ڪتاب جو نالو: صحرا جهڙا خواب
مصنف: مخمور رضا
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 15 جون 2020 ع
پڙهيو ويو: 786 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 192 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نوجوان شاعر مخمور رضا جي واين جو مجموعو آھي ساجد سنڌي لکي ٿو:
”نهايت نفيس سڀاءَ ۽ معصوم صورت جي هن قلم ڌڻيءَ جيترو تيزيءَ سان لکيو آهي، اوترو ئي سندس شاعريءَ ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿيڻ لڳو آهي ۽ کيس ڀرپور موٽ به ملي آهي، اهوئي سبب آهي جو مخمور ٿوري عرصي ۾ محبت ۽ مڃتا جا ايترا ته موتي ميڙيا آهن جو پاڻ “اسان جي منزل، اڃان به اڳتي” جو ورد پچاريندي ٿڪجي نه ٿو. ھن مجموعي ۾ سندس اندر ۾ وڍ وجهندڙ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جا اولڙا پنهنجي موجودگيءَ احساس کان آشنا ڪرائين ٿا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • مخمور رضا ۽ وائي
  • وايون

  • عرشن، فرشن ۾
  • صادق سروَر تي،
  • بيڪس جو نعرو،
  • اُمت ها سادات سان،
  • منهنجو آ سنسار،
  • ڪنهن لئه جهاڳي ٿِي اڃان؟
  • ساهن سان محبوب جون،
  • ڪا تعزير ٻڌاءِ،
  • آئيندي جو عڪسُ،
  • لمحو لمحو ڄڻ،
  • چُمن منهنجي چپن کي ٿا،
  • چُمندي مِٽي سنڌ جي،
  • اندر جي ٻولي،
  • ڦٽَ جيان ڪُرندو،
  • آخر رڱجي رتُ سان،
  • ميرا هاسين، چنڊ جيئن،
  • جيونُ دردن جي،
  • دل جا کولي پَرَ،
  • ڪنهن کي ڳوليندي هتي،
  • وڻَ، ٻنيون، ٻارا،
  • ويندو لمحي ۾ هتي،
  • آکيرين کي باهه ڏئي،
  • من جي زنگيل آرزو،
  • آڳنڌ سندي هير،
  • پاڙي ۾ محبوب جي،
  • رَسو پَکي ۾ ٻَڌي،
  • ڪاري ڪاري راهه ۾
  • آزادي ملندي،
  • منهنجي گهر جو واءُ،
  • منهنجو من ۽ ماس،
  • آءُ! ستارن تي،
  • جاڳ ۾ سپنا ڏسين،
  • شاهد رهندا درد هي،
  • منهنجو موهڻ لاءِ من،
  • ڇم ڇم ڪندي ڇير سان،
  • پنبڻين سان هر راهه مان،
  • موهه جي ميندي هڻي،
  • تنهنجي! دل جي محل جو،
  • مٽي ڳوهي اُن منجهان،
  • نيري ساڙهيءَ ۾ نچي،
  • اکين کي اڄ به خوابن مان،
  • منهنجي ساهن ۾ اچي،
  • ايئن نه منهنجي راهه ۾،
  • احساسن کي چهڪَ ڏئي،
  • تنهائيءَ جي ڪنڌ تي،
  • جيئري دردن جو ڪفن،
  • بي چينيءَ جي مند ۾،
  • موتيي جيئن مهڪي،
  • ريتن، رسمن ۾ وئي،
  • ڀريل هي ويسَ پائين ٿي،
  • سُپَت جا سُلطان!،
  • ماڻي آجو ماڳ
  • منهنجي نازڪ ساهه تي،
  • ڏُڌُ ولوڙيندڙَ،
  • ٽُڪرا پنهنجي ذات جا،
  • توکان وڌ مون کي پرين!،
  • دردن جي جاگير،
  • احساسن جي رنگ سان،
  • مهڪندو ٻيهر چمن،
  • خود کي ڳوليان ٿو،
  • هلندڙ پَکي ۾ لڳي،
  • ڏک ڏانئڻ الا!،
  • پياس رڻن ۾ جر،
  • هٿ، تنهنجا! ڳل ڇهي،
  • سُڏڪي ڳوڙهن سان،
  • جگنو بڻجي جيءُ!،
  • پاڇي هيٺان موت جي،
  • پنهنجو خُون ڪيان،
  • احساسن جي باغ ۾،
  • گونجي صدين کان پيو،
  • خوشبو ويندس ٿي،
  • جِن ۾ پياري پريت آ،
  • پنڇين سندي لات جيئن،
  • لائون ڏيئي درد سان،
  • مهڪي پيا رابيل هِن،
  • توکي ماريندسُ،
  • ٻولي ٿو ٻاڙو،
  • سسئيءَ جيئن دلدار،
  • سورَ توسان سليان،
  • ڪنهن لئه آن بيتاب،؟
  • پنهنجي عيبن ۾ اسان،
  • قدرت جا ڪي پرهه جو،
  • مهڪندڙ مند جان،
  • ڌارين جيئن رهندو،
  • وطن جو ڀرم ٽوڙيندي،
  • پل پل منهنجي حال کي،
  • آسون ۽ سپنا،
  • امڙ جي جوان خوابن جا،
  • منهنجي بنجر روح تي،
  • “سهڻي شاعره، پياري ڀيڻ سنڌو پيرزادو جي نانءِ”
  • منهنجي نيڻن کان سڀئي
  • ڌرتي سرتيءَ لئه سدا،
  • ڌرتيءَ تي آڪاس تان،
  • دل جي ڀيدن جون پيون،
  • انائن جا محل ڊاهي،
  • ساڙي ڇوڏن سان،
  • ساهن جو سارو سفر،
  • دل نوحه گر بڻيل،
  • ٿاٻا کائيندو،
  • کپُر جان تقدير! هيئن،
  • ريءَ پرڙن جي اُڏان،
  • پٿر جي آڪاس کي،
  • سُڏڪَندي، رات سان،
  • مک تي زوريءَ کوکلا،
  • ڏکن جي ڏيهه لاڙي وئي،
  • منهنجي دل معصوم جو،
  • مي محبت جو پي،
  • آس جي هر جُهڳي،
  • دنيا! تنهنجو رنگ،
  • اوکايون سڀ طئه ڪري،
  • لاش الا! ٿي ويو،
  • پن جي ٻيڙي ٿو ڇڪي،
  • خواب ڪي سرها ڏسڻُ،
  • واهڻ مان ويران،
  • هر شي کان نيارو،
  • ڪهڙا خواب ڏسان،؟
  • ڊاهي سارو ڊوهه،
  • نيڻ وڃائي راهه ۾،
  • جيئن ئي ساهن تي رسين،
  • اکڙين ۾ اُلڪا،
  • ونجهليءَ جيئن ٻُرين،
  • مرڪي، ڌرتيءَ جي،
  • پنهنجا ئي پاڇا،
  • جلن ٿا احساس،
  • مونکي جيئڻ جا سدا،
  • اڄ به اکين جي پيار جو،
  • ڄمڻ کان ئي پهرِيان،
  • پنهنجي پاڇي کان،
  • ڀرت ڀريندي، محب جي
  • ويڙهي ۾ سُهڻا کڻي،
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 120
    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: صحرا جهڙا خواب
    موضوع: وايون
    شاعر: مخمور رضا
    ڇاپو پهريون: جون 2018ع
    ڪمپوزنگ: شڪيل اڪبر جنجهي
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڪيليگرافي: رضا ڪيريو
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    مٺو ٽاور سامهون عبرت پريس ويجهو دُوابا پوليس لائين، گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 250 روپيا



    SAHRA JHERA KHUWAB
    (Poetry)
    By : Makhmoor Raza
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    نهايت پيار ۽ خلوص سان پنهنجو هي ٽيون شعري گلدستو “صحرا جهڙا خواب” سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعرن، ۽ شاعرائن

    * وسيم سومرو * جواد جعفري
    * ڊاڪٽر احسان دانش * رضوان گل
    * رخسانه پريت * روبينه ابڙو
    * فهميده شرف بلوچ * سنڌو پيرزادو
    * رحمت پيرزادو * عجب شيخ
    * پنهل * ساجد سنڌي
    * مصطفيٰ انڙ * رضا بخاري
    * اسد مڱڻهار * شهمير سومرو
    * منور سولنگي * گلاب چانڊيو
    * شيخ نديم * منصور ميمڻ
    * سُگهڙ ڏاڏو ڏتل ابڙو * نويد ناز ڀٽي
    * فرزانه شاهين * مٺل سولنگي
    * جاويد ميمڻ * غوث پيرزادو

    جي نانءِ ڪريان ٿو.

    مخمور رضا


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صحرا جهڙا خواب“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نوجوان شاعر مخمور رضا جي واين جو مجموعو آھي ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”نهايت نفيس سڀاءَ ۽ معصوم صورت جي هن قلم ڌڻيءَ جيترو تيزيءَ سان لکيو آهي، اوترو ئي سندس شاعريءَ ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿيڻ لڳو آهي ۽ کيس ڀرپور موٽ به ملي آهي، اهوئي سبب آهي جو مخمور ٿوري عرصي ۾ محبت ۽ مڃتا جا ايترا ته موتي ميڙيا آهن جو پاڻ “اسان جي منزل، اڃان به اڳتي” جو ورد پچاريندي ٿڪجي نه ٿو. ھن مجموعي ۾ سندس اندر ۾ وڍ وجهندڙ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جا اولڙا پنهنجي موجودگيءَ احساس کان آشنا ڪرائين ٿا.“
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون مخمور رضا جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    پٿرالين نيڻن جا سپنا ساڀيان جو رڻ جهاڳي جڏهن تحت الشعور جون گهرايون ماپڻ شروع ڪن ته پنن تي پٿاريل سوچن جو وسيع ڪئنواس اهڙين ڪٿائن کي جنم ڏئي ٿو، جتي نراسيل آس جون ريکائون اميدن جو نئون جهان جوڙين ٿيون، هڪ نوجوان قلمڪار ۾ ڪجهه اهڙي قوت ضرور آهي جا کيس بار بار قلم کڻڻ تي مجبور ڪري ٿي، ها مخمور رضا جي قلم جي جنبش ۾ رچيل رچنائون سندس اندر جي اجاڙ رستن جو داستان ٻڌائين ٿيون. ننڍي عمر ۾ اوجاڳيل اکڙين جو درد کڻي شاعريءَ جي تلخ پيچرن تي ايتريون تيز وکون کڻندڙ هن ڪوتاڪار جي حساس دل ڪيترو نه پيڙيو ۽ ڀوڳيو هوندو، ان جو اندازو سندس اڳ آيل ٻن ڪوتا ڪتابن “هينئڙي منجهه هڳاءُ” ۽ “درد جو آڪاس” سميت هن واين جي مجموعي “صحرا جهڙا خواب” مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو، جن ۾ پڻ سندس اندر ۾ وڍ وجهندڙ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جو اولڙا پنهنجي موجودگيءَ احساس کان آشنا ڪرائين ٿا.
    نهايت نفيس سڀاءَ ۽ معصوم صورت جي هن قلم ڌڻيءَ جيترو تيزيءَ سان لکيو آهي، اوترو ئي سندس شاعريءَ ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿيڻ لڳو آهي ۽ کيس ڀرپور موٽ به ملي آهي، اهوئي سبب آهي جو مخمور ٿوري عرصي ۾ محبت ۽ مڃتا جا ايترا ته موتي ميڙيا آهن جو پاڻ “اسان جي منزل، اڃان به اڳتي” جو ورد پچاريندي ٿڪجي نه ٿو، جتي هو پنهنجي محنت سان پيٽ جي دوزخ جي باهه وسائڻ لاءِ پنهنجي والدين جو هٿ ونڊائيندي سرهائي محسوس ڪري ٿو، اتي هن عشق جي آويءَ ۾ پچندي نت نوان خيال پنن تي پٿاري ڄڻ ته پنهنجي لاءِ پناهگاهه جوڙي ورتي هجي، شال سندس قلم ڪڏهن نه ٿڪجي ۽ زندگيءَ جي حسين خوابن جي واديءَ ۾ کيڏندو رهي. مخمور رضا جو هي ٽيون شعري مجموعو “صحرا جهڙا خواب” جي اشاعت پڻ سمبارا پبليڪيشن سان اُنسيت ۽ محبت ثبوت آهي، جيڪا يقينن پڙهندڙن لاءِ هن عيدالفطر تي به مسرتن جو سنيهو ثابت ٿيندي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    پنهنجي پاران

    جڏهن صحرا جهڙا خوابَ شعرن جو روپ وٺي، احساسن جو ڳٽڪو بڻجي، ساڃاهه وندن جي هٿن تائين رسائي حاصل ڪندا آهن ته اهو ٽاڻو هڪ سچي تخليقڪار لئه معراج برابر هوندو آهي، ۽ ان وقت اُن تخليقڪار کي ائين لڳندو آ ڄڻ اُن منزل ماڻي هجي، توڙي مون اڃا شاعراڻو پنڌ شروع ئي مس ڪيو آ، پو به ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ مون اڄ پنهنجي سڦلتا جو ماڳ ماڻيو هجي، منهنجا پهريان به غزلن جا ٻه مجموعا عيدالفطر جي پر مسرت موقعي تي شايع ٿيا هئا ۽ هي ٽيون مڪمل واين جو ڪتاب “صحرا جهڙا خواب” به عيد الفطر جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاءِ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جيڪا يقينن مون لاءِ يادگار ۽ نه وسرندڙ ڳالهه آهي، اميد ته منهنجو هي واين جو ڪتاب پڻ ساڳي مڃتا ماڻيندو، جهڙي منهنجي غزلن جي ڪتابن ماڻي.
    زماني ۽ دوستن جي جفائن، عشق جي سزائن کان دور ڀڄندي ڀڄندي اچي شاعريءَ جي جهان ۾ پناهه ورتي، جي هي جهان نه ملي ها ته آئون رُلي، وکري وڃان ها، اڄ ته شاعري مون لاءِ پناهه ۽ سڪون گاهه آ، جنهن جي ڇانوَ ۾ زندگي ڀر چين پيو ماڻبو، جيئن ماءُ پنهنجي ٻچڙي کي لاڏ ڪوڏ سان پاليندي آهي، مون به بلڪل ان ريت پنهنجي شاعريءَ کي پاليو آهي، بس فرق ايترو آ ته ماءُ ٻچڙي کي کير پيئاري پاليندي آ ۽ مون وري شاعري کي پنهنجو خون پيئاري جيئاريو آهي.
    آنءُ ان سفر ۾ پل پل ساٿ ڏيندڙ مخلص دوست شيخ نديم جي محبتن کي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ برجستي شاعر سائين وسيم سومرو جو احسان مند آهيان، جنهن غزل بعد وائيءَ جي رنگن کان آشنا ڪيو، سائين وسيم سومرو هڪ ئي وقت منهنجو استاد به آهي ته سٺو دوست به، وسيم سائينءَ سان ڌڙڪنن ۽ احساسن جا رشتا جڙيل آهن جيڪي اُجرا آهن سنڌ جي سينڌ جيان.
    پياري آرٽسٽ دوست رضا ڪيريو جا به قرب، جنهن جي خوبصورت ڪيليگرافيءَ ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪيو، سهڻي سائين رضوان گل جا پڻ ڀالَ جنهن منهنجي پهرين آيل ڪتابن “هينئڙي منجهه هڳاءُ” ۽ “درد جو آڪاس” کانپوءِ هن مجموعي “صحرا جهڙا خواب” جو پڻ بيحد سندر ٽائيٽل ٺاهي پنهنجون قربتون ارپيون.
    تاثر لکندڙ سائين وسيم سومرو، ڊاڪٽر احسان دانش ۽ ادي سنڌو پيرزادو جا وڙَ به وساري نه ٿا سگهجن.
    سمبارا پبليڪيشن جي سموري سٿ سان گڏ ساجد سنڌيءَ جا به ٿورا جنهن منهنجي هن ٽئين خواب کي به سندر ساڀيان ارپي ۽ خاص پنهنجي مانڊليءَ جو به شڪر گذار آهيان جنهن مون کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي.

