آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

پاتم جھاتي جهان ۾

ھي ڪتاب شيام ڪمار جي لکيل آتم ڪٿا آھي. تاج بلوچ لکي ٿو:
”شيام ڪمار جي آتم ڪٿا اندر ”ڪردارن“ ۽ ”فنون“ جي گھڻ رخائين ۽ اڻ ڳڻت انيڪتا ڏسي تپرس ۾ ويڙھجي وڃبو آھي. انھن ڪردارن ۾ ”ماڳ“ به ساھ کڻندا ۽ زندھ محسوس ٿيندا آھن. انھن اندر راوڻ، اٽيلادي ھُن، چنگيز جھڙا انسان ڪش ڪردار به آھن، ۽ مھاتما ٻڌ، سقراط ۽ البرٽ شويٽرز جھڙا امن پسند روح به. انھن اندر ليوڪريشيا بورجيا، ڪيٿرائن دي گريٽ ۽ قلوپطره جھڙا حسين ۽ من موجي چھرا به آھن، ۽ ميرا، قرت العين طاھراه، ميري مگدلين جھڙيون نفيس، ٻھڳڻيون ۽ پوتر آتمائون به ٽلنديون رھن ٿيون. سندس آتم ڪٿا اندر ”پيار“ سدائين دک، ڀوڳڻا، غم ۽ اُداسي جو سبب بڻجندو ڏيکاري ڏئي ٿو: وطن سان، ڪامڻي سان، الوھي شبيھه سان يا تخليقي عمل سان؛ سڪون (باطني ۽ خارجي) کي ڊانواڊول ڪندو رھي ٿو. پر، ”لفظ“ ۽ ان مان اُپجيل ”ھيئت“ سان محبت جو مٺاس ڪڏھن جھڪو نٿو ٿئي.“
  • 4.5/5.0
  • 2081
  • 243
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيام ڪمار
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پاتم جھاتي جهان ۾

’جُگرناٽ‘ ( Juggernaut)

المئي کي ڪو انسان _ عورت يا مرد _ ڏور کان پسڻ به ڪين پسند ڪندو پر، اها اسان جي اڻ ٽر بدنصيبي آهي جو اسين ’جاڙي مخلوق‘ جيان ’اُن‘ سان گڏ پيدا ٿيندا رهون ٿا.
ڄائي ڄم کان اسان جهڙن جيون جون آتمائون شانتي ۽ سک سان سنگت بجاءِ المئي آلودگي سان ٿڦيل هونديون آهن .
وڇوڙي جي پيڙا ۽ اپار دک جنهن اندر اڻ اظهاريل ۽ اڻ موڪلايل ’الوداعي الميو‘ سمايل ٿئي ٿو اهو انسان ذات ۽ خاص طور پنهنجي معصوم ماروئڙن ڏانهن نردئيتا، ناانصافي ۽ ڌڪار ڀرئي روئي جيان ڀاسندو اٿم. اهو ڄڻ قدرت طرفان ڪارنهن جو چٽو اسان جي پيشانين تي چٽيو ويو آهي، ۽ جيسين اسين جيئرا هوندا آهيون اهو اسان جي وجود کي گُهڻي جيان کائيندو نابود ڪندو رهي ٿو.
هُو ’سينٽ بوويو‘ وانگر هڪ ٻهڳڻو ، تخليقي ۽ فنڪاراڻا سوچ رکندڙ نقاد ۽ ڏاهو انسان هو جنهن جي هٿ ۾ ڪڏهن هٿ بتي ڪون ڏٺم _ بلڪ آڪاش منڊل جي تارن کي ڇهڻ لاءِ سدائين سندس هٿ مٿي اُڀاٿيندا _ ۽ وڌيڪ ’اڀا ٿيندا‘ ڏسندو هيم!
سندس مرڪندڙ چهري پٺيان هڪ قسم جو ’روحاني آئينو‘ نظرايندو هئم جنهن منجهان سندس جذباتي تڻاوُ ۽ اڻ ڇهيل تخليقن جا جهرڻن جهڙا مترنم اسرار پسبا هئا !
In darkness Karachi is strange and devouring,
Desirable is only its morning glow over horizon!
