڙھن جو قرض

    ڳوڙھن جو قرض

    بيقرار اکيون ڳوڙهن جو قرضُ
    چڪائي ٿڪجي پيون
    سڏڪن جو آواز
    انتظار جي پيلي موسم ۾ دٻجي ويو
    ۽ مون عيد کان پھرين
    تنھنجن نيڻن مان
    ننڊ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي ته
    تون ڏک منھنجي جسم ۾ پيوند ڪري ڇڏيا
    مون پنھنجا ساھ تو وٽ گروي رکي
    توکي پنھنجي ھجڻ جو احساس به ڏياريو
    پر تون منھنجي احساسن جا پير وڍي ڇڏيا
    ۽ آنءُ ڌرتيءَ تي ٻوجهه بڻجي رھجي ويس.....


    اجائي لُڙَ جھڙو وڇوڙو

    اجائي لُڙَ جھڙو وڇوڙو

    اجائي لُڙَ جھڙو وڇوڙو
    اڪيلائي آسمان کان وڏي
    حياتي ھاڃن جو مرڪز
    ۽ کوٽي سڪي جھڙو سماج
    رستا سڀ ڪنڊا
    بي رخين جا نوان زخم
    روز ملندا رھن ٿا
    تون _ خبر ناھي
    منھنجي دل جو
    ڪڏھن خيال ڪندينءَ ؟!
    منھنجي دل
    جيڪا منھنجي ھوندي به
    منھنجي وس ۾ ناهي
    ۽ تون
    سدائين
    منھنجي دل جي خلاف ئي رھي آھين


    اڪيلائيءَ جي آسمان ھيٺان

    اڪيلائيءَ جي آسمان ھيٺان

    *فرزانه سوال جي نشاني بڻجي وئي آهي
    سوالَ
    جيڪي سندس روح کي ڪتريندا رھن ٿا
    فرزانه
    سڀني سوالن تي ٿڌو ساھُ ڀريندي
    سوچي ٿي
    ھتي عزت بچائڻ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم آھي،
    ڇو ته
    جن تعليمي ادارن ۾
    اڳواڻَ بگھڙ جو روپ ڌاري وٺن
    اتي فرزانائن جو ھجڻ
    ھڪ وڏو ڏوھه بڻجي ويندو آھي.....



    * بينظير يونيورسٽي، نوابشاهه ۾ جنسي حراسمينٽ
    جو شڪار ٿيل شاگردياڻي فرزانه جمالي


    اوقات

    اوقات

    مان اڪثر موقعن تي
    پنھنجي اوقات وساري ويھندو آهيان
    ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته
    منھنجي ڪائي اوقات به ڪونھي
    دھلُ ڪٿي به وڄندو آهي،
    مان دوسو بڻجي ويندو آھيان،
    ڪنھن ڀريل محفل ۾
    ڀلي ڪو
    منھنجي غليظ لفظن ۾
    تعريف ڪري
    مان تاڙيون وڄائيندو آهيان
    مان ته پنھنجين
    عطائي لکڻين ۾ به،
    ضمير جو ڪو ذڪر ناھيان ڪندو
    ڇاڪاڻ ته
    مان سدائين ضميرن جو سودو ڪندو آھيان.
    ۽ ان سودي عيوض
    عھدا وٺندو آهيان.....


    مون ڪٿي چيو ھو توکي ته ....

    مون ڪٿي چيو ھو توکي ته ....

    مون ڪٿي چيو ھو توکي
    ته مون سان
    ڪي ڊگھيون ڪچھريون ڪر!
    چانھه پيئندي
    ڪا فلم ڏسندي
    ڪو ڪتاب پڙھندي
    مون سان ڪا ننڍڙي مذاق ڪر!
    مون ڪٿي چيو هو توکي
    ته منھنجين اکين کي
    ڪي اوجاڳا بخشي ڇڏ!
    مون سان محبتن ۾ ڪي حساب ڪر !
    مون سان پل ۾ رس
    ۽ پل ۾ پرچي پئه
    ھا پر …
    مون توکي اِھو ضرور چيو ھو
    ته ٻيو نه ته
    صرف عيد جي ڏينھن تي
    مون کي ياد ڪندي ڪر!


    ۽ تون منھنجو سڀ ڪجهھ آھين

    ۽ تون منھنجو سڀ ڪجهھ آھين

    ٻن اکين سان
    کليل آسمان کي ڏسان ٿو
    ۽ توکي به ڏسان ٿو
    ”تون منھنجو سڀ ڪجهه آھين“.
    منھنجي ان خوشفھميءَ تي
    آسمان کلي ٿو
    ۽ منهنجيون اکيون ٻوٽجي وڃن ٿيون
    هميشه لاءِ ……


    جھوني سونھن جي نالي

    جھوني سونھن جي نالي

    خوابن آڏو جوانيءَ جي قرباني ڏئي
    تو زندگيءَ کي بيرنگ ڪري ڇڏيو
    ۽ِ ٻه نيڻ سدائين سجدن ۾ رکي
    تو اسان جون نينھن نمازون قضا ڪري ڇڏيون
    سوالي دل کي
    رڳو اوسيئڙي جو عذاب ئي ته مليو
    او جھوني سونھن جي مالڪياڻي !
    توکي خبر آھي ته
    تون جڏھن به مختصر ڳالھين مان
    ٻاھر نه نڪرندين آھين ته
    منھنجي سوچ
    تنھنجي جھوني سونھن کان ٿيندي
    تنھنجي لاغرضيءَ ۾ اٽڪي پوندي آهي....


    ڇڻيل پنن سان دوستي

    ڇڻيل پنن سان دوستي

    مان توکي
    ھڪ نظم
    ٻڌائي نه سگھيو ھوس
    جيڪو تنھنجي
    وفاداري مٽائڻ مھل
    مون کان
    بي ساختا لکجي ويو ھو
    مان توکي ھڪ نوٽ بڪ ڏيڻ جي
    پڻ ڪوشش ڪئي ھئي
    جنھن ۾ تنھنجون
    سڀ بي واجپيون
    ناانصافيون
    لکيل ھيون
    مون تنھنجي لئه
    ھڪ سڳي به ورتي ھئي

    پر تون
    وارن کي ڪٽرائي
    سڳيءَ جي اھميت کي
    موت ڏئي ڇڏيو هو
    توکي
    اھا به خبر ھئڻ گھرجي ته
    مون ھاڻ
    ڇڻيل پنن سان
    دوستي ڪري ڇڏي آهي
    جن سان ڪو به
    محبت ناھي ڪندو.....


    آزاديءَ جا رنگ

    آزاديءَ جا رنگ

    ٻڌ !
    مونکي ھيڪر
    پنھنجين يادن
    پنھنجين ڳالھين
    پنھنجين توائين مان
    آزاد ته ڪر
    مان آزاديءَ جا رنگ
    آزاد ٿي
    ڏسڻ ٿو چاھيان.....


    دماغ دل جي دشمنيءَ ۾

    دماغ دل جي دشمنيءَ ۾

    درياءُ مختلف موسمن ۾ سڪي ويندو آهي
    اکيون ٿڪل ھئڻ ڪري ننڊ جي ور چڙھي وينديون آھن
    خواھشون
    غربت جي ديڳڙيءَ ۾ اٻري ،
    ٻاڦ جي صورت اختيار ڪري وينديون آھن
    دماغ، دل سان دشمنيءَ جي چڪرَ ۾
    اڪثر توکي وسارڻ جي ڪوشش ۾ ھوندو آهي
    مان سپنن جي قرباني ڏئي به
    تنھنجيءَ سوچ تائين
    پڄي ناھيان سگھندو
    ڇاڪاڻ ته
    تو
    مونکي ڇڏڻ کان اڳ
    ڪڏھن به
    منھنجي باري ۾
    سوچيو ئي ناھي


    ڏک ناٽڪ

    ڏک ناٽڪ

    ڳاڙھي شرٽ
    تنھنجي خون سان اڃان به وڌيڪَ ڳاڙھي ٿي وئي.....
    *قطب رند !
    تون سنڌ جو خواب ھئين
    ۽ سِنڌُ جي نالي تي چِڙي پوندڙن
    ان خواب کي قتل ڪري ڇڏيو
    آرٽ تنھنجي آڱرين جي وچ ۾
    رقص ڪندو ھو
    پر توکي
    موت جو رقص
    پاڻ ڏانھن ڇڪي ويو
    ھي صرف
    تنھنجو قتل ناھي ٿيو
    پر ديس جي
    سموري آرٽ جو قتل ٿيو آھي.

    * لاهور ۾ قتل ٿيل نوجوان سنڌي مُصور



    ڀٽائيءَ جا سڀ بيت اداس ٿي ويا آھن

    ڀٽائيءَ جا سڀ بيت اداس ٿي ويا آھن

    ساگر !
    تنھنجو ساھُ ڇا ويو آ ؟
    ڀٽائيءَ جا سڀ بيت
    اداس ٿي ويا آھن
    مِٽيءَ سان محبت جي ڇٽي
    ڳوڙھن جي برسات ھيٺان اچي وئي آهي
    چون ٿا:
    توسان دل بيوفائي ڪئي
    پر تنھنجيون وفائون
    تاريخ جي ورقن ۾
    سدائين جرڪنديون رهنديون
    تون
    سنڌ جو عاشق ھئين
    ۽ عاشق
    ڪڏھن به
    دل جي بيوفائيءَ سبب
    مرندا ناھن.....