    مخمور رضا
    ڪوري هوٽل دايه چوڪ
    ايئر پورٽ روڊ الله آباد
    لاڙڪاڻو سنڌ
    03004300687


    مخمور رضا ۽ وائي

    وائي بنيادي طور ته ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنف آهي پر جديد دؤر ۾ به عصري تقاضائن مطابق لکجي رهي آهي، شاعر جو ڪو دؤر ناهي هوندو، هو هر دؤر جو شاعر هوندو آهي، ۽ هر دؤر جا هُن جا همعصر شاعر هوندا آهن، ان ئي طرح هر سٺي شعر جو به ڪو دؤر ناهي هوندو، اهو به ساڳي طرح هر زماني جو شعر هوندو آهي.
    وائي شاهه سائينءَ کان به اڳ جي صنف آهي، پر شاهه سائينءَ وائيءَ جي بي جان بت ۾ نئون ساهه وڌو، سندس وايون پڙهي روح کي راحت ملندي آهي، اڪثر ڪري سندس واين ۾ صوفياڻو رنگ حاوي هوندو آهي
    يار سڄڻ جي فراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئُون مارِي!
    دَرِ دوسَنِ جي ڪَئِين جو هوندا، مُون جيها مُشتاقَ؛
    جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آه حُسنَ جِي هاڪَ؛
    سُرمو سَهِي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ؛
    عبداللَّطِيفُ چئي، پرين اَسانجو هميشه آ حُسناڪُ.
    شاهه سائين کان پوءِ سچل سرمست، روحل فقير، صوفي صادق، شاهه شريف ڀاڏائي، قادر بخش، مصري شاه، حمل فقير ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن وائي لکي آهي، جديد دؤر ۾ شيخ اياز سڀ کان وڌيڪ وايون لکيون، سندس ڪتاب “لڙيو سج لڪن ۾” سندس واين جو خالص ڪتاب آهي. رحمت پيرزادي پنهجي مضمون “وائي شاهه لطيف کان سعيد ميمڻ تائين” ۾ لکيو آهي ته “انسان جنهن جڳهه تي پنهنجو وجود وڃائي خواهش جي حاصلات لاءِ پاڻ کي پيش ڪري ٿو، وائي اتان شروع ٿئي ٿي.” رحمت پيرزادي جو وائيءَ مطابق اِهو رايو پڙهي مان حيران ٿي ويس ۽ احساس ٿيو ته هي وائيءَ متعلق اڄ جي نوجوان جو رايو آهي، هڪ بنهه پراڻي ڪلاسيڪل صنف تي جڏهن جديد دؤر جو ڪوئي شاعر راءِ ڏيندو ۽ اُن کي جديد اک سان ڏسندو ته اهو رايو ائين ڇرڪائي ڇڏيندو آهي.
    اڄ جڏهن مخمور رضا جي واين جي ڪتاب “صحرا جهڙا خواب” متعلق لکي رهي آهيان ته تمام سٺو محسوس ڪريان پئي، اڄ جو نوجوان شاعر پنهنجي ڪلاسڪ سان ڪيڏو نه سلهاڙيل آهي، مخمور رضا جا پهريان به غزلن جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، مخمور جي شاعري جي خاص ڳالهه سندس ڌيمو ۽ سادو لهجو آهي اگر مان چوان ته هُن خود کي سدائين شهرت کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي شاعريءَ ۽ مطالعي ڏي توجهه ڏني آهي ته ان ۾ ڪو وڌاءَ نه هوندو، مخمور رضا مشاعرن، پروگرامن، سيمينارن ۾ وڃڻ کان لهرائيندو آهي، ۽ لاڙڪاڻي کان پري وڃڻ ته هن لاءِ ڄڻ ممڪن ئي ناهي هوندو، مخمور جي ڪُل ڪائنات سندس ننڍڙو دڪان آهي، گهر کان دڪان ۽ دڪان کان گهر وڃڻ جيتري ننڍڙي مفاصلي ۽ ننڍڙي ڪائنات ۾ مخمور شاعريءَ جي گونان گون جهان ۾ لهندو چڙهندو رهي ٿو، غزل بعد هاڻ وائي جهڙيءَ ڪلاسيڪل صنف تي سندس ڪتاب اچڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته دڪان کان گهر ۽ گهر کان دڪان ويندڙ رستو مخمور لاءِ هڪ سرسبز ۽ شاداب پهاڙن تي ڦهليل ڪا وسيع زمين آهي، جتي سندس سوچ ڪنهن پهاڙي نار جيان آزاد ۽ مست الست جهومندي ٿي رهي.
    ساهن سان محبوب جون
    يادون چمندو هان
    وضو ڳوڙهن سان ڪري

    چيرل دل کي آس جا
    ٽاڪا هڻندو هان
    وضو ڳوڙهن سان ڪري
    ڪيڏي نه خوبصورت وائي آهي، جديد رنگ ۾ اهڙي وائي مون گهٽ ئي پڙهي آهي، ڳوڙهن سان وضو، پاڪيزگيءَ جو استعارو آهي ۽ محبوب جون يادون ٽٽل دل ۽ گهايل روح آهي جيڪو اڄ جي هر حساس ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي، “آس جا ٽاڪا” پڻ اميد، آس ۽ دنيا کي positive اک سان ڏسڻ جو استعارو آهي ته ڪيڏيون به مايوس ڪندڙ حالتون هجن انسان کي اميد ۽ آس سُٺي رکڻ گهرجي، ۽ محبوب جي وصل لاءِ آس جو ٽاڪو دل ۾ موجود هجڻ ضروري آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو:

    اڃان محبت مئي نه آهي
    سُئي به آهي سڳو به آهي
    اڃان ته ياري ڪشيدا ڪاري
    نئي اڻت جا پيار آهي

    سندس هڪ ٻي وائي آهي

    چمن منهنجي چپن کي ٿا
    اڪيرن مان سکيءَ جا ڳل،
    ڏسي ڪمرو پيو مهڪي.

    ٽٽن ٿيون چوڙيون ٻک ۾
    ۽ گجري مان ڇڻن ٿا گل
    ڏسي ڪمرو پيو مهڪي
    وصل ۾ سرشار شاعر کي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪمرو به خوشيءَ ۾ مهڪي پيو آهي، سچ ته ڪمري جي اک اسان جي ڏک سک ۽ اداسي ۾ سرشار سڀ جي ساٿي هوندي آهي جو چوڙين ۽ گجرن جو ٽٽي پوڻ وري وائيءَ جهڙي صنف ۾ ائين ڪم آڻڻ سچ ته مخمور جو ئي ڪمال آهي، اهڙي شاندار وائي لکڻ تي کيس مبارڪباد پيش ڪيان ٿي. نهايت سادن لفظن ۾ جذبن ۽ احساسن جو هڪ سمنڊ هن وائيءَ ۾ ڇوليون هڻندو نظر اچي ٿو. مخمور جي وائي “ڪنهن گهايل آهي ڪيو” ۾ اسان کي معاشري جا مختلف رويا نظر ايندا، اڄ جي دؤر جو درد، پيڙا ۽ سماج جي بي حسي به هن وائيءَ ۾ نظر اچي ٿي سڄي وائي هڪ گهرو درد آهي جيڪو دل ۾ لهندو ٿو وڃي.
    آئيندي جو عڪس
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟

    سرخ وهيل رت روڊ تي
    پڇي ٿو هر شخص
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟

    هي بد نظرن سان ڇُهي،
    رقاصه جو رقص
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟

    مان سمجهان ٿي جديد شاعريءَ جو بهترين مثال آهي مخمور جي هيءَ وائي جنهن ۾ صرف سنڌ ڌرتيءَ جي ڳالهه ناهي پر اڄ جي دؤر ۽ سڄي دنيا ۽ سماج جو ذڪر آهي، مخمور نهايت خوبصورت وايون لکيون آهن جن ۾ شاعراڻو حسن، فن جو ڪمال، جذبن جو سچ، سماج جو آئينو، رقاصه جو درد ۽ وائي جي خوبصورت گهاڙيٽي ۾ ڪيل تجربا سندس ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا، صرف هڪ ئي صنف ۾ ڪتاب پڙهندڙ کي بور ڪري ڇڏيندو آهي پر مخمور جون وايون بار بار پڙهڻ سان نيون نيون دنيائون کڻي اچن ٿيون، جيڪي اسان جي دل کي سيراب ڪري من کي راحت جي پينگهه تي لوڏي ڇڏين ٿيون،

    پنهنجو خون ڪيان
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟،

    کولي بوتل زهر جي
    زم زم جيئن پيئان
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟،
    هڪ ٻي وائي
    جيئڻ جان انسانن کان
    خواب ڇنڻ وارا
    توکي آدم ڪيئن چوان؟

    مسجد، مندر،چرچ اندر
    بم رکڻ وارا
    توکي آدم ڪيئن چوان؟

    هڪ ٻي خوبصورت وائي ڏسو ڪيڏي نه جدت آ ان ۾.

    لمحو لمحو ڄڻ
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ،

    الجهيل سوچن ۾ ڪوي
    چپ ۽ ڪمرو ڄڻ
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ،

    ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾
    ويندڙ پوڙهو ڄڻ
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ،
    هن وائي ۾ منظر نگاري ڪمال جي آهي، سوچن ۾ گم هڪ ماڻهو، خاموشي ۽ ڪمرو هڪ مڪمل منظر جيڪو ڪيڏو نه اداس آهي ۽ وري ڪوهيڙي ۾ پوڙهو شخص جيڪو ڪڏهن ظاهر ۽ ڪڏهن غائب آهي، هي سڀ جديد وائيءَ کي ڪمال تي رسائي ٿو ڇڏي، سندس وائي جو هي بند ڪيڏو نه خوبصورت آهي،

    کڙيا هن ساهه ۾ جيڪي
    انهن سڪ جي گلابن مان
    سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.

    وائيءَ ۾ وراڻيءَ جي خاص اهميت هوندي آهي، مخمور جي هر وائيءَ جي وراڻي به وڻندڙ آهي جن ۾ نوان ۽ اڇوتا خيال نظر اچن ٿا، جن ۾ جدت سان گڏ احساس ۽ جذبو به آهي.اُهي سڄي وائيءَ جي هر شعر جي مفهوم کي وڌيڪ واضح ڪن ٿيون،
    مخمور جي هڪ وائي“پياري ڏاڏي ياد آ” پڙهي مون کي پنهنجي ڏاڏي ياد اچي وئي، جيڪا پڻ پن جون ٻيڙيون ڇڪيندي هئي، هي وائي لکي ته ڏاڏيءَ جي ياد ۾ وئي آ پر ٻهراڙيءَ جي خوبصورت عڪاسي هن وائيءَ جو حسن وڌائي ڇڏي ٿي، ڳوٺاڻو ماحول ۽ ڳوٺ ۾ استعمال ٿيندڙ ٺيٺ سنڌي لفظ هن وائيءَ کي املهه بڻائن ٿا، وائي ڏسو!
    ڏُڌ ولوڙيندڙ
    پياري ڏاڏي ياد آ

    ڇڪي پن جون ٻيڙيون
    جيءُ جهنجهوڙيندڙ
    پياري ڏاڏي ياد آ
    مخمور جي هڪ ٻي وائي مثال طور هتي ضرور ڏيندس، جنهن جو پهريون بند ته ڪمال ئي آهي، ته من ۾ هرڻيءَ جهڙي اُڇل صحرا جهاڳيندي ٿي رهي،
    ڪنهن لئه جهاڳي ٿي اڃان
    هرڻي اندر جي
    صحرا جهڙا خواب هي

    مخمور جي شاعريءَ ۾ جتي محبوب جو وصل، فراق، حسن، عشق، جستجو ۽ فطرت جي خوبصورتي نظر ايندي آهي اُتي سندس شاعريءَ ۾ ديس ڌرتيءَ جو درد، پيڙا، ماڻهن جا ڏک، سور ۽ غميون، خوشيون سڀ حسناڪيون نظر اينديون آهن، عورتن لاءِ به سندس شاعريءَ ۾ خاص جذبو هوندو آهي. هو عورت کي ڪنهن خوبصورت چيز وانگي سمجهي هن جي حسن جي رڳو تعريف ناهي ڪندو بلڪه معاشري ۾ عورتن سان جيڪو روِيو آهي ان متعلق به هميشه آواز اٿاريندو آهي، سندس ڇپيل ٻنهي ڪتابن ۾ اهڙا غزل موجود آهن، جيڪي عورتن تي ٿيندڙ ظلم بابت لکيا ويا آهن ۽ هاڻ واين جي هن نئين ڪتاب ۾ عورتن لاءِ پڻ سخت لهجي ۾ آواز اٿاريل آهي.

    ڪانئر بزدل جي هٿان
    ٽڪرا ٿي مرنديون
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون،؟

    هيسيل هيسيل هر گهڙي
    ساهه پيون کڻنديون
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟

    مخمور رضا اڄڪلهه نوجوانن شاعرن ۾ تمام گهڻو لکي رهيو آهي ۽ خاص ڳالهه اِها آهي ته هو تمام سٺو لکي رهيو آهي، نه ته عام طور تي گهڻ ئي معيار کي ڇيهو رسائيندي آهي پر مخمور خيال رکندو آهي ته هو معياري ۽ سٺو لکي.
    وائيءَ جهڙي صنف تي سندس ڪتاب سنڌي جديد شاعريءَ جي ڪينواس کي نه صرف وسيع ۽ خوبصورت بڻائي ٿو پر ڪلاسيڪل صنفن ڏانهن نوجوانن جو لاڙو پڻ سنڌي ادب لاءِ هڪ سٺو سوڻ آهي.
    منهنجي دعا آهي ته مخمور اهڙا کوڙ ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيندو رهي، ۽ خدا تعاليٰ کيس سٺي صحت وڏي حياتي عطا فرمائي (آمين)


    سنڌو پيرزادو


    وايون

    عرشن، فرشن ۾

    عرشن، فرشن ۾،
    تون ئي تون آهين الله!.

    پکين جي پرواز ۽،
    ٻيٽن، جبلن ۾،
    تون ئي تون آهين الله!.

    گل گل جي سرهاڻ ۽،
    برپٽ، باغن ۾،
    تون ئي تون آهين الله!.

    ٽاري ٽاري ٿي چوي،
    سائي پن پن ۾،
    تون ئي تون آهين الله!.

    چندر جي چانڊاڻ ۽،
    سج جي ڪرڻن ۾،
    تون ئي تون آهين الله!.

    واچوڙن، طوفان ۽،
    ندين، لهرن ۾،
    تون ئي تون آهين الله!.

    مسجد، مندر، چرچ ۾،
    سڀني روپن ۾،
    تون ئي تون آهين الله!.


    صادق سروَر تي،

    صادق سروَر تي،
    صلواتون من ٿو پڙهي.

    سارِي مخلوقات جي،
    هادي رهبر تي،
    صلواتون من ٿو پڙهي.

    مظلومن جي يار ۽،
    شفيع محشر تي،
    صلواتون من ٿو پڙهي.

    روشن عالم ٿيو جتان،
    افضل تنهن گهر تي،
    صلواتون من ٿو پڙهي.

    مهڪي ڌڪ ڌڪ ٿي پوي،
    جنهن پل مطهر تي،
    صلواتون من ٿو پڙهي.

    بُري، بهتر شخص جي،
    حامي، ناصر تي،
    صلواتون من ٿو پڙهي.


    بيڪس جو نعرو،

    بيڪس جو نعرو،
    مشڪل ڪُشا ياعلي عه.

    ڪُل جو ڪُل ايمان ۽،
    قرآن آ سارو،
    مشڪل ڪُشا ياعلي عه.

    مالڪ جو آ شير ۽،
    احمد جو پيارو،
    مشڪل ڪُشا ياعلي عه.

    ڏيکاريندو آ سِڌو،
    ڀٽڪيل کي چارو،
    مشڪل ڪُشا ياعلي عه.

    ڪندو پنهنجي راهه مان،
    پرتي انڌيارو،
    مشڪل ڪُشا ياعلي عه.

    ٻُڏندڙ لئه مخمور! آ،
    ڪُن ۾ ڪنـّارو،
    مشڪل ڪُشا ياعلي عه.


    اُمت ها سادات سان،

    اُمت ها سادات سان،
    ڪِيسَ ڪيا ڪيڏا،
    ڪربل جي ميدان ۾.

    فروه ؑعه هوندا ڪيئن ڏٺا؟
    قاسم عه جا ٽڪرا،
    ڪربل جي ميدان ۾.

    تڙپائي ماريا ويا،
    نبيءَ جا ٻچڙا،
    ڪربل جي ميدان ۾.

    سيکاري ويو قاعدا،
    صابرُ جيئڻ جا،
    ڪربل جي ميدان ۾.

    ٻاري آ ويو قافلو،
    اوندهه ۾ ڏيئا،
    ڪربل جي ميدان ۾.

    وحشت کي مخمور! آ،
    هارايو مولا،
    ڪربل جي ميدان ۾.


    منهنجو آ سنسار،

    منهنجو آ سنسار،
    تنهنجي صدقي اي امان!.

    منهنجا سپنا ٿو ڪري،
    ساڀيان پالڻهار،
    تنهنجي صدقي اي امان!.

    ويندو آ ناڪام ٿي،
    دشمن جو هر وار،
    تنهنجي صدقي اي امان!.

    مون ڪوجهي کي هي سڄو،
    سونهي ٿو سينگار،
    تنهنجي صدقي اي امان!.

    مون ماڻيو هن ديس جو،
    هيڏو سارو پيار،
    تنهنجي صدقي اي امان!.

    بڻجي ويندو سَهِنجڙو،
    هر رستو دشوار،
    تنهنجي صدقي اي امان!.


    ڪنهن لئه جهاڳي ٿِي اڃان؟

    ڪنهن لئه جهاڳي ٿِي اڃان؟
    هرڻي اندر جِي،
    صحرا جهڙا خوابَ هي.

    جيسين پهچين تون پرين!،
    ويندا رولي ڀِي،
    صحرا جهڙا خواب هي.

    دل منهنجيءَ جو خُونُ ويا،
    سارو آهن پِي،
    صحرا جهڙا خوابَ ھي.

    پهچائيندا، پاڻ کي،
    شايد دنيا ٻِي،
    صحرا جهڙا خوابَ هي.