In abode pitiable feelings creep in for lost souls
And loving beautiful faces
In the corners of abode eternal fragrance
And visions of dear ones aflame in the mind,
Hafiz, Murghub, Kussam, Ashok _ and now Mohammad Ali
Come like angles in meditation!

In bountiful Karachi with twinkling laughters
Visions of unachieved joys flow like streams,
Far away in happiness and peace,
Aching misery has godly seat in my being. (Shyam Kumar)

سندس تخليقي اپج اندر انتهائي کاٻي سوچ ۽ بڻاس ڏيندڙ ساڄي فڪر کان پاسو ڪندي کيس سماج جي ٽاڪئين جُسي کي هر قسم جي غيرمتوازن ۽ نراسائي جهڙن عنصرن کان بچائڻ ۽ سلامت رکڻ جي جتن کي هٿي ڏيندو محسوس ڪندو هئس _ جيتوڻيڪ پاڻ، بدقسمتي سان، دهشت گردي جي ’ڪُنَ‘ جي ڀر سان آباد بلڪ غير آباد ٿيل هو !
ان کان سواءِ سندس ذات اندر، پاڻ جهڙي ٿڌي وڻندڙ ۽ آسماني قسم جي شهوانيت به موجزن هوندي هئي جيڪا خالص، پوتر ۽ ڪنهن ترغيبِ جنسي کان بلڪل وانجهيل هوندي هئي_جيئن پراچين يگ جي رشين منين ۾ نظر ايندي آهي !
اهڙي تناور درخت هيٺان تخليقي عمل سدا ’ڏاهپ‘، ’انفراديت‘ ۽ ٿڌي ٿانئري منطق محبت ۽ مڌرتا جي ويس ۾ اوڍيل پسبو هو .
هتڙي اهڙا علم جي کاڻ جهڙا سچا دانشور درلڀ آهن جيڪي تُز تيز ۽ غير معمولي فهم رکندڙ دماغ جا مالڪ هجن جنهن اندر شفاف سلجهيل سوچ، ڪامن سينس، ۽ تجريدي فڪر جي ڏات هڪٻئي سان مالها وانگر مرڪبي صورت ۾ پوتل هجي _ محمد علي صديقي اهڙن درلڀ روحن مان هڪ هو _ ۽ آهي.
ڪنهن ’روح‘ يا ’جسم‘ يا ’سوچ‘ لاءِ چاهت ۽ پيار ٻن فردن جي وچ ۾ ڪنهن ’زمان ۽ مڪان‘ جي وڇوٽي اندر هاڪاري قسم جي اوچتي ٽڪراءُ ۽ ڌماڪي وانگر پيدا ٿيندو آهي _ ۽ نتيجي طور ٻنهي مان ڪو ’هڪڙو‘، يقيني طور ڪنهن اسٽيج تي پهچي دک ۽ غم جي تاريڪي ۾ ويڙهجي ويندو؛ يا ’بدگماني ۽ ويڇو‘ سندس مقدر بڻبو. هن مهل ڊاڪٽر محمد علي صديقي جي بي ڪئتي ۽ اوچتي وڇوڙي (09 جنوري 2013) مونکي شديد طور پهرين حالت ۾ وڪوڙي ڄڻ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي . ٽڪرن ۾ پکڙيل حالت بي حد ٿڪائي ڇڏيو اٿم. پاڻ کي ديو مالائي اوسيرس (Osiris) وانگر وکريل پسندو رهان ٿو.
سندس بيماري جي اوچتي خبر مون لاءِ صدمي کان گهٽ اهم ڪون هئي، هڪ هڪ ڏينهن ڀاري پٿر جيان محسوس ٿيندو رهيو هئم . هونءَ به جڏهن ڪنهن ’انمول آتما‘ لاءِ تاس ۽ تانگهه وڌيو وڃي ته من ۽ ذهن اندر هڪ عجب قسم جي ’ڀوءَ‘ جهڙي ڪيفيت پيدا ڪندي آهي. ان ’ڀوءَ‘ جون پاڙون اسان جي اپار ’شروعات‘ ۾ کتل ٿين ٿيون _ ۽ هُنَ لاءِ اجهل تاس ۽ تانگهه جي معني آهي ته ڄڻ سندس آتما اندر ’ساهه‘ کڻندو هجان ! احساس جي شدت کي ماپڻ لاءِ ڪو وسيلو يا آلو ڪونهي، ان جي حيثيت منهنجي سوچ موجب ’الوهي‘ (divine) ٿئي ٿي‘!
