ڪتاب جو نالو: چوڌاري چمڪاٽ
مصنف: انور ابڙو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 16 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 271 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 29 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
انور ابڙو، سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار آهي. ڪالم نگاري سندس اضافي خوبين ۾ شامل آهي. وقت جي نقادن ۽ همعصر ليکڪن سندس تخليقن کي ساراهيو آهي. سندس ڪتابن کي ادبي حلقن ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ٿي آهي. ”چوڌاري چمڪاٽَ“ جي عنوان هيٺ هي ڪتاب ٻارن کي ارپيو آهي. هن ڪتاب ۾ اَٺ تقريرون ۽ ٽي عدد خاڪا شامل آهن. انھيءَ سموري مواد جو تعلق سنڌ جي قديم ۽ معتبر درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام سان آهي، جنهن سان ليکڪ جي جذباتي ۽ دلي وابستگي آهي.مجموعي طور تي هي ڪتاب شاگردن کي تعليم جي اهميت ڏيارڻ ۽ اُنهن ۾ اُتساهه ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سُٺي ڪوشش آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ : وڻ به تاريخي قصا ٻڌائين ٿا
  • پنھنجي پاران
  • تقريرون

  • اڄوڪي ڏينهن اسانجي نئين مستقبل ڪَرُ ڀڳو
  • جديد شعور جي جشن جو ڏينهن
  • سنڌ مدرسي ۾ اسان لاڏلن ٻارن وانگر رهياسين
  • اڄ پڻ اتر پارَ ڏي تاڙي ڪَئي تنوارَ
  • 14 آگسٽ- آزاديءَ جو ڏينهن
  • ويٺي جنين وٽِ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿئي
  • هِنن ڀِتين کي به هِڪَ دِلِ آهي
  • اسان هتي زندگيءَ جي معنيٰ سکڻ ايندا آهيون
  • خاڪا

  • وارث
  • سبق: اوندهه
  • بابا، مان پڙهندس
  • انور ابڙي جو مختصر تعارف ۽ ٻارن لاءِ ڪيل علمي ۽ ادبي ڪَمُ
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO. 132
    چوڌاري چمڪاٽَ
    (ٻاراڻيون تقريرون ۽ خاڪا)
    ليکڪ: انور ابڙو
    ڇاپو پهريون: 2018ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 100/- روپيه

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    All rights are reserved

    CHOADHARI CHAMKAAT
    (Speeches and skits for children)
    By: Anwer Abro
    First Edition: 2018
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 100/-


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    پنهنجي مامن جي نانءِ،
    جيڪي جيترو اسان کي پيارا هُئا،
    اُنَ کان وڌيڪَ اسان کين پيارا هُئاسين.
    سندن ڏنل پيار مون کان عمر ڀر نه وسرندو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چوڌاري چمڪاٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارن لاءِ لکيل تقريرن ۽ خاڪن تي مشتمل ھن مجموعي جو ليکڪ انور ابڙو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:

    ”انور ابڙو، سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار آهي. ڪالم نگاري سندس اضافي خوبين ۾ شامل آهي. وقت جي نقادن ۽ همعصر ليکڪن سندس تخليقن کي ساراهيو آهي. سندس ڪتابن کي ادبي حلقن ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ٿي آهي. ”چوڌاري چمڪاٽَ“ جي عنوان هيٺ هي ڪتاب ٻارن کي ارپيو آهي. هن ڪتاب ۾ اَٺ تقريرون ۽ ٽي عدد خاڪا شامل آهن. انھيءَ سموري مواد جو تعلق سنڌ جي قديم ۽ معتبر درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام سان آهي، جنهن سان ليکڪ جي جذباتي ۽ دلي وابستگي آهي.مجموعي طور تي هي ڪتاب شاگردن کي تعليم جي اهميت ڏيارڻ ۽ اُنهن ۾ اُتساهه ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سُٺي ڪوشش آهي.“

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ ھائوس، خيرپور پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشرز جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون أنور ابڙي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سنڌي ٻالڪ ادب لاءِ انور ابڙي جو ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. سِنڌُ جي ٻارن جي ذهني ۽ شعوري تعمير جي سفر ۾ سندس لکڻين جو به اهم ڪردار رهندو پئي آيو آهي. ”پوپٽ“ پاران، هِنَ کان اڳ 2016ع ۾ ٻارن لاءِ لکيل سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”عني ۽ مائو“ شايع ٿيو، جنهن پڙهندڙن ۾ گهڻي مڃتا ماڻي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جو، بهترين ٻالڪ ڪِتابَ جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو. انور ابڙي جو هي نئون ڪتابُ ”چوڌاري چمڪاٽ“ به نهايت ڪارائتو ڪتاب آهي.
    اميد ته هي ڪتابُ پڻ سِنڌُ جي ٻارڙن وٽ مڃتا ماڻيندو. ادارو ”پوپٽ“ هي ڪتاب ڇاپيندي، سرهائي محسوس ڪري رهيو آهي.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور ـــ سِنڌُ


    مُهاڳ : وڻ به تاريخي قصا ٻڌائين ٿا

    انور ابڙو، سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. ڪالم نگاري سندس اضافي خوبين ۾ شامل آهي. وقت جي نقادن ۽ همعصر ليکڪن سندس تخليقن کي ساراهيو آهي. سندس ڪتابن کي ادبي حلقن ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ٿي آهي. هڪ روشن خيال ۽ باشعور ليکڪ طور، ادب ۾ هُن پنهنجي ڌار سڃاڻپ ڪرائي آهي. پنهنجي رويي ۾ به هو هڪ معتبر ۽ سنجيده شخص آهي، جنهن نهايت خاموشيءَ سان پنهنجي حصي جو حق ادا ڪيو آهي. ڪنهن پذيرائيءَ جي طلب کانسواءِ هن پنهنجو فڪري سفر جاري رکيو آهي.
    موجوده دور ۾ اسان جي ليکڪن ٻارن جي ادب کي بنهه نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، ٻارن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ به ڪو قومي ادارو قائم ٿيل ناهي، جنهن ڪري ٻارڙن جي فڪري اوسر، بهتر انداز سان نه ٿي رهي آهي. اسان جا ٻارڙا تعليمي لحاظ کان به ويڳاڻپ جو شڪار آهن، جڏهن ته وهنواري تعليم سان گڏ اضافي مواد طور انهن لاءِ ڪو دلچسپيءَ جو مواد به شايع ڪونه ٿي رهيو آهي. انفرادي سطح تي ڪجهه ليکڪن ڪوششون ڪيون آهن، پر اڄڪلهه جي جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ ٻارن جو اهڙو ادب ٻارن لاءِ گهڻي ڪشش نٿو رکي، ڇو ته ان قسم جي ادب ۾ عمر جي درجه بنديءَ سان گڏ ٻارن جي نفسيات جو به خيال نٿو رکيو وڃي.
    انور ابڙو به اهڙين حالتن جو شعور رکي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ هُن ”چوڌاري چمڪاٽَ“ جي عنوان هيٺ هي ڪتاب ٻارن کي ارپيو آهي. هن ڪتاب ۾ اَٺ تقريرون ۽ ٽي عدد خاڪا شامل آهن. انهيءَ سموري مواد جو تعلق سنڌ جي قديم ۽ معتبر درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام سان آهي، جنهن سان ليکڪ جي جذباتي ۽ دلي وابستگي آهي. ويهن سالن کان مٿي جي تعلق سبب ليکڪ ان درسگاهه کي پنهنجي روح ۾ شامل سمجهي ٿو. ٻارن لاءِ هي تقريرون، مدرسي جي سالگرهه، پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن، ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي مانَ ۾ ڪوٺايل، الوداعي گڏجاڻين ۽ شاگردن جي سالياني ڏينهن تي ڪيون ويون آهن.
    هو هڪ تقرير ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن شاگرد هتان ويندا آهن ته اُهي روئيندا ويندا آهن. هي ادارو اسان سڀني شاگردن جي ماءُ آهي.“
    ليکڪ جي اداري سان محبت، سندس تقريرن مان پڌري ٿئي ٿي. هو اهڙا احساس پنهنجي ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪري ٿو ته جيئن ٻارن جي ذهني تربيت جي تسلسل ۾ تعليم ۽ ان جي ادارن لاءِ سندن دل ۾ احترام جا جذبا پيدا ٿي سگهن. اهڙي طرح اسان جا ٻار تعليمي ۽ تربيتي حاصلات تي فخر محسوس ڪندا، ڇو ته تعليم سان دلچسپي ئي ٻارن کي، علمي زندگي ۾ عزت ڀريو درجو عطا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر فهميده حسين، محمد ابراهيم جويي صاحب جي ڪتاب ”تعليم جو مسيحائي ڪردار“ جي پبلشر جي نوٽ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ته: ”بيمار رڳو ماڻهو ڪونه ٿيندا آهن، جن کي ڪو مسيحا دوا سان ٺيڪ ڪري، پر قومون به بيمار ٿينديون آهن، جن جي مسيحائيءَ لاءِ هڪڙو ئي يڪ ٽِڪ نسخو ڪارآمد ٿيندو آهي، سو آهي صحيح وقت تي اُن قوم جي ٻارن کي ڏنل اهڙي تعليم، جيڪا سندن انساني ڪردار جي سنوار ڪري.“
    انهيءَ ڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ اُنهن جي فڪري اوسر جو اُلڪو ۽ اُونو ڪريون، ڇو ته اسان جا اِهي ٻار سڀاڻي پنهنجي قوم جي نمائندگي ڪندا. انور ابڙي به هنن تقريرن ۽ خاڪن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام کي علم ۽ شعور جو استعارو بڻايو آهي. پنهنجي هڪ تقرير ۾ هو چوي ٿو:
    ”سنڌ مدرسي جا نه رڳو ڪلاس، پر هن جون ڀتيون به ڳالهائينديون آهن. هن جو ميدانُ به ڀڻ جُهڻ ڪندو آهي. هن جا وڻ به جُهڪي تاريخي قصا ٻڌائيندا آهن.“
    انور ابڙي جا اهي شاعراڻا احساس، اداري جي اهميت کي اُجاگر ڪن ٿا. ڪتاب ۾ شامل خاڪن جو موضوع به ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت آهي، جن مان ٻارن کي ڄاڻ ملي ٿي ته سچي وابستگي ۽ قومي ڪردار ادا ڪرڻ سان ئي ماڻهو شخص مان شخصيت بڻجي ٿو. اهڙن ئي ماڻهن کي تاريخ ۾ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. استاد کي پنهنجن شاگردن جي آئيندي سنوارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ کپي. افسوس جو اُستادن جي گهڻائي پنهنجي فرض کان غافل آهي. انور ابڙي اهڙن اُستادن کي ٽوڪيو آهي. مجموعي طور تي هي ڪتاب شاگردن کي تعليم جي اهميت ڏيارڻ ۽ اُنهن ۾ اُتساهه ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سُٺي ڪوشش آهي.