    ڇو مون کي هن پنڌ تي؟،
    ڏيجُ ڏنئه جيجي!،
    صحرا جهڙا خوابَ هي.


    ساهن سان محبوب جون،

    ساهن سان محبوب جون،
    يادون چمندو هان،
    وضو ڳوڙهن سان ڪري.

    چيريل دل کي آس جا،
    ٽاڪا هڻندو هان،
    وضو ڳوڙهن سان ڪري.

    روز تلاوت درد جي،
    تڙپي ڪندو هان،
    وضو ڳوڙهن سان ڪري.

    خوشبوءَ تي مان عشق جا،
    نغما لکندو هان،
    وضو ڳوڙهن سان ڪري.

    نينهن نمازون موهه جون،
    من ۾ پڙهندو هان،
    وضو ڳوڙهن سان ڪري.

    ڌرتيءَ لئه مصلي مٿان،
    دعائون گهرندو هان،
    وضو ڳوڙهن سان ڪري.

    آنءُ رسالو شاهه جو،
    سُرَ سان پڙهندو هان،
    وضو ڳوڙهن سان ڪري.


    ڪا تعزير ٻڌاءِ،

    ڪا تعزير ٻڌاءِ،
    منصف! منهنجو عرض آ.

    سُک چاهڻ جي ڏوهه ۾،
    دکن منجهه جلاءِ،
    منصف! منهنجو عرض آ.

    سڪ لڳي آ موت جي،
    جيون جلد کٽاءِ،
    منصف! منهنجو عرض آ.

    ساگر منهنجي ساهه جو،
    صحرا جيئن سُڪاءِ،
    منصف! منهنجو عرض آ.

    ڊاهي مرڪن جا محل،
    مون کي دشت بڻاءِ،
    منصف! منهنجو عرض آ.

    جنت مان ٻاهر ڪڍي،
    دوزخ ۾ اُڇلاءِ،
    منصف! منهنجو عرض آ.


    آئيندي جو عڪسُ،

    آئيندي جو عڪسُ،
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟.

    سرخ وهيل رتُ روڊ تي،
    پُڇي ٿو هر شخص،
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟.

    قلم هٿڙن مان کسي،
    ڳڀروءَ کي ڏئي چرس،
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟.

    لڄ لُٽي ڪنهن حور جي،
    انسانيت جو درس،
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟.

    هي بد نظرن سان ڇُهي،
    رقاصه جو رقص،
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟.

    ڌرتيءَ جي هر خواب کي،
    بڻجي هيئن بي ترس،
    ڪنهن گهايل آهي ڪيو؟.


    لمحو لمحو ڄڻ،

    لمحو لمحو ڄڻ،
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ.

    ماڻهو، ماڻهوءَ جو سفر،
    هڪڙي پل جو ڄڻ،
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ.

    اُلجهل سوچن ۾ ڪوي،
    چُپِ ۽ ڪمرو ڄڻ،
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ.

    سرتي! تنهنجي سونهن جو،
    جلوو جلوو ڄڻ،
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ.

    ڪوهيڙي جي ڌُنڌ ۾،
    ويندڙ پوڙهو ڄڻ،
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ.

    منهنجي هِن تقدير جو،
    ٽُڪرا نقشو ڄڻ،
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ.

    ايئن لڳي مخمور! ٿو،
    جڳ جو چرخو ڄڻ،
    ڊرامي جو ڪو سِينُ آ.


    چُمن منهنجي چپن کي ٿا،

    چُمن منهنجي چپن کي ٿا،
    اُڪيرن سان سکيءَ جا ڳَلَ،
    ڏِسي ڪمرو پيو مهڪي.

    ڇُهون هڪ ٻي کي ٿا ڊپ ۾،
    متان ڪائي نه ٿي پئي ڀُلَ،
    ڏِسي ڪمرو پيو مهڪي.

    وصل جي آجياڻي ۾،
    نچي جذبا ڏِيَن ٿا بُلَ،
    ڏِسي ڪمرو پيو مهڪي.

    ٽٽن ٿيون چوڙيون ٻک ۾،
    ۽ گجري مان ڇڻن ٿا گُلَ،
    ڏِسي ڪمرو پيو مهڪي.

    بلب جا نيڻ ٻوٽيل هِن،
    ٻرن ٿا چاهتن جا پَلَ،
    ڏِسي ڪمرو پيو مهڪي.


    چُمندي مِٽي سنڌ جي،

    چُمندي مِٽي سنڌ جي،
    دل جي ڌڙڪن ۾،
    ڀَرجي ويندا رنگَ هِن.

    هُن جا مهڪيل پلَ ڏِسي،
    سُرها ساهن ۾،
    ڀَرجي ويندا رنگَ هِن.

    ماڻيندو جو پيار آ،
    تنهن جي لمحن ۾،
    ڀَرجي ويندا رنگَ هِن.

    توکي ڇُهندي اپسرا!،
    منهنجي جوڀن ۾،
    ڀَرجي ويندا رنگَ هِن.

    ساري برکا مند کي،
    اُجرن جذبن ۾،
    ڀَرجي ويندا رنگَ هِن.

    ڳائيندي آ هوءَ جڏهن،
    منهنجي ڳيچن ۾،
    ڀَرجي ويندا رنگَ هِن.


    اندر جي ٻولي،

    اندر جي ٻولي،
    جيڪر پُرجهي آدمي.

    خود ئي پنهنجي ذات آ،
    هر جُڳَ ۾ رولي،
    جيڪر پُرجهي آدمي.

    ناهي پنهنجي واٽ ڪا،
    اڃان ڪنهن ڳولي،
    جيڪر پُرجهي آدمي.

    اُوچي آهي عرش کان،
    عشق سندي لولي،
    جيڪر پُرجهي آدمي.

    ننگي ننگي روح لئه،
    چاهت آ چولي،
    جيڪر پُرجهي آدمي.

    قيدي آهيون پاڻ ۽،
    هيءَ دنيا کولي،
    جيڪر پُرجهي آدمي.


    ڦٽَ جيان ڪُرندو،

    ڦٽَ جيان ڪُرندو،
    تنهنجو! مون ۾ خواب آ.

    بڻجي بنسي موهه جي،
    روز پيو ٻُرندو،
    تنهنجو! مون ۾ خواب آ.

    مهين جي آثار جيئن،
    پل پل پيو جُهرندو،
    تنهنجو! مون ۾ خواب آ.

    روز نئين سِر ڍوليا!،
    جُڙندو ۽ ڀُرندو،
    تنهنجو مون ۾ خواب آ.

    ازلئون ئي مخمور! ڄڻ،
    ساهن جيئن چُرندو،
    تنهنجو مون ۾ خواب آ.


    آخر رڱجي رتُ سان،

    آخر رڱجي رتُ سان،
    لائون هيئن لهنديون،
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟

    ڪانئرَ بُزدل جي هٿان،
    ٽڪرا ٿي مرنديون،
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟

    حوَسِ جي بازار ۾،
    ننگيون ٿي کپنديون،
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟

    مردن جي هِن راڄ ۾،
    نوڪر ٿي رهنديون،
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟

    هيسيلُ هيسيلُ هر گهڙي،
    ساهه پيون کڻنديون،
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟

    بندش جي درياهه ۾،
    ترنديون ۽ ٻُڏنديون،
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟

    مُرڪون لبڙن تي رکي،
    اندر ۾ روئنديون،
    ڪيسين ٻاگهيون ديس جون؟


    ميرا هاسين، چنڊ جيئن،

    ميرا هاسين، چنڊ جيئن،
    نکري آياسين،
    پوپٽڙيءَ جي پريم ۾.

    غوطا کائي، سمنڊَ ڪئي،
    اُڪري آياسين،
    پوپٽڙيءَ جي پريم ۾.

    سهڻا سپنا پَرَ ڪري،
    اُڏري آياسين،
    پوپٽڙيءَ جي پريم ۾.

    دنيا جي گدلاڻ مان،
    نڪري آياسين،
    پوپٽڙيءَ جي پريم ۾.

    ٽانڊا ٽانڊا راهه هئي،
    گذري آياسين،
    پوپٽڙيءَ جي پريم ۾.

    اُوکايون سڀ مرڪندي،
    نبري آياسين،
    پوپٽڙيءَ جي پريم ۾.


    جيونُ دردن جي،

    جيونُ دردن جي،
    آهي مٽيءَ مان ٺهيلُ.

    ماڻهو هي ڄڻ ٿو لڳي،
    سهڻن سپنن جي،
    آهي مٽيءَ مان ٺهيلُ.

    ڪيئن چاهيندو امن، سو،
    جيڪو فتنن جي،
    آهي مٽيءَ مان ٺهيلُ.

    نچڻي، نچڻيءَ جو بدن،
    ڇا ڪنهن ڇن ڇن جي،؟
    آهي مٽيءَ مان ٺهيلُ.

    رشتو پنهنجي پيار جو،
    نازڪ رنگن جي،
    آهي مٽيءَ مان ٺهيلُ.

    پنهنجو پاڳل هينئڙو،
    شايد صدمن جي،
    آهي مٽيءَ مان ٺهيلُ.

    دل جو هيءُ مجسمو،
    ها احساسن جي،
    آهي مٽيءَ مان ٺهيلُ.


    دل جا کولي پَرَ،

    دل جا کولي پَرَ،
    اُڏندسُ نئين انداز سان.

    ٽوڙي پڃرو چُهنب سان،
    ڏيکاري جوهرَ،
    اُڏندسُ نئين انداز سان.

    ڏسجان توکان ڀي مٿي،
    نازن سان امبرَ!،
    اُڏندسُ نئين انداز سان.

    بسمل ڪر ڀل هيل اي!،
    گهاءَ سبي ٻيهرَ،
    اُڏندسُ نئين انداز سان.

    وحشت کي ڏئي مات مان،
    تو جيئن قلندرَ!،
    اُڏندسُ نئين انداز سان.

    پائي پرڙا پيار جا،
    خوابن لئه دلبرَ!
    اُڏندسُ نئين انداز سان.


    ڪنهن کي ڳوليندي هتي،

    ڪنهن کي ڳوليندي هتي،
    پهتو آن تاسا،
    پُڇي ريگستان ٿو.

    ڪهڙي رستي سان لڳئي،
    پيرن ۾ ڪنڊا،
    پُڇي ريگستان ٿو.

    ڇڏي وَسندي ڇو هتي،
    کوڙين ٿو خيما،
    پُڇي ريگستان ٿو.

    ڏوري هيڏا پنڌ هي،
    ٿڪو ناهي ڇا،
    پُڇي ريگستان ٿو.

    ڪهڙي ڏک ۾ آن بڻيو،
    مون وانگر صحرا،
    پُڇي ريگستان ٿو.

    ڇا لئه پلڪن جي پٺيان،
    روڪيا ٿي ڳوڙها،
    پُڇي ريگستان ٿو.


    وڻَ، ٻنيون، ٻارا،

    وڻَ، ٻنيون، ٻارا،
    مون پي لاريءَ مان ڏٺا.

    پورهيت اُس ۾ پيٽ لئه،
    ڪن پيا لابارا،
    مون پي لاريءَ مان ڏٺا.

    کاٽيون جهونا پيا کڻن،
    ٽاڪ منجهند ڌارا،
    مون پي لاريءَ مان ڏٺا.

    من موهيندڙ ديس جا،
    منظر هئا سارا،
    مون پي لاريءَ مان ڏٺا.

    راندين ۾ مشغول ها،
    ڌرتيءَ جا تارا،
    مون پي لاريءَ مان ڏٺا.

    ويندڙ هُن جي ڳوٺ ڏي،
    حسرت مان چارا،
    مون پي لاريءَ مان ڏٺا.


    ويندو لمحي ۾ هتي،

    ويندو لمحي ۾ هتي،
    ماڻهو ٿي راڪاس،
    ڪرسيءَ جي آ لوڀ ۾.

    ٽوڙيو ويندو روز هت،
    ڌرتيءَ جو وشواس،
    ڪرسيءَ جي آ لوڀ ۾.

    مظلومن جي جسم تان،
    ظالم روڙيو ماس،
    ڪرسيءَ جي آ لوڀ ۾.

    قاتل بم سان شهر کي،
    ساڙي ڪيو بنواس،
    ڪرسيءَ جي آ لوڀ ۾.

    رنڱيو رت سان بي وڙي،
    امڙين جو احساس،
    ڪرسيءَ جي آ لوڀ ۾.

    بڇڙي پنهنجي قوم کي،
    ڏاڙهيو ٿِي بي قياس،
    ڪرسيءَ جي آ لوڀ ۾.


    آکيرين کي باهه ڏئي،

    آکيرين کي باهه ڏئي،
    ساڙيو ڇا لئه ٿا،
    پکين پي دانهون ڪيون.

    ڪٽي پرڙا قيد ۾،
    واڙيو ڇا لئه ٿا،
    پکين پي دانهون ڪيون.

    بندوقون هٿ ۾ کڻي،
    تاڙيو ڇا لئه ٿا،
    پکين پي دانهون ڪيون.

    گولين سان نازڪ جسم،
    ڦاڙيو ڇا لئه ٿا،
    پکين پي دانهون ڪيون.

    پيڙائن جي پنڌ ڏي،
    لاڙيو ڇا لئه ٿا،
    پکين پي دانهون ڪيون.


    من جي زنگيل آرزو،

    من جي زنگيل آرزو،
    ٻيهر جرڪائي،
    حُور وئي هڪ لاڙ جي.

    ريکائون تقدير جون،
    ساريون بدلائي،
    حُور وئي هڪ لاڙ جي.

    ماٺ صدين کان جا هُئي،
    سا دل ڌڙڪائي،
    حُور وئي هڪ لاڙ جي.

    جنت جهڙي خواب تي،
    جيون هرڪائي،
    حُور وئي هڪ لاڙ جي.

    منهنجون آنچل ۾ ٻئي،
    اکڙيون ڦاسائي،
    حُور وئي هڪ لاڙ جي.

    منهنجي هينئڙي جي رضا!،
    موسم مهڪائي،
    حُور وئي هڪ لاڙ جي.


    آڳنڌ سندي هير،

    آڳنڌ سندي هير،
    ساري گهر جا فرد ٿي.

    بند ڪمري ۾ ڪا لڳل،
    دز هاڻي تصوير،
    ساري گهر جا فرد ٿي

    ڪونَرَ ڀرسان مينهن بن،
    زنگيل ڪا زنجير،
    ساري گهر جا فرد ٿي.

    ڪوريئڙن جي تند سان،
    ڇِت ۾ ٿيل تعمير،
    ساري گهر جا فرد ٿي.

    سامانن تي دز پيل،
    روئي رت جا نير،
    ساري گهر جا فرد ٿي.

    اجڙي وئي مخمور! جا،
    گهر جي سا تقدير،
    ساري گهر جا فرد ٿي.


    پاڙي ۾ محبوب جي،

    پاڙي ۾ محبوب جي،
    مان پنهنجو لاشو،
    دفنايان ٿو مرڪندي.

    من جي قبرستان ۾،
    گهاءُ کڻي گِهرو،
    دفنايان ٿو مرڪندي.

    لڙڪن جي آلاڻ سان،
    سڪ جو گلدستو،
    دفنايان ٿو مرڪندي.

    پوپٽ کوٽي آ قبر،
    گلشن ۾ گلڙو،
    دفنايان ٿو مرڪندي.

    مجبوريءَ ۾ پريت جو،
    زندهه هر سپنو،
    دفنايان ٿو مرڪندي.

    دل ۾ هر هڪ عيب مان،
    پنهنجي يارن جو،
    دفنايان ٿو مرڪندي.


    رَسو پَکي ۾ ٻَڌي،

    رَسو پَکي ۾ ٻَڌي،
    خود کي ماري ٿو،
    ڪمري ۾ هڪ آدمي.

    صدين کان ڪنهن ياد جي،
    سانگي گهاري ٿو،
    ڪمري ۾ هڪ آدمي.

    اوکا دوکا وقت جا،
    تڙپي ساري ٿو،
    ڪمري ۾ هڪ آدمي.

    اندر ۾ فانوس ڪي،
    سڪ جا ٻاري ٿو،
    ڪمري ۾ هڪ آدمي.

    خود سان اُوري حال خود،
    آڌيءَ ڌاري ٿو،
    ڪمري ۾ هڪ آدمي.

    مُنهن تي وِهاڻو رکي.
    ڳوڙها هاري ٿو،
    ڪمري ۾ هڪ آدمي.


    ڪاري ڪاري راهه ۾

    ڪاري ڪاري راهه ۾،
    راهي دل ٻاري،
    پهتا پنهنجي ماڳ تي.

    پير وڃائي سياحَ سڀ،
    شام شفق ڌاري،
    پهتا پنهنجي ماڳ تي.

    مون کي ٻوڙي يار ها،
    ٻيڙيءَ کي تاري،
    پهتا پنهنجي ماڳ تي.

    سپنا ننڍڙي ڪِوِل جا،
    پاهڙ ڪي ڏاري،
    پهتا پنهنجي ماڳ تي.

    هر مشڪل کي راهه ۾،
    رمتا ڊيڄاري،
    پهتا پنهنجي ماڳ تي.

    مرڪي جوڌا ديس تان،
    جانِين کي واري،
    پهتا پنهنجي ماڳ تي.


