ريگستان _ ٿر
آءُ اڳ ۾ به ڪٿي ڄاڻايو آهي ته ٻج ڇٽڻ ۽ ريج ڏيڻ بعد انهن ڪبوترين جو“فصل” سهن جيان Multiply ٿيڻ ۾ ڪا دير ڪين وجهندو آهي. هڪ غير مصدقه تحقيق موجب اڻويهين _ وينهين صدين اندر ٿر ۾ مهاماري يا ڪاري ڪالرا دوران سندن بي حد حساب “خاتمو” ٿيندو رهيو هو، پر اک ڇنڀ ۾ سندن وڌندڙ آدمشماري جو انگ اڳواڻن رڪارڊن کي ٽوڙيندو گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي!
ان کان علاوهه اها به سُڌِ پئي آهي ته انهن ٿرين ۾ لوهاڻن جو ڳپل کان سرس انگ ڪوچڙن ۽ ڪبوترين جي نُک مان آهي صرف لوهاڻڪو ملمعو _ کرچي صاف ڪرڻ جي دير لڳندي! اهو ايئن آهي جيئن ڪنهن شيعي ڪميونسٽ کي کرچبو ته هو اصل ۽ خالص “شيعو” ظاهر ٿي پوندو؛ باقي پاڇي وڃي ملمعو بچندو.
ان کان سواءِ تحقيق مان اها به سُڌ پوي ٿي ته لوهاڻن جي غالب اڪثريت اندر سندن نسن رڳن ۾ ٺاڪرن راڻن راٺورن ڪولهين اوڏن ڀيلن وغيره جوگڏيل رت ايئن گردش ڪندي ڇلڪندي رهي ٿي جيئن قديم روس ۾ اصلوڪي جرمن سلاف نسلن ۾ يارهين _ چوڏهين صدين دوران ايشيائي نسل جي ڪاهون ڪندڙ جنگجو وحشي تاتاري قبيلن جو خون لهرن وانگر ڇلڪندو ڏيکاربو هو ۽ ان ڪارڻ روسي لوڪ ايشيائي ماڻهن کان بالشويڪ انقلاب تائين سخت نفرت ڪندا رهيا هئا. لوهاڻا به ان سبب مٿي ڄاڻايل ڪجهه مٿين جاتين لاءِ سخت ڌڪار رکن ٿا.
هونءَ به مڪسڊ بريڊ اندر بيوفائي، طوطا چشمي، ويساهه گهاتي جا ناڪاري عنصر ٻين جاتين ۽ قوميتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهارا پختا، گهڻا ۽ اونها ٿين ٿا. ان نڪتي تي ويچاريندي مون کي پنجاب، ڪشمير ۽ دنيا جا اڪثر ريگساني علائقا (جن ۾ سنڌ جو ٿر به شامل آهي) وغيره ياد پون ٿا. ڪجهه جاتين، قوميتن جي خصوصي ناڪاري خصوصيتن ڪارڻ اسان جي ڪلچر اندر انيڪ ضرب المثل چوڻين، پهاڪن ۽ ڪهاوتن به جنم ورتو هو؛ جيئن اڪثر چيو ويندو آهي ته زهريلو نانگ ۽ ديرا وال پور وڇوٽي مفاصلي تي ويندا ڏسو ته نانگ کي ڇڏي ديراوال جو خاتمو آڻڻ اولين فرض بڻبو ۽ ساڳي چوڻي نانگ ۽ بهاري تي به ٺهڪي اچي ٿي _ ۽ هاڻوڪي مهل لوهاڻڪي، مهيشوري ذهنيت سان به ان ڪهاوت جو گهرو سنٻنڌ جڙيل آهي.
ان سلسلي ۾ هڪ پراڻي ياد تري آئي اٿم. سن 1972ع ۾ مون وانگر ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ به سنڌ مان تڙجي جلاوطن ٿي ڪوئٽه ۾ اجهو ورتو هئائين. ملڪ عثمان ڪانسي بلوچستاني گانڌي شهيد عبدالصمد اچڪزئي کان پوءِ اهو ساڃاهه وند دانشور کاٻي ڌر ڏانهن لاڙو رکندڙ سياست دان هو، جنهن جي پڪن پختن يارن ۾ خان ولي خان، غوث بخش بزنجو، نواب اڪبر بگٽي، نواب خير بخش مري، سردار عطا الله مينگل، عبدالله جان جمالديني، سردار شير باز مزاري، سردار سيف الرحمان مزاري، محمود علي قصوري، افغانستان وارا سردار دائود، نور محمد ترڪئي، ببرڪ ڪارمل، سليمان لائق، عنايتا راتبزادهه، ڊاڪٽر نجيب وغيره _ ۽ پوهومل، ٺيڪيدار عبدالله جان ڪانسي (مشهور امريڪي ايجنٽ ايمل ڪانسي جو پيءُ ۽ پوهو جوسيٺ) ۽ انيڪ ٻيا هئا. ملڪ عثمان نهايت سچو سيبتو مخلص هڏ ڏوکي دوست ۽ ارادي جو پڪو پختو آدرشوادي سياستدان هوندو هو؛ ان ڪارڻ اسان جي حلقي ۾ کيس عام طور سياسي معصوم چوندا هئاسون، اگر هن وقت حيات هجي ها ته ڇهانوي سالن جو هجي ها. اسان ٻنهي تڙيلن جو به گهاٽو هم مشرب ۽ هم مسلڪ يار هو. سن 1972ع ۾ پراسرار حالتن هيٺ گورنر بلوچستان نواب اڪبر بگٽي کيس پنهنجو مشير به بڻايو هو.
ان ولوله خيز دور ۾ هڪ ڀيري _ سن 1973ع ۾ _ ملڪ عثمان ۽ غلام محمد لغاري منهنجي ڪٽيا اندر آيا ۽ حسب حال ۽ حسب معمول چانهه جو دور هلي رهيو هو. اوچتو لغاري مٿان قنوطيت ۾ ويڙهيل حقيقت جو دورو پيو. شايد غربت جي پيهه حالتن جي ناسازگاري سنڌ جي مٽي کان دوري، پنهنجي ڌرتي سان ٿيندڙ لاڳيتو ڊوهه، دولاب ٺڳي وغيره جهڙا محرڪ به ان حالت جو ڪارڻ هئا. ملڪ عثمان کي مخاطب ٿيندي چيو هئائين ته سندس هيانءُ ڦاٽي ٿو ۽ ساڻس پنهنجو حال اوڳاڇڻ ۽ ونڊڻ پئي چاهيائين. ملڪ وراڻي ڏيندي پاڻ هلڪو ڪرڻ لاءِ خلوص سان همٿايو هئس.
لغاري ڄڻ ڦاٽندي چيو هئس: ”ملڪ صاحب، اسان امن جا ڪانکي انسان صدين کان ٻاهران آيل رت پياڪ جبرن ماڻهن ۽ قومن جا ستايل پئي رهيا آهيون. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ پناهگيرن جي وڌندڙ پيهه ۽ پنجابين جي زوراور پاٿاري ۽ سٿ اسان جي جسم ۽ جان تي ڄؤرن جيان چهٽيل آهي _ ۽ ان مٿان توهان پٺاڻ به اسان کي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪندا ڪا وٿي، ڪو لنگهه، ڪو ڳٿ ڪونه ٿا ڏيو ته پنهنجي جياپي لاءِ ڪا ڪرت ڪري سگهون. پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ بي اجها ٿي ويا آهيون“. ملڪ ۽ مان پٿر جي بت جيان بي حس کيس ٻڌندا رهياسون. ”توهين خدا وانگر هر جا حاضر ناظر آهيو؛ نوڪرشاهي، فوج، ٺيڪيداري، بابوگيري، بينڪن ۾ سيڪيورٽي گارڊ، باغن ۾ مالهي گيري، سمگلنگ، گهٽين اندر ڪتن جي لوڌ ۽ سيٽين جي واڄ سان پهريداري، معدني کاڻين جي کوٽائي، کڻت ۽ مالڪي، ٽيڪسي رڪشا ڊرائيوري، ٽرانسپورٽ _ ۽ بوٽ پالش جهڙو خصيص ڌنڌو به ڄڻ توهان جي جاگير بڻيل آهي؛ بلڪ هُنَ بازار ۾ به پنجابين ڪشميرين وغيره سان گڏ اوهين ئي اڳرا ۽ ٻهه ٻهه ڪندا ڏسجو ٿا. هينئر ٻڌاءِ ملڪ صاحب، اسين جيئري ئي دوزخ ۾ آهيون نه؟“ ملڪ جي اکين ۾ لالاڻ نظر آئي هئم ۽ لغاري کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ڪا مهل سندس ڏکائتو سور پاڻ ۾ جذب ڪندو رهيو هو.
مٿي ڄاڻايل وان گاگي پينٽنگ جهڙي حقيقت موجوده ٿري ذهنيت، پڪڙ ۽ پيهه سان ڪيڏي نه مشابهت رکي ٿي. پٺاڻ کي سختي سان مذهب سان bracket ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. پٺاڻيت هڪ رويو آهي، هڪ ڪيفيت آهي جنهن جي هٿ ۾ دين ۽ دنيا پنهنجي ذات (Self) جي اوسر، واڌاري لاءِ هر وقت هڪيِ تڪي حاضر رهي ٿي. ساڳي ريت خاص طور لوهاڻي يا مهيشوري ٿري جي هٿن ۾ به ڌرم ۽ سنسار، ٻيئي کينهون، ميراجي جي ’گولن‘ جيان هر مهل سندس پنهنجي انتي لاءِ پٺاڻي روئي ۽ ڪيفيت جيان موجود هوندا آهن. انهن ٻنهي _ پٺاڻي ۽ ٿري _ ۾ صرف هڪ واضح فرق موجود آهي. پٺاڻ پنهنجي سرڪشي اندر سرڪش آهي، ۽ ٿري پنهنجي ميسڻائپ اندر کانئس گهٽ نود ۽ بيديدو ڪونهي. جيڪڏهن منجهس گهرو وڃبو ته سندس ذات اندر ٽمبڪٽو ۾ رهندڙ ’ڪاسوَري‘ قبيلي جا اهڃاڻ ۽ افعال بخوبي پسي سگهبا. هنن کي ڏسي مون کي رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جا تاريخي ٻول ”ڪارڙا، ڊينڊڙا، پتڪڙا“ ياد ايندا آهن. قد ڪاٺ بت ۾ واهه جو ساڻن برميچي اچن ٿا پر، ’افعالن‘ ۾ هنن جي ڪاري ڪاپي پاسندا آهن.
بشپ سموئل ولبر فورس جون هيٺ ڄاڻايل منظوم پرارٿنائي سٽون صحارائي ٿر (آفريڪا) جي ڇيڙي تي وارياسي ۾ آباد ٽمبڪٽو شهر جي ذهن، سڀاءُ ۽ هلت جو ڪيڏو نه حقيقي اولڙو ۽ چتر آهن:
”جيڪر آئون ٽمبڪٽو ۾ رهندڙ،
’ڪاسوَري‘ قبيلي جو عيسائي هجان ها،
ته مان گوري عيسائي پرچارڪ کي،
سندس ڊگهي جبي ۽ ان تي جڙيل رنگين،
ربنن سميت ۽ هٿ ۾ جهليل مناجاتي ڪتاب سوڌو،
نهايت چاهه ۽ چوڄ مان کائي هضم ڪري وڃان ها!“
شيڪسپيئر جي اُٿيلو اندر روح جي اذيت جو منظر ڪيڏو نه جيءَ ۾ جهير وجهندڙ آهي:
”هاڻي، بلڪ هينئر هميشه لاءِ
شانت چت ۽ پرسڪون من کي الوداع!“
ذات اندر باطن جي بند ٿيل دروازي کلڻ بعد جڳن کان موجود ۽ جمع ٿيل پيڙا ۽ ڀوڳڻا ڄڻ سڀيئي بندشون ڀڃي سيلابي نالي وانگر وهي نڪتي آهي. الائجي ڪٿي ان جو انت ٿيندو؟ پر ان نئين حالت مون منجهه ’انسانيت‘ ۾ ويساهه کي ايئن وڌيڪ پختو ڪيو آهي جيئن بيٿووين جي اڻ کٽ روحاني ۽ جسماني ڀوڳڻائن انسانيت ۾ سندس وشواس ۽ فن ۾ اعتبار کي جلا بخشي هئي.
هينئر منهنجي ڀوڳڻا صرف مون اڪيلي جي ڪونه رهي آهي، ان هڪ قسم جو ڪائناتي رنگ ۽ روپ اختيار ڪري ورتو آهي. اها سموري انسان ذات جي پيڙا بڻجي چڪي آهي؛ ايئن جيئن عيسيٰ جي مصلوبيت جي اذيت ’انسان‘ جو مقدر ليکي وڃي ٿي.
انسان جي زندگي ۾اهڙا ڏکائتا لمحا، ڏينهن ۽ وقت ايندا آهن (ڀوڳڻائون، پيارن جو وڇوڙو، تاريڪي ۾ وڪوڙيل نااميدي وغيره) جيڪي کيس زمين دوز ڪندا ڏيکاربا آهن، پر ان مهل صرف تخليقي عمل کي ئي سندس اڪيلو ساٿي ۽ واهرو جيان پسي سگهجي ٿو. هتڙي مون کي گيتانجلي،اين فرئنڪ، جيولس فيوچڪ، مرغوب بخاري، بيٿووين، اخماتووا _ ۽ ٻيا انيڪ ياد پون ٿا.
بيٿووين جي زندگي جو ڊگهو سفر جواني تائين سڦلو رهيو هو پر، اڌ عمر تائين پهچندي اهو ’جينئس انسان‘ اڪيلائپ جي زنجيرن ۾ وڪوڙجي ويو ۽ دنيا آڏو خاموشي جي پردي پٺيان ڌڪيو ويو؛ پر پوءِ به بهادري سان ’نئين يگ‘ جي تشڪيل کي ساڀيا ڏيڻ جي اڻ ٿڪ ڪوششن ۾ رڌل رهيو. سندس سدا بهار رجاعي روح کي بيماري ۽ غربت ڪوهيڙي جيان مسلسل وڪوڙيندي رهي. هتڙي منهنجي حالت ۾ مذڪور ٻن ills سان ويساهه گهاتي به شامل آهي.
هو ته موسيقي جي Idiom اندر پنهنجي لاءِ آٿت ۽ ڪنهن قدر، شفا پائيندو رهيو هو ڇو جو سندس نظرن ۾ سنگيت الوهي پيڪر جو هڪ تابناڪ رخ هو پر هتڙي ته تخليقي عمل جي الوهي چمڪيلي رخ جڳن کان ڏور ٿي عدم ۾ وڃي ديرو دمايو آهي، پوءِ آٿت ۽ شفا ڪٿان؟
”اڪيلو آهيان، ماڻهونئڙن جي ميڙ ۾“ (سچل)
ايئن لڳيم پيو ڄڻ هينئر منهنجو سمورو وجود هڪ پڃري ۾ تبديل ٿي ويو آهي جنهن اندر منهنجا باغياڻا ۽ باهه جي الن ۾ ٻڏل خيال ۽ _ ويچار ۽ نظريا ڄڀين جيان لياڪا پائيندا رهن ٿا.
