آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

پاتم جھاتي جهان ۾

ھي ڪتاب شيام ڪمار جي لکيل آتم ڪٿا آھي. تاج بلوچ لکي ٿو:
”شيام ڪمار جي آتم ڪٿا اندر ”ڪردارن“ ۽ ”فنون“ جي گھڻ رخائين ۽ اڻ ڳڻت انيڪتا ڏسي تپرس ۾ ويڙھجي وڃبو آھي. انھن ڪردارن ۾ ”ماڳ“ به ساھ کڻندا ۽ زندھ محسوس ٿيندا آھن. انھن اندر راوڻ، اٽيلادي ھُن، چنگيز جھڙا انسان ڪش ڪردار به آھن، ۽ مھاتما ٻڌ، سقراط ۽ البرٽ شويٽرز جھڙا امن پسند روح به. انھن اندر ليوڪريشيا بورجيا، ڪيٿرائن دي گريٽ ۽ قلوپطره جھڙا حسين ۽ من موجي چھرا به آھن، ۽ ميرا، قرت العين طاھراه، ميري مگدلين جھڙيون نفيس، ٻھڳڻيون ۽ پوتر آتمائون به ٽلنديون رھن ٿيون. سندس آتم ڪٿا اندر ”پيار“ سدائين دک، ڀوڳڻا، غم ۽ اُداسي جو سبب بڻجندو ڏيکاري ڏئي ٿو: وطن سان، ڪامڻي سان، الوھي شبيھه سان يا تخليقي عمل سان؛ سڪون (باطني ۽ خارجي) کي ڊانواڊول ڪندو رھي ٿو. پر، ”لفظ“ ۽ ان مان اُپجيل ”ھيئت“ سان محبت جو مٺاس ڪڏھن جھڪو نٿو ٿئي.“
  • 4.5/5.0
  • 2081
  • 243
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيام ڪمار
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پاتم جھاتي جهان ۾

ناچ، رقص، نرت _ ڊانس

فنون لطيفه (Fine Arts) ۾ ناچ، جو فن وڏي اهميت رکي ٿو. ان فن کي جسم جي زبان به چئبو آهي ۽ بعض ڄاڻو عاشق ان اندر ‘ڌيان’ جي ڌوڻي لڳائي، باقي حاجتن کي ٽي تريون ڏيکاري، عشق جون سڀئي منزلون تيزي سان اُڪري ’حقيقت‘جي مقام تي وڃي رسائي حاصل ڪندا آهن. اهڙي ٽولي ۾ ڪجهه صوفي، ويدانتي، رچناڪار، مٿئين طبقي سان لاڳاپيل ڪجهه نکمڻا جيوَ اچيو وڃن ٿا. ’راڳ ‘ جي سنگم سان اهو فن پنهنجي ڪمال تي رسائي کي يقيني بڻائي ٿو.
هر ملڪ ۽ ان اندر رهندڙ ثقافتي اڪاين کي ’ناچ‘جو پنهنجو الڳ ڏانو، منفرد انداز ۽ سوچ جو پيمانو، چاهه ۽ ان جي شناخت سان جذباتي ۽ وجداني انسيت ٿئي ٿي. جنهن جون پاڙون انساني تاريخ جي طولاني، وقت جي اڻ مئي سفر، رسمن، رواجن جي قدامت، ثقافت جي منجهيل ڳُجهن ۽ مذهبي سکيا اندر ڳوڙهيون کتل هونديون آهن. ڪڏهن اهي عنصر يڪجا ٿي مٿانئس اثرانداز ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ’انفرادي ‘ طور اتساهت ڪرين ٿا.
اسان جي ملڪ جي چئني پرڳڻن ۾ رقص جا جدا جدا نمونا، مزاج، طريقا ۽ نالا آهن. بلوچستان اندر بلوچن ۽ پٺاڻن ۾ ’چاپ ‘ ۽ ’آتڻ ‘ سڀ کان وڌيڪ مقبول آهي، جنهن ۾ زائفون ۽ مرد الڳ الڳ، ۽ بعض اوقات ويجهي مٽي مائٽي جي ناتي گڏجي بهرو وٺندا آهن. اهو پهريائين، دهل جي ٿاپ تي، نرم ڌيمي ۽ اڻ لکي انداز ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ بعد ۾ ان جي تيزي، تيز رفتاري ۽ جوڀن ڏسندڙن تي وجداني ڪيفيت طاري ڪري کين دنيا کان ڪنهن اڻ ڏٺل سنسار ڏانهن کنيو ويندي آهي. سنڌ ۾ هو جمالي جي لوڪ گيت ۽ ڌن تي ’جهمر ‘ رقص جو ڪو مٽ ڪونهي، ان جي حيثيت ليجنڊري ٿي چڪي آهي. ان اندر موجود مختلف جسماني عضون جون موزون حرڪتون، لوڏ ۽ ڦيريون آهسته روي کان انتهائي نڪتي تي پهچائي من جي هر جذبي، اُڌمي، خيال ۽ خواهش جي ترجماني ڪنديون ڏيکاري ڏينديون آهن ۽ ڏسندڙ تي گويا ’حقيقت ‘ جو وجود آشڪار ٿيندو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. من کي ’پريان سندي پار‘نيڻ جو ان کان وڌيڪ نفيس، نازڪ ۽ ملهائتو ٻيو ڪو وسيلو ڪونهي! اهو ئي ڪارڻ آهي جو ’جهمر ‘ کي سنڌ اندر ڪلاسيڪي حيثيت حاصل آهي. ان کان علاوه ڊانڊيا يا ڏونڪن وارو ناچ ۽ راس، هيچ، تينتالي وغيره سنڌ ۽ يوپي جا لوڪ رقص مکيه حيثيت ماڻين ٿا. مهاراشٽرا جو تپري ۽ گجرات جو گربو به ان سان مشابهت رکن ٿا.
پنجاب ۽ صوبي سرحد اندر لڊي، ڀنگڙو، گڊي يا گڏا ۽ آتڻ، خٽڪ ڊانس، عوامي ۽ شهري سطحن تي مڃتا ماڻين ٿا. مختلف رنگ روپ ۽ نانءُ جي انهن رقصن جون پاڙون ٻهراڙي اندر رهندڙ ’عوام ‘ ۾ کتل آهن. جذبن جي اظهار جو اُتم ۽ شائسته طريقو انهن جو خاصو آهي، ان ڪري انهن کي لوڪ فن، جي اهميت حاصل آهي.
ان کان علاوه هن ننڍي کنڊ جي ثقافت ورهاڱي جي باوجود گڏيل ۽ مشترڪه تصور ڪئي وڃي ٿي. انسان جي ان فني موڙي جي تاريخ جي ڪنهن به ڏاڪي تي ورهاست ڪو نه ٿي سگهي آهي. اهو واحد اثاثو آهي، جنهن کي انسان ذات جو گڏيل ورثو قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ان ورثي تحت هندوستان ۾ وقت جي ڊگهي مدت کان ڪٿڪ (يو پي جو ڪلاسيڪي ناچ)، مني پوري ڪٿاڪلي (ڪيرالا جو ڪلاسيڪي رقص) ڀوڄپوري (موهني آتم، راجسٿاني، اوڙيسي (اوڙيسا جو ڪلاسيڪي ناچ)، پهاڙي، گربو، گجراتي، ڪچي پوري (آنڌرا جو ناچ)، راسوڙو ڪڇي، ڀرت ناٽيم (تامل ناڊو جو ڪلاسيڪي ناچ) وغيره.
انڊلٺي نرت ڪلائون ضرب المثل جي حيثيت رکن ٿيون. اهي ناچ نه صرف ملڪ جي چئني ڏسائن ۾ عوامي مقبوليت ماڻين ٿا بلڪه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به سندن ناموس ۽ ناماچار وقت جي واڌ سان وڌندو رهي ٿو.
خاص طور ڪٿڪ، مني پوري، ڪٿاڪلي جيڪي ان ملڪ جي ڏاکڻي، اترين ۽ اوڀر وارين ڏسائن جي ڪک مان جنميا هئا، اهي پنهنجي چئن ترڪيبي جزن؛ اکين، ڀرون جي نفيس جذبن سان ڀرپور اشارن، هٿن پيرن جي تال ميل، لئه ۽ احساس جي نزاڪت تي ٻڌل حرڪتن ڪارڻ ڏيهان ڏيهه واکاڻجي رهيا آهن. انهن مان جيڏي نفاست، لطافت ۽ نزاڪت اڀرندي اوتري ئي انهن لاءِ ڪشش ۽ دلفريبي ۾ اضافو ٿيندو. ان رقص واري نوعيت جي بي مثل فنڪارن ۾ لڇو مهراج، شمڀوناٿ، برجو مهراج، پدمڻي، نواب واجد علي شاهه، وجينتي مالا، هيماماليني، پوجا بيدي، شيما ڪرماني، تارا ۽ گهنشيام جي جوڙي جهڙن آرٽسٽن ان فن ۾ چڱو نانءُ ڪمايو آهي.
هونءَ به ڪلاسيڪي ناچ کي مرڪب فن چيو وڃي ٿو، جنهن اندر موسيقي، احساس، جسماني انگن جي متوازن چرپر، حرڪت، جمالياتي لاهه چاڙهه، پيرن جي فنڪاراڻا ڦڙتي، گردش وغيره سمايل ٿين ٿا. پر غير ڪلاسيڪي ۽ هلڪي رقص جي ڪجهه قسمن ۾ اهو مرڪبي عنصر موجود ڪونه هوندو آهي.
ان سلسلي ۾ اگر صوفين جي جدا جدا سلسلن تي گهري نظر وجهبي ته انهن اندر به ’ناچ ‘ جو درجو اتمتا ماڻيندو ڏيکاربو بلڪه ’پريان سندي پار‘ ڏي نيئين هلڻ جو وسيلو به نظر ايندو! هونءَ به ’صوفي مسلڪ‘سان لاڳاپيل ’مهان نانءُ‘ پاڻ کي بي باڪي سان پرينءَ جي راهه جو مسافر چوندا رهيا آهن. خانه بدوشن جيان ’لڏپلاڻ‘ وارو ساڳيو رستو ۽ اظهار اختيار ڪندا رهن ٿا، جنهن اندر ’موهه‘ جو عنصرندارد ڏيکارجي ٿو. خانه بدوشن وانگر کهري اُن جو ٺهيل جبو يا پهراڻ سندن ٽريڊ مارڪ بڻيل آهي. صوفي جو آدرش هميشه بکشو جيئن ’پنڌ ڇڪڻ‘ يا ’مدام وجد‘ جي ڪيفيت ۾’رقص ‘ ڪندو رهڻ ۾ پوشيده رهي ٿو! پنڌ ۾ پنهنجي ذات جي نفي جو نڪتو سمايل رهي ٿو يا پنهنجي نفي کان اڳ ئي نفي جي موج ماڻڻ! ڪنهن سچ چيو آهي ته درويش اها هستي آهي جنهن مٿان ڪا وارتا، ٿيندي رهي ٿي، نڪي اهڙو مسافر يا ’ناچو ‘ جيڪو پنهنجي منشا مطابق ڪندو هجي! والٽ وٽمئن به ان نڪتي ۾ گهري ٽٻي هڻي چيو هو، ”اي عام شاهراهه، تون منهنجو ’اظهار ‘ مون کان وڌيڪ بهتر ۽ جوڳي نموني ۾ ڪرڻ جي اهل آهين! “ ترڪي يا ٻين ملڪن جا ڦيريون پائيندڙ رقاص (Whirling Dervishes) پنهنجي ’نرت ‘ ۾ آسماني تارن، گرهن، چنڊ ۽ سج جي مڌر ۽ مڌهم ’ناچ‘ (Movements) جي اهل ڪندا ڪيڏو نه خوش نظر اچن ٿا.
رومي سچ چيو آهي ته جيڪو ’رقص ‘ جو گيان رکي ٿو، اهو يقيني طور ’خدا ‘ جي ذات کان به آگاهي رکي ٿو.
درويش رقص مهل وجد ۾ اچي پاڻ کي اڏامندو محسوس ڪري ٿو، سندس گهرگهلو لباس ۽ ان جا ڊگها پلئه ۽ ٻانهون پَرَن جون علامتون ڀاسنديون آهن، ڪڏهن سندن لباس ليڙون ليڙون ۽ چتين سان سنوريل ڏيکارجي ٿو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هن رقص جي مدهوشي ۾ ان کي تار تار ڪيو هو! اڄ ڪالهه چتيون لڳل لباس يا رلي ٺاهڻ فيشن جو درجو حاصل ڪندو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب نڪري ٿو ’رقص جي مخمور حرڪتن‘ ڏانهن انسان جي واپسي ٿي رهي آهي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا رقص اندر پناهه ڳولهيندو رهي ٿو! فرانسيسي انقلاب دوران پيرس تاريخ جي ’عظيم رقص‘ ۾ ٻڏل نظر ايندي هئي!
گهوماٽيون کائيندڙ درويشي رقص تي سوچيندي پاڪستان بڻجڻ کان اڳ جي سنڌ جي من جون تارون ڇيڙيندڙ ’ياد ‘ اچي پئي، جڏهن سکر، جيڪب آباد، شڪارپور ۾ ننڍيون خواهه وڏيون جواڻ جماڻ ڇوڪريون جوڙو جوڙو بڻجي هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هٿن کي ڪئنچيءَ جيان وراڪو ڏئي پڪڙي گول ڦيريون پائي سر ۽ تال ۾ ايڏي ته پياري ڇير وجهي نچنديون ۽ ڳائينديون هيون.
ايسي موري
لال ڪٽوري
جو ڏسڻ وارن تي به ان جي وجدي لقاءَ جي ارتعاشي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي!
ان جي برعڪس، عام طور، انگريزي ۽ عربي رقص ۾ شائستگي، علاماتي اظهار ۽ آهسته روي جو عنصر تقريبن غائب نظر ايندو. ان اندر اگهاڙپ، بي لباسي تي وڌيڪ ڌيان ڇاتين ۽ ٿڙن کي پرجوش حرڪت، جنبش بلڪه طوفاني جنبش ڏيڻ لازمي عنصر سمجهيو وڃي ٿو. جيترو ان عمل کي تيز تر ڪري حرڪت ۾ آندو ويندو رقص کي اوترو ئي بي مثال ۽ لاجواب تصور ڪيو ويندو. بلڪه رمز ۽ درياهه جهڙي آهسته رو مترنم رواني جي بجاءِ سامونڊي موجن جي طوفاني لهرن جهڙي ’سينه زوري‘ نظر ايندي. اهڙي قسم جي رقص ۾ لطيف نفيس جذبن جي لنگهه لئه سوڙهو دڳ ٿئي ٿو. ڪيبري، اسٽرپ ٽيز ۽ ڪنهن حد تائين بيلي ڊانس، ڪين ڪين (Can Can) ۽ ماکي جي مک نما (ٽنگون ڊگهيري لتون هڻڻ جي انداز وارا) ناچ، اهڙي ناچ جا چند مثالي نمونا آهن، جيڪي عربي دنيا ۽ مغرب ۾ مقبول ڄاتا وڃن ٿا.
پر ’بيلي ڊانس‘ ۽ ’بال روم‘ ڊانس جا ڪجهه نمونا نهايت هوشربا ۽ فني لحاظ کان اعليٰ ليکجن ٿا. انهن وسيلي اشاراتي انداز ۾ پيٽ، هٿن، پيرن ۽ ٽنگن ۽ گردن جي ڌيمي، تيز حرڪتن ذريعي باطن جي نفيس جذبات جو اظهار درياهي يا سامونڊي لهرن جيان الڳ الڳ ۽ پيچدار نموني ڪيو ويندو آهي، جنهن جا اڻ مٽ نقش ذهن تي هميشه لاءِ لطيف ۽ سٺو تاثر ڇڏيندا آهن.
فن جو مقصد اهو به ٿئي ٿو ته انسان جي نفسياتي، جنسياتي تارن کي ڇيڙي جذبن ۾ جولاني پيدا ڪري ¬¬_ اهو ئي ڪارڻ آهي جو مردن جي ڀيٽ ۾ عورت اعليٰ پائي جي نفيس ۽ دلڪش نرتڪي ليکجي ٿي. خاص طور ’بيلي‘ ڊانس ۾ نفساني سواد، حظ حاصل ڪرڻ کان علاوه جذبن ۾ ’تحسين‘ ۽ ’داد‘ جي بيخود ڪيفيت به اڀري اچي ٿي!
ڪجهه پارکن جي نظر ۾ اهڙي عمل (نفساني جذبن جي ڀڙڪيل شعلن) کي ’ناشائستگي‘ يا ’بي حيائي‘ سان جوڙيو وڃي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ اهڙي سوچ ’روائت‘ سان لاڳاپيل هوندي آهي.
بيلي ڊانس يا جرمني جو قومي ڊانس ’والٽز‘ (Waltz) جيڪو انگلينڊ ۾ به مقبول آهي يا اهڙي قسم جا ٻيا ناچ جيڪي مختلف ملڪن ۾ رائج آهن، اهي سڀيئي فن جي حيثيت ۾ ’هاڪاري نفساني‘ جذبن ۽ انهن اندر پيدا ٿيندڙ ’ولوڙ‘ سان لازمي طور ڳنڍيل هوندا آهن. جيئن يوناني Muses جي اپٽار موجب هر فن هڪٻئي سان جڙيل هجڻ جي باوجود پنهنجي انفرادي حيثيت به رکي ٿو، تيئن ’نرتيه ڪلا‘ جهڙو نج منفرد فن به قوم يا نسل جي ولولن، امنگن جي بجاءِ سماج جي طرز، ڍنگ (جنهن ۾ آنند ماڻڻ جي سلسلي ۾ انسان جي بنيادي ڪردار سان واسطو هجي ٿو.) جي تصوير ڪشي ۾ اڻ مٽ ثابت ٿيو آهي.
بيلي ڊانس جي جائزي وٺڻ مان ڄاڻ ملي ٿي ته ’نوويري ‘ (Noverre) نالي اطالوي فنڪار سڀ کان اول ان اندر جنسياتي پهلو (Sensual) کي ڳولي لڌو هو ۽ ان بعد وقت جي ڏاڪن تي چڙهندڙ ٻين فنڪارن ان پهلو کي وسعت بخشي ۽ ان جي اظهاري افق کي ڏيهان ڏيهه مقبول بڻايو. جرمني، روس، فرانس ۽ انگلينڊ ان مان گهڻو لاڀ پرايو.
’بيلي‘ جي ڪاميابي جو راز ان جي باطن اندر اعليٰ ترين ’رومانوي ڪيفيت‘ جي موجودگي به آهي. يورپ ۾ خاص طور شيڪسپيئر جيڪي ’اظهاري ناٽڪن‘ ۾ بلنديون ماڻيون سي بعد واري زماني ۾ بيلي جي ’سنگيتي ادائگين‘ ڪلپنا کي وجد سان همڪنار ڪري سوز، ساز ۽ هڪ انوکي لذت سان يڪجا ڪري ڇڏيو!
بيلي نرتڪ سنگيت ذريعي پيدا ٿيندڙ هر نفيس خيال، ازخود پيدا ٿيندڙ پرن وسيلي اڻ ڏٺل آسمانن ۾ اڏام ڀريندو محسوس ٿيندو آهي. ’بيلي‘ جي سبڪ رفتاري شيڪسپيئر جي ڪلپنا ۾ به ڪين آئي هئي! جواني جي آمد ۽ ان جي اجهل جذبي کان غافل ٿي سگهجي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن جديد قسم جا ناچ ڏسي يا ٻڌي ايئن محسوس ٿيندو اٿم ڄڻ اهي جديد شاعري جو نعم البدل آهن، انهن مان ڪجهه هيٺ ڄاڻائجن ٿا.
1. Contorted Pop ان ناچ ڪرڻ مهل جسم جي سنڌن کي واڻ وانگر وڪوڙبو سڪوڙبو ۽ مروٽبو سروٽبو آهي. ان کي پسي يوگا جا ڪجهه ڏکيا آسڻ ياد ايندا اٿم. ان هيجاني رقص کي ڏسي من ۽ روح به مروٽبو سروٽبو اٿم.
2. Belly Kalbeliya with puppet touches هيءَ رقص بيلي ڊانس مان ڦٽي نڪتو آهي، جنهن ۾ اشارن ڪناين ۽ سنڌن جي بازيگري وارين حرڪتن وسيلي ڪٺ پتلين جي حرڪت جو گمان ٿيندو آهي.