    (ساگر حنيفَ بڙديءَ جي وڇوڙي تي لکيل)


    ڏُک منھنجي سڃاڻپ آھي

    ڏُک منھنجي سڃاڻپ آھي

    منھنجي دل جي ڌرتيءَ مٿان
    ڳوڙھا قبضو ڪري ويا آهن
    ان ڪري مان سڀ پلَ
    بوريت جي موسم ۾ گذاريان ٿو
    تنھنجو ھڪ سوال :
    ”نظمن ۾ ايڏو درد ڪيئن ڀريندو آھين؟!“.
    پر اڪثر منهنجو دَڳُ جھلي بيهندو آهي
    توکي ته خبر ھئڻ گھرجي ته
    ” ڏک منھنجي سڃاڻپ آھي “


    تماشو

    تون مون کي
    ۽ منھنجين ڳالھين کي
    ڪيڏو نه آسانيءَ سان
    تماشو بڻائيندي آهين
    مون هڪ دفعي توسان
    پنھنجي ڳوٺ جي
    ان خوبصورت جھالي جو ذڪر ڪيو ھو
    جنھن جا تختا
    چوري ٿي ويا آهن
    ۽ تو چيو ھو
    مونکي پاڻيءَ جي تيز وھڪري کان
    خوف ٿيندو آهي
    ۽ ائين ئي
    منھنجين اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ھو
    ۽ تون
    اي ميل چيڪ ڪرڻ جي بھاني
    موبائل فون ۾ اکيون اڙائي ڇڏيون ھيون
    مون انهيءَ ويلَ پنهنجو پاڻَ کي
    جھالي جي تيز وھڪري ۾
    لڙھندي محسوس ڪيو ھو.


    بدبودار زندگي

    بدبودار زندگي

    اسين
    اکين ھوندي انڌا
    زبان ھوندي گونگا
    ۽ ڪنن ھوندي ٻوڙا ھوندا آھيون
    مگر جڏھن
    ڪنھن جي گلا جو
    وارو ايندو آ
    ته اسين
    نه انڌا
    نه گونگا
    نه ٻوڙا رھندا آھيون
    ڇاڪاڻ ته
    اسين پراون عيبن جي پچارَ تي لڳندڙ
    بدبودار زندگي گذارڻ جا
    عادي ٿي ويا آهيون......


    اُڃَ منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيل آھي

    اُڃَ منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيل آھي

    مان جيئن جيئن
    جيئڻ جا سبب ڳوليان ٿو
    زمين منھنجي پيرن هيٺان کسڪندي ٿي وڃي
    اڃُ منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيل آھي
    ۽ مان خشڪيءَ تي سفر ڪيان ٿو
    خشڪي جيڪا وڇوڙي جي
    ڳوٺ تائين پھچي
    سمنڊ جو روپ ڌاري وڃي ٿي
    سمنڊ جيڪو منھنجي اکين ۾ آھي
    ۽ جنهن جي آڏو خشڪي به
    پنھنجي اھميت وڃائي ويھي ٿي.
    اونھاري جا مڙئي ڏينھن
    توکي پرچائيندي گذري ويندا آھن
    تون منهنجين سڀني خواهشن کي
    ڳالھين جي ڄار ۾ ڦاسائي
    خودڪشيءَ جي درَ تائين پھچائي ايندي آهين !
    مونکي نثري نظم وڻندا آھن
    ۽ تون …
    غزلَ ان باڪس ڪري آف لائين ٿي ويندي آهين
    اونھاري جا مڙئي ڏينھن ۽ شامون
    توکي پرچائيندي گذري وينديون آھن
    ان ڪري سياري جا
    سمورا رنگ
    مون لاءِ ڪائي اھميت ناھن رکندا.....


    منھنجي محبت

    منھنجي محبت

    منھنجي محبت
    ڳوٺَ جي ان
    جھوني وڻ جھڙي آھي
    جنھن کي
    وڍڻ لاءِ
    وڏيرا
    ۽
    سرڪاري عملدار
    سدائين
    پلاننگ ڪري رهيا هوندا آهن.


    وڇوڙي جو لباسُ

    وڇوڙي جو لباسُ

    مان تلخين جي تراران کان
    بچي ناھيان سگھندو
    يا بچڻ ناھيان چاھيندو......
    اھا ڳالهه سمجهه ۾ ناھي ايندي
    مان وڇوڙي کي
    ڪڏھن به نه ناھي پٽيو
    ۽
    تنھنجي خواھش مطابق
    وڇوڙو لباس ڪري
    پائي ڇڏيو آهي.....


    اُداسيءَ جي د ڳ تي

    دل
    اداسيءَ جي دڳ تي
    دربدريءَ جي ٺوڪرن ۾
    ساڻي ٿي پئي آهي
    مان اڪيلائي کان به
    آجو نه ٿي سگھيو آهيان
    ۽ تون
    بليڪ لسٽ جھڙين سوچن سان
    منھنجي لاءِ
    روز هِڪُ نئون محشر برپا ڪرڻ ۾
    دير ئي نٿي ڪرين.....


    ڪوڙيون ڳالھيون

    ڪوڙيون ڳالھيون

    مون کان ڪو به درديلو نظم نٿو لکجي
    مون اڪيلائيءَ ۾ روئڻُ به ڇڏي ڏنو آهي
    مون لاءِ پنھنجي ڳوٺَ جي شام به اھميت وڃائي چڪي آهي
    مون کان اھا اداڪارا به وسري وئي آهي
    جيڪا اڪثر ڪري تو جهڙو لِباسُ پائيندي هئي
    مون ڊائريءَ ۾ گلَ رکڻ به ڇڏي ڏنا آھن،
    منھنجين انھن ڪوڙين ڳالھين تي
    ٻيو ڪو ئي يقين ڪري نه ڪري
    پر مونکي پَڪَ آهي
    تون ضرور يقين ڪندينءَ ...


    تنھنجا ٽھڪَ ٻُڌئي ورهيه ٿي ويا آھن

    تنھنجا ٽھڪَ ٻُڌئي ورهيه ٿي ويا آھن

    اکڙين جي اڌ کليل آسمان تي
    لڙڪن جا ڪارا ڪڪر اوچتو چڙهي آيا آهن
    ۽ منھنجي وجود جا سمورا منظر ناسي رنگ ۾ رنگجي ويا آهن
    تنھنجا ٽھڪَ ٻُڌئي ورهيهَ ٿي ويا آهن
    تو سان هڪ وار ٽڪرائجي
    شيشي جيان
    ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوڻ لئه
    من چاهي ٿو
    پر مونکي پتو آهي ته
    مان توکان
    پوءِ ڪڏھن به سهيڙجي نه سگهندس
    تو ته مون کي
    ڪنھن ناول جيان
    اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آهي
    ۽ آنءُ ان جي ڪنھن اڌ پڙهيل پني جيان
    اڄ به مُڙيل ئي آهيان
    ۽ هڪ اهڙي وعدي جيان اداس آهيان
    جنهن کي تو عيد تي به پورو نه ڪيو


    تنھنجا ٽھڪَ ئي منھنجي زندگي آھن

    تنھنجا ٽھڪَ ئي منھنجي زندگي آھن

    مان سوچيان ٿو
    تنھنجين انھن ڳالھين تي
    جن جي ڪري
    مان تنھنجي ويجھو ٿيو آهيان
    مان سوچيان ٿو
    تنھنجي ان سخت قسم جي چھري تي
    جنھن ۾
    منھنجون اکيون وڃايل آھن
    مان سوچيان ٿو
    انهن ٽهڪن تي
    گھرو ڪم ڪار مان
    جلدي واندي ٿي
    جيڪي تون مون سان
    موبائل فون تي ونڊيندينءَ
    تنھنجا اُهي ٽھڪ ئي
    منھنجي زندگي آھن.....


    مصنوعي چهرو

    مصنوعي چهرو

    مان نظمن ۾ پناھَ وٺان ٿو
    نظم منھنجي لڙڪن جي
    سام جهلينِ ٿا
    مان مرڪ کان
    پاسيرو شخص آھيان
    ۽ روشنيءَ جي راھَ کي ڏٺي
    سال ٿي ويا آهن
    مون ته ڳوٺ جون شامون به
    وساري ڇڏيون آھن
    شھر جي بيرحم دونهين
    منهنجي چهري کي
    مصنوعي بڻائي ڇڏيو آهي


    اُس تي به سوچڻ ڇڏي آ ڏنو

    اُس تي به سوچڻ ڇڏي آ ڏنو

    مون کان زندگيءَ جو سڪو
    نٿو سنڀالجي
    نه ئي مان
    نوان خواب ڏسڻ جي سگهه رکان ٿو
    مون ته
    اُسَ تي به سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي
    اُسَ، جنھن جو
    مون سان ھڪ عجيب ويرُ رھيو آ
    مون جڏھن جڏھن به تنھنجن وارن جي
    ٿڌي ڇانوَ جي خواھش ڪئي ته
    تيز اُسَ
    مون ڏي ڊوڙندي هلي آئي


    حنا لوڌيءَ جي نالي ھڪ نظم

    حنا لوڌيءَ جي نالي ھڪ نظم

    ھي سينواريل سماج
    ھي گنديون ريتون رسمون
    ھي آسماني وسعتن کان به وڏا بڇڙا ذھن
    سڀ تُنھنجي مُنڍي لاھڻ جي چڪر ۾
    اڳڀرا ئي ھوندا
    او نياڻي حنا !
    توکي خبر ته ھوندي
    ته هتي سچائيءَ جي
    ڪائي اھميت ناھي
    هتي هر ڪنهن کي
    ڪوڙين انائون ئي عزيز آهن
    جنھن جي ڪري
    عزيزين نياڻين جون به
    منڍيون لاٿيون وينديون آھن
    ۽ سندن ڌڙ پاڻيءَ جي حوالي ڪيا ويندا آھن.....