ان جهڙيون حالتون هميشه اُداسائي جي ساهه گهٽيندڙ ڌٻڻ داخل ڪنديون رهنديون اٿم _ ۽ پنهنجي سپنن ۽ اُڌمن کي پنهنجي ذات اندر اهڙي قبر دفن ٿيندو ڏسندو آهيان جنهن مٿان ’ڪٿي به نه‘ جي تختي، ڪتبو لڳل هوندو آهي. پاڻ کي اهڙي بدنصيب وانگر محسوس ڪندو آهيان جيڪو پنهنجي اُڌمن مان ’زندگي‘ اُڪرڻ ۽ وقت جي ’پلن‘ ۾ ساهه اوتي رهڻ جو اجايو سعيو ڪندو رهندو آهي.
مڌ ماتا روح ۽ اُتساهيندڙ سچيون آتمائون پنهنجي جسماني لبادي کي تارتارڪري پنهنجي وجود مٿان موجود گيان جي چمڪندڙ لاٽ کي ٻجهائي ڪنهن اونڌاهي ديس ۾ وڃي واسو ڪرين ٿيون _ ۽ پنهنجي پٺيان انهن يارن لاءِ هميشگي جو بي انت دک ۽ پيڙا ڇڏيو وڃن ٿيون جن کي نه حال ۾ ڪو آسٿان آهي ۽ نه مسقبل ۾ ڪو ٽڪاڻو!
ڪڏهن پيڙجندي ائين محسوس ٿيندو اٿم ته ٻين جي دکن جون ڀاري ڳٺڙيون وِتَ ۽ سَتَ کان وڌيڪ کڻندو رهان ٿو؛ پر ، جيڪڏهن ائين نه ڪريان ته شايد ’جيئي‘ ڪون سگهندس ! منهنجي ذهن جي اها عجب اڻ سلجهندڙ حالت آهي. ان مونجهاري جو ڪو دوا دارون ڪونهي البت زندگي جي پڄاڻي تائين ان جي برقرار رهڻ جو يقين اٿم!
دنيا ۾ اهڙا انيڪ جينئيس ٿي گذريا آهن جن پنهنجي ’ڇهين حواس‘ وسيلي تيز رفتار سان ايندڙ پنهنجي ’پڄاڻي‘ جي اڳڪٿي ڪئي هئي . سندن اهڙو کائيندڙ ’احساس‘ سدائين سندن آڏو موجود حقيقت تي غلبو پائيندو ڏيکاربو هو! عجب لڳندو اٿم ته اهڙي ’احساس‘ جي احساس کان پوءِ جلد ئي سندن لاڏاڻو ٿيندو رهيو هو!! پر، محمد علي جي من ۾ اهڙو احساس ڪڏهن داخل ڪون ٿيو هو. هوُ هڪ رجاعيت پسند انسان ۽ حقيقت پرست سرجڻهار هو .
چوندا آهن ته سگهيون آتمائون پنهنجي پيارن جي وڇوڙي تي غمگين ۽ دکي ڪون ٿينديون آهن بلڪ سندن جدائي تي شاد مان ٿي جهونگارينديون آهن! پر، لڳي ٿو ته مون کي سڀ کان اگهي آتما سان نوازيو ويو آهي!!
عجب ۾ وجهندڙ پنهنجي ذهني ۽ جسماني ساخت تي ڪڏهن ديا ايندي اٿم، ڇو جو ڏسندو آهيان ته منهنجو پنهنجو ’وجود‘مون لاءِ ڀوائتو ۽ ڀيانڪ بڻجندو ڏيکاري ڏيندو اٿم! اهو وجود هڪ قسم جي تثليثي شبيهه جو پتلو آهي: عجب قسم جي سدا وهندڙ سوچ ( دماغ جي بنياد مان)، جهرڻي جهڙا مترنم احساس (من جي گهراين مان)، ارڏاين ۾ الجهيل آتما (ضمير جي روشني مان) انهن ٽنهي جي مرڪبي سنگم هٿان ئي منهنجو انت ايندو؛ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ٻين جي هٿان ضرور پڄاڻي ٿيندم! ’محبت‘ ۽ ’چاهڻ‘ جي پڇاڙيِ ۾ وڏي قيمت چُڪائڻي پوندي آهي.