3. Aerial twist dance هيءَ ٽويسٽ ناچ جو قسم آهي، جنهن اندر اُتاهان ٽپا ۽ ٺينگ ڏئي من ۾ ڪتڪتايون پيدا ڪيون وينديون آهن.
4. Hip Hop Dance هيءُ تڏي جيان ٺينگ ڏيڻ وارو ناچ آهي.
5. Latin Flamenco هيءُ اسپيني فليمينڪو جو لاطيني روپ آهي.
6. Belly Hop Dance هيءُ تجريدي قسم جو ناچ آهي.
7. Disco هيءُ جذبات ۾ طوفاني لهرون پيدا ڪرڻ وارو اجتماعي ڊانس آهي.
ان کانسواءِ ياد آيو اٿم ته ناچ گانو ۽ شاعري اهي ٽئي فن تاريخ جي دور کان گهڻو آڳاٽو هڪ ئي مهل شروع ٿيا هئا ۽ انهن کي الڳ الڳ خانن ۾ ورهائڻ ممڪن ڪو نه هو. جارج طلمس چواڻي ‘اهي گڏيل پورهئي مهل انساني جسمن جي سريلي حرڪت مان اُڀريا هئا. ان حرڪت جا ٻه جز هئا: پهريون عضون جي حرڪت ۽ ٻيو ڳالهائڻ جي. پهرين قسم جي حرڪت مان ’ناچ ‘ جنم ورتو ۽ ٻئي منجهان ’زبان ‘ اڀري آئي ۽ اها ڳالهائڻ جي حرڪت ’عام زبان‘ ۽ ’شاعري‘ ۾ ورهائجي وئي.
جڏهن مٿي ڄاڻايل فن مان ناچ (جسماني حرڪت) جدا ٿيو ته شاعري جنم ورتو، جيڪا گيت جي صورت ۾ هئي ۽ سندس جوڙجڪ ۽ هيئت موسيقي هئي ۽ اڳتي هلي ارتقائي منزلون طئي ڪري اهي ٻئي به فن جي الڳ الڳ صورتن ۾ ورهائجي ويا. لفظن جي جدائي بعد سنگيت رهجي ويو ۽ شاعري هيئت ۾ صرف سندس مترنم ’جسم ‘ ئي رهجي ويو.
هڪ ٻي تحقيق موجب سنڌ جي ڪولهين ۾ ناچ جا چاليهه قسم آهن پر رڪارڊ جي ناموجودگي سبب وقت جي دز ۾ لٽجي ويل ٻڌايا وڃن ٿا.
بيلي نرت جي نوراني سونهن کان بي خبر رهي نٿو سگهجي.
جڳ پرسڌ ’بيلي ‘،’بريڪ ‘ ۽ ’اسٽرپ ٽيز‘ ڊانسر آئسو ڊورا ڊنڪن (The Danube & Funeral March) ۽ سندس ساٿي نيورو فيف ان فن ۾ دنيا اندر چڱو خاصو ڌاڪو ڄمايو هو. ان کانسواءِ جوزفين بيڪر، ماتاهري، لولا مانٽيز (Lola Mantez) اسپين جي لابيلي اونير، آمريڪي رقاصه رٿ سلينٽ ڊينس (راڌا نرت ۾) ۽ روس جي رقاص واسلا نجسنڪي (Waslaw Nijinsky) پڻ پنهنجي پنهنجي نرتڪ فن (اوڻويهين ۽ ويهين صدين ۾) جي ڌاڪ ۾ ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيا هئا۔
ان جي باوجود منهنجي خيال ۾ اسان جي خطي جي ناچ ۽ مغربي رقص ۾ اهڙو فرق آهي، جهڙو ’وچتر وينا‘ ۽ ’نغاري ‘ ۾ ٿئي ٿو!
آفريڪي کنڊ ۾ مشهور ’بمبارا رقص‘ اندر لوڪن جي عام عقيدي مطابق ’چي وارا‘ نالي ديوتا جو روح سمايل هوندو آهي، جنهن جي شڪل هرڻ سان مشابهت رکي ٿي، جنهن کين زراعت جي علم ۽ طريقي سان نوازيو هو!
ان کانسواءِ مزورڪا (Mazurka) فوجي ڊانس، والٽز ڊانس اٽلي ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڏاڍا مقبول ۽ عام آهن. انهن اندر پٻن ۽ کڙين تي بيهي ڪري ڦڙتي سان گول چڪر ڪاٽي زمين تي اسپيني سانن (Bulls) وانگر، زور سان، سر تال ردم ۾ مگن پيرن سان ڌڌڪا ڪندي موسيقي جي لئه تي نچبو آهي. ان کان علاوه ’چاپاچا ‘ راڪ ان رول ۽ پولش ناچ ’پولڪا‘ به تن جي رڳ ڦڙڪائڻ ۾ جوڳا مثال ۽ گرمائيندڙ آهن.
مشهور گرنٿڪار ’بڪاشو‘ جي لاجواب تخليق ’ڊيڪيميران‘ ۾ انيڪ نرت (Dance) جي نمونن ۽ انهن تي جوڙيل ڌنن جو ذڪر موجود آهي، انهن مان استيمپائيل (Istempile) سالتريلي (Saltareli) ۽ ٽروٽو (Trotto) ڄاڻائڻ لائق آهن جيڪي Lute ۽ Viol نالي سازن جي ڌن تي دليون ۽ ذهن گرمائيندا هئا.
ڪلاسيڪي نرت اندر ’اڀياس ‘ جي ’ڌنڌ ‘ ۽ ’مونجهاري ‘ مٿان جيت جو جهنڊو لڙڪندو ڏسي سگهجي ٿو! ’بدنظمي‘ مٿان ’نظم ‘ ۽ ’ٺينگ ٽپن‘ مٿان هڪ ڪائناتي قانون ۽ فطري منظر اکين، دل ۽ دماغ کي تراوت بخشيندو ڏيکارجي ٿو. ان ’الوهي نرت‘ وسيلي مان اندر جي آد جڳاد کان رحماني (Apollonian) ۽ شيطاني (Dionysian) شڪتين جي ويڙهه جو عجب رنگ به پسي سگهجي ٿو. پوئين حالت جي تقاضا من موجي صورت ۾ غرق ٿيڻ جي مقصد ۾ ويساهه رکي ٿي ۽ پهرين فنڪار کان شعوري طور فن جي هاڪاري روايت موجب ان جي يعني فن جي بلند اقبالي جي لاڳيتي تقاضا ڪندي رهي ٿي. ان ڪري ڪلاسيڪي رقص صرف ذوق حسن ۽ سواد سان واسطو نٿو رکي، بلڪه ان ذريعي رحماني متي جو به مڪمل اظهار ٿئي ٿو.
مشهور جرمن فيلسوف نطشي پنهنجي ڪتاب ’الميه جو جنم‘ ۾ پڻ مٿي ذڪر ڪيل متي جي تصديق ڪندو نظر اچي ٿو. پر سندس تصديق جو پُڙُ شيطاني پاسي ڏانهن وڌيڪ لڙيل ڏيکارجي ٿو. هن مطابق ان اندر اتساهه (Inspiration)، تخليقي نشو، ڪلپنا جي سڳنڌ ۽ اڏام سمايل رهي ٿي، پر پهرين صوررت کي پاڻ ۾ سموئي ايئن لڳندو آهي ڄڻ ندي جي ڪناري تي بيهي ڪجهه الوهي (Divine) قسم جي شئي ڏسي ۽ ٻڌي رهيا هجون ۽ ان جي پس منظر ۾ ڦهليل فطرت اندر موجود سر، لئه ۽ تال کي پنهنجي وجود اندر ’ساهه ‘ ذريعي داخل ٿيندو محسوس ڪندا هجون!
’نرت ڪلا‘ کي واکاڻيندي مارٽن لوٿر سن 1542ع ۾ لکيو هو، ”جڏهن سنگيت کي فن جي بلندي سان چلڪايو وڃي ٿو ته هر ڪو خدا جي ان ڪلپنائي تخليق کي حيرت مان تڪي ٿو. شروع ۾ ’هڪ آواز‘ جو مختصور ’حصو‘ پڌرو ٿئي ٿو، جنهن جي چوگرد ٽي يا چار ٻيا حصا به گردش ڪندا نچندا ٽپندا ۽ پهرين حصي تي گهور گهوران ٿيندا ڏيکارجن ٿا. ان وقت ايئن ڀاسندو آهي، ڄڻ اهي سڀئي حصا پهرين سادي ’حصي‘ جي چوطرف ’سرڳ پوري‘ اندر ٿيندڙ چوڦيري نرت (Square Dance) جيان ازلي ناچ نچندا هجن! “ هن جو وشواس هو ته ”سنگيت ۽ نرت ڪلا منجهه جنت جو واس هيو ان ڪري اهو ڪرم ڌرتي تي خدا جي سڃاڻپ جي ڪرت سان لاڳاپيل پوتر عمل (Sacred Act) هيو! “
پنهنجي فن ۾ يڪتا نرتڪي (Dancer) پنهنجي جسماني سونهن، سگهائي، صحت ۽ ڦڙتي جو اونو هر وقت رکندي رهندي آهي. خاص طور سندس سڊول موهيندڙ ٽنگون، دلڪش، موزون سٿر، ڀريل لسيون مخملين ٻانهون، خوبصورت ريشمي هٿ ۽ ڊگهيون مخروطي آڱريون جيڪي رقص دوران فضا ۾ پرين جيان ترنديون ۽ جادوئي علامتي حرڪتون ڪنديون ڏيکاربيون آهن، ڪنهن به فن شناس کي وجد ۾ آڻي دنيا کان پري ڪنهن ’الوهي سنسار‘ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ ڪافي آهن. نرتڪي جي انهن سڀني عضون اندر هڪ قسم جي ازلي ڇڪَ سمايل هوندي آهي، انهن اندر بي داغ آسماني سونهن ۽ من ۾ ڪتڪتايون پيدا ڪندڙ سندر دلڪشي پاڻي جي پوتر جهرڻي جيان سدا وهڪ ۾ پسي سگهبي آهي.
اهڙي قسم جي اپسرائي نرتڪي نه صرف پنهنجي سڊول ٽنگن، سندر ريشمي ٻانهن، هٿن ۽ آڱرين ذريعي رقص ۾ محو ٿي ويندي آهي بلڪه پنهنجي نشيلي اکڙين وسيلي به نرت وجهي ڏسندڙ جي سڌ ٻڌ وڃائڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي.
نه صرف حال ۾ سڀني ملڪن اندر ’نرت ڪلا‘ کي فني دنيا اندر اوچو درجو ۽ سنمان ڏنو وڃي ٿو بلڪه پراچين يگ سان واڳيل مڙيني ملڪن خاص طور اڻ ورهايل هندستان، عربستاني اپٻيٽ، آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن ۾ به ان فن جي مهانتا ۽ پروش ’شاعري ‘ جيان ڪئي ويندي هئي. نرت ڪلا کي سنگيت کان اوچو مقام حاصل رهيو آهي، خاص طور ماضي بعيد جي انيڪ پيگن (Pagan) سماجن اندر! سماج جي انهن درجن تي تخليقي ۽ مظاهراتي فن کي غير تخليقي ۽ اڻ ڏٺل ڪلا تي هونءَ به ترجيحي مقام حاصل رهيو هو.
هيءَ ابهام ۾ ويڙهيل سمجهاڻي اهي ذهن ئي سمجهي سگهندا جيڪي سنگيت مان ورتل اتساهه وسيلي پيدا ٿيندڙ ويچار ڌارا ذريعي چترڪاري جو شعور ۽ ٻُڌي رکي سگهڻ جا اهل آهن.
ناچ ڪرڻ وقت نرتڪي يا نرتڪ کي جنس مخالف سان لاڳاپيل ساٿي، پياري ۽ محبوب جو تصور يا ڪلپنا ذهن جي ’آراسته‘ گوشي ۾ وهارڻ جڳائي ۽ اهڙي عمل سان ’نرت‘ کي لازوال ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. ان مهل پنهنجي قدمن، ٻانهن، هٿن، آڱرين، اکڙين ۽ جسم جي هر حصي ۽ اُڀار کي اهڙي محبوبانه ڍنگ سان اڳتي پوئتي موڙڻ، لوڏڻ ۽ لرزش ۾ آڻڻ گهرجي ۽ پنهنجي خيالي يا حقيقي’ساٿي‘، سان هم آهنگ بڻجي ’يڪ وجودي‘ ڪيفيت پيدا ڪجي جو ڏسندڙ پڻ ان ’سونهن سڳنڌ ۽ ڌتاريندڙ‘ عمل جو حصو بڻجي پاڻ وڃائي ان اندر پيهي وڃي، جيئن ’جنسي عمل‘ دوران دنيا ۽ مافيها الوپ ٿي ويندي آهي.
’نرت‘ جو هر روپ پيشڪش، ادائگي جو نادر نمونو ٿئي ٿو ۽ ان جي الڳ الڳ ’روپن‘ جي جدا جدا وضاحت ۽ تشريح ڪري سگهجي ٿي. ڪيئي روپ اڻڄاتل سوکيم هستي کي ريجهائڻ لاءِ رچايا ويندا آهن ۽ ٻيا انيڪ رنگ محبوب جي دلربائي ۾ ان جي اندر ۾ ’جنسي ولوڙ‘ پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪري کين ’جنسي ادائگي‘ جي دائري ۾ آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ جسم جي لذت، شراب جي مستي، جذبن جي موج آبشار جيان اجهل ٿئي ٿي.
مغربي ڊانس جي ڀيٽ ۾ مشرقي رقص: مصري ترڪي بيلي، پارسي ناچ، هندستاني ڀرت ناٽيم، مني پوري، ڪٿڪ، ڪٿا ڪلي، اوڙيسي، پاڪستاني جهمر، همرچو، ڀنگڙو، لُڊي، اتڻ، چاپ، خٽڪ وغيره اندر نسن جي پورن ۾ پيهي ويندڙ نفاست نزاڪت سوڀيا ۽ واس ’جيون ڌارا‘ جيان سدا وهڪ ۾ ڏيکاربو آهي. نرت ۾ مگن نرتڪي جي اکڙين ۾ هڪ قسم جو ڌتاريندڙ ڌنڌ، موهيندڙ آلستي، ۽ پريم جا امرت روپي پياله ڇلڪندا نظر ايندا آهن، جن جي موهه مايا ۽ منڊ ۾ ڪنهن به انسان جو نه ڦاسجڻ محال آهي. ان اندر هر دم موجود ڌتاريندڙ ڪيفيت جسم جي رڳن ۽ نسن جيان اٽل ۽ اٽوٽ آهي ۽ نرتڪي جي جسم سان چهٽيل ۽ لهرائيندڙ ڪپڙا ۽ ويس سندس بدن جي ’سندرتا ‘ جي انگ انگ کي سندس ساهه سان سمايل هيٺ مٿي ٿيندڙ اڀارن، هيٺاين مٿاين کي چٽيءَ طور اندر سڀا جي امر منظر جيان پسائيندا، وجود مان بي وجودي جي اسرار ڏانهن ڇڪيندا ڏيکاربا آهن!
ديومالائي اصطلاح ۽ گيان موجب شو شنڪر ’مها ديو‘ سان ٻه نرت منسوب ۽ مخصوص ٿيل آهن؛ هڪ ٽانڊوَ ناچ (Tandva) جنهن اندر بقول شخصي ’درگ ڌان ڌن‘ چئي شو دئيتن کي ڀوءَ ۽ هراس ۾ مبتلا ڪري لاڳيتو تت ست اچاريندو (نرآڪار جو جاپ ڪندو) هنن جو سر وناس ڪندو ۽ پر لئه آڻيندو، مچائيندو ڏيکارجي ٿو. اهو ان نرت جو هاڪاري ۽ ناڪاري روپ رنگ ۽ مفهوم آهي.
نرت جي ٻئي روپ ۽ انگ يعني لسيا (Lasya) ۾ پاروتي ۽ شو ان کي گڏجي پيش ڪندا ڏيکارجن ٿا (ان طربيه انگ جي رچنا لاءِ ديورشي نار دمني جو نالو ورتو وڃي ٿو: جيڪو پاڻ ڪائناتي راڳي ۽ ديو لوڪ جو مڃيل تنبورو وڄائيندڙ سازندو آهي) ۽ اڳتي هلي پراڻن واري دور ۾ اهو ناچ ڪرشن ۽ گوپين جي ’راس ليلا‘ جي صورت اختيار ڪندو ڏيکاري ڏئي ٿو. ان جو تال انگ، ڪرشن جي بنسري جي ’تان‘ ۾ قديم لسيا نرت کي پاڻ ۾ سمائيندو هر ساهوار، نباتات ۽ صنفِ نازڪ کي پاڻ تي موهت ۽ فدا ڪندو رهي ٿو. ’ڪرشن پد‘ جي ’ٺمري‘ انگ تي ٻڌل ان نسواني رقص لسيا اندر بي پناهه ڇڪ، لست، سواد، آنند ۽ لئه سمايل آهي. ان انگ جي رنگ کي پسڻ ۽ ٻڌڻ سان من جا نازڪ سُر جيڪي پريم، واسنا ۽ ترشنا ۾ ٻڏل هوندا آهن، سي وڄ جي وراڪن، بادلن جي گهن‏ گرج، مهراڻي موجن جيان بي ڪنار ٿي جاڳي ۽ ڇلڪي پون ٿا.
’ڪرشن اوتار‘ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي: راڄنيتي جو ماهر، بي مثل جوڌو، دانشور، فيلسوف، جنگي حڪمت عملي ۾ يڪتا، سرسنگيت ۽ سرتال جو مجسم، لاجواب، اڻٿڪ، ليجنڊري، ناچو، بي نظير رٿبان، ڪائناتي امر سگهه رکندڙ عاشق، ۽ اپولو ۽ راجا اندر جيان رومان ۽ عشق جو سدا امر وجود، جنهن اندر ’رتي ۽ ڪام ديو‘ سدا ڌڙڪندا، ساهه کڻندا پنهنجي پوري آب تاب سان ’جوڀن جنون سونهن سڳنڌ‘ ۾ محسوس ڪري سگهبا آهن. ان راس جون ڪرشن پد ۾ سينگاريل ٺمريون من ۾ ولوڙ تن ۾ تنوار پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
ڌمر،ڀڄن،ٺمري، تپو، دادرا، ڪويتا وغيره هندستاني سنگيت مالها ۾ جڙيل راڳ، راڳڻيون آهن ۽ يو پي جي ڪٿڪ ناچو يا ناچڻي لاءِ سنچاري ڀاونا جي اظهار جو بهترين وسيلو ڄاتا وڃن ٿا. ڌمر ۽ هوري ڪرشن، راڌا ۽ گوپين جي راس ليلا (Group Dance) جي اظهار جو دلڪش ذريعو ليکيا وڃن ٿا، پر ڀڄن ۽ پداولي صرف شرڌا، عقيدت جي اظهار لاءِ وقف ڄاتا ويندا آهن، پر ٺمري جيڪا چئن، پنجن سٽن تي مشتمل سنگيت رچنا آهي، ان وسيلي پريم جي جنسي رخ (Sensual) کي به اظهاري سگهجي ٿو.
برج ڀاشا ۾ رچيل هيٺين ٺمري جو حسن، ان اندر پريم جي تڙڦ ۽ وجد ۾ آڻيندڙ لئه تال ۽ بي ساختگي جي ڪيفيت ڏسڻ ٻڌڻ وٽان آهي:
موہے چھیڑو نہیں شیام
گجر یا میں گھر کے اکیلی
يا
پریم کی بتیاں میں نہیں جانت
دور اجھوں میرو دھام
رات اندھیری بادل گھرے
چکر پریا سے ہے کام
رقص يا ناچ انهن اسرارن جون ڳنڍيون کولڻ ۾ سهائتا ڪري ٿو جن کي سنگيت ڳجهه ڳوهه ۾ لڪائي رکيو آهي. ان کان علاوه ان جي وجود ۾ انساني انگ ۽ ساڃهه سرسيري ٿئي ٿي. فن جي ان صنف کي ٽنگن ٻانهن، هٿن ۽ اکين جي شاعري سان به تعبير ڪيو وڃي ٿو. ان جي وجود ۾ سمايل سوکيم مواد، وقار، سونهن، سواد، سڳنڌ ان منجهان پيدا ٿيندڙ وچتر، جادوئي ۽ وجد ۾ آڻيندڙ حرڪتن وسيلي وڌيڪ سندر، اعليٰ ۽ نظرن ۾ ازل جيان کپي ديرو دمايون وڃن ٿيون!
ماهر نرتڪي جي انگ انگ ۾ ردم لئه، تال ۽ سر سمايل ٿئي ٿو، جنهن کان متاثر ٿي هر مهان فنڪار: چترڪار، مورت ساز، شاعر وغيره ڪنهن اُتم شاهڪار جي رچنا يا سرجڻا ۾ اوس سوڀ ۽ ڦل پائي ڪامياب بڻجي سگهي ٿو. اهڙي موهڻي نرتڪي جي گرد، من جي نيڻن سان، جهومندڙ جهولندڙ پرين، جل پرين کي به پسي سگهجي ٿو، جيڪي ڪافي حد تائين نرت جي جادوئي اثر ۾ محصور ۽ ان جي اٽوٽ انگ جيان ڏيکاربيون آهن! اهڙي مهان نرتڪي جي وجود اندر سڀني فنڪارن، شاهه لطيف، شيڪسپيئر، ڪاليداس، گوئٽي، ميرا، سيفو جا پاڇاوان هڪ اڻ وسهندڙ مرڪب جيان سدا موجزن رهن ٿا!