    ڪراچيءَ لاءِ لکيل ھڪ نظم

    ڪراچيءَ لاءِ لکيل ھڪ نظم

    شھر جون شورَ ڀريون حياتيون
    بيوفاين جا سڀ رستا
    پاڻ سان کڻي ھلن ٿيون
    شھر جون مصروفيتون
    وقت لاءِ
    ضرب جي نشانيءَ جيان آھن
    شھر جي ڇوڪرين جا لڙڪ
    ميڪ اپ جي تھن ۾ دٻجي وڃن ٿا
    ۽ انهن جي عشقن تي
    ڪو تعجب نٿو کائي
    شھر کي
    پنھنجي ماڻھن جي مزاجن جي
    پوري پوري سڌ پئجي چُڪي آھي.


    گھنجن کان پاڪ چھرو

    گھنجن کان پاڪ چھرو

    مان نظم لکان ٿو
    نظم ۾ کل جھڙيون ڳالھيون شامل آھن
    کل
    تنھنجي چھري تي سدائين ڇانيل رھندي آهي
    ۽ منھنجو چھرو
    درد جي ڪري
    بک جي ڪري
    اوجاڳي جي ڪري
    گھنج ھڻي ويو آهي
    مان گھنجن واري چھري سان
    کلي نٿو سگھان
    ڇو ته کلڻ لاءِ
    گھنجن کان پاڪ چھرو کپي ٿو


    صائمه جي نالي نظم

    صائمه جي نالي نظم

    سڄو لاڙڪاڻو
    سڪون جي ننڊ ۾ آھي
    ھڪ ڪنڊيڪٽر
    ۽ سندس زال جاڳي رهيا آهن
    جاڳ
    صائمه جي پيءُ ماءُ کي
    مقدر ۾ ملي آھي
    ۽ غريب جو مقدر به
    اڄ جو وڏي ۾ وڏو ڀوڳ آھي
    ڌيئرون
    خدا جون خوبصورت تخليقون آھن
    جن کي
    شيطان جا ڀائرَ
    بگاڙيندا رهن ٿا
    ۽ پوءِ
    هڪ ڪنڊيڪٽر
    ۽ سندس زال جاڳندا ئي رهن ٿا.


    انڪارَ جي خزان

    انڪارَ جي خزان

    مونکي توسان بھار جي
    ڪنھن شام جو ملڻو ھو
    پر تو
    انڪار جي خزان سان
    مونکي اڻ مندائتو ئي ڇاڻي ڇڏيو
    ان ڏينھن کان
    ھن مھل تائين
    خزان منھنجي وجود سان
    چنبڙيل رھي ٿي ……
    اھا ڪالهه جي ئي ته ڳالھه آھي
    تون
    مون کان
    اڌ ڏينھن رٺي ھئينءَ
    مان اڌ ڪتاب جيترا نظم لکي ويو ھوس
    ۽ اڄُ جڏھن
    تنھنجو
    مون سان ٺاھُ ٿيو آ
    ته نظم مون کان رسي ويا آهن.


    پريشانيون

    ھوءَ جڏھن مون کان
    بي سبب رسندي آهي ته
    مان پريشانين جو مرڪز ٿي ويندو آهيان
    پريشانيون جيڪي مون سان
    ھميشه پاڇي جيان ئي رھيون آھن
    پريشانيون جيڪي
    کٽڻ جو نانءُ ئي نٿيون وٺن
    پريشانيون ……
    پريشانيون ……
    گھر جون پريشانيون
    زندهه رھڻ جون پريشانيون
    ۽ ھن جون پريشانيون پڻ
    منھنجي حصي ۾ ئي ته اينديون آھن.


    ڪوشش

    ڪوشش

    مان اڪثر ڪري
    پنھنجو پاڻ سان
    ڪاوڙيل رھندو آهيان
    ان ڪاوڙ کي ھٿي ڏيڻ ۾
    منھنجي روئڻ جو وڏو ڪردار ھوندو آهي
    ۽ تون
    بنان ڪنھن پرواههَ جي
    منھنجي ڪاوڙ ۽ مونکي
    سدائين اگنور ئي ڪندي رهندي آھين
    اھڙي سوڳوار صورتحال ۾
    منھنجي ڪاوڙ ھاڻ
    ان منزل تي وڃي پھتي آھي ته
    مان آئنده روئڻ بجاءِ ڪوئي نظمَ لکندس

    ۽ ايئن توکي وسارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس
    پر مونکي اها به پڪ آهي ته
    ”ڪوشش“ ئي رھجي ويندي.


    ڳالهيون

    ڳالهيون

    تون ڀلي رُس
    پر توکي پرچائڻ جو سليقو
    ھاڻ مونکي نٿو اچي
    مان تنھنجي جي گهر گھٽيءَ ڏانھن
    ڀلجي به ناھيان نھاريندو
    تنھنجو نئون موبائل نمبر ياد رکڻ
    منھنجي لاءِ ڪا اھميت نٿو رکي
    مان تنھنجي لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ
    کي وقت جو زيان سمجھڻ لڳو آهيان


    ڳوٺ

    اڄُ ڳوٺ وڃبو
    ڳوٺ جي شام ڏسبي
    ڳوٺ جي حسن کي اکين ۾ اوتبو
    ڪجهه گھڙيون ”ھن“ سان به سڪارتيون ڪبيون
    بابا سائينءَ سان
    ابل واهه جي ڪپر تي ويھي
    گھرو حالتن تي رنجيدہ ٿبو
    ڪجهه چميون ڏبيون ۽ وٺبيون
    پياري *اقبال سان گڏجي
    ڪائي آرٽ مووي ڏسبي
    ڪجهه دوستن جون گلائون ڪبيون
    ۽ ڪجهه دوستن جون ڪوڙيون تعريفون
    اڄُ جڏھن ڳوٺ وڃبو
    سڀ کان پھرين
    امان جي قبر تي وڃبو
    قبر ڀرسان پکين لاءِ داڻو رکبو
    منھنجي امڙ
    پکين سان محبت ڪندي هُئي
    اڄ جڏهن ڳوٺ وڃبو
    ته ڪنهن اهڙي ئي
    پکيءَ جو روپُ ڌاري وٺبو.....

    * منهنجو پيارو دوست محمد اقبال سولنگي


    ڊائري

    ڊائري

    مون سڀ سوال
    تنھنجي رئي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيا آھن
    ڪجهه ڳالھيون
    تنھنجي در جي ڪڙي ۾ لٽڪائي آيو آهيان
    ڪجهه اظھار
    تنھنجي ان ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏيا اٿم
    جيڪا ڊائري توڙي جو پراڻي ۽ بيرنگ آھي
    پر جڏھن به تون
    ان کي ھٿ ۾ کڻندي آهين
    رنگين ٿي ويندي آهي


    امڙ جيجل جي نالي

    امڙ جيجل جي نالي

    مان قبرستان ۾
    پنھنجي دل
    پنھنجي جيجل امڙ جي
    پيرن ۾ دفن ڪري آيو آهيان
    منھنجي امڙ
    جا سدائين چوندي ھئي ته :
    ” پٽ ! عمر دراز ماڻين “
    پر اي منھنجي جيجل !
    مان پنھنجي اهڙي ”عمر دراز“ ڪاڏي ڪيان؟!
    جنھن عمر ۾
    تون مون سان گڏ نه آهين....


    گُلابي ڪَپڙا

    گُلابي ڪَپڙا

    مون ھڪ نظم ۾
    پناھ ورتي آهي
    نظم، جيڪو مون
    گذريل ملاقات ۾
    تنھنجي وڃڻ کان پوءِ لکيو ھو
    جنھن نظم ۾
    تنھنجي گلابي ڪپڙن جو پڻ ذڪر آھي
    تنھنجا گلابي ڪپڙا
    جن جو رنگ
    مون موسم کي چورائيندي به ڏٺو آھي.


    موڊي ڇوڪري

    موڊي ڇوڪري

    ھوءَ سخت قسم جي
    موڊي ڇوڪري آهي
    ڪڏھن ته سال جا سڀ ڏھاڙا
    ياد ڪندي آهي
    ۽ ڪڏھن
    سالن جا سال سار به ناھي لھندي
    آءُ ھن موڊي ڇوڪريءَ سان
    ان وقت ويجھو ٿيو ھوس
    جڏھن خزان جي موسم ۾
    ھوءَ گلابن جيان ٽڙي پئي ھئي
    اڄُ جڏھن منھنجي مٿان
    اڻ مندائتي خزان جي موسم حاوي آ
    آنءُ ھن موڊي ڇوڪريءَ بابت ئي سوچيان ٿو ته:
    محبت ۾
    پاڻ ارپڻ وارو موڊ
    ھن الائي ڪنھن کان سکيو آھي ؟


    جڏهن تون يادِ آئي هوندينءَ !

    جڏهن تون يادِ آئي هوندينءَ !

    چانهه جو ڪوپ ھٿ مان ڪريو ھوندو
    شرٽ جو ٽٽل بٽڻ
    ٽٽل ئي رهيو ھوندو
    گھڙيال جي سُئيءَ جي ٽڪ ٽڪ جي ترتيبَ سان
    اکين مان ٽپ ٽپ ٿي ھوندي
    پنھنجو پاڻ
    ڪلهه کان وڌيڪَ تنھا لڳو ھوندو
    مرڪ ميراڻ ۾ تبديل ٿي ھوندي
    ديوار ۾ لڳل تصوير
    وري وري ڏٺي ھوندي
    جڏھن تون ياد آئي هوندينءَ !