بائيبل ۾ ڄاڻايل آهي ته ”خدائي روح پاڻين مٿان سدائين هلندو سرڪندو رهي ٿو، بي حساب ۽ اٿاهه ’پاڻي‘ جيڪي سدائين متحرڪ ۽ ڇلڪندا پسجن ٿا ۽ زندگي ۽ تخليق سان سدائين سٿيل آهن پر، انهن سڀني اچرجدائڪ لقائن کان علاوه پنهنجي وجود ۾ سرووياپڪ (imminent) ابدي حقيقت ۽ ذهانت به سمايل اٿن..! “
پر، انسان گهڻو ڪري، ان ابدي حقيقت ۽ ذهانت جي جوت کان نروهيو رکيو ويو آهي. خاص طور پاڻ کي پسي ان پسماندگي جو شديد چڀڪو محسوس ٿيندو اٿم:
سب کچھ سیکھا ہم نے، نہ سیکھی ہوشیاری
موزارٽ گهڻي جتن ۽ مٿاڪٽ جي باوجود پروميٿيئس کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڇڏي مري ويو پر اهو بيٿووين هو جنهن هرڪيولس جو روپ ڌاري انهن زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ سوڀارو ٿيو هو مان ته هرڪيولس واري عمر کان گهڻو مٿي چڙهي اڳتي نڪري آيو آهيان، سڌ نٿم ته منهنجو بيٿووين ڪهڙي منزل تي ملندم ؟
’عدم جي راهه ڪيڏي نه هموار آهي
جنهن هيڪر مٿس پير ڌريو،
تنهن وري ڪنڌ ورائي پوئتي ڪون ڏٺو.‘
مذڪور مقولي جي اوٽ مان حفيظ شيخ عدم جي پناهه گاهه مان لياڪو پائيندو پسجي رهيو اٿم. هو به سموري ڄمار زندگي جي اڻاون چڀندڙ پٿريلي رستن تي ڀٽڪندو، لهولهان ٿيندو رهيو هو ۽ حيات جي آخري گهڙي تائين ڪٿي به ٿائنيڪو ڪونه ٿي سگهيو. مون کي چٽيءَ طور ياد آهي ته نومبر 1971ع جي هڪ اداس ۽ اڪيلي خنڪ رات ٽاڻي ڪنهن مهل پنهنجي غيرآباد ۽ ويران ٻني جي ٽڪري تي آڏيل بي ساهي، ڀونگي جي خاموش ڪنڊ ۾ آخري پساهه کنيا هئائين. سندس ڊيراوالڻ گهرواري جنهن سان بيحد پيار هئس، اسان جي گهر ٽڪيل هئي. صبح سويري اطلاع ملندي ئي سينٽرل جيل لڳ اڏيل ڀونگي تي پهچي وياسون ۽ ساڳئي وقت اسان ٻنهي جون نظرون ويران ڪنڊ ۾ رکيل ڀڳل ٽٽل کٽ مٿان پيل سندس بي جان جسم تي پئجي ڄڻ پنڊ پهڻ بڻجي ويون هيون.
ڪلاڪ ٻن جي وڇوٽي اندر ماڻهن ، دوستن، مٽن مائٽن جي آمد شروع ٿي وئي، تنوير عباسي قائم علي شاهه، غوث علي شاهه، ڊاڪٽر انور علي شيخ، غلام محمد راجپوت، نسيم کرل، گل منگي، هادي بخش لاڙڪ، ايس ايم غوث ۽ سندس سالا وغيره. ان مهل سندس اوچتي لاڏاڻي جي اپار پيڙا ڀوڳيندي ڪنڊ ۾ رکيل بي جان جسم کي تڪيندي ۽ گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي ڪنهن طرفان آسري اجهي ۽ آٿت لاءِ شديد خواهش اڀرندي محسوس ڪئي هئم.
پر، ان خواهش دوران ئي ڄڻ سوفو ڪليس کيل جي ان سين جو پردو اچانڪ هيٺ اچي ڪريو ۽ نيئن سين جو پردو مٿي کڄڻدو نظر آيم. هڪ طرف فيصلي موجب حفيظ جي جسي کي حيدرآباد کڻي وڃڻ جون تياريون نه ٿي رهيون هيون ۽ ٻئي پاسي حفيظ جا ڊيرا والي سالا جهوپڙي اندر ٽڙيل پکڙيل خالي بوتلون، خالي دٻا، ڪن جهڙا ٿانو ٿپا ۽ تڇ جهڙي سامان کي سميٽڻ گڏ ڪرڻ ۾ ائين جنبجي ويا ڄڻ بينگال جي وڏي ڏڪار جا پيڙت ماڻهو اڇلايل وکر ميڙي رهيا هجن _ ۽ هيڏي هاڃي جو مٿانئن ڪو اثر نظر نٿي آيو بلڪ ڀاڀي صاحبه کي به ان ڪڌي ۽ اڻ وسهندڙ حرڪت تي تحسين جي نگاهن سان ڏانهن نهاريندي ڏٺم...!
وڇوڙي مهل حفيظ جي عمر 41 ورهيه هئي ۽ هنئير 41 سالن کان پوءِ ساڳيو ’سوفوڪلين‘ الميه ڊرامو اسانجي زندگي ۾ ٻيهر ورجائجي رهيو آهي..! صرف ڪردار بدليل آهن، عمل سوچ ذهنيت ساڳي بلڪ پهرين کان به وڌيڪ ڪريل ۽ نيچ آهي. هتي ڊيراوالڻ هئي ۽ هتي ٿريچاڻي ننهن ۽ ساکرو پٽ ۽ سندس in laws وغيره. ٻئي عورتون بٺ ريگستاني خطي جي پوءِ ڍائي (upstart) ڪٽنب ۾ جنميل، سڀاءُ ۾ شڪ لالچ ڪوڙ ويساهه گهاتي دغا (بقول فتاح ملڪ ميسڻائپ به) جي گهاتڪ اڻن ۽ جزن سان سٿيل ۽ جوڙيل. اهڙين فريبي جيو آتمائن سان جيوليس سيزر جو تاريخي جملو ” You too Brutus“ ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو.
سخت محنت ڪشالن ۽ زندگي جي جوت جهڪي ٿيڻ تائين ماءُ ۽ پيءُ 41 ورهين بلڪ ان کان به اڳ جي ڊگهي مدت اندر ڳهي ڳهي ڪک ڪک ڪري پن پن ڪري گهر ۽ سامان جوڙيو هو . جڏهن ٻنهي ڄڻن (ٿريچاڻي۽ ساکرو پٽ) ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته پيرسن ۽ بيمار ماءُ سرحد جي هن پار آهي ۽ پيرسن بيمار پيءُ ڪراچي ويل آهي ته موقعو غنيمت ڄاڻيندي حفيظ جي سالن وانگر رن مريد پٽ ماءُ پيءُ جو 41 ورهين ۾ جوڙيل سمورو اثاثو شاهي ڪارٽنن ۾ پيڪ ڪري جادوگر ٿريچاڻي جي ابرو جي اشاري سان گاڏي ۾ وجهي ڪري ائين وڃي in laws ۽ جادوگرڻي وٽ پناهه ورتي ڄڻ سندس ڪو پڇاڻو ڪونه ٿي سگهندو! ايئن پئي ڀاسيم ڄڻ گهر ۽ قيمتي سامان لٽ ۽ ڦر جو مال هو ۽ کيس به سندس جوءِ سوڌو لٽڻ ڦرڻ جو پورو پورو اڌڪار حاصل هو.
هڪ ڀيري روچي رام سان به ٿرين جي ان مخصوص ڪرڀ ڏياريندڙ ذهنيت جو کليءَ طور اظهار ڪيو هئم ۽ وراڻي ۾ پڇيو هئائين ته سندس حيثيت ڪهڙي خاني ۾ فٽ ٿيڻ جڳائي ۽ کيس جواب ڏيڻ مناسب ڪونه سمجهيم. منهنجي آزمودي مشاهدي موجب اڻ پڙهيل يا پڙهيل ٿري عام يا خاص ٿري دئيت يا ديوتا ٿري، پروفيشنل يا نان پروفيشنل ٿري، ڌرمي يا اڌرمي ٿري، بدنصيب يا نصيب وارو ٿري،ڳوٺاڻو يا شهري ٿري، دانشور يا غيردانشور ٿري، عام طور ڪيفيت ۽ ڪميت جي لحاظ کان صرف مٿي ڄاڻايل هڪ ئي مخصوص خاني اندر فٽ ٿيڻ جوڳا آهن. پٽ کي ڏسي پرجهي ان جهوني چوڻي ’سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي‘ يا ’ڪارو ويهي ڪٻري سان رنگ نه مٽي پر عادت ضرور مٽي‘، تي وشواس پختو ٿي ويو اٿم.
ڪن ماڻهن جي وجود ۾ وسهڻ ۾ نه ايندڙ ڪڍنگائي سان گڏ کوٽ ۽ پاکنڊيپڻو ڄائي ڄم کان پرورش پائيندو رهي ٿو. ان کي موروثي چئي سگهجي ٿو. ساکرو پٽ جي ٿريچاڻي وني اهڙي بدبودام وجود جو بي مثل نمونو آهي. جيئن ته اهي اوگڻ خيالي ناهن بلڪه حقيقي آهن ان ڪري انهن جا هاڃا ڪٽنب ۽ سماج لاءِ ڀينڪر ثابت ٿي سگهن ٿا.
سترهين صدي عيسوي ۾ داور جي زميندار ملڪ جيون بلوچ پنهنجي ساٿين سان گڏجي دارا شڪوهه سان تاريخ جو اهو ڪڌو ڊوهه ۽ ڪرڀ ڏياريندڙ عمل دهرايو هو، جيڪو کانئس سترهن صديون اڳ روم جي بروٽس جيوليس سيزر سان ورتايو هو. غداري ۽ احسان فراموشي جو اهو عمل بلوچ تاريخ ۾ اڄ به هڪ بدنما دائمي داغ جي حيثيت سان شهرت رکي ٿو. ساکرو پٽ ۽ سندس گهرواري جو ساڳيو هڪجهڙو اٻٿ ڏيندڙ عمل به سنڌي هندن جي تاريخ ۾ ڪوڙهه جي چٽي جيان ياد رکيو ويندو...
ٹک حرص و موا کو چھوڑ میاں
نت دیس بدیس پھرے مارا
قزاق اجل کا اٹوٹ ہے
دن رات بجا کر نقارہ
سب ٹھاٹھ پڑا رہ نقارہ
جب لاد چلے گا بنجارہ.
جاپاني هائيڪو ياد پيواچيم:
”چور چورايو سامان
ڇڏي ويو دريءَ تي چنڊ ۽ آسمان“
پر هيءُ ساکرو چور ۽ سندس ٿريچاڻي وني جاپاني چور کان به گوءِ کڻي کيس مات ڏئي ويا..! پٺيان چنڊ ۽ آسمان ته پري جي ڳالهه آهي ڪاري وارا ڪک به ڪون ڇڏيائون....!!
انساني حياتي جي گهڙيال جو لڏڪڻو، آخري گهڙين تائين ڏک ۽ سک جي وچ ۾ جهولندو رهي ٿو، تانجو ’عدم‘ جي اڻ پار اونهائي جي ڪناري وٽ پهچي يڪ طرفو ٿيو وڃي...!
پر، شومي ئي قسمت سببان منهنجي زندگي جو ’لڏڪڻو‘ ڄائي ڄم کان هڪ طرفائي ڏک _ جهڪيل رهيو آهي. مان حيات ۾ ئي عدم جي ڪناري ڀيڙو ٿي يڪ طرفو ٿي ويو آهيان.
اڄوڪي يگ جو مهذب انسان پنهنجي چهري کي عجب کلڻ هاب ڪرڀ ڏياريندڙ انيڪ نقابن هيٺ لڪائي پنهنجي اصليت ئي وڃائي چڪو آهي. خاص طور دانشور، سياستدان ، قلمڪار ۽ رت جي رشتن سان سلهاڙيل جنس ان ڊڪ ۾ پيش پيش نظر ايندي اٿم. مهانڊن جي انهن سو انگن جا به انيڪ نانءُ آهن. منافقت، ڪوڙ، ٺڳي، خود غرضي ، لوڀ، مرتبي جي آرزو وغيره ، هنن لاءِ ڌرتي قبر ۽ آسمان ڳڙڪائيندڙ اجگر جيان بڻجندو نظر اچيم ٿو.
مٿي بيان ڪيل خواهشون يا بدرنگ دوئي جي ڪک مان جنم وٺندا رهن ٿا ۽ ماڻهن جي تن من ۽ ذهن کي ڌتاري موهي منڊي کين تباهي جي ڪُنَ ڀيڙو ڪندا رهن ٿا.
نيڪي ۽ بدي به هڪ ئي جڙ مان ائين اتپن ٿين ٿيون جيئن ڪنهن ماڻهو، فرد جي اولاد نيڪ ۽ بد ٿيندي آهي. ساڳي ريت زندگي ۽ موت به هڪ ئي وڻ جا ميوا آهن. اهو سمورو تماشو دوئي جي ڪک مان پيدا ٿيندو رهي ٿو. ان جو من سان خاتموئي ماڻهو کي انسان ۽ ديوتا جو درجو بخشي ٿو.
انسان کي دوئي (duality) ختم ڪري پنهنجي پاڇي کان پيڇو ڇڏائڻ کپي ڇو جو نرڪ ۽ سرڳ جو واسو ان اندر ئي ٿئي ٿو. تن من ۽ دماغ جي ايڪا گرتا (integrity) ذريعي ئي اهڙو عمل يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
انيڪ سنگين ساٿين ۽ رت سان سلهاڙيل جسمن کي نوح جي ٻيڙي جيان ڏسندو آهيان ۽ انهن وجودن اندر بي انت خواهشن جون اٿندڙ موجون ’مهان ٻوڏ‘ جو منظر پيش ڪنديون ڏيکاربيون آهن. آتم وشواس جي موجودگي ۽ دوئي جي خاتمي ذريعي ئي ان ٻوساٽيندڙ جنجال مان پار اڪرئي سگهجي ٿو.