    آزادي ملندي،

    آزادي ملندي،
    زندهه هي ويساهه آ.

    جنت جهڙي هوبهو،
    ڪا وادي ملندي،
    زندهه هي ويساهه آ.

    امبر جيڏي زندگي،
    ڪُشادي ملندي،
    زندهه هي ويساهه آ.

    کوٽي کي هر دؤر ۾،
    بربادي ملندي،
    زندهه هي ويساهه آ.

    سوڍي جيئن مخمور کي،
    شهزادي ملندي،
    زندهه هي ويساهه آ.


    منهنجي گهر جو واءُ،

    منهنجي گهر جو واءُ،
    ۽ دل جو پڙلاءُ،
    ڪُرلائي ٿو هوت لئه.

    آڌي آڌي رات جو،
    جاڳي هر ڪهڪاءُ،
    ڪُرلائي ٿو هوت لئه.

    ڪونج جيان هي هينئڙو،
    منهنجِي جيجل ماءُ!،
    ڪُرلائي ٿو هوت لئه.

    سسئيءَ وانگر درد مان،
    ساهن جو سوداءُ،
    ڪُرلائي ٿو هوت لئه.

    مونکي ڀاڪر ۾ ڀري،
    ڏونگر جيڏو کاءُ،
    ڪُرلائي ٿو هوت لئه.

    مدت کان مخمور پيو،
    دل جو گِهرو گهاءُ،
    ڪُرلائي ٿو هوت لئه،


    کاءُ.. غم، ڏک


    منهنجو من ۽ ماس،

    منهنجو من ۽ ماس،
    کائي ويئي مُفلسي.

    دل جوڙيو هو پيار سان،
    سپنن جو آڪاس،
    کائي ويئي مُفلسي.

    ڏانئڻ وانگر آ لڪي،
    خوشين جو انناس،
    کائي ويئي مُفلسي.

    تنهنجي دنيا ۾ خدا!،
    جيئڻ جو احساس،
    کائي ويئي مُفلسي.

    مرڪون منهنجون مرڪندڙ،
    ڄڻ ڪو ٿي راڪاس،
    کائي ويئي مُفلسي.

    مهڪيل جوڀن جو رضا!،
    سُرهو سُرهو واس،
    کائي ويئي مُفلسي.


    آءُ! ستارن تي،

    آءُ! ستارن تي،
    نغما ڳايون نينهن جا.

    جيڪر ساري زندگي،
    دل جي چارن تي،
    نغما ڳايون نينهن جا.

    دل چاهي ٿي هيج جي،
    رنگ نيارن تي،
    نغما ڳايون نينهن جا.

    ڇيريون پائي عشق جون،
    ڍول! نغارن تي،
    نغما ڳايون نينهن جا.

    آءُ ڳجهارت وانگيان،
    مام اشارن تي،
    نغما ڳايون نينهن جا!.

    ڀاڪر ۾ مخمور ٿي،
    سمنڊ ڪنارن تي،
    نغما ڳايون نينهن جا!.


    جاڳ ۾ سپنا ڏسين،

    جاڳ ۾ سپنا ڏسين،
    چِلوِلي! ڪنهن لاءِ ٿي؟.

    چاهه جي رابيل جي،
    ساهه ۾ خوشبو رکين،
    چِلوِلي! ڪنهن لاءِ ٿي؟.

    دل چِٽي رومال تي،
    پريتڻو تنهن ۾ ڀرين،
    چِلوِلي! ڪنهن لاءِ ٿي؟.

    سير ۾ سهڻيءَ جيان،
    بي ڀئي بڻجي لهين،
    چِلوِلي! ڪنهن لاءِ ٿي؟.

    حوصلا رُڪ جا ڪري،
    لوڪ ساري سان وڙهين،
    چِلوِلي! ڪنهن لاءِ ٿي؟.

    خواهشن جا پَرَ ٻڌي،
    عشق جي اُڀ تي اُڏين،
    چِلوِلي! ڪنهن لاءِ ٿي؟.


    شاهد رهندا درد هي،

    شاهد رهندا درد هي،
    جهونا وياسي ٿي،
    جوڀن ماڻڻ کان اڳي.

    جيجل جي آ آس ڇو؟
    ڇڏيو زهر پي،
    جوڀن ماڻن کان اڳي.

    ڪهڙي ظالم آ ڇڏي،؟
    سُهڻي ڪونج ڪُهي،
    جوڀن ماڻڻ کان اڳي.

    پتيون ٿي وکري وئي،
    ڪومل ڪا مکڙي
    جوڀن ماڻن کان اڳي.

    هيءَ ڪهڙي هُرکُر ملي،
    دل کي دردن جي،
    جوڀن ماڻن کان اڳي.


    منهنجو موهڻ لاءِ من،

    منهنجو موهڻ لاءِ من،
    سندر تجلا ڏِين،
    تنهنجا والا ٿا سکي!.

    تون منهنجي آهين صرف،
    شايد ايئن چون،
    تنهنجا والا ٿا سکي!.

    ڪڪڙن زلفن مان لِڪي،
    نازن ساڻ ڏسن،
    تنهنجا والا ٿا سکي!.

    تون ڳائين ٿي ڳيچڙو،
    ۽ هو جهمريون ڪن،
    تنهنجا والا ٿا سکي!.

    مون کي ساڙڻ لاءِ ئي،
    تنهنجا ڳل چمن،
    تنهنجا والا ٿا سکي!.

    تون مرڪين پئي هي دعا،
    سوَ سوَ وار گُهرن،
    تنهنجا والا ٿا سکي!.


    ڇم ڇم ڪندي ڇير سان،

    ڇم ڇم ڪندي ڇير سان،
    ڪُڏندي ۽ نچندي،
    سمبارا ڪاڏي وئي؟.

    اسٽوپا غمگين آ،
    مهين مان روئندي،
    سمبارا ڪاڏي وئي؟.

    بلڪل ننگي چنڊ جيئن،
    وحشين کان لِڪندي،
    سمبارا ڪاڏي وئي؟.

    هيسيل هرڻيءَ وانگيان،
    خوفن ۾ ڊُڪندي،
    سمبارا ڪاڏي وئي؟.

    ڪو ڄاڻي ئي ڪو نه ٿو،
    ڇولين جيئن ڇُلندي،
    سمبارا ڪاڏي وئي؟.

    تنهايون من ۾ رکي،
    ميلن مان لنگهندي،
    سمبارا ڪاڏي وئي؟.

    اندر جي ڪنهن درد ۾،
    گاج جيان گجندي،
    سمبارا ڪاڏي وئي؟.


    پنبڻين سان هر راهه مان،

    پنبڻين سان هر راهه مان،
    ڪنڊا ميڙينديسِ،
    البيلي چِتِ چور لئه.

    خود سان ڀي هر مُند ۾،
    پل پل جهيڙينديسِ،
    البيلي چِتِ چور لئه.

    انگ انگ ۾ مان چاهه سان،
    پيار پکيڙينديسِ،
    البيلي چِتِ چور لئه.

    بنجر ڌرتي موهه جي،
    هَرُ ٿي کيڙينديسِ،
    البيلي چِتِ چور لئه.

    مڌُر نغما نينهن جا،
    ور ور ڇيڙينديسِ،
    البيلي چِتِ چور لئه.

    دل جي شڪتيءَ سان پئي،
    ڏونگر ٿيڙينديسِ،
    البيلي چِتِ چور لئه.

    تارن جهڙا جرڪندڙ،
    خواب سهيڙينديسِ،
    البيلي چِتِ چور لئه.


    موهه جي ميندي هڻي،

    موهه جي ميندي هڻي،
    روح ٿا لائون لهن،
    پيار جي آڪاس تي.

    هل! هلي گڏجي ڏسئون،
    ڪيئن ٿا جهرڻا وهن،
    پيار جي آڪاس تي.

    ٿي ستارا ٿا وڃن،
    جي اڏي گهر ٿا رهن،
    پيار جي آڪاس تي.

    ڪُپتن جا پيشوا،
    ڪو نه ٿا سچ ۾ ٺهن،
    پيار جي آڪاس تي.

    مارِيا ويندا پکي،
    روز ڇو مخمور! هن؟،
    پيار جي آڪاس تي.


    تنهنجي! دل جي محل جو،

    تنهنجي! دل جي محل جو،
    آڳنڌ يا ڪو درُ،
    جيڪر مان بڻجي وڃان.

    تنهنجو! ڪنگڻ، هار يا،
    ماٿي جو جهومرُ،
    جيڪر مان بڻجي وڃان.

    پياسي تنهنجي! روح لئه،
    زم زم يا ساگرُ،
    جيڪر مان بڻجي وڃان.

    تنهنجي ير! رولاڪ هِن،
    سپنن لئه ڪو گهرُ،
    جيڪر مان بڻجي وڃان.

    تنهنجي! ٽهڪن لاءِ ڪو،
    چاهي دل جوڪرُ،
    جيڪر مان بڻجي وڃان.

    نيلم ۽ مرجان جيئن،
    اڻ ملھه ڪو گوهرُ،
    جيڪر مان بڻجي وڃان


    مٽي ڳوهي اُن منجهان،

    مٽي ڳوهي اُن منجهان،
    رانديڪا ٺاهيان،
    ننڍڙپڻ موٽي جي ملي.

    ڀترن سان ٻيرِين منجهان،
    ٻيرن کي لاهيان.
    ننڍڙپڻ موٽي جي ملي.

    ڪينچيءَ سان ڪليون ڪَٽي،
    لغڙيون ڪي ٺاهيان،
    ننڍڙپڻ موٽي جي ملي.

    وڏي ٿيڻ جا جيءَ مان،
    سپنا سڀ ڊاهيان،
    ننڍڙپڻ موٽي جي ملي.

    پير اُگهاڙي ڳوٺ ۾،
    ڦيٿو ڪو واهيان،
    ننڍڙپڻ موٽي جي ملي.

    زوريءَ وينجهاري امڙ،
    ايئن پيو چاهيان،
    ننڍڙپڻ موٽي جي ملي.

    ٻيڙيون ٺاهي ڪاغذي،
    نديءَ ۾ لاهيان،
    ننڍڙپڻ موٽي جي ملي.


    نيري ساڙهيءَ ۾ نچي،

    نيري ساڙهيءَ ۾ نچي،
    ڪيڏو ٿا ٻهڪن،
    گنبذ گوريءَ جا

    جوڀن جي ڄر ۾ لُڇي،
    ڪنهن لئه ٿا تڙپن؟
    گنبذ گوريءَ جا.

    سَنهڙي ڪُڙتي مان پيا،
    حرڪت ساڻ ڏسن،
    گنبذ گوريءَ جا.

    اکيون پائي ڄڻ ته ڪو،
    اشارا ٿا ڪن،
    گنبذ گوريءَ جا.

    گدلا خلل ٿا ڇُلي،
    نِيَت منجه وجهن،
    گنبذ گوريءَ جا.

    ڇُهڻ سان مخمور! ٿا،
    وڇونءَ جيئن ڏنگن،
    گنبذ گوريءَ جا.


    اکين کي اڄ به خوابن مان،

    اکين کي اڄ به خوابن مان،
    سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.

    کڙيا هِن ساهه ۾ جيڪي،
    انهن سڪ جي گلابن مان،
    سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.

    رکيل صندوق ۾ ڪُهنِين،
    نشانين ۽ نقابن مان،
    سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.

    ڪڏهن خوشين جي هيرُن ۽،
    ڪڏهن دک جي عذابن مان،
    سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.

    پڙهيا هُن ها جي هاسٽل ۾،
    انهن اڻ ملهه ڪتابن مان،
    سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.

    ڪڏهن احساس ٿڌڙن ۽،
    ڪڏهن جذبن جي تابن مان،
    سڳنڌ ساڄن جي ايندي آ.


    منهنجي ساهن ۾ اچي،

    منهنجي ساهن ۾ اچي،
    ڍولڻ! تون رهجان،
    خوشبو بڻجي پريت جي.

    نيڻن جون ڳليون لنگهي،
    دلڙيءَ ڏي اچجان،
    خوشبو بڻجي پريت جي!.

    منهنجي قسمت ڏي سکي!،
    ٻيهر ڀي ورجان،
    خوشبو بڻجي پريت جي.

    وڇڙڻ کان پو ياد سان،
    مون کي پئي چُمجان،
    خوشبو بڻجي پريت جي!.

    رشتو پوپٽ گل جيان،
    مون سان ڪو رکجان،
    خوشبو بڻجي پريت جي!.

    نفرت جي بدبوءِ کي،
    مات ڏئي ڇڏجان،
    خوشبو بڻجي پريت جي!.


    ايئن نه منهنجي راهه ۾،

    ايئن نه منهنجي راهه ۾،
    پڳلي! ساهه وڇاءِ،
    افسانه ويندا جُڙي.

    پلويڙي تان واءَ ۾،
    چُمين کي نه اُڏاءَ!،
    افسانه ويندا جُڙي.

    منهنجي نالي جو ڳلي،
    هار نه سهڻي! پاءِ،
    افسانه ويندا جُڙي.

    مان تنهنجو ڇا ٿو لڳان،
    دنيا کي نه ٻُڌاءِ،
    افسانه ويندا جُڙي!.

    هر محفل هر بزم ۾،
    منهنجا ڳڻ نه ڳاءِ،
    افسانه ويندا جُڙي!.

    ايئن نه منهنجي عڪس کي،
    نيڻن منجهه لڪاءِ،
    افسانه ويندا جُڙي!.


    احساسن کي چهڪَ ڏئي،

    احساسن کي چهڪَ ڏئي،
    خون ڪرڻ وارا،
    توکي! آدم ڪيئن چوان؟.

    جيئڻ جا انسانن کان،
    خواب ڇنڻ وارا،
    توکي! آدم ڪيئن چوان؟.

    ساڙي ماڻهن جا گهرڙا،
    خوش ٿيڻ وارا،
    توکي! آدم ڪيئن چوان؟.

    مسجد، مندر، چرچ اندر،
    بم رکڻ وارا،
    توکي! آدم ڪيئن چوان؟.

    وحشت وارين نظرن سان،
    لڄ تڪڻ وارا،
    توکي! آدم ڪيئن چوان؟.

    اُجري پوتر رشتي تي،
    داغ هڻڻ وارا،
    توکي! آدم ڪيئن چوان؟.


    تنهائيءَ جي ڪنڌ تي،

    تنهائيءَ جي ڪنڌ تي،
    رکي سِرُ روئندي،
    منهنجي آ مغموم دل.

    ٻاهر نڪري جسم مان،
    تنهنجو! دڳ ڏسندي،
    منهنجي آ مغموم دل.

    ڪُرڙي جر جي لاءِ جيئن،
    تو لئه! ايئن لُڇندي،
    منهنجي آ مغموم دل.

    توکان! پو مڙئي سبب،
    ٺاهي پئي وڙهندي،
    منهنجي آ مغموم دل.

    ڇيريون دردن جون ٻَڌي،
    سيني ۾ نچندي،
    منهنجي آ مغموم دل.

    تنهنجي! يادن سان ٻکي،
    ساهه پئي کڻندي،
    منهنجي آ مغموم دل.


    جيئري دردن جو ڪفن،

    جيئري دردن جو ڪفن،
    دل کي پارايو،
    بُوليءَ واريءَ پيار ۾.

    هر نازڪ احساس کي،
    وڍَ ڏئي تڙپايو.
    بُوليءَ واريءَ پيار ۾.

    سورن سندو مينهڙو،
    دل تي برسايو،
    بُوليءَ واريءَ پيار ۾.

    منهنجي خوشين جون فصل،
    هٿ سان ڀيلايو،
    بُوليءَ واريءَ پيار ۾.

    اُونهي کاهيءَ ۾ ڌِڪو،
    ڏيئي ڪيرايو،
    بُوليءَ واريءَ پيار ۾.

    پاڳل مون مخمور سان،
    منُ پي وندرايو،
    بُوليءَ واريءَ پيار ۾.


    بي چينيءَ جي مند ۾،

    بي چينيءَ جي مند ۾،
    راحت بڻجي اچ،
    سُنهُن ٿئي اِن سونهَن جو!.

    منهنجي هر احساس ۾،
    رنگن وانگر رچ،
    سُنهُن ٿئي اِن سونهَن جو!.

    منهنجي دل جي کيت ۾،
    پيرون بڻجي پچ،
    سُنهُن ٿئي اِن سونهَن جو!.

    پيالو پي ڪو پريت جو،
    درد وساري نچ،
    سُنهُن ٿئي اِن سونهَن جو!.

    ايئن نه ڇڏ اڌ واٽ تي،
    پنڌ اڃان آ ڳچ،
    سُنهُن ٿئي اِن سونهَن جو!.


    موتيي جيئن مهڪي،

    موتيي جيئن مهڪي،
    لئون لائيندس يار سان.

    ڪوهن جهڙي پنڌ تي،
    سسئيءَ جيئن سهڪي،
    لئون لائيندس يار سان.

    راحت ڀريي رقص ۾،
    ڇيرين جان ڇمڪي،
    لئون لائيندس يار سان.

    اندر جي اُونداهه ۾،
    چنڊ جيان چمڪي،
    لئون لائيندس يار سان.