ڪڏهن اکٽ پيڙا ۽ عذاب ’ازلي‘ ۽ هميشگي جي روپ ۾، دل جي دهڪي جيان، سدا موجود پسبا محسوس ٿيندا اٿم _ ۽ جيستائين وجود ۾ ’موت‘ جو واسو ڪون ٿيندم تيستائين انهن جو ڪارو پاڇو جند ڪون ڇڏيندو! حياتي ٿوهر جي وڻ جيان ٿيندي پئي وڃيم _ ڪنڊن ۽ ڪوءڙاڻ سان ڀرپور!!
فطرت ۾ موجود حسن، انساني روپ ۾ وسندڙ سندرتا، ڪنهن تخليقي شاهڪار ۾ ڏيا ڏيا جوت، ۽ ڪنهن امر فن پاري ۾ چانڊوڪي ۽ چانڊاڻ سموري وجود اندر ڄڻ ڪنهن الوهي آنند جو مزو چکائيندي رهندي آهي. ذهن ۽ من مٿان انهن جا الوهي نقش لازوال ۽ امٽ ٿين ٿا _ بلڪ وقت جي وهڪ سان گڏ انهن مان نڪرندڙ نرم ٿڌاڻ ۾ لپٽيل نور انهن جي حسن ۽ حز کي سدا امرتا بخشيندو رهي ٿو. محمد علي جي شاهڪار تحريرن مان مون کي ساڳيو آنند پراپت ٿيندو رهيو هو! نشانات، اشاريئي، مضامين توازن، جهات، ڪروچي جي سرگزشت وغيره _ ۽ ڊان اخبار ۾ Arial جي قلمي نانءُ سان لکيل ٻُڌي ۽ شعور کي جرڪائيندڙ سندس انيڪ ڪالم ۽ ’ارتقا‘ جي ارتقائي سفر کي جّلا بخشيندڙ مضمون وغيره.
هڪ ڀيري پُوري ( اوڙيسا ۾) اندر مشهور ڌام ۾ ’جگن ناٿ‘، ۽ رشي ڪيش جي ياترا دوران الوهي عاشق ڪرشن مهراج جي روپ ’جگنناٿ‘ کي پسيندي محمد علي ياد اچي ويو هئم _ ۽ ٻنهي ۾ حيرت ناڪ هڪجهڙائي ڏسي سندس نالو ’جگنناٿ‘ رکيو هئم جيڪو کيس ۽ سڀني دوستن: راحت سعيد، ڪرامت شير، شمس، حسن عابد، احمد بن محمد، ڊاڪٽرشميم، خورشيد قائمخاني کي به ڏاڍو پسند آيو هو. پاڻ ڪرشن وانگر الوهي عاشق بلڪل ڪون هو ڇو جو سندس پاڙون پاتار ۾ کتل هيون! پر، راحت سعيد کيس Juggernaut ڪوٺيندو هو واقعي تخليقي تنقيد، ادب شاعري تاريخ فلسفي ۽ سماجي علمن جي گهري پرک ۽ پروڙ جي ميدانن ۾ يڪتا ۽ ’جُگرناٽ‘ ديوتائي ٻاڻ وانگر رنگ ڍنگ ۽ عمل ۾ پاڻ وهيڻو هو.
ڪنهن پياري جو موت الائجي ڇو نماشام، ڌروَ تاري ۽ ماٺي سمنڊ جي ياد تازي ڪندو رهندو آهي. ياد اچيم پيو ته ننڍي کنڊ جي مهان ليکڪ جوگندرپال کيس پنهنجي سموري ادبي سرمائي جو وارث مقرر ڪيو هو _ ۽ ’تفوبر تو اي چرخ گردون تفو. هيءَ وارث ڇاهتر ورهين جي ڄمار ۾ گوتمي Void جو هميشهه لاءِ مهمان بڻجي ويو ۽ جوگندر پال اٺاسي سالن جي حضرت آدم جهڙي اوَرجا ۾ ٻئي وارث جي تلاش ۾ سرگردان آهي!