    ادل سومرو
     سکر ــــ
    26 مارچ 2016ع


    پنھنجي پاران

    ٻارن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکڻ منهنجي زندگيءَ جو هڪ اهم حصو رهيو آهي. مون ادبي لکڻيون لکڻ جي شروعات به ٻاراڻي شاعري ڪرڻ سان اُن وقت ڪئي هئي، جڏهن 1982ع ۾ مان ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هوس. مُنهنجا اهي نظم ”هلال پاڪستان“ جي ٻارن جي هفتيوار صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ سان گڏ روزاني ”آفتاب“، حيدرآباد جي ٻارن جي هفتيوار صفحي ۾ به شايع ٿيڻ لڳا هئا.
    بعد ۾ 1986ع کانپوءِ مون ٻاراڻي شاعريءَ سان گڏ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون به لکڻ شروع ڪيون هيون، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو ليکڪ، سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ جو تڏهوڪو ايڊيٽر ۽ اسان جو دوست اڪبر جسڪاڻي مرحوم پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪرڻ لڳو هو. ان طرح ڪجهه ٻين به ٻاراڻين پبليڪيشنس ۾ ٻارن بابت منهنجون لکڻيون شايع ٿيڻ لڳيون هيون. بعد ۾ به اهو سلسلو جاري رهيو ۽ هاڻي به ٻارن لاءِ لکندي مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته مان پنهنجي ٻاراڻي زندگيءَ مان اڃا ٻاهر ناهيان نڪري سگهيو، ۽ شايد ڪڏهن به نه نڪري سگهان، تڏهن ئي ته بار بار ٻار بڻجي، ٻاروتڻ کي ساري، پنهنجي ٻارن کي ڏسي، ڪجهه نه ڪجهه لکي ٿو ويهان.
    جڏهن مون اسٽيل ملز ڪراچيءَ جي، انجنيئر واري نوڪري، سي ايس ايس ڪرڻ واري خواهش تحت ڇڏي، 23 ڊسمبر 1995ع کان سنڌ جي تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام جي ٽيڪنيڪل سيڪشن جي انچارج جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي ته اُن کانپوءِ ان اداري ۾ ٿيندڙ مختلف تقريبن ۾ شاگردن پاڻ، يا سندن استادن يا سندن والدين مون کان تقريرون ٿي لکرايون، جيڪي، شاگرد سنڌ مدرسي جي آڊيٽوريم ۾ يا ٽالپر هائوس جي اڳيان سجايل اسٽيج تي اچي ڪندا هئا- ۽ انهن مان ته ڪجهه کي انعام به مليا هئا. مون کي ياد آهي ته هڪُ سنڌي ٻارُ، جنهن جو مون کي نالو ياد ناهي، اُهو ڪراچي شهر جي منگهو پير واري علائقي ۾ رهندو هو، جتان هُو روزانو سنڌ مدرسي ايندو ويندو هو. هيءُ انتهائي غريب ٻار هو. سادي يونيفارم ۾ ايندو هو، پر هيو وڏي اعتماد وارو. سو اُن ٻارڙي سنڌ مدرسي جي 124هين سالگرهه واري تقريب ۾ تقرير ڪئي، جنهن ۾ اُن وقت جي سنڌ اسميبليءَ جو اسپيڪر نثار احمد کهڙو ۽ نثار علي آفندي مرحوم پڻ موجود هئا. جڏهن اِن ٻالڪ تقرير ختم ڪئي ته، نثار احمد کهڙي اُٿي کيس ڀاڪر پاتو ۽ نثار علي آفنديءَ کيس هڪ هزار رپيا انعام طور ڏنا. سو، هي اُهي چند تقريرون آهن، جيڪي هِن ڪتاب ۾ شامل آهن. ڪجهه تقريرون اردوءَ ۾ به ٻارن کي لکي ڏنيون هيم، جن مان هڪ ملي سگهي، جنهن جو سنڌي ترجمو ڏنو اٿم.
    مون هي تقريرون ۽ خاڪا اهو سوچي به ٻارڙن کي لِکي ڏنا هئا، جيئن ڪو ڊرامي جو اسڪرپٽ لکندو آهي، ۽ اداڪار ان تي پرفارم ڪندا آهن يا ڪو شاعر شاعري ڪندو آهي ۽ فنڪار اُها ڳائيندا آهن. ان طرح هي تقريرون ۽ خاڪا شايع ڪرائڻ جو منهنجو بنيادي مقصد به اهو ئي آهي ته جيئن سنڌ جا شاگرد تقرير جي فَن ۽ خاڪن جي ويجهو اچن، انهن کي سمجهن ۽ انهن مان ڪو اتساهه، ڪو سبق حاصل ڪري، پنهنجي پنهنجي اسڪول ۾ اهڙيون تقريبون منعقد ڪن، ته جيئن هِن قسم جون صحتمند سرگرميون سنڌ جي، خاص طور تعليمي ادارن ۾عروج ماڻين، ڇاڪاڻ جو نصابي سرگرمين سان گڏ ههڙين هم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سان به ٻارن جي وڏي تعليم ۽ تربيت ٿئي ٿي.
    هِن ڪتاب ۾ جيڪي ٽي خاڪا ڏنل آهن، انهن مان هڪ ”سنڌ مدرسي جا وارث“ سنڌ مدرسي جي 123هين سالگرهه جي تقريب ۾ شاگردن پيش ڪيو هو، جنهن ۾ مشهور صحافي محمد يونس مهر جي پٽ ۽ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي شاگر هالار مهر؛ حسن علي آفنديءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ٻيو خاڪو ”سبق: اوندهه“ پڻ سنڌ مدرسي ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب جي موقعي تي پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پڻ هالار ۽ ٻين شاگردن حصو ورتو هو، جڏهن ته ٽيون خاڪو ”پُٽَ، منهنجا ڏک سنڀالي رکجانءِ“ مون اردوءَ ۾ لکيو هو، ۽ جيڪو به شاگردن اردو ۾ پنهنجي هڪ سالياني تقريب ۾ پيش ڪيو هو. ان جو سنڌي ترجمو هتي ڏنو ويو آهي.
    هِن ڪتاب جو عنوان شيخ اياز جي سِٽَ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، چوڌاري چمڪاٽ اسان...“ تان ورتو ويو آهي.
    هِن موقعي تي مان سنڌي ٻوليءَ جي هڪ بهترين شاعر ۽ ٻارن لاءِ شاعري ڪندڙ ۽ ڪهاڻيون لکندڙ محترم ادل سومري جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن دل سان هِن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. مان نامياري شاعر ۽ ٻارن لاءِ بهترين ڪتاب لکندڙ محترم مختيار سمون جو به ٿورائتو آهيان، جنهن هِن ڪتاب تي پنهنجي مختصر راءِ ڏني آهي. مان پنهنجي پياري دوست محمد علي پٺاڻ جو ته هميشه ٿورائتو رهندو آهيان، جيڪو مون کي هر ڪتاب شايع ڪرائڻ وقت تمام سُٺيون صلاحون ڏيندو آهي.
    مان پوپٽ پبلشنگ هائوس جي سربراهه محترم قربان منگيءَ جو پڻ تمام گهڻو ٿورو مڃان ٿو، جنهن ٻارن لاءِ لکيل منهنجو هيءُ ٻيو ڪتاب شايع ڪيو آهي. جڏهن هيءُ ڪتاب شايع ڪرڻ بابت ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي ته بنا دير چيائين،”هينئر ئي موڪلي ڏي.“ مان خوش ٿي ويس.... منگي صاحب هِن کان اڳ ۾ 2016ع ۾ منهنجي ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب ”عَني ۽ مائو“ به شايع ڪيو هو، جنهن کي سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ سال 2016ع جو ”ٻاراڻي ادب جو بهترين ڪتاب“ قرار ڏيئي ان کي ايوارڊ ڏنو هو.
    سو، هيءُ ڪتاب جيڪڏهن، خاص طور اسڪول جي شاگردن تائين پهچي ٿو ۽ هُو اُن مان ڪا معمولي ڄاڻ، ڪو ٿورڙو اتساهه، ڪي ٻه چار معنيٰ ڀريا لفظ، ڪو سادو پيغام ۽ ڪو هلڪو جوش ۽ جذبو حاصل ڪن ٿا ته مون کي بيحد خوشي ٿيندي. ڀانئيندس ته منهنجو هيءُ پورهيو به قبولجي ويو، ڇاڪاڻ جو هيءُ ڪتاب انهن معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ئي ته شايع ڪرايو ويو آهي، ۽ جيڪي اسانجو آئيندو آهن.


    انور ابڙو
     ڪراچي ــــ
    18 مارچ 2018ع


    تقريرون

    اڄوڪي ڏينهن اسانجي نئين مستقبل ڪَرُ ڀڳو

    منهنجا انتهائي احترام لائق خاص مهمان صاحب
    سنڌ مدرسي جا پرنسپل صاحب
    منهنجا عزت وارا استاد صاحبان
    ۽ منهنجا شاگرد ڀائرو ۽ ڀينرو!
    السلام عليڪم!

    سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي:

    سئو سُکن ڏيئي، وِرِههُ وِهايم هيڪڙو،
    مونکي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.

    منهنجا معزز مهمانو!
    پهرئين سيپٽمبر سنڌ مدرسي جي قيام جو مبارڪ ڏينهن آهي. اِهو ڏينهن سنڌ اندر جديد تعليم جي بنياد پوڻ جو ڏينهن آهي. اِهو ڏينهن انگريز سامراج کان آزادي وٺڻ واري دور جي شروعات جو ڏينهن آهي. اِهو ڏينهن هِن خطي ۾ نئين تاريخ لکڻ جو ڏينهن آهي. انڪري اِهو خوشيءَ ڀريو ڏينهن اوهان سڀني کي مبارڪ هجي.

    معزز مهمانو!
    سنڌ مدرسي جو ٺهڻ ائين هيو، جيئن ڀٽائي سائينءَ چيو آهي:

    ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اُڻٽيهين اونداهي،
    چنڊَ نالو ناهه ڪو، درياءَ دَڙَ لائي،
    ساهڙ ڪارڻ سهڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
    اِيءُ ڪم اِلاهي، نه ته ڪُنن ۾ ڪير گهڙي.

    مهربان مهمانو!
    اڄوڪي ڏينهن تي رڳو سنڌ مدرسي جا ڪلاس قائم نه ٿيا هئا، پر هڪ اهڙي دور جي شروعات ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ وڏي ويڙهاند کانپوءِ هڪ نئون صبح آيو هو. هڪ نئين اميد اسانجي اکين ۾ چمڪاٽ ڪيو هو. هڪ نئين مستقبل ڪَرُ ڀڳو هو. هڪ نئين آزادي اسانجو انتظار ڪرڻ لڳي هئي.
    هيءُ سنڌ مدرسو رڳو ٺِڪرن ڀِترن جي ٺهيل ڪا عمارت ناهي. اِها هڪ اهڙي جاءِ آهي، جنهن ۾ هڪ روح آهي، جيڪو اسان ۾ ساهه وجهندو آهي. سنڌ مدرسو هڪ اهڙو مورچو آهي، جتان ويهي اسان جي قوم گذريل 122 سالن کان پنهنجو دفاع ڪيو آهي، پنهنجي ترقيءَ جي ويڙهه ڪئي آهي ۽ پنهنجي نسل کي تيار ڪيو آهي- ۽ اُن ۾ اسين سوڀارا به ٿيا آهيون.

    معزز سامعين!
    ڪير ٿو چوي ته سنڌ مدرسو هڪ اهڙو اسڪول آهي، جتي چند ٻار پڙهندا آهن؟
    ڪير ٿو چوي ته سنڌ مدرسو هڪ عام رواجي اسڪول آهي، جتي ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳندو آهي؟
    ڪير ٿو چوي ته سنڌ مدرسو هڪ سطحي اسڪول آهي، جتي ڪو به چڱو ڪم ناهي ٿيندو؟
    ڪير ٿو چوي ته سنڌ مدرسي جي تاريخ روشن ناهي ۽ اُن جي چهري تي انڌيري جو نقاب چڙهيل آهي؟
    ڪير ٿو چوي ته سنڌ مدرسو رڳو انڪري قائم ڪيو ويو هيو ته جيئن هتان جا شاگرد ميٽرڪ پاس ڪري هليا وڃن ۽ وڃي اهڙيون نوڪريون ڪن، جن ۾ رشوت جي لعنت هجي، جن ۾ بي ايماني هجي، جن ۾ ٺڳي هجي، جن ۾ ناانصافي هجي ۽ جن ۾ رڳو پنهنجي ذات جا مفاد عزيز هجن؟
    نه. ائين ناهي..... قطعي ائين ناهي.
    سنڌ مدرسو، سنڌ جو سينگار آهي.
    سنڌ مدرسو ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي علمي تحريڪ جو چِٽو نشان آهي.
    سنڌ مدرسو سنڌ جي جديد شعور جي علامت آهي.
    سنڌ مدرسو سنڌي عالمن جي دورانديشيءَ جو هڪ عظيم مثال آهي.
    سنڌ مدرسو هڪ هلچل آهي.
    سنڌ مدرسو هڪ مقدس جاءِ آهي.
    سنڌ مدرسو هڪ اهڙو ادارو آهي، جتي اکين ۾ خواب سَجندا آهن ۽ جڏهن شاگرد هتان ويندا آهن ته اُهي روئيندا ويندا آهن. هيءُ ادارو اسان سڀني شاگردن جي ماءُ آهي. اسين هِن جو اولاد آهيون. اڄ اسان خوش آهيون ته اسان کي سنڌ مدرسي جي گود نصيب ٿي آهي. اِها آسيسَ اسان تي زندگي ڀر قرض رهندي.

    معزز سامعين!
    1857ع واري آزاديءَ جي جنگ هجي يا ٽيپو سلطان جي للڪار، هوشو شيديءَ جي تلوار جا تجلا هجن يا قائد اعظم محمد علي جناح جي قائداڻي صلاحيت، اِنهن سڀني پاڪستان جي آزاديءَ جا بنياد وِڌا هئا، پر سنڌ مدرسو به اِنهن کان الڳ نه هيو. هِن اداري جا شاگرد آزاديءَ واري جنگ جي ميدان تي اڳين صفن ۾ بيٺا رهيا هئا ۽ تيستائين سک سان نه ويٺا هئا، جيستائين اِنهن آزاديءَ جو سج نه اُڀاريو.


    منهنجا احترام لائق مهمانو!
    مون کي اهڙي عظيم اداري جي شاگرد هئڻ تي ناز آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ سنڌ مدرسي کان وڌيڪ عظيم تر ادارو ٻيو ڪوبه ناهي. سنڌ مدرسو مون لئه هڪ مقدس جاءِ آهي. مان اِن جي مٽيءَ کي پنهنجي لئه مانُ ٿو سمجهان. هِن جي مِٽي معمولي ناهي. هِن جي مِٽي ڏاڍي زرخيز آهي.
    سو منهنجا مهربانو!
    سنڌ مدرسو منهنجي ماءُ آهي- ۽ مان پنهنجي ماءُ جي لڄ جي سلامتيءَ لاءِ اُهو ئي ڪردار ادا ڪندس، جيڪو ڪردار مون کان اڳ هِن اداري جا عظيم شاگرد ادا ڪري ويا آهن. آءُ وڏو ٿي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسي سان گڏ پنهنجي قوم کي ٺاهيندس ۽ ڊاهيندس دوکي جون سڀ ديوارون.
    ڀٽائي سائينءَ جي هِن پيغام سان مان اوهان کان اجازت وٺندس:

    جان جئين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جلڻ ري،
    تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويلَ ويهڻ جي.

    الله نگهبان .

    (پهرين سيپٽمبر 2007ع تي سنڌ مدرسته الاسلام جي
    ملهايل 122هين سالگرهه جي موقعي تي لکيل)


    جديد شعور جي جشن جو ڏينهن

    هِن اهم تقريب جا خاص مهمان صاحب
    سنڌ مدرسي جا پرنسپل صاحب
    منهنجا احترام لائق استاد صاحبان
    ۽ منهنجا پيارا شاگرد ڀائرو ۽ ڀينرو!
    السلام عليڪم!