    ڳوڙها اُگهي جيءَ جا،
    ٽانڊن تي مرڪي،
    لئون لائيندس يار سان.

    پٿر هان مخمور! پر،
    دل وانگر ڌڙڪي،
    لئون لائيندس يار سان.


    ريتن، رسمن ۾ وئي،

    ريتن، رسمن ۾ وئي،
    بڻجي ريگستان،
    گلشن جهڙي ڇوڪري.

    آباديءَ جي خواب ۾،
    ويئي ٿي ويران،
    گلشن جهڙي ڇوڪري.

    سانڍيو ويٺي آ اڃان،
    مالهيءَ جو ارمان،
    گلشن جهڙي ڇوڪري.

    کنڀي ويو ڪو پُٽَ لڳل،
    سج لٿي دوران،
    گلشن جهڙي ڇوڪري.

    گهر کان نڪتي ويس ۾،
    موٽي ٿي عريان،
    گلشن جهڙي ڇوڪري.

    پاڻ به پنهنجي سونهن تي،
    جڳ جان آ حيران،
    گلشن جهڙي ڇوڪري.


    ڀريل هي ويسَ پائين ٿي،

    ڀريل هي ويسَ پائين ٿي،
    ۽ سُرخيون ڪنهن لئه لائين ٿي،
    پُڇي ٿي آرسي هُن کان.

    سدا غمگين رهندڙ ڇو؟
    اچانڪ مسڪرائين ٿي،
    پُڇي ٿي آرسي هُن کان.

    ڪو اچڻو خاص آ ڇا؟، جو
    ڪکائون گهر سجائين ٿي،
    پُڇي ٿي آرسي هُن کان.

    اُڻي نيڻن ۾ چاهت کي،
    لِيا در کان ڇو پائين ٿي،
    پُڇي ٿي آرسي هُن کان.

    ڇو پڳلي عشق جي بن ۾ ؟
    هي جوڳي من رُلائين ٿي،
    پُڇي ٿي آرسي هُن کان.

    غزلُ مخمور جو ڪنهن لئه؟،
    سُريلي سُر ۾ ڳائين ٿي،
    پُڇي ٿي آرسي هُن کان.


    سُپَت جا سُلطان!،

    سُپَت جا سُلطان!،
    سنڌڙي سُڏڪي ٿي سڏئي.

    بکين مارُن لئه سڄڻ!،
    آءُ کڻي ڪي نان،
    سنڌڙي سُڏڪي ٿي سڏئي.

    مقتل گاهون ٿي ويا،
    آهن سڀ ميدان،
    سنڌڙي سُڏڪي ٿي سڏئي!.

    کائي جوڌا ٿا وڃن،
    ڊاهه اچي زندان،
    سنڌڙي سُڏڪي ٿي سڏئي!.

    جوڙي ويرين لئه وري،
    آءُ! تکا ڪي ڪان،
    سنڌڙي سُڏڪي ٿي سڏئي.

    رهبر سنڌو ديس جا،
    او اوچا انسان!،
    سنڌڙي سُڏڪي ٿي سڏئي.


    “سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جي نانءِ”


    ماڻي آجو ماڳ

    ماڻي آجو ماڳ،
    ٿڪ لهي ويا عمر جا.

    امڙ جي هٿ جو پڪل،
    کائي سائو ساڳ،
    ٿڪ لهي ويا عمر جا.

    چُميو جيئن مون ساهه سان،
    ڍولڻ! تنهنجو لاڳ،
    ٿڪ لهي ويا عمر جا.

    تنبوري جي ساز تي،
    ٻُڌي ڀٽ جو راڳ،
    ٿڪ لهي ويا عمر جا.

    سُتل ورهين جو رضا!
    ڏِسي ديس سُجاڳ،
    ٿڪ لهي ويا عمر جا.


    منهنجي نازڪ ساهه تي،

    منهنجي نازڪ ساهه تي،
    ڳوري لت رکي،
    ٽهڪَ ڏِين ٿا حادثا.

    يارن وانگر هوبهو،
    ڪري وارُ لڪي،
    ٽهڪَ ڏِين ٿا حادثا.

    غربت سندي باهه ۾،
    جلندي جيءُ ڏسي،
    ٽهڪَ ڏِين ٿا حادثا.

    منهنجي سڏڪن جي مٿان،
    جهومي ڄڻ ته ڪُڏي،
    ٽهڪَ ڏِين ٿا حادثا.

    جيون جي مخمور! هر،
    ڪري تنگ ڳلي،
    ٽهڪَ ڏِين ٿا حادثا.


    ڏُڌُ ولوڙيندڙَ،

    ڏُڌُ ولوڙيندڙَ،
    پياري ڏاڏِي ياد آ.

    صبح سانجهي مينهن کي،
    ٻَڌندڙ، ڇوڙيندڙَ.
    پياري ڏاڏِي ياد آ.

    کُنجي ڏڪندڙَ پيرڙا،
    پَٽَ تي کوڙيندڙ،
    پياري ڏاڏِي ياد آ.

    مرضن ۽ افلاس ۾،
    پل پل لوڙيندڙَ،
    پياري ڏاڏِي ياد آ.

    گهر ڀاتين لئه عمر ڀر،
    پاڻ پتوڙيندڙَ،
    پياري ڏاڏِي ياد آ.

    سُرمي سان پنهنجون اڇيون،
    اکيون ٻوڙيندڙَ،
    پياري ڏاڏِي ياد آ.

    ڇِڪي پَنَ جون ٻيڙِيون،
    جيءُ جهنجهوڙيندڙ،
    پياري ڏاڏِي ياد آ


    ٽُڪرا پنهنجي ذات جا،

    ٽُڪرا پنهنجي ذات جا،
    جوڙي جوڙي مان،
    ساڻو آهيان ٿي ڪِريو.

    ضديري هُن ڏانهُن دل،
    موڙي موڙي مان،
    ساڻو آهيان ٿي ڪِريو.

    سهڻن سپنن جي پٺيان،
    ڊوڙي ڊوڙي مان،
    ساڻو آهيان ٿي ڪِريو.

    تنبو لهرن جي مٿان،
    کوڙي کوڙي مان،
    ساڻو آهيان ٿي ڪِريو.

    سنگت خاطر پاڻ کي،
    ٻوڙي ٻوڙي مان،
    ساڻو آهيان ٿي ڪِريو.

    هِت ڀي، هُت ڀي پاڻ کي،
    ووڙي ووڙي مان،
    ساڻو آهيان ٿي ڪِريو.

    رَسيون ڌرمن جون ٻَڌل،
    ڇوڙي ڇوڙي مان،
    ساڻو آهيان ٿي ڪِريو.


    توکان وڌ مون کي پرين!،

    توکان وڌ مون کي پرين!،
    جيون سان آ پيارُ،
    توکي ايئن ڇو ٿو لڳي؟

    دل جي منبر تي ٻِيو،
    ويٺل آ دلدارُ،
    توکي ايئن ڇو ٿو لڳي!؟

    تو لئه ناهي ڍوليا!،
    منهنجو هي سينگارُ،
    توکي ايئن ڇو ٿو لڳي ؟

    توکي صحرا ڏئي تتل،
    کڻندس مان وڻڪارُ،
    توکي ايئن ڇو ٿو لڳي!؟

    تنهنجي خوشين جي مٿان،
    غم جو ڪندس وارُ،
    توکي ايئن ڇو ٿو لڳي!؟

    تنهنجو ويندسُ آنءُ هي،
    اُجاڙي سنسارُ،
    توکي ايئن ڇو ٿو لڳي!؟


    دردن جي جاگير،

    دردن جي جاگير،
    لِکي ليکڪ ڀاڳ ۾.

    رنگن کان محروم ڪا،
    جيون جي تصوير،
    لِکي ليکڪ ڀاڳ ۾.

    من موهيندڙ خواب جي،
    بدصورت تعبير،
    لِکي ليکڪ ڀاڳ ۾.

    ڪنهن وِدوا جهڙي صفا،
    ٻُسي آ تقدير،
    لِکي ليکڪ ڀاڳ ۾.

    ڏوهه به ڪوئي ڪا نه هو،
    پو ڀي ڇو تعزير،؟
    لِکي ليکڪ ڀاڳ ۾.

    تڙپي ٿي مخمور! دل،
    ناهي ٿڌڙي هير،
    لِکي ليکڪ ڀاڳ ۾.


    احساسن جي رنگ سان،

    احساسن جي رنگ سان،
    رنڱيل هر رشتو،
    اُوچو آ انداز کان.

    جيجل امڙ جي پڪل،
    هٿڙن جو لولو،
    اُوچو آ انداز کان،

    ذرڙو ذرڙو خاڪ جو،
    پنهنجي ڌرتيءَ جو،
    اُوچو آ انداز کان.

    وڪڻي سموسه پيو،
    نينگر ننڍڙو سو،
    اُوچو آ انداز کان.

    تنهنجو نچڻي! رقص ۽،
    ڇيرين جو ڇمڪو،
    اُوچو آ انداز کان.

    مزدورن جي پگهر جو،
    ميرو هر قطرو،
    اُوچو آ انداز کان.


    مهڪندو ٻيهر چمن،

    مهڪندو ٻيهر چمن،
    پوپٽن کي ڏَڌُ ڏيو!.

    گل نچندا واءُ ۾،
    ٻهڪندو ٻيهر چمن،
    پوپٽن کي ڏَڌُ ڏيو!.

    جهول ۾ مکڙيون جهلي،
    مرڪندو ٻيهر چمن،
    پوپٽن کي ڏَڌُ ڏيو!.

    فتح جي جهنڊي جيان،
    ڦڙڪندو ٻيهر چمن،
    پوپٽن کي ڏَڌُ ڏيو!.

    ماڪ سان ڌوئي جسم،
    چمڪندو ٻيهر چمن،
    پوپٽن کي ڏَڌُ ڏيو!.


    خود کي ڳوليان ٿو،

    خود کي ڳوليان ٿو،
    پنهنجي ئي مان جيءَ ۾.

    عرصي کان پيو پاڻ کي،
    ڪيڏو روليان ٿو،
    پنهنجي ئي مان جيءَ ۾.

    ٽاڪا ويٺو ساهه جا،
    روز اُکوليان ٿو،
    پنهنجي ئي مان جيءَ ۾.

    اندر سندي ديد تان،
    پٽيون کوليان ٿو،
    پنهنجي ئي مان جيءَ ۾.

    ڪيڏيون سندر پيار جون،
    ٻوليون ٻوليان ٿو،
    پنهنجي ئي مان جيءَ ۾.


    هلندڙ پَکي ۾ لڳي،

    هلندڙ پَکي ۾ لڳي،
    ورُ ڪنهن جهرڪيءَ جو،
    زخمي آهي ٿي پيو.

    وڙهندي ڪاري رات سان،
    شعلو بتيءَ جو،
    زخمي آهي ٿي پيو.

    جهيڙي واڳن ساڻ، تَنُ
    ننڍڙي مڇليءَ جو،
    زخمي آهي ٿي پيو.

    جيئڻ جو ويساهه اڄ،
    جڳ ۾ دلڙيءَ جو،
    زخمي آهي ٿي پيو.

    الفت واري واٽ تي،
    سپنو سرتيءَ جو،
    زخمي آهي ٿي پيو.

    ٻُڌي پُٽَ جي قتل جو،
    جيرو جيجيءَ جو،
    زخمي آهي ٿي پيو.


    ڏک ڏانئڻ الا!،

    ڏک ڏانئڻ الا!،
    هينئڙي جو سمورو ويا خونُ پي.

    هڪ لمحي اندر،
    ڪرب جا قافلا،
    هينئڙي جو سمورو ويا خونُ پي.

    هاءِ دولاب ۾،
    نينهن ها کوکلا،
    هينئڙي جو سمورو ويا خونُ پي.

    حادثن جا پهر،
    بي رحم مرحلا،
    هينئڙي جو سمورو ويا خونُ پي.

    اُڀ جيڏا پرين!،
    فاصلا فاصلا،
    هينئڙي جو سمورو ويا خونُ پي.


    پياس رڻن ۾ جر،

    پياس رڻن ۾ جر،
    ووڙڻ نڪتي آ.

    سسئي بڻجي دل،
    ڪوهن ۾ دلبر،
    ووڙڻ نڪتي آ.

    خاڪِ مقتلَ ۾،
    بيوه پنهنجو ور،
    ووڙڻ نڪتي آ.

    گوري سپنن ۾،
    جيئڻ جو منظر،
    ووڙڻ نڪتي آ.

    گم ٿيل هستيءَ کي،
    ڪا اورانگهي گهر،
    ووڙڻ نڪتي آ.

    هوشو، هيمونءَ جان،
    ڌرتي ڪو گوهر،
    ووڙڻ نڪتي آ.


    هٿ، تنهنجا! ڳل ڇهي،

    هٿ، تنهنجا! ڳل ڇهي،
    ٿي ويا مخمور هِن.

    دل سان گڏ گڏ نيڻ هي،
    حسن جا جلوا ڏسي،
    ٿي ويا مخمور هِن.

    چپ منهنجا خواب ۾،
    چپ ٻئي تنهنجا! چمي،
    ٿي ويا مخمور هِن.

    رند پيئڻ کان اڳهن،
    جام جي ويجهو اچي،
    ٿي ويا مخمور هِن.

    ساهه جا احساس اڄ،
    گيت چندر جو ٻُڌي،
    ٿي ويا مخمور هِن.



    8/4/2016 تي لکيل زندگيءَ جي پهرين وائي.


    سُڏڪي ڳوڙهن سان،

    سُڏڪي ڳوڙهن سان،
    ريجهايان ٿو هينئڙو،

    اوسيئڙي جي مند ۾،
    سُرهن سپنن سان،
    ريجهايان ٿو هينئڙو،

    ڇولين جي گونجار تي،
    ڪپ تي دردن سان،
    ريجهايان ٿو هينئڙو،

    ويهي حُجري ۾ لڪي،
    تسبيح داڻن سان،
    ريجهايان ٿو هينئڙو،

    رِڻ ۾ پوپٽ پي چيو،
    خيالي گلڙن سان،
    ريجهايان ٿو هينئڙو،

    ڪوئي ناهي ساٿ ۾،
    پنهنجي پاڇن سان.
    ريجهايان ٿو هينئڙو،


    جگنو بڻجي جيءُ!،

    جگنو بڻجي جيءُ!،
    انڌيرن جي راڄ ۾.

    جذبن کي جرڪاءِ اُٿُ!،
    هيڻو هيئن نه ٿيءُ،
    انڌيرن جي راڄ ۾.

    ڪيسين رهندو ايئن اڃان؟
    ڦاٿل ماڻهو هيءُ،
    انڌيرن جي راڄ ۾.

    جيڪر ڄڻي ڪين ها،
    آيل! آ هي ريءُ،
    انڌيرن جي راڄ ۾.

    اُجالن جي عشق ۾،
    بابل ماري ڌيءُ،
    انڌيرن جي راڄ ۾.

    جڳ جڳ جيئندو شخص سو،
    جو ٻاريندو جيءُ،
    انڌيرن جي راڄ ۾.


    پاڇي هيٺان موت جي،

    پاڇي هيٺان موت جي،
    ساهن کي ساهي،
    مٽي پائي هان سُتو.

    ڪاڪ محل خوشين سندو،
    بي وس ٿي ڊاهي،
    مٽي پائي هان سُتو.

    ٻن ڏينهَن لئه سوڳ جو،
    منظر ڪو ٺاهي،
    مٽي پائي هان سُتو.

    لولهي لنگڙي زندگي،
    صديون ڪي ڪاهي،
    مٽي پائي هان سُتو.

    جاڳن کان ناراض ٿي،
    ننڊن کي چاهي،
    مٽي پائي هان سُتو.

    رنڱجي رت ۾، ديس جو
    قرض رضا! لاهي،
    مٽي پائي هان سُتو.


    پنهنجو خُون ڪيان،

    پنهنجو خُون ڪيان،
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو.؟

    کولي بوتل زهر جي،
    زم زم جيئن پيئان،
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟.

    تنهنجي لهرن تي ندي!
    پاڻ کڻي اُڇليان،
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟.

    دردن ۾ تحليل ٿي،
    بڻجي ياد وڃان،
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟.

    بُک صدين جي ساهه کان،
    پل ۾ آنءُ ڇنان،
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟.

    تنگدستيءَ جي باھ ۾،
    سڙي خاڪ ٿيان،
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟.

    سايون ساريون خواهشون،
    ٻچڙن جون ڀيليان،
    ڇو ايئن چاهي وقت ٿو؟.


    احساسن جي باغ ۾،

    احساسن جي باغ ۾،
    سڪ جا گل ٽڙيا،
    من جي مومل لاءِ هن.

    سارا دل جي ڪاڪ جا،
    کولي در ڇڏيا،
    من جي مومل لاءِ هن.

    ساهن جي پرڙن مٿان،
    سُرها ڳيچ لکيا،
    من جي مومل لاءِ هن.

    جذبا، اڌما ننڊ مان،
    ڀري ڇرڪ اُٿيا،
    من جي مومل لاءِ هن.

    الفت جي پَٽَ سان صديون،
    نيڻن خواب ڀريا،
    من جي مومل لاءِ هن.