ڪوبه ڪاريگر فن ڪار، سرجڻهار پنهنجي فن ۽ ڌنڌي جي ڏانو ۾ ڀَڙُ ضرور ٿئي ٿو پر گهور اگيان ۾ گتل ۽ سنئين دڳ تان ٿڙيل چرترهيڻ پرش کي انسان بڻائڻ جي فن کان بلڪل نپٽ هوندو آهي، در اصل سندس فن ۽ ڪاريگريمحبت ۽ فهم پيدا ڪرڻ ۾ پوشيده هئڻ جڳائي ، هيءَ خيال کئيلداس فاني ۽ اياز _ ۽ پنهنجي زندگي بابت سوچيندي آيو اٿم.
اسلام کان اڳ واري اونڌاهي سعودي عرب ۾ نياڻي جي پيدائش بعد سندس نرگهٽ تي ننهن ڏئي ماري يا زنده دفن ڪيو ويندو هو. سندس وجود غير مقدس ۽ اشڀ ڄاتو ويندو هو. اسلام جي آمد کانپوءِ ان ڪڌي ، غير انساني رسم جو خاتمو آندو ويو.
پرکن پل جي survival لاءِ اڄوڪو مهذب انسان وڌيڪ بي ترس ، غير مهذب، ڊاڪو ۽ وحشي بڻجي چڪو آهي. اهو ويچار ٿري هندو جي لڳ ڀڳ اسلامي دنيا کان اڳ واري ويچار ڌارا سان ملندڙ سوچ ۽ عمل تي آيو اٿم . ٿري هندو به ڇوڪرين جي پيدائش کي تحسين جي نگاهن سان ڪون ڏسندا آهن ۽ نياڻي جي ڄم تي نه مٺائي ورهائين ۽ نه ئي خوشي ملهائين. سندس آمد کي اشڀ ڄاڻيندي روزانو واچجندڙ ’گيتا‘ جو پاٺ چاليهن ڏينهن تائين ترڪ ڪري گهرجي ماحول ۾ ڄڻ ماتمي رنگ اوتيو ويندو آهي. خاص طور تي مهيشوري ۽ لوهاڻي ذات جا اڪثر خاندان ان غير انساني رسم جا پوئلڳ آهن. اهو انڪشاف گيتا جي خود ساخته گياني پرش پي داس مهيشوري طرفان فخريه انداز ۾ ڪيو ويو هو.
برهم چاريه جيون تي، جنهن جو ذڪر ڪجهه ماڻهن، فردن جي حوالي سان ڪٿي ڪيو اٿم؛ ويچاريندي سوچيو اٿم ته ان حالت جو سچو تعلق صرف ’دل ۽ دماغ‘ کي برهم چاريه رکڻ سان ٿئي ٿو. تن جي تن کان وقتي يا هميشگي جي دوري مصنوعي هوندي آهي. اصل برهم چاريه حالت ۾ عورت جو احترام ۽ من جي تقدس جو خيال اهو سوچي نه ڪرڻ جڳائي ته هوءَ ’نسل جي واڌ‘ جي ذميوار آهي يا ’محبوبه‘ ۽ ’ڌرم پتني‘ آهي بلڪ کيس مرد جي دوئي (duality) ۾ رچيل ڳهندڙ ۽ ڀوڳڻائن ڀريل زندگي ۾ هڪجهڙي ونڊيندڙ ساٿي بلڪ جاڙي هم نفس طور ڄاتو وڃي. مرد سندس ذات ۾ ’وحدت‘ پسي ٿو ۽ عورت مرد جي ذات ۾ ’دوئي‘ کان آجڪائي جو وسيلو ڳولهي لهي ٿي، پر اسان جي پَرَ ۾ اهڙي ’نرواڻي‘ ڪيفيت اڻلڀ آهي.
حقيقت ۾ دل اندر مندر ۽ مندر اندر دل ٿئي ٿي ۽ انسان لاءِ اهڙي ڳولها کي اتم سمجهڻ جڳائي. دل ذريعي ئي ڪرشن ارجن جيان ٽيئي لوڪ پسي سگهجن ٿا.
’مرڻ لاءِ جيئڻ‘ جي تمنا کي فاني چئي سگهجي ٿو پر ’جيئڻ لاءِ مرڻ‘ جي ويچار ۽ آرزو ۾ لافانيت ۽ ابديت آهي. اهڙي حالت ۾ وجود مٿان ڪنهن تبديلي جو اثر ڪون پئجي سگهجندو.
بنيادي طور انسان جي وجود جي اڏاوت ۾ زمان ۽ مڪان جو وڏو ڪردار رهيو آهي. مهاتماٻڌ چواڻي، انهن ٻنهي سخت ٻنڌڻن کان آزادي کي ئي نرواڻ جي جوت ڪوٺي سگهجي ٿو، ’مڪان‘ اندرنه صرف ڌرتي شامل آهي بلڪ سج، چنڊ، تارا گرهه به ان جو اڻ ٽٽ حصو آهن، جيڪي بي ترس وقت جي آغوش ۾ انسان جيان گولاٽيون کائيندا رهن ٿا. اهي سڀيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. انهن کان آزادي ڇوٽڪاري جي راهه تي آڻي ٿي ۽ ان راهه تي پهچڻ جو سلسلو انهن سڀني پدارٿن سان بي غرض محبت ۾ سمايل ٿئي ٿو. ان سموري مانڊاڻ ۾ صرف انسان ئي ڪائنات جو لڀائيندڙ مرڪز ۽ محور جو درجو رکي ٿو. باقي ٻيو سڀ شنڪر آچار يه جي ’مايا‘ جهڙي حيثيت رکي ٿو. پر اهڙي بي غرض محبت ۾ اگر جسماني سنگم کي به بي غرض قرار ڏبو ته سمورو وجود بي سوادي بي مزي ۽ ڦوڳ جيان ڪين پاسندو؟ آدم ۽ حوا جي ان اوائلي وار سببان ته دنيا بلڪ ڪائنات اندر رنگا رنگي ۽ خوشبو واسيل آهي. بقول شخصي اوائلي انسان گناهه ۽ ثواب جي ٻن دروازن ذريعي جنت مان ٿر جي ٻاهر مليو آيو هو ۽ هينئر فهم ۽ شعور جي صرف هڪ دروازي وسيلي ان اندر ٻيهر داخل ٿيڻ جو ساهس رکي ٿو. هن اندر ڌيان گيان پاڻ کي عمدگي سان اظهارڻ ۽ سرجڻ جي اتم بلڪ الوهي خوبي آهي.
ٻئي هنڌ وري يهودت واد ۾ خدا کي قهار ۽ ساراهه جو تمنائي ڏيکاريو ويو آهي ۽ انسان به سندس سچو نقل لڳي ٿو (جنهن جا بي مثل مثال مٿي ڏئي آيو آهيان...!) حالانڪه محبت ۽ سچ کان عاري ڀوائتي خدا ۾ ايمان آڻڻ اتم انساني متن ۽ آدرشن جي سراسر خلاف ۽ برعڪس هئڻ جڳائي .
هتڙي هڪ ٻي ياد هري آئي اٿم. ابو الهول شين جي خوشبو تي زنده رهي ٿو، هو انهن جي ماس ۽ رت کان بلڪل ون ءَ ويندو آهي. ساڳي ريت وئشنو پنٿي به خوشبو جهٽڻ ۾ ويساهه رکندا آهن، نواب اڪبر بگٽي ۽ آءٌ به ان لحاظ کان وئشنو پنٿي ٿي ويا هئاسون، ماس جي مختصر يا طويل ڏوري کي ’ويسر‘ چئي ان کي ننڊ يا آسائش سان تعبير ڪندا هئاسون .
پر، هتڙي پنهنجو ’وجود سروم دکم دکم‘ بڻجي چڪو آهي ڇو جو پنهنجا ’ويجها‘ آدمخور ۽ رت پياڪ بڻجي چڪا آهن. ٽمبڪٽو جي آدمخورن کان به ٻه قدم اڳتي....!
لازوال ’فردوسي‘ پنهنجي شاهڪار رچنا شاهنامو ورهين جي عرق ريزي ۽ نور نچوئي وجود ۾ آندو ۽ سلطان غزنوي ساڻس قول شڪني بلڪ ويساهه گهاٽي ڪندي هن ٻهڳڻي شاعر جي اجوري ۾ زمين ۽ آسمان جيڏي وڇوٽي پيدا ڪئي هئي! هن باظرف انسان سندس موڪيل اجورو واپس ڪندي شاهنامي اندرهڪ هجونامي جو اضافو ڪري ڇڏيو هو. تاريخ ۽ انساني ذهن شاهد آهي ته اهو هجونامو سلطان جي روح تي تاقيامت هڪ بدنما داغ جيان چهٽيل رهي کيس پيڙت ڪندو رهندو.
مون کي پختو وشواس آهي ته منهنجو هجونامو به انهن ٻنهي ڪوجهي آتمائن مٿان ناسور جيان زندگي جي آخري لمحن تائين ڇهٽيل رهندو.
سلطان کي جڏهن پنهنجي انرٿ ، فاش غلطي يا حماقت جو احساس ٿيو هو ته هن انيڪ جتن ڪيا ته ڪنهن صورت ان جو ڀرپائو ڪري سگهي پر، وقت سندس انتظار ڪونه ڪيو ۽ اوير ٿي چڪي هئي ۽ انت گهڙي تائين ان جي ڀوڳڻا ڀوڳيندو رهيو هو.
هر ڪرڻي ڀرڻي يا مڪافات عمل ڌرتيءَ جي سيني تي ئي ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهيو.
ايوڌيا جي راجا دسرٿ شڪار ڪرڻ دوران پيرسن بيمار ۽ اکين کان جڏي ماءُ پيءُ جي آخري ۽ اڪيلي آسري سندن نوجوان پٽ سرون ڪمار کي ڀل ۾ تير هلائي ماري وڌو هو. هنن ٻنهي نيڪ روحن دسرٿ جي معافي وٺڻ جي باجود کيس پاراتو ڏئي پراڻ تيا ڳيا هئا ...! دسرٿ ان ڪرڻي جي ڀرڻي جي نتيجي ۾ سموري ڄمار هن ڌرتي تي ئي ڀوڳيندو رهيو ۽ پيرسني ۾ پنهنجي پٽن رامچندر، لڇمڻ ۽ ننهن سيتا جي جدائي ۾ ٿڙڦندي تڙڦندي پراڻ تياڳيا هئائين.
هتڙي ته ڀل بجاءِ ’ارادي عمل‘ ڪارفرما رهيو آهي. مون کي هينئر ئي سندن وجود بلائڻ جهڙين ڀوڳڻائن ۾ وڪوڙجندو پيڙجندو پسجي رهيو اٿم.....!
ڪڏهن ڪڏهن ياد ايندو اٿم ته گڏجي کائڻ پيئڻ ، ساٿ ۽ سنگ موروثي دين (genetic effect) ۽ هڪ ٻئي سان جسماني ڇهاءُ ماڻهو جي منورتي، ڪردار، هلت چلت ۽ سوچ کي ايئن بدليو ڇڏي ٿو جيئن طوطو بيديدو ٿي ويندو آهي. منهنجي ٽين نمبر پٽ وجئه پنهنجي ٻال اوسٿا ۾ ڏيون لنگڙي جي ويجهو ويهي هن جي افطاري کي چکيو ضرور هو پر هاڻي جوان ۽ شادي شده هوندي ڏيون منجهه ورنن ڪيل ڪجهه بيمارين جا آثار برساتي گٽرن جيان منجهس صاف روان دوان پسجي سگهجن ٿا. ڪوڙ، ويساهه گهاتي ٽپتئي پڻو، بيديدائپ، بي مهابائي، بي ايماني وغيره بدقسمتي سان سندس ذات جا خاص رنگ انگ ۽ ونگ بڻجي چڪا آهن.
بلڪ هڪ دوست چواڻي هومر جي اوڊيسي ۾ سوريه پتري يوناني ديو مالائي جادوگرڻي سرسي (Circe) جا اوصاف سندس جوءِ لڇمي ۾ چٽيءَ طور پسي سگهجن ٿا. جنهن کيس يوليسس جي ساٿين جيان سوئر بڻائي پلنگ جي پائي سان ٻڌي ڇڏيو آهي؛ يا ڪڏهن ڪڏهن پائي مان آزاد ڪري بڪل بڻائي وارن ۾ اُڻسي ڇڏيندي اٿس، ان ڪري سندس وجود ماڻهو جي هاڪاري خصلتن کان بلڪل وانجهجي ويو آهي، مڇر به حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ چيتاوني طور ڪنن ۾ ڀون ڀون ڪندو آهي پر هيءَ بلهزير جوڙي موقعو ملندي ئي بنان ڪنهن چتاءُ جي ٿريلي سپ جيان جسم ۽ جان ۾ زهر اوتيندي ڪا ويرم ڪون وجهندي آهي. شادي کان اڳ هو ان ڪڌي ڏائئڻ کان ان واقف هوندو هو.
جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بي انت ڪڌائپ خلاف پيدا ٿيل نفرت آسمان کي ڇهڻ لڳندي آهي ته سپني ۾ به ان جو هلڪو ڇهاءُ کيس ڇرڪ ڀرائي جاڳائڻ جو سبب بڻبو آهي. ان ڏس ۾ هڪ طرف مان ۽ ٻئي طرف هيءُ ڪلڇڻي جوڙي ان حالت جا بي مثل نمونا آهن. هنن بابت سوچيندي خيال آيو هئم ته اهڙا ماڻهو جن کي انسان قطعي نٿو چئي سگهجي. ڪجهه به ڪري سگهڻ کان ڪين هٻڪندا ڇو جو هنن جو ذهن ڄڻ گرهڻ ۾ وڪوڙيل هوندو آهي.
يوناني ديو مالائي قصي مطابق ارچني (Archane) ڪنهن چڱي گهر ۾ ڪون ڄائي هئي. بلڪ سندس پيءُ رنگريز هو ۽ سندس ماءُ به گهٽ ذات جي گهرائي سان سنٻنڌ رکندڙ هئي. هوسڀئي هڪ ننڍي واهڻ ۾ رهندا هئا. پر ارچني ڀرت ڀرڻ ۽ اڻت جي ڪرت ۾ بي مثل فنڪارا هئي. جل پريون ۽ جهنگل ۾ رهندڙ ديولوڪي اپسرائون به سندس فن جي سونهن تي عاشق هونديون هيون. شايد توهين اهو سمجهندا هوندو ته هن اهو منفرد فن اڻت جي ديوي منروا (Minerva) کان سکيو هوندو...! پر اهو ٻڌي هوءَ ٽانءُ ۾ ڀرجي چوندي هئي ته منروا منهنجو مٽ ٿي نٿي سگهي. خواهش اٿس ته مون سان مقابلو ڪري ڏسي!“
جڏهن منروا کي سندس تڪبر ۽ هٺ ۾ ٻڏل انهن ٻولن جي سڌ پئي ته هوءَ هڪ نٻل ٻڍيءَ جو روپ ڌاري وٽس آئي ۽ کيس چيائين ”پيرسني ۾ فائدا به آهن، پٺتي ڇڏيل ورهين جو تجربو املهه ٿئي ٿو، توکي نيڪ صلاح ڏيان ٿي ته پنهنجي هٺيلي وهنوار جي منروا کان سچي دل سان معافي وٺ _ هوءَ توکي معاف ڪري ڇڏيندي.