    اڄ سنڌ مدرسي جي سالگرهه آهي. اڄ سنڌ مدرسي جي جنم جو ڏينهن آهي. اڄ هڪ قوم جي جديد شعور جي جشن جو ڏينهن آهي. هِن سرزمين کي سنڌ مدرسي جي روشنيءَ هڪ صديءَ کان مٿي عرصي تائين روشن رکيو آهي، تنهن ڪري اڄ هيءَ قوم پنهنجي هِن عظيم درسگاهه ۽ ان جي بانين کي سلام پيش ڪري ٿي.

    معزز مهمانو!
    ٿي سگهي ٿو ته سنڌ مدرسو ڪجهه ماڻهن لاءِ هڪ رسمي درسگاهه هجي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهو هِن جي تاريخي ڪردار کي به ڪلهه جو قصو سمجهندا هجن، پر سنڌ مدرسو اسان جي تاريخ جو هڪ چمڪندڙ چنڊ آهي. هِن جا ٿنڀا به ڳالهائيندا آهن. هِن جون ڀتيون ۽ دريون ۽ در به ڳالهيون ڪندا آهن. هِن جا وڻ ٽڻ به گفتگو ڪندا آهن. هِن جو ميدان به پنهنجي شاندار ماضيءَ جا قصا ٻڌائيندو آهي. اوهان انهن سان ڳالهائي ته ڏسو...
    اسان سنڌ مدرسي جي ڀتين ۽ درين ۽ دروازن سان ڳالهيون ڪيون آهن. اسان هِن جي ٿنڀن سان گفتگو ڪئي آهي. اسان هِن جي گهاٽن وڻن کان پڇيو آهي ته، هِن اداري جو ماضي ڪهڙو هو؟ هِن اداري جا استاد ڪيئن هئا؟ هِن جا شاگرد ڪيئن هئا؟ هِن اداري ۾ پيار ڪيترو هوندو هو؟ هِن اداري ۾ احترام ڪيترو هوندو هو؟ ...
    ۽ سڀ چون ٿا ته، سنڌ مدرسو هڪ اهڙي جاءِ آهي، جنهن کي جيڪڏهن اوهان رڳو هڪ ڀيرو ڏسندا ته ان کي بار بار ڏسڻ تي اوهان جي دل ڪندي. اوهان هن جا اسير بڻجي ويندا. هن جي تاريخ اوهان کي تاريخ شناسي سيکاريندي. هن جي پٿر جون ديوارون به اوهان کي گيت ٻڌائينديون. مون هِن جي گود ۾ سر رکي ان جون لوليون ٻڌيون آهن، جيڪي ڪو ٻيو ادارو نٿو ٻڌائي سگهي. مون هتي آرام حاصل ڪيو آهي. مون هن کان زندگيءَ جي معنيٰ سکي آهي. مون پنهنجي ڪيترن ئي معزز مهمانن کي هِن ئي اسٽيج تي سنڌ مدرسي جي شان ۾ قصا ٻڌائيندي ڏٺو آهي، ۽ انهن به سنڌ مدرسي جي اهميت سمجهائي آهي.

    منهنجا معزز مهمانو!
    ڇا اسان هيءُ ڏينهن ان لاءِ ملهائيندا آهيون ته، بس اچئون، ڪجهه تقريرون ڪيون ۽ ٻڌون ۽ پوءِ هليا وڃون...۽ سڀاڻي کان وري پنهنجي پنهنجي ڪلاس روم ۾ ويهي اهي ئي پراڻا سبق پڙهون، جيڪي نصابي ڪتابن ۾ لکيل آهن......؟
    نه...مان سمجهان ٿو ته اسان اڄوڪو ڏينهن ان ڪري ملهائيندا آهيون ته جيئن اسان پنهنجي تاريخ جي روبرو ٿيون. اسان پنهنجي ڪردار کي سمجهون....۽ اهو سمجهي سگهون ته اسان جي ڪلهه ۽ اڄ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڪلهه سنڌ مدرسي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ اڄ ان کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻو آهي؟...۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته اڄ اسان شاگردن جو ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي؟
    مان سمجهان ٿو ته سنڌ مدرسو رڳو اسان کي الف ب ۽ اي بي سي پڙهائڻ لاءِ قائم نه ڪيو ويو هو، پر هيءُ پنهنجي خوشحال مستقبل ڏانهن وڃڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. سنڌ مدرسو پنهنجي قوم سان تجديدِ وفا لاءِ قائم ڪيو ويو هو. سنڌ مدرسو ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ نئين دنيا قائم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو.

    منهنجا معزز مهمانو!
    جيڪڏهن هيءُ هڪ عام اسڪول هجي ها ته پوءِ مون کي ٻڌايو ته قائد اعظم محمد علي جناح ڪير هو؟ سر عبدالله هارون ڪير هو؟ سر غلام حسين هدايت الله ڪير هو؟ سر شاهنواز ڀٽو ڪير هو؟ غلام محمد ڀرڳڙي ڪير هو؟ علامه آءِ آءِ قاضي ڪير هو؟ محمد ايوب کهڙو ڪير هو؟ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ڪير هو؟ علامه علي خان ابڙو ڪير هو؟ يا اڄ جي دور ۾ جسٽس سيد سجاد علي شاهه ڪير آهي؟ محمد ابراهيم جويو ڪير آهي؟ شمشير الحيدري ڪير آهي؟ ۽ رسول بخش پليجو ڪير آهي؟

    معزز مهمانو!
    اهي سمورا عظيم ماڻهو هِن اداري جا اڳوڻا شاگرد آهن. اهي ئي ماڻهو پاڪستان جا هيروز آهن. اهي ئي سنڌ جا هيروز آهن. انهن ئي هِن ملڪ جي قيام ۽ پوءِ ان جي تعمير ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
    ڇا ان کانپوءِ به اهو سوال اوهان جي ذهنن ۾ اچي ٿو ته سنڌ مدرسو ڇو قائم ڪيو ويو هو؟ ڇا اوهان اڃا به پڇندا ته هِن اداري جي عظمت جو بنياد ڪهڙو آهي؟ ڇا اڃا به ڪير اسان کان هِن اداري جي عظمت جو ثبوت گهرندو؟ ڇا اسان اهو ڄاڻڻ کانپوءِ به ان تي فخر نه ڪريون ته اسان اُن قوم جا پٽ آهيون، جنهن سنڌ مدرسي جهڙي عظيم اداري جو بنياد وجهي پنهنجي قوم کي جديد علم سان نوازيو؟

    معزز مهمانو!
    اڄ به سنڌ مدرسو پنهنجي شاندار روايتن کان پٺتي ناهي هٽيو. هتان جيڪو به شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نڪرندو آهي، اهو حب الوطنيءَ ۽ قوم دوستيءَ جي جذبي سان سرشار هوندو آهي. هو اهو ناهي ڏسندو ته هو ڪيترو ڪمائي ٿو، پر اهو ڏسندو آهي ته هُن پنهنجي قوم لاءِ ڪيترو سٺو ڪم ڪيو آهي. هو اهو ناهي ڏسندو ته سندس پيٽ ڀريل آهي يا نه، پر هو ڏسندو آهي ته سندس قوم جا ڪيترا ٻچا پيٽ ڀري ماني کائي ستا آهن. هو اهو ناهي ڏسندو ته سندس ٻار ڪيتري ٺَٺ سان ٿا رهن، پر هو اهو ڏسندو آهي ته قوم جا ڪيترا ٻار پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا آهن ....۽ پوءِ انهن جي مدد لاءِ سندس ننڊ ڦِٽي ويندي آهي....
    سنڌ مدرسو اهڙي تعليم ڏيندو آهي. ان کانپوءِ به اوهان چوندا ته مان هڪ معمولي سرڪاري اسڪول جو شاگرد آهيان؟ نه...مان ڪنهن معمولي اسڪول جو شاگرد ناهيان، مان هڪ اسپيشل اداري جو شاگرد آهيان، جنهن تي مون کي فخر آهي.
    اوهان کي اهڙي عظيم اداري جي سالگرهه جي مبارڪ هجي.
    الله حافظ.

    (پهرين سيپٽمبر 2007ع تي سنڌ مدرسته الاسلام جي
    سالگرهه جي موقعي تي اصل ۾ اردو ۾ لکيل. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي)


    سنڌ مدرسي ۾ اسان لاڏلن ٻارن وانگر رهياسين

    منهنجا انتهائي مانوارا پرنسپل صاحب
    منهنجا احترام لائق استاد صاحبان
    ۽ منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو!
    السلام عليڪم !
    سنڌ جي عظيم شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي:

    وارو وڃنِ ٿا، سيڻ تنهنجا سسئي،
    ههڙا ٻاروچا، ڪينَ لهندينءِ ڪي ٻيا.

    ڀٽائي سائينءَ جي اِن ڳالهه وانگر اڄ اسان جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. اڄ کانپوءِ اسان هِت نه هونداسين. ٻيو صبح اسان جي لاءِ هِت اوپرو هوندو. هِن عظيم درسگاهه ۾ اسانجون هي آخري گهڙيون آهن. اُن کانپوءِ الوداع دوستو!
    سنڌ مدرسي ۾اسان لاڏلن ٻارن وانگر رهياسين. هتي اسان پنهنجي زندگيءَ جا اُهي لمحا گذاريا، جيڪي ڏاڍا قيمتي هوندا آهن. اسان کي احساس ئي نه ٿيو ته وقت ڪيئن گذرندو ويو؟ لمحا ٿا لڳن پنهنجي زندگيءَ جا اُهي سال، جيڪي اسان هتي گذاريا.
    سنڌ مدرسي اسان جي ائين پرورش ڪئي، جيئن ڪا امڙ پنهنجي اولاد جي ڪندي آهي. اسان کي جڏهن ڪنهن استاد جي ڇڙٻ ملندي هئي، ته اسان اُن کي پنهنجي لاءِ دعا ڀانئيندا هئاسين. جڏهن ڪو استاد اسانکي دڙڪو ڏيندو هيو، ته اسان جي دلِ ۾ ان جي لاءِ احترام وڌي ويندو هيو، ڇاڪاڻ جو اسان کي هتي اچڻ کانپوءِ اِهو چڱي طرح احساس ٿي ويو هو ته، اسان جا استاد اسانکي پنهنجي اولاد وانگر ٿا ڀانئين ۽ هُو چاهين ٿا ته اسان جي تربيت اهڙي ٿئي، جهڙي هُو پنهنجي اولاد جي ڪندا آهن. دراصل هُنن تي به سنڌ مدرسي جي تاريخي حيثيت کي بحال رکڻ جو بار پيل هيو.
    مان ته پنهنجن استادن جي قدمن ۾ ويهي اُنهن جو ٿورو ادا ڪرڻ ٿو چاهيان، جن مون جهڙي مهين جي دڙي جي ڀرسان واري هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان آيل ٻار کي ايتري خوداعتمادي ڏني، ايترو علم ڏنو، ايترو جذبو ڏنو، جو صبح جو اسيمبليءَ ۾ دير سان ايندڙ شاگردن کي مان هڪ پِريفيڪٽ جي حيثيت ۾سختيءَ سان سمجهائيندو هيس. اُنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪا سزا به ڏيندو هيس. جڏهن سائين راشد صديقي صاحب ۽ حفيظ قاسماڻي صاحب منهنجي همٿ افزائي ڪندا هيا، ته منهنجي دل وڌي ويندي هئي ۽ دل وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي چوندي هئي.

    معزز سامعين!
    مان هتي گذاريل پنهنجي سموري وقت ۾ سنڌ مدرسي جي ترقيءَ کي ۽ اِن جي نانوَ کي پنهنجي ترقي ۽ پنهنجو نانءُ سمجهندو هيس، ڇاڪاڻ جو اسان هتي اچڻ کانپوءِ اِهو سمجهي ويا هئاسين ته، هيءُ ڪو عام رواجي اسڪول ناهي. هِن جي نانوَ سان ته ڪيترائي وڏا نانوَ جُڙيل آهن.
    هيءَ ته پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد جناح جي مادر علمي آهي. معنيٰ ته هيءُ ڪو معمولي ادارو ناهي.

    معزز مهمانو!
    مان هڪ خالي دماغ سان هِت آيو هيس ۽ هڪ وسيع سوچ سان پنهنجي مادر علميءَ مان وڃان پيو. هِن عظيم اداري مون کي ايترا ته سهڻا سهڻا خواب ڏنا آهن، ايترا ته منهنجي منَ جي رلهيءَ تي سهڻا سهڻا خيال سِبيا آهن، جو هاڻي مان پنهنجي ايندڙ زندگيءَ ۾ ڪٿي به نه ڀٽڪندس. ڪٿي به نه مُنجنهدس. جنهن وقت به منهنجا پير ٿاٻڙجندا، اُتي سنڌ مدرسو منهنجي مدد جي لاءِ موجود هوندو، جتي جتي مان گهٻرائيندس، هِن اداري مان پرايل علم منهنجي رهنمائي ڪندو ۽ جتي جتي مان ناڪام ويندس، هن اداري جون يادون مون کي وري وري محنت ڪرڻ تي آماده ڪنديون.
    سنڌ مدرسي جي ذهين استادن کان اسان کي اڃا گهڻو سکڻ کپندو هيو، پر افسوس جو نه سِکي سگهياسين. شايد تڏهن ئي ڀٽائي سائينءَ چيو هو ته:
    پاسي ويڄَ هئامِ تان مون مُور نه پُڇيا،
    تيلاهين پيامِ موريسر اکين ۾.