    يادن جي اکڙين منجهان،
    ڳوڙها سرخ ڳڙيا،
    من جي مومل لاءِ هن.


    گونجي صدين کان پيو،

    گونجي صدين کان پيو،
    دردن جو پڙلاءُ،
    اڄ ڀي منهنجي روح ۾.

    توکي! ڪاوڙ ۾ ڇنم،
    آهي هي پڇتاءُ،
    اڄ ڀي منهنجي روح ۾.

    تنهنجو! گُهلندو عشق آ،
    بڻجي ٿڌڙو واءُ،
    اڄ ڀي منهنجي روح ۾.

    ڦهليل آهي جابجا،
    تنهنجو يار! هڳاءُ،
    اڄ ڀي منهنجي روح ۾.

    پل ڀي ٻوٽي اک نه ٿو،
    تنهنجو هر ايذاءُ،
    اڄ ڀي منهنجي روح ۾.

    خوشبو تنهنجي هٿ رڌل،
    کاڌي جي آ ماءُ!،
    اڄ ڀي منهنجي روح ۾.


    خوشبو ويندس ٿي،

    خوشبو ويندس ٿي،
    جي ڇُهندي ڪا اپڇرا.

    مون ۾ موسم موهه جي،
    پوندي ڪا مهڪي،
    جي ڇُهندي ڪا اپڇرا.

    ڳوڙها منهنجي جيءَ جا،
    پوندا ڪُل مرڪي،
    جي ڇُهندي ڪا اپڇرا.

    مئل من جي آرزو،
    ٻيهر پوندي جي،
    جي ڇُهندي ڪا اپڇرا.

    ڪو نه اُجاڙي پو ڪڏهن،
    سگهندي دنيا هي،
    جي ڇُهندي ڪا اپڇرا.

    زهر جهڙا درد دل،
    کلندي ويندي پي،
    جي ڇُهندي ڪا اپڇرا.


    جِن ۾ پياري پريت آ،

    جِن ۾ پياري پريت آ،
    تن احساسن کي،
    چُمان ٿو مان ساهه سان.

    خيالي ٺاهي عڪس ڪي،
    لالڻ جا تن کي،
    چُمان ٿو مان ساهه سان.

    جن تان گذريو آ پرين،
    تن تن رستن کي،
    چُمان ٿو مان ساهه سان،

    خوشبو ٿي ٿو من وڃي،
    جنهن پل سپنن کي،
    چُمان ٿو مان ساهه سان.

    ويٺو ننڍڙپڻ جي سدا،
    ڪومل يادن کي،
    چُمان ٿو مان ساهه سان.

    مظلومن جي ديد مان،
    ڳڙندڙ ڳوڙهن کي،
    چُمان ٿو مان ساهه سان.


    پنڇين سندي لات جيئن،

    پنڇين سندي لات جيئن،
    مٺڙو ٿي آواز،
    شهنشاه او راڳ جا!.

    سونهاري هن سنڌ کي،
    توتي آهي ناز،
    شهنشاه او راڳ جا!

    تنهنجو هر آلاپ ڄڻ،
    تنبوري جو ساز،
    شهنشاه او راڳ جا!

    تنهنجو سڀ کان راڳ ۾،
    نيارو آ انداز،
    شهنشاه او راڳ جا!.

    تنهنجي هر هڪ ڳيچ ۾،
    چاهت جو آ راز،
    شهنشاه او راڳ جا!.


    “سنڌي گيتن جي شهنشاه، سدا بهار راڳي شمن علي ميراليءَ جي نانءِ”


    لائون ڏيئي درد سان،

    لائون ڏيئي درد سان،
    ساهن کي سُڏڪا،
    وقت ڏنا هِن ڏيج ۾.

    سانڍيان ويٺي ساهه ۾،
    گِهرا جي صدما،
    وقت ڏنا هِن ڏيج ۾.

    بڻبا ٻيلي ڪين ڪي،
    ڄاڻان، جَي سپنا،
    وقت ڏنا هِن ڏيج ۾.

    سسئيءَ وانگر ڪيترا،
    مونکي ڀي دوکا،
    وقت ڏنا هِن ڏيج ۾.

    بي چينيءَ جي باهه ۽
    چُڀندڙ هي اُلڪا،
    وقت ڏنا هِن ڏيج ۾.

    دل جي نيڻن کي رضا!،
    کٽڪا، اوجاڳا،
    وقت ڏنا هِن ڏيج ۾.


    مهڪي پيا رابيل هِن،

    مهڪي پيا رابيل هِن،
    منهنجي نيڻن جا،
    ڏِسي وينگس وهنجندي.

    ڀڙڪي لونءَ لونءَ ۾ پيا،
    شعله جذبن جا،
    ڏِسي وينگس وهنجندي.

    رُڪجي ويا هِن پيرڙا،
    هڪ هنڌ ساهن جا،
    ڏِسي وينگس وهنجندي.

    هوش ٿڙي پيا اوچتو،
    هوش، حواسن جا،
    ڏِسي وينگس وهنجندي.

    پلَ ۾ راهيءَ جا لهي،
    ٿڪ ويا سفرن جا،
    ڏِسي وينگس وهنجندي.

    ماٺ ويا مخمور! ٿي،
    نغما ڌڙڪن جا،
    ڏِسي وينگس وهنجندي.


    توکي ماريندسُ،

    توکي ماريندسُ،
    مون کي چوندو درد آ.

    تنهنجي اندر ۾ عمر،
    ساري گهاريندسُ،
    مون کي چوندو درد آ.

    توکي ٻوڙي ڪُنَ ۾،
    خود کي تاريندسُ،
    مون کي چوندو درد آ.

    توکي تارا ڏينهن جا،
    مان ڏيکاريندسُ،
    مون کي چوندو درد آ.

    روز عذابن جا ڏِيا،
    تو ۾ ٻاريندسُ،
    مون کي چوندو درد آ.

    توکي گهائڻ لئه رضا،
    خنجر ڌاريندسُ،
    مون کي چوندو درد آ.


    ٻولي ٿو ٻاڙو،

    ٻولي ٿو ٻاڙو،
    تيز اڄوڪي دؤر ۾،
    ماڻهو محبت کي ٿُڏي.

    پنهنجن کي ئي ٿو هڻي،
    دوکي جو ڌاڙو،
    تيز اڄوڪي دؤر ۾،
    ماڻهو محبت کي ٿُڏي.

    مطلب واري ماڳ ڏي،
    رکي ٿو لاڙو،
    تيز اڄوڪي دؤر ۾،
    ماڻهو محبت کي ٿُڏي.

    وڍڻ خاطر ٿو وتي،
    کنيون ڪُهاڙو،
    تيز اڄوڪي دؤر ۾،
    ماڻهو محبت کي ٿُڏي.

    پالي ٿو پيو سوگَ سان،
    اندر ۾ ساڙو،
    تيز اڄوڪي دؤر ۾،
    ماڻهو محبت کي ٿُڏي.


    سسئيءَ جيئن دلدار،

    سسئيءَ جيئن دلدار،
    راس نه آيو پاڻ کي.

    نوريءَ جهڙي نار جو،
    سپني ۾ ڀي پيار،
    راس نه آيو پاڻ کي.

    روئي ڪيان فرياد ٿو،
    خوشين جو ڦولار،
    راس نه آيو پاڻ کي.

    ٽهڪَ نه ڏي اُجڙيل ڏسي،
    آئينا! سينگار،
    راس نه آيو پاڻ کي.

    نيڻ چون نابين ٿا،
    رنگيلو سنسار،
    راس نه آيو پاڻ کي.

    سهڻيءَ ڪُنَ ۾ ٿي چيو،
    ڏک آهي ميهار،
    راس نه آيو پاڻ کي.

    بنجر ٿي وياسين رضا!،
    سُرهو هيل بهار،
    راس نه آيو پاڻ کي.


    سورَ توسان سليان،

    سورَ توسان سليان،
    هيٺ پل کن لهي جي اچين اي خدا!.

    توکي ڀاڪر ڀري،
    دانهن دل جي ڏيان،
    هيٺ پل کن لهي جي اچين اي خدا!.

    تو مان محبوب جي،
    سڪ ڪا لاهِيان،
    هيٺ پل کن لهي جي اچين اي خدا!.

    روح ۽ جسم سان،
    توکي سجدو ڪيان،
    هيٺ پل کن لهي جي اچين اي خدا!.

    نيڻ ٻوٽي ٻئي،
    توکي من سان پسان،
    هيٺ پل کن لهي جي اچين اي خدا!.

    توکي درپن ڪري،
    سونهن پنهنجي ڏسان،
    هيٺ پل کن لهي جي اچين اي خدا!.


    ڪنهن لئه آن بيتاب،؟

    ڪنهن لئه آن بيتاب،؟
    عرصي کان او ننڊ! تون.

    ڪنهن لئه ايڏي پيار سان؟
    پالين پيئي خواب،
    عرصي کان او ننڊ! تون.

    آئي آهين ماٺ ۾،
    سهندي ڪيئن عذاب؟،
    عرصي کان او ننڊ! تون.

    ڪنهن لئه بيٺي آن کنيون؟،
    اکين منجهه گلاب،
    عرصي کان او ننڊ! تون.

    ڇو ٿي ويندي جاڳ آن؟،
    ساري ڪو دولاب،
    عرصي کان او ننڊ! تون.


    پنهنجي عيبن ۾ اسان،

    پنهنجي عيبن ۾ اسان،
    پاتي سي اڄ جهات،
    نِوِڙي آڏو عشق جي.

    ورهين جي ميري اچي،
    جرڪائي سي ذات،
    نِوِڙي آڏو عشق جي.

    سيٽيل اندر کي ڏني،
    هميشه لئه مات،
    نِوِڙي آڏو عشق جي.

    پهريون ڀيرو عمر ۾،
    ٻُڌي پنهنجي لات،
    نِوِڙي آڏو عشق جي.

    ميٽِي پنهنجي قلب تان،
    دنيا جي هر تات،
    نِوِڙي آڏو عشق جي.

    حد ۽ لاحد جي رضا!
    سمجهي سين هر بات،
    نِوِڙي آڏو عشق جي.


    قدرت جا ڪي پرهه جو،

    قدرت جا ڪي پرهه جو،
    نغما ڳائي ٿو،
    ٿنڀي تي ويٺو پکي.

    ڳوٺاڻن کي ننڊ مان،
    ڄڻ جاڳائي ٿو،
    ٿنڀي تي ويٺو پکي.

    ڪُرڙي ٿس ڪا چُهنب ۾،
    جيڪا کائي ٿو،
    ٿنڀي تي ويٺو پکي.

    ڪنهن لئه ايڏو ڪرب مان؟،
    پيو ڪُرلائي ٿو،
    ٿنڀي تي ويٺو پکي.

    تڙڳي نديءَ مان اچي،
    کنڀ سُڪائي ٿو،
    ٿنڀي تي ويٺو پکي.

    ولر ڪهڙي پار ويو،
    پيو واجهائي ٿو،
    ٿنڀي تي ويٺو پکي.


    مهڪندڙ مند جان،

    مهڪندڙ مند جان،
    ماڻِيون رونقون،
    آءُ پل ۾ پرين! زندگيءَ جون سڀئي.

    دل جي ڪاغذ مٿان،
    وارتائون لکون،
    آءُ پل ۾ پرين! زندگيءَ جون سڀئي.

    پيار جي ڇانوَ ۾،
    ويهي لاهيون سڪون،
    آءُ پل ۾ پرين! زندگيءَ جون سڀئي.

    مختصر ٻک اندر،
    ٿا گهڙيون جِي وٺون،
    آءُ پل ۾ پرين! زندگيءَ جون سڀئي.

    روح جون ڳالهڙيون،
    ديد سان ٿا ڪيون،
    آءُ پل ۾ پرين! زندگيءَ جون سڀئي.


    ڌارين جيئن رهندو،

    ڌارين جيئن رهندو،
    آهيان پنهنجي ڀونءِ ۾.

    چادر اُوڍي ماٺ جي،
    گونگو ٿي گُهمندو،
    آهيان پنهنجي ڀونءِ ۾.

    مظلومن جون واءَ مان،
    چيخون پيو ٻُڌندو،
    آهيان پنهنجي ڀونءِ ۾.

    روز نئين فرعون جا،
    ظلم نوان سهندو،
    آهيان پنهنجي ڀونءِ ۾.

    سڀ ڪجهه هوندي ڀي مگر،
    ڳڀي لئه سِڪندو،
    آهيان پنهنجي ڀونءِ ۾.

    اڄاتي ڊپ سان ڀريل،
    ساهه ڳرا کڻندو،
    آهيان پنهنجي ڀونءِ ۾.


    وطن جو ڀرم ٽوڙيندي،

    وطن جو ڀرم ٽوڙيندي،
    نه آئي لِيههَ ڇو توکي!.؟

    ڏڪاريل سانگِيُن جا حقَ،
    ڦٻائي محل جوڙيندي،
    نه آئي لِيههَ ڇو توکي!.؟

    بڻي اغيارُ پنهنجن جي،
    سُئا سيني ۾ کوڙيندي،
    نه آئي لِيههَ ڇو توکي!.؟

    ڀُلائي ڀونءِ جا ٿورا،
    ثقافت رنگ ٻوڙيندي،
    نه آئي لِيههَ ڇو توکي!.؟

    ڀنڀورين، پوپٽن، گلڙن،
    جا نازڪ تن مروڙيندي،
    نه آئي لِيههَ ڇو توکي!.؟

    لتاڙي خواب مارن جان،
    خزانن لاءِ ووڙيندي،
    نه آئي لِيههَ ڇو توکي!.؟


    پل پل منهنجي حال کي،

    پل پل منهنجي حال کي،
    ويٺيون ماضيءَ جون،
    روئارن ٿيون ڳالهڙيون.

    منهنجي مرڪن کي سدا،
    دکي دلڙيءَ جون،
    روئارن ٿيون ڳالهڙيون.

    رندن سان گڏ جام کي،
    وڇڙيل ساقيءَ جون،
    روئارن ٿيون ڳالهڙيون.

    بم کان پو پيون خاڪ کي،
    اُجِڙيل وستيءَ جون،
    روئارن ٿيون ڳالهڙيون.

    جنت کي پيون، عشق ۾،
    سڙيل پرڙيءَ جون،
    روئارن ٿيون ڳالهڙيون.

    نديءَ کي، ڪپ تي لُڇي،
    مُئل مڇليءَ جون،
    روئارن ٿيون ڳالهڙيون.

    تنبوري ۽ شاهه کي،
    ڏکي ڌرتيءَ جون،
    روئارن ٿيون ڳالهڙيون.


    آسون ۽ سپنا،

    آسون ۽ سپنا،
    گهوريندِيس مان عشق تان.

    سُهڻي سندر عمر جا،
    دلڪش سڀ لمحا،
    گهوريندِيس مان عشق تان.

    نور نگاهن جو سڄو،
    ۽ سُرَ ساهن جا،
    گهوريندِيس مان عشق تان.

    حجَ، نيڪيون، بندگيون،
    روزا ۽ سجدا،
    گهوريندِيس مان عشق تان.

    ميڙي سيڙي موهه مان،
    ٽهڪ سڀئي سُرها،
    گهوريندِيس مان عشق تان.

    اديون! آئون مرڪندي،
    منزل ۽ رستا،
    گهوريندِيس مان عشق تان.


    امڙ جي جوان خوابن جا،

    امڙ جي جوان خوابن جا،
    ڪري ويو ڪير ٽڪرا آ؟

    شِمر وانگي گناهن جي،
    ترارن سان ثوابن جا،
    ڪري ويو ڪير ٽڪرا آ؟

    حوَس جي ٻاٽ گهريءَ ۾،
    جواڻيءَ جي حجابن جا،
    ڪري ويو ڪير ٽڪرا آ؟

    ڪري ماتم چون ٿا سُرَ،
    تنبورن ۽ ربابن جا،
    ڪري ويو ڪير ٽڪرا آ؟

    اُجاڙي رنگَ گلشن جا،
    نرم، نازڪ گلابن جا،
    ڪري ويو ڪير ٽڪرا آ؟

    حرف تڙپن پيا گند تي،
    علم ڏيندڙ ڪتابن جا،
    ڪري ويو ڪير ٽڪرا آ؟


    منهنجي بنجر روح تي،

    منهنجي بنجر روح تي،
    بادل بڻجي وسُ،
    ڪوهيڙي جي ڌُنڌ ۾!.

    سڪ جي پيرن ساڻ اچ،
    دل جو وٺي گسُ،
    ڪوهيڙي جي ڌُنڌ ۾!.

    پيئڻ ڏي مي وانگِيان،
    چپڙڻ مان ڪا رسُ،
    ڪوهيڙي جي ڌُنڌ ۾.

    ساڙيلي سنسار کي،
    آءُ ڪري اڄ ڀسُ!،
    ڪوهيڙي جي ڌُنڌ ۾.

    آئينو هان مان پرين!،
    مون ۾ صورت پَسُ،
    ڪوهيڙي جي ڌُنڌ ۾.

    لوهه منجهان مخمور کي،
    ڇُهي ڪر پارس،
    ڪوهيڙي جي ڌُنڌ ۾!.