ڪراڙي عورت جا اهي ٻول ٻڌي هوءَ آپي کان ٻاهر نڪري وئي ۽ کيس ڇڙٻ ڏيندي چيائين ”اي بيوقوف ٻڍي عورت! توکي ڪنهن ڏس ڏنو آهي ته مون کي وياکياڻ ڏي؟ جيڪڏهن توکي ڪي ڌيئرون آهن ته هنن سان وڃي مٿوهڻ. اگر منروا ۾ همت آهي ته اچي منهنجي لاجواب فن سان مقابلو ڪري سندس ڇيهه ڇني ڇڏيندس!“
اهي هٺيلا ٻول ٻڌي منروا پنهنجو سوانگ اڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ ساڻس اڻت جي مقابلي ۾ جنبجي ويئي. آخر ڪروڌ ۾ اچي ان مغرور ڇوڪري کي پاراتو ڏنائين _ ۽ جنهن جي نتيجي ۾ هن ( ارچني) ڳچي ۾ سرڪڻي وجهي پاڻ کي ڦاهي ڏني! منروا کيس اهو چوندي هلي وئي ته تنهنجي سموري اولاد ائين ئي ڦاهي تي لٽڪندي رهندي! ويندي وقت هن مٿانئس هڪ جادو ئي پاڻياٺ ڇڙڪيو هو جنهن سبب هوءَ ڪوريئڙي جي روپ ۾ بدلجي وئي، جيڪو اڄ به پنهنجي پيٽ مان تارون تندون ڪڍي ڄار آڻيندو رهي ٿو! هيءَ ڪٿا لڇمي جي ڪردار سان ڪيڏي نه ويجهڙي مشابهت رکي ٿي.
ڪيترن ئي ماڻهن جون شڪليون مختلف جانورن سان نهايت ويجهي مشابهت رکنديون آهن. مون کي ٻه ماءُ ۽ ڌيءُ ياد اچي رهيون آهن. ماءُ جو منهن ڏاند جهڙي پٺ جهڙو آهي. انڪري پڇ جيڏي ڊگهي زبان لڪائڻ جي بلڪل گنجائش ڪون اٿس؛ ۽ ڌيءَ جي شڪل هنومان ۽ ڍڳي جي منهن واري وچولي حصي سان ٺهڪندڙ ڀاسندي اٿم، انڪري پڇ نما زبان کي چترائي سان ان وچين حصي اندر فٽ ڪندي رهي ٿي!
هتڙي ايران جي سدا ٻهڳڻي شاعر فردوسي جي ياد به تازي ٿيندي ڏيکارجي ٿي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائڻ چاهيندس . سلطان محمود غزنوي فردوسي سان انجام ڪيو هو ته منظوم ايراني تاريخ لکڻ تي هُوکيس ڏهه هزار سونيون اشرفيون معاوضي انعام طور ڏيندو. هن هيڻي شاعر ورهين تائين نور نچوئي اهو پهاڙ جيڏو ڀاري ڪم ’شاهنامو‘ جي رچنا جي صورت ۾ پورو ڪيو پر، سلطان پنهنجو واعدو ڪين نڀايو. ان ڪڍنگي هلت تي دلگير ٿي ڪري ان عظيم ڪارنامي جي پڇاڙي ۾ هڪ هجو لکي ڇڏيائين: ”تون ٻانهي جو پٽ آهين، ان ڪري سونين اشرفين بدران چاندي جون مهرون موڪليون اٿئي!“
اهو هجوءَ نامو اڄ ڏينهن تائين تاريخ جي نرگهٽ تي واگهه نک جيان اٽڪيو پيو آهي ۽ سلطان جي روح کي ٻوساٽيندو رهي ٿو.
وجئه پڻ ساڳي ريت سانڀر ۾ اچڻ شرط هڪ پوءِ ڍائي ٿري ڪٽنب جي ڇنال ڇوري جي ڀالن ۾ اٽڪي پنهنجا سمورا ’اڻ لکيل‘ ڌرمي سماجي اخلاقي ۽ مرياداڻي انجام تين وال ڪري ههڙي هجوءَ لکائڻ تي مجبور ڪيو. اها هجوءَ پڻ سندس ذات بشمول ڇنال ڇوري، سندس والدين وغيره ۽ ايندڙ نسلن جي نرگهٽ تي واگهه نک جيان ائين چير وجهندي رهندي جيئن گذريل تاريخ جي هڪ موڙ تي شيواجيءَ افضل خان کي چيريو ڦاڙيو هيو!
بيٿووين کي ڪا اولاد ڪونه هئي ۽ کيس پنهنجي ڀائٽي ’ڪارل‘ سان بيحد سنيهه ۽ پيار هو. مٿانئس گهور گهوران ويندو هو. ٻئي طرف ڪارل کي پڙهڻ يا موسيقي لاءِ ڪو چاهه ڪين هو، هو صرف موج مستي ۽ پنهنجي ذات جي پيار ۾ غرق رهندو هو. جيتوڻيڪ بيٿووين سندس پالنا ماءُ پيءُ نرس ۽ هڪ وفادار خدمتگذار جيان ڪئي ۽ مٿس زندگي نڇاور ڪندو رهيو پر موٽ ۾ هو کيس ڏکوئيندڙ، ستائيندو ۽ هلاک ڪندو رهيو هو. منجهس ڪهل ۽ انسانيت جو ذرو به ڪين پيدا ٿيو _ ۽ ان جي باوجود بيٿووين کيس پنهنجي ملڪيت مڏي جو اڪيلو وارث به مقرر ڪيو هو!
هنن ٻنهي جي رت جي لاڳاپن ۾ ڪارل طرفان ايڏي ته آلودگي ۽ بي ترسي ڏسي منهنجي ۽ منهنجي گهر واري آڏو خاص طور مذڪوره جوڙي جي تصوير اکين سامهون گهمندي رهي ٿي!
جڏهن گهر واري ۽ پنهنجي جيون تي نظر وجهندو آهيان ته پاڻ کي وڌيڪ حيرت ۽ ڏک ۾ گهيريل محسوس ڪندو آهيان. گهر واريءَ ۽ منهنجي گڏيل پگهر جي ڪمائي به ساڳئي طور سموري اولاد لاءِ ڪڏهن موٽ ڪين کاڌي؛ جيتوڻيڪ اسان کي پيڙائي پلئه پوندي رهي آهي. رسجندڙ پيڙا اندر صرف درجن ۽ ڊگرين جو فرق آهي باقي ’جوهر‘ ساڳيو آهي. ورنن ڪيل انهن ٻنهي حقيقتن _ ڪالهوڪي (بيٿوويني) ۽ اڄوڪي ۾ ڪيڏي ته هڪجهڙائي آهي. بلڪ هوءِ ڄڻ مسلسل ’جيئري موت‘ ۾ جي رهي آهي. مان ڪجهه دوستن، مائتن ۽ مذڪوره اولاد جي طرفان ان بي ترسي خود غرضائي سلوڪ، لاڳيتي پيڙا ۽ هتڪ جو حل ادب ۽ فن جي اجهي ۾ تلاش ڪري ورتو آهي پر، هن کي گهر واري ڪو اجهو ملي ڪو نه سگهيو آهي (بلڪ ان زيادتي لاءِ به مان پاڻ کي دوشي سمجهندو آهيان). اهوئي ڪارڻ آهي ته هوءِ ذهني طور هيجاني ڪيفيت ، جسماني طور ڪمزور ۽ ڊگهي عرصي کان بيمار هجڻ جي باوجود ڪنهن وڏي بيماري جي وڌيڪ تيزي سان اوڏو ٿيندي پئي وڃي.
رت ۽ گوشت جي مجسم جي سهن شڪتي محدود ٿيندي آهي، ان ڪري اهڙو انسان ان ’ريکا‘ ٽپڻ کان پوءِ موت جي تمنا ڪندو رهي ٿو.
هتڙي مون کي بائبل جو پراڻو عهدنامو ياد اچيم پيو: ان موجب ساڳين ڏکوئيندڙ حالتن جي گهيري ۾ اچڻ بعد ايليجاهه پيغمبر به روزانو موت لاءِ ٻاڏائيندو رهندو هو. سندس زندگي ۾ ڄڻ بيابان واري خاموشي طاري ٿي وئي هئي.
جيتوڻيڪ هوءَ درد مند ۽ چاهيندڙ دل جي مالڪ آهي پر پنهنجن پراوَن پاران مڙهيل آلائشن کيس ڏکيو دوست به بڻائي ڇڏيو آهي. هن مٿان اڪثر مايوسي ۽ نااميدي جا دورا کيس بي حد رنج ۽ ڏک جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙي ويندا آهن جتان واپسي ٻنهي ڌرين لاءِ ڏاڍي ايذائيندڙ بڻبي آهي.
منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ادب ۽ فن سان ذرو به لڳاءُ هجيس ها ته شايد ان دردشا ۾ ڪجهه گهٽتائي اچيس ها. فطرت يا قدرت بلڪ انسان جو انسان مٿان اهو وڏو ڪُوپ ۽ زيادتي آهي، جنهن اندر هر ڪو ولوڙجي رهيو آهي.
منهنجي خيال ۾ بلڪ حقيقت ۾ هوءَ وڏي ڏکويل ۽ ناخوش جيو آهي ۽ وقت جي تيز يا ڍري لهر کيس عمر جي هر گذرندڙ پل ۾ وڌيڪ مايوسي ڏانهن ڌڪيندي ڏيکارجي ٿي. سندس وجود ۾ سمايل شروعاتي خوش مزاجي ۽ اڀرندڙ جذبا، ٻاهران مڙهيل، گرهڻ جي ناڪاري اثرن هيٺ جڪڙجي ڪاراٽجي ويا آهن.
مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته سندس ڪرندڙ صحت ٻيهر سڌري ڪين سگهندي ۽ ان ڪري پاڻ به مايوسي ۾ ويڙهيل ان حقيقت کي محسوس ڪندي وڌيڪ قنوطيت ۾ وڪوڙجندي رهي ٿي _ ۽ نتيجي طور ’معاملن جي دٻڻ‘ اوڏ ٿيندي وڃي ٿي. هنيئر لڳي ٿو ته ڄڻ سندس سڀئي آشائون ٻڙيءَ تي اچي رسيون آهن. کيس دوستي محبت سنگ ساٿ رشتو ناتور (خاص طور ٿرياڻي ننهن جي مڪاري ڪوڙ حرفت ۽ خود غرضي) وغيره خوشي جي بجاءِ رنج غم ۽ تلخي ۾ وڪوڙيندا ڏيکارجن ٿا. منهنجي پنهنجي ذات به ان اوڙاهه کان محفوظ ڪونهي. هن جو هر احساس سونهن ۽ سڳنڌ پهچائڻ بدران کيس هميشه لاءِ انهن کان ڏور ڌڪيندو نظر اچي ٿو. هر نئين صبح کيس شانتي خوشي تازگي بخشڻ بجاءِ گذريل ڏينهن جي غم ۾ ٻڏل هوندي آهي. انسان جي دک الميي جي ڪيفيت هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا سندس درد شا کي خيالي چئي سگهجي ٿو؟ نه، قطعي نه.
پنهنجي ۽ پراوَن طرفان مڙهيل انهن ڪارن ڪارڻن سبب سندس سلوڪ ۾ هم آهنگي سهپ ، ميل ميلاپ ۽ سنگم جي يڪ طرفي آشا رکڻ بيسود ۽ انصاف جي تقاضائن جي برعڪس آهي. ساڻس ٿيل ۽ اڃان تائين ٿيندڙ ڪلورن جي مسلسل وزني ٿيندڙ حُجم جو انت ٿيندو نظر نٿو اچيم. اسان ٻئي ان هيٺان پيسجندا رهون ٿا. ان حالت انسان ذات مان سندس ويساهه کي ڀوريون ڀوريون ڪري ڇڏيو آهي. ان نهوڙيندڙ دٻاءُ وارين حالتن جي باوجود هوءَ ڪڏهن (dishonest) ڪين بڻجي سگهي ۽ ان حالت منجهس هيجاني ۽ ڪنهن حد تائين غير متوازن ڪيفيت به پيدا ڪري ڇڏي آهي. بلڪ رات جو گهري ننڊ ۾ به اهي ڪلور کيس shocks ڏيندا رهن ٿا ۽ اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويهندي آهي.
انهن سڀني ارهه زوراين جي باوجود ماڻهن (پنهنجن، پراون) جي سلوڪ، نفسيات ۽ عادتن بابت سندس رايو ۽ عمل نه جانبداراڻا هوندو آهي ۽ نه انصاف جي تقاضائن کان خالي! نڄاڻان هن جي شروع واري نرم ۽ ملائم دل الائجي ڪيڏانهن وڃائجي وئي؟ اها پنهنجن ۽ پراون جي قربان گاهه جي نذر ٿي وئي آهي! صرف ان جي مڌر ياد رهجي وئي اٿم.
الائجي ’روحاني ڪوڙهين‘ وجئه ۽ لڇمي (جنهن جي دل ڪاري ۽ زبان مٺي آهي) جو کاتو (debt) اڪائونٽ ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن تبديل ٿيندو؟
منهنجي پتني پنهنجي سڀاءُ سلوڪ ۽ وهنوار جي معاملن ۾ نهايت مخلص آهي، سندس خلوص جي تصوير ان حقيقت مان به بکندي رهي ٿي ته هوءَ چالاڪ حرفتي، چرب زبان _ مصلحت پسند هرگز ڪونهي _ ۽ اهو سڀ ڪجهه بنان رک رکاءُ چئي ڏيندي آهي جيڪو سندس ذهن ۽ دل ۾ هوندو آهي ۽ منهنجي ذات به ساڳين ’لڇڻن‘ جي لپيٽ ۾ سندس جيان لوڙهيندي رهي ٿي. اڄوڪي حرفتي سماج ۽ ڪلجڳي يگ ۾ اهو عمل واکاڻ ۽ قبوليت ڪڏهن ڪين حاصل ڪري سگهندو. ان مونجهاري کي ڪوئي سلي نٿو سگهي!