    پر سچ اِهو آهي ته سنڌ مدرسي مون کي نئون جنم ڏنو، مون کي نئين دنيا سان متعارف ڪرايو، مون کي جديد تعليم ڏني، مون کي سمجهايو ته، فرد جي لاءِ تعليم جي اهيمت ڇا ٿيندي آهي؟ قومن جي تقدير ۾ تعليم جي اهميت ڇا ٿيندي آهي؟ ۽ قومن جو قرض ڇا ٿيندو آهي؟
    اي منهنجي مادر علمي! مان سڄي عمر تنهنجو قرضي رهندس ۽ ڪوشش ڪندو رهندس ته تنهنجو قرض لاهيان. مان پنهنجي نائين ڪلاس جي ساٿين جو به ٿورائتو آهيان، جن اسان کي ڏاڍي شانائتي نموني الوداع ڪيو آهي.
    تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو.
    (ڀٽائي)

    (14 اپريل2007 ع تي سنڌ مدرسي جي ڏهين ڪلاس
    جي شاگردن جي لاءِ منعقد ٿيل الوداعي تقريب لاءِ لکيل )


    اڄ پڻ اتر پارَ ڏي تاڙي ڪَئي تنوارَ

    منهنجي هن عظيم مادر علمي جا انتهائي محترم پرنسپال صاحب
    منهنجا محترم استاد صاحبان
    منهنجا سڳن ڀينرن ۽ ڀائرن جهڙا ڀائرو ۽ ڀينرو!
    السلام عليڪم!

    منهنجي مادر علمي سنڌ مدرسي تي سلام
    منهنجي جنم ڀومي سنڌ تي سلام
    منهنجي عظيم درسگاهه جا پاسبانو!
    اسان جي مرشد ۽ سنڌ سميت سڄي دنيا جي هڪ عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي:

    اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،
    هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
    اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

    اڄ تاڙي تنواريو آهي. اڄ هارين هَر سنباهيا آهن. اڄ سَنگهار، منهنجا شاگرد ڀائر، سَرها ٿيا آهن، ڇو جو اڄ آسمان ڀرجي آيو آهي، برسات پوندي، کيت کڙندا ۽ مارو خوشحال ٿيندا. اڄ اسان به هڪ نئون کيت کيڙڻ جو سانباهو پيا ڪريون. اڄ اسان به هڪ نئون جهان جوڙڻ جي تياري پيا ڪريون، پر اڄ منهنجي اکڙين وسڻ جا ويس ڪيا آهن. اڄ منهنجيءَ دل وَسڻ جا ويسَ ڪيا آهن. اڄ منهنجي روح جي واديءَ ۾ هڪ وڏي ويڙهاند پئي هلي. اڄ مان پاڻ کي پرچائڻ ۾ پُورو آهيان، اڄ مان پاڻ کان رُسي رهيو آهيان، اڄ مون کي ڪو پرچائي، اڄ مون کي ڪو ڳَلِ لائي.

    منهنجا مهربانو!
    سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن خوشيءَ جو ڏينهن آهي. سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن کِلي موڪلائڻ جو ڏينهن آهي. سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن هڪ قدم اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، سڀ چون ٿا، اڄوڪو ڏينهن تعليم جي ٻاراڻي سطح ٽَپي ذهني ميچوئرٽيءَ طرف وڌڻ جو ڏينهن آهي، پر مون کي ڪير ٻڌائي ته ماءُ جي هنج ڇڏڻ جو درد ڪيئن برداشت ڪبو آهي؟ امڙ جي گود مان اٿي گم ٿي وڃڻ جو درد ڪيئن برداشت ڪبو آهي؟ پنهنجي جيجل جي آغوش کان الڳ ٿيڻ جو درد ڪيئن برداشت ڪبو آهي؟
    سنڌ مدرسو مون لئه جيجل امڙ جيان آهي. هن ئي امڙ جهڙي اداري جي چيچ پڪڙي مون پڙهائيءَ جو پنڌ ڪرڻ سکيو. مون فخر ڪرڻ سکيو ته مان سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جو وارث آهيان. مون سکيو ته مان پاڪستان جهڙي پياري وطن جو وارث آهيان، مون سکيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي اک مان ڳوڙهو وهندي ڏسين ته، ان کي پنهنجي اجرڪ جو پلاند آڇ، جي ڪنهن کي سڏڪا ڀريندي ڏسين ته، ان کي ڀاءُ بڻجي آٿت ڏي، جي ڪنهن رستي تي ڪنهن انسانيت جي تذليل ٿيندي ڏسين ته، ان هٿ کي روڪ.
    مون اهو نه سکيو ته، مان نفرت جي کيتن کي ريج ڏيندس، مون اهو نه سکيو ته، مان تقسيم در تقسيم جي پرچار ڪندس، مون اهو نه سکيو، ته مان آڳ ڀڙڪائيندس ۽ گلڙن کي ڀسم ڪندس. مان آرائين بڻجي گُل آڇيندس، محبت جي پرچار ڪندس. ٻانهون ٻڌي ليلائي رُٺلن کي پرچائيندس، ڇو ته هن ڌرتيءَ کي پرتل ڀائرن ۽ ڀينرن جي ضرورت آهي. هن ڌرتيءَ کي پيار جي ضرورت آهي. هن ڌرتيءَ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضرورت آهي.


    منهنجا مهربان سامعين!
    اوهان مون کان نه پڇو وڇوڙي جو درد، اوهان مون کان نه پڇو ته، جڏهن ڪو گُل پنهنجي ٽاريءَ کان ڇڄندو آهي، ته اهو ڪيئن ڪومائجي ويندو آهي؟ اوهان مون کان نه پڇو ته جڏهن وڏن جي ٻاجهه جي هٿ جي ڇانوَ مٿي تان هٽندي آهي، ته نٽهڻ اس جي تپش ۾ ڪو يتيم ٻار ڪيئن جلڻ لڳندو آهي؟ اوهان مون کان نه پڇو ته، جڏهن روشني کسبي آهي، ته اوندهه ۾ ڪيئن رهزنن جي رهزني گهاوَ ڏيندي آهي؟

    مهربانو!
    سنڌ مدرسو مون لئه اهڙو ادارو نه هيو، جتي رڳو ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري چئبو آهي ته، ”چڱو ٿيو، اسڪول مان جان ڇٽي.“ اسان وٽ اسڪولَ جو تصور سٺو ناهي. اسان وٽ ڪاليج وڃڻ کي معتبري سمجهيو ويندو آهي. اسان وٽ اسڪول کي قيد ۽ ڪاليج جي زندگيءَ کي آزادي سمجهيو ويندو آهي.

    پر منهنجا محترم سامعين!
    مون لئه ته هيءَ جاءِ به ڄڻ ڪا عبادت گاهه آهي. مون لئه هن اداري جي خاڪ به شفا آهي. مون لئه هن اداري جي استادن جي مار به مسيحائي رهي آهي. مون لئه هن اداري جون سختيون به راحت برابر رهيون آهن.

    پر منهنجا معتبر مهمانو!
    اڄ مان سمجهان ٿو ته مان يتيم ٿي رهيو آهيان. اڄ مان سمجهان ٿو ته، مان بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جي پناهه مان نڪري هڪ ويراني جي سفر تي وڃي رهيو آهيان. اڄ مان سمجهان ٿو ته هاڻي منهنجي زندگيءَ جو اصل امتحان شروع ٿي رهيو آهي.
    گهڻيون ئي مستيون ڪيون سين، گهڻيون ئي شرارتون ڪيون سين، گهڻا ئي انگل ڪياسين، گهڻائي لاڏلا ٿي رهياسين، پر هاڻ زندگي پنهنجي اصل روپ ۾ منهنجي اڳيان ايندي. اها زندگي تلخ به هوندي، ته اها سخت به هوندي. اها بيرحم به هوندي، ته اها بي رياءُ به هوندي، پر ان کي مُنهن ڏيڻو پوندو ۽ مُنهن ڏينداسين.

    معزز سامعين !
    اڄ مان پاڻ کي ذهني طور وڏو ٿيندي محسوس ٿو ڪيان. اڄ مان پاڻ کي هڪ وڌيڪ ذميوار نوجوان ٿو سمجهان. اڄ مان پاڻ کي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم جي لاءِ وڌيڪ جوابدار ٿو سمجهان، ڇاڪاڻ جو اڄ جڏهن مان اداس حالت ۾ سنڌ مدرسي جي مکيه عمارت جي ڪاريڊور ۾ رٺل حالت ۾ هڪ ٺُل سان ڪنڌ لڳائي بيهي پنهنجا ڳوڙها پي رهيو هيس، پاڻ کي پرچائي رهيو هئس، ته ان ويلي منهنجي هن مادر علميءَ منهنجي ڳل تي ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”پٽ! نه روءُ، مون کي پنهنجا روئندڙ ٻار ناهن وڻندا. ڏس، تو اڄ هڪ وڏي وک کنئي آهي. اڄ تون پنڌ ڪرڻ سکي ويو آهين، هاڻي تون کَٽ جي ٻَانهين پڪڙي پنڌ نه ڪندين، تون منهنجي چيچ پڪڙي پنڌ نه ڪندين، پر هاڻي تون پنهنجن پيرن تي بيهندين، ڊوڙندين ۽ دور ويندين... سو وڃ... اڳتي وڃ... وڌ ... اڳتي وڌ... هو ڏس، پريان تنهنجو هڪ ڀاءُ بيٺو آهي. هُن جي تَن تي ليڙون ليڙون لَٽا آهن، هُن جي اکين ۾ خوابن جي ويراني آهي، هُن جي دل چَير چَير آهي“.
    ”۽ .. او ... هُو ڏِسُ... تنهنجي ڀيڻ بيٺي آهي. ننڍڙي پتڪڙي ڀيڻ. اُن جي وارن ۾ چيڙهه آهي. ان جي هٿن ۾ ڀڳل رانديڪا آهن ۽ هُوءَ روئي روئي بيحال ٿي ڪِري پيئي آهي. انهن ٻارن هينئر تائين پيٽ ڀري ماني به ناهي کاڌي... وڃ... ۽ وڃي ان قابل ٿيءُ، جو پوءِ تون انهن کي نوان لٽا اوڍائي سگهين، انهن جي وارن مان چيڙهه ڪڍي سگهين، انهن جي چهري تي چانڊوڪي لاهي سگهين ۽ انهن جي اکين ۾ ڳوڙهن جي مالهائن بدران نئين زندگيءَ جي جوت جلائي سگهين. جڏهن تون اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ٿي ويندين ته پوءِ مان توکي پنهنجي پڙهائيءَ جي ٿڃ بخشينديس. نه ته مان توکي پنهنجو نه ڪنديس“.
    تنهنڪري منهنجي، عظيم درسگاهه جا مهمانو ۽ ميزبانو!
    مان پنهنجي هن عظيم مادر علميءَ سان وچن ڪري، اوهان کان موڪلايان ٿو - ۽ پنهنجي هن جيجل کي اهو يقين ٿو ڏياريان ته، ”منهنجي جيجل امڙ، مٺڙي امڙ، ڏاهي امڙ، مان تنهنجين نصيحتن تي عمل ڪندس، مان تنهنجن ٻچن جا ڳوڙها اگهندس، مان هن ديس جي خوشيءَ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندس، مان خوشين جي پرورش ڪندس، ۽ جڏهن مان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندس ته پوءِ مان تو وٽ واپس ايندس، سرخرو ٿي ايندس، تنهنجن اڳين پُٽن جيان. پر منهنجي امڙ، پوءِ مون کي نه روڪجانءِ، مان تنهنجي گود ۾ ڪنڌ لاڙي، ڍنڍڪرون ڏيئي روئڻ چاهيندس، مان پنهنجي دل تان سالن جي سنڀاليل بار کي لاهڻ چاهيندس، مان روئڻ کان روڪيل پنهنجين اکين کي ان ڏينهن آزاد ڪرڻ چاهيندس، مان اُن ڏينهن روئي به خوش ٿيڻ چاهيندس، ڇاڪاڻ جو اُن ڏينهن منهنجا ڳوڙها خوشيءَ جا ڳوڙها هوندا - ۽ اڄ منهنجا ڳوڙها، منهنجي غم جا ڳوڙها آهن.
    سڙهه سنوان، لاڄو نوان، مهاڻا سندن مير،
    ساٿي سفر هليا، ٿيا سڻاوا سير،
    جي اچن ساڻ اڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين.
    (ڀٽائي)
    الله واهي.

    (9 اپريل 2008ع تي ڏهين ڪلاس جي شاگردن
    جي مان ۾ منعقد ٿيل الوداعي تقريب جي موقعي تي لکيل)


    14 آگسٽ- آزاديءَ جو ڏينهن

    منهنجا انتهائي معتبر ۽ مانائتا پرنسپل صاحب
    قابلِ تعظيم استاد صاحبان
    ۽ منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو!
    السلام عليڪم!
    جيئي پنهنجو وطن

    ڀٽائي سائينءَ چيو آهي:
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اَڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين کي هَوءِ وطن جنين وساريو.