    “سهڻي شاعره، پياري ڀيڻ سنڌو پيرزادو جي نانءِ”

    “سهڻي شاعره، پياري ڀيڻ سنڌو پيرزادو جي نانءِ”

    اُوچي هر هڪ مند کان،
    ڄڻ ڌرتيءَ جهڙي،
    مون کي سنڌو ٿي لڳي.

    اندر جي ايمان جان،
    خالص ۽ اُجري،
    مون کي سنڌو ٿي لڳي.

    رحمت* گلُ رابيل جو،
    ۽ خوشبو اُن جي،
    مون کي سنڌو ٿي لڳي.

    ٽوهن جي سنسار ۾،
    چڪوءَ جيئن مٺڙي،
    مون کي سنڌو ٿي لڳي.

    پياري هر احساس کان،
    چنچل ڪا تتلي،
    مون کي سنڌو ٿي لڳي.

    جهڙي ٻولي شاهه جي،
    بلڪل ئي اهڙي،
    مون کي سنڌو ٿي لڳي.


    * رحمت پيرزادو خوبصورت شاعر ۽ سنڌوءَ پيرزادو جو جيون ساٿي.


    منهنجي نيڻن کان سڀئي

    منهنجي نيڻن کان سڀئي،
    پنهنجا هي سپنا،
    موٽائي وٺ موهڻي!.

    تو جي چميُن جا ڏنا،
    ڪومل سي تحفا،
    موٽائي وٺ موهڻي!.

    جهاڳي جهاڳي هان ٿڪو،
    دردن جا صحرا،
    موٽائي وٺ موهڻي!.

    خوشبو کان خالي سڀئي،
    چاهت جا گلڙا،
    موٽائي وٺ موهڻي!.

    دوزخ سندي آڳ جان،
    دکندڙ هي جذبا،
    موٽائي وٺ موهڻي!.

    تو جي ارپيا ها ڪڏهن،
    سڪ جا سي سجدا،
    موٽائي وٺ موهڻي!.

    مون کان هي مخمور جان،
    بي معنيٰ رشتا،
    موٽائي وٺ موهڻي!.


    ڌرتي سرتيءَ لئه سدا،

    ڌرتي سرتيءَ لئه سدا،
    شعلن کي ڇُهندي،
    سَرهائي ٿيندي اٿم.

    سنڌڙي! تنهنجي سونهن تي،
    ڪوتائون لکندي،
    سَرهائي ٿيندي اٿم.

    گهايل جي ڪنهن گهاءَ تي،
    مرهم ڪا رکندي،
    سَرهائي ٿيندي اٿم.

    روز نئين سِر ڍوليا!،
    عشق هٿان ڪُسندي،
    سَرهائي ٿيندي اٿم.

    منهنجي آلي ديد کي،
    هوءَ ڏسي کلندي،
    سَرهائي ٿيندي اٿم.

    تنهنجي سڏ تي بي وفا!،
    ڇو هر هر ورندي،
    سَرهائي ٿيندي اٿم.


    ڌرتيءَ تي آڪاس تان،

    ڌرتيءَ تي آڪاس تان،
    مون لئه هيڪر لَهه،
    پاريهر جهڙا پرين!.

    قيد نه توکي مان ڪندس،
    موهه ۾ مون سان ٺَهه،
    پاريهر جهڙا پرين!.

    اُڏري وڃجان صبح ڀل،
    رات ته مون سان رَهه،
    پاريهر جهڙا پرين!.

    مون کي سمجهي باز ڪو،
    ايئن نه ايڏو ٽَهه،
    پاريهر جهڙا پرين!.

    گهوريندسُ توتان خوشيون،
    پڪو آهي پَهه،
    پاريهر جهڙا پرين!.

    منهنجي عيبن جي مٿان،
    اچي رک ڪو تَهه،
    پاريهر جهڙا پرين!.


    دل جي ڀيدن جون پيون،

    دل جي ڀيدن جون پيون،
    هوريان ڳالهيون ڪن،
    سرتيون ويٺيون شام جو

    پنهنجي پنهنجي محب کي،
    ساري ٿيون مهڪن،
    سرتيون ويٺيون شام جو.

    باهه ٻري ٿي پو به ڇو،؟
    ٿڌ ۾ ٿيون ٿڙڪن.
    سرتيون ويٺيون شام جو.

    ڳاڙهي سائي گج ۾،
    ڪيڏو ٿيون ٻهڪن،
    سرتيون ويٺيون شام جو.

    ڀوڳ ڪري مخمور! ٿيون،
    چپڙن ۾ مشڪن،
    سرتيون ويٺيون شام جو.


    انائن جا محل ڊاهي،

    انائن جا محل ڊاهي،
    مَنَهُن ڪو قرب جو اڏجي.

    ڪري خوابن جا گڏ ڪانا،
    انهن مان پترون ٺاهي،
    مَنَهُن ڪو قرب جو اڏجي.

    وطن جي عشق ۾ رنڱجي،
    مٽيءَ جي مهڪ کي چاهي،
    مَنَهُن ڪو قرب جو اڏجي.

    ڪڍي سارو اُهو ڪچرو،
    ڀريل جو ذهن ۾ آهي،
    مَنَهُن ڪو قرب جو اڏجي.

    اکين تان نفرتن واريون،
    پَٽيون مخمور! اڄ لاهي،
    مَنَهُن ڪو قرب جو اڏجي.


    ساڙي ڇوڏن سان،

    ساڙي ڇوڏن سان،
    ٽهڪَ ڏئي هو ويا هليا.

    کائي منهنجي ماس کي،
    ڳجهن، ڊوڏن سان،
    ٽهڪَ ڏئي هو ويا هليا.

    وڇوڙي جي واءَ ۾،
    لوڏي لوڏن سان،
    ٽهڪَ ڏئي هو ويا هليا.

    محلاتي دوکا ڪري،
    تر جي اوڏن سان،
    ٽهڪَ ڏئي هو ويا هليا.

    ڏير کڻي منهنجو پنهل،
    آيل! توڏن سان،
    ٽهڪَ ڏئي هو ويا هليا.


    * ڊوڏن... جابلو ڪانءَ


    ساهن جو سارو سفر،

    ساهن جو سارو سفر،
    پل جو ڄڻ ته لڳو،
    دوکو ڪو رنگينُ آ.

    حقيقت کان ٿي پري،
    ڀاڪر منجهه ڀريو،
    دوکو ڪو رنگينُ آ.

    سڄي منهنجي ديد کي،
    انڌي وقت ڏنو،
    دوکو ڪو رنگينُ آ.

    هر ڪاموري قوم جي،
    نيڻن منجهه رکيو،
    دوکو ڪو رنگينُ آ.

    دنيا جو هر فلسفو،
    مون کي عشق ڏسيو،
    دوکو ڪو رنگينُ آ.

    سجدي ۾ ڄاتو اسان،
    عالم هيءُ سڄو،
    دوکو ڪو رنگينُ آ.


    دل نوحه گر بڻيل،

    دل نوحه گر بڻيل،
    ۽ عمر ڀر زندگي،
    مون ڏٺي ماتم ڪندي.

    ڏک ۾ جهومي پَئَي،
    سا وري سک ۾ سکي،
    مون ڏٺي ماتم ڪندي.

    لاش پوپٽ جي مٿان،
    باغ ۾ هر هڪ ڪلي،
    مون ڏٺي ماتم ڪندي.

    رقص جي دوران ئي،
    خوبصورت نرتڪي،
    مون ڏٺي ماتم ڪندي.

    ماڙِيُن جي شهر ۾،
    هڪ ڪکائين جهوپڙي،
    مون ڏٺي ماتم ڪندي

    سنڌ جي تقدير آ،
    هر زماني، هر گهڙي،
    مون ڏٺي ماتم ڪندي.


    ٿاٻا کائيندو،

    ٿاٻا کائيندو،
    توکان پو! منهنجو سفر.

    تنهائيءَ جو ڳيچ پيو،
    سُڏڪي ڳائيندو،
    توکان پو! منهنجو سفر.

    ڄاڻان ٿو رنگن ڀريو،
    جڳُ ٺُڪرائيندو،
    توکان پو! منهنجو سفر.

    پياسو رکي پاڻ کي،
    ساهه سُڪائيندو،
    توکان پو! منهنجو سفر.

    پيڙائن جي راهه ۾،
    پاڻُ رُلائيندو،
    توکان پو! منهنجو سفر.

    منزل کان مخمور! اڳ،
    پنڌ کٽائيندو،
    توکان پو منهنجو سفر.


    کپُر جان تقدير! هيئن،

    کپُر جان تقدير! هيئن،
    ڏنگ نه گِهرا هَڻُ،
    مون کي ٿي تڪليف ٿي.

    غربت جي هر پهر مان،
    درد! نه مون تي ڇَڻُ،
    مون کي ٿي تڪليف ٿي.

    ٽانڊن تي پيو هان ڪِري،
    ساٿي! نِوِڙي کَڻُ،
    مون کي ٿي تڪليف ٿي.

    هيئن نه منهنجا عڪس! تون،
    منهنجو دشمن بَڻُ،
    مون کي ٿي تڪليف ٿي.

    وحشي بگهڙ جو ڏِسي،
    کاڌل هرڻين ڌَڻُ،
    مون کي ٿي تڪليف ٿي.

    وارَ ڪهاڙين جا نه ڪيو،
    چئي ٿو سائو وَڻُ،
    مون کي ٿي تڪليف ٿي.


    ريءَ پرڙن جي اُڏان،

    ريءَ پرڙن جي اُڏان،
    ڪيستائين اي خدا!؟.

    مان بنان قدمن پيو،
    وقت جي پويان ڊُڪان،
    ڪيستائين اي خدا!؟.

    روز وٺندين سخت ڪي،
    آزمودا پيو نوان،
    ڪيستائين اي خدا!؟.

    ڏَسِ ته ڪجهه رهندين ڀلا،
    هيئن پردن جي پٺيان،
    ڪيستائين اي خدا!؟.

    بهشت جي مان لوڀ ۾،
    بندگيون ويٺو ڪيان،
    ڪيستائين اي خدا!؟.

    خوف پيو تنهنجو ڏَئِي،
    هنيانءُ ڏاريندو، ملان،
    ڪيستائين اي خدا!؟.


    پٿر جي آڪاس کي،

    پٿر جي آڪاس کي،
    آخر ڏارينديون،
    چيخون ڪي مظلوم جون.

    ننڊ پيل انصاف کي،
    نيٺ اُٿارينديون،
    چيخون ڪي مظلوم جون.

    ظلمت جي فرعون کي،
    نِت لئه مارينديون،
    چيخون ڪي مظلوم جون.

    ڦَريو بڻجي ديس مان،
    گند ٻُهارينديون،
    چيخون ڪي مظلوم جون.

    دشواريون سڀ، امن جي،
    دڳ تان ٽارينديون،
    چيخون ڪي مظلوم جون.

    بغاوت جو پڪ رضا!،
    سج اُڀارينديون،
    چيخون ڪي مظلوم جون.


    سُڏڪَندي، رات سان،

    سُڏڪَندي، رات سان،
    مون سلي سور آ جيءُ هلڪو ڪيو.

    هڪڙي رابيل جي،
    مهڪندڙ تات سان،
    مون سلي سور آ جيءُ هلڪو ڪيو.

    ڪنهن سڄڻ جيئن ئي،
    درد جي ذات سان،
    مون سلي سور آ جيءُ هلڪو ڪيو.

    باهه جان ڀڙڪندڙ،
    گرم جذبات سان،
    مون سلي سور آ جيءُ هلڪو ڪيو.

    جا مقدر بڻي،
    روئي تنهن مات سان،
    مون سلي سور آ جيءُ هلڪو ڪيو.

    گاج وانگر گجي،
    ميگهه، برسات سان،
    مون سلي سور آ جيءُ هلڪو ڪيو.


    مک تي زوريءَ کوکلا،

    مک تي زوريءَ کوکلا،
    ٽهڪ سجائيندي،
    من ۾ روئي پئي سکي.

    ماضيءَ جي تصوير سان،
    نيڻ ملائيندي،
    من ۾ روئي پئي سکي.

    زخمي زخمي آس کي،
    مرهم لائيندي،
    من ۾ روئي پئي سکي.

    يادن سان محبوب جي،
    آ ڳالهائيندي،
    من ۾ روئي پئي سکي.

    پريتم سندي پار ڏي،
    خواب اُڏائيندي،
    من ۾ روئي پئي سکي.

    تحفو ساڄن جو ڏنل،
    پايل پائيندي،
    من ۾ روئي پئي سکي.


    ڏکن جي ڏيهه لاڙي وئي،

    ڏکن جي ڏيهه لاڙي وئي،
    فضا سُرهي محبت جي.

    جڙون مضبوط دلڙيءَ جون،
    بڻي ڇوهو اُکاڙي وئي،
    فضا سُرهي محبت جي.

    اڳي آباد ٿيڻ کان ئي،
    اسان کي آ اُجاڙي وئي،
    فضا سُرهي محبت جي.

    حياتيءَ جي ننگي بُت کي،
    آ ڄيري جيئن ساڙي وئي،
    فضا سُرهي محبت جي.

    عجب خوابن جي کوليءَ ۾،
    هميشه لاءِ واڙي وئي،
    فضا سُرهي محبت جي.

    لڪايوسي گهڻو خود کي،
    مگر مخمور! جهاڙي وئي،
    فضا سُرهي محبت جي.


    منهنجي دل معصوم جو،

    منهنجي دل معصوم جو،
    خيال پرين! رکجان،
    مون کان پو هر مند ۾.

    ڇو مون کي توکان ڇنئين،
    دوريءَ کان پُڇجان،
    مون کان پو هر مند ۾.

    پنهنجي پاڇي ساڻ ئي،
    سور سڄڻ! سلجان،
    مون کان پو هر مند ۾.

    توکي! منهنجو آ قسم،
    مهڪيل ئي رهجان،
    مون کان پو هر مند ۾.

    منهنجو منهنجي ياد مان،
    واس پرين! وٺجان،
    مون کان پو هر مند ۾.

    سک ڀي هڻندئي ڏنگ پيا،
    ڏکڙن جان ڏسجان!،
    مون کان پو هر مند ۾.


    مي محبت جو پي،

    مي محبت جو پي،
    جهومڻ ٿو مان چاهِيان.

    وڇوڙي جي سور کي،
    سهڻ لئه سرتي!،
    جهومڻ ٿو مان چاهِيان.

    توکان هاري نينهن ۾،
    تنهنجي! نالي ٿي،
    جهومڻ ٿو مان چاهِيان.

    ماتم کي ڪا مات ڏئي،
    خوشين سان ٻکجي،
    جهومڻ ٿو مان چاهِيان.

    گهوري ننڊون عشق تان،
    جاڳن منجهه جلي،
    جهومڻ ٿو مان چاهِيان .

    بازن جي چنبن منجهان،
    ڪڍي هر جهرڪي،
    جهومڻ ٿو مان چاهِيان.


    آس جي هر جُهڳي،

    آس جي هر جُهڳي،
    وقت ڊاهي ڇڏي،
    سور رهندو اِهو ساهه ۾.

    ڪو نه گل ٿي حياتي سڄي،
    هينئڙي جي ڪلي،
    سور رهندو اِهو ساهه ۾.

    بد شڪل ٿي وئي اوچتو،
    هيءَ حسين زندگي،
    سور رهندو اِهو ساهه ۾.

    ٿي نه هُن جو سگهيس ۽ نه ٿي،
    هوءَ منهنجي سگهي،
    سور رهندو اِهو ساهه ۾.

    ڪو نه هُن جي سگهيو جيءَ کي،
    چاهه منهنجو ڇُهي،
    سور رهندو اِهو ساهه ۾.

    روح جو مُنهن ڏسڻ واسطي،
    هوءَ نه ٿي آرسي،
    سور رهندو اِهو ساهه ۾.


    دنيا! تنهنجو رنگ،

    دنيا! تنهنجو رنگ،
    ڄاتو پيڙا ۾ پچي.

    دوکا کائي سخت ڪي،
    جيئڻ سندو ڍنگ،
    ڄاتو پيڙا ۾ پچي.

    پئسي تي ئي ٿو وڄي،
    چاهت وارو چنگ،
    ڄاتو پيڙا ۾ پچي.

    پنهنجي قسمت تي سدا،
    چڙهيل هوندو زنگ،
    ڄاتو پيڙا ۾ پچي.

    ڪيڏو زهريلو رضا!،
    غربت جو آ ڏنگ،
    ڄاتو پيڙا ۾ پچي.


    اوکايون سڀ طئه ڪري،

    اوکايون سڀ طئه ڪري،
    ماڻيندو معراج،
    پريتم! پنهنجو پريتڻو.

    مهڪائيندو مهڪ سان،
    سارو هيءُ سماج،
    پريتم! پنهنجو پريتڻو.

    اُڏندو اوچي عرش تي،
    ٽوڙي اَنڌُ رواج،
    پريتم! پنهنجو پريتڻو.

    جنگ جوٽيندو ٻاٽ سان،
    ٿي قنديل، سراج،
    پريتم! پنهنجو پريتڻو.

    اهڙو ئي ناياب آ،
    جهڙو ڪو پکراج،
    پريتم! پنهنجو پريتڻو.

    سَجندو پنهنجي سِر مٿان،
    ٿي عظمت جو تاج،
    پريتم! پنهنجو پريتڻو.