نرتڪي جي چمڪدار، ٻهه ٻهه نيڻن جي سندرتا پٺيان بي پناهه ازل جو ڏيکاءُ به پسجندڙ اکڙيون پسي سگهنديون آهن. هوءَ پنهنجي بي ساختگيءَ، سگهه ۽ وت سان عظيم شاعري هيئتن ۽ پيڪرن جون جاذب صورتون ۽ روپ بخشيندي رهي ٿي، جن جي امرتا کي ٻلوان وقت به ڪو نه ٿو ميٽي سگهي.
ساز جي سنگيت جو فن صرف موسيقي ۽ لئه (Rhythm) جي فنڪارانا ادائگي تي منحصر آهي. سازن ۾ بانسري، نڙ، مرلي وغيره اچيو وڃن ٿا.
ان جي ڀيٽ ۾ نرتڪي صرف لئه، سر، تال جي ذريعي کي مهارت سان استعمال ڪري احساس، جذبي، ڪردار ۽ عمل کي اظهاري ڏسندڙ اک کي موهي سگهي ٿي.
ان کان علاوه جماليات (Esthetics) جي الڳ الڳ واکاڻ ۽ نظرين مطابق فن ۽ جنسياتي احساس (Erotic Technique) وچ ۾ اڻ ٽر لاڳاپي جي حقيقت کان ڪو به انڪاري نٿو ٿي سگهي.
گڏيل هندستان جي تاريخ جي ابتدائي دور کان وٺي اڄ تائين نرت ڪلا ۽ ناٽڪ راجائي، نوابي درٻارن جي دل لڀائيندڙ سرگرمين جو لازمي جز رهندو پئي آيو آهي ۽ راجائون ۽ نواب فنون لطيفه جي ان شاخ جا مکيه ڀرجهلا ۽ سرپرست هوندا هئا.
پراچين عهد جي ان فن (نرت ڪلا) بابت اسان جي ڄاڻ ان زماني جي ڪجهه رچيل گرنٿن، قديم آثارن مان دريافت پٿرائين مورتين، مجسمن ۽ ڀتين تي اڪريل چترن اندر موجود نرتڪ نمونن ۽ حرڪتن ذريعي حاصل ٿي سگهي آهي.
آڳاٽي دور يعني چوٿين صدي عيسي ۾ رچيل هڪ گرنٿ جنهن کي نٽ شاستر (Nataya Sastra) جي نانوَ سان سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي حيثيت ٻن مقدس ڌرمي گرنٿن جهڙوڪ ڪام شاستر، منو شاستر وغيره جهڙي آهي ۽ جنهن جو خالق رشي ڀرت (Bharta) هو، ان مان نرت ڪلا ۽ اسٽيج ناٽڪ ۽ انهن جي پيشڪش بابت ڏانوَ ۽ طريقن جي چٽائي سان اپٽار ٿيل آهي. ان گرنٿ جي رچنا ۾ ان کان به اوائلي ڪتابن ۽ مواد مان مدد ورتل هئي پر اهو سمورو مواد ۽ ڪتاب زماني جو بک ٿي ويا، سواءِ ’نٽ شاستر‘ ۾موجود حوالن جي. ان شاستر جي 36 اڌيائن مان 7 اڌياءُ رقص بابت آهن.
صدين کان ان تخليق تي ٿيل ٽيڪا ٽپڻي، واد واد مان اڀيناو گپت نالي هڪ ودوان، سن هڪ هزار عيسوي ۾ ان فن ’نرت ڪلا‘ کي منطقي نتيجي تي پهچائيندي هڪ نئون بنياد ۽ روپ بخشيو هو، جنهن جي مڃتا اڄ تائين موجود آهي.
ان دور ۾ رواج ۾ آيل ناچ جا مختلف رنگ روپ زماني جي تبديلي سان اڄ تائين موجود آهن، جن مان مندرن ۾ خاص طور ڏکڻ هندستان اندر، ديوتائن جي مورتين آڏو رقص کي ڀرت ناٽيم جو نانءُ ڏنو ويو هو، جيڪو ديو داسين جو ڪرم، پيشو ۽ فن ليکبو هو. اهو ڏِکُ هندوستاني ثقافت جو بنيادي جُز آهي، هندو ڌرم جهڙي طريقي سان سيڪيولر آرٽ (نرت ڪلا، سنگتراشي، چترڪاري) کي پنهنجي وجود جو اٽوٽ انگ بڻايو آهي، جيڪو ظاهري طور ڌرم جي ورڌ نظر اچي ٿو. سا حقيقت حيرت ۾ وجهندڙ محسوس ٿئي ٿي، سموري ڏکڻ اوڀر جي ايشيائي ملڪن جهڙوڪ جاوا، بالي (انڊونيشيا)، ڪمپوچيا، برما، ٿائلينڊ ۽ سري لنڪا وغيره اندر هندوستاني مذهبن جو پرچار بي باڪي سان ٿيو هو ۽ انهن ملڪن موٽ ۾ فراخدلي سان هندوستان جون ريتون رسمون ۽ فڪري نڪتا اپنايا هئا. انهن ‘درٻاري’ نرت کي نه صرف پنهنجي ڪلچر جو حصو بڻايو بلڪه ان اندر وڌيڪ نواڻ تازگي سڳنڌ ۽ ڪشش پيدا ڪئي.
هندوستاني مندرن اندر نرت ناٽڪ جي ريت وچولي دوريعني سن چار سئو ۽ اٺ سئو عيسوي جي وچ ۾ پئجي چڪي هئي، ان ريت هندوستاني مجسمي سازي ۽ چترڪاري جي فني ڪلچر کي هڪ نئون رخ ۽ دشا بخشي جنهن ذريعي انساني تصويرن، مان ايئن ڀاسندو ڄڻ اهي ڏسندڙن آڏو پنهنجا فني ڪرتب پيش ڪنديون هجن! پنهنجي جسم جي هر عضوي جي حرڪتن اک جي اشاري ۽ ڀاونائن وسيلي سموري ماحول تي ڏسندڙن جي احساسن ۽ جذبن تي طاري ٿي ڄڻ هڪ نئين جمالياتي احساس (Aesthetic Sense) کي جنم بخشينديون هجن! ان جمالياتي حس ذريعي نرت ڪلا ۽ اظهار جا ٻيا فني وسيلا (مجسمه سازي، چترڪاري، ناٽڪ وغيره) پڻ ڏسندڙ ٻڌندڙ جي پنهنجي يادن ۾ دٻيل ماضي جي ذاتي تجربي، مشاهدي ۽ ان مان حاصل ٿيل جمال سان هم آهنگي جي آنند دائڪ ڪيفيت کي بيدار ڪري کيس وجدان بخشيندا رهيا هئا ۽ آهن! اها وجداني ڪيفيت جذباتي رنگ آميزي ۾ رڱيل ٿئي ٿي، جنهن اندر احساس جي شدت ڇوليون هڻندي محسوس ڪبي آهي. ان الوهي (وجداني) ڪيفيت دوران ٻڌندڙ/ڏسندڙ اسٽيج تي موجود فنڪارن جي وجود کان بلڪل بي خبر بڻجي پنهنجي ذاتي تجربي، قلبي وار دات يا مشاهدي جي رنگين يادن جي لذت، سواد جو مزو ماڻيندو رهي ٿو! اهي اسٽيج شو پنهنجي فنڪارانا عظمت وسيلي هن جي يادن سان هم آهنگ بڻجي هڪ قسم جي يڪو جوديت يا ايڪائي (Unity) کي جنم ڏيندا ڏيکاربا آهن! اسان جي لامحدود جذباتي اڀار اندر اهڙيون ڪيفيتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون، جيڪي هن جي يادن جي مالها ۾ پويل ذهني روين، جهڙوڪ ڏک، ڪاوڙ هيجان مردانگي حيرت وغيره اندر ڇڊا يا گهاٽا رنگ ڀري انهن کي عارضي يا مستقل دشا يا رخ ڏينديون رهن ٿيون، پر انهن ۾ سڀ کان سگهاري ڪيفيت محبت جي مهراڻ ۾ لذت آفريني کي چئي سگهجي ٿو!
دنيا جو هر فن خاص طور هندستاني ڪلا ان حقيقت ۾ قطعي وشواس رکي ٿي ته فن جو اصل مقصد ڏسندڙ يا ٻڌندڙ کي ان سواد يا حظ ماڻڻ جو پورو پورو حق آهي ۽ هن جي چاهت به اها ئي هوندي آهي. جيڪا آخر ۾ سندس سموري وجود کي جذباتي سجاڳي سان همڪنار ڪري منجهنس آتمڪ مهانتا جو واسو آڻي ڌرمي گيان (Religious enlightenment) سان برابر کڙو ڪري نرواڻ جو دروازو کوليو ڇڏي ٿي! جيڪڏهن فن يا ڪلا اتم ۽ مهان آهي ته تجربو يا مشاهدو به ايڏو ئي ڦلدائڪ ٿئي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو فن اندر جنسياتي احساس (Erotic mode of feeling) مذهبي ڪارج، سان هر دور ۾ هم نشين ۽ اٽوٽ ناتي اندر سلهاڙيل رهندو پئي آيو آهي.
ان ڏس ۾ شوپراڻ اندر ۽ ڪاليداس جي ڪمار سمڀو ۽ شِوَ پاروتي جي Sensual جسماني ميلاپ جي اُپٽار ۽ ورنن جي ڪک منجهان ٽانڊوَ نرت ۽ رسيا ناچ جهڙي مهان رقص جي رچنا ڪئي وئي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ شِوَ شنڪر ٽمورتي اندر اتمتا حاصل ڪئي! ياد رهي ته باقي ٻه ديوتا (وشنو ۽ برهما) پرڏيهي آرين، جي دين هئا. شِوَ پاروتي جي ان جنسي ميلاپ ڌرم ۽ ڪلا اندر لنگ ۽ يوني کي نه صرف پوترتا بخشي بلڪه آرٽ ۾ کين اهم مقام به عطا ڪيو! ان کان علاوه ويشنو پراڻ هري ومسا پراڻ ۽ برهم ديو رت پراڻ مطابق ڪرشن (ويشنو جو اوتار) ۽ گوپين جي وچ ۾ ناجائز جنسي تعلق (illicit love affair) مرلي جي تان تي ننڍي کنڊ ۾ جمنا ڪناري رمڻيڪ آسٿان وندراون اندر Performing Art جي دنيا ۾ راس ليلا (Group Dance) کي جنم ڏئي نه صرف پوترتا بخشي بلڪه ان کي لوڪ ورثي يا فن جو لازمي جز بڻائي روحاني يا وجداني درجو عطا ڪيو!
سنت شاعر جئه ديو (ٻارهين صدي عيسوي) جي منظوم رچنا گيت گووند فن جي ٻن صنفن شاعري ۽ رقص جو عظيم شاهڪار آهي ۽ ان کان علاوه بائبل جي پراڻي عهد نامي اندر حضرت سليمان جو امر گيت غزل الغزلات (Song of Songs) به ان ڪلا جو مهان فن پارو ليکيو وڃي ٿو ۽ ڌرمي حلقن ۾ اهم جڳهه والاري ٿو ۽ روحانيت جو به سدا وهندڙ جهرڻو ليکبو آهي. پر ان اندر جنسي چاهت ۽ عمل جو اهڙو ته کليو اظهار ملي ٿو جيڪو کجراءِ، ايلورا، ايليفنٽا ۽ ڪونارڪ جي گفائي مندرن اندر ڀتين تي اُڪريل يا پٿرائين مجسمن ذريعي جنسي ميلاپ کي به لڄائيندو ڏيکارجي ٿو. نئين ۽ پراڻي دنيا اندر جنس ۽ مذهب جي ان اٽوٽ رشتي جنهن ذريعي پرم آتما سان روحاني ميلاپ حاصل ڪري سگهجي ٿو، کي قطعي رد نٿو ڪري سگهجي، صوفي مت به ان رشتي يعني مجاز مان حقيقت ڏانهن اشارو ڪندو ڏيکارجي ٿو. مختلف زمانن ۾ ان سوچ جا مشهور شاعر، سنت، صوفي جهڙوڪ سرمد، بيڪس، حافظ، شمس تبريزي، ماڌولال حسين يا ترڪي جا درويش صوفي ناچو (Whirling dervishes) وغيره راڳ، سماع ۽ ناچ ذريعي محبوب حقيقي سان ملڻ ۾ وشواس رکندا هئا ۽ آهن! يا ڀڳتي تحريڪ جي مشهور شاعر چنڊي داس (سورهين صدي عيسوي) جي شاعري به راڌ_ڪرشن جي عشق ۾ رچيل گوپين جي راس ليلا جي چاشني، سواد وٺندي وجداني ڪيفيت ۾ جنسي (Sexual) حدن کي مٽائيندي ڏيکارجي ٿي. هونءَ به برهم ويورت پراڻ مطابق ڪرشن پنهنجي اوتاري چمتڪار ذريعي اڻ ڳڻت روپ ڌاري، مرلي جي ڌن تي چانڊوڪي جي شيتل ڇايا هيٺ وندرابن جي هزارين گوپين سان راس رچائيندي ساڻن سنجوڳ ڪندو رهندو هو، جنهن جي گڏيل گونج سموري مڌوبن ۾ مرلي جي لئه سان ملي ڏور ڏور تائين گونجندي رهندي هئي:
مدھو بن میں رادھکا ناچے رے
موہن کی مرلیا باجے رے
اهڙي عمل کي ڌرمي لحاظ سان اڄ تائين Illicit قرار ڪين ڏنو ويو آهي! اهو هندو ڪلچر اندر سيڪولر متي جو بهترين اظهار آهي!
مٿي ڄاڻايل ٻنهي امر نظمن (گيت گووند ۽ غزل الغزلات) اندر عشقيه اُڀار (Erotic Depth) جنسي حدن (Sensual Fringes) کي ڇهندو محسوس ڪري سگهجي ٿو، اهي فن جي دنيا جون لازوال نظمون ليکيون وڃن ٿيون. انهن اندر به جذبن، اڇائن، امنگن، ترنگن جو مسلسل رقص محسوس ڪبو آهي. اها خوبي صرف مهان ۽ امر فن جي وصف ٿئي ٿي. ساڳيءَ طور قديم ايراني يوناني ۽ رومي تهذيبن اندر انهن جي عظيم مذهبي فن پارن، چترن، مجسمن (ديوتائي يا عوامي: افروڊائٽ، وينس، اپولو، زيوس، اٿينا، هيلن، ڊائنوسيس، هرڪيوليس وغيره) اندر پڻ عشق محبت، شهوت ۽ جنسي ميلاپ جو اظهار بي باڪي سان نقش ٿيل آهي ۽ رقص سندن زندگي جو لازمي ڪرم ليکيو ويندو هو. ان کان گهڻو اڳ موهن جو دڙو جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب يا سندس هم عصر بابلي، سميري، آشوري تهذيبن اندر پڻ کوٽيل آثارن مان محو رقص عورتن جي لڌل مجسمن مان پڌري پٽ ظاهر آهي ته اهو فن سندن مذهبي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو اٽوٽ انگ هوندو هو.
ٻڌندڙ يا ڏسندڙ جنهن جذباتي لذت جو مزو (Taste) ماڻي ٿو ان کي ودوانن فني ترڪيب جي لحاظ کان رَسُ (Rasa’s) قرار ڏنو آهي. ان رس جي گڏيل سواد کي يا ته آنند (Harsha) چيو وڃي ٿو، يا وري مهان سواد (Great flavor) سڏبو آهي. ڀرت مني پنهنجي جڳ پرسڌ تخليق نٽ شاستر اندر ڏند ڪٿائي طريقن ذريعي وسيع فني ايڪائي جي اشد ضرورت تي زور ڏيندي ان کي مادي جي نيوڪليئس يا مرڪز يا بنياد يا پيڙهه سان تشبيهه ڏني آهي. ڀرت ان نڪتي جي وڌيڪ اپٽار ڪندي چيو هو ته ”جيئن سنسار ۽ ان جا واسي پنهنجي مرڪز کان دور ٿيندا اڳتي وڌندا رهن ٿا ۽ ستيه يگي ديوتائن ۽ مهان پرشن کي ڪافي پوئتي ڇڏي آيا آهن تيئن سماج ۽ ان جا سڀ ڪردار ۽ جماعتي، ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي الجهائيندڙ فسادن ۽ نااتفاقين ۾ ڦاسندا وڃن ٿا. “
فن جو مول مقصد آهي ته ان الجهاءُ کي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جي شعور اندر سلجهائي ايڪا گرتا پيدا ڪري کيس ٻيهر پنهنجي ۽ سنسار جي مرڪز جي قريب تر آڻي. ان جذباتي ايڪا گرتا جي عمل دوران ٻنهي مخالف جنسن (مرد، عورت) جي وچ ۾ پريم جي سنٻنڌ تي ٻڌل ميلاپ ۽ گڏجاڻي دراصل گم ٿيل مرڪزي سرو مهيا ڪري ڏيڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ ظاهري طور اها سوچ جنسي آسودگي ڏانهن اشارو ڪندي ڏيکارجي ٿي پر وجداني ۽ الوهي سطح تي ان نظرئي ٻارهين ۽ پندرهين صدين جي وچولي دور ۾ ڀڳتي تحريڪ جو روپ اختيار ڪري سموري هندستان کي پنهنجي آغوش ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو هو.
هندوستان اندرمدر جو اصطلاح ۽ ان جي پٺيان پنهنجي اشٽ ديوتا، لاءِ شخصي يا ذاتي ڀڳتي ڀاءُ وارو متو به مٿي ڄاڻايل دور ۾ مهانتا ۽ مڃتا حاصل ڪري چڪو هو. جنهن جا امر ڪردار هندوستان جا جينئس شاعر ڪبير، ميرا، جئه ديو، تلسي داس، سمر داس، چنڊي داس وغيره هئا.
دراصل ويدڪ دور ۾ مندر يا ان جو تصور بلڪل ئي ڪون هوندو هو، صرف صرف يگين ۽ ٻلين (قربانين) جو رواج هو جنهن تي براهمڻن ذريعي عمل ڪيو ويندو هو. ويدڪ دور ۾ ويدن انوسار ديوتائون به ڳاڻ ڳڻيا هوندا هئا. ۽ سڀ کان اهم ۽ سگهارو ديوتا ‘اندر’ هو، هندو ٽمورتي گهڻو گهڻو پوءِ وجود ۾ آئي. ان دور جي لڳ ڀڳ، هندو ۽ جين مندر ڳوٺن اندر تمام سادي انداز ۾ جنم وٺندا رهيا. هڪ تخميني مطابق سن ٻه سئو ق م کان پوءِ سن هزار ۽ ٻارنهن سئو پنجاهه عيسوي دوران اهي ڳوٺاڻا، سادا مندر سهڻن دلڪش ۽ فن جي اعليٰ شاهڪارن ۾ تبديل ٿي ويا، جن جا جرڪندڙ آثار ۽ وجود اڄ تائين ايلورا، اجنتا کان وٺي کجراءِ مندر، سوريه مندر ڪونارڪ، راج راني مندر (اوڙيسا)، سانچي مندر، بڙودا مندر، مٿرا مندر، نگرجنا ڪونڊا (ڏکڻ ڀارت)، ترورانام لائي، ڪرلا، مهابلي پورم، پتا دا ڪل، ڪانچي پورم وغيره اندر پکڙيل آهن.
مطلب ته آرٽ اندر (مصوري سنگتراشي موسيقي، نرت ڪلا) عجب اسرار جو مسلسل تجربو ۽ اندر جي صفائي جو لاڳيتو احساس اڀرندو رهيو آهي.
انهن مندرن جي ٻاهرين ۽ اندرين اڏاوت مٿان، ڀتين، ڇتين ۽ ٿنڀن تي ديوين، اپسرائن جي اڪريل چٽيل ۽ اڀريل بي عيب موهيندڙ ۽ بي پناهه جاذب وجود کي پسي ايئن لڳو هو ڄڻ سموري ڪائنات پنهنجي سڀني رعناين اسرارن سونهن ۽ سڳنڌ سان سندن تن ۽ من ۾ واسو ڪيو هو! سندن رسدار پرڪشش لب جوالا مکي جيان لڳا، سندن مرڪندڙ ڳلن تي گهرا کُٻَ سر سبز گنگا جمني وادين جيان ڀاسيا هئا، سندن هرڻي جهڙيون وشال خماريل گهريون اکيون اونهي نيلگون ساگر جهڙيون لڳيون هئم، سندن ڪشاده پيشانيون سج جيان جرڪندڙ، سيني جو مخروطي اڀار برف پوش هماليائي چوٽين جيان شاندار پروقار ۽ پرڪشش ڀاسيو هو، مٿي مٿان ڪارن گهاٽي وارن جا چوٽا پسي ايئن ڀاسيو هو ڄڻ اندر ديوتا، آڪاش منڊل تي گهنگهور گهٽائن جو ميڙاڪو رچايو هو!