    منهنجي آزاد وطن جي باني اداري سنڌ مدرسي جا معزز استادو ۽ شاگردو!
    اڄ اسان پنهنجي وطن پاڪستان جي ايڪهٺين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. اڄ اسان جي مادرِوطن جي جشن جو ڏينهن آهي. اڄ کِلڻ ۽ خوش ٿيڻ جو ڏينهن آهي. اڄ مبارڪون ڏيڻ ۽ وٺڻ جو ڏينهن آهي. اڄ شادماني جو ڏينهن آهي. اڄ دنيا جا سڀئي رنگ هِن ديس تي مهربان ٿيندا. اڄ سمورا ملڪ واسي پنهنجي آزاديءَ جي گيت تي جهومندا، ناچ ڪندا، ۽ وچن ڪندا پنهنجي ديس کي سنوارڻ جو، پنهنجي ديس کي خوشحال بڻائڻ جو، پر مون کي اڄ اوهان کان هڪ ڳالهه پڇڻي آهي.
    ڇا اوهان کي خبر آهي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جو ڪهڙو روپ ٿيندوآهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جو ڪهڙو رنگ ٿيندو آهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جي ڪهڙي ٻولي ٿيندي آهي؟ اوهان کي خبر آهي ته آزاديءَ جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڪهڙو مفهوم آهي؟

    منهنجا معزز مهمانو!
    مان ٿو ٻڌايان اوهان کي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي؟ آزادي ماءُ جي رَئي جي ڇانوَ ٿيندي آهي. آزادي امڙ جي مٺڙي لولي ٿيندي آهي. آزادي ماءُ جي جهولي ٿيندي آهي. آزادي ڀيڻ جو پيار ٿيندي آهي. آزادي معصوم ٻارڙيءَ جي مرڪ ٿيندي آهي. آزادي پيءُ جي شفقت ٿيندي آهي. آزادي ڀاءُ جي ارڏائي ٿيندي آهي. آزادي جنت جو ٻيو روپ ٿيندي آهي. آزادي زندگيءَ جو گيت ٿيندي آهي. آزادي ڪنهن باغيءَ جو خواب ٿيندي آهي. آزادي علامه اقبال جو ”بانگ درا“ ٿيندي آهي. آزادي ڀٽائيءَ جي ”مارئي“ ٿيندي آهي. آزادي نئين صبح جو سڏ ٿيندي آهي. آزادي اسان جي ۽ اوهان جي اکين جي بي ساخته چمڪ ٿيندي آهي. آزادي
    رم جهم آهي. آزادي چوماسي جو وسڪارو آهي. آزادي بهار جي مُند ۾ ڦُٽل سرخ گلاب آهي. آزادي آزاد فضا ۾ ڪبوترن جي اُڏار آهي.
    ۽ غلامي؟
    غلامي ذلت آهي. ڪنهن ڏائڻ جو روپ آهي. اِها موت جي ٻولي ڳالهائيندي آهي. قومن جي ڳچيءَ جو طوق ٿيندي آهي. قومي احترام تي راتاهو هڻندي آهي. خوابن جي قاتل ٿيندي آهي. انساني رت جي پياسي ٿيندي آهي. ظالم ٿيندي آهي. چينُ ۽ سُڪون کسيندي آهي.
    غلامي جبرَ جو نانءُ آهي. ظلم جي تصوير آهي. پيرن جي زنجير آهي، جنهن کي هر حال ۾ ٽوڙڻو هوندو آهي.
    ۽ اسان جي وڏن ظلم جي اِها زنجير جڏهن 14آگسٽ 1947ع تي ٽوڙي، ته اِن جو پڙاڏو سڄي دنيا ٻُڌو ۽ پوءِ اِن جو آواز مڌرُ موسيقيءَ ۾ بدلجي ويو.

    معزز مهمانو !
    آزادي خيرات ۾ ناهي ملندي. آزادي انعام ۾ ناهي ملندي. آزادي گُهرڻ سان به ناهي ملندي. آزادي ننڊ ڪرڻ سان به ناهي ملندي. آزادي ته وڙهي وٺبي آهي. آزاديءَ جي لاءِ ته سِرَ ڪٽائڻا پوندا آهن. آزاديءَ جي لاءِ ته گَهرَ، ٻارَ ۽ مالُ ملڪيتَ لُٽائڻا پوندا آهن. آزادي قربانيءَ جي تمنائي هوندي آهي ۽ جيڪي آزاديءَ جي راهه ۾ شهيد ٿيندا آهن، اُهي امر هوندا آهن. اُنهن جي پوئلڳي اعزاز هوندي آهي.
    اسان وٽ آزاديءَ جي لاءِ وڙهندڙ گهوٽن کي ته سندن گهر واريون روڪينديون ناهن، پر اُهي ته ڀٽائي گهوٽ جي لفظن ۾ کين چونديون آهن:

    ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونهان،
    ته پڻ لڄ مران جي هُوَنِسِ پُٺِ ۾.

    هڪ عورت پنهنجي آزادي پسند مڙس کي ٿي چوي،”جيڪڏهن توکي مُنهن ۾ گهاوَ هوندا ته اُنهن کي سيڪيندي مان خوش ٿينديس. ٻلهار وينديس تو مٿان، پر جيڪڏهن وڙهندي توکي پُٺيءَ ۾ ڪو گهاءُ لڳو ته مان شرم وچان مري وينديس، ڇاڪاڻ ته مُنهن ۾ گهاوَ، سامهون وڙهندڙ بهادر کي لڳندا آهن ۽ پٺيءَ ۾ گهاوَ، پٺي ڏيئي ڀڄندڙ بزدل کي لڳندا آهن.“

    منهنجا احترام لائق سامعين !
    مون کي فخر آهي ته مان اُن سرزمين سان تعلق رکان ٿو، جنهن کي دنيا ”سنڌ“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ اُن تعليمي اداري سان تعلق رکان ٿو، جنهن کي دنيا ”سنڌ مدرسي“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. اِهي ٻئي زمينون، منهنجي وطن پاڪستان جون خالق آهن. سنڌ، پاڪستان ٺاهڻ واري هلچل جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ مدرسي جو اڳوڻو شاگرد قائد اعظم محمد علي جناح اُن هلچل جو اڳواڻ هو.
    پر مان ته ائين ٿو چوان ته، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هيو، جڏهن انگريزن سورهين صديءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي واپارين جي روپ ۾ سنڌ ۾ پهريون قدم رکيو هو. پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هو، جڏهن انگريز سامراج 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو هو.
    1947ع وارو آزاديءَ جو ڏينهن اُن وقت طئي ٿي ويو هيو، جڏهن 1848 ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هيو، جڏهن 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن وانگر سنڌ جي آزادي پسندن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ توپن سان اُڏايو ويو هو، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هيو، جڏهن 1885ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هو، جڏهن 1936ع ۾ سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ کان الڳ ٿي هئي ۽ پاڪستان اُن وقت ٺهي ويو هو، جڏهن 1943ع ۾ سنڌ پاڪستان جي لاءِ تڏهن ٺهراءُ پاس ڪيو هو، جڏهن گڏيل هندستان جي باقي صوبن قائد اعظم محمد علي جناح کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو هو.
    معزز سامعين!
    اسان کي اِهو به فخر آهي ته پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ ڄائو هو، هُو اسان جي هِن عظيم درسگاهه مان آزاديءَ جا سبق حاصل ڪري نڪتو هو، اڄ اسان کي هِن اداري مان پنهنجي آزادي بچائڻ جا سبق حاصل ڪرڻا آهن، ڇاڪاڻ ته آزادي حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي هوندي، پرآزاديءَ جو بچاءُ ڪرڻ اوترو ئي اهم هوندو آهي، جيترو آزادي حاصل ڪرڻ اهم هوندي آهي.

    معزز سامعين!
    چون ٿا، ڪنهن ملڪ ۾ هڪ غلام ماڻهو، ڪنهن فٿ پاٿ تي گهري ننڊ ۾ سُتو پيو هو ته، ڪنهن ماڻهوءَ اُن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ٻي ماڻهوءَ اُن کي روڪيندي چيو، ’اِن کي نه جاڳاءِ، متان آزاديءَ جو خواب ڏسندو هجي“. جنهن تي پهرئين ماڻهوءَ چيو، ”هن کي ٺوڪر هڻي جاڳايو، ته جيئن آزاديءَ جا صرف خوابَ نه ڏسي، بلڪه ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري“. اڄ اسان کي به جاڳڻو آهي. اڄ اسان جي آزاديءَ کي خطرا درپيش آهن. اڄ اسان جي سلامتي خطري هيٺ آهي ۽ اڄ اسان جو وجود خطري ۾ آهي، ڇوته دهشتگرد بي لغام آهن ۽ هُو معصوم ماڻهن کي ماري رهيا آهن.

    سو منهنجا پيار! مهمانو !
    14 آگسٽ 1947ع تي اسان جاگرافيائي آزادي حاصل ڪئي، پر اڄ اسان کي هڪ ٻي آزادي به حاصل ڪرڻي آهي. اڄ اسان کي جهالت کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي غربت کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي غلط ريتن ۽ رسمن کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي ناانصافيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي بدامنيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي خود ڪُشُ حملن کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي نفرت کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي، اڄ اسان کي مختلف قوميتن وچ ۾ موجود بي اعتماديءَ کان آزادي حاصل ڪرڻي آهي.
    اسان پنهنجي هِن عظيم ملڪ کي مڪمل آزاد ملڪ ڏسڻ جا خواب ڏٺا آهن. جيڪڏهن اوهان اسانجن خوابن جي تعبير نه بڻجندا ته اسان پاڻ بڻجنداسين. اسين پاڻ هِن ملڪ کي عظيم کان عظيم تر بڻائينداسين.

    سُڻي ساڻيهَه ڳالهڙي، لهي ويا لوههَ،
    اندر جا اندوهه، لٿا ڏُک سُک ٿيا.
    (ڀٽائي)

    (پاڪستان جي آزاديءَ وارو ڏينهن 14 آگسٽ 2008ع
    جي موقعي تي لکيل)


    ويٺي جنين وٽِ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿئي

    مانوارا مهمان صاحب
    اسپيڪر سنڌ اسيمبلي،
    جناب پرنسپل صاحب
    منهنجا استاد صاحبان
    منهنجا شاگرد ڀائرو ۽ ڀينرو
    ۽ ٻيا مهمانو!
    السلام عليڪم!

    معزز سامعين،
    سنڌ جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو:

    ويٺي جنين وٽِ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿئي،
    تون تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا .

    مهربانو !
    اڄ سنڌ مدرسي جي پَکي اڏڻ جو 124هون سال آهي. اڄ سنڌ مدرسي جي جنم جو ڏينهن آهي. اڄ هڪ قوم جي جديد شعور جي اظهار جو ڏينهن آهي. اڄ هڪ لافاني خوشيءَ جو ڏينهن آهي. اڄ اَڻَ مُئي سُک جي احساس جو ڏينهن آهي.
    سنڌ مدرسي، هِن سرزمين جا 123 سال روشن ڪيا آهن. اِن لاءِ اڄ هيءَ قوم پنهنجي اِن عظيم درسگاهه ۽ اُن جي باني خانبهادر حسن علي آفنديءَ کي جهڪي سلام ٿي پيش ڪري.

    مانوارا مهمانو!
    ممڪن آهي ته سنڌ مدرسو ڪجهه ماڻهن جي لاءِ هڪ عام پِيلو سرڪاري اسڪول هجي، ۽ اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو هِن اداري جي عظمت کان ناواقف هجن، پر حقيقت اِها آهي ته سنڌ مدرسو سنڌ جي تاريخ جي آسمان جو هڪ روشن سج آهي، سنڌ مدرسو جديد دور جي هڪ عظيم درسگاهه آهي. سنڌ مدرسو سنڌوءَ جي پاڻيءَ جهڙو مٺڙو آهي، سنڌ مدرسو سنڌ جي کيتن جيان زرخيز آهي. سنڌ مدرسو ممتا جو روپ آهي. هيءُ غلاميءَ غلاف سنڌ جي ماڻهن جي جدوجهد جي زندهه تاريخ آهي.

    معزز سامعين !
    اوهان کي خبر آهي ته، سنڌ مدرسي جا نه رڳو ڪلاس رومَ، پر هِن جون ڀِتيون به ڳالهائينديون آهن، هِن جو ميدان به ڀُڻ جُهڻ ڪندو آهي. هِن جا وڻ به جُهڪي تاريخي قصا ٻڌائيندا آهن. هيءُ ادارو اڄوڪي ڏينهن تي اسان سان ايترو ته ڳالهائيندو آهي، جو اسان جي اندر جا سمورا طبق روشن ٿي ويندا آهن.

    معزز سامعين!
    سنڌ مدرسو رڳو اسان کي اي بي سي پڙهائڻ جي لاءِ قائم نه ٿيو هو، پر اِهو پنهنجي قوم کي هر نئين دور ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جي لاءِ قائم ٿيو هو، سنڌ مدرسو سنڌ جي مسلمانن کي جديد تعليم ڏيڻ لاءِ قائم ٿيو هو. اِهو اسان کي فخر سان جيئڻ جو سبق پڙهائڻ جي لاءِ قائم ٿيو هو.