آخري سفر لاءِ اُسهندڙ روح ته بنان ڪنهن ’اُداسي‘ ۽ ’نراسائي‘ جي بنان موڪلائڻ جي هليو ويندو آهي؛ پر، پويان پنهنجي پريوار ۽ پيارن کي انهن جي ’انڌڪار‘ حوالي ڪريو وڃي ٿو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ننڍي کنڊ جي هِن ’اُتم آتما‘ پنهنجي ڏاهپ ۽ علم سان صرف هَنَ پاسي ئي نه بلڪ سرحد جي هُنَ ڀَرِ تي موجود انيڪ مهان ذهنن کي منڊيو ۽ موهيو هو: جوگندرپال، بلراج ڪومل، ڊاڪٽر گوپي چند نارنگ، شمس الرحمن فاروقي، علي احمد فاطمي، ڊاڪٽرقمررئيس، رتن سنگهه، امير قزلباش، مخمور سعيدي، وارث علوي، ڪي ايل نارنگ ساقي، ڪشميري لال ذاڪر، جگن ناٿ آزاد، سُڪريتا پال، يونس دهلوي، مجتبيٰ حسين، ڪرشنا پال، نريش نديم، شميم فيضي، اوتار سنگهه جج، امرتا پريتم، ڪالي داس گپتا، صغريٰ مهدي، شارب ردولوي وغيره .
هن جڳ اند ر ٿورڙا انسان ازلي عدم اندر الوپ ٿيڻ کان اڳ ۾ سموري زندگي جي پورهئي جو هڪ ’امرپل‘ هڪ ڪامل گهڙي ماڻي سگهندا آهن! محمد علي صديقي هنن انمول آتمائن مان هڪ ٻهه ٻهه ڪندڙ روح هيو!!
کيس ياد ڪندي رابرٽ برائوننگ سندس ئي ويس ۾ سامهون اچي بيٺو اٿم:
“You never know what life means till you die:
Even thoughtful life, ‘tis death that makes life live
Gives it whatever the significance”.
پنهنجي وجود جي اونهائي مان ايملي برونٽي کي آلاپيندي ٻڌان ٿو:
“Faithful, indeed, is the spirit that remembers
After such years of change and suffering!”
ڪنهن چواڻي جيڪڏهن سندس ڪتبي تي لکيو وڃي بلڪ اُڪرايو وڃي ته:
“Where sunless rivers weep,
Do not wake him for he is resting
Until time shall cease.”
ڪيئن لڳندو؟
ڪنهن چواڻي ’موت‘ کي نه پالي سگهجي ٿو، نه پڪڙي سگهجي ٿو، ۽ اهو هڪ رت پياڪ جناور آهي جنهن جو واسو هردم ’زمان ۽ مڪان‘ اند ر ائين رهي ٿو جئين ازل کان ’امر خدا‘ جو رهندو آيو آهي! ٻنهي جو سڀاءُ هڪجهڙو آهي يعني ’فاني‘ مخلوق جي ڪنهن به پرارٿنا ۽ وينتي تي ڪو ڌيان ڏيڻو ڪونهي!“
ڪيڏا پيارا ماڻهو ۽ دوست اک ٻوٽ راند رمندي ’موت‘ جي اونڌهه ۾ هميشهه لاءِ لڪيو وڃن ٿا، بي تري واري ۽ بي وقتي ڌٻڻ اندر الوپ ٿيو وڃن ٿا _ ۽ اسان جهڙن ويڳاڻن ۽ ڇڙن روحن کي باطن جي گهراين ۾ رچيل ماڳن ۽ مقامن تي گونگن ورلاپن لاءِ نطشي چواڻي ” زوم سان ڦٽو ڪريو ڇڏيو اٿن!“
وڇوڙي جي ويڳاڻپ ۽ ’محبتن‘ جي سار زندگي کي سدائين گُهڻي وانگر کائيندي، چچريندي رهندي آهي. ان جو ذائقو هميشهه ڪوڙو ۽ نهوڙيندڙ ٿئي ٿو.