    زندگيءَ تان رٽائرمينٽ

    زندگيءَ تان رٽائرمينٽ

    مون اڌ ننڊ جھڙو نظم لکيو
    جنھن تي پھريون اعتراض تو ئي واريندي چيو ته:
    ”تنھنجي ننڊ ڦٽائڻ کان پوءِ
    مون هميشه
    پوري ننڊ ڪئي آهي
    ڪاش !
    زندگي به
    ڪنھن سرڪاري نوڪريءَ جيان ھجي ها
    جنھن تان جڏھن به چاھجي ھا
    رٽائرمينٽ وٺي سگھجي ھا


    اڌورو پيارُ

    اڌورو پيارُ

    تون مونکي
    منھنجي ڪنھن به سوال جو
    پورو جواب ناھي ڏنو
    اڌورو پيار
    ۽ اڌورا سوال ئي
    منھنجو سرمايو آھن
    ڇو ته
    مان اڌورو ماڻهو آهيان


    عجيب طبيعت

    عجيب طبيعت

    دشمنن کي دوسٿ ٿا سمجھون
    بيوفائيءَ کي
    وفا جي تسلسل ۾ ٿا آڻيون
    ڪنھن جي ڪُوڙي مرڪ تي
    وڏا وڏا نظم لکي ٿا وٺون
    خنجر ھڻندڙن کي مسيحا ٿا ڀانئيون
    پنھنجي به ڪيڏي نه عجيب طبيعت ٿي وئي آهي
    توکي اڄُ به
    وساري ناھيان سگھيو
    توڙي جو تون وساري به چڪي آهين
    وسارڻ جي بدلي ۾ ياد رکڻ
    عجيبَ طبيعت جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو


    تلاشي

    تلاشي

    ڪالھه جا
    درد جي نشاني تي ھئي
    اڄُ سا دل خوشيءَ ۾ ماپي نٿي

    اَڄُ ڪنهن بهاني سان
    تون
    منهنجي ڪمري ۾ اچڻي آهين
    منھنجي ڪمري جي
    تلاشي ضرور ورتيون وڃجانءِ!
    سواءِ تنھاين جي
    توکي ٻيو ڪجھه به نه ملندو


    تنھاين جو ديس شاعر جي دل ھوندي آ هي

    تنھاين جو ديس شاعر جي دل ھوندي آ هي

    منھنجي خواھش ھئي ته
    تنھنجن لفظن جي ٽارچر سيل مان
    فرار حاصل ڪيان
    ان وچ ۾
    تو مون کان
    طنزيا انداز ۾ پڇيو ھو ته:
    تنھاين جو ڪھڙو ديس ھوندو آ؟؛“
    مان ٿڌو ساھ ڀريندي
    صرف ايترو ئي چئي سگھيو ھوس ته:
    ”تنھاين جو ديس
    شاعر جي دل ھوندي آهي“


    ٽهڪن جي دنيا

    ٽهڪن جي دنيا

    بيقراري
    ڄڻ سمنڊ جي ڀيڻ آھي
    جا دل کي پائيندي ٿي وڃي
    دل
    دربدريءَ جي دڳ تي
    ڪنھن لاوارث لاش جيان
    بس پيل ئي رھي ٿي
    رستي ويندڙ کيس ڏسي
    مُنهن ڦيرائي ٿا ڇڏن
    مان سوچيان ٿو
    ٽھڪن جي دنيا
    منهنجي پهچَ کان ڪيترو پري آهي؟!


    عارضي تعلقن جو ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏنو آ

    عارضي تعلقن جو ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏنو آ

    تنھنجي بيرخيءَ تي
    ھاڻ اکيون آليون ناھن ٿينديون
    تون منھنجو نمبر بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيندي آهن
    منھنجون آڱريون
    تنھنجو نمبر ڊائل ڪندي
    اجنبيت جي احساس ۾
    وڪوڙجي وينديون آھن
    جڏھن تون
    ڪيترائي ڏينھن نه ملندي آهين
    تڏھن به ڪوئي ڏک ناھي ٿيندو
    ڇاڪاڻ ته مون
    عارضي تعلقن جو
    ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.


    دِل

    دِل

    گھڻن ڏينھن جو ذڪر آھي
    مان پنھنجي دل
    تنھنجي در تي وساري آيو هُيس
    ۽ هاڻ
    مان پنھنجو پاڻ کي ئي
    ياد ناھيان رهيو


    عجيب ڇوڪري

    عجيب ڇوڪري

    مان چريائپ جون
    سڀ حدون ڪراس ٿو ڪيان
    تون
    بيرخيءَ جي حد مان
    ٻاھر نٿي نڪرين
    مان سڪ کي سون ٿو سمجھان
    تون عاشقيءَ کي
    چانديءَ جي اگهه ۾ ٿي کپائين
    مان اکين کي
    اوجاڳو بخشيو آهي
    توکان دانھن کي ورنائڻ جو
    ٿورڙو به خفو نه ٿو پُڄي
    ڪيڏي نه عجيب ڇوڪري آهين!


    ڏک جو فرق

    ڏک جو فرق

    تنھنجي ۽ منھنجي ڏک ۾
    وڏو فرق آھي
    مان تنھنجي ھڪڙي طعني تي
    ھزارين دفعا سڏڪي پوندو آهيان
    ۽ تون پنهنجي هر بيوفائي
    وڏي فخر سان بيان ڪندي آهين
    مان
    محبت جي ڀرم خاطر
    پاڻ کي روز پرچائيندو آهيان
    روز پاڻ کي آٿت ڏيندو آهيان ته
    تنھنجي ۽ منھنجي ڏک جي وچ ۾
    وڏو فرق آھي


    خبر ناھي !

    خبر ناھي !

    ھڪ دفعي
    تو ”خبر ناھي!“
    جو راڳ گھڻو آلاپيو ھو
    مون توکي چيو:
    ”بھار اچي ويو آهي
    اچ ته
    گلن وانگر ٽڙي پئون“
    موٽ ۾ تو
    خزان جون ئي ڳالھيون ڪيون هيون
    گذريل رات
    مون توکي
    حد کان وڌيڪ ساريو
    ۽ توکي لکيو:
    ” جڏھن فرصت ملئي ته ياد ڪجانءِ!“
    تون ايس ايم ايس کي ڊليٽ ڪرڻ کان اڳ
    لکي موڪليو:
    ”خبر ناھي“ توکي
    فضول ڳالھين لاءِ وقت ڪيئن ٿو ملي؟!“


    دل سان ناانصافي

    مان توسان جڙيل
    سڀ حق ۽ واسطا، رابطا
    ضرب جي لِيڪُن جي ور ٿو ڪيان
    مون توکي
    گھڻو سَٺو
    گھڻو ٻڌو
    پر جڏھن تون
    ھڪ شاعر جي دل جي تنھائي
    صفا سمجھي نه سگھينءَ
    تڏھن مون شدت سان محسوس ڪيو ته
    ھاڻي تعلق جي ٽُٽڻ تي روئڻ
    دل لاءِ
    ناانصافيءَ جو نئون جھان اڏڻ برابر ٿيندو


    خوابن جو اسٽيٽس

    خوابن جو اسٽيٽس

    پريشانيءَ جي عمر
    آسمان جي ايراضيءَ کان وڏي ٿيندي آهي
    دل جي بيماري
    لڙڪن آڏو
    ڪا خاص اھميت نٿي رکي
    ۽ نه ئي مان تو وانگر
    موت کان ڊڄندو آهيان....
    ھا پر
    مان وڇوڙي کان ڊڄي
    پنھنجن خوابن تان ھٿ کڻي ويندو آهيان.....

    تو ڪڏھن محسوس ڪيو آهي ته
    مان سدائين پنھنجن خوابن جي خلاف ڇو ھوندو آهيان ؟
    شايد ان ڪري جو
    تنھنجن ۽ منھنجن
    خُوابن جي سماجي اسٽيٽس ۾
    وڏو فرق آھي.


    خفا ـــ خفا

    خفا ـــ خفا

    اڄوڪو ڏينھن به عام ڏينھن جيان گذري ئي ويو
    ھن مھل تائين
    تو مونکي ان ڪري ياد ناھي ڪيو
    جو توکي پنھنجن خفن مان
    ڪا فرصت ئي ڪانھي
    تنھنجا خفا ڪيڏو نه ڪمال جا آهن
    پينٽنگ ڪرڻ وقت
    تون پنھنجي مرڪ
    پينٽنگ ۾ درج ڪندي آهين
    ۽ پوءِ
    ڪوڙي مرڪ چپن تي سجائي
    ٽي وي تي مارننگ شو ڪندي
    جڏھن منھنجا نظم پڙھندي آن ته
    منھنجو نالو کڻڻ به پسند ناھين ڪندي
    ڇاڪاڻ ته
    تون اڪثر چوندي آهين ته :
    مان ئي تنھنجي
    خفا خفا رھڻ جو اصل ڪارڻ آھيان.


    هُن جي جنم ڏينهن تي

    هُن جي جنم ڏينهن تي

    مونکي ھڪ ڪھاڻي لکڻي آهي
    جنھن ۾ ھڪ راڻيءَ جو ذڪر ڪرڻو آهي
    راڻي
    جيڪا مونکي حد کان وڌيڪ
    برداشت ڪندي
    اڻ ميو پيار ڏيندي آهي
    اھا راڻي واقعي ئي راڻي آھي
    جنھن کان رسندو آھيان ته
    پاڻَ ئي پرچائيندي آھي
    جيڪا راڻي
    مونکي جيئڻ جا دڳ ڏيکاريندي آهي
    سڀاڻي تنھن راڻيءَ جو
    جنم ڏينھن آھي
    آءُ سوچيان ٿو
    ھن راڻيءَ کي
    سندس جنم ڏينهن تي
    ھڪ سچ ٻڌايان ته
    آنءُ زندگيءَ ۾ بي ترتيب شخص رھيو آهيان
    ۽ تو
    پنهنجي سڪ جي ترتيب سان
    منھنجي ساھن جي سوڙھ ختم ڪئي آهي
    سو اي راڻي !
    تنھنجي جنم تي
    ڪجهه بي ترتيب لفظ
    تنھنجي پلوَ ۾ ٻڌندي
    يقين سان چوان ٿو ته:
    پيار ڪندڙ راڻي
    ڪڏھن به بيوفائيءَ جي موسم جو
    شڪار ناھي ٿيندي......