    معزز سامعين!
    اڄ به سنڌ مدرسو پنهنجي شاندار تاريخي روايتن کان پٺتي ناهي هٽيو. اڄ به هتان جيڪو شاگرد تعليم مڪمل ڪري نڪرندو آهي ته اُن جي اکين ۾ ڳوڙها هوندا آهن، پر سندس اندرُ حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار هوندو آهي.
    سنڌ مدرسي مان پڙهي ويندڙ شاگردن جي اِها به خوبي آهي ته هُو پنهنجي قوم جي ڀلائي، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ سوچيندا آهن ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪندا آهن. تنهن ڪري ئي ته مان چوان ٿو ته سنڌ مدرسو پنهنجي شاگردن کي باوقار جياپي جو انداز سيکاريندو آهي، سنڌ مدرسو غريبن ۽ مظلومن جا ڳوڙها اگهڻ سيکاريندو آهي، سنڌ مدرسو سُکَ جي پرورش ڪرڻ سيکاريندو آهي، سنڌ مدرسو جدوجهد جي ميدان ۾ اوچي ڳاٽ سان وڙهڻ سيکاريندو آهي، سنڌ مدرسو سوڀ جا سبق ڏيندو آهي... هِن اداري جي روح کي جن به سمجهيو، تن تي ڪا به تڪليف اثر ناهي ڪندي.
    ڀلا جنهن اداري مان قائد اعظم محمد علي جناح جهڙي عظيم اڳواڻ تعليم حاصل ڪئي هجي، ۽ جنهن اداري کي محترمه شهيد بينظير ڀٽو ”عظيم ادارو“ قرار ڏيئي وئي هجي، اُهو ادارو ڪيئن ٿو گهٽ ٿي سگهي؟ اُهو ادارو ڪيئن ٿو عام رواجي ادارو ٿي سگهي، اُهو ادارو ڪيئن ٿو پِيلو اسڪول ٿي سگهي؟ هيءُ ادارو ڏاڍو عظيم ادارو آهي دوستو!

    مهربانو!
    اڄ اوهان کي اهڙي عظيم اداري جو 124 هون فائونڊيشن ڊي مبارڪ هجي.
    ڀٽائي سائين چوي ٿو:

    آئون جيئندي ڪيئن يا الا، مُون مُسافِرُ سُپَرين،
    مون کي ڇڏي هليا، هاڻي ڪريان ڪيئن؟

    الله حافظ.

    (پهرين سيپٽمبر 2009ع تي سنڌ مدرسته الاسلام
    جي ملهايل 124هين سالگرهه جي موقعي تي لکيل )


    هِنن ڀِتين کي به هِڪَ دِلِ آهي

    منهنجا انتهائي احترام لائق پرنسپل صاحب
    منهنجا شفيق وائس پرنسپل صاحبان
    منهنجا مهربان استاد صاحبان
    ۽ منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو!
    السلام عليڪم!

    سڀ کان اول اوهان سڀني کي سنڌ مدرسي جي سالگرهه جو ڏينهن مبارڪ هجي.

    معزز مهمانو!
    اڄ سنڌ مدرسي جي، هن عظيم درسگاهه جي، اڄ هن عظيم امڙ جي 125هين سالگرهه آهي ۽ منهنجي اکين جي ندين ۾ ٻوڏ آهي. منهنجي اکين ۾ آيل اِها ٻوڏ خوشيءَ جي ٻوڏ آهي، تسليءَ جي ٻوڏ آهي، اطمينان جي ٻوڏ آهي ۽ فخر جي ٻوڏ آهي.
    اوهان پڇندا ته ڇو؟
    مان چوان ٿي، اِن ڪري جو هن عظيم درسگاهه پنهنجي زندگيءَ جا رڳو 124 سال پورا ناهن ڪيا، پر هِن، خطي ۾ تاريخ جا وهڪرا ئي بدلائي ڇڏيا آهن، تاريخ کي نئين سِر لکرايو آهي ۽ اُنهن شخصيتن جي سِرَ تي عظمت جا مَوڙَ ٻڌا آهن، جيڪي غريب هئا، جيڪي مسڪين هئا ۽ جيڪي بي پهچ هئا.
    هيءُ ادارو بي پهچ ماڻهن جو ادارو آهي، مسڪينن جو ادارو آهي، غريبن جو ادارو آهي، مظلومن جو ادارو آهي، ڏکويلن جو ادارو آهي ۽ اُنهن ماڻهن جو ادارو آهي، جن جي پيٽ جي بُک ۽ اکين جي اُڃ ۾ به اميد جا چنڊ اُڀريل هوندا آهن.

    منهنجا مانوارا سامعين!
    سنڌ مدرسو، رڳو ڀتيون ناهي، پر هنن ڀتين کي ڪَن به آهن، هنن ڀتين کي دل به آهي ۽ اُن دل ۾ اسان ٻار به رهون ٿا. هنن ڀتين ۾ رڳو دَر ۽ دَريون ناهن، پر هنن ڀتين کي اکيون به آهن، هنن ڀتين کي دماغ به آهي ۽ اهو دماغ اسين آهيون، جنهن جي سوچ ۾ ساري سنڌ آهي، سارو ملڪ آهي ۽ سارو جهان آهي.

    منهنجا انتهائي عزت لائق سامعين!
    مان جڏهن روز صبح جو بابا جي هٿ جي چيچ پڪڙي هن اداري ۾ ايندي آهيان ته هتي پهچڻ کانپوءِ مون کي بابا جي هٿ جي چيچ پڪڙڻ جي ضرورت ناهي پوندي، ڇاڪاڻ جو هتي پهچڻ کانپوءِ سنڌ مدرسي جهڙي ماءُ مون کي پنهنجي گود ۾ کڻي وٺندي آهي، مون کي لوليون ڏيندي آهي، مون کي ديس پرديس جون آکاڻيون ٻڌائيندي آهي، مون کي دنيا جهان جي ڪاميابين جا قصا ٻڌائيندي آهي، مون کي مستقبل جي خطرن کان آگاهه ڪندي آهي ۽ مون کي منهنجي سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب کان واقف ڪندي، نئين دنيا اڏڻ لاءِ عزم ۽ حوصلو ڏيندي آهي.

    پر منهنجا سائين!
    اڄ هن سنڌ مدرسي مون کي پنهنجي اُن ڀيڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي آهي، جنهن کي اسانجي عظيم سنڌو درياههُ هڪ وڏي ٻوڏِ سبب غوثپور کان لوڙهي هتي ڪراچيءَ وٺي اچي هڪ ڪئمپ ۾ رهايو آهي. منهنجي اُن ڀيڻ جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي. هُوءَ بک تي آهي. هُن جي اکين جي اميد جي ڪتاب جا اکر مِٽجي چُڪا آهن. هُن جي پتڪڙي دل جا بندَ ڀَڄي پيا آهن. هُوءَ پنهنجي ديس ۾ پرديسي آهي. هُن جي نيڻن ۾ ڳوڙهن جون ڇوليون آهن، جيڪي هُن جي امڙ جي جهوليءَ کان وڏيون آهن.
    سو، هن عظيم موقعي تي، سنڌ مدرسي جي جنم ڏينهن تي مان خوش ته آهيان، پر منهنجو پنهنجين اکين تي وَسُ نٿو هلي. اِهي ڪنهن ڪنهن وقت بي قابو ٿي ٿيون وڃن. رحمدل جو آهن! هِن ڌرتيءَ جي چيڪي مِٽيءَ مان جو ٺهيل آهن!

    پر منهنجا ديس واسيو!
    مان اڄ واعدو ٿي ڪريان ته، مان وڏي ٿي اُنهن سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن جي چهرن تي مُرڪون واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪنديس، جيڪي سنڌوءَ جي رحم جا حقدار نه ٿي سگهيا. مان انهن ماڻهن جي چهرن تي خوشيءَ جي انڊلٺ اڀارينديس، جن جو الله کان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي ۽ مان هن وطن جي مٽيءَ کي ماٿي لائي، ان جي اهڙي خدمت ڪنديس، جو دنيا دنگ رهجي ويندي ......۽ اهڙي همٿ ۽ صلاحيت هيءُ سنڌ مدرسو مون کي ڏيندو. هيءَ مادر علمي مون کي ڏيندي- انشاءَالله.
    جيئي سنڌ مدرسو. جيئي وطن.

    (پهرين سيپٽمبر 2010ع تي سنڌ مدرسته الاسلام جي ملهايل
    125هين سالگرهه جي موقعي تي لکيل ، جيڪا هڪ شاگردياڻيءَ پڙهي)


    اسان هتي زندگيءَ جي معنيٰ سکڻ ايندا آهيون

    اسٽيج تي ويٺل منهنجي مادر علميءَ جا مانوارا مهمانو
    منهنجا انتهائي مهربان استادو
    ۽ منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو!

    آيا آس ٿيامِ ، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
    پسي پهرَ پنهونءَ جي، نُنهن سين نيڻ ٺريامِ،
    گوندر وسريامِ، سُکن شاخون ڪڍيون.

    اڄ مان اوهان پنهنجن سڀني معزز مهمانن کي، پنهنجن مهربان استادن کي ۽ پنهنجن شاگرد ڀائرن ۽ ڀينرن کي هِن تقريب ۾شرڪت ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿي، ڇاڪاڻ جو هِن سالگرهه جا ميزبان ڪي ٻيا نه، پر اسين آهيون. هيءَ اسان جي عظيم درسگاهه آهي. هيءَ منهنجي مادر علمي آهي.
    اڄ اسان جي هِن عظيم درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام جي 128هين سالگرهه آهي. اڄ منهنجي مادر علميءَ جو جنم ڏينهن آهي. اڄ منهنجي هِن تاريخي اداري جي قيام جو ڏينهن آهي، تنهن ڪري مان اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر چوان ٿي، ”ڀلي ڪري آيا.“

    منهنجا مهربان سامعين!
    اڄ جڏهن مان پنهنجي هِن مڌر انسٽيٽيوشن تي سوچيان ٿي، اڄ جڏهن مان هِن اداري جي ماضيءَ ۾ جهاتي پايان ٿي ۽ اڄ جڏهن مان پنهنجي هِن مادر علميءَ جي ڪالهوڪن ڏينهن ۾ وڃي ڏسان ٿي ته، خوشيءَ وچان منهنجون اکيون چمڪي پون ٿيون، فخر سان منهنجي دل ڀرجي وڃي ٿي، پر منهنجي زبان منهنجي اندر جا اُهي احساس ۽ ڪيفيتون بيان ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي، جيڪي مان بيان ڪرڻ چاهيان ٿي.

    منهنجا مهربان سامعين!
    سنڌ مدرسي جو ماضي، ماضي ناهي، اُهو اڄ به اسان سان گڏ آهي، اُهو اڄ به اسان کي گائيڊ ڪري ٿو، اُهو اڄ به اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، اُهو اڄ به اسان جي سِکيا ڪري ٿو، ۽ اُهو اڄ به اسان کي ٻڌائي ٿو ته، اوهان، جيڪي هتي پڙهڻ آيا آهيو، تن تي رڳو اِها هڪڙي ذميواري ناهي ته، اوهان کي ڪورس جا ڪتاب رَٽي، پاڻيءَ وانگر پيئڻا آهن ۽ پنهنجي دماغ کي خالي ڇڏڻو آهي.

    پر منهنجا مهربانو !
    سنڌ مدرسي ۾ اچڻ کانپوءِ اسان جون ذميواريون وڌي ويون آهن. هِتي اسان جُز مان ڪُل ٿي ويا آهيون، ۽ هِتي اچڻ کانپوءِ اسان جو ڪردار ملڪ ٺاهيندڙ ۽ ملڪ سنواريندڙ وارو بڻجي وڃي ٿو، تنهن ڪري جڏهن اسان هتان پڙهي نِڪري وينداسين، تڏهن اسان جو ڪردار ڪو عام رواجي نه هوندو، پر اسين هِن ڌرتيءَ جي سينڌ سنوارينديون سين، اسين هِن ديس کي ٺاهينديون سين.

    منهنجا مانوارا سامعين !
    منهنجي هيءَ مادر علمي، جيڪا اڄ يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ڪري چڪي آهي، اُن جي اڳتي کڄندڙ هر وِکَ کي هاڻي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڇا سج کي اڀرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ ڇا چنڊ کي اڀرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ ۽ ڇا سامونڊي طوفان کي اڳتي وڌڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟
    جي نه، ته پوءِ سنڌ مدرسي جي ترقيءَ کي به ڪير روڪي نٿو سگهي. منهنجي هِن مادر علميءَ کي پنهنجو قومي ۽ علمي ڪردار ادا ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڀلا جنهن کي اسان سوين نياڻِين جون دعائون هجن، اُن کي ڪير ڇا ڪري سگهندو؟
    منهنجي هيءَ مادر علمي ڪلهه به علم جي ورهاست ۾ مصروف هئي، اڄ به هيءَ پنهنجن ٻچن جي تربيت ڪري رهي آهي، ۽ سڀاڻي به هيءَ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙيون شخصيتون پيدا ڪندي رهندي.
    تنهن ڪري، منهنجا احترام لائق مهمانو!
    مون لاءِ هي رڳو پٿر جون ٺهيل عمارتون ناهن، منهنجي لاءِ هي رڳو بلاڪن ۽ سيمينٽ جو ٺهيل ادارو ناهي، پر سچ پڇو ته هيءُ مون لاءِ هڪ اَجهو آهي، جنهن ۾ اسان کي آسيس به ملندي آهي ته زندگيءَ جي ابتدائي تعليم به ملندي آهي.
    تنهنڪري مان هتي رڳو پڙهڻ جي لاءِ ناهيان ايندي. مان هتي رڳو پنهنجا ساڍا پنج ڪلاڪ گذارڻ جي لاءِ ناهيان ايندي. مان هِتي رڳو پنهنجين ساهيڙين کي ڏسڻ جي لاءِ ناهيان ايندي. مان هِتي رڳو تفريح جي لاءِ ناهيان ايندي، پر مان هِتي زندگيءَ جي معنيٰ سکڻ ايندي آهيان، مان هِتي قومي شعور حاصل ڪرڻ ايندي آهيان، مان هتي پاڻ کي، سنڌ کي، پاڪستان کي ۽ دنيا کي سمجهڻ ايندي آهيان ۽ مان پاڻ کي هِتي ڳولڻ ايندي آهيان. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي نياڻي، سنڌ جي مارئي، سنڌ جي سسئي، سنڌ جي سهڻي، سنڌ جي بختاور ۽ سنڌ جي بينظير، جيڪي اسان کان وڃائجي ويون آهن، سي هِتي ئي ته ڪٿي آهن، هِنن ئي عمارتن جي اندر ئي ته رهن پيون اِهي، جيڪي سڀاڻي هِنن عمارتن مان ئي اُڀري ٻاهر نڪرنديون، ۽ پوءِ سڄي دنيا کي وري چونديون:

    تپي ڪندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوين کي،
    تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه،
    ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه، اَمُرَ مون سين ائن ڪيو.
    (ڀٽائي)
    مهرباني.