هن جو خلوص مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهي ۽ هوءَ پنهنجي جائز حقيقي حق تان ڪڏهن دستبردار ٿيڻ لاءِ سوچڻ به گوارا ڪري ڪين سگهي ٿي. اگر سندس ان حق تي ڪنهن به پنهنجي يا پرائي ڌر پاران وار ٿيندو محسوس ڪندي ته ويجهي ۾ ويجهي لاڳاپي يا سنٻنڌ کي ختم ڪرڻ ۾ وقت جي ڪا وٿي وجهڻ به پسند ڪين ڪندي! اهڙي سوچ به موجوده حرفتي ۽ چالباز سماج يا ان جي ڪنهن فرد کي ڪڏهن ڀانءِ ڪين پوندي _ ۽ نتيجو: ڏڦيڙ، اشانتي ۽......!
ناانصافي، دولاب ۽ ويساهه گهاتي جي ڀوڳڻا ۾ پڄرندڙ انسان بدلي جي ڀاونا ۾ جلندو رهي ٿو _ ۽ کيس ان لفظ جي مفهوم اندر اتم قسم جو مٺاس محسوس ٿيندو آهي. اهو تاثر اياز ۽ علي احمد بروهي جي ڀڳل زهر آلود لاڳاپن کي ياد ڪندي به اڀريو اٿم. ان ڏس ۾ قربانين ۽ دکن جي باوجود کيس ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ٿو ٿئي. ان جي باوجود به هو ڏولائمان ڪونه ٿيندو آهي. بدلي جي جوت زردشتي باهه وانگر سدا ٻرندي رهندي آهي.
قدرت جي ڏمر يا اتفاقي طور ۽ بدنصيبي طرفان آيل ڪائي به بي انت آپدا يا ڀوڳڻا ڪنهن ٻئي انسان جي پاران لاڳو ڪيل ڏک ۽ ڀوڳڻا جي ڀيٽ ۾ تڇ ۽ خسيس محسوس ٿيندي آهي. ان سوچ جو ڪارڻ اهو آهي ته پهرين قسم جا دک ۽ ڀوڳڻائون گهڻو ڪري سموري انسان ذات جو ’ڀاڳ‘ ليکيون وڃن ٿيون؛ پر، ٻئي قسم جي ذريعي پهتل تڪليف ۽ روح تي رسيل زخم ٻئي جي ’برتري‘ ۽ پنهنجي ڪمزوري بي وسيءَ کي چٽائي سان محسوس ڪرائينديون رهن ٿيون. جيتوڻيڪ اهڙي رسيل زخم کي ڪنهن صلي ذريعي ڀريو به وڃي پر ان تلخ احساس کي جيڪو ناسور جيان روح تي ڇانيل رهي ٿو صرف ۽ صرف بدلي جي ڀاونا کي عملي جامو پهرائڻ سان ڪنهن حد تائين مٽائي سگهجي ٿو . جتي دل ۽ روح وڌيڪ حساس ۽ خودي سان ٽمٽار ٿين ٿا اتي بدلي جي ڀاونا ۾ به اوڏي ئي شدت اڀري ايندي آهي. ان صورت حال ۾ ’نفرت‘ جيڪا دل مان اتپن ٿيندي ۽ ڌڪار جو جذبو جنهن جو واسطو ذهن سان ٿئي ٿو انهن ٻنهي جو مرڪب به بدلي جي ڀاونائن کي چوٽ تي رسائڻ جو سبب بڻبو آهي.
انسان بنيادي طور ’غيرانساني‘ سڀاءُ نٿو رکي پر سندس خواهش ۽ ضرورت جي پورت موجوده اڻلڀ ۽ اڻاٺ (scarcity) واري صورت ۾ ٿيڻ جو امڪان گهٽ ٿيندو نظر اچي ٿو ان ڪري ’هُو‘ وحشي ۽ زهريلي درندن کان چلت وڏيڪ خونخوار، بي رحم ۽ رت پياڪ بڻجي پنهنجي نسل جو جاني دشمن بڻجي ويو آهي. ٻنهي بدروحن کي به ان خاني ۾ فٽ ڪري سگهجي ٿو. هتڙي ان عمل وسيلي اهڙا ’روح‘ انسان کي انساني روپ بخشڻ بجاءِ وکر، شي (object) جي صورت بخشي استعمال ڪندا رهن ٿا.
اسان جي موجوده سماجي جوڙجڪ ۾ جيستائين اهڙي اڻ برابري ، ڪوڙ ۽ منافقت جو چڪر هلندو رهندو تيستائين ڪنهن قسم جي ’اخلاقي ٻنڌڻ‘ جو واهپو يا ان جو تصور ڪرڻ ناممڪن آهي. چاهي اهو مذهب تي آڌار رکندو هجي يا ڪنهن فلسفي تي!
هيُ بيت لڇمي جي سڀاءُ نيت هلت چلت جنهن تي گدلائپ جا تهه چڙهيل آهن، جيڪا منهنجي سوچ ۽ آزمودي مطابق موروثي طور سچ سپيتيائي ۽ من جي سادگي جي ڪڏهن اوڏو نه رهي آهي، ڪيڏي نه ڀرپور طور عڪاسي ۽ ترجماني ڪري ٿو:
اونو آڌيءَ رات ، جهپ نه آ ڪنهن جيءَ کي
سُس پُس ۾ ساڻيهه جي ُبرا، تنهنجي بات،
گهاتڪ تنهنجي گهات، دهڪو ساري ڏيهه ۾
يا هيءُ...
آهه برو ُبک کان، ڀونءِ مٿان هي ڀئو،
ڍورن گهرجي ڍو، ماڻهو ڳولهي ماڻهپو.
لڇمي بابت وڌيڪ سوچيندي صائب جو هي شعر آڏو تري آيو اٿم _ ڪاش هوءَ ان جو عملي پيڪر هجي ها ته گوندر گم ٿي وڃن ها:
خوب می ہا گوید سخن ہرکس کہ گفتارش کم است
میوہ نیک پرور ہر ساختہ ای بارش کم است
جيڪو گهٽ ڳالهائڻو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿو ڳالهائي، جنهن ٽاريءَ تي برسات گهٽ پوندي آهي ان تي ميوو ڀلو ٿيندو آهي.
هڪ قلم ڪار زندگي جي ڏاڍ ارهه زورائي تي پنهنجي مخصوص انداز ۽ اسلوب ذريعي پاڻ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ اظهارڻ ۽ پلٽڻ جو پورو پورو حق رکي ٿو.
مسڪان ۽ مهڪ جي هلت کي ذهن ۾ رکندي خيال پيدا ٿيم ته ننڍڙن ٻالڪن ۽ ٻالڪين جي معصوم ڳالهين اندر ’وڻندڙ‘ يا ’اڻ وڻندڙ‘ خيالن جي اظهار ۾ سندن مات پتا جي ڳجهين ڳالهين جو عڪس لڪل هوندوآهي.
سندس مڙسنس ساڻس سان زباز ڪري سن 58، 1957ع کان سنڌ، پاڪستان ۽ هندستان جي نامور فنڪارن ۽ اديبن جي وچ ۾ منهنجي ستاويهه ورهين جي ادبي لکپڙهه سن 2004ع ۾ ڪٻاڙي کي وڪڻي ڏئي مون کي پالهو کوکلو ڪري ڇڏيو هو. ايڏي ڊگهي سمئي جي ’امُلهه‘ موڙي جيڪا اندر جي جوت ۽ تن جي اگن سان تحرير ڪئي وئي هئي ان کي کن پلڪ اندر ٻاهر جي اگن وسيلي تارا ۾ ڪيو هئائين . ان ڏينهن مان اڪيلائي ۾ اوڇنگارون ڏئي رنو هئم.
هي بدنام جوڙو ڪوڙ، پاکنڊ ۽ دولاب جي پوشاڪ اوڍي پنهنجي باطن ۾ کوکلو ۽ ڍانڍو بڻجي چڪو آهي _ ۽ يگن جي ناڪاري روايت کي ڄڻ اونڌاهي زندگي بخشي ڇڏي اٿس. ماضي ۾ به بي وقعت ۽ تڇ هو _ ۽ اڄ به ايئن ئي آهي. انساني عظمت ۽ نيڪيءَ کان بلڪل پري ڏور، نرواڻ کان اڻ ڄاڻ، ٻاهرين غلاظتن ۾ باهه جي گولي وانگر تڪليف ڏيندڙ، آدم آزاد، خوفناڪ پر، داخلي طور موت سان همڪنار، وساميل وساميل، ظلمتن جي ڌٻڻ اندر لاڳيتو غرق ٿيندڙ پنهنجي ڀيانڪ انجام کان بي خبر....!
آڳاٽي زماني کان ٿريلي علائقي جا طبعي طور ٻه ڀاڱا آهن ¬_ هڪڙو”ڍٽ“ يعني ٿر جو وارياسو علائقو ۽ ٻيو ”پٽ“ يعني سخت زمين وارو پاسو جنهن ۾ سموري نارو، ڊويزن اچيو وڃي ٿي. اها ميرپور خاص کان حيدرآباد تائين دنگ ڪري ٿي. پهرين ڀاڱي ۾ ڏيپلو، مٺي، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، امرڪوٽ وغيره اچيو وڃن ٿا. ان کان علاوه اڳي ٿر جي اترائين پاسي کي کائر جو ٿر ۽ ڏاکڻي ڀاڱي کي جيڪو ڪچ جي رڻ پٽ ڏانهن لڙيل هو. پائر ٿر سڏبو هو _ ۽ ٻنهي جي وچ واري حصي کي ٺٽ ڪوٺيو ويندو هو. هي ءَ علائقو هڪ طرف ڪڇ ڀڄ ۽ ٻئي پاسي راجسٿان ۽ ٽئين طرف گجرات جي حدن سان گڏيو بيٺو آهي. ان لڙهه وچڙ ڪري سندس ڪلچر ۾ چاشني ۽ چشڪو خاصوآهي . چون ٿا ته ڍاٽڪي گاڏڙ ٻولي انهن ٽن ثقافتي اڪاين جي ميلاپ مان ايئن جنمي هئي جيئن موجوده پنجابي نسل ۾ ٻاهرين حملي آور قومن ( ايراني، يوناني، سٿين، پارسين، ساڪا، افغان وغيره) جي خون جي آميزش جهجهي کان وڌيڪ آهي.
ٿر بابت هڪ آسونهين چوڻي آهي ته ”راڳ پنجاب ۾ ڄائو ۽ ٿر ۾ مئو.“ عام طور ٿري لوڪ راڳ جي باريڪين کان ڏور آهن، علائقي جو اهنج به ان لاڙي جو ڪارڻ چئي سگهجي ٿو. ٿر جي هندن ۾ ڪو ڄمي توڙي پرڻجي ته به سر اهڙو ڪڍن ڄڻ ته ڪو مئو اٿن. ان کان علاوه ٿر اندر ڪنسبي (ڳاريل آفيم) جي واهپي جو رواج جڳن کان هليو پيو اچي، تڏهن سندن دماغي لڏڪڻو ڪڏهن ٻه قدم اڳيان ۽ ڪڏهن چار قدم پوئتان نظر ايندو آهي.
جڏهن ڪو حساس ماڻهو ڪنهن ڪاروباري سبب يا گهريلو مجبورين ڪارڻ جسماني ۽ ذهني طور ڀاڱن ۾ ورهاجيو وڃي ۽ ان ۾ ڪجهه گپت ڳالهين کي به باطن اندر دٻائڻو پوي ٿو ته اهو عمل کيس بري طرح متاثر ڪريو ڇڏي ٿو. ان طريقي سبب سندس لاشعوري جاڳرتا به ساٿ ڇڏيو ڏئي ٿي.
منهنجي ٿري سيڻ جا ٽي ڀائر آهن _ ۽ بدقسمتي سان اهي ٽئي ۽ پاڻ به ڌرم جي ڏيکاوي صورت، رسم رواج (ritual) ڪريا ڪرم ۽ ايماني خوءِ ۾ اهڙي قسم جي ٻين ٿرين جنهن ۾ مهيشوري، لوهاڻا، مينگهواڙ، سوڍا، ٺاڪر، اوڏ، ڀيل ۽ ٻيون انيڪ ذاتيون سمايل آهن کائن ڪنهن صورت ۾ پوئتي ڪونهن. سندن جنسي اُڇل جو هال ميروڊوناءَ جي فوٽ بالي ڪڪ (kick) کان ڪنهن به حالت ۾ شدت، وهاءُ ۽ ان جي اثر کان گهٽ لاڀدائڪ ڪونهي. شاعر ميراجي ٽن گولن سان کيڏندو رهندو هو، ليڪن هي همراهه ٻن کينهن: دنوي لذت ۽ آسماني آنند سان بنا ڪنهن ضميري چهنڊڙي جي کيڏندا، موج مستيون ڪندا، اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين وڏي ڀاءُ (big brother) جي سامراجي روپ ۾ نظر ايندا رهن ٿا. لڳي ٿو ڄڻ مدن مست (Cupid) پنهنجي آتشي ٻاڻن سان سندن دلين خاص طور سندن جسم جي هيٺين ڀاڳن ۾ بيشمار سوراخ ڪري ڄڻڪ انهن ۾ ’اگن‘ کي هميشه لاءِ ’مگن‘ ڪري ڇڏيو آهي. هرهڪ وٽ هن وقت به ڪرڪيٽ ۽ هاڪي جي تقريبن مڪمل ٽيم موجود آهي ۽ مستقبل ۾ به زمين جي زرخيزي کي ڏسندي ان اندر ذڪر جوڳي اضافي جي امڪان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
ٿر جي ڏڪاريل ڌرتي جون عورتون عام طور جسماني طرح سگهاريون، سڊول ۽ مردمار قسم جون ٿينديون آهن پر، سندن مرد لڳڙو، ميسڻا، طوطا چشم، حرفت باز، خود غرض _ ۽ اک ۾ سوئر جو وار هوندو اٿن. عورتون به ڇل ول مڪر فريب ۽ ڳياڙي هڻڻ ۾ پنهنجو ثاني ڪون رکن! هنن جي اجهل ڪان ڪان ۽ ٽان ٽان ٻڌندي ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪانوءُ جو گوشت بلڪ ان جي هڏي واپرائي اٿن.
هتڙي ياد اچيم پيو ته مشهور جرمن موسيقار شوبرٽ ۽ ناليري انگريز شاعر ڪالرج کي به گهڻي ڳياڙي هڻڻ جي ڪڌي عادت هئي. ان ڪري اڪثرماڻهوکانئن لهرائيندا هئا. لڳي ٿو ته هو ٻئي سالم ڪانوءُ ئي رڙڪي ويا هوندا.