    محبت جو ڏينھن

    محبت جو ڏينھن

    زندگيءَ جي ڏکين گھڙين ۾
    تون مونکان
    جيئڻ جا سڀ سانگ کسي ورتا
    ۽ آنءُ
    پنھنجي دل جھڙي
    ٿڪل زمين تي
    پاڻ روليان ٿو پيو
    رلندي رلندي
    منھنجا پيرَ
    ان ڪري به نٿا ٿڪجن
    جو ھنن پيرن کي
    تنھنجي گھر جي
    چانئٺ چمڻ جو ھڪ دفعي موقعو مليو هو
    ڀلا اھا خبر اٿئي
    سڀاڻي ”محبت جو ڏينھن“ آهي
    پر آءُ سوچيان ٿو
    ھيءُ ڏينھن
    منھنجي ڪھڙي ڪم جو؟!
    جنھن ڏينھن تي به
    تون، مون کان جدا ھوندينءَ
    ۽ آنءُ ساري دنيا کان خفا ھوندس


    هڪ پُراڻو نظم

    هڪ پُراڻو نظم

    اڄ الائي ڇو من گھري ٿو ته
    بادل کي مکڻ جو چاڻو بڻائي
    چنڊ جي مانيءَ تي رکي رجندو ڏسجي
    ڪجھ لمحن لاءِ ئي سهي
    هن کي وفا جو پيڪر محسوس ڪجي
    جذبن جي لنڊي بازار مان
    دل جي روپ وارو رانديڪو خريد ڪري
    هن کي گفٽ ڪجي
    ۽ فرض ڪجي ته موٽ ۾ هوءَ
    گاريون نه ڏيندي
    روز ملندڙ دوست کي بي سبب ڪا ميار ڏجي
    ۽ فون آف ڪري ڇڏجي
    نئين محبوبا کي هن بي وفا جي اڳيان
    ڪينڊل لائيٽ ڊنر ڪرائي
    هن جي چهري جي ڪاوڙ کي انجواءِ ڪجي.
    اڄ الائي ڇو من گھري ٿو ته
    هن کي ٻڌائي ڇڏجي ته هن کان سواءِ به
    هي جنم گذاري سگهجي ٿو...


    ماضيءَ جو قصو

    ماضيءَ جو قصو

    چپن جي وچ ۾
    ڀيڪوڙيل ڳالهه
    جڏهن ٻاھر نڪتي ته
    ان وقتَ تائين
    تو
    پنھنجي نئين زندگي
    شروع ڪري ڇڏي ھئي
    ۽ آنءُ
    پراڻي زندگيءَ کي
    نئون ڪرڻ جي چڪر ۾
    بيوفائيءَ جي بازار ۾
    ماضيءَ جي ڪنھن قصي جيان
    دفن ٿي چُڪو هُيس


    آنءُ تڪڙي مزاجَ جو ماڻهو آهيان

    آنءُ تڪڙي مزاجَ جو ماڻهو آهيان

    آنءُ،
    تڪڙي مزاج جو ماڻھو آھيان
    تون نفرت جو اظھار
    ھڪ دفعو نه
    پر سوين دفعا ڪندين آهين
    تون ڪلاسڪ انداز واري
    محبت کان اڻ ڄاڻُ آھين
    منھنجي وارن جي سفيدي
    منھنجي ناچاڪيءَ
    جو وڏو ثبوت آھي
    تون منهنجن خدشن ۽ خيالن کي
    ھڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ڪري ڇڏيندي آهين
    شايد انهيءَ ڪري جو
    آنءُ تڪڙي مزاج جو ماڻھو آھيان“


    غير ذميداريءَ جو خنجر

    غير ذميداريءَ جو خنجر

    تون طبيعتن
    غير ذميوار ئي رھي آھين
    مون سان صبح جو
    ملڻ جو واعدو ڪندي ھئينءَ
    ۽ شام جو ظاھر ٿيندي ھئينءَ
    گذريل ڀيري
    توکي منھنجي سالگرهه
    سيليبريٽ ڪرڻ جو خيال آيو
    ۽ تو
    مبارڪ سان گڏ مٺائي موڪلي
    غير ذميدار ذميداريءَ جو
    عجيب مظاھرو ڪري ڇڏيو
    حقيقت ۾ اهو ئي ڏينهن ئي ته هيو
    جنهن ڏينهن
    مون کي، تنهنجي اچڻ جو انتظار هيو
    انهيءَ ڏينهن کان پوءِ
    مون پنهنجي سالگرهه نه ملهائڻ جو
    انهيءَ ڪري به فيصلو ڪيو آهي
    جو تنھنجي غير ذميداريءَ جو خنجر
    منھنجي ڪک مان نڪري ئي نه ٿو


    بُکَ

    بُکَ

    مون گذريل رات
    ”بک“ تي
    ھڪ نظم لکڻ جي
    ڪوشش ڪئي _
    پر
    نه لکي سگھيس
    ڇاڪاڻ ته
    ان وقت
    منھنجو پيٽ ڀريل ھو


    واعدن جي ڳوٺَ ۾

    واعدن جي ڳوٺَ ۾

    توکي ياد ھئڻ گھرجي ته
    مون ھر موسم ۾
    توکي ئي ترجيح ڏني آهي
    ۽ اڄُ تائين
    واعدن جي ڳوٺ ۾
    تنھنجي بيوفائيءَ تي
    وفا جا ڪک ئي رکيا ھن
    وفا
    جيڪا تو وٽ
    صفا سستي بڻجي وئي آهي


    خواھش

    خواھش

    منھنجي خواھشن جي مختصر لسٽ ۾
    ھَڪَ خواھش اھا به آھي ته
    مان توسان
    ڪنھن ٿڌيءَ شامَ ويلي
    سمنڊ ڪناري
    توسان گڏ گرم چانهن پيئان
    تون
    شام جو ان ڪري به
    ياد ناھين ڪندي
    جو تون
    اڪثر شام جو
    ٽي ويءَ تي اُھو ڊرامو شوق سان ڏسندي آهين
    جنھن ڊرامي جي
    ڪنھن به منظر ۾
    شام جو پھر شامل ناھي


    عشق

    عشق

    تون منھنجن
    نون پراڻن نظمن تي
    ھڪ راءِ ڏيندي چيو ھو :
    ” روشن !
    تنھنجن نظمن ۾
    موت جو ذڪر گھڻو ھوندو آهي.....“
    مون وراڻيو ھيو :
    ” توسان عشق ڪرڻ
    پَلُ پَلُ مرڻ کان گھٽ ھرگز نه ناھي“.



    تون سدائين تماشَن ۾ خوش هوندي آهين.....!

    تون سدائين تماشَن ۾ خوش هوندي آهين.....!

    مڃان ٿو ته ملڻُ
    ملي، وري ڇڄڻُ
    اھي سڀ مقدر جا تماشا آھن
    ۽
    تون
    سدائين تماشن ۾ خوش ھوندي آهين
    اھو ڄاڻڻ کان سواءِ ئي ته
    تماشو ٿيندڙ
    نه ماضيءَ جو رھندو آ
    نه ئي حال جو
    ۽ ايندڙ وقت به
    ان لاءِ تماشو ئي ثابت ٿيندو آهي


    ڇا مونکي اجازت ڏيندينءَ ؟ !

    ڇا مونکي اجازت ڏيندينءَ ؟ !

    ڇا مونکي اجازت ڏيندينءَ
    ته مان
    ڪجهه پل ننڊ کي ڏيان؟!
    ننڊ جيڪا
    تنھنجي بيرخيءَ کان پوءِ
    مون کان بلڪل موڪلائي وئي آ
    ڇا مونکي اجازت ڏيندينءَ ؟
    ته مان
    پنھنجي گھرواريءَ جو جنم ڏينھن
    سيليبريٽ ڪيان؟!
    ڇاڪاڻ ته
    تنھنجي وڇوڙي کان پوءِ
    مون کان ته منھنجو
    جنم ڏينهن به وسري ويو آھي
    ڇا مونکي اجازت ڏيندينءَ
    ته منافقت کان ڪم وٺندي
    پنھنجي تَڪَ جي
    سياستدان جي شان ۾
    وڏا وڏا قصيدا لکي
    پنھنجي پٽ جي لاءِ
    ننڍڙي گريڊ واري
    نوڪريءَ جو آرڊر وٺان؟؛!
    منهنجو پُٽ
    بيروزگاريءَ سبب
    مون کان به وڌيڪ پوڙھو ٿي ويو آهي
    ڇا مونکي اجازت ڏيندينءَ
    ته پنهنجي پُٽَ جي
    جوانيءَ کي بچائڻ لاءِ
    مان، پنهنجو پاڻَ کي ماري ڇڏيان؟!


    بيو قوفيءَ جو مظاھرو

    بيو قوفيءَ جو مظاھرو

    مان منافقت جي بازار ۾
    سچ کي ڳولي رهيو آهيان
    مان به ڪيڏو نه چريو آهيان
    مان توکي ڪجھه
    ٻڌائڻ به گھران ٿو
    اسان جي سوسائٽيءَ ۾
    عورت جي وفا
    ٽڪي ڌڙيءَ وڪامي ٿي
    پر مان پوءِ به
    تنھنجي بيوفائيءَ جو بار کڻي
    حيرانگيءَ جي حد تائين
    بيوقوفيءَ جو مظاھرو ڪندو آهيان


    مون توکان وڇڙي
    پنھنجي لاءِ ھڪ قبر ٺھرائي ھئي
    قبر جي انهيءَ ٽُڪري تي به
    ھڪ سرڪاري ڪاموري
    قبضو ڪري ڇڏيو آهي
    مون ته اھو نظم به ڦاڙي ڇڏيو
    جيڪو تنھنجي معصوميت تي لکيو ھيو

    مون
    روئڻ سان به
    دلچسپي گھٽائي ڇڏي آهي
    روئڻ
    صرف مون کي ئي
    ميراث ۾ ته ناهي مليو.