    (پهرين سيپٽمبر 2013ع تي سنڌ مدرسته الاسلام جي ملهايل 128هين
    سالگرهه جي موقعي تي لکيل ، جيڪا هڪ شاگردياڻيءَ پڙهي)


    خاڪا

    وارث

    ڪردار:
    حسن علي: (حسن علي آفنديءَ جو گيٽ اپ)
    محمد علي: (قائداعظم محمد علي جناح جو گيٽ اپ)
    محمد عمر: (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو گيٽ اپ)
    عبدالله هارون: (عبدالله هارون جو گيٽ اپ)
    ۽ ڪجهه ٻيا شاگرد، جيڪي پراڻي دور واري گيٽ اپ ۾ آهن.

    اهي سڀئي ڪردار سنڌ مدرسته الاسلام جي مکيه عمارت جي اندرئين حصي وٽ بيٺا آهن. سندن اڳيان هڪ ٽيبل پئي آهي، جنهن تي ڏيئا ٻري رهيا آهن. اُنهن مان هڪ ڏيئي کي حسن علي آفندي ڦوڪ ڏيئي وسائي ٿو ته اُتي موجود سڀئي شاگرد تاڙيون وڄائي ڪورس جي انداز ۾ چون ٿا:
    سڀئي: هئپي برٿ ڊي ٽو يو
    هئپي برٿ ڊي ٽو سنڌ مدرسته الاسلام
    هئپي برٿ ڊي ٽو سنڌ مدرسته الاسلام

    سڀئي شاگرد حسن عليءَ کي چون ٿا: ”سائين! اوهان کي سنڌ مدرسي جي قيام جو ڏينهن مبارڪ هجي.“
    حسن علي: ها بابا! اوهان کي به مبارڪ هجي.
    محمد علي: سائين ! اڄ سنڌ مدرسته الاسلام جي قيام وارو، اسان جي قوم جي لاءِ هڪ عظيم ڏينهن آهي.
    حسن علي: ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي محمد علي...اسان پنهنجي نئين نسل جي لاءِ جديد تعليم جو بنياد وڌو آهي.
    محمد علي: سائين! برطانيا اسان جي ملڪ تي قابض آهي، پر اسان جديد تعليم حاصل ڪري ئي اُن کان پنهنجي ڌرتيءَ جو قبضو ڇڏرائي سگهون ٿا.
    حسن علي: بلڪل صحيح. اسان جو اصل مقصد برطانوي قبضي مان پنهنجي سرزمين ۽ پنهنجن ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ آهي، پر اِن کان اڳ ۾ اسان کي پنهنجن نوجوانن کي پنهنجي مادري ٻولين، سنڌي، اردو ۽ گجراتيءَ سان گڏ انگري ٻوليءَ ۾ جديد تعليم ڏيڻي آهي.
    محمد عمر: سائين! انگريزي تعليم کي اسان جا ڪجهه ماڻهو ڪافرن جي تعليم ٿا چون.
    حسن علي: ٻچا، اِهي ڀُليل آهن. ڪوبه علم ڪنهن جي ذاتي ميراث ناهي هوندو.
    محمد عمر: مان ”سڀاڻي“ جي لاءِ ٿو سوچيان ۽ افسوس جو اِهي ماڻهو ”اڄ“ جي لاءِ ٿا سوچين.
    محمد علي: سائين ! اسان کي نئين دنيا سان مقابلو ڪرڻو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته اسين انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهنداسين.
    حسن علي: اوهان بلڪل صحيح ٿا چئو محمد علي. سنڌ جون ٻيون ڪميونٽيز انگريزي تعليم حاصل ڪري برطانوي حڪومت جو حصو بڻجي اسان تي راڄ ٿيون ڪن ۽ اسين مسلمان جديد تعليم ۾ سڀني کان پٺتي آهيون، جڏهن ته سنڌ ۾ اسان جي اڪثريت آهي، پوءِ به اسان جو حڪمرانيءَ ۾ ڪو عمل دخل ناهي. تڏهن ئي ته مون هيءُ ادارو قائم ڪيو آهي ته جيئن اسين پنهنجي ڌرتيءَ جا پاڻ حڪمران بڻجي سگهون.
    عبدالله هارون: سر! اسان جي ماڻهن کي نه نوڪرين ۾ ڪو حصو مليل آهي، نه اسان جون مذهبي روايتون محفوظ آهن، نه اسان جون عزتون محفوظ آهن. انگريز اسان سنڌي مسلمانن سان غلامن جهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هُو ٻين کي هر حوالي سان نوازي رهيا آهن.
    حسن علي: ٻچا عبدالله هارون! اِها انگريزن جي پراڻي چال آهي. هُو Divide and Rule يعني ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ تي هلندا آهن، تنهن ڪري اوهان کي هِن وقت پنهنجي تعليم تي پورو پورو ڌيان ڏيڻو آهي. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته، اوهان جي ڌرتيءَ تان انگريزن جو قبضو ختم ٿئي ته پوءِ اوهان کي تعليمي لحاظ کان سڀني کان اڳتي نڪرڻو پوندو ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻي پوندي. مون هيءُ سنڌ مدرسو اِن مقصد جي لاءِ ئي ته قائم ڪيو آهي.
    ۽ منهنجي اِها ڳالهه به ياد رکجو ته، جڏهن اوهان جديد تعليم حاصل ڪري ويا ته اُن ڏينهن کان اوهان جي غلاميءَ جا ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿي ويندا.
    محمد علي: سائين! اوهان صحيح ٿا چئو. اسان جي وجود جي بقا جديد تعليم حاصل ڪرڻ ۾آهي. منهنجا وڏا به تڏهن جهرڪن مان لڏي بمبئي ويا هئا، پوءِ وري لڏي ڪراچيءَ آيا ۽ جن مون کي سنڌ مدرسي ۾ داخلا وٺي ڏني آهي.
    حسن علي: محمد علي ٻچا! اوهان جي والد جيڻاڀائي صاحب اِهو چڱو ڪم ڪيو، جو هُو واپس پنهنجيءَ سنڌ موٽي آيو ۽ اوهان کي سنڌ مدرسي ۾ اچي داخل ڪرايائين.
    اوهان جهڙن پرجوش ٻارن کي ڏسي، منهنجو پنهنجي ديس جي ڇوٽڪاري ۾ ايمان پختو ٿي ويو آهي. اڄ مان ڏاڍو پُراميد ٿي ويو آهيان ته، مون جيڪا سنڌ مدرسي جي صورت ۾ هڪ لاٽ ٻاري آهي. اُن کي اوهان وسامڻ نه ڏيندا. اوهان اِن لاٽ جا وارث بڻجندا.
    سڀ شاگرد گڏجي: ها سائين حسن علي آفندي صاحب! اسين اوهانجي مشن جا ۽ اوهان جي سنڌ مدرسي جا وارث بڻجنداسين.
    ان دوران پسمنظر ۾ شيخ اياز جو هيءُ گيت هلي ٿو، جيڪو شاگرد گڏجي ڳائين ٿا:
    ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، چوڌاري چمڪاٽ اسان ......“.

    (پهرين سيپٽمبر 2008ع تي سنڌ مدرسي جي ملهايل 123هين
    سالگرهه جي موقعي تي لکيل ۽ شاگردن پاران اداري جي آڊيٽوريم ۾ پيش ڪيل)


    سبق: اوندهه

    ڪردار:
    هيڊ ماستر ، ڏهه ٻارهن شاگرد، هڪ پيٽوالو
    هنڌ: وڻ هيٺان هلندڙ هڪ اسڪول
    هڪ وڻ لڳل آهي، جنهن تي لڳل بليڪ بورڊ تي” گورنمينٽ پرائمري اسڪول سُڃ پور“ لکيل آهي. اُن تي شاگردن جي حاضريءَ بابت وڌيڪ تفصيل هِن طرح لکيل آهن:
    تاريخ: 10اپريل 2008
    شاگردن جو ڪُل تعداد: 65
    حاضر: 11
    موڪل تي ويل : 20
    باقي سڀئي غير حاضر

    هڪ نوجوان استاد کي سنڌي ٽوپي ۽ شلوار قميص پاتل آهي. هُو ڪلاس روم ۾ بيٺو آهي. سندس هٿ ۾ موبائل فون آهي. هُو اُن تان ڪو ميسيج ڪري رهيو آهي ۽ مرڪي به رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڪلاس ۾ ڪجهه ٻار هيٺ پَٽَ تي ويٺا آهن. سندن اڳيان ڪجهه ڪتاب پيا آهن. شاگرد هڪٻئي سان مذاق ڪن ٿا. هڪ شاگرد ٻئي شاگرد کي، سِڌَ وٺي چاڪ هڻي ٿو.
    ٻيو شاگرد پنهنجي ڀرسان ويٺل ڇوڪري جو ڪتاب لڪائي ٿو.........
    استاد جو هِنن ڏانهن ڪو به ڌيان ناهي. هُو پنهنجي ڌُن ۾ مگن آهي. هاڻي هُو ڪنهن دوست جو ميسيج پڙهي ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو. اُن دوران هڪ شاگرد استاد وانگر ڪاغذ جي موبائل ٺاهي، اُن تان ميسيج پڙهي استاد وانگر ٽهڪ ڏئي کلي ٿو.
    ان دوران هڪ شاگرد زور سان رڙ ڪري چوي ٿو:
    هڪ شاگرد: سائين......
    استاد جو ڪنڌ موبائيل ۾ آهي. هيءُ جواب ڏئي ٿو:
    استاد: ڇا ٿيو ڇورا؟
    هڪ شاگرد: سائين ڪَنَ.......
    استاد : اڙي چُپ ڪَر.
    ٻيو شاگرد: اَئي.... سائين.......
    استاد : ڇا ٿيو ڇورا توکي ؟
    شاگرد: ......سائين وَلو..
    استاد : مٿو نه کائو، چپ ڪيو .
    هڪ شاگرد استاد کي ڏسي کِل ۾ ٻُٽجي وڃي ٿو. هڪ ٻيو شاگرد پنهنجي ڀرسان ويٺل شاگرد کي چوي ٿو:
    هڪ شاگرد : تون مون کي فون ڪر ، مان توکي فون ڪيان ٿو.
    ٻيو شاگرد: ها ......
    پوءِ ٻئي ڪتاب ڪنَ تي رکي هڪ ٻئي کي فون ڪن ٿا:
    فون ڪرڻ وارو پهريون شاگرد : هيلو .......
    ٻيو شاگرد : هيلو.... آواز نٿو اچي....
    پهريون شاگرد : مون کي به آواز نٿو اچي ....
    استاد موبائل تان اکيون هٽائي کين چوي ٿو:
    استاد: ڇورا ڊسٽرب نه ڪيو . نه ته اهڙو ڪُٽڪو ڏيندو مَانوَ ، جو ياد ڪندئو.
    هڪ شاگرد : سائين، سرمد، هالار ۽ پنهون تنهنجي آهل ٿا ڪن .
    استاد شاگردن وٽ ايندي:
    استاد: ڇورا، توهان نه پڙهندئو.....اڙي اُٿو ....سڀئي اُٿو.....
    (ڇوڪرا آهستي آهستي چيلهه تي هٿ رکي اٿن ٿا)
    استاد ٽن شاگردن کي وڏي آواز ۾ چوي ٿو:
    استاد: اڙي توهان ڪُڪڙَ ٿيو.
    (ٻين ٻن کي ): توهان وڻ ۾ مُنهن هڻي بيهو.
    (چئن ٻين شاگردن کي ): توهان پَرتي مُنهن ڪري اٿي بيهو.
    باقي توهان سڀئي پنهنجين قميصن جا آڳا مٿي ڪري اُنهن ۾ مُنهن لڪائي بيهو.
    سڀئي ڇوڪرا ائين ڪن ٿا. اُن دوران هيڊ ماسٽر اچي ٿو. هيڊ ماسٽر کي تُرڪي ٽوپي يا جناح ڪيپ پاتل آهي. هُو ٽهلندو اچي ٿو ته استاد کيس ايندو ڏسي موبائل فون کي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ وجهي ٿو، پر هيڊ ماسٽر کيس ڏسي مسڪرائي ٿو. هيڊ ماسٽر سندس ويجهو اچي ٿو ته استاد کيس سلام ڪندي چوي ٿو:
    استاد: السلام عليڪم هيڊ ماسٽر صاحب .
    هيڊ ماسٽر: وعليڪم السلام
    ڪيئن ٿي پڙهائي هلي استاد؟
    استاد: سائين مٿو ته وڏو ٿا هڻئون...
    (ان دوران هڪ ڇوڪرو ٻئي کي آهستي چوي ٿو ): موبائل تي....
    استاد: پر ڇورا پڙهن ئي ڪونه ٿا. هاڻي به ڪجهه سوالَ پڇيامانِ ته هڪ جو به جواب نه ڏنائون. تڏهن هيءَ سزا ڏني اٿمانِ.
    (ٻه ڪڪڙ بڻيل شاگرد ڄنگهن جي اندران هڪٻئي کي ڏسي چون ٿا:
    ڪڪڙ بڻيل شاگرد: ڇورا نٿا پڙهن، باقي سائين ته ڏاڍو ٿو پڙهائي....
    (اِئين چئي هُو اهڙي حالت ۾ ئي کلن ٿا.)
    هيڊ ماسٽر: مارَ سنوارَ آهي استاد! پر هٿ ٿورو هلڪو رکو ڇوڪرن تي .
    استاد: ها سائين، پر نه پڙهندا ته سزا ته ملندنِ نه.....
    ٻه ڇوڪرا هڪٻئي کي چون ٿا: پڙهائي پاڻ ڪونه، باقي ڏوهه اسانجو.