اهي ڌرمي پوترتا ۽ شرڌا کان علاوه انساني جينئس ۽ سوچ جي اتمتا جا درلڀ فن پارا ليکيا وڃن ٿا. ان سموري دور ۾ انهن مندرن جي بنيادي تعمير جو اصول گهڻو ڪري هر هنڌ ساڳيو رهندو آيو هو، يعني مندر جي وچ واري ڪمري ۾ اشٽ ديوتا جو مجسمو اسٿاپن ڪيو ويندو هو. ان ڪمري جي مرڪزي دروازي ۽ چوڪاٺ (چوکٽ) تي سرڳ پوري جي ديوتائن ۽ اپسرائن جون اڪريل مورتون نه صرف فني ٽيڪنيڪ جي حيرت انگيز ڄاڻ ڏين ٿيون بلڪه من جي لطيف جذبن کي اڀاري انهن ۾ سامونڊي لهرن جهڙي مستي جو ڪارڻ به بڻجن ٿيون. ان کان علاوه ڪيترن هنڌن تي گنگا ۽ جمنا جون مورتون، نفيس ۽ سندر روپ ڌاري، اپسرائن جي روپ ۾ پڻ اُڪريل ڏسي سگهجن ٿيون. جن کي پسي شرڌا سان گڏ ساڻن جيون جون روپيون گهڙيون گهارڻ لاءِ من اندر اجهل ڇڪ ۽ سڪ محسوس ڪري سگهجي ٿي! ان دروازي جي ٻاهران مندر جي اڏاوت جي لحاظ کان هڪ ننڍو يا وڏو ڪمرو (Hall) به هوندو آهي، جتي شرڌالو پنهنجي اشٽ ديو جي اُستتي ڪندا آهن ۽ بعد ۾ کين چرنا امرت ۽ پرساد به ڏنو ويندو آهي. ان ڪمري جي سِڌِ ۾ اشٽ ديو جي بلڪل سامهون ڪجهه ٻيا ڪشادا ڪمرا به اڏيل هوندا آهن، جن سان هڪ کي نرت ڪلامندر (Dancing Pavilion) ڪوٺيو ويندو آهي. گهڻو ڪري اهڙي قسم جا مندر زمين کان اوچو، يا مٿائين جاين يا پهاڙي گفائن يا چوٽين لڳ اڏيا ويندا هئا. مقصد؟ ان جي مهانتا، پوترتا ۽ زميني آلودگي کان دور رکي ان جي ڌڄا ۽ ڏيا جو تصور ۽ شرڌا پيدا ڪرڻ هوندوهو! ان بعد هڪ ڪٿ موجب سن پنج عيسوي کان پوءِ انهن مندرن مٿان اوچا، پٿراوان مخروطي يا گول منارا به اڏيا ويندا هئا. دالان، ننڍن ڪمرن مٿان به ننڍي سائز جي منارن جي اڏاوت جو رواج پئجي چڪو هو ۽ انهن مٿان ديوتائن، ديوين، خوبرو ۽ خوب تن حسين اپسرائن جي مورتين اڪرڻ جي ريت به عام ٿي وئي هئي. هنن جي جسم جي سونهن ۽ سڳنڌ هر انگ مان چٽي طور ظاهرڪري ڏيکارڻ ڌرمي ۽ فني ڪرم ۽ فرض ڪري ڄاڻبو هو بلڪه عام شاسترائي آسڻن ذريعي اهڙي جهلڪ، صحبت، جي منظرن جي تصور ڪشي قديم يوناني، رومي ۽ جديد اطالوي ڊچ اسپيني فرانسيسي آرٽ کي به گهڻو پٺتي ڇڏيندي ڏيکارجي ٿي!
ان ڏس ۾ هيٺين جڳ پرست فنڪارن جا نانءَ نه ڄاڻائڻ ناانصافي ٿيندي. جهڙوڪ ليونارڊو ونسي، مائيڪل اينجيلو، ريمبران، رافائيل، پال گاگين، ٽيٽيئان، روبينس، سيليني، گستاو ڪوربي (مشهور انگريز آرٽسٽ ۽ آسڪر وائلڊ جو دوست وسلر هن فرانسسي مصور کان متاثر ٿيو هو) پڪاسو، تولوسي لاتريڪ، گويا، ال گريڪو (ڪريٽ، يونان اسپين جو مشهور آرٽسٽ جنهن جڳ پرسڌ يوناني ليکڪ شاعر نڪوس ڪازنتڪاتس جي سوچ تي گهري ڇاپ ڇڏي هئي) پيري آگستي رينائر (هن فرينچ آرٽسٽ جي آخري عمر جي ڏهاڙن جي سموري تخليق بي لباسي وارين تصويرن تي مشتمل آهي) ايڊگرڊيگاس (19 ۽ 20 صدي جو جڳ پرسڌ فرانسيسي مصور ۽ سنگتراش جنهن بيلي ڊانسرس ڪيبري ڊانسرس ۽ ماڊلس جون نه صرف حرڪت رنگ ۽ روشني جي آميزش سان لاجوات تصويرون بڻايون هيون بلڪه کين پنهنجي شاهڪار مجسمن ۾ به امر ڪري ڇڏيو هو.)
ارڙهين_اوڻويهين صدي فرانس جي نامياري مصور جي اي ڊي انگريس پڻ پنهنجي پورٽريٽس ڊرائنگ ۽ واٽر ڪلر تصويرن ۾ مشرقي نظارن، فن ۽ سندرين کان متاثر ٿي انهن کي بي لباسي جي لباس اندر سندن موهيندڙ اڀارن کي شاعراڻي انداز ۾ حرڪت ۽ نرت ۾ اهڙي طرح چٽيو آهي ڄڻ کجراءِ مندرن جون سڪون لهنديون هجن! هن جي سوچ مطابق رنگ يا نظارو اکين کي موهي ٿو ۽ هيئت يا ڊرائنگ ذهن کي اڪن ڇڪن ڪري ٿي. رنگ ۽ ڇايا جي ميدان ۾ ڪنهن سرحدي رڪاوٽ جي گنجائش نه هجڻ جڳائي.
شاعري لفظن جي صورت گري جو فن آهي، جنهن اندر شاعر انهن کي سندر ترتيب سان سجائي سينگاري پنهنجي احساسن، امنگن خواهشن، درد ۽ لذت جي اظهار کي اجهل جهرڻي جيان وهڪ ڏيندو رهي ٿو.
ان دور ۾ هندستاني فنون لطيفه اندر هر لحظي ۾ باطني ۽ ظاهري شعور جي وچ ۾ مڪمل توازن پسبو هو. خاص طور منظر (landscape) ۽ آڪار (Figure) زرخيزي ۽ هندو ڏند ڪٿائي علامت سان جهنجهيل هوندو هو، جنهن مان آلودگي کان صاف شفاف پراچينتا ۽ ٻالڪپڻ جو احساس جهرڻي جيان سدا مترنم ۽ نرت ۾ رهندو هو. انهن کي وڌيڪ غور سان ڏسڻ مهل ايئن لڳو هو ڄڻ قديم يوناني (ڪلاسيڪي ۽ سيڪولر) سونهن ۽ آڪار جون هيلني (Hellenistic) خوبيون يڪجا ٿي ويون هجن! خاص طور صنف نازڪ جي مجسمي ۽ مورت اندر سندس چهري مان رومان ۽ اسرار چنڊ جي ڪرڻن جيان جهلڪندو ڏيکاربو نظر آيو!
اهڙي موهيندڙ ماحول ۽ رومان پرور راس (Dance) ۾ مدهوش سندرين کي پسي من مان سدا حيات شاعرن جون هيٺيون سٽون ازخود جهرڻي جيان وهي نڪرنديون هيون:
آج ساجن موہے انگ لگالو جنم سفل ہوجائے
من کی پیڑا دیھ کی اگنی سب شیتل ہوجائے
يا
کاگ سب تن کھائیو چن چن مورا ماس
اک دو نیناں مت کھائیو موہے پیا ملن کی آس
اسپين جو فليمينڪو (Flamenco) رقص جنهن جون پاڙون قديم ماضي ۾ کتل آهن ۽ شايد ٻه هزار ورهيه ق م جي ڪريٽ (Crete) ملڪ جي پراچين ۽ احترام لائق مينوئن تهذيب (Minoan) کي به ڇهنديون محسوس ٿينديون آهن ۽ ان ملڪ جي سڀ لاءِ محترم ۽ ڏيا رکندڙ پوجني ديوي نانگڻ هوندي هئي! جسماني طور رسدار، سونهن ۽ سڳنڌ ڀرئي، سگهاري ۽ ساڃهه وند!
ان نرت دوران سنهي چيلهه، خوبصورت ڀريل اُرهن واري ڦڙت، ماهر نرتڪي ناچ دوران ٻانهن ۽ هٿن جي لهرن جهڙي لوڏ ۽ وراڪن سان نانگڻ جي اهل ڪندي، ان وانگر شوڪارا ڀريندي ڏيکاربي آهي: نانگڻ جهڙو اهو ڏِکُ ۽ آسڻ سندس جسم ۽ جان ۾ شهوت ۾ لپٽيل جذبن جي لاهه ۽ چاڙهه جي ڀرپور عڪاسي ڪندو آهي.
هندو ڌرم جي ٽمورتي جو اهم رڪن شِوَ شنڪر جنهن جي علامتن ۾ لنگ ۽ شڪتي. (جيڪا سندس ارڌانگي پڻ آهي) جو درجو مهان ليکيو وڃي ٿو. هن کي نٽ راج يعني نرتيه ڪلاڪارن جو راجا به سڏيو ويندو آهي. پدمبرم ۾ مشهور نٽراج مندر اندر ناچ جا فني انداز ۾ اڪريل سڀئي رخ پسي سگهجن ٿا.
نرت ڪلا کي قديم جادو سان به تعبير ڪندا آهن. ان فني پيشڪش دوران ڪلاڪار يا نٽ راج کي اڻ وسهندڙ شڪتين جو مظهر به ڄاتو ويندو آهي. يوگڪ فلسفي وانگر نرت به وجداني ڪيفيت پيدا ڪندي آهي، جنهن ذريعي اڻ ڄاتل جو تجربو پڻ حاصل ٿيندو آهي. پنهنجي باطن ۾ لڪل حقيقت سان ميلاپ ۽ ان ذريعي ان جي اصل جوهر سان هم آهنگي، يڪجائي جو احساس ۽ صورت اڀرندي ڏيکاربي آهي، جنهن جو لفظن ۾ ورنن ڪرڻ محال آهي ۽ صرف محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.
نرت (ناچ) کي تخليق جي عمل سان به مشابهت ڏني وڃي ٿي. ان جي بدليل صورت ڪلاڪار جي ذات اندر هڪ نئين ۽ اوچي شخصيت کي جنم بخشي ٿي! مهان انسانن لاءِ ان اندر هڪ ڪائناتي ڪرم پوشيده هوندو آهي، جنهن ذريعي ننڊاکڙين شڪتين کي جاڳائي سنسار کي نئون روپ ۽ ڏيا بخشي سگهبي آهي. ڪائناتي نقطه نظر موجب شِوَ کي سموري جُڳَ جي مهان نرتڪ (Great Dancer) سان تعبير ڪري سگهجي ٿو.
نطشي چواڻي ”هو ان خدا ۾ وشواس رکي سگهي ٿو، جنهن کي رقص ڪرڻ جو ڏانو آهي “. جڏهن هن پاڻ اهي ڍنگ اپنايا ته بي اختيار چئي ڏنائين ”هينئر منهنجي وجود ۾ خدا نرت ڪندو ڏيکارجي ٿو“.
مون کي به ان ڪارڻ ٽيٽيهه ڪرڙ هندو ديوتائن مان شو ۽ ڪرشن وڌيڪ وڻندا آهن: بلڪه منهنجي باطن ۾ ڪنهن آسيبي روح جيان واسو اٿن!
هي پنهنجي ان هاڪاري عمل ذريعي بي انت شڪتي کي بار بار پسائي انسان اندر کيس ان جي پوئواري لاءِ اشارا ڪندا ڏيکارجن ٿا. ڌرمي ويچار موجب شوَ اندر ان عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ قوتون دنيا جي ارتقائي، تخليقي ۽ آخر ۾ پرلئه نما (قيامت) صورت گري جو نهايت عمدو، اعليٰ ۽ بلند فڪر پيش ڪنديون نظر اچن ٿيون. ان فڪر مطابق سموري موجودات (ساهدار خواهه نباتاتي وغيره) سندس ئي ان ازلي نرت (Eternal Dance) جو نتيجو آهي!
ڏکڻ ڀارت اندر ڏهين ۽ ٻارهين صدي عيسوي دوران ٽامي ۽ پٿر مان سرجيل ڪئي فن پارا ان فڪري ڏِکَ جو نهايت خوبصورت نمونو آهن، جيڪي اڄ تائين مختلف مندرن جي زينت بڻبا رهيا آهن. انهن اندر هٿن، آڱرين ۽ ٻانهن جي موجن جهڙين حرڪتن، ٽنگن، سر ڌڙ جي مترنم تحرڪ ۽ اشاراتي ٻولي ذريعي ان ڪائناتي نرت ۾ دنيا جي تخليق ۽ تباهي جو عمل اکين ذريعي شعور ۽ دل جي اونهاين اندر بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
نٽ راج (شِوَ) کي ڪال (وقت) سان به تشبيهه ڏني ويندي اهي بلڪه کيس مهان ڪال يعني بي انت ازل به چيو وڃي ٿو. کيس ساڳئي وقت ٻن متضاد قوتن يعني ازلي ناچو (Divine Dance) ۽ ازلي سنياسي (Divine ascetic) سان به ڀيٽيو وڃي ٿو. نرت وقت سندس جسماني وهڪ، منهن تي الوهياتي مرڪ، اکين جي عجب چمڪ، اشارا جن اندر وقار، وجد، ڏيا دهشت ۽ پريم سامونڊي موجن جيان ڇلڪندو ڏيکاربو آهي، ان مان هڪ قسم جي ڪائناتي رڃ به ليڪا پائيندي رهي ٿي. ان نڪتي کي شنڪر آچاريه جي برهم شاستر ۾ پرجهي سگهجي ٿو. انهن عضون جي مترنم، منڊيندڙ اڇل مان تخليق ۽ تباهي (پرلئه) جو مسلسل عمل ڏسي سگهجي ٿو. موت ۽ پيدائش وچ ۾ ان ڪائناتي نرتڪ (ڊانسر) جي سرجيل خوبصورت توازن کي پسي سگهجي ٿو. ان نرت کي سموري سنسار بلڪه سرشٽي جي انهن علامتن، مهانڊن سان تعبير ڪري سگهجي ٿو، جيڪي اک ڇنڀ جيان پل اندر شِوَ جي عضون مان اتپن ٿي مايا، جيان گم ٿيو وڃن ٿا، جنهن جي اڻت ڄڻ وقت جي ناپائيدار عنصر مان ٿي هجي.
ان نرت منجهان ديده بينا، عورت لاءِ اجهل دلڪشي، ازل ۾ ويڙهيل صنفِ نازڪ لاءِ هيجاني چاهت، هُنَ اندر موجود نادر سڳنڌ ۽ سنديس واسينگي ۽ منڊيندڙ زلفن جي فطري وهڪ اندر ٽٻي هڻڻ جي بي حساب چاهنا، هُنَ اندر شڪتي جي روپ ۾ تخليقي عمل جنهن جي حسياتي اصولن اندر زندگي، شهوت، ڌرتي جي خوشبو (Fragrance of mother goddess) فطرت جي سدا بهار رنگيني جيڪا هميشه موجزن رهي ٿي: لاءِ ازلي تڙڦ، واسنا پڻ محسوس ڪري سگهندو!
ساڳيءَ ريت راجا اندر جي سورڳ پوري واري درٻار به هميشه خوبصورت اپسرائن ۽ حسين گنڌرون (غلمانن) سان سٿيل هوندي هئي. اهي جيوَ سدا بهار سدا جواڻ جماڻ ۽ هر قسم جي جسماني سندرتا ۾ لاثاني لاجواب ۽ ٻهڪندڙ هوندا هئا. اگر ليونارڊو ونسي آروشي، رمڀا، تلوتما، ميناڪشي يا اندراني کي ڏسي ها ته مونا ليزا، ڪين سرجي سگهي ها! سورڳ پوري ۾ وسندڙ اها مخلوق نه صرف جنسي جذبن کي ٿڌڙي ڄر پهچائڻ ۾ اڻ وسهندڙ مهارت رکندڙ بلڪ فن جي اپج ۽ رچنا جهڙوڪ ناٽڪ، نرت، سنگيت ۽ گائن وديا ۾ به زميني سطح کان وڌيڪ اتمتا جي مالڪ هئي ۽ آهي.
ان مخلوق جي ذات فطري معصوميت سدا اجهل لست، سواد ۽ مزي ۾ لپٽيل ۽ جنسي آسودگي ڏيارڻ ۾ بي نظير ڀاسندي آهي، جنهن اندر ڪو پڇتاءُ ڏک يا پيڙا جو اهڃاڻ به ڪين محسوس ٿيندو آهي.
ان غير فاني ۽ آد جڳاد کان موجود سدا نرت ۾ ڏيکارجندڙ شِوَ جي گرد ڪنهن تجليدار پوتر هالي (Halo) جيان ڪئي ڏند ڪٿائي ڪهاڻين ۽ ليجنڊن جي انڊلٺي ڀرت جي خوبصورت رنگن ۾ اهڙي اڻت ٿيل آهي، جنهن کي وقت جهڙو مها ٻلي عنصر به مٽائڻ ته ڇا بلڪه جهڪو ڪرڻ ۾ به اسمرٿ ڏيکارجي ٿو.
هن مهان نرتڪ (Divine Dancer) جي سلسلي ۾ ٻن خاص ۽ متضاد رقص جي قسمن جو ذڪر هڪ ڀيرو ٻيهر، ضروري سمجهان ٿو: هڪ قسم ذريعي شِوَ شنڪر جهڙي مهان ديوتا جي دريا دلي، اپار پريم مهر ۽ پاٻوهه موتئي جي گلن جهڙي سندر سندر ۽ مڌ ماتي سڳنڌ سان جسمن ۾ امرت اوتيندي ڏيکارجي ٿي ۽ ٻئي قسم وسيلي سندس اجهل ڪوپ، ساڙيندڙ ڪروڌ، ڏڪائيندڙ هيبت، نهوڙيندڙ پيڙا جنهن اندر نوح، واري پرلئه جو پاڇاوون موجود آهي پسي سگهجي ٿو. هونءَ به هيءُ ديوتا تخليق ۽ تباهي جي اها مورت آهي، جنهن جو ثاني نه ڪنهن Pagan پنٿ ۾ هو ۽ نه وري ڪنهن جديد مذهب اندر آهي!
پهرين قسم ۾ لسيا (Lasya) نرت جيڪو مٺاس نرمي ۽ امرتا جو ڏک آهي چيو وڃي ٿو ۽ ٻئي قسم جي ٽانڊوَ (Tandva) نرت جيڪو ڪنهن جوالا مکي جيان لڳي ٿو، خوفناڪ، هنسا ۾ تر ۽ ڪنهن دائمي تباهي جو اهڃاڻ ڏيندو ڏيکارجي ٿو. ديوتائون به جنهن کان پناهه پنندا ڏيکارجن ٿا! هيءُ ديوتا ٻنهي قسمن ۾ ڀَڙُ آهي.
ٽانڊوَ نرت جنهن ذريعي الوهي آهار جي جوش ۽ جولان ۾ ٻڏل شڪتين جي ٻوڙ ٻوڙان هوندي. ان جي ارادي جي چڱيءَ پر پروڙ پوندي آهي ته اهو ڪنهن ڪائناتي جنگ جي شروعات جو اهڃاڻ آهي، جنهن ذريعي ڪنهن جبري ۽ ڀينڪر ويريءَ جو انت مقصود هوندو آهي. ساڳئي وقت اهو نرت فتح جي علامت به ليکيو وڃي ٿو، ان سان هڪ ڏند ڪٿائي ڳالهه به منسوب ٿيل آهي، جنهن ۾ شِوَ هڪ اهڙي ظالم ۽ انسان آزار دئيت جو خاتمو آندو هو جنهن هڪ مست ۽ خطرناڪ هاٿي جي شڪل اختيار ڪئي هئي. شِوَ کيس پاڻ سان نرت جي دعوت ڏني، جنهن ۾ هو ايترو ٿڪجي پيو، جو زمين تي ليٽندي ئي سندس پراڻ نڪري ويو.
ان بعد شِوَ اڪيلي سر فتح جو ناچ نچيو هو! پٿر مان گهڙيل اهڙو خوبصورت فني شاهڪار (سترهين صدي عيسوي) ڏکڻ هندوستان اندر پيرور شهر جي نٽ راج مندر اندر اڄ تائين موجود آهي.
ڪاليداس پنهنجي مشهور ناٽڪ ميگه دوت ۾ ان هيجاني نرت منظر جو اهڙو مانڌاڻ پيدا ڪندڙ چتر چٽيو آهي، جو ان ڇتي جنگ جي ڀوائتي منظر کي پسي سندس ارڌانگي (پاروتي) جي جسم ۾ ڪنبڻي اچي وئي هئي!