    رَئي جي پاندَ ۾ ٻڌل نظم

    رَئي جي پاندَ ۾ ٻڌل نظم

    تون آسانيءَ سان
    محسوس ڪري سگھين ٿي
    سمجھي سگھين ٿي
    ان ڪري
    توکي سڀ ڪجھه ٻڌائڻ
    ضروري به ڪونھي
    ته مان
    سمھڻ کان اڳ
    دل کولي روئيندو آهيان
    نااميديءَ کي
    ڳلي ۾ لٽڪائي
    پوڙھيءَ دل کي
    وڏا وڏا طعنا ڏيندو آهيان
    تنھنجي ڪيل سڀني واعدن تي
    روز نئون نظم لکندو آھيان
    هڪ ڏينهن اهي نظم
    تنهنجي رئي جي پاند ۾ ٻڌي ڇڏيندس !


    رنجش نالي

    رنجش نالي

    تون الڳ ٿيندي آهين ته
    سڀ چھرا اوپرا ٿي ويندا آھن
    موسم ڪھڙي به ھجي
    مون تي ڪو فرق نه پوندو آهي
    تون الڳ ٿيندي آهين ته
    مان خوشين ۽ خواھشن کان لاتعلق ٿي ويندو آهيان
    تون الڳ ٿيندي آهين ته
    وڇوڙو
    ”مريم توپ“ جيان بڻجي ويندو آھي
    جنھن جو رخ سدائين
    منهنجي دِل ڏانھن ئي ھوندو آهي .


    احترام

    تون چوندي آهين:
    ”شاعر،
    حوالي،
    ڪم جا نه ڪارَ جا.....“
    تون چوندي آهين:
    ”شاعر
    چانهه جي ڪپ تي
    ملڪُ فتح ڪري ويندا آھن“
    تون چوندي آهين:
    ”شاعر
    سڙيل تيلين تي به
    ساھُ ڏيندا ھِنِ“
    تون چوندي آهين:
    ”شاعر
    پراين ورسين تي
    پنھنجو سورُ پٽيندا آھن“
    تون کلندي، کلندي
    الائي ڇا مان ڇا چئي ويندي آهين
    پر مون هميشه
    تنھنجن سڀني راين جو احترام ئي ڪيو آھي.


    ڪو به غصو ڪرڻ وارو ڪو نه ھو

    ڪو به غصو ڪرڻ وارو ڪو نه ھو

    مان توسان
    ان ڪري به بحث ناھيان ڪندو
    جو مان توکي دليل ڏئي ناهيان سگھندو
    گُذريلَ رات
    آرٽ فلم ڏسندي
    ”*حبيب ساجدَ “ جا نظم پڙھندي
    ٺريل چانھه پيئندي
    توکي ان ڪري به ساريو ھيو
    جو مون مٿان سرديءَ ۾
    ٺريل چانھه پيئڻ تي
    ڪو به
    غصو ڪرڻ وارو ڪو نه ھو
    (*حبيب ساجد: نثري نظمَ جو سُهڻو شاعِرُ ۽ دوستُ)


    فضول ڪمَ

    فضول ڪمَ

    مونکي توسان گڏ
    نئين فلم ڏسڻي ھئي
    فنگر چپس کائڻيون هيون
    تنھنجون آرٽسٽڪ آڱريون
    چمڻيون ھيون
    ٽي وي اسٽوڊيو مان نڪرڻ مھل
    تنھنجن ڳاڙھن چپن تي
    پنھنجا خشڪ چپ رکڻا هُئا
    پر تون
    منهنجيون سڀ سوچون
    منھنجا سڀ خيالَ
    ھڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ڪري ڇڏ يا
    ”مونکي فضول ڪمن لاءِ
    وقت ڪونھي“.


    شڪايت

    شڪايت

    توکي
    مون کان شڪايت آهي ته
    مان توکان وڌيڪ وقتُ
    آفيس
    ڪتابن
    نظمن
    ۽ ڪالمن جي
    ڪمپوزنگ کي ٿو ڏيان
    پر خبر اٿئي
    انهن سڀني ڪمن ۾
    مان توکي ئي
    ڳوليندو رهندو آهيان .


    تو وٽ برابريءَ جو ڪيڏو نه فقدان رھيو آھي!

    تو وٽ برابريءَ جو ڪيڏو نه فقدان رھيو آھي!

    مان توکي خزان ۾ ياد ڪندو آهيان
    تون منھنجي لاءِ
    بهار ۾ به خزان ثابت ٿيندي آھين
    مان خواب ۾
    توکي ئي ڏسڻُ
    پسند ڪندو آهيان
    تون کليل اکين سان به
    مونکي ناھين ڏسندي
    سماج سان برابريءَ جي جذبي تحت
    مون گذريل رات
    کير ۾ پاڻي ملائي پي ڇڏيو
    افسوس !
    تو وٽ برابريءَ جو
    ڪيڏو نه فقدان رھيو آھي !


    محبت ڪيڏي نه عجيب ماجرا آھي

    محبت ڪيڏي نه عجيب ماجرا آھي

    جڏھن توکي ڇڏڻو ئي آھي
    ته پوءِ
    بھانن جي بدبوءِ ۾
    پناھَ ڇو ٿي وٺين؟!
    مون چيو :
    ”نيٽ ورڪ پرابلم آ
    آواز سمجهه ۾ نٿو اچي
    ٽيڪسٽ ڪر !“
    تون ڪيڏي نه
    بيرخيءَ سان چيو :
    ”مونکي ٽيڪسٽ ڪرڻ پسند ناھي“
    مون چيو :
    ”محبت به ڪيڏي نه عجيب ماجرا آھي“
    تو چيو :
    ”عجيب دراصل تون آھين“


    احساس

    احساس

    تون ڪھڙن احساسن جي
    ڳالهه ٿي ڪرين؟!
    توکي خبر آھي
    ته توکي چوڙيون ڏيڻ وقت
    منھنجا احساس ڪيڏا نه رنگين ھئا؟!
    ۽ جڏھن تون
    مونکي واچ ڏني هُئي
    ان وقت منھنجي
    احساسن مٿان
    غم جو پهر ڇائنجڻ لڳي ھئي
    ڪالهه تون
    ٽي ويءَ تان پروگرام ڪَري
    ٻاھر نڪتينءَ ته
    تنھنجين ٻانھن ۾
    منھنجون ڏنل چوڙيون نه ھيون
    ان وقت مونکي اھو احساس ٿيو ته
    ھاڻ منھنجو خراب وقت شروع ٿي ويو آھي


    وقت سان گڏ دل به بدلجي ويندي آ هي

    وقت سان گڏ دل به بدلجي ويندي آ هي

    رابطن ۾ ڪمي ڇا اچي وئي؟
    ڄڻ ھڪ ٻئي لاءِ مري کپي وياسين
    نه تون لاغرضيءَ مان
    آزاد ٿي
    ياد ٿي ڪرين
    ۽ نه ئي مان
    خود غرضيءَ جي بندوق سان
    پاڻُ ماري
    توکي ساريان ٿو
    ڪالھه سرد رات ۾
    تنھنجا پراڻا
    ايس ايم ايس پڙھندي
    آنءُ سوچي رھيو ھوس:
    ”وقت سان گڏ، دل به بدلجي ويندي آهي “


    تنهنجو خُدا

    تنهنجو خُدا

    تون پنهنجي خدا جي
    سڀ کان سهڻي تخليق آهين
    تنهنجي دل
    ڪنهن به عالمي حسينا جي مرڪ کان وڌيڪ موهيندڙ آهي
    توکي ڏسي مون کي
    تنهنجي خدا سان پيار ٿي ويو آهي
    اهڙو خدا
    سڀني وٽ ڇو ڪونه آهي ؟


    اسٽوپڊ سوال

    اسٽوپڊ سوال

    تون دعا سلام کي به
    وقت جو زيان سمجھندي آھين
    نه ئي تفصيلي ڳالھه ٻولهه ڪندي آهين
    نه ئي خوشبوءِ سان چاھُ اٿئي
    گلن جو ٽڙڻ به تنھنجي لاءِ
    بي معنيٰ آھي
    ٽھڪن کي تون واهيات گيريءَ ۾ شامل ڪندي آھين
    آرٽ فلمن مٿان
    ”ناپسنديده“ جو ليبل لڳائيندي دير ئي ناھين ڪندي
    مون اهو سمجھي ورتو آهي ته،
    منھنجا سڀ سوال
    توکي اسٽوپڊ ئي لڳندا آھن


    ڪالهه
    تنھنجا تحفي ۾ ڏنل
    ڪَفلنڪس پائيندي
    سوچي رھيو ھوس ته :
    ڪَفلنڪس جي جوڙي ڏيڻ کان پوءِ
    تون منھنجي زندگيءَ مان
    ايئن نڪري وئينءَ
    ڄڻ منھنجي آشنا ئي نه ھئينءَ
    مان ته وڏي وقت کان
    وڏن ٽھڪن لاءِ به سڪي مئو آهيان
    مان ته ھڪ دفعو ٻيھر
    اھڙا ٽهڪَ ڏيڻ چاھيان ٿا
    جھڙا تنھنجي جنم ڏينھن تي ڏنا ھيم
    انھن ٽھڪن جو سبب ھو
    چانهه ۾ کنڊ بجاءِ ملايل لوڻ
    ۽ منھنجي رت ۾
    اڄُ به لوڻ ئي گردش ڪري رھيو آهي
    شايد ان ڪري ئي
    منھنجا لڙڪ
    حد کان وڌيڪ کارا آھن.