ڪيترين جو ’حسن‘ ۽ فني ڏانوَ ماڻهوءِ کي ميڻ جيان رجايو ڇڏي. سندن اهڙي رجائيندڙ سندرتا سان دماغ اندر اٿل پٿل ۽ من ۾ جذبات ڀڙڪائيندڙ اصلوڪي خاصيت جي فطري سنگم کين پنهنجي مخصوص کيڏ ۾ بي نظير بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي مخلوق آڏو وفا، ڊيسيپلين ۽ هڪ ڪرتو ٿي رهڻ ثانوي حيثيت رکي ٿو. سندن سڀاءُ ۾ شڪ، سازش، ڪوڙ، ڪنجوسائي ۽ بيوفائي جا منفي عنصر زمين جي خشڪي، وارياسي جي لهسائيندڙ تپت، ڪرت جي ڪمي ۽ تهذيبي دنيا کان دوري سبب پيدا ٿيا آهن.
سخت پورهئي، بک ۽ ٻوساٽيندڙ اتت سبب مردن جو پاڻياٺ خشڪي جي نذر ٿيو وڃي، ان ڪري پنهنجي زالن اڳيان مڄو بيزبانا، للُو ۽ لل ڏيکاربا آهن. صرف جهرڪين جيئن ٽپا ڏيئي ڄاڻن ۽ ’شاداب ٻني‘ تي ٻج ڇٽي ٻلونگڙن، سيهڙن ۽ گلرن جيان نسل ۾ حيرت ناڪ واڌارو ڪري نه صرف پنهنجي ملڪ، صوبي بلڪ سموري دنيا لاءِ سنڪٽ واري حالت پيدا ڪئي اٿن. سندن زالون اصطلاحن کين بينگالي جادوگرڻين جيئن ٻڪرو بڻائي کٽ جي پائي سان ٻڌيو ڇڏين ٿيون ڇو جو ’ڏات‘ ۽ ’ڏانوَ‘ کان خالي هجڻ ڪارڻ سندن آڏو ڇٽل ڪارتوس جيان ڀاسندا آهن.
ان کان علاوه هڪ ٻي ڪڌي رسم سندن ڌرم ڪرم رواج جو اڻ ٽٽ حصو بڻجي وئي آهي. جنهن جي پيروي ۾ ڏکڻ پنجاب ۽ ڪجهه ٻين مسلم آبادي وارن علائقن جيان وٽي سٽي جي شادي ۾ پختو ايمان اٿن. ان طريقي سان عورت جو درجو سماج اندر نه صرف ٻئين يا ٽئين سطح تي پهچي وڃي ٿو، بلڪ کيس شين جي قديم مٽي سٽي جي سرشتي وانگر هڪ بي جان وکر يا گگدام جانور جيان ليکجي ٿو. ان طريقي سان مٽا سٽا ٿيل انهن عورتن تي لاڳاپيدار ڌرين طرفان اتياچارن جو هڪ ڊگهو ۽ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿئي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري هنن جي زندگي جي ڏيئي جي ٻرندڙ لاٽ تائين قائم رکيو وڃي ٿو.
اياز چواڻي ٿري اُٺي جي واءُ تي جهڙو چريو، ان جا پرون پوندي ئي ناسون ڦنڊجي ويندس، سمجهي ويندو ته ٿر وٺو آهي ۽ بنان موڪلائڻ جي پيرن تي ٺڪاءُ ڏيئي ڀڄي ويندو. ان مان لڳي ٿو ته ’ٿرياڻي‘ به اُٺي جي واءُ جو بهانو ڪري مڙس کي ڇڏي ڀڄي وڃي سگهي ٿي _ ان ڪري هن تي ڀروسو گهٽ ڪجي ۽ اصطلاحن کيس ٻيڙيون وجهي رکجن ته جيئن مامرو مام ۾ رهجي اچي.
هتي مون کي مشهور آمريڪي اديب مارڪ ٽوئن(سن 1910ع _ 1835ع ) جي هڪ دلچسپ تحقيق ياد اچي رهي آهي. هن مطابق عام طور عورت ستن ورهين جي عمر ۾ بلوغت جو بار کڻي سگهڻ جي اهل ٿئي ٿي. سندس ڀيٽ ۾ مرد سورهن يا سترهن سالن جي ڄمار ۾ ساڻس برميچي سگهڻ جو اهل بڻجي ٿو. اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته مرد صرف پنجٽيهه سال (يعني پنجاهه ورهين جي ڄمار تائين) چڱيءَ پرخدا طرفان سونپيل پنهنجي فرض جي بجاوري ڪري سگهي ٿو يعني پنهنجي سراسري زندگي ۾ في سال هڪ سو ڀيرا’بادامي باغ‘ جو واس وٺي ڪل پنج هزار دفعا واس وٺڻ جو اهل رهي ٿو.
عورت سندس ڀيٽ ۾ في سال ٽي هزار دفعا ’گنگا اشنان‘ ڪري پنهنجي جيون ۾ هڪ لک پنجاهه هزار ڀيرا اها تيرٿ ياترا ڪرڻ جي اهل رهي ٿي، بلڪ پرڏاڍي ٿيڻ بعد به منجهس اها روشني موجود هوندي آهي، ليڪن مرد ويچاري جو، ’ڏيئو‘ ڪڏهوڪوگل ٿي وڃي ٿو.
اهي ڇٽل ڪارتوس ٿري، خدائي ڏمر سبب، هاٺي ۽ رنگت ۾ ڪارڙا، ڊيندڙا، بندرڙا ۽ سنهڙا ٿين ٿا ۽ ان سبب ڪري به جانٺين ٿريچاڻين لاءِ منجهن ڪا دلچسپي يا چاهه ڪون ٿئي. مردن بابت مارڪ ٽوئن جي ڏسيل ’ٽه رقمي‘ کان به گهڻو گهٽ اسڪور ڪندا هوندا جنهن ڪري ٻڪرو بڻجڻ سندن نراڙ تي لکجي ويو آهي. لکڻي کي ڪير مٽائي؟
ڪنهن مهاتماٻڌ کي ساراهيندي چيو هو، ”هو انسانن ۾ اعلي خوبين جو مالڪ هو. عدم تشدد جي ٻهڪندڙ علامت، نيڪي جو بي مثل پتلو، ڪروڌ جي اگن کان اڻ وسهندر، دوري موهه لوڀ ۽ اهنڪار جا ڪوٽ نابود ڪندڙ، ذات پات جا سنڌا مٽائيندڙ، انسانن ۾ برابري جي متي جو مهاٻلي هيرو، نرواڻ جي دڳ جو سچيت سونهون، هر قسم جي برائي جو بي خوف ويري ۽ ناستڪ واد (atheistic creed) جو ڏاڏو آدم هيو. ليڪن منجهس هڪ ڇوت جهڙي برائي هئي جيڪا سدا چڀندي رهي ٿي؛ اها هيءَ ته هو بهاري هو!“
ساڳي طرح محترم دوست محمد عثمان ڏيپلائي، ڪامريد غلام محمد لغاري، روچي رام وغيره به ٻهڳڻيون انسان دوست آتمائون ضرور آهن پر، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ’هو سڀيئي، بدقسمتي سان ٿري آهن.
پاڪستاني ٿر جيان دنيا جي ڪئي ملڪن ۾ بي پناهه پکيڙ، اهنج، تڪليف ۽ پيڙا جي لحاظ کان گهڻيئي مشهور ريگستان آهن. اڻ ورهايل عربستان جو ريگستان جنهن اندر موجوده سعودي عرب، عراق، اردن، يمن، شام، ڪويت، يو اي اي، مصر وغيره شامل هوندا هئا. پيٽرول، گئس ۽ تيل جي دريافت کان اڳ، آڳاٽي زماني ۾ اهي سڀئي ملڪ بي حد غربت ۽ ناداري جي مهاچڪر ۾ ڦاٿل هوندا هئا. خاص طور تي ٻوساٽيندڙ گرمي لوساٽيندڙ اتت ۽ پاڻي جي شديد اڻاٺ سبب انهن علائقن جي رهواسين جي زندگي نه کٽندڙ پيڙا ۽ ڀوڳڻا جو نالو هوندو هئي. بک اڃ بي وسي سندن نصيب هئو. انهن قدرتي ايذاون، اهنجن ۽ نتيجي ۾ بيماري ۽ بک وگهي تڙڦي تڙڦي مرڻ سندن سڀاءُ تي گهرا ۽ ديرپا منفي اثر وڌا. شڪ رياڪاري بي ترسي دوکو دولاب وحشي پڻو خودغرضي _ ۽ ڪوڙ، عام طور، سندن ضمير ۽ چلت جو انگ ۽ رنگ بڻجي ويا.
پاڻ ۾ قبائلي دشمنيون رستي تي ڦرلٽ چوري چڪاري جنگ قتل ۽ اغوا سندن خاص ڪرت ۽ ڌنڌو هوندا هئا. ڪٿي به گهر ڪري ڪين ويٺا، هميشه خانه بدوشي واري زندگي گذاريائون ۽ جتي پاڻي يا چراگاهه نظر ايندو هئن اتي خيما کوڙي ڪجهه ڏينهن مصنوعي بي فڪري جا گذاري وري اڳتي اسهندا هئا. ٿر ۾ خوشي قسمتي سان ڪجهه شهري بستيون آهين. جهڙوڪ نئون ڪوٽ، نگرپارڪر، ڊگڙيِ، سامارو، نبي سر، ڪنري، بٺورو، مٺي، ڇاڇرو، عمرڪوٽ، اسلام ڪوٽ، جيمس آباد، کوکرا پار، ڏيپلو وغيره. پر آڳاٽي عربستان ۾ تمام گهٽ شهري آباديون هونديون هيون. مڪو، مدينو، بغداد، دمشق، قاهره، بصره، اسڪندريه وغيره هڪ ٻئي کان وڏن مفاصلن تي هوندا هئا ۽ سواري جو ذريعو صرف ريگستاني جهاز ’اٺ‘ هيو _ ۽ سفر ۾ ئي ماڻهن جي زندگي پوري ٿي ويندي هئي.
هتي مون کي سنڌي، انگريزي جو مشهور دانشور ڀوپال دهلي جو اڳوڻو ايڊوڪيٽ جنرل اندرا گانڌي ۽ سندس ڪابينه جي مکيه وزيرن جو دوست، منهنجو به گهاٽو دوست _ اديب رام (امر لال) ياد اچي پيو. هن جو تعلق ورهاڱي کان اڳ جيڪب آباد جي ڪاموري گهراڻي سان هيو ۽ بقول سندس زباني ان زماني ۾ پوٺي، پٽن ۽ وارياسي علائقن جي رهواسي، جانٺين پخته ڪار ۽ البيلي نارين، جيڪي سندس گهر ۾ ڪم ڪنديون هيون کيس به ننڍي وهيءَ کان ’هوشياري‘ جي سُتي بلڪ ’دارون‘ پياري ڀڙ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هو.
لڳي ٿو ته پنهنجي ’خفت‘ مٽائڻ خاطر ’جوس‘ نڪتل ملان ۽ وڏيري جيان هنن بدنصيب ٿرين به ’ڌرم‘ جي ڍال سنڀاري پاڻ کي ٿريچائين جي ’مون مستي ٻاڻن‘ کان بچائڻ جو گر سکي ورتو آهي.
پاڻ پڏائڻ، ڌرم تي اپديش ڏيڻ، سورويرن جون وارتائون بيان ڪرڻ پاٺ پوڄائون، ستسنگ ڪيرتن ڪرائڻ، ڏڻن وارن جا ڪئلينڊر ڊائريون ڇپائڻ سندن اصلي ڪرم وڃي رهيو آهي. باقي سندن ٿريچاڻين جي پورت ڪرڻ لاءِ ڌرتي وشال آهي. اٺارهين اوڻويهين عيسوي صدي ۾ اٽلي اندر به ساڳيو دستو رائج هو. اوچي يا هيٺيئن طبقي جا مرد وڻج واپار مذهبي ڪرت ۾ ننهن کان چوٽي تائين گتل هوندا هئا ۽ سندن زالون ڀينرون، مائرون، ڌيئرون پنهنجي ’آسودگي جي ڪرت‘ لاءِ اڪيچار وسيلن کي ڳولهي مهارت حاصل ڪئي هئي.
ٿري، سماجي طور تي اجتماعي سڌاري جي ابتڙ وهندڙ مخلوق آهي. ذهني، اخلاقي ۽ جسماني پسماندگي جي ڌيان جوڳي علامت؛ گلا غيبت ۽ تعصب جي ساهه کڻندڙ مورت ۽ صورت!
جنهن زميني علائقي ۾ شديد اڻ هوند ۽ ڏڪر جهڙيون حالتون لاڳيتيون موجود رهن ٿيون اتان جي رهواسين ۾ منفي سوچ ۽ لاڙا سڀاويڪ طور پيدا ٿي سندن فطرت بڻجيو وڃن ٿا.
ساڳي طور دنيا جو وڏي ۾ وڏو ريگستان (ٿر) صحرا جو رڻ پٽ جيڪو آفريڪا ۾ سوڊان کان شروع ٿي نائيجيريا ، مالي ملڪن تائين ڦهليل آهي. ان جون حالتون به بدحالي جي بدتر سرحدن کي پار ڪنديون ڏيکارجن ٿيون.
آفريڪا جي اولهائين ڇيڙي تي ڪالاهاري نالي هڪ ٻيو به ناميارو ۽ آدم آزار رڻ پٽ ريگستان آهي جنهن اندر مشهور بش مين (men bush) قبيلو رهي ٿو جيڪو بي اعتبارو ۽ خطرناڪ ليکيو وڃي ٿو. سندن تصور ايندي ئي دماغ ۾ ڀنوائي ۽ دل آزاري جهڙي ڪيفيت پيدا ٿيو وڃي ٿي، ۽ جسم ۾ سندن زهر ٻڌل تيرن جو چيڪو محسوس ٿئي ٿو.
مالي جي ڇيڙي تي جتي نائجرندي موڙ ڪاٽيندي صحرا کي ڇهي ٿي اتي تيرهين صدي عيسوي ۾ مالي جي منساموسيٰ نالي هڪ متقي مسلمان بادشاهه قافلن جي ترسڻ لاءِ ٽمبڪٽو نالي هڪ شهر جوڙايو هو. اهو شهر صرف نانءُ ۾ عجيب نٿو لڳي بلڪ ان جي بيهڪ ۽ رهواسين جي هلت به عجب ۾ وجهندڙ آهي. هتان جي ماڻهن جي پسنديده خوراڪ ڪوئا ۽ انهن جو سوپ سمجهيو ويندو هو. ان ۾ نالي ماتر ڇانو رهي ٿي. سج جي گرمي ۽ لاڳيتو صحرا جي رڻ پٽ جي اتت کيس نرڪ جي آڳ جيان ڀسم ڪندي نظر ايندي رهي ٿي. گهر مٽيءَ جا ٺهيل هميشه ريگستاني هوائن جي چاهبڪي اثر هيٺ ڪرندا، ڀرندا ڏيکاريا آهن رهواسين جي رنگت ٻاڦ واري انجڻ وانگر ڪاري ۽ زائفن جو جسم سکن جي نغاري جيان ٿلهو، بي ڊولو ٿئي ٿو. خاص ڪري ’سونگهائي‘ عورتون سڄو ڏينهن گهر جي دالان يا صندلن تي آهليون پيون هونديون آهن. ويهڪ کي معيوب سمجهيو ويندو آهي ڇو جو ايئن ڪرڻ سان سندن ڪونهين جهڙي پٺ جي گسي وڃڻ جو امڪان رهي ٿو. ان علائقي اندر ٿولهه کي سونهن جي علامت تصور ڪيو وڃي ٿو. اهي عورتون کائڻ جون بلائون ٿين ٿيون ۽ صرف امير طبقو هنن سان شادي ڪرڻ جو اهل هوندو آهي.