سنسڪرت هندي فصاحت جي نوَ عدد رَسَ يا سڳنڌ سان ڀريل اسلوب منجهان مٿي ڄاڻايل ناٽڪ اندر چار عدد پنهنجي مڪمل صفائي ۽ سونهن سان ذهن کي ڪلپنائي اڏام بخشيندا ڏيکارجن ٿا. انهن اندر ويرتا وحشت دلڪشي ۽ ڌڪار جا عنصر ۽ انگ هڪٻئي ۾ مالها جيان پوتل نظر اچن ٿا. شِوَ جي ذات اندر زندگي جا سمورا رخ ۽ پاسا غير مبهم طور موجود آهن ۽ هن جو نرت ضدن جو بهترين مرڪب ليکيو وڃي ٿو. زندگي جيان نرت به هيئت ۽ آنند جو لاجواب سنگم آهي. اها خوبي هندو ديو مالا اندر، ٻئي ڪنهن به ديوتا ۾ ڪين ٿي ڏسجي.
شِوَ شنڪر جي محبوبه ۽ بعد ۾ ارڌانگي (پاروتي) ان بعد ڪارتڪ (جنگ جو ديوتا) ۽ گڻيش (خوش نصيبي ۽ خوشحالي جو ديوتا) جي محبتڻ ماءُ، سرشٽي جي شڪتي ۽ سندس شهه رڳ جي چانڊوڪي جهڙي سندرتا، سوم رسي ڪامڻي، سونهن سڳنڌ جي راڻي کي هڪ گرنٿ اندر هيٺيئن ريت ورنن ڪندي ساراهيو ويو آهي. هيءُ ئي هئي جنهن شِوَ جي اجهل شڪتي کي پنهنجي اپار مڌر شڪتي سان ملائي جڳت جي رچنا ڪرائي هئي. ڪاليداس ڪمار سمڀو اندر سنديسن ان شڪتي تان پردو هٽائي وتسيانا، ڪئسونووا، فرئنڪ هيرس، پرنس علي خان ۽ ليوڪريشا بورجوا، قلوپطره، راڻي زينوبيا، ڪيٿرائن دي گريٽ کي ڄامڙا ۽ ڄامڙيون ثابت ڪندو ڏيکارجي ٿو:
منڊيندڙ مهانڊن واري، مرگهه نيني، ڪمل نيني، ڪمان جهڙي نازڪ خمدار چيلهه، ويڪرن رسدار ٻنڊڙن اندر سنگمرمر جي وينسي مجسمي جهڙو لسو، ترڪڻو، حرارت آميز ٿڌڙو ٿڌڙو چقمقي ڇهاءُ، جاڙيون ڏيکارجندڙ رس ڀريل گول ڇاتين سختي مائل ڪونئري لاجواب هماليائي سندرتا ۽ پنڊ پهڻ بڻائيندڙ تاب ۽ تاءُ ۽ انهن جي گلن جهڙي هلڪي ۽ هٻڪائيندڙ بار هيٺ سندس وجود اندر اهڙو مدهوش ڪندڙ اڻلکو جهڪاءُ نظر ايندو هو، جهڙو ڪنهن گهاٽي ميويدار وڻ کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي، اهو ترلوڪي حسن جو جلوو ڪير هئي؟ پاروتي! شِوَ جي محبوبه ۽ انگ رکڻي!
سموري سرشٽي، ٽنهي لوڪن جي پرم سندري ۽ شڪتي، ڌرتي جي سونهن سوڀيا ۽ سڳنڌ سنسار جي اپت جي آتما ۽ جوهر!
ساڳي ريت قديم يوناني دنيا ۾ ايشيا مائنر جي شهر ايفيسس (Ephesus) اندر ساڳي هندو عقيدي سان لاڳاپيل شڪتي (پاروتي _ ڪالي _ اُما) جي هم جنسي ڌرتي ماتا يا سنسار جي جنني شڪتي کي ارٽي ميس (Artemis) جي شپ نانءُ سان پڪاريو ويندو هو ۽ کيس ايشيا جي ماتا به چيو ويندو هو. سندس مندر جيڪو اعليٰ ٽيڪنيڪ ۽ خوبصورتي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ان جي پوترتا ۽ عجب ڏِکَ کي سموري دنيا ۾ ساراهيو ويندو هو ڇو جو ديويءَ لاءِ ڌرمي شرڌا سان گڏ سندس سحر آميز سونهن جيڪا ڪلاسيڪي يونان جو امتياز هوندي هئي، جي ڪشش تي سمورين يوناني رياستن جا رهواسي ڇڪبا ايندا هئا.
خاص طور ارٽيميس ۽ ڊيئونيسس (ديوي ۽ ديوتا) بابت کوجنا مان اها ڄاڻ به ملي آهي ته اهي يوناني ديو مالا اندر مشرقي ملڪن جي ديوتائي سنگم مان شامل ڪيا ويا هئا. ساڳي ريت اٿينس شهر جي ديوي اٿينا (Athena) لاءِ به ساڳي راءِ قائم ٿيل آهي. قديم روم جا ڪيئي ديويون ۽ ديوتا يوناني ديو مالا منجهان ايئن اپنايا ويا هئا، جيئن هندوستان اندر اٽڪل ساڍا ٽي هزار سال اڳ آريائي ڪاهيندڙ قبيلن اتان جي مقامي رهواسين (دراوڙ وغيره) جي ديوتائن ۽ ديوين شِوَ، شڪتي، ڪالي وغيره کي پنهنجي ديو مالا ۾ شامل ڪري اوچو درجو ڏنو هو! بازنطين، بازنطيم، جي قديم تاريخ نويس فيلان (Philon) گهڻو ڪري پراچين عهد جا سمورا فني شاهڪار، متبرڪ آسٿان ڏٺا هئا پر ارٽيمس جو مندر ڏسندي ئي بي اختيار ٿي ڪري چيو هئائين، ”ايفيسس جو مندر ايئن ٿو لڳي ڄڻ زمين مان اڀرندو بادلن کي ڇهي رهيو هجي ۽ سندس موجودگي ۾ جڳت جا ٻيا سڀيئي عجوبه سندس پاڇي هيٺ جهڪا پيا پسجن! “ان دور جي مشهور سياح پاسانيئاس چواڻي،”هن وقت تائين انسان ذات جيڪي شاهڪار جوڙيا آهن هيءَ مندر سڀني کان اتم آهي. “قديم روم اندرکيس ڊائنا (Diana) چوندا هئا ۽ ڪنوارين جي رکپال هوندي هئي. ڦڙت تير انداز ۽ وڄ جيان چلڪاٽ ڏيندڙ! ان مندر اندر سندس خوبصورت مورتي کان علاوه ٻيا ڪئي نادر مجسمه ۽ چترڪاري جا نمونا به رکيل هوندا هئا، انهن ۾ اپيليس، جو تخليق ٿيل سڪندر اعظم جي خوبصورت مورتي کان علاوه ٻيا ڪئي نادر مجسمه ۽ چترڪاري جا نمونا به رکيل هوندا هئا، انهن ۾ اپيليس، جو تخليق ٿيل سڪندراعظم جو سهڻو چتر به هيو. ان کان علاوه قديم نامياري مجسمه ساز پريگزيٽلس (Praxiteles) جا به ڪئي شاهڪار موجود هئا.
جيئن اڳ ئي ذڪر ڪيو اٿم ته قديم زماني کان وٺي مندر عبادت، اپاسنا کان علاوه هندو ڪلچر، فنون لطيفه (نرت ڪلا، سنگيت، ناٽڪ، چترڪاري، مورت سازي وغيره) جو بهترين عڪاس ۽ نمائندي جي حيثيت سان مڃتا ماڻيندو رهيو آهي. ٻين مذهبن ۾ اهو عنصر تمام گهٽ، يا بلڪل نظر ڪين ٿو اچي.
ابتدا ۾ انهن (مندرن) جي صرف ٻاهرين سجاوٽ تي ڌيان ڏنو ويندو هو پر سن اٺ سئو عيسوي کان پوءِ باقاعدگي سان انهن جي اندرين سونهن سينگار ۽ سجاوٽ اوليت وٺندي ڏيکارجي ٿي. انهن جي غير معمولي آرائش چترڪاري ۽ اُڪَرَ دوران ٻاهرين ڏيک ويک ۽ اندرين چٽاءُ ۾ ڀتين، ٿنڀن، ڇتين تي گلڪاري جا متناسب جهجها منظرپسي سگهجن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ديوين ديوتائن اپسرائن جا شفاف سنهن ۽ موهيندڙ وڳن يا بي لباسي جي عالم ۾ چيلهه تائين يا قد آدم مختلف نرتيه روپ (Poses in dance) يا سنجوڳ (Cohabitation) ۾ سمايل سڊول جسم پسي ايئن ڀاسيو هيم ڄڻ برهما هم تن تخليق جي عمل ۾ آد جڳاد کان رڌل آهي! پنن سان جهنجهيل گلڪاري صنف نازڪ جي سدا وهڪ ۽ زرخيزي (Fertility) جي علامت سمجهي وڃي ٿي.
انهن مندرن جي بنياد يا مهڙ جي آس پاس ۽ خود انهن تي به ديوتائن کان عطا ٿيل انساني سرگرمي يعني مها ڀارت يا رامائڻ يا پراڻن جي ڪهاڻين مان مناسب واقعا، ڌرمي رسمون وغيره چٽيل يا اڪريل هوندا آهن پر مندر جي مٿئين ڀاڳ جتي اشٽ ديوتا جي مورت اسٿاپن (Instal) ٿيل هوندي آهي، ان جي آس پاس سورڳ پوري جي ديوين ديوتائن، اپسرائن (حورن) جا پرڪشش چتر چٽيل يا اڪريل هوندا آهن. خاص طور اپسرائن جو انداز دعوتِ لذت ڏيندو نظر ايندو آهي! اهي ناچ ڪندي سنگيت جا سر آلاپيندي يا سرڳ پوري ۾ پنهنجي عاشقن جي ڪڇ ڪوسي ڪندي عجب ۾ وجهندڙ آسڻن (Postures) ذريعي عمل ڪنديون ڏيکاريون ويون آهن. مطلب ته مندر بذات خود شهواني خواهشن اڀارڻ، آسماني مخلوق (ديوين ديوتائن اپسرائن) جي وچ ۾ جنسي رس حاصل ڪرڻ جو عملي طور هڪ مڪمل نمونو ۽ علامت ڏيکاربو رهندو آيو آهي.
مندر جيڪو عام طور اشٽ ديوتا جو آسٿان ليکبو آهي، ان اندر اهي سندر سڊول من موهيندڙ اپسرائون پنهنجي ديوتا جي ڀڀڪي شان ۽ وقار کي بلند ڪندي ڏيکاربيون آهن. ڌرمي فڪر جي هڪ ڌارا موجب ”هيءُ آسماني پريون جڏهن پنهنجي محبوب ديوتا کي راضي رکنديون تڏهن ئي هو ناسونت (فاني(Mortal سنساري انسان تي مهربان ٿيندو!“
انهن اپسرائي صورتن ۽ سندن مختلف فني سرگرمين جهڙوڪ نرت، سنگيت يا جنسي ترغيبن کي صرف ڪلپنائي اپج سمجهڻ بلڪل ڪين جڳائي، ان جو درجو علامتي آهي، ڇو جو هن جڳ ۽ سنسار اندر پڻ انهن ساڳين مندرن اندر هنن جون حقيقي صورتون ديوداسين (اشٽ ديوتا تي گهور گهوران ويندڙ ڪنيزون، نرتڪيون) جي شڪل ۾ جڳن کان، ساڳيو ’ڪارج‘ يا ڪرم ڪنديون پئي آيون آهن.
هندو سماج اندر اهي ديوداسيون ساڳئي قديم پوتر ۽ سيڪولر سوچ جي غير معمولي سنگم جي اظهار جي علامت کي قائم رکنديون اچن ٿيون. هو نه صرف مندر جي ڊانس هال اندر پوڄا پاٺ دوران اشٽ ديوتا کي موهڻ لا نفيس جذبن، جنسي خواهشن کي اڀارڻ جا نرت ڪلا جي ماڌيم ذريعي اوائلي ۽ جديد نمونا پيش ڪنديون آهن، بلڪه اهڙي قسم جي گيت ۽ سنگيت وسيلي به کيس مڃائڻ جا جتن ڪنديون ڏيکاربيون رهن ٿيون ۽ ساڳيو عمل شهر يا رياست جي معززن ۽ راجائي محلاتن ۾ به ڪنديون رهن ٿيون، جيئن ته علامتي طور سندن وهانءُ اشٽ ديوتا سان ٿيل هوندو آهي ان ڪري عام شرڌالو سان به لڳ ڪندي ڪين ڪيٻائينديون هيون. بلڪه ڪجهه هنڌن تي اهو رواج اڃا تائين جاري آهي! ان سوچ پٺيان سندن اهو وشواس هو ته ايئن ڪرڻ سان هنن جي دلين ۾ به الوهي پريم جو سلو ڦٽندو! هندو ثقافتي ڌرمي سوچ جي اها هڪ پرٻل ڌارا آهي ته جنسي اڀار الوهي بيداري جو سبب بڻجي ٿو!!
هندوگرنٿن، پراچين جيون جي بي ريا ڇنڊ ڇاڻ مان چڱي پر ڄاڻ پوي ٿي ته هندوستان اندر مندر ۽ جنس جو سنٻنڌ آريائي ڪاهن ۽ سندن رچيل ڌرمي گرنٿن کان به گهڻو گهڻو آڳاٽو آهي. حقيقت ۾ ان سوچ جون پاڙون دراوڙي تهذيب يا ان کان به ڪنهن پراڻي عهد ۾ کتل آهن، جڏهن انساني دلين ۽ ذهنن اندر صرف شڪتي يا مهان ديوي کي سنسار جو واحد ڀرجهلو سمجهڻ جو عقيدو ۽ وشواس ڪارفرما هيو. ان يگ کي آخري پٿرائون عهد چئجي ته وڌاءُ ڪين ٿيندو. ان شڪتي کي نرت ڪلا جي ماهر ۽ اوائلي ڊانسر چئجي ته بيجا ڪين ٿيندو. جڏهن هستي جي مستي ۾ ايندي هئي ته پنهنجي محبوب کي زمين تي ڪيرائي سندس جسم تي بيهي ڪري اهڙي شاندار ۽ الوهي باهه جي ڄڀين جيان هيٺ مٿي وراڪا کائيندڙ وڄ جيان ڌڌڪيدار گونج پيدا ڪندڙ مترنم رقص جو مظاهرو ڪندي هئي جو پکي پسون، انسان ديوتا پنڊ پهڻ بڻجي ان جي لذت آفريني ۾ پاڻ وڃائي ڪنهن غيرفاني حقيقت جو حصو بڻجي ويندا هئا. خود سندس محبوب به ان جادوئي رقص جي غير فاني اثر هيٺ بيداري جي امر آنند سان همڪنار ٿي ساڻس يڪجا ٿي پنهنجو وجود منجهس سموئي امرتا ۽ نرواڻ حاصل ڪرڻ جو ڀاڳي بڻبو هو! اهڙي قسم جا بيشمار من موهت ڪلپنائي چتر ڪانگڙا، بوندي، گلر، منڪوٽ، جئپور، گڙهه وال، بلاس پور، شولاپور، سرچي، گولڪنڊا، اوڙيسا، پنچ، مغل، سروهي، سوملي، ميواڙ، مالوا، لکنو، جوڌپور، حيدرآباد، ڪشن ڳڙهه، پهاڙي سک اسڪول، ڪوٽاهه، نيپال، راجستاني اسڪولن جي ڇاپ سان آئل پينٽ، واٽر ڪلر جي انڊلٺي رنگن ۾ رڱيل، بي حد موهيندڙ سدا بهار شاهڪار بمبئي، دهلي، جئپور جي ڪلا شالائن (Art museum) اندر وقت بوقت چاهه ۽ چوڄ سان ڏسندو رهيو آهيان.
ان حقيقت مان پڌري پٽ ظاهر آهي ته هندو ڌرم اندر جنسياتي عمل کي صدين کان پوتر شڪتي جي نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. تخليق جي سرجڻهار طور ۽ هر انساني سطح تي لاڀلائڪ عمل جو درجو حاصل اٿس.
ان کان علاوه جاپان جي قديم مذهب شينٽو (Shinto) اندر ڪام جي ديوي امينو ازمي (Ama_no_uzme) جنهن کي اوڪامي (Okami) يا اوتفوڪو (O_Tafuko) به چوندا آهن بنيادي طور نه صرف ديوتائن ۽ عام ماڻهن مٿان ڪام ۾ ٻڏل ٻاڻن جو وسڪارو ڪندي رهي ٿي پر کيس نرت ڪلا جي ماهر به ڄاتو وڃي ٿو.
خاص طور شهواني جذبات ڀڙڪائيندڙ ناچ ۽ راس وجهڻ ۾ پنهنجو ڪو ثاني پيدا ڪين ڪري سگهي آهي. سماجي سطح تي جاپان جا هاري ناري سارين جي پوک دوران اهڙي قسم جا رقص ڪرڻ جا ڪوڏيا آهن. ان بعد موج مستي ۾ غرق ٿيڻ سندن سڀاءَ ۽ عادت جو خاص جزو ليکيو وڃي ٿو. سندن عقيدو آهي ته ايئن ڪرڻ سان زمين جي زرخيزي ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ تخليق جي سندر عمل کي هٿي ملي ٿي!
هندو ڪلچر ۾ اها به پرٻل سوچ رهي آهي ته ديوداسين آڳاٽي دور جي راڄ نرتڪين کي پس منظر جي حوالي ڪري پاڻ هنن جي جاءِ والاري هئي ۽ دراصل برهمڻ جاتي جي سهائتا سان مندر ۽ اشٽ ديوتا جي شيوا جي مقصد سان سندن طبقو وجود ۾ آيو هو پر ان حقيقت جي گهري اڀياس مان هيءَ حقيقت به ظاهر ٿئي ٿي ته اهو طبقو اصليت ۾ مغربي ايشيائي ملڪن جي قديم ديوي ماتا، انانا اشتر (Inanna Ishtar) جنهن جي مڃتا ٻن کان ٽن هزار سال ق م واري عهد ۾ چوٽ چڙهيل هئي، جي مذهبي رسمن رواجن تي عمل ڪندو پڻ ڏيکارجي ٿو. انانا اشتر جي ڪيترين ئي لڌل قديم پٿرائين يا ٺڪر جي مورتين مان هن کي نهايت دلڪش ۽ خوبصورت انداز ۾ هڪ انوکي ۽ وڏي سائيز جي يوني سان بي لباسي جي عالم ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
ان ديوي جي مندر جي خاص مهنتياڻي رواج موجب هر نئين سال جي شروع ۾ ملڪ جي موجود حاڪم سان شادي جي پوتر ٻنڌڻ هيٺ ساڻس جنسي عمل جو بي باڪ مظاهرو ڪندي هئي ڇو جو ان لنگ ۽ يوني جي ميلاپي عمل کي زرخيزي ۽ تخليق جو مقدس سنئوڻ قرار ڏنو ويندو هو! هڪ قديم سميريائي پرارٿنا موجب (جيڪا پراڻي عهدنامي اندر موجود حضرت سليمان جي عظيم گيت جي انداز ۽ اسلوب ۾ رچي وئي هئي) بي باڪي سان اظهاريو ويو هو ته ”بادشاهه سلامت جي لنگ جي لاجواب ايستادگي سان گڏ سڻي، ڪپهه ۽ جَوَ جو فصل به بي مثل پيدا ٿئي ٿو، برپٽ به گل و گلزار بڻجيو وڃي ٿو! “ اهڙي هڪ ٻئي نغمي ۾ انانا اشترديوي اڄوڪي عورت زاد تحريڪ کي به شرمائيندي کليءَ طور اظهاري ٿي ”منهنجي محبوب مون سان ميلاپ ڪيو، منهنجي وجود اندر سواد ماڻيائين ۽ آخر ۾ اسان ٻنهي ڄڻن گڏجي آنند جي انتها ماڻي هئي! “ ساڳيءَ طور انهن قديم مندرن جي هر نئين ايندڙ پوڄارڻ انانا اشتر ديوي جي اهڙي رسم کي زنده ۽ جاري رکندي رڄ شرڌالن سان کليو سنگم ڪنديون رهيون هيون، جنهن کي اسين عام اصطلاح ۾ وئشا پڻو (Prostitution) سڏيون ٿا. اهڙي قسم جي پوتر لڳ جا مغربي ايشيائي ملڪن مان هٿ آيل ڪئي قديم پٿر ۽ ٺڪر جا مجسمه مختلف عجائب گهرن ۾ موجود آهن. ان سلسلي ۾ اڳتي وڌائيندي پراچين يگ جي مشهور تواريخ نويسن هيرو ڊوٽس (پنجين صدي ق. م) پنهنجي ياداشتن ۾ ڄاڻايو هو ته ”ان دور ۾ يوناني عورتن لاءِ لازم هو ته پنهنجي جيون ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو مندر جو درشن ڪري رسمي طور مندر جي خاص مهنت يا ڪنهن اجنبي شرڌالو سان سنگم ضرور ڪيو وڃي!“ اها رسم هندستان اندر پڻ وچولي دور جي آخري حصي ۾ رائج هوندي هئي!