محمد علي بابت سوچيندي خيال آيم ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي پُورن ۾ ايڏا غلطان هوندا آهن جو ’شين‘ ۽ ’ماڻهن‘ کي صرف ڏسندا رهن ٿا تانجو اُهي پاڇن ۾ تبديل ٿيو وڃن ٿيون؛ _ پر، انهن مان ڪوبه سندن اصليت کي ’ڏسي‘ ڪون سگهندو آهي! اهڙو ڏکوئيندڙ ۽ المناڪ عمل انڪري ٿيندو رهي ٿو جو هنن اندر اهڙي قسم جي ڏسڻ ۽ پرکڻ واري ’آتما‘ جو واسو ٿي ئي ڪون ٿو!
اسان جي موجودهه جُڳَ جو چهرو دئيتي ۽ ڊيڄاريندڙ بڻجي ويو آهي . ماضي اندر اهڙن چهرن جو لقاءُ گهٽ پسبو هو. رڄ چڱا ۽ ڀلامانس روح جيڪي جسم سان گڏ ’توازن‘ ۾ گذارين ٿا پر، ڀينڪر اکيون رکندڙ اهڙن چهرن کي سڌيءَ طور اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ جو ساهس به ڪين ساري سگهن ٿا !
ان کان سواءِ سنسار ۾ وسيل سموري انسان ذات لاءِ ڀوڳڻا ازيت ۽ جدوجهد ڄڻ سندن پاڇي جيان لازم ملزوم بڻجي وئي آهي؛ صرف ڊگرين جو فرق رهجي ويو آهي. پر، اظهار جي نفيس قوت وسيلي هنن مان ڪو انهن کي سندرتا جو امر ويس پارائڻ جو اهل به ٿي سگهي ٿو _ محمد علي به اهڙن انسانن مان هڪ منفرد جيوُ هو.
هن يار جي ڏنگيندڙ الاڏاڻي تي وڌيڪ سوچيندي پنهنجي اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ آڏو اچي بيٺيون اٿم. اهي ’موت‘ کان وڌيڪ پيڙيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ محسوس ٿي رهيون آهن. انهن جي زهريلي عذابن کان ڪنهن حد تائين پاڻ کي انڪري محفوظ محسوس ڪريان ٿو جو Passion ۽ ڪلپنا جي پرن تي اُڏام کي اڃان تائين ڪو جُهٻو ڪون رسيو آهي . گوتم ٻڌ تي حيرت لڳندي اٿم ته ڀوڳڻا ۽ پيڙا واري حالت ۾ الائجي ڪيئن اپار آنند پرائيندو هو؟
محمد علي ۽ هاڪاري چترڪار احمد سعيد ناگي سان گهاريل املهه پَلَ به ذهن ۽ من تي سندس لافاني ’چترن‘ وانگر نقش ٿيل اٿم. جڏهن ڪراچي اچڻ ٿيندو هئم ته ڏاڏي آدم جيڏو هو پوڙهو انسان محمد علي کي اوستائين سک سمهڻ ڪون ڏيندو هو جيستائين پاڻ سان گڏ هن جي ’شاهي گهر‘ نه وٺي ويندو هئم؛ ڄڻ هندو ٽمورتي وانگر اسان جي ’تثليث‘ جڙيل هوندي هئي. ’موت ‘ کان اٽڪل مهينو ٻه اڳ ۾، منهنجي چونڊ تي، پنهنجون ڪجهه قيمتي پينٽنگس گفٽ ڪيون هئائيم؛ منهنجو انتخاب سندس لاجواب nudes هيون. جن ۾ شهزادي اشرف پهلوي، سفيرن جون ڪجهه ’موليِن روجي‘ بيگمات وغيره هيون جيڪي مون لهءِ ’سرجڻ‘ واسطي Passion ۽Ecstasy کي مهميز ڏئي زندهه رکڻ جو ذريعو هيون. محمد علي جي چونڊ Landscape هئي. چورانوي ورهين جي آرٽسٽ ناگي کي جواني واري ڦوهه ۾، پنڊت جواهر لال نهرو پاران هندوستان نه ڇڏڻ جي آڇ کي رد ڪرڻ جو آخر دم تائين دلي افسوس ٿيندو رهيو هو؛ ۽ مونکي سندس برش رنگن ۽ فن جي ڪمال سان ’فلاڻي‘ شخصيت جي پورٽريٽ ٺاهڻ جو سخت ڏک ٿيندو هئم جيڪا هرسرڪاري دفتر ۽ پبلڪPlace تي سامري جادوگر وانگر ٽنگيل پسجندي آهي؟
ناگي سان آخري رنگ برنگي گڏجاڻي سندس چورانوين سالگرهه تي سندس ’ڪلاشالا‘ اندر ٿي هئي جنهن ۾ هن جون ڪجهه خواتين مداح جل پريون به ’ٻاهران‘ ڪهي آيون هيون. اها ياد به سندس سندرnudes جئين ذهن تي اڪريل اٿم.