هنن هاٿي نما عورتن جو تصور ڪندي مون کي هريدوار جا چوٻا ياد اچي ويا. اهي کائڻ جا توٻرا چوٻا سڄو ڏينهن گنگا ڪناري ڀتين سان ٽيڪ ڏئي اڌ آهلڻ ۽ اڌ ويهڻ جي انداز ۾ پٿريا، پيا هوندا آهن. سندن قد بت وزن جاپاني سومو پهلوانن کان وڌ ڀاسندو هو. عمر عيار جي فرزينن جهڙا سندن بي تحاشا ۽ بي انت پيٽ زمين تي لٽڪي پخال جيان ڦهليا پيا هوندا ها. ياترين کي سين هڻي چوندا هئا: ته آهي ڪو ايشور جو جيو جيڪو پيٽ ڀري کارائي؟ هڪ چوٻي جي خوراڪ ۾ پنج ڪلو ڇولا،سو پوريون، پنج ڪلو جليبون، اٺ ڪلو چانور، ڏهه سير کير وغير شامل هوندو هو. اهو سمورو قمام کائي ٽي چار ڏينهن ان ساڳي جاءِ تي ڪنڀ ڪرڻ واري گهور ننڊ ڪندا هئا. جاڳڻ بعد ساڳيو رينگٽ ورجايو ويندو هو.
کوج مان خبر پئي ته سندن سراسري زندگي ٽيهه پنجٽيهه ورهين کان وڌيڪ ڪونه هوندي هئي. هاڻي ماڻهن جي شرڌا ۾ گهٽتائي اچڻ سبب اها نسل تقريبن ختم ٿي وئي آهي ۽ سندن جاءِ سمارٽ قسم جي چتر زبان چوٻن والاري آهي.
ٽمبڪٽو ۾ توريگس، مورس (moors) کان علاوه بربر، موسي، بمبارا، هالنڪي، فلاني قبيلا آباد آهن ۽ اڌ اگهاڙين ڇاتين واريون ’بيلا‘ نسل جون غلام ڇوڪريون اُکري ۾ ڪجهه ڪٽينديون جهونگارينديون نظر اينديون آهن.
ڏاند جيڏا ڏيڏر، ٿلها متارا مڇر، عجيب قسمين قسمين جيت خطرناڪ رولو ۽ پالتو ڪتا، وارياسي ۾ ڪوڪندڙ گدڙ هن شهر جي سڃاڻپ ليکبا آهن. شهر کان ٻاهر وارين وستين ۽ واهڻن ۾ آدمخور قبيلا آباد اهن جيڪي غلام ڇوڪرين جي گوشت کي سڀ کان وڌيڪ لذيذ ۽ پسنديده ڊش ڪري سمجهن ٿا. آڳاٽي دور ۾ صحرا ڏانهن سون جي تلاش ۾ ايندڙ ڪئين يورپي رهواسي سندن سڻڀا لقما بڻبا هئا. ٽمبڪٽو جي ڀرسان آدمخورن (cannibals) جو بک ٿيا ۽ صحرا ۾ وارياسي جي دٻڻين غرق ڪين. ٿر ۾ وري به خاموشي جو راڄ گهٽ آهي پر صحرا جي ساگر تي يگن کان ’ماٺ‘جي حڪومت قائم آهي.
ٽمبڪٽو جي ڏند ڪٿائي ڪهاڻي ته ’ان جي زمين ۽ وارياسو سون ۽ ٻين قيمتي ڌاتوئن سان ٽمٽار هو.‘ جنهن ڪري ڪيترائي مهم جو انسان صدين کان سندس بک ٿيندا رهيا هئا. هينئر پٽ پئجي چڪي آهي. شاعر چپمئين چيو هو:
”هن شينهن واسيل جزيري ۾
هڪ پراسرار شهر آ، جيڪو شايد مقدر جو مرڪز ڄاتو وڃي ٿو!“
۽ مشهور انگريز شاعر ٽيني سن به سوال ڪندي پڇيو هو:
”ڇا تنهنجي ٽمبڪٽو جو اهو افواهه، صرف خرگوش جو خوب آ، جيڪو اوائلي زمانن ۾ ڏسبو هو؟“
پر ٿر جيان سمورو اجهاڳ ’صحرا‘ غربت مفلسي بيماري ۽ اجل جي چنبي ۾ ائين ڦاٿل آهي. جئين جيئن ڪو سر ڪڻي تي لٽڪندڙ ڏوهاري. پر هتي جيئرو رهڻ ۽ گهارڻ ’ڏوهه‘ جي دائري ۾ اچيو وڃي ٿو!
ان طبعي ٽمبڪٽو تي ويچاريندي خيال اڀري ٿو ته هر انسان جي ذهن ۾ به هڪ ’ٽمبڪٽو‘ جو واسو آهي. اهڙو ديومالائي شهر جنهن جي بيهڪ ذهن جي ان حصي اندر آهي، جتي ڌرتي جو پرو نا پيد آهي ۽ ابتي اڃ سدا موجود رهي ٿي. اهو انسان جي بد دماغي جي علامت آهي يا سندس ذهني خشڪي، برپٽي ۽ نراسائي جي نشاني!
صحرا، ريگستان، ٿر ۽ عورت جي فطرت هڪ جهڙي هوندي آهي؛ انهن سان گهري دوستي ۽ ميلاپ دائمي دکن جو باعث بڻبو آهي. گوتم ٻڌ، مهاوير، چيتنه ٻين سنياسين ۽ جوڳين جيان انهن جي ٿڌڙي ڇانو۽ خيابان ۾ ڪجهه وقت آرام ضرور ڪجي ۽ پوءِ ڪوچ ڪري رمندو رهڻ ۾ دير بلڪل ڪرڻ نه جڳائي!
آفريڪا جي ان صحرائي ريگستان کان علاوه چين ۾ به گوبي نالي هڪ عظيم ريگستاني رڻ پٽ آهي، جيڪو اوڀرپئسفڪ سمنڊ کان اولهه تائين ڦهليل آهي. جنهن جون سرحدون مينگوليا تائين وڃي دنگ ڪرين ٿيون. گوبي به يگن کان ڪيترين ئي انساني جانين جي آهوتي پئي ورتي آهي. تيرهين صدي عيسوي ۾ چنگيزخان منگول جي حملي وقت اهو رڻ پٽي ريگستان هزارين ڀليل انسانن کي ايئن ڳڙڪائي ويو هو، جئين ڪو وڏو اجگر پنهنجي شڪار کي ڳيهي وڃي.
ڏکڻ اولهه آفريڪا اندر ’نبيب‘ نالي هڪ ٽيون رڻ پٽ/ ريگستان به آهي، ان کان علاوه (جيئن اڳ چئي آيو آهيان) ان کنڊ جي اوڀر واري ڇيڙي (horn) تي صحرائي ريگستان ۽ ڏکڻ طرف ڪالاهاري يا ڪالهاڙي وارياسا پٽ بي حساب، بي ڪنار ۽ بي پايان طور ڦهليل آهن.
هندوستان اندر راجسٿان صوبي ۾ به هڪ وڏو وارياسو رڻ پٽ آهي جنهن جون حدون پاڪستاني ٿر سان ڳنڍيل آهن. اهو ريگستان به پنهنجي قهري ڪارنامن سبب گهڻو مشهور آهي.
ان کان علاوه ڪڇ جو رڻ پٽ به پنهنجي فطري ڪوپ ۾ ڏهيسر جيان ڀاسندو آهي، جيڪو ڄڻ هندوستان جي ڪرمن ۾ آرجڳاءُ کان فٽ ٿيل آهي.
مشهور اسپيني اديب پاولوڪوهلو (Pavelo Kohlo) لاطيني آمريڪا جي چلي، ميڪسيڪو، برازيل وغيره ملڪن جي گرم دشوارگذار ريگستانن جو تفصيلي وچور پنهنجي ڪيترن ئي لاجواب ناولن ۾ ڄاڻايو آهي. اتان جا رهاڪو انهن ڪوهستاني ۽ وارياسي ريگستانن کان ڪافي ڏکويل ۽ سٽيل رهيا آهن.
ذهني ڏيوالپڻي جو ’ٽمبڪٽو‘ آخر ۾ هڪ نقطي جو روپ ڌاري اهڙي خطرناڪ ’وائرس‘ ۾ تبديل ٿيو وڃي ٿو، جنهن جون سرحدون ’توازن‘ کي ڊانواڊول ڪري ماڻهو کي نيڪ انسان ۽ ڪار آمد شهري بڻجڻ ڪونه ٿيون ڏين. اهو انسان پاهي ٿر جو شهري يا آفريڪي صحرا جو رهواسي يا گوبي جو باشندو يا عربستان جي وارياسي، راجسٿان جي رڻ پٽ ۽ لاطيني آمريڪا جي وارياسي ۽ پهاڙي پوٺڻ جو رهاڪو هجي، پنهنجي ناڪاري ۽ انسانيت ڪش عمل، تخليقي ڏسا ۾، عام طور، نپٽ ٿئي ٿو. پيسي، ملڪيت ۽ درجي ۾ بلندي ۽ شهري تهذيب جي مک چڙهڻ جي باوجود، مجموعي طور، سندن بنيادي فطرت ۾ مٿي ڄاڻايل ’پاکنڊ‘ ۾ کتل، ٻڏل اوگڻ سندن کل کرچڻ بعد صاف جرڪندا ڏسي سگهجن ٿا (جيئن مٿي ذڪر ڪيل منهنجي ٿري سيڻن جي ڪرڀ ڏياريندڙ ڪوجهائپ پسي سگهجي ٿي) صرف باطن ۾ گهرائي سان جهاتي پائن واري اک درڪار هئڻ کپي.
ريگستاني جيوت جي آجياپي جو گهڻو دارومدار اوائلي ڍنگ سان شڪار ڪرڻ ، جانورن جا ڌڻ ڌاڙڻ يا هلڪي ڦلڪي زراعت تي ٿئي ٿي. جيئن ته اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته سندن وڏو مسئلو پاڻي جو حصو آهي، جيڪو تمام ڇڊن علائقن ۾، ڪڏهن ڪڏهن، وارياسي زمين کوٽي ان مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. اهڙن چراگاهي علائقن کي خيابان چيو وڃي ٿو. ان کان علاوه بارش جيڪا نه هجڻ جي برابر ٿئي ٿي يعني سراسري ڏهه انچ ساليانو پوندي آهي _ تي به ڪجهه ڏکيو سکيو گذر سفر ڪندا آهن. ان ڪري ريگستاني رهواسين جي مستقبل رهائش نه هئڻ سبب کين خانه بدوش، جپسي يا ’سفري جيوَ‘ به سڏيو وڃي ٿو. سندن جو مستقل ٿاڪ ڪون ٿو ٿئي. شهري تهذيب کان ڪوهن تي پري آهن.
منهنجي آڏو تهذيب جو مطلب شهري جيوت آهي؛ ۽ مهذب انسان جو مطلب ان شهري جيوت جي طور طريقي سان گذر سفر ڪرڻ. سڀئي تهذيبون باقائدگيءَ ۽ عقلي وهنوار تي ٻڌل ٿين ٿيون. ان نڪتي جي ڀيٽ ۾ سڀئي خانه بدوش غير مهذب ٿين ٿا ۽ سندن بابت مهذب ماڻهن جا چٽيل روائتي لفظ جهڙوڪ: آواراهه گرد، رولو، وحشي، حرفتي وغيره سندن تعصب ۽ بدنيتي کي ظاهر ڪرين ٿا. جيتوڻيڪ سماج مٿان خانه بدوش جو اثر هاڃيڪار ٿئي ٿو پر ايڏو گهاتڪ ڪونهي جنهن لاءِ کين دوشي بڻائي سندن حقو پاڻي بند ڪري کين نيات مان ڪڍيو وڃي.
ان خانه بدوشي ٽولي جو پهريون ڏاڏو آدم قابيل (Cain) هوندو هو جيڪو سموري ڌرتي تي رلندو رهندو هو پر ڪنهن کي نقصان ڪين رسايائين! پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڻ ويچارو پنهنجي مهذب ڀاءُ هابيل (Abel) هٿان بي موت مارجي ويو؛ دنيا ۾ سڀ کان پهريون ’ناحق خون‘ ان ڪڌي عمل کي قرار ڏنو ويو آهي.
سوال اٿي ٿو ته ماڻهو رول ڇو ٿو ٿئي؟ هڪ ڪارڻ معاشي بدحالي آهي جنهن جو وچور وار ورنن ڪيو ويو آهي. ٻيوسبب نفسياتي ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ يوناني ڏند ڪٿا مان اُو (Io) ۽ سندس لازمي رولپڻي ڏانهن اشارا ملن ٿا. ’او‘ کي جڏهن ڪائي خارش يا ڪتڪتائي ٿيندي هئي ته هوءَ ’ٿاڪ‘ ڇڏي ’بي ٿاڪي‘ ۾ وڃي اجهو وٺندي هئي! هونءَ به رول يا خانه بدوش جو مطلب چراگاهه سان واڳيل آهي پر اوائلي شڪاي، انسان به ان قطار ۾ اچي وڃن ٿا. فطري طور خانه بدوش ’ٿانئيڪي‘ جي سخت مخالف ٿئي ٿو. هونءَ به تاريخ جي اوائل کان خانه بدوشيانه جيوت ۽ ٿانئيڪي (settled) زندگي جي وچ ۾ چانڊين ۽ مگسين واري مثالي دشمني چڱيءَ پر ڏسي سگهجي ٿي. اها ساڳي ’او‘ واري آزاريندڙ ڏند ڪٿائي ’خارش‘ سندن جبلت جو حصو بڻيل رهي آهي.
منهنجي خيال موجب رولپڻي ۾ انسان جي فطري تجسس ۽ کوج جي خواهش پوري ٿيندي نظر اچي ٿي، جيڪا ٿانئيڪي زندگي ۾ شايد ئي ممڪن ٿئي. صحيح قسم جا خانه بدوش، موسمي پکين جيان ڪو مستقل ٽڪاڻو ڪين رکين، ان ڪري هنن جا پنڌ پيچرا ساڳيا ڪين هوندا آهن. اگر انهن ۾ ڪا تبديلي اچي ته پڪ ئي پڪ ڪنهن مهذب يا ’نامڪمل‘ خانه بدوش جي چرچ ان جو سبب هوندي جنهن جي نتيجي ۾ سندن زندگي ۾ ڪو اڻ وڻندڙ گرداب پيدا ٿي ويندو.