پراچين هندوستان ۽ قديم مغربي ۽ وچ مشرقي ملڪن جهڙوڪ شام، فلسطين، ميسوپوٽيميا (عراق) وغيره اندر مٿي ڄاڻايل رسمن ۾ موجود واسطيداري اتان جي پراڻن آثارن جي کوٽائي مان به ملي آهي، جتان پٿر جا ٺهيل انيڪ لنگ دستياب ٿيا هئا، جيڪي هندستاني شِوَ لنگ سان ويجهي مشابهت رکن ٿا.
مطلب ته دنيا جي وڏن مذهبن (اسلام کانسواءِ) جهڙوڪ يهوديت، هندو مت، ٻڌ ۽ جين ڌرم، عيسائيت زردشتي متو يا قديم رومي يوناني آفريڪي Pagan سلسلن وغيره اندر ڏند ڪٿائي صورت يا تاريخي شڪل ۾ جنسيات (Sex) ۽ ڌرم جو اٽوٽ ازلي ءٌ۽ ابدي ناتو رهيو آهي، جنهن کي شرڌا، ڀڳتي ڀاءَ ۽ اٽل وشواس طور ڏٺو وڃي ٿو. ۽ ان سيڪولر سوچ ۽ عمل جي ڪک مان دنيا جي فنون لطيفه: نرت ڪلا، گيت سنگيت (ساز ۽ آواز) مصوري، سنگتراشي، تعميراتي فن جنم ورتو هو جيڪو وقت جون بي ڪنار ارتقائي منزلون طئه ڪندو موجوده من موهن صورت ۾ اسان آڏو ساکيات جاندار جيان بلڪه امر مخلوق (ديوتائون) وانگر جرڪندو مهڪندو روح پرور روشني بخشيندو ڏيکارجندو رهي ٿو. قديم عهدنامي ۾ سلومي، راڻي شيبا جا ساز ۽ آواز جي تال تي جسم ۽ جان اندر مٺڙيون ڪتڪتايون پيدا ڪندڙ بيلي رقص جنهن ۾ سندن سون ورني بدن جو هر حصو مڌڀرئي آواز ۾ ڳالهائيندو، سمنڊ جي لهرن جيان ٿرڪندو، آڪاش منڊل تي هرڻي جي چال هلندڙ بار آور بادلن جيان مخفي الوهي اشارا ڪندو ۽ ڄڻ ڪامڻي جي اکين مان نڪرندڙ پريم ڀريل ٻاڻن جو وسڪارو ڪندو ڏيکاربو هو. ان کان علاوه حضرت سليمان جي خمار لذت سواد ۽ رس ڀري امر تخليق غزل الغزلات (Song of songs) بقول ايريل ۽ چنا بلوخ ”جنسياتي ادب جو لاجواب شاهڪار آهي“.
ان کان علاوه هندو ديو مالائي ادب ۽ ڌرمي تاريخ اندر اروشي، مينڪا، اندراني، شڪنتلا، راڌاڪرشن، گوپين، ڪالي، پاروتي، اها بلڪ سندس مها ٻلي پتي شِوَ شنڪر جا ڪلاسيڪي رقص جن موجودهه هندوستاني ڪلاسيڪي نرت ڪلا يا راس ليلا (Whirling Dance) کي جلا ۽ اتمتا بخشي لاجواب ابديت ماڻائي آهي. ان کان سواءِ ميرا جا مڌ ڀريل الوهي ڀڄن جن ۾ سجوڳ لاءِ تڙڦ پهڻن کي پاڻي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ان جي مڌر واڻي تي ڀارت جي مختلف مندرن ۾ سندس سدا بهار ڀڄنن جي لئه تي من ۾ ساگر جهڙو ولوڙ پيدا ڪندڙ نرت (Dance) جا تپرس ۾ وجهندڙ منظر هندو ڌرم کي جاوداني حيثيت بخشڻ لاءِ آب حيات جي حيثيت رکن ٿا. هندو ڌرم کي سندس فڪر ۽ فلسفي کان وڌيڪ ان اندر موجود ڪلا (Art) جي سدا جاري وهڪ جي مختلف روپن، ڀاونائن ۽ رخن جاوداني عطا ڪئي آهي.
ان کان علاوه اگر بي ريائي سان ان سموري مانڊاڻ جو جائزو ورتو وڃي ته پتانجلي (Patanjli) جي جهوني يوگا آسڻن جي فلسفياڻا اسڪول مطابق يوگا جي گهڻو ڪري سڀني آسڻن يا رشي وتسيانا جي ڪام شاستر يا پنڊت ڪوڪا (Kokkoka) جي رتي امسيه ڪوڪه شاستر (12 صدي عيسوي) يا ڪلياڻ مالا جي آننگا رنگا (سورهين صدي عيسوي)اندر ڏسيل مڙيني جنسياتي آسڻن (Sexual Prostitutions) کي به تاريخي دور اندر نرت ڪلا جي مختلف ڪلاسيڪي يا نيم ڪلاسيڪي صورتن، نمونن ۽ طريقن منجهان ئي اتساهه ملندو رهيو هو. ان کانسواءِ چترڪاري يا مجسمه سازي جي اصولن کي سمجهڻ به محال آهي! ان حقيقت مان پڌري پٽ ظاهر آهي ته اهو فن فنون لطيفه جي ٻين صورتن کان وڌيڪ مٿڀرو ۽ تن من ۾ پيهي ويندڙ آهي، ڇو جو ان جي ذريعي انساني سڀاءَ جي مختلف رنگن ۽ ڀاونائن کي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو.
وچولي عهد (ٻارهين صدي عيسوي) جي هڪ مشهور هندوستاني گرنٿ رتي رهسيه مطابق چتريني (Dancing Girl) جي فن بدن سونهن ۽ سوڀيا جي واکاڻ ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته: ”هن جا واسينگ جهڙا ڪارا وار لٽن جي صورت اختيار ڪري سندس چندر مکي چهري تي، ناچ دوران، لهرائيندا مستي ڪندا رهن ٿا. سندس موهيندڙ چهري تي ٻن مستي ڀريل نيڻن جي اشانت ۽ تکي نهار ۽ انهن هيٺان گلاب پنکڙين جهڙا نازڪ نفيس ۽ معطر لال لب جيڪي ول تي لٽڪيل رس ڀري جيان ڳردار ۽ پرڪشش ڀاسن ٿا، ان کان سواءِ سندس صراحي نما گردن پوتر سنک جيان ٽن ڇلي نما سحر طاري ڪندڙ گولاين ۾ ورهايل آهي، سندس سڊول رس دار اُرهن جو سنهيءَ چيلهه مٿان جهڪاءَ جو دلڪش منظر ۽ انهن جو سنگم سندس نازڪ بدن کي ڪمان جيان موڙي من ۾ ڪتڪتائي ۽ ولوڙ پيدا ڪندو رهي ٿو!
جڏهن هوءَ تراشيده ڳردار ٿل ٿل ڪندڙ ٻنڊڙن جي زيرو بم سان رقص دوران ڊيل جيان ٽلي ٿي ته مستي ۾ آيل هاٿي وانگر لست جي صورت ۽ مورت بڻجيو وڃي ٿي. هن جا سنگمرمر جهڙا متناسب چتڙَ سندس خوبصورت، رسدار رانن ۽ سڊول ٽنگن تي عجب نزاڪت سان ڦرڻي جيان ايئن ڦرندا رهن ٿا، جيئن ڄڻ بلبل ڦيريون پائيندي هجي!
سندس يوني نازڪ اُڀي ٽڪريِ جيان آهي، جنهن جي گرد مخملين وارن جو ڇپرو موجود رهي ٿو، ان اندر هلڪي ڇهاءَ سان پريم امرت، پيدا ٿيندو رهي ٿو، جنهن جي سڳنڌ جهنگ جي اڻ ڇهيل ماکيءَ جهڙي پوتر ۽ شيرين ٿئي ٿي! “
پراچين يگ ۽ موجوده عهد ۾ نرتڪي کي اڪثر ڪري جنسياتي ڪشش ۽ صنف نازڪ جي مستي ۾ آڻيندڙ ڪشش سان تعبير ڪيو ويندو رهيو آهي. تانترڪ فلسفياڻي سوچ مطابق هڪ رمز ڀرئي گيت ۾ نرتڪي جي واکاڻ ڪندي اظهاريو ويو آهي ته، ”نرتڪي اندر اها عجب شڪتي آهي، جنهن ذريعي جنسي جذبي ۽ سگهه ۾ جولان پيدا ڪري سگهجي ٿو! “.
دنيا جي پراچين مندرن ۾ نرتڪين جو اڻ اظهاريل راڄ هوندو هو ۽ سندن فن جو سَتُ جنسي اُڀار جي اونهاين اندر لاوا جيان لڪل هوندو هو.
هندوستان جي مندرن ۾ موجود ديوداسين (مندرن سان منسوب نرتڪين) کي انيڪ قسمن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. سڀ کان اتم نرتڪيون يوگا فلسفي ۽ عجب آسڻن جي ادائگي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هونديون هيون ۽ ورهين جي سکيا کين پنهنجي جسم جي هر عضوي ۽ مشڪ تي مڪمل ضابطو ۽ مهارت عطا ڪئي هئي ۽ تانترڪ يوگا جي عملي اظهار ۾ سندن اهم ڪردار ليکيو ويندو هو. هنن کي مندرن ۾ اسٿاپن ديوتائن جون داسيون، سائڻيون، گوپين جو روپ ۽ لڪشمي سمان ليکبو هو! بلڪه ملڪ جي آسودگي کي به هنن ديوداسين جي نرتيه سرگرمين ۽ ڌرمي ڪارجن جي خوش اسلوبي سان بجاوري آڻڻ سان ڳنڍيو ويندو هو. ان دور ۾ راجائن ۽ مهاراجائن جون شاهي درٻارون نرتڪين سان ٽمٽار هونديون هيون، جن جو اتم ڪرم جنسي جذبن ۾ اڀار آڻڻ ۽ آتمڪ ڀاءُ ۽ پريم جي وهڪ کي جاري رکڻ هوندو هو. پراچين گرنٿن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته قديم مصر اندر نرتڪين کي زندگي ۽ موت مٿان به غلبو حاصل هوندو هو! هنن مان ڪيتريون مندرن جون مها پوڄارڻيون بڻيون. ان دور جو عام رايو هوندو هو ته نرت ڪلا (رقص) روحاني راز ۽ ڳجهه جي اظهار جو واحد ذريعو هو ۽ اهڙي ادائگي لفظن يا چترن ذريعي ناممڪن سمجهي ويندي هئي! تانترڪ فڪر موجب ناچ وسيلي هر جذبي جو اظهار ممڪن آهي ۽ خاص طور ان فلسفي جي سوکيم خيالات کي صرف جي ماڌيم ذريعي ئي اظهاري سگهجي ٿو! ان فڪر مطابق ڀَڙُ نرتڪي پاڻمرادي عمل جهڙوڪ ساهه کڻڻ، جسماني توازن ۽ جذبن جي اجهل وهڪ تي مڪمل اختيار رکي سگهي ٿي! ان فن اندر جذبي کي مرڪزي حيثيت ۽ مقام عطا ڪيو ويو آهي ۽ شعوري طور ان (جذبي) کي بيدار ڪري سنوت ۾ آڻي، جسماني ۽ روحاني طلاطم سان همڪنار ڪري سُرت جي اعليٰ مقام تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، بلڪه ٻين کي به ان جو مزو چکائي سگهجي ٿو. رقص ذريعي جنسي جذبي ۾ اٿل بيدار ڪرڻ سڀ کان سولو عمل تصور ڪيو وڃي ٿو. جڏهن جسم توانو ۽ متوازن هوندو آهي ته ان ڪلا جي پرن تي اڏام ڀري آنند کي پرم آنند ۾ بدلڻ سولو بڻجيو وڃي ٿو.
نرت جا انيڪ ڏِکَ نمونا ۽ انداز پنهنجي اندر ۽ ٻاهر انيڪ معنائون به رکندڙ آهن. گهڻو ڪري اهي سماجي يا ڌرمي روپن ۾ جنسي عمل جو اظهار درياهه جهڙي رواني جيان، بي باڪي سان ڪندا رهن ٿا. نرت اندر ڇولين جيان ڇلڪندڙ بيشمار سوکيم (Duplicate Subtle spiritualistic) ۽ بدني (Physical) جذبن جي اظهار جي تڙڦ جا عنصر موجود هوندا آهن، جن جي هڪٻئي سان سنگم جي آرزو، سماجي لاڳاپن جو فنائتو ڏِکُ، بدني ۽ ذهني صحت برقرار رکڻ جا آسڻ يا پريم ڌارائون وهائڻ جي آنند دائڪ اُپاون جو ورنن پڻ موجود هوندو آهي. قديم گرنٿن جهڙوڪ نٽ شاستر، ڪام شاستر، رتي رهسيه، آننگا رنگا وغيره مطابق فن جي چوهٺ قسمن (فن جي انهن سڀني صورتن کي تخليق جي راهن سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. انهن جو منڍُ ۽ ابتدا سرسوتي ديوي جي وجود سان سلهاڙيل آهي، جيڪا ڪائنات جي خالق برهما جي ارڌانگي آهي.) مان نرت ڪلا پريم جي فنائتي طريقي سان اظهار جي سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ اتم ۽ ويجهي ليکي وڃي ٿي. خاص طور صنفِ نازڪ جو ناچ مرد جي سگهه ۽ وڃايل شڪتي کي جيئاري سگهڻ جي جهجهي اهليت رکي ٿو، سنگيت جي سرن، تال جي ميلاپ سان هيجاني رقص (Ecstatic Dance) پريم جي لئه کي ڊگهو ڪري وڌائڻ جو بهترين وسيلو ليکيو ويو آهي! محبت جي مهراڻ ۾ ولين جيان هڪٻئي سان جڪڙيل سونهن ڀريا بدن هوا کان به هلڪا ٿي گاهه جي پتن وانگر لهرائيندا محسوس ڪري سگهبا آهن!
’اومَ ڀُور ڀَوَ سئو‘ جي مفهوم موجب سنسار جا ٽي ڏِکَ (Aspects) آهن: موجوده دنيا، مستقبل ۾ ايندڙ سنسار ۽ ان بعد عدم (Void) جو امر سنسار!
ڪينا اپنيشد مطابق، ”پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ وسيلي اسين شڪتي حاصل ڪرڻ جي قابل بڻجون ٿا ۽ باطني سرت وسيلي اسين امرتا ماڻڻ جي لائق به بڻجون ٿا. “
تانترڪ فڪر موجب اندرين سرت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه اصول ڄاڻايا ويا آهن، پهريون ڦهلاءُ ۽ سسڻ جو سڌانت (Principle) جيڪو فطري منظر نامي تارن، گرهن ۽ زندگي جي مختلف نظارن خاص طور مرد ۽ عورت جي جنسي لاڳاپن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ٻيو اصول اهو آهي ته سمورو جنسار خالي ۽ اڻ کٽ عدم آهي. اسين صرف ظاهري حقيقت کي ڏسندا رهون ٿا. پر عدم هڪ لاڳيتي کوج آهي. ليڪن ان منفي ڏِکَ جي باوجود هاڪاري سرت ۽ آنند به آد جڳاد کان ان سان جڙيل آهي. مٿي ڄاڻايل ٻن ۾ پهريون وڌيڪ وسيع ۽ اهم آهي.
ڇند وگيا اپنيشد موجب سوال ۽ جواب ڏيندي اظهاريو ويو آهي ته: ”هيءُ سمورا يُگَ ۽ دنيائون ڪٿان وجود ۾ آيون؟ اهي خلا يا عدم جي ڪک مان اتپن ٿيون هيون، سمورو مانڊاڻ، وستو ۽ جيوَ عدم يا خلا مان اپجيا ۽ سندن آخري موٽ به اوڏانهن ئي ٿيندي! خلا ئي سندن شروعات هئي ۽ خلا ئي سندن خاتمي جو آسٿان هوندو. “ جڏهن اسين پنهنجي باطن جي بي حد خلا بابت ويچاريون ٿا ته سرت جي اڀار لاءِ زمين هموار بڻجيو وڃي ٿي. پنهنجي اندر جي پولار کي جڏهن تخليق جي سرت سان پر ڪرڻ جو جتن ڪريون ٿا ته پوءِ اسين پنهنجي لاءِ پراثر حقيقت جوڙي سرجي (To create) سگهڻ لائق بڻجون ٿا ۽ ان جي اندران ديوتائن ۽ دئيتن جي سمنڊ ولوڙ واري عمل جيان سرت ۽ آنند جا چشما ڦٽندا پرجهي سگهجن ٿا. وتسو ترا اپنيشد موجب، ”زندگي جي ندي هر وقت بيتابي سان وهڪ جاري رکيو اچي ٿي. ان اندر حواسن جا پنج جهرڻا سدا کان جاري آهن، جيڪي پنجن مهان عنصرن جي گرڀ مان اپجيا هئا. انهن جون لهرون پنجن قسمن جي هوائن ذريعي حرڪت ڪنديون رهن ٿيون جن جي ابتدا ’سرت‘ جي پنجن قسمن جي چشمن مان ٿيندي رهي هئي. جيون جي ان ندي اندر انيڪ ڪُنُ ۽ طوفان پڻ اٿندا، اڀرندا رهن ٿا. “
پراچين ڪال ۾ نرت ڪلا کي سائنس، فن، زندگي گذارڻ جي طريقي ۽ فڪري ڌارا سان به تعبير ڪيو ويندو هو ۽ ان جي ذريعي جنسي اڀار پيدا ڪري ان کان اتساهت ٿيندي هر قسم جي تخليقي عمل کي سولو بڻائبو هو، بلڪه روحاني بلندي ۽ معراج حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي هڪ سهڻو سيبتو ۽ فنائتو وسيلو به سمجهبو هو!
قديم دور کان آواز ۽ آڪار (Sound of form) جي اٽوٽ سنٻنڌ ۾ ڏاهن فنڪارن ۽ سائنسدانن جو چاهه چڙهندڙ وير وانگر وڌندو رهيو آهي. اوڀر جي رشين منين ان سنٻنڌ کي الوهيت (Divinity) سان پئي جوڙيو آهي، جيئن ويدانتڪ فڪر موجب اوم شبد ۽ اوتار جي وچ ۾ اڻ ٽٽ ناتو پرم آتما ڏانهن اشارو ڪندو ڏيکارجي ٿو. مشرقي سوچ موجب سموري سرشٽي جو جنم ۽ ڦهلاءُ شبد (Word) جي شڪتي ۽ ان جي لاهه چاڙهه سبب جو نتيجو ليکيو وڃي ٿو. نارد پراڻ موجب ”حواس ذريعي ٻڌجندڙ آواز موج مستي جو ڪارڻ بڻجي ٿو ۽ اڻ ٻڌجندڙ آواز جنهن جو پڙاڏو سرت ۾ پيهجندو محسوس ڪبو آهي، سو ڇوٽڪاري جو ذريعو بڻجندو آهي! “
پر هتي نرت يا رقص جو سنٻنڌ به آواز ۽ آڪار سان اڻ ڪٿي تاريخي دور کان هميشگي جي حيثيت ۾ رهندو پئي آيو آهي. ان تعلق يا ناتي جو اثر ذهن ۽ جسم تي نه صرف عمر ڀر لاءِ آنند دائڪ نقش جيان چٽيل رهيو آهي بلڪه تخليقي عمل ۾ به اثر انگيز رهندو پئي آيو آهي. ان سلسلي ۾ قديم مقدس گرنٿ برهدر نياڪا اپنيشد، جو هيٺيون مقولو ڪيڏو نه سهڻو ۽ ڏاهپ ڀريو آهي، ”سڀني نانوَن جو بڻياد شبد آهي ۽ شبد ذريعي ئي سڀ نالا پڪاريا وڃن ٿا. سڀني آڪارن جو بڻياد اک آهي ۽ اک ذريعي ئي سڀ آڪار پسي سگهجن ٿا. سڀني ڪرمن جو ذريعو بدن آهي ۽ بدن ذريعي ئي سڀ ڪم سرانجام ڏئي سگهجن ٿا. “
مندوڪا اپنيشد جو هيءُ ڪول ڪيڏو نه پر معنيٰ ۽ موهيندڙ آهي، ”اوم (شبد) ڪمان آهي، فرد تير آهي ۽ برهما (خالق) نشانو! شانتي سان نشاني تي تير چٽيو ۽ پاڻ کي برهما جي وجود سان يڪوجود بڻايو ۽ اگر تير نشاني کان گسي به وڃي ته ڪو الڪو نه ڪريو، اوم جي ٻيڙي وسيلي ڀوَ جو درياهه اڪري سگهجي ٿو. ڇو جو اوم ارتقائي منزل تي تخليقي قوت آهي ۽ اوم کي سچي پريم جو سڏ ۽ پڙاڏو آهي. ٻيا سڀ منتر ينتر اوم مان ئي ڦٽي نڪرن ٿا ۽ ان مهان منتر اندر ئي الوپ ٿيو وڃن ٿا! ان جو آڪار ۽ شڪتي گيان جوڳا ۽ تڪميل ڪرڻ لائق آهن. “
ميتري اپنيشد موجب، ”تخليق جي اصل شڪتي يا ذريعي يعني برهما تي ڌيان ڌرڻ جا ٻه طريقا آهن: اهي آواز ۽ ايڪانت ۾ پوشيده رهن ٿا. آواز جي ذريعي ايڪانت تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. برهما جو آواز شبد اوم آهي ۽ اوم جي پڇاڙي تي ايڪانت جو واسو ٿئي ٿو. “ نرت به آواز، آڪار ۽ آخر ۾ ايڪانت جي تجسيم يا روپ جو من ۽ سرت موهيندڙ ڏِکُ آهي.