هوُ هميشهه پاڻ کي، سچ پچ، هماچل تي وسندڙ ديومالائي ’ناگ ديوتا‘ جي اولاد سڏائيندي فخر محسوس ڪندو هو! مون کي سندس ان myth تي ايڏو وشواس ڏسي حيرت لڳندي هئي . ان کان سواٰءِ سندس ذهن ۽ من ۾ وسيل شاندار ’قبرستان‘ اندر موجود مهان شخصيتن جهڙوڪ نهرو،ڊيگال، سوئيڪارنو، رضا شاهه پهلوي وغيره سان پنهنجي ويهجڙائپ جون ڳالهيون طلسماتي ڪهاڻين وانگر ٻڌائڻ مهل سندس اکين ۾ چمڪ سان گڏ آلاڻ به محسوس ڪندو هئس.
سندس منفرد ڏات ۽ فنڪاراڻا شخصيت جي اڻت ۾ چار عنصر غالب طور نظر آيم؛ ’وسلر‘ وارو ضد ۽ پُورالوپڻ، ’وان گاگ‘ واري خالص ۽ نج ’حقيقت پسندي‘، ’گاگين‘ واري Sensuality ۽ Passion ۽ ’پڪاسو‘ واري ’تجريديت‘ ۽ اسرار . سندس ’ساهه کڻندڙ‘ nudes اندر لڀائيندڙ ۽ منڊيندڙ مڻيا پسي ’ٽرنر‘، ’گويا‘، ’تولوس لاتريڪ‘ ۽ ’ڊيگاس‘ خاص طور naked Maja ذهن اندر ٻرندا رهندا هئم. سندس ڏاڍي خواهش هوندي هئي ته محمد علي ۽ منهنجي پورٽريٽ اڻي سگهي پر، هٿن جو وڌندڙ ’لرزو‘ هميشهه رڪاوٽ بڻيو رهيس. چترڪاري جي هر صنف ۾ يڪتائي جو مالڪ هو_ ’جگرناٽ‘وانگر!
امروهه جي مٽيءَ مان جنميل سونهن ۽ سڳنڌ ڀرئي گل (محمد علي) ڇاهتر ورهين جي’تخليقي‘ ڄمار ۾، سنڌ ديس جي هٻڪاريل، مڻيا ۽ ممتا سان پرُ ويدڪ ڌرتي جي گود ۾، پاڻ ارپي وڏ ڀاڳي بڻيو.
مون کي چڱي طور ياد آهي ته ڪراچي اندرآمد مهل منهنجي پناهگيريت پسي کيس ڏاڍي پيڙا ۽ دک محسوس ٿيندو هو _ ۽ هميشهه چوندو رهيو ۽ آڇيندو رهندو هو ته سندس گهر جا دروازا هردم، محبوبه جي ڀاڪر جيان، منهنجي لاءِ کليل هوندا هئا بلڪ پنهنجي لائبريري جو ڪمرو (بيڊ سميت) مون لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو هئائين ! ڇا ته انسان هو _ ديوتائي ۽ انساني وصفن جو مڌر سنگم!
منهنجو انت به ايسڪلس جي ڪنهن المياتي ڊرامي جيان ڀاسي ٿو _ ’جگرناٽي‘ تثليثي مالها جا ٻه املهه مڻيا کن پلڪ ۾ ٽٽي تاريڪ راهن اندر الوپ ٿي ويا _ ۽ پٺيان صرف سُروم دکم دکم!