سنڌ سلامت پاران
”شيام ڪمار جي آتم ڪٿا اندر ”ڪردارن“ ۽ ”فنون“ جي گھڻ رخائين ۽ اڻ ڳڻت انيڪتا ڏسي تپرس ۾ ويڙھجي وڃبو آھي. انھن ڪردارن ۾ ”ماڳ“ به ساھ کڻندا ۽ زندھ محسوس ٿيندا آھن. انھن اندر راوڻ، اٽيلادي ھُن، چنگيز جھڙا انسان ڪش ڪردار به آھن، ۽ مھاتما ٻڌ، سقراط ۽ البرٽ شويٽرز جھڙا امن پسند روح به. انھن اندر ليوڪريشيا بورجيا، ڪيٿرائن دي گريٽ ۽ قلوپطرہ جھڙا حسين ۽ من موجي چھرا به آھن، ۽ ميرا، قرت العين طاھراه، ميري مگدلين جھڙيون نفيس، ٻھڳڻيون ۽ پوتر آتمائون به ٽلنديون رھن ٿيون. سندس آتم ڪٿا اندر ”پيار“ سدائين دک، ڀوڳڻا، غم ۽ اُداسي جو سبب بڻجندو ڏيکاري ڏئي ٿو: وطن سان، ڪامڻي سان، الوھي شبيھ سان يا تخليقي عمل سان؛ سڪون (باطني ۽ خارجي) کي ڊانواڊول ڪندو رھي ٿو. پر، ”لفظ“ ۽ ان مان اُپجيل ”ھيئت“ سان محبت جو مٺاس ڪڏھن جھڪو نٿو ٿئي.“
ھي ڪتاب 2015ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر اي ڪي پنجواڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com