نرت دوران جيڪي شڪتيون جسم کي سالم ۽ توانو رکڻ ۽ زندگي ۾ سهايڪ ٿين ٿيون اهي دراصل پنجن تتوَن يا عناصر تي ٻڌل ٿين ٿيون، جيڪي هوا، باهه، پاڻي، ڌرتي ۽ پولار جي نالن سان سڃاتيون وڃن ٿيون.
مدن مست ۽ رتي جهڙي ڀرمائيندڙ ۽ مدهوشي ۽ مستي آڻيندڙ مهان نرتڪي (ڪالي) جنهن پنهنجي الوهي محبوب شِوَ جي سيني تي بيهي ڪري ترلوڪي جا ناچ ۽ ليلا رچائي ڏيکاري هئي، ڪالي پراڻ ۾ هن جي مهما هن ريت واکاڻيل آهي: ”ڪالي ڇوٽڪاري جو اتم ذريعو آهي، جيڪي پراڻي هن جو شرڌا سان پوجن ڪرين ٿا انهن کي هوءَ هر آپدا کان بچائي ٿي. ڪالي پنهنجي آڪار ۾ خوفناڪ آهي ۽ سمئه (وقت) تي صرف کيس ئي وجئه حاصل آهي! جيئن ته کيس شِوَ جي اونڌاهي شڪتي جي علامت طور ليکيو وڃي ٿو ان سبب هوءَ پنهنجي وجود ۾ پنجن تتوَن يا عنصرن جهڙوڪ هوا، پاڻي، باهه، ڌرتي ۽ پولار طور مڃتا ماڻي ٿي. ڪالي شِوَ جي سمورين جسماني، ضرورتن جي پورائو ڪندڙ آهي ۽ سڀني چوهٺ علمن يا فني صورتن (Arts) تي مڪمل اختيار اٿس ۽ ان کان سواءِ سموري تخليق جي داتا (شِوَ) جي آنند ۾ هر دم واڌاري جو سَتُ (Essence) به کيس ئي ڄاتو وڃي ٿو. ڪالي کي پوتر پرم شڪتي طور به مڃتا مليل آهي ۽ هوءَ پنهنجي وجود ۾ ڪاري ٻاٽ رات طور به سڃاتي وڃي ٿي. “
ان کانسواءِ ڪالي ديوي ماتا پنهنجي سڊول، ڪمان جهڙي لچڪيدار جسم ۽ وڄ جهڙا وراڪا کائيندڙ آتما ذريعي جنسي جنون ۾ ٻڏل رقص روح ۾ ڇوليون پيدا ڪندڙ سنگيت ۽ مهراڻي مستي آڻيندڙ شراب ۽ گلاب جي ڳاڙهن گلن ۾ سمايل سرور بخشيندڙ سڳنڌ جي به بي حد شوقين آهي!
رشين مٺين چواڻي ان موجب مستي واري طريقي سان روحاني تڙڦ جنم وٺي ٿي جيڪا تسلسل اختيار ڪري جيون کي هڪ ابدي ۽ ازلي مفهوم بخشڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي ۽ جنسي چاهت جي ڪلپنا ۽ حقيقت جي ميلاپ جي پرڙن تي اُڏامي انسان ڇوٽڪارو (Nirvana, Liberation) حاصل ڪري سگهي ٿو! ان عمل مان پيدا ٿيندڙ جذبن جي ولوڙ کين ۽ وجود کي دنيوي سطح تان مٿي پهچائي اڻ ڏٺل اڻ محسوس ٿيل اسرارن سان روشناس ڪرائي انهن جي آنند ۾ لين (مگن) ڪريو ڇڏي ٿي ۽ سرت پڻ ڦهلجي اڻ ميون حدون ڇهندي محسوس ڪري سگهي ٿي. اها ئي ته سچي پچي نجات (Liberation) آهي. گوتم، عيسيٰ ۽ ٻين ڏاهن انهيءَ آنند ۽ نرواڻ کي ئي ته پراپت ڪيو هو! ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ پولار شو ۽ پاروتي جي امر ميلاپ جيان هڪ هستي (Organ) جيان ڀاسندا آهن: ٽيئي ڦهليل زمان، ماضي حال، مستقبل ان هستي اندر کير کنڊ جيان تحليل ٿيل، ڪتاب جي لفظن جيان غير متحرڪ لڳندا آهن!
ويشنو پراڻ اندر ويشنو جي ذات جي هڪ ڀَڙ، موهيندڙ نرت جا انيڪ غير فاني ڏِکَ پيش ڪندڙ نرتڪيءَ سان ڀيٽ ڪندي سندس واکاڻ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته، ”ويشنو جيڪو سموري سنسار جو ڀرجهلو پالڻهار آهي، اهو پراڻين کي پنهنجي انيڪ روپن پسائڻ ۾ مڪمل طور بااختيار آهي! ڪائنات جي اجهاڳ ۽ بي انت ساگر مٿان امرتا ماڻيندڙ شيش ناگ تي پنهنجي سندر ۽ گڻوان استري لڪشمي جي سنگ موج مستي ۾ آهليو پيو نظر ايندو رهي ٿو ۽ ڏسندڙن جون دليون گرمائيندو ۽ ڀرمائيندو ڏيکارجي ٿو! هو ڪائنات سميت هر وجود جي بنيادي آتما ۽ ان جو جنم داتا ۽ پالڻهار آهي. “
گهرائپ سان ڏسبو ته نرت، تصوف ۽ اسرار اندر عشقيه جذبو اوليت ماڻيندو ڏيکاربو، اهو پريم جي مستي جو نج جذبو آهي، جنهن ذريعي نفيس شهواني حس بيدار ٿي سڀني حواسن ۽ ان سان سلهاڙيل شڪتين کي جاڳائي انهن اندر مانڌاڻ وجهڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ان جذبي جي بيداري حواسن جي خارجي دنيا ۽ باطن ۾ موجود ڪائنات جي متوازن سنگم ذريعي جنم وٺي ٿي. ايپيڪيورين، رجنيشي ۽ تانترڪ فڪر موجب ان اندر موجود لحظي به لحظي ارتقائي شڪل اختيار ڪندڙ نفاست، انت ۾ نهايت بلند ۽ ارفع روحانيت ۽ وجدان سان همڪنار ڪريو ڇڏي ٿي. ان کي ئي ته نرواڻي ڪيفيت، ڇوٽڪارو چئجي ٿو. ان سلسلي ۾ قديم هندو شاسترن موجب ويشنو جي اوتار ڪرشن مهراج جي ڦوهه جواني جي محبتي مهراڻ جا بيشمار رنگين داستان حضرت دائود، حضرت سليمان، ڪئسونووا، فرئنڪ هيرس، پيٽرو اريٽينو، ڊوما، موپسان، هارون رشيد، ڀوپيندر سنگهه، نواب واجد علي شاهه وغيره جي روماني ايڊونچرن کي شرمائيندا ۽ مٿانئن ڌنڌ جي چادر پکيڙيندا نظراچن ٿا. ڪرشن نه صرف ازلي (Eternal) پلي بواءِ هو بلڪه بهترين رقاص ۽ سنگيت ڪار به هو! ۽ بقول ڪاليداس ۽ ويشنو ۽ برهم وئورت پراڻن جي هن جي مرلي جي ڌن ۽ راس ليلا (Group Dance) گوڪل، بند رابن ۽ مٿرا جي بيشمار گوپين کي جيون ڀر پنهنجي لافاني سحر ۽ موهه ۾ جڪڙي رکيو. ڀڳتي تحريڪ سان سلهاڙيل ڀڳتن جهڙوڪ ميرا، چنڊي داس، وديا پتي، جئه ديو جي غير فاني شاعري انهن عڪسي رومانن سان ٽمٽار نظر اچي ٿي. ڪام شاستر ۽ اننگا رنگا اندر ڄاڻايل پريم جا چارئي روپ: عادت سان سلهاڙيل محبت، تخيل سان واسطو رکندڙ پريم، فطري محبت ۽ شهواني پريم ڪرشن جي ذات اندر هيرن جواهرن يا آڪاش منڊل تي ڇٽيل تارن جيان جڙيل هئا! خاص طور شهواني محبت جو تعلق اگن جي عنصر ۽ ديد جي حواس سان جڙيل ٿئي ٿو ۽ مها يوگي ٽمورتي جي هيرو شِوَ شنڪر جيان ڪرشن جي ذات ۾ به اهي عنصر اتمتا سان موجود هئا.
هندو فڪر موجب ”هونءَ به ’ڪائناتي جذبي‘ شهواني خواهش جي ڪک مان جنم ورتو آهي ۽ اهو ان جو هم سر پڻ آهي. سڪند پراڻ مطابق هر شئي جاندار يا بي جان جنسي ميلاپ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. ’نرت ڪلا ۽ سنگيت ان عمل جي هر پل ۽ فنائتي بجاوري لائق نفاست سان پاڻ ڏانهن چقمق جيان ڇڪيندا رهن ٿا (شيام ڪمار). ‘
ان عمل جي غير موجودگي ۾ هر وستو بي جان بڻجي عدم جو شڪار ٿي ويندو! “
رگ ويد ۾ ان نفيس ۽ نرتيه عمل بابت ڪيڏو ته سهڻو ورنن ڪيل آهي: ”پتني پنهنجي پتي کي (يا محبوبه پنهنجي محبوب کي) ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي پرم آنند جو رس وٺندي محسوس ڪندي آهي. ٻنهي جي سنگم ذريعي سگهارو سَتُ چئني ڏسائن ۾ پکڙجي ٿو ۽ پنهنجي آتم سمر پڻ واري حالت ۾ هوءَ پنهنجي لاءِ پريم امرت ڪٺو ڪندي رهي ٿي، رتي سر گرنٿ ۾ اهڙي عمل کي ٻئي انداز واري نازڪ خيالي سان بيان ڪيو ويو آهي: ”عام طور خوراڪ کي علامتي طور سوم (Soma) چئبو آهي. “
پنجن تتوَن مان پاڻي مورت جو نمائندو تتوَ (Element) آهي ۽ ان ڪري ان کي ماتا جي عنصر سان مشابهت ڏبي آهي پر ٻئي طرف اگن يا باهه جو عنصر مرد جي نمائندگي ڪندو آهي ۽ ان سبب ان کي پتا جو تتو سڏجي ٿو! جڏهن انهن ٻنهي عنصرن جي هڪ ٻئي سان سنگم ذريعي ترپتي (Satisfaction) ٿئي ٿي ته ان حالت کي آتمڪ پوڄا جهڙي پوتر نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن وسيع نظري سان تخليق ۽ ارتقا جي عمل تي نگاهه ڊوڙائبي ته اهو ڪائناتي عمل به نرت، سنگيت ۽ شبد جي ڪک منجهان رچيل ڏيکاربو. هندو عقيدي موجب دنيا اندر بدي جو ڌنڌ دور ڪرڻ لاءِ موڪليل نوَ اوتار ويشنو جا الڳ الڳ وجود هئا، جهڙوڪ مڇي، ڪمي، سوئر، شينهن نما انسان، ڄامڙو، جوڌو (دئيتن جو ناس ڪندڙ)، عشق ۾ ٻڏل امر ڳڀرو جوان (ڪرشن)، مريادا پتي جنگجو (رام) امر دانشور (مهاتما ٻڌ) ۽ اڻ ڪٿئي مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ (ڪالڪي) جنهن کي ڪائناتي گهوڙو جي علامت ڄاتو وڃي ٿو ۽ انتريامي جو آخري ڏِکُ!
اهي سڀئي ڏند ڪٿائي ڏيکاوَ انساني تخليق ۽ ارتقائي نظرئي جي ڪيڏو ته ويجهو ۽ ساڀيادائڪ لڳن ٿا.
هندو ديو مالا ۾ ڪام ديوتا، ديوتائن جي ازلي ۽ ابدي عاشق جوڙي لڪشمي ۽ ويشنو جي امر پريم جي نتيجي ۾ جنميو هئو! هيءُ خوبصورت ديوتا محبت جي يوناني ديوتا ڪيوپد (Cupid) جو ڄڻڪ جاڙو ڀاءُ آهي. هن جو قلابازين (Acrobatic) وارو انداز شِوَ جي امر رقص ٽانڊوَ جي ياد اڀاريندو رهي ٿو. هن جي هٿن ۾ هر دم هٻڪاريل گلن ۽ ماکي جي مکين مان جوڙيل ڪمان هوندي آهي، جنهن منجهان پريمي دلين تي پريم جي مڌ ۾ ٻڏل ۽ ان جي پڪي رنگ ۾ رڱيل گلن جهڙن نازڪ ۽ نفيس تيرن جو وسڪارو ڪندو رهي ٿو. عام طور کيس يوناني باخوس جيان حواسن ۽ شهواني جذبن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪندڙ ديوتا ڄاتو ويندو آهي، جنهن جي سواري بدڪ ۽ ساٿين ۾ مڌو مکي ۽ ڪوئل هوندي آهي. جيڪي مٺاس سنگيت ۽ نرت (ناچ) جي علامت آهن.
ساڳيءَ ريت ڪام جي صدا امر ڪرڻن ۾ لپٽيل ويشنو جو اٺون اوتار، سدا بهار ڪرشن هندو ڪلچر ۾ نفساني جذبن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪندڙ ديوتا بلڪه ڀڳوان جو روپ ليکيو وڃي ٿو ۽ مٿرا، گوڪل، بند رابن جي گوپين سان پنهنجي الوهي مرلي جي تان تي راس (ناچ) رچائيندو ۽ هر وقت سندن ڌيان جو مرڪز رهي ٿو. اهي سندر گوپيون انساني جيون ۾ ڪامي واسنائن، جي علامت ليکيون وڃن ٿيون ۽ آتمڪ انتي لاءِ اندر ۾ متل مانڌاڻ راس ليلا (رقص) باطن ۾ موجود ڪامي واسنا سان گڏوگڏ ڪائناتي سطح تي گرهن تارن ۽ انهن جي اڻ کٽ ميڙاڪن (Galaxies) جي هر وقت نرت جي صورت جي علامت به ليکي وڃي ٿي. اها راس ليلا عورت جي فطرت جي سدا تبديل ٿيندڙ انيڪ روپن کي پسائيندي کيس اتم آنند جي ڳولا ۾ ديوتا روپي محبوب ڪرشن سان جوڙڻ جي جتن جو ڪيڏو ته تخليقي من موهيندڙ ۽ امر منظر آهي، جنهن جي ڇاپ جڳن کان هندوستاني ذهنن تي هميشگي اختيار ڪري چڪي آهي.
هندوستاني تاريخ ۾ پنهنجن ۽ پراون (عيسائيت، اسلام) پاران زبردستي لاڳو ڪيل دقيانوسي بندشن جي باوجود هن خطي جي عورت اڄ تائين پاڻ کي گوپي سمجهندي رهي ٿي ۽ ڪرشن ڀڳتي جي اثر هيٺ ڀڳتي ڀاءُ جي خوبصورت ادب جي تخليق ۾ ڪڏهن گهٽتائي يا لاهه ڪين آيو آهي، ميرا، جئه ديو، چنڊي داس، چيتنيه، وديا پتي، روي داس ان جا چند سدا ٻهڪندڙ مثال آهن. شرڌا جي انهن گيتن جي تهه ۾ ڪامي واسنا جي پرن تي اڏامي جدائي ۽ وڇوڙي جو لهسائيندڙ برپٽ لتاڙي ميلاپ ۽ موکش (Salvation) جي روان دوان آرزو جا چتر آفاقيت ماڻي چڪا آهن. انهن چترن ۾ گوپي نما هندوستاني عورت جي باطن ۾ موجود درياهه جي وهڪ جهڙو وصل جو روپ هر وقت ڇلڪندو پسي سگهجي ٿو. جدائي ۽ فراق صوفياڻي ۽ ويدانتي فڪر جو مول متو آهي، جيڪو هر قسم جي ارهه زورائي، مذهبي ڪٽر پڻي ۽ دقيانوسيت کي پرزا پرزا ڪري چئني ڏسائن ۾ پکيڙڻ جي شڪتي رکي ٿو، ان ڪري گوپين کي اٽل شڪتي، سان مشابهت ڏني وئي آهي، جيڪي پنهنجي جدائي جي پرٻل اثر سان پهاڙن کي به پنهنجي جڳهن تان هٽائي سگهڻ جي سامرٿي رکن ٿيون. ان ڪري ڪرشن ليلا يا راس ليلا کي لڪشمي ۽ ويشنو جي الوهي جوڙي جي پرم پريم سان تشبيهه ڏني وئي آهي. ويشنو پراڻ مطابق ويشنو ۽ لڪشمي هر وقت محبت جي مهراڻ ۾ رتل رهن ٿا ۽ ان مقصد کي توڙ تائين پهچائڻ خاطر هن سنسار ۾ انيڪ روپ ڌارڻ ۾ به ڪين هٻڪندا آهن. انهن سدا تبديل ٿيندڙ روپن جي باطن ۾ ٻنهي ۾ موجود اڻ ٽٽ انسيت هميشه بکندي رهي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو کين ازلي پريمي جوڙو (Divine lovers) ڪري ليکيو وڃي ٿو!
’ڪائولا تانترڪ‘ گرنٿ موجب ”جيڪو انسان پنهنجي جسماني شڪتين کي ابتي وهڪ بخشڻ جو اهل بڻبو اهو يقيني طور موت مٿان جيت حاصل ڪري سگهندو“. شڪتي کي اهڙي ابتي وهڪ بخشڻ لاءِ جوڳا آسڻ ڪرڻ، ڌيان ڌرڻ، سڌي وهڪ، کي ٻنجو ڏيڻ وغيره جي صحيح ۽ اپتائتي اپاوَن ۾ پوشيده آهي.
مشرق جو گيان رمزيه علم ۽ ويدانتي فڪر آڪاش ۽ ڌرتي جي شڪتي کان چڱيءَ پر آگاهي رکي ٿو ۽ ان کي سنسار جي هر شئي ۾ موجود اصول ۽ متو ڄاڻي ان جو جوڳو احترام به ڪري ٿو. هندو مت ان متي کي شِوَ ۽ شڪتي جي نالي سان سڃاڻي ٿو. تبتي ٻڌمت ان کي Tab (پتا) ۽ Yam (ماتا) ڪوٺي ٿو ۽ چيني تاوَ مت کيس Yang (لنگم) ۽ Yin (يوني) جي صنفي صورت بخشي آهي. سموري دنيا اندر اهي ٻئي شڪتيون آد جڳاد کان ڪار فرما رهيون آهن: روشني ۽ اوندهه، گرم ۽ سرد، خشڪ ۽ تر، مطلب ته الڳ حيثيت رکندي به هڪٻئي ۾ وڻ ويڙهي جيان سلهاڙيل رهنديون پيون اچن.
علامتي طور آڪاش جي شڪتي کي مرداڻي اندري سان ڀيٽيو وڃي ٿو ۽ ڌرتي جي قوت کي عورت جي يوني سان! اهو ان ڪري جو آڪاش لنگم جيان پولار کان هيٺ لڙڪندو ڏيکارجي ٿو ۽ ڌرتي اونهائي مان مٿي يونيءَ جيان اڀرندي، ڦهلجندي نظر ايندي رهي ٿي ۽ انهن ٻنهي جي سنگم ذريعي تخليقي عمل جاري ۽ ساري رهي ٿو.
چئن ويدن مان هڪ يعني يجر ويد مطابق، ”ڌرتي خلا ۽ آڪاش اندر ڦرڻي جيان ڦيريون پائيندي رهي ٿي، جنهن اندر ڌرتي جي جنني يعني پاڻي به اهوعمل ورجائيندو رهي ٿو. ائين ڦيريون پائيندي هوءَ سموري جُڳَ جي پتا يعني سج جي گرد به چڪر ڪاٽيندي رهي ٿي. “ ساڳيءَ طور هڪ چيني تاوَ گرنٿ موجب اهڙي گردش کي جنسي لڳ اندر عورت ۽ مرد جي اجهل حرڪت سان ڀيٽيو ويو آهي!