    لاش الا! ٿي ويو،

    لاش الا! ٿي ويو،
    جهيڙيندي ڪو وقت سان.

    پياري پنهنجي عمر کان،
    تنگ، خفا ٿي ويو،
    جهيڙيندي ڪو وقت سان.

    گهر جي غربت جي مٿان،
    پاڻ فدا ٿي ويو،
    جهيڙيندي ڪو وقت سان.

    هڪڙي خوشيءَ واسطي،
    درد ڪٿا ٿي ويو،
    جهيڙيندي ڪو وقت سان.

    ڪنئرو نازڪ گلُ جيان،
    لوهه صفا ٿي ويو،
    جهيڙيندي ڪو وقت سان.

    مٽيءَ ذرڙن سان ملي،
    نيٺ فنا ٿي ويو،
    جهيڙيندي ڪو وقت سان.


    پن جي ٻيڙي ٿو ڇڪي،

    پن جي ٻيڙي ٿو ڇڪي،
    کنگهندي ڪو پوڙهو،
    کٽ تي ويٺو سانجهه جو.

    هاري لاهي ٿڪ ٿو،
    ٻنيءَ ٻاري جو،
    کٽ تي ويٺو سانجهه جو.

    خفتي ڪُڪڙ تي ڪري،
    گهر ۾ ٿو جهيڙو
    کٽ تي ويٺو سانجهه جو.

    ريجهائي ٿو پيءُ پيو،
    روئيندڙ ٻچڙو،
    کٽ تي ويٺو سانجهه جو.

    حمله نيڻن سان ڪري،
    سهڻو ماڻهو ٿو،
    کٽ تي ويٺو سانجهه جو.

    درديلو مخمور ڇو؟،
    ڳائي ٿو نغمو،
    کٽ تي ويٺو سانجهه جو.


    خواب ڪي سرها ڏسڻُ،

    خواب ڪي سرها ڏسڻُ،
    پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻُ،
    ڏوهه ڇو سنگين آ؟.

    ڪوڙ جي لاهي سِسي،
    سچ جو پاسو کڻڻ،
    ڏوهه ڇو سنگين آ؟.

    ديد جَهڙي آرَ سان،
    ڀَرتُ الفت جو ڀرڻُ
    ڏوهه ڇو سنگين آ؟.

    ديس جي زخمن مٿان،
    ويڄُ ٿي مرهم رکڻُ،
    ڏوهه ڇو سنگين آ؟.

    راتَ جي ماحول ۾،
    کڙکٻيتي جان ٻرڻُ،
    ڏوهه ڇو سنگين آ؟.


    واهڻ مان ويران،

    واهڻ مان ويران،
    ڪيئن ٿِيُس ڇا لئه ٿو پڇين!؟

    چاهت ۾ گلدان جي،
    پل ۾ ڪنڊن دان،
    ڪيئن ٿِيُس ڇا لئه ٿو پڇين!؟

    سنڀاليندڙ ڀي هيو،
    پوءِ ڀي آئون زيان،
    ڪيئن ٿِيُس ڇا لئه ٿو پڇين!؟

    ننڍڙي خوشيءَ جي پٺيان،
    دردن جو ديوان،
    ڪيئن ٿِيُس ڇا لئه ٿو پڇين!؟

    لاهن چاڙهن ۾ لُڇي،
    وک وک تي حيران،
    ڪيئن ٿِيُس ڇا لئه ٿو پڇين!؟

    گلشن مان مخمور! هيئن،
    رُڃ ۽ ريگستان،
    ڪيئن ٿِيُس ڇا لئه ٿو پڇين ؟


    هر شي کان نيارو،

    هر شي کان نيارو،
    عشق اسان کي ٿو لڳي.

    جنت جي تشبيهه ۽،
    رب جو استعارو،
    عشق اسان کي ٿو لڳي.

    اڳ ۾ لڳندو هو مٺو،
    پر اڄڪلهه کارو،
    عشق اسان کي ٿو لڳي.

    گلڙن جهڙو نرم ۽،
    پوپٽ جيئن پيارو،
    عشق اسان کي ٿو لڳي.

    ڪنهن پل سيارو پوهه ۽،
    ڪنهن پل اونهارو،
    عشق اسان کي ٿو لڳي.

    توکان پو مخمور! ڄڻ،
    ٽٽل ڪو تارو،
    عشق اسان کي ٿو لڳي.


    ڪهڙا خواب ڏسان،؟

    ڪهڙا خواب ڏسان،؟
    کيسي خالي دوستو!.

    ڪيئن زماني جان ڪُڏي،؟
    لوڏي ٻانهن هلان،
    کيسي خالي دوستو!.

    ٻچڙن جي لئه عيد جا،
    ڪپڙا ڪيئن وٺان؟،
    کيسي خالي دوستو!.

    مٺڙي جيجل لئه دوا،
    آڻيان آنءُ ڪٿان؟
    کيسي خالي دوستو!.

    دنيا ۾ فُٽُ بال جان،
    ڄڻ ته پيو ٿُڏجان،
    کيسي خالي دوستو!.

    تقاضائون وقت جون،
    پوريون ڪيئن ڪيان؟
    کيسي خالي دوستو!.

    ڪيئن پرينءَ کي پيار جو؟،
    ڇلڙو تحفو ڏيان،
    کيسي خالي دوستو!.


    ڊاهي سارو ڊوهه،

    ڊاهي سارو ڊوهه،
    ماڻيو مون معراج آ.

    ميٽي اُجري قلب تان،
    دنيا جو اندوهه،
    ماڻيو مون معراج آ.

    ڀٽڪي ڀٽڪي راهه ۾،
    آخر ڳولي موهه،
    ماڻيو مون معراج آ.

    چلڪا ڏيندڙ سون مان،
    بلڪل بڻجي لوهه،
    ماڻيو مون معراج آ.

    پنهنجي ميري ذات تي،
    سارو ڇنڊي ڇوهه،
    ماڻيو مون معراج آ.

    روئي، رڙي ورهه ڪي،
    بخشائي هر ڏوهه،
    ماڻيو مون معراج آ.


    نيڻ وڃائي راهه ۾،

    نيڻ وڃائي راهه ۾،
    ڪاٿي هون پهتا،
    سُڌِ ئي ناهي پاڻ کي.

    پهچائيندا ماڳ يا،
    روليندا رستا،
    سُڌِ ئي ناهي پاڻ کي.

    ڪنڊا بڻبا خواب يا،
    بڻبا گلدستا،
    سُڌِ ئي ناهي پاڻ کي.

    ڪنهن کي گهائڻ لئه خنجر،
    يارن هِن ورتا،
    سُڌِ ئي ناهي پاڻ کي.

    آهيون اڄ ڀي قيدُ يا،
    ٻاهر هون نڪتا،
    سُڌِ ئي ناهي پاڻ کي.

    مهنگا هون هيرن جيان،
    يا آهيون سستا،
    سُڌِ ئي ناهي پاڻ کي.


    جيئن ئي ساهن تي رسين،

    جيئن ئي ساهن تي رسين،
    ڍور جيان واڙيانءِ
    موت! اگر وس مون هلي.

    سُڪل ڪنهن وڻ وانگيان،
    تيلي ڏئي ساڙيانءِ،
    موت! اگر وس مون هلي.

    ڪين ورين واپس جتان،
    تنهن رستي لاڙيانءِ،
    موت! اگر وس مون هلي.

    ڪاوڙ، خفگيءَ، رنج ۾،
    ڪاڳر جان ڦاڙيانءِ،
    موت! اگر وس مون هلي.

    ڌوڻا ڏيئي زور سان،
    پاڙئون اُکاڙيانءِ
    موت! اگر وس مون هلي.


    اکڙين ۾ اُلڪا،

    اکڙين ۾ اُلڪا،
    ڪُرندا مرچن جيئن هِن.

    ساڄن ساري سور سڀ،
    پاڳل هينئين جا،
    ڪُرندا مرچن جيئن هِن.

    ڪُڌي هِن سنسار ۾،
    الفت جا اُڌما،
    ڪُرندا مرچن جيئن هِن.

    هر دشمن جي ديد ۾،
    ڳاڙها هي جهنڊا،
    ڪُرندا مرچن جيئن هِن.

    ڏيندا جي راحت هئا،
    اڄڪلهه سي سپنا،
    ڪُرندا مرچن جيئن هِن.

    جاڪون وڇڙيا هون پرين!،
    تاڪون دل دهڪا،
    ڪُرندا مرچن جيئن هِن.


    ونجهليءَ جيئن ٻُرين،

    ونجهليءَ جيئن ٻُرين،
    ڪنهن جي لئه ٿو جيئڙا!؟.

    ٿڌڙيون هيرون، ڇانورا،
    مطلب سُکَ گُهرين،
    ڪنهن جي لئه ٿو جيئڙا!؟.

    ٻاري هي احساس تون،
    اوندهه طرف سُرين،
    ڪنهن جي لئه ٿو جيئڙا!؟.

    ڍينگهر ڍينگهر واٽ تي،
    ننگي پير پُرين،
    ڪنهن جي لئه ٿو جيئڙا!؟.

    ٿُڏي سڀ آسائشون،
    دُکن منجهه جُهرين،
    ڪنهن جي لئه ٿو جيئڙا!؟.

    پهريان هوندو بُتُ هُئين،
    پر هيئن هاڻ چُرين،
    ڪنهن جي لئه ٿو جيئڙا!؟.


    مرڪي، ڌرتيءَ جي،

    مرڪي، ڌرتيءَ جي،
    نانءِ ڪيو هر خواب آ.

    صدين کان اندرَ اندرِ،
    ويٺل هستيءَ جي،
    نانءِ ڪيو هر خواب آ.

    دل جي ڌڪ ڌڪ کان به وڌ،
    ويجهي سنگتيءَ جي،
    نانءِ ڪيو هر خواب آ،

    نازڪ احساسن جيان،
    ڪومل سرتيءَ جي،
    نانءِ ڪيو هر خواب آ.

    سڪ جي سِرَ سِرَ سان جُڙيل،
    دل جي بستيءَ جي،
    نانءِ ڪيو هر خواب آ.

    پنهنجي ٻچڙن جي امڙ،
    کيچل، مستيءَ جي،
    نانءِ ڪيو هر خواب آ.


    پنهنجا ئي پاڇا،

    پنهنجا ئي پاڇا،
    رُهنڊا ڏئي ويا روح کي.

    مون سان مشڪل گڏ ڏسي،
    يارن جا لهجا،
    رُهنڊا ڏئي ويا روح کي.

    اُڇلي پنهنجا کوهه ۾،
    يوسف جيئن ڪيڏا،
    رُهنڊا ڏئي ويا روح کي.

    حيرت آ ڪنڊن جيان،
    ڪومل ڪي گلڙا،
    رُهنڊا ڏئي ويا روح کي.

    روئي پاڳل ٿي چيو،
    سياڻن جا گفتا،
    رُهنڊا ڏئي ويا روح کي.

    آيل! رولي رُڃ ۾،
    ڀائر پنهل جا،
    رُهنڊا ڏئي ويا روح کي.


    جلن ٿا احساس،

    جلن ٿا احساس،
    وحشت جي ماحول ۾.

    ڏنگَ هڻي ٿي جيءَ کي،
    نانگ جيان هر آس،
    وحشت جي ماحول ۾.

    ڌرتي تڙپي آ رهي،
    ڏِسُ اوچا آڪاس!،
    وحشت جي ماحول ۾.

    نظر نيڻن کي اچن،
    شهرَ ٿا بنواس،
    وحشت جي ماحول ۾.

    اٻاجها ٿي ڇو ڇنو!؟،
    گلڙن کان ٿا واس،
    وحشت جي ماحول ۾.

    سنڌڙي جيئي پئي سدا،
    مون آ باسي باس،
    وحشت جي ماحول ۾.

    ساهه ڪڍي مخمور! ٿي،
    الفت واري تاس،
    وحشت جي ماحول ۾.


    مونکي جيئڻ جا سدا،

    مونکي جيئڻ جا سدا،
    ڏيندي آ اُتساهه،
    منهنجي ننڍڙي مانڊلي.

    مون لئه آئي آ کڻي،
    خوشين جا درياهه،
    منهنجي ننڍڙي مانڊلي.

    منزل ماڻن جا پئي،
    پل پل ڏي ويساهه،
    منهنجي ننڍڙي مانڊلي.

    سنگت مِڙندي آ جتي،
    سا آ چاهت گاهه،
    منهنجي ننڍڙي مانڊلي.

    صحرا جهڙي پنڌ تي،
    بڻي آ وڻراهه،
    منهنجي ننڍڙي مانڊلي.


    اڄ به اکين جي پيار جو،

    اڄ به اکين جي پيار جو،
    ڄاول ڪو سپنو،
    مون ۾ کڻندو ساهه آ.

    برکا جي احساس جان،
    ماڻهو هڪ اُجرو،
    مون ۾ کڻندو ساهه آ.

    توکان! وڇڙڻ جو سدا،
    خوف سندو کڙڪو،
    مون ۾ کڻندو ساهه آ.

    ساهيڙين کي ايئن چيو،
    سرتيءَ پئي، سرتو،
    مون ۾ کڻندو ساهه آ.

    آزاديءَ جي خواب جو،
    صدين کان جذبو،
    مون ۾ کڻندو ساهه آ.

    جيجي! تنهنجي هنج ۾،
    گهاريل هر لمحو،
    مون ۾ کڻندو ساهه آ.


    ڄمڻ کان ئي پهرِيان،

    ڄمڻ کان ئي پهرِيان،
    ويندسُ هيئن مري،
    ڪاٿي هي معلوم هو.؟

    ويندو چاڻو ساهه جو،
    ايڏو جلد ڳري،
    ڪاٿي هي معلوم هو.؟

    پوندس هر هڪ هنڌ کان،
    ٿاٻي ساڻ ڏري،
    ڪاٿي هي معلوم هو.؟

    دوزخ ۾ ويندي ڇڏي،
    بهشتي حور پري،
    ڪاٿي هي معلوم هو.؟

    دردن جي ٿي زندگي،
    ويندي هيئن ڀري،
    ڪاٿي هي معلوم هو.؟

    سياڻن سان لائي لئون،
    ٿيندي دل چري،
    ڪاٿي هي معلوم هو.؟

    ڳڙڪائينديون ڇولِيون،
    سگهندس ڪين تري،
    ڪاٿي هي معلوم هو.؟


    پنهنجي پاڇي کان،

    پنهنجي پاڇي کان،
    اڄڪلهه ٿيندو خوف آ.

    منهنجي هيسيل ننڊ کي،
    سندر سپني کان،
    اڄڪلهه ٿيندو خوف آ.

    آئينن کي ڪيترو،
    ماڻهوءَ_ چهري کان،
    اڄڪلهه ٿيندو خوف آ.

    ايئن چيو پي پوپٽن،
    هر گل سهڻي کان،
    اڄڪلهه ٿيندو خوف آ.

    بستيءَ کي رکوال جي،
    چونڪيءَ، پهري کان،
    اڄڪلهه ٿيندو خوف آ.

    ڌرتيءَ کي ڌاري نه پر،
    پل پل پنهنجي کان،
    اڄڪلهه ٿيندو خوف آ.

    ماڻهن جي مخمور کي،
    مٺڙي لهجي کان،
    اڄڪلهه ٿيندو خوف آ.


    ڀرت ڀريندي، محب جي

    ڀرت ڀريندي، محب جي
    ڪومل خيالن ۾،
    ڳوٺاڻي گم ٿي وئي.

    خوشيون ڳوليندي ڪٿي،
    دک جي رستن ۾،
    ڳوٺاڻي گم ٿي وئي.

    غوطا کائي عشق جي،
    آخر لهرن ۾،
    ڳوٺاڻي گم ٿي وئي.

    چرٻٽ جهڙي راڄ جي،
    ڪُڌي رسمن ۾،
    ڳوٺاڻي گم ٿي وئي.

    گهاٽي گهاٽي جهنگ جان،
    گهرن خوابن ۾،
    ڳوٺاڻي گم ٿي وئي.


    ويڙهي ۾ سُهڻا کڻي،

    ويڙهي ۾ سُهڻا کڻي،
    خوشين سندا رنگَ،
    آئي ننڍڙي آ پَرِي.

    دلڙين تان نفرت سندا،
    لاهڻ سارا زنگَ،
    آئي ننڍڙي آ پَرِي.

    پنهنجن جي من مان پَٽڻ،
    سورن وارا سنگَ،
    آئي ننڍڙي آ پَرِي.

    وَسِي پيا گهر جَي مٿان،
    رحمت جا سارنگَ،
    آئي ننڍڙي آ پَرِي.

    ايئن اُڏامي جيءُ ٿو،
    جيئن اُڏامن ڪنگَ،
    آئي ننڍڙي آ پَرِي.

    هر ويريءَ کي ويا لڳي،
    آهن گِهرا ڏنگَ،
    آئي ننڍڙي آ پَرِي.


    "پنهنجي ننڍڙي معصوم ڀائٽيءَ نرجس فاطمه کي سندس ڇٺيءَ تي ڏنل ڀيٽا"


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 1153
    ڪتابن جو مشاهدو: 3580712
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 977136
    2021 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