    دل جي ناانصافي

    دل جي ناانصافي

    مان ٿڌي زمين تي
    گرم لڙڪ ھاريان ٿو
    ۽ زمين مون ڏانهن
    ڪنھن اجنبيءَ جيان
    ڏسندي رھي ٿي
    مان اھو به ڄاڻان ٿو ته
    تو جيان
    ھيءَ زمين به منھنجي ناھي
    مون سان
    منھنجي دل جي
    ناانصافي به برقرار آ
    منھنجي دل
    منھنجي سيني ۾ ھوندي
    تنھنجي طرف ئي ڌڙڪي ٿي.


    لَٺيون کائيندڙ استاد جي نالي ……

    لَٺيون کائيندڙ استاد جي نالي ……

    مون ھڪ نظمُ لکيو آهي
    جنھن ۾ ڪا به
    درد جي ڪيفيت ناھي
    ڪو به روڄُ راڙو ناھي
    نه ئي
    مون ان نظم جو ڪو عنوان به ناهي رکيو
    ان نظم ۾
    ڪو خودڪشيءَ جو رومانس به شامل نه آهي
    نه ئي ڪنھن جي انتظار جي اذيت.....
    ھا پر .....
    ان نظم ۾
    گھڻن پوليس پوليس وارن
    ۽ ٿورڙن استادن جو ذڪر آهي
    استادَ، جن کي
    پوليس وارا
    ڪٽي رھيا ھئا
    ۽ تعليم کاتي جو ”وزير“
    پنهنجي آفيس ۾
    لٺين جي وسڪاري جي لائيو ڪوريج ڏسندي
    ھيٽر تي ھٿَ سيڪي رھيو ھو.


    گذريلَ سال

    گذريلَ سال

    گذريل سال جي ڪئلينڊر جون
    سڀئي تاريخون ڪيڏيون نه بيڪار ھيون
    جِن جي مٿان
    اوسيئڙي جي آڙ ۾
    ضرب جون
    ليڪيون چڙھي ويون
    ڪاش
    ھن سال ڪا اھڙي تاريخ ھجي
    جنھن ۾ صرف تون ئي تون ھجين


    رَئو ....

    رَئو ....

    منهنجن اکين جو
    سمنڊ پيئڻَ لاءِ
    تون پنهنجو
    هِڪڙو ته
    رَئو ڏَئي وَڃُ


    ڪاش ....

    ڪاش ....

    ڪاش
    ڏُکُ به
    پکيءَ جيان
    هُجي


    سياست

    تون
    ڪوڙ ڪيڏو نه آسانيءَ سان
    ڳالھائي ويندي آھين
    سچ
    توکي ته
    سياست ۾
    ھئڻ گھرجي


    بم سپنا ڏسندا آھن

    بم سپنا ڏسندا آھن

    بم سپنا ڏسندا آھن
    ۽
    منھنجي درد وندي ديس ۾
    بمن جا سپنا
    ساڀيائون ماڻيندا آھن.


    بُکَ دُنيا جو وڏي ۾ وڏو پاراتو آهي

    مونکي ھڪ
    پني جو ٽڪرو ٿو کپي
    جنھن تي مختصر نظم لکڻو آهي ته؛
    ” بک دنيا جو وڏي ۾ وڏو پاراتو آهي “.


    تسلسل

    تسلسل

    تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾
    بس وڏو فرق درد جو ئي آھي
    درد جيڪو مون سان گڏ ڄائو آ
    ۽ منھنجي مرڻ کان پوءِ وري
    منھنجي اولاد ڏانھن منتقل ٿي ويندو


    افسوس

    افسوس

    عيد ڏھاڙي به
    تون منھنجي ڀرمان
    اجنبين جيان
    گذري وئينءَ


    پناهه

    پناهه

    مون نظمن ۾ پناھ ورتي
    نظم منھنجي حال تي کلي رھيا ھئا
    مون سوچيو
    چڱو ٿيو
    مان نه سھي
    پر منھنجا نظم ته کلن ٿا.


    ننڊ جو ذڪر

    ننڊ جو ذڪر

    تو گذريل رات واري مُلاقات ۾
    بار بار
    ننڊ جو ذڪر پئي ڪيو
    لڳي ٿو
    ڪيترين ئي راتين کان
    تو سڪون واري ننڊ
    ناھي ڪئي.....


    کوٽي دل

    کوٽي دل

    مونکي ڪجھه ڏينھن لاءِ
    تنھنجي
    کوٽي دل ٿي کپي
    ته جيئن مان به
    بيوفائيءَ جا
    گر سکي وٺان


    هڪ اڻپورو نظمُ....!

    هڪ اڻپورو نظمُ....!

    چنڊ کي ماني ڪري کائجي
    وفا کي بيوفائيءَ جو لباس پارائجي
    سڪ کي سستي اگهه ۾ کپائجي
    روز ملندڙ دوست کي بي سبب ڪا ميار ڏجي
    نئين محبوبا کي پراڻي پيار جون ڳالھيون ٻڌائي بيزار ڪجي
    محبت جي ڳوٺ ۾ نفرت آميز تقرير ڪجي …


    سياڻپ

    سياڻپ

    تون
    ڏاڍي سياڻي آھين
    پر ……
    محبت ۾ سياڻپ
    ڪٿي ھلي سگھندي آ؟!!


    تون

    تون

    ڪھڙي ماڻھپي جي
    ڳالھه ٿي ڪرين؟!
    منھنجي ڳوٺ ۾ ته سدائين
    ماڻهپي جو
    ڪارو ڪالُ ئي رھيو آھي


    Mentality

    Mentality

    مان چريائپ جون
    سڀ حدون اورانگھيان ٿو
    ۽ تون
    سڀ صديون مرڪين ٿي


    مصروفيتون

    مصروفيتون

    مصروفيتون
    جڏھن به پنھنجي
    ملڻ جو وقت ايندو آھي
    ته توکي سڀ مصروفيتون
    ياد اچي وينديون آھن


    مُهَرَ

    مُهَرَ

    تنھنجي وڇوڙي ۾ لکيل
    سڀني نظمن مٿان
    تنھنجي نالي جي
    مُھر لڳل آھي.


    پيار جي نهارَ

    • ابراهيم کرل

    • ابراهيم کرل

    نثري نظم پينگهه جي لوڏن جيان آهي، ڪنهن کي سرور آڇيندو آهي، ته ڪنهن کي لوڏي کان پوءِ اوڪارا ۽ اجهڪا.
    نثري نظم کي ڪن محققن ته شاعري مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو آهي ۽ ڪن وري خيال جي آڌاريل اڏام وسيلي جذبن جي سچائيءَ سبب نثر ۽ نظم جو ميل ڄاڻائي، نالو ئي ”نثري نظم“ رکيو اٿس.
    روشن شيخ جا نثري نظم به چِٽَ جي موسم ۾ ڏکڻ جي هير جهڙا آهن، جن مان خيال جي پختائي، لفظن جي رنگيني ۽ احساسن جو اولڙو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري وجهي ٿو. خيال کي پاڻيءَ جي مٿان تاري بيهارڻ ئي شاعر جو ڪمال هوندو آهي. عڪس جي جادوگري ئي شاعر جي مشاهدي کي مانُ ڏياريندي آهي. جيئن سندس نظم ”ڪوڙيون ڳالهيون“ ۾ لفظن کي هن ٻٽي معنائن ۾ ڪم آندو آهي. ”مونکان ڪو به درديلو نظم نٿو لکجي“..... جڏهن ته سندس درد هنن سٽن ۾ ئي موجود آهي.... يا وري ”مان ته اڪيلائيءَ ۾ روئڻ به ڇڏي ڏنو آهي“.
    يا وري هن نثري نظم جو ڪلائميڪس پڙهو:

    منهنجين انهن ڪوڙين ڳالهين تي
    ٻيو ڪو پت ڪري نه ڪري
    پر مونکي يقين آ
    تون پت ضرور ڪندينءَ.....

    محبوبا سان اهڙي ذو معنيٰ انداز ۾ مخاطب ٿيڻ، ڪنهن شاعر جي انهيءَ حِسَ کي ظاهر ڪري ٿو ته لفظن جي ڪڙاڻ ڇا هوندي آهي ۽ لفظن جو ميٺاڄ ڇا هوندو آهي؟! روشن لفظن جي انهيءَ حسي معنيٰ کي خوب ڄاڻي ٿو.
    هڪ ٻي نثري نظم ۾ هو چوي ٿو ته:

    مونکي نثري نظم وڻندا آهن
    ۽ تون
    غزل ان باڪس ڪري آف لائين ٿي ويندي آن

    محبوب جي ناپسنديدگيءَ کي هن ڪهڙن نه شاندار لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. اصل ۾ محبوب جو اهي ادائون، بي رخيون، من مستيون ئي عاشق جي جيئڻ جو سبب بڻجنديون آهن. اهي ماڻا، بي رخيون ئي شاعر جي لفظن کي سَتُ بخشيديون آهن. اشارو، ڪنايو ئي شاعريءَکي سونهن بخشيندو آهي. اهڙا ڪيترائي ذو معنيٰ لفظ، روشن جي نثري نظمن کي سونهن بخشين ٿا ۽ ان جي خيالي هَڙَ کي وزنداز بڻائين ٿا. اهڙي هَڙَ جڏهن کلي اوهان آڏو نکري نروار ٿيندي ته اوهان به اها خواهش ضرور ظاهر ڪندؤ ته شالَ اهڙي ميڙي چونڊي اوهان جي به هجي.... روشن ته روشني ڦهلائي رهيو آهي. شال اهو روشنيءَ جو ڦهلاءَ هميشه جاري رهي ۽ اهالاٽ ڪڏهن به نه وسامي.


    • فراق هاليپوٽو

    • فراق هاليپوٽو

    مونکي روشن شيخ جا نثري نظم فقط ان ڪري ئي ناهن وڻندا، جو انهن ۾ رومانوي عڪس سگهاري انداز سان بيان ٿيل آھن، پر هڪڙي حيرت سان گڏ انهن نظمن کي منهنجي دل ان ڪري به پسند ڪندي آھي، جو اهي زندگيءَ جي ڪيترن ئي لنوائڻ جھڙن لمحن کي به پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندا آھن. سندس نثري نظمن جي اها همه گيري، فڪري طور ڪيتري پکيڙ رکي ٿي، يا عرفان ۽ ادراڪ جا ڪيترا دروازا ٿي کولي، آئون انهيءَ تي ان ڪري به ڪونه ڳالهائيندس، جواهو ڪم خد انهن کي ئي ڪرڻو آھي. اگر توهان جا سڀئي حواس سلامت آھن، ته يقين ڄاڻو ته اهي هر پل توهان جي حواسن تي حاوي هوندا.
    هڪڙي ٻي خوبصورت حقيقت اها به آھي ته روشن نظم لکڻ مهل، طويل يا مختصر نظم لکڻ جي چڪر ۾ ناهي پيو. نظم جيتري جاءِ والارڻ چاهين ٿا، کين ايتري ئي جاءِ ڏي ٿو ۽ نظمن کي فضول پڻي کان بچائي ٿو ۽ هر نثري نظم کي پنهنجي هڪ الڳ وحدانيت بخشي ٿو. سندس نظمن جو ڪلائيمڪس به جيترو ڳوڙھو آھي، ايترو ئي هڪ ڏسا کي گهيري ۾ آڻي، گهرو به ڪري ٿو ۽ سندس لهجو وري اهڙو ڌيمو ۽ ملائم آھي، جو دل چاهيندي آھي انهن کي منظوم روپ ڏيئي گنگنائجي.
    نثري نظم جيڪڏهن هڪ اڻ جھل جذبي کي اظھارڻ جو نانءُ آھي، ته آئون يقين سان چوان ٿو ته پنهنجي نزول وقت اهو روشن جي ڪنهن به رڪاوٽ کي درياءَ جيان لوڙھي وڃي ٿو.
    منهنجي اها خواهش تمنا ۽ دعا آھي ته منهنجو هي محترم دوست پنهنجي دل ۽ زندگيءَ جي سمورين سچاين سان ههڙا ڀرپور نثري نظم سرجيندو رهي، جيڪي فقط سندس سڃاڻپ ئي نه بڻجن پر نقادن تي اها ڳالهه به واضح ڪن ته سچيت تخليقڪارن جي هر سٽ پنهنجي لکجڻ جا جواز به پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آھي.


    • دريا خان شنباڻي

    • دريا خان شنباڻي

    روشن پنهنجي نالي جيان سدا روشن.... هن کي پڙھندؤ ته هن جو ٻيو روپ پسندؤ..... جو هن جي لفظن ۾ درد ۽ جادوگري آھي. هن جي نظمن ۾ آرٽ موويءَ جا منظر به ڏسي سگهندؤ ته ڪنهن ڪلاسڪ راڳ، ڪلاسڪ رقص جا جلوا به ڏسندؤ. هن جو قلم منهنجي نظر ۾ هڪ رنگ رچيندڙ بُرش جيان آھي، جو هلڻ لڳي ته نظمن سان گڏ ٻين لکڻين ۾ به رنگ ڀري ڇڏي، پر جي هن کي ڏسندؤ ته هو پنهنجن نظمن ۽ لکڻين جي ابتڙ لڳندو...... سدا خوش مزاج ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ ۽ زندگيءَ کي زندگيءَ جيان ئي انجواء ڪندڙ..... مان پنهنجي دوست روشن بابت سوچيندو آھيان ته هن وٽ ڪنهن لاء به ڪا ٻيائي يا بي ايماني ناهي. ايتري حد تائين جو هن جي پنهنجي جيون سان به ڀرپور سچائي آھي. هو پنهنجي جيون کي به جيون ڪري گهاريندو آھي. روشن پنهنجي نالي جيان سدا روشن رهندڙ آھي ۽ ان کان گهٽ يا وڌيڪ هن کي ڪنهن ٻئي نالي رکڻ يا پڪارڻ جي ضرورت ئي ناهي.


    • محمود سومرو

    • محمود سومرو

    اسان ٻئي هڪ ئي آفيس ۾ هوندا آهيون. ٻنهي جي قلم سان دوستي آهي، پر هو چهري تي ٽهڪن جي روشني وکيريندو آهي ۽ قلم کيس هيکلاين جو احساس ڏياريندي لکرائيندو آهي. جڏهن ته مان ڪيترو به سنجيده لکڻ چاهيان، ڪٿي نه ڪٿي مزاحيا لفظ ائين ڦٽي پوندا آهن، جيئن ڪنڊن ۾ گلاب…. مونکي ڪڏهن ڪڏهن دوستن ۾ پنهنجو ماضي نظر ايندو آهي، جو هر سڏ تي سڏ ڏئي پهچي ويندو هيس. پنج گلي جو گل فروش روشن جو دوست ٿي ويو آهي، جو روشن سندس پڪو گراهڪ آهي..... پرين جي لوءِ ۾ رهڻ ڪري پڪو پريمي به آهي. اڄڪلهه فيس بوڪ سان ٻين قلمڪارن وانگر گهرو به آهي. هِن جي شاعري پڙهي سوچيندو آهيان ته هي کيچلو ماڻهو اڪيلائيءَ جي موسم ۾ لڙڪن سان ڌوتل نظم ڪيئن ٿو لکي وٺي؟! هي به عاشقن وانگر سڀني جي سامهون وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي پنهنجن ڏکن کي ٿڦڪي ڏيندو هوندو. خيرپور جي کارڪن وانگر ڏسڻ ۾ سادو، پر ڏاڍو مٺو محسوس ٿيندو آهي. ماڻهن جي روين مان وقتي طور بيزار ٿيندو آهي ۽ لڳندو آهي ته هاڻي ڪڏهن موڊ صحيح نه ڪندو، پر ٻئي لمحي وڏا ٽهڪ ڏئي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي. سنگت کي محسوس ڪرائيندو آهي ته هو آفيس جي ڪم ۾ ڏاڍو مصروف هوندو آهي، مٿي کنهڻ جو وقت به ڪو نهيس…. حالانڪه اهڙي ڳالهه به ناهي…. ها اِهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هو آفيس جي مصروفيت جو بهانو ڪري ڪا تخليق سرجڻ لاءِ وقت ڪڍندو هجي. تڏهن ته ايترو مصروف ڄاڻائڻ جي باوجود هي ڪتاب لکي ورتو اٿائين. سندس چوڻ آهي ته هو زندگيءَ مان مطمئن ناهي، تڏهن ته لڙڪن سان دوستي رکي، اُنهن مان نظم ٺاهي ورتا اٿائين.


    • ارشاد جاگيراڻي

    • ارشاد جاگيراڻي

    روشن شيخ جيڪا شاعري ڪري ٿو اها شاعري به هڪ قسم جي ڪاريگري آهي. لفظن کي چونڊي چٽڻ، ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌي ڳنڍي ڇڏڻ، دلين تي پها رکڻ، عاشقاڻي مستيءَ ۾ مچڻ ۽ جملن سان چچري ڇڏڻ جو آرٽ هن شاعر وٽ گهڻو آهي. سندس هي ڪتاب پاڻ خريدڻ ۽ پڙهي سيرانديءَ رکڻ جهڙو آهي. هن ڪتاب کي پڙهي دل جو ٻڏل سفينو ترڻ لڳي ٿو. ماڻهو وري پنهنجي محبوب تي مرڻ لڳي ٿو. اها روشن شيخ جي ڪاميابي ليکبي، جو کيس پڙهڻ وقت مون سندس جذبن کي پاسيرو رکي، صرف پنهنجي ڪيفيتن کي محسوس ڪيو آهي. مون پاڻ کي ٺاهيندي ۽ ڊاهيندي محسوس ڪيو آهي. مون پاڻ ئي پاڻ کان رسي پاڻ کي پرچائيندي محسوس ڪيو آهي ۽ اهڙي ڪيفتن جي آندولي پٺيان روشن شيخ جي نظمن ۾ تفڪر ۽ سندس احساسن جي غلبي جو وڏو هٿ آهي.
    روشن نثر ۾ پاڻ کي وڌيڪ آزاد ڀانئي ٿو. ممڪن آهي ته ان ڪري ئي هن نثري نظم وڌيڪ لکيا آهن ۽ ان مستقل مزاجيءَ جو ثمر هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي. روشن شيخ جو هي نظماڻو روپ ڌان پنهنجي يگانگيءَ سان هلي پيو. وٽس تخليقي حس بي انت آهي. محبوب جي گرم ڀاڪر کان وٺي، مارن جي دردن تائين، عالمي، سماجي، قومي حالتن ۽ واقعن کي ڀليءَ ڀت پرکڻ جي پروڙ رکي ٿو. سندس هي ڪتاب نظمن جي روشن مستقبل جي بشارت آهي. آخر ۾ منهنجون هن محبوب دوست لاء نيڪ تمنائون ۽دعائون آهن ته شال هميشه ڏات جي ڪنيا جو قرب ماڻي ۽ ههڙا بهترين ڪتاب آڻي....


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 858
    ڪتابن جو مشاهدو: 2336220
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 598255
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