ان کانسواءِ هڪ جهوني جاپاني گرنٿ Ishimpo موجب، ”جيئن آڪاش کاٻي پاسي ڦرندو رهي ٿو ۽ ڌرتي ساڄي پاسي، تيئن جنسي عمل دوران مرد کي پنهنجو جسم کاٻي ۽ عورت کي ساڄي پاسي حرڪت ۾ آڻڻ جڳائي. اهڙي جنسي عمل کي آڪاش جي ترپتي (Satisfaction) ۽ ڌرتي جي آنند سان تشبيهه ڏني وئي آهي. “
جڏهن مرد ۽ عورت جي شڪتي ۾ توازن پڌرو ٿئي ٿو تڏهن ڪائناتي هم آهنگي جنم وٺندي ڏسي سگهجي ٿي، جنسي عمل جي نتيجي ۾ آنند واري ڪيفيت انساني ۽ دنيوي قطبن خارجي ۽ باطني نفاق ۽ ٻيائي کي ختم ڪري ايڪتا (Unity) کي سرجيندي پسي سگهجي ٿي: سُسَڻَ ۽ ڦهلجڻ منظر، هاڪاري ۽ ناڪاري رويو، سوريه ونشي ۽ چندر ونشي ڏيک وغيره!! صوفي شاعر مولانا روم به ان حقيقت کي پرجهيندي ڄاڻايو آهي ته، ”آڪاش کي مرد ۽ ڌرتي کي عورت ڪري ڄاتو وڃي، آڪاش جيڪو ڏيندو رهيس ٿو تنهن کي هوءَ (ڌرتي) پنهنجي وجود اندر پريم سان سانڍيندي رهي ٿي. ان ڪري انهن ٻنهي کي ذهين، سمجهيو وڃي ڇو جو هو هر دم ذهين پراڻين جيان عمل ۽ ڪرم ڪندا پسجندا رهن ٿا. “
ڇهين صدي ق م جي چيني گرنٿ ’تاوتي چنگ‘ مطابق، ”آڪاش ازل کان موجود آهي ۽ ڌرتي پڻ لافاني آهي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هو صرف پنهنجي لاءِ ڪونه ٿا جيئن، ان سبب هنن جي وجود ۾ هميشگي آهي. “ڪٿا اپنيشد موجب، ”ازل جي وڻ جون پاڙون مٿي آڪاش جي اونهاين ۾ کتل آهن ۽ ان جون شاخون هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن جهڪيل رهن ٿيون. ان کي پوتر ۽ امر آتما چئي سگهجي ٿو، جنهن تي سمورو جُڳ جڙيل آهي. “
انهيءَ سلسلي ۾ مهاتما گوتم ٻڌ سان منسوب سندس نرواڻ، جو هيٺ ڄاڻايل ورنن ڪيڏو نه مٿئين حقيقت سان ملندڙ ۽ ميل کائيندڙ آهي: پراچين يگ جي ڏاهن رشي منين مهاتما ٻڌ جي نرواڻ جي هيٺ ڄاڻايل تپرس ۾ وجهندڙ حقيقت بيان ڪئي هئي، جيڪا سچائي جي ڪيڏو نه ويجهو ڀاسي ٿي:
’هڪ لڱا مهاتما ٻڌ نرواڻ جي ڳولا ۾ بن بن ڀٽڪي، نراس ٿي، وهندڙ ندي ڀرسان هڪ وڏي ۽ گهاٽي بڙ هيٺان ڌيان ۽ سماڌي ۾ ويهي رهيو هو سندس چوگرد گهاٽو پراسرار جهنگل ڦهليل هو. ان سماڌي واري حالت ۾ بُکَ ۽ اُڃ ۾ ويٺي جُڳَ گذري ويا ۽ کيس پنهنجي ڏٻري ۽ ڪمزور ٿيندڙ جسم ۽ بري دردشا جي ڪا سُمک ڪين رهي. جيتوڻيڪ ان حالت ۾ به سندس من جي ايڪا گرتا ۽ تن جي سهن شيلتا قائم رهي پر ايئن لڳي رهيو هو ته ڪا اهم شئي وڃائجي ويل هئي، ڪا بي انتها اهم کوٽ جنهن جي صورت رنگ ۽ بوءِ جو تصور به ناممڪن ٿي ڀاسيو، سندس وجود کي پيڙت ڪري رهي هئي. اها پيڙا سندس نوراني چهري تي چنڊ گرهڻ جيان ليڪا پائيندي ڏيکارجي رهي هئي.‘
ان مهمل اوچتو سندس ساڄي هٿ ۽ آڱرين ڌرتي طرف جهڪي ان کي ڇهي ورتو! الٿي پلٿي واري حالت ۾ ويٺل سڌارٿ (گوتم) جي چهري تي اچانڪ الوهي قسم جو نور نمودار ٿيو ۽ سندس چپن تي هلڪي جنبش پڻ پيدا ٿي هئي. ان مهل ئي گهاٽي جهنگ جي اونداهي مان پيلاڻ مائل رنگت واري هڪ سندر ڪنيا سندس چرنن آڏو پر گهٽ ٿي جنهن جي هٿ ۾ کير جو ڀريل پيالو هو. هوءَ هيٺئين غريب طبقي جي ڪنيا ڏيکارجي رهي هئي ۽ شايد گوالڻ هئي. جيئن هوءَ مهاتما ٻڌ جي ويجهو آئي ته هن جو چهرو ٻهڪي اٿيو ۽ سندس چپن تي خفيف مرڪ اُڀري آئي. هن اکيون کولي کيس غور سان ڏٺو ۽ پنهنجي چرنن ۾ شرڌا سان رکيل کير جو پيالو کڻي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳو. ايئن ڪرڻ سان مهاتما جي چهري تي هلڪي هلڪي ڳاڙهاڻ پڌري ٿيڻ لڳي! جهٽ پلڪ کانپوءِ هن پنهنجي هٿن سان پنج رمزيه اشارا ڪيا. هڪ اشاري جي انت تي هڪ نوجوان سندري، الڳ الڳ رنگ روپ ۽ ڏيا ڌاريل سندس آڏو نمودار ٿيندي رهي ۽ ان سان گڏ سموري سرشٽي پراسرار آوازن سان گونجندي محسوس ٿيڻ لڳي هئي! ان بعد هر سندريءَ مهاتما ٻڌ سان هن ريت پنهنجي من جي پالوٽ شروع ڪيئي:
مماڪي: ” منهنجو نالو مماڪي آهي، ۽ آءٌ ڌرتي جي عنصر جو ست آهيان. “ پيلاڻ مائل رنگت واري موهنيءَ کيس مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو، ”آءٌ ڏکڻ ايشيا کان پهتي آهيان، پر منهنجو اصلوڪو وطن ڀارت آهي. مان يتيم آهيان، ڪرپا ڪري مون کي پنهنجي هيجاني محبت ۾ رڱي ڇڏ. اي مهان انسان، مون کي پنهنجي پريم جي جڪڙ ۾ سوگهو ڪر ته جيئن آءٌ پاڻ بچائي سگهان ۽ تون پنهنجي انتم منزل تائين رسائي حاصل ڪري سگهين! “
لوڪانا: ”منهنجو نانوَ لوڪانا آهي، ۽ آءٌ پاڻي جي عنصر جو جوهر آهيان. “نيري رنگت واري خوبصورت دوشيزه پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي آکيو ”جيتوڻيڪ آءٌ اوڀر کان آئي آهيان پر منهنجو اصلوڪو ڏيهه آفريڪا آهي. مان يتيم آهيان، اي آتمڪ طريقي جا گياني پرش، ڪرپا ڪري مون کي پنهنجي دلربائي پريم ذريعي بچاءِ هليو اچ ۽ مون منجهه پنهنجي سدا وهڪ وارو پيار اوت ته جيئن منهنجو نيتارو ٿئي ۽ تون پنهنجي اتم منزل ماڻي سگهين. “
پندارا: ”منهنجو نالو پندارا آهي ۽ مان ’اگن ‘ جي عنصر جو ست آهيان.“ اهو اظهار لالائي رنگت واري حسين ڪنيا طرفان ڪيو ويو. ”جيتوڻيڪ مان اوڀر کان ڪهي آئي آهيان پر منهنجو اباڻو ديس ’سورج جي اڌ رات‘ واري سرزمين جي اندر آهي، سنسار جا سڀ کان نيڪ انسان! مان يتيم آهيان، ڪرپا ڪري پنهنجي جهرڻي جهڙي ڇوهي محبت سان مون کي سرشار ڪري ڇڏ ته جيئن منهنجو ڇوٽڪارو ٿئي ۽ تون به پنهنجي انمول مقصد تائين رسائي حاصل ڪري سگهين. “
تارا: ”منهنجو نانءُ تارا آهي ۽ آءٌ ’هوا‘ جي عنصر جو جوهر آهيان. “اهي مڌر لفظ سائي رنگت واري ڪامڻيءَ کيس چيا ”اگرچه مان اتر دشا کان آئي آهيان پر منهنجو اصلوڪو وطن چين ملڪ آهي، اي رحم دل انسان! مان يتيم آهيان مون کي پنهنجي ڀرپور پريم جو مزو چکاءِ ته جيئن مان بچي سگهان ۽ تون پنهنجي الوهي منزل تائين رسائي حاصل ڪري سگهين“.
ايشوري: ”منهنجو نالو ايشوري آهي ۽ مان’پولار‘ جي عنصر جو ست آهيان. “
اها سنگيتي جهنڪار جهڙي مترنم واڻي برف جهڙي اڇي رنگت واري سنددريءَ پنهنجي مخصوص دلربائي انداز سان ادا ڪئي ”مان اصل مرڪز مان ڪهي آئي آهيان، جيڪو هر حقيقت جو بنياد آهي پر منهنجو اباڻو ڏيهه ميرو پهاڙ جي برف پوش چوٽي اندر آهي، اي ڪرپا جي مورت! اي نرڀو مهان پرش!! مان يتيم آهيان مون سان پنهنجي سموري وجود سان جل ٿل ڪندڙ پيار ڪر ته جيئن منهنجو ڪلياڻ ٿئي ۽ تون پنهنجي پرم اُتمتا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃين! “
الاهي اسرارن سان پُر مها ماتا جي آڪارن (Forms) جا اهي لڀائيندڙ وارتا لاپ ٻڌي مهاتما ٻڌ جي جنم مرڻ جي چڪر مان نرواڻ جو رستو کيس سولو محسوس ٿيڻ لڳو هو. ان صورت حال ۾ گوتم ٻڌ سماڌي جي ان سطح تي پهچي ويو، جنهن کي ”سڀني خواهشن کي تلانجلي ڏيڻ واري هيري جهڙي نشان واري ڪيفيت“ سان سڏيو وڃي ٿو. ان حالت ۾ ٻڌ ديو هنن سڀني آڪارن سان ساڳئي وقت محبت جي مهراڻ ۾ يڪوجود ٿي ويو. پنهنجي پيءُ جي راجائي محل اندر، جواني دوران سکيل، سڀئي ’پريم جا پيچ‘ هنن ڪامڻين سان مڪمل طور بجا آندائين! ٻڌ هر رمڻي جي ترشنا ٻجهائي ۽ موٽ ۾ هنن به سندس تڪميل ڪري ڇڏي! روشني جي پنج رنگي رٿ تي سوار ٿي ڪري اهي سڀيئي نرواڻ جا پتلا هڪ ئي وقت هڪ نئين سدا ٻهڪندڙ دنيا ۾ پهچي ويا.
نرت ڪلا جي عظيم، اثرائتي ۽ عوامي مقبوليت واري فني رخ بابت هندوستاني ڏند ڪٿائي خزاني مان ٻه عدد نهايت دلفريب ڪهاڻيون ياد پيون اچن:
هڪ لڱا شِوَ جي ٽانڊوَ لاسيا ناچ، جي بي مثل مرڪب جو لاجواب مظاهرو تامل ناڊو جي تلائي شهر (هاڻوڪو چدم برم) جي پسگردائي واري گهاٽي جهنگل ۾ ڪيو ويو هو، جنهن کي ڪيئي يگ گذري ويا آهن!
تراگام نالي سان ان جهنگ ۾ ڏهه هزار ناستڪ رشي رهندا هئا ۽ سندن سوچ مطابق انسان جي ڇوٽڪاري جو دڳ نيڪ ۽ چڱي ڪرم جي ادائگي ۾ پوشيده هيو. شِوَ شنڪر کين آستڪ بڻائڻ جي خيال کان نوجوان خوبصورت يوگي جو روپ ڌاري ويشنو ڀڳوان کي به سندر عورت موهني جي روپ ۾ تبديل ڪرائي ۽ پنهنجي ڌرم پتني ڄاڻائي شيش ناگ کي به انساني جامو پهرائي ان جهنگل ۾ اچي داٻو ڪيو. اِهي سڀئي رشي سندس پدم جهڙي ڪامڻي زال موهني جي سونهن ۽ سڳنڌ تي اڪن ڇڪن ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڳڀرو ۽ مدن مست جهڙي يوگي کي پسي رشين جون زالون مٿانئس ٻلهاري ۽ فدا ٿينديون رهيون! رشين جي ڪٽيائن ۾ هڪ عجب قسم جو چوٻول ۽ افراتفري ڦهلجي وئي. رشين کي انهن مهمانن جي چال ۽ نيت تي شڪ ٿيو ۽ هنن هڪدم اگني ڪنڊ ۾ هَونُ شروع ڪري ان مان پنهنجي مايا وي شڪتي ذريعي هڪ خوفناڪ چيتو پيدا ڪيو، جنهن اُمالڪ ’يوگي‘ کي چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ مٿانئس حملو ڪيو، پر هن پنهنجي چيچ جي ڇهاءَ سان سندس انت آڻي جسم تان کل لاهي پنهنجي بدن تي چادر جيان ويڙهي ڇڏي، ان بعد هنن هَوَنِ جي اگن مان هڪ اجگر پيدا ڪيو پر يوگيءَ ان کي به مطيع بڻائي پنهنجي ڪنڍي جيان ڳچيءَ جي چوگرد ويڙهي ڇڏيو۽ پنهنجي الوهي رقص ٽانڊوَ جي شروعات ڪئي، رشي اهو لقاءُ پسي به باز ڪونه آيا ۽ ان ٻَلي جي باهه مان هڪ ڀوائتي ۽ طاقتور ڄامڙي کي پيدا ڪيو جنهن جي هٿ ۾ ڳوُرو ۽ خطرناڪ گرز هو. شِوَ ان ڀيانڪ جيو کي ناچ ۾ مگن پنهنجي هڪ پير هيٺان چيٿاڙي ماريو ۽ پوءِ سندس بدن تي بيهي ٽانڊوَ رقص ۾ بي حد تيزي آندي جنهن جو اڌڀت منظر پسڻ لاءِ سرڳ لوڪ جا سڀيئي ديوتا ۽ ديويون آسمان تي مٿانئس ڇٽ ٺاهي بيٺا رهيا رشين آڏو به شِوَ جي اصل سڃاڻپ ظاهر ٿي هئي ۽ هو پنهنجي ’اگيان‘ تي پيشيمان ٿيا ۽ کانئس معافي وٺي شِوَ پنٿي بڻجي ويا هئا.
اننت ناگ جنهن کي ’اَتي شيش‘ به سڏيو وڃي ٿو اهو ان مرڪبي نرت ٽانڊو لاسيا مان ايڏو متاثر ٿيو هو جو هڪ دفعو ٻيهر ڏسڻ جي تمنا پيدا ٿيس. اهو سوچيندي بن ۾ وڃي واسو ڪيائين جتي شِوَ جو ڌيان ڌري گهور تپسيا ۽ رياض شروع ڪيائين. آخر يگن گذرڻ بعد شِوَ پرسن ٿي پاروتي سان گڏجي کيس درشن ڏنو هو ۽ سندس اِڇا معلوم ڪرڻ تي هن ٻڌايو هئس ته مرڪبي رقص ڏسڻ جي اٻلاکا هئس، جنهن تي هن وراڻي ڏيندي چيو هئس، ”تلائي ۾ ڪنهن فاني انسان جي گهر وڃي جنم وٺ ۽ سمئي جي ڪنهن موڙ تي پهچي هو کيس پنهنجي ان الوهي نرت جو نظارو ڪرائيندو. “
نٽ شاستر جي رچناڪار ڀرت مني مطابق هڪ ڀيري اندر ۽ ٻين ديوتائن سرشٽي جي خالق ۽ ٽمورتي جي اهم ديوتا ’برهما ‘ کي پراٿنا ڪندي چيو هو ته هُو سندن لاءِ وندر جو ڪو اهڙو وسيلو ڳولي لهي جنهن مان سڀيئي آنند ۽ مزو وٺي سگهن. برهما اهو ٻڌي ڌيان ۾ مستغرق ٿي ويو ۽ ڊرامي جي تخليق ڪيائين جيڪو انهن سڀني ديوتائن کي ڏاڍو وڻيو هو. ان تخليق لاءِ برهما رگ ويد مان لفظ ورتا، يجرويد مان اداڪاري ۽ اشارا، علامتون، ورتيون، سام ويد مان سنگيت ۽ گيت ورتائين ۽ اٿر ويد مان جذبي ۽ احساس جو رس کنيائين ۽ انهن سڀني جي نرت يا ناچ کي پنجين ’مرڪبي ويد‘ ۾ يڪجا ڪيائين. اندر پوري جي مشهور ديوتائي معمار وشو ڪرما ٿيٽر ۽ اسٽيج تيار ڪيو، جنهن تي سِرشٽي جي پهرين سنگيت ناچ سان ڀرپور ڊرامي جو آغاز ٿيو هو، جنهن ۾ اپسرائن ۽ ديوتائن ڀاڳ ورتو هو! ان ڊرامي جو نانءُ ’سمنڊ ولوڙ‘ رکيو ويو ڇو جو سڀيئي اپسرائون ان ولوڙ جي نتيجي ۾ سمنڊ مان ئي پيدا ٿيون هيون!
هونءَ ته تخليق ۾ وجود جي بقا لاءِ سر تال لئه ۽ حرڪت بنيادي اهميت رکن ٿا. سڀني جاندار يا بي جان شين جهڙوڪ پکي، جانور، وڻ، ٻوٽا انسان وغيره جو بغور مشاهدو ڪبو ته اهي سڀئي هڪ قسم جي منفرد ڪائناتي رقص ۾ محو نظر ايندا رهن ٿا. تحريڪ ۽ لئه زندگي جي علامت آهي، ۽ ان جو بيهجي وڃڻ ’خاموشي ۽ موت‘ جي نشاني! رقص ارتقا ۽ ڦيري جي علامت به آهي. اسان جي ڌرتي کان گهڻو گهڻو ڏور وسندڙ ’آڪاس نديون‘ (galaxies) به ’امر رقص‘ ۾ محو اسان کان نوي هزار ميل في سيڪنڊ جي تيز رفتاري سان اڻڄاتل پولار ڏانهن وڌنديون پيون وڃن!
جماليات کي فلسفي جي اهم شاخ ڄاتو ويندو آهي ۽ ان جو بنيادي ڪارج نرت اندر موجود جذباتي احساس جي بنياد جي کوج لڳائي ان ۾ سدا وهڪ ۾ موجود حسن ۽ جز جي اهميت ۽ افاديت کي واضح ڪرڻ هوندو آهي. جڳ پرسڌ دانشور ۽ فيلسوف سي اي ايم جوڊ چواڻي، ”فلسفو قدرتي رنگا رنگ مناظر سان گهرو سنٻنڌ ڪو نه رکي ٿو، ان جو واسطو ان اندر موجود معنيٰ ۽ مفهوم سان ٿئي ٿو، حقيقت سان ايڏو تعلق ڪو نه اٿس جيڏو ان اندر پوشيده قدرن سان، ان سان واسطو نه اٿس ته ڇا آهي، پر ڇا ٿيڻ جڳائي سان ناتو اٿس، ذريعن سان لاڳاپو نه اٿس بلڪه مقصد کي اهميت ڏيندو رهي ٿو. “ ان مان پڌري پٽ ظاهر ٿيو ته فن اندر موجود حسن ان جي اظهار ۽ تجربي ۽ قدرن سان سلهاڙيل آهي. رقص پنهنجي سموري سر تال لئه ۽ تحريڪ ۾ جنسي ولوڙ ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو به ڄاتو وڃي ٿو پر ان اندر موجود وجداني ڪيفيت ۽ پرم آنند ۽ ڇلڪندڙ رس آتما کي پريان سندي پار جو وسيلو به ليکيو وڃي ٿو.
ڪلاسيڪي نرت جي مشهور سڄاڻ ۽ دانشور نند ڪشور مطابق، ناچ اندر موجود ’رس واد‘ کي اڀارڻ لاءِ ”ايشور جي استتي کان هڪدم پوءِ نرت شروع ڪرڻ جڳائي. ناچ دوران راڳ جي ادائگي کي نڙيءَ تي ئي رهڻ ڏجي، ان جو مفهوم هٿن جي اشارن سان اظهارڻ کپي، اندر جون ڀاوَنائون اکين جي نفيس اشارن ذريعي پڌريون ڪرڻ کپن، تال کي پيرن جي سنگيتي حرڪتن سان وائکو ڪجي، جيڏانهن ۽ جنهن طرف حرڪت ۾ هجن نگاهن کي به ان ڏس ڏانهن ڦيرائڻ جڳائي ۽ جيڏانهن نگاهون ڦرن ان طرف ئي ذهن به مڙڻ گهرجي، جيڏانهن ذهن جو لاڙو هجي ڀاوَنا جو رخ به اوڏانهن هئڻ کپي ۽ جيڏانهن ڀاوَنا لاڙو رکندي رس (Flavor) به ان طرف ئي لهرون هڻندو پسي سگهبو. “