    هيڊ ماسٽر وڃڻ لڳي ٿو ته استاد وري آهستي ڪري کيسي مان موبائل فون ڪڍي ٿو، ته هڪ ڪراڙو شخص (پٽيوالو) چيلهه ٿي هٿ رکي، هڪ هٿ ۾ بيل ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏنڊي کنيو اچي ٿو. هُن کي مٿي تي پٽڪي ٻڌل آهي ۽ شلوار قميص پاتل اٿس. هُو ويجهو اچي موڪل جو بيل وڄائي ٿو. استاد ٻاهر نڪري ٿو، ته ڇوڪرا سزا وارين پوزيشنس مان آهستي آهستي، اٿي اچي پٽيوالي کي ڀاڪر ۾ ڀري ٿا وٺن.
    ان دوران هڪ شاگرد کيس چوي ٿو: چاچا مولو! تنهنجي وڏي مهرباني جو اسان جي جان ڇڏايئي .....باقي سائين موبائيل جي جانِ نه ڇڏيندو.
    ائين سڀ ڇوڪرا اُٿي بيهي کِلڻ لڳن ٿا.

    (10 اپريل 2008ع تي سنڌ مدرسي جي ”شاگردن جي سالياني ڏينهن“
    جي موقعي تي لکيل ۽ اسڪول جي ٽيڪنيڪل سيڪشن ۽ ٽالپر هائوس
    جي لوور سيڪنڊري سيڪشن جي شاگردن پاران پيش ڪيل)


    بابا، مان پڙهندس

    ڪردار:
    پيءُ: (عمر 55 سال)
    پٽ: (عمر 15 سال)
    هنڌ: غريباڻي گهر جو هڪ ڪمرو
    هڪ پوڙهو بستري تي پيل وهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ويٺل آهي، جنهن جي ويجهو سندس پٽ ويٺو آهي، جيڪو سندس پيرن کي زور ڏيندي کيس چوي ٿو:

    پٽ: بابا ! منهنجي دل چوي ٿي ته مان هاڻي پڙهائي ڇڏي ڏيان.
    پيءُ: (ڇرڪ ڀري، حيرت ۽ ڪاوڙ مان وڏي آواز ۾ چيو): ڇو؟.... ڇو پڙهائي ڇڏيندين؟... هان؟... ڪهڙو سبب آهي؟... ڇا مان توکي اسڪول جي فيس نٿو ڏيان؟ ڇا مون توکي ڪتاب ۽ يونيفارم ناهي وٺي ڏنو؟ ڇا مان توکي اسڪول لاءِ خرچي ناهيان ڏيندو؟ ...هان؟ ٻڌاءِ...
    ڪراڙو اُٿي ويٺو.
    پٽ: بابا! مون کي اهو سٺو نٿو لڳي ته هِن عمر ۾ به اوهان محنت ڪيو ۽ مان سٺا ڪپڙا پائي اسڪول وڃان؟ مان به اوهان سان ڪم گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.
    پيءُ: چپ ڪر...اڳتي جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ڪيئي ته مان توکي معاف نه ڪندس.
    پٽ: پر بابا! توهان ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پوندا آهيو، جنهن ڪري اهو مون کان برداشت ناهي ٿيندو.
    پيءُ: پٽ! جڏهن تون لکي پڙهي وڏو ماڻهو بڻجندين نه، تڏهن منهنجا سڀ ٿَڪ لهي ويندا. هي ٿَڪ ائين نه لهندا پٽ...(پٽ کي مٿي تي پيار مان ٿڦڪي هڻندي).
    پٽ: پر بابا! اسان غريب ماڻهو وڏا ماڻهو نٿا بڻجي سگهون.
    پيءُ: ڇو؟ ڇو نٿا بڻجي سگهون؟ ڪنهن چيو آهي توکي ته غريب ماڻهو وڏا ماڻهو نٿا بڻجي سگهن؟....هان؟...ٻڌاءِ...؟
    پٽ: بابا! اسڪول ۾ ڪجهه وڏيرن جا ٻار مون سان گڏ پڙهندا آهن نه، اهي پيا چون.
    پيءُ: (وري وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويهندي): ڪارو آهي مُنهن انهن جو... تون اِنهن جي ڳالهين ۾ نه اچ... هي اسانجا سرمائيدار، جاگيردار، ڀوتار، خان ۽ سردار ڪڏهن به نه چاهيندا ته ڪنهن غريب جو ٻار پڙهي سندن برابر ٿئي...اهي ئي اسان جا هميشه حاڪم بڻجي رهڻ چاهين ٿا.... پر پٽ، منهنجي هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ...
    پٽ: ڪهڙي بابا!؟
    پيءُ: توکي سٺي تعليم حاصل ڪرڻي آهي، پوءِ چاهي ان لاءِ مون کي ڪيتري به سخت محنت ڇونه ڪرڻي پوي. بابا ته مون کي پنهنجي غربت جي ڪري ڪا گهڻي تعليم ڏياري نه سگهيو، پر مان تو ۾ پنهنجا خواب پورا ٿيندي ڏسڻ چاهيان ٿو.
    پٽ: پر بابا! مان اوهان جا ڏک ڏسي نٿو سگهان.
    پيءُ: منهنجا ٻچا، تون منهنجا هي ڏک سنڀالي رکجانءِ.. منهنجي ڏکن جي حفاظت ڪجانءِ...منهنجي ڏکن کي ڪڏهن به نه وسارجانءِ.. منهنجا ڏک تنهنجي رهنمائي ڪندا. منهنجا ڏک توکي تنهنجي منزل ڏيکاريندا، ۽ منهنجا ڏک توکي ٻين به ڪيترن ئي ڏکويل ماڻهن سان ملائيندا، ۽ جڏهن انهن جا به ڏک توکي پنهنجا ڏک لڳڻ لڳندا، تڏهن تون سمجهجانءِ ته تنهنجي بابا جو خواب پورو ٿي ويو.
    پٽ: بابا! اسڪول ۾ ڇوڪرا مون کي چيڙائيندا آهن ته مان هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان.
    پيءُ : (ڪاوڙ مان): تون هڪ ايماندار هاريءَ جو پٽ آهين، تون ڪنهن چورَ جو پٽ ناهين. تون ته اهڙي پورهيت جو پٽ آهين، جنهن پورهيت کي اسان جي الله تعاليٰ پنهنجو دوست چيو آهي. تنهن ڪري تون پنهنجي بابا تي فخر ڪر ته هو حلال جي روزي ڪمائي ٿو ۽ توکي حلال جي روزي کارائي ٿو.
    پٽ: بابا! هاڻي اوهان ڪراڙا ٿي ويا آهيو..الله نه ڪري جو اوهان کي ڪجهه ٿي پوي ته پوءِ....
    پيءُ: تنهن ڪري ئي ته پٽ ! مان توکي چوان ٿو ته تون پڙهه. مون وٽ ٻي ڪا ملڪيت ته ناهي، جيڪا تولئه ڇڏي ويندس. مون وٽ ته بس ڪم ڪرڻ وارا ڪي چند اوزار آهن....سو جيڪڏهن تون پڙهندين ته مون کان پوءِ تو وٽ علم جي دولت هوندي، جنهن ڪري تون بک نه مرندين، پر تون ته اڃا به ڪيترن ئي ٻين بک تي ويٺل غريبن جي مدد ڪري سگهندين.
    پٽ: بابا! مان ڪڏهن ڪڏهن لِڪي ڏسندو آهيان ته اوهان پنهنجا ڳوڙها اُگهي رهيا هوندا آهيو؟ اهي ڇا جا ڳوڙها هوندا آهن؟
    پيءُ: پٽ! اهي ڳوڙها اُن وعدي جا هوندا آهن، جيڪو وعدو مون تنهنجي ماءُ سان ڪيو هو.
    پٽ: امان سان اوهان ڪهڙو وعدو ڪيو هو؟
    پيءُ: مون هُن سان وعدو ڪيو هو ته، ڇا به ٿي پوي مان پنهنجي پٽ کي پڙهائي لکائي هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو ضرور بڻائيندس. تنهن ڪري مان روئي پنهنجي خداوند ڪريم کان به اها ئي دعا گهرندو آهيان ته، اي الله سائين! مون کي تيستائين جيئرو رکجانءِ، جيستائين مان پنهنجي گهرواريءَ سان ڪيل وعدو پورو نٿو ڪيان.
    پٽ: امان ڇو جلدي اسان کي ڇڏي هلي وئي بابا!؟

    ان سوال تي هِنن ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ٿا وڃن...ڪجهه لمحن جي ماٺ کان پوءِ پيءُ چوي ٿو:
    پيءُ: پٽ ! هوءَ انڪري جلدي هلي وئي جو هوءَ بيمار هئي، ۽ هُن جي علاج لاءِ مون وٽ پئسا نه هئا.
    (هاڻي هيءُ جذباتي انداز ۾ اُٿي روئندي چوي ٿو): انڪري ته توکي چوان ٿو ته تون پڙهه پٽ...ائين نه ٿئي جو سڀاڻي تنهنجي زال به تو وٽ پئسا نه هئڻ ڪري مري وڃي.
    پيءُ روئڻ لڳي ٿو ته پٽهنس سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چوي ٿو:
    پٽ: بابا! مان پڙهندس. اوهان نه روئو... مان وعدو ٿو ڪيان ته مان پڙهندس...اوهان جو خواب ضرور پورو ٿيندو بابا...
    ان تي سندس پيءُ ڀرسان پيل اجرڪ کڻي، ان سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي، پٽ کي ڳلي سان لڳائي ٿو. سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي وڃي ٿي. پسمنظر ۾ خوشيءَ جي موسيقي هلي ٿي.

    (10 اپريل 2008ع تي سنڌ مدرسي جي ”شاگردن جي سالياني ڏينهن“ جي
    موقعي تي اصل ۾ اردو ۾ لکيل ۽ اسڪول جي ٽيڪنيڪل سيڪشن ۽ ٽالپر هائوس
    جي لوور سيڪنڊري سيڪشن جي شاگردن پاران پيش ڪيل. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي)


    انور ابڙي جو مختصر تعارف ۽ ٻارن لاءِ ڪيل علمي ۽ ادبي ڪَمُ

    جنم: پهرين جنوري 1965ع، ڳوٺ لالي جا ڀاڻ (اڳوڻو تعلقو ڏوڪري ۽ هاڻوڪو تعلقو باقراڻي، ضلعو لاڙڪاڻو)
    تعليم: بيچلر آف انجنيئرنگ (ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ، مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو)، بيچلر آف آرٽس (سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو)، ايڊوانس ڊپلوما اِن اسڪول مئنيجمينٽ (انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشنل ڊويلپمينٽ، آغا خان يونيورسٽي)، بي اَيڊ (انڊس يونيورسٽي، ڪراچي) ۽ ايم اَي (اردو يونيورسٽي، ڪراچي).

    ٻارن لاءِ ڇپيل ڪتاب:
    • ڀڳل رانديڪو (ناول ــــ ٻارن ۽ وڏن لاءِ ــــ ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن، سال 2008ع )
    • عني ۽ مائو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون- ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور-2016ع- هِن ڪتاب کي سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران سال جو ٻاراڻي ادب جو بهترين ڪتاب قرار ڏئي ان تي ايوارڊ ڏنو ويو)
    معاون ليکڪ:
    • ٻُڌو، پڙهو ۽ رنگ ڀريو – ٻارن لاءِ ابتدائي سنڌي قاعدو (ڇپائيندڙ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس- سال 2009ع)
    ترجمو:
    • اوڪسفورڊ فوٽو ڊڪشنري- انگريزي – سنڌي (ڇپائيندڙ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس- سال 2011ع)
    نظرثاني/ايڊيٽنگ:
    • حسن علي آفندي (اردو ۾- ڇپائيندڙ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس- سال 2016ع)
    ڇپائيءَ هيٺ:
    • ننڍڙو چنڊ (ٻارن لاءِ ناول- ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد- سال 2018ع)
    • روشني ڪي مينار : حيدر بخش جتوئي (ٻارن لاءِ مختصر سوانح حيات- ڇپائيندڙ: اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، سال 2018ع)
    اڻ ڇپيل ڪتاب:
    • نئون نصاب (مختلف شخصيتن جي زندگيءَ جا خاڪا)
    • ٻارن لاءِ ڪهاڻيون


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927444
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760871
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