ڪيترا خانه بدوش قبيلا پنهنجي قبائلي زمين سان بي حد واڳيل هوندا آهن ۽ ان کي پنهنجي اختيار هيٺ يا قبضي ۾ رکڻ لاءِ سڀ کان وڏي قرباني ڏيندي به ڪونه هٻڪندا آهن. ٻي صدي ق . م جي هڪ قبائلي سردار جو هيءُ مقولو ”زمين اسان جي قوم جي بنيادي علامت آهي. اسين ان کي جيئن جو تيئن رکڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جنگ جوٽينداسون.“ ڪيڏو نه حقيقت پسندي ۽ ارادي جي پختگي تي ٻڌل آهي.
اڄوڪي انسان ۽ جانور جي هلت چلت کي واچيندي چٽيءَ طور ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:
(1) خانه بدوشانه خاصيت انسان کي پنهنجي سبزي خور وڏڙن کان جبلي طور ورثي ۾ مليل آهي.
(2) سڀني انسانن ۾ حياتياتي طور نه بلڪ جذباتي طور ڪنهن ٿاڪ، غار، ٽڪاڻي، قبائلي علائقي يا وَسَلنَ جي هميشه ضرورت رهي آهي. ان خاصيت ۾ اسان پنهنجي گوشت خور وڏڙن سان شريڪ رهندا آيا آهيون.
اسان جا گوشت خور وڏڙا، پراڻي پٿرائين دور جي شروع کان، عدم مان اٿي اڄ ڏينهن تائين سانڊي جيان رنگ روپ ورن بدلائيندا حيات ۾ پساهه کڻندا پسي سگهجن ٿا. هنن جي ڊڪشنري ۾ بدلو يا وير جو عمل قبائلي نه بلڪه ذاتي ٿئي ٿو. اگر بنابدلي هڪ ٻئي کي مارڻ جو سبب پيدا ٿئي ٿو ته ان جون پاڙون عقيدي رواج ۽ رسم جي تهه ۾ کتل ۽ موجود ڏيکارجن ٿيون. قتلام مهذب ماڻهو يا ٽولي جو فن ليکيو وڃي ٿو جنهن ۾ هو ڀڙ آهي. هٽلر، مسوليني، پاڪستاني جنرل يحيٰ خان يا جنرل پرويز مشرف يا ٻين تانا شاهن جي نيئن بربريت ان ڪڌي ڪروپ حقيقت جا اهم ۽ بدبودار مثال آهن.
پراچين دور جون عظيم تهذيبون درياهن ۽ ندين جي ڪنن تي وڌيون ويجهيون جهڙوڪ مصري تهذيب نيل جي ڪناري تي بابل آشور، سمير وغيره فرات ۽ دجلا جي ڪنٺن تي، آريائي سڀيتا گنگا جمنا ۽ سنڌو جي سرسبز ڪنارن تي، چيني تهذيب هوانگ هوُ ۽ يانگ ٽي سي ندين جي آس پاس اُڀري هئي. سڀني تهذيبن جو ڦهلجڻ ڪو حادثاتي عمل ڪين هو، جيئن ڪجهه دانشور ’ليوز‘، ’بروس‘ چٽيون، وغيره سمجهن ٿا. بلڪه اهو هڪ ارتقائي ۽ فطري عمل هيو ۽ ان عمل جي نتيجي ۾ اهي وقت جي مختلف پيمانن ۾ نه صرف هڪ ٻئي تي اثرانداز به ٿينديون رهيون _ پر، ان طرح الڳ الڳ ثقافتن جي وجود ۾ اچڻ جو سبب به بڻيون. ان هاڪاري عمل جي اونهائي ۾ تهه در تهه سماجي ۽ اقتصادي نظام جو وجود ۽ ان مٿان هڪ اوچي طبقي جو جنم به ٿيو، جنهن عام ماڻهو جي اڪثريتي طبقي تي ارهه زورائي ۽ ڏاڍ جي ذريعي راڄ ڪرڻ سان گڏ کيس عزت ۽ مال جي ڏس ۾ لٽي ڦري سندس حالت پوڻي ڪري ڇڏي. ظلم جي اها بازار وقت جي تيز وهندڙ ڌارا ۾ گرم تر ٿيندي ڏيکارجي ٿي!
هر دور ۾ تهذيب جي پکڙڻ ۾ عام ماڻهو مزدور ۽ غلام جي حيثيت ۾ پنهنجي زندگي جي آهوتي پئي ڏني آهي. سائنسي، طبي ترقي، منطقي سوچ جو ڦهلاءُ وغيره اهڙي قسم جي آهوتي جي ڪک مان جنم وٺندا رهيا آهن.
بابل جي تهذيبي يگ ۾ عام زندگي تي ٻن وڏن شڪتيوان ديوتائن جو گهرو اثر هوندو هو. هڪ ’انو‘ (Anu) يعني تنظيم ۽ حڪم جو نمائيندو ۽ ٻيو ’اينلٽ‘ (Enlit) يعني دٻاءُ يا جبر جو مجسم. مشهور دانشور بريسٽيڊ مصر جي ’عظيم اهرام جي معمار جي بي پناهه جرئت‘ کي ڏاڍو ساراهيو آهي. جيتوڻيڪ ان جي اڏاوت جي سلسلي ۾ پنجويهه لک وڏا وزني پٿر رسين ۾ جڪڙيل مزدورن ڍويا هئا. اهڙي ريت تهذيب کي ’هڪالي‘ پنهنجي جاءِ تي نکاري بيهاريو ويو هو.
تاج محل جي اڏاوت ۾ به هزارين مزدورن ڏينهن رات هڪ ڪري زندگي جي آهوتي ڏئي ان تهذيبي ’ڏيک‘ کي جوڙي راس ڪيو هو! اسان کي ورثي ۾ مهاڀاري ’وزن‘ پلئه پيو آهي!
خانه بدوشانه جيوت دوران جانورن جا ڌڻ ڌارڻ جي عمل تهذيب جي ابتدا ڪرڻ ۾ڪافي هٿي ڏني هئي؛ پر شروعاتي زراعت جي ميلاپ، تهذيبي عمل کي نه صرف تيزتر ڪيو بلڪ ان دور جي انسان کي ٿانئيڪي (settled) زندگي گهارڻ تي به هيرايو. دنيا ۾ هر تهذيب جو بنياد اهڙي قسم جي زندگي تي ٻڌل رهيو آهي.
صحيح ’چراگاهي جيون‘ جنهن اندر زراعت جو نشان به ڪونه هوندو هو اها جيوني تهذيب ڏانهن قطعي لڙيل ڪين هوندي هئي. تهذيبي جيون ان زندگي جي عيوضي ۾ ارتقائي منزلون طئه ڪندي اڀريو هو. جانور تي سواري، انهن جي ڌڻن جي رکواليءَ اڪيچار ٽولن کي خانه بدوشي ڏانهن لاڙيو هو ¬_ ۽ شڪاري جيوت سان سلهاڙجي ٿانئيڪي طرز کي ٿڏي هميشه ’سفر‘ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندي ’انسان ۽ جانور‘جي وچ ۾ هڪ پراسرار تعلق، سنگت، ساٿ ۽ ان ٽٽ لاڳاپي ۾ وشواس کي پختو ڪيو.
تهذيب کين رياست جي ’اتحاد‘ واري نظرئي کان آگاهه ڪيو ۽ ڌڻ ڌاري پالتو جانورن کي مارڻ جي عمل کين انساني جبر ۽ نيست نابود ڪرڻ جي گر جو علم بخشيو هو!
آڳاٽي دنيا ۾سٿيئن (Scythians) هن (Huns)، جرمن ٽولا (Germanic waves) ۽ ڊوريئين يوناني (Dorian Greeks)، عرب، منگول ڪنهن حد تائين دنيا جون ’عظيم خانه بدوش ثقافتون‘ رهيون هيون. هنن جي سموري زندگي سختي، سهپ جي اڻاٺ، لاعلمي ۽ پنهنجي شجري تي فخر ڪرڻ ۾ گذرندي رهي هئي. هو غلامي جي تقريبن خلاف هئا پر، منجهائن ڪجهه، ان يعني غلاميءَ جي واپار جا ڪوڏيا به هئا.
تهذيبي زندگي کي سمجهڻ يا ساراهڻ ڪڏهن ڪين سکيا پر قبائلي ملڪيت ۽ زمين کي هر فرد جي برابري ۽ مساوات جي لحاظ کان ملڪيت ڄاڻيندا هئا. اوائلي اشتمالي يا سماجوادي معاشري ( ancient communistic society) ۾ پختو يقين ۽ وشواس هئن.
ان دور جي هڪ بدو سردار جو قول آهي ”سڀئي خدا جا مهمان آهن ۽ سڀيئي هر شيءَ ۾ هڪجهڙا حصيدار آهن. عورتن جو درجو به ڪافي حد تائين بلند هوندو هو ۽ ڪاريگر کي عزت سان ڏسندا هئا.
برازيل ¬_ اميزان جي يانومامي (Yanommami) قبيلي کان وٺي ’ڪلهاڙي‘ رڻ پٽ جي ’بش مئن‘ (Bush man) قبيلن تائين مهذب دنيا جا علم بردار سندن ماحول، طرز زندگي ۽ زمين تي قبضو ڄمائيندا، کين ڪورو ڪندا، روحاني ۽ جسماني موت جي اونهي کڏ ڏانهن ڌڪيندا پيا وڃن.
ان بعد مهذب انسان جو سندن طرز زندگي، سوچ جي باري ۾ هيءُ نعرو عام ٻڌبو هو. خاص طور آمريڪي سرحدي فوجي کان ’تهذيب يا موت‘ ان مان مهذب انسان جي متعصب روئي، سخت رخ، خود ساخته اخلاقي برتري جي ڪيڏي نه بدبودار صورت اڀري ٿي. هتي مون کي جڳ پرسڌ يوناني اديب نڪوس ڪاز نتڪاس جو ناول: ’آزادي يا موت‘ هري آيو آهي.
مهذب انسان هميشه کان خانه بدوش ۽ رولو کي جانور پئي سمجهيو آهي. ساڻس سلوڪ به اهڙو ئي رکندو آيو آهي. آمريڪي ريڊ انڊين، لئپس (Lapps)، زولو (Zulus)، بيجا (Beja)، مشرقي سوڊاني وغيره ان قسم جي ’وهنوار‘ جا چند اهم مثال آهن.
قديم مصري تذڪرن مطابق فطرت جي گود ۾ پليل اهي رولو، هزارن سالن کان انهن مهذب ۽ خود ساخته اخلاقي قدرن جي مزاحمت ڪندا پئي رهيا آهن. هو پنهنجي غير آسائشي زندگي ۾ مگن ۽ خوش آهن. گهڻو ڪري مٿانئن تهذيب جو اثر اخلاقي ۽ جسماني طور ناڪاري ۽ مايوس ڪندڙ رهيو آهي. مشهور دانشور جي ڊبليو مري مطابق قانون ۽ تنظيم فلسطيني ۽ سينائي خانه بدوش معاشري تي بدنماءُ داغ جيان ڏيکارجي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن مهذب انسان تهذيبي مونجهارن، ٺڳي، دولاب، ڏيکاءُ ۽ تيز رفتاري کان بيزار ۽ ڪڪ ٿي، پنهنجي فطري زندگي جنهن جون پاڙون اوائلي جيوت ۽ آڳاٽي سادي انسان جي جيون ۾ کتل آهن، جي کوج شروع ڪري اوڏانهن موٽڻ جي جتن ڪندو ڏيکارجي ٿو (جيئن روسو ۽ حفيظ شيخ جي سوچ مان لڳي ٿو) ان صورت کي وڃايل ارضي جنت جي ياد سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. هو سمجهي ٿو ته جن ’تهذيبي مار‘ جو مقابلو ڪري ان سان سينو ساهي پاڻ کي محفوظ رکيو هنن ئي سچي خوشي ماڻي آهي. مهذب انسان تي صرف جڙتو خوشي جو ليپ چڙهيل آهي. اهڙي سوچ جون جڙون انسان جي زوال واري نظرئي سان ڳنڍيل آهن. روسو جي ڀلو مانس وحشي ( noble savage ) جي سوچ ۽ يوناني ڏاهي هيسيئوڊ (Hesiod) جون پراچين لکڻيون به مٿي ڄاڻايل حقيقت مان ڦٽي نڪتيون هيون.
ان نڪتي کي animalitarianismسوچ سان به تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي. جنهن مطابق جانورن ۾ انسانن جي نسبت بهتر اخلاقي قدر ۽ خوبيون سمايل آهن. آمريڪي قومي شاعر والٽ وٽمئن جي هڪ نظم به ان موضوع تي جوڙيل آهي:
”ڪاش مان جيڪر جانور ڏانهن مائل ٿيان ۽ ساڻن زندگي گهاريان! ان جي مفهوم مان انسان ۽ جانور جي وچ ۾ بنيادي ميلاپ ڏانهن زوردار جهڪاءُ نظر اچي ٿو. ايسپ، پنجتنتر جي آکاڻين کان به آڳاٽو ڏاهپ ڀريو لاڙو، جيڪو اڃان تائين زوردار ۽ پرڪشش آهي.
اهوئي ڪارڻ آهي جو اسين اڃا تائين گوشت خوري جي ’سوچ ۽ عمل‘ کان اٻٿ کائيندا آهيون. اها حقيقت دلچسپي کان خالي ڪونهي ته ڪجهه ايشيائي قبيلا اڃان سوڌو سبزي ۽ چراگاهي جنت جا ڪانکي نظر ايندا آهن.
ڪجهه معاشرن ۾ ’خانه بدوشانه طرز لاءِ نفرت ۽ ڪجهه ۾ ان لاءِ اڪير محسوس ڪئي وڃي ٿي. اهو انڪري آهي جو ڪوبه ’وڏو مذهب‘ انسان جي عقلي دور ۾ وجود ۾ ڪين آيو هو. اهي خانه بدوش طرز جي ڪک مان جنميا هئا. ’تهذيب‘ کي به مذهب ڪوٺي سگهجي ٿو. پر اها اصل مذهب جيان جيئدار ۽ هميشگي جو وستر اوڍيل ڪونهي. جڏهن مذهب سياست يا رياست سان وهانءُ رچايو جيئن مصر ۾ فرعون پاڻ کي خدا چورايو، يا روم جي شهنشاهه ديوتا جو اوج ماڻيو، يا ان کان گهڻو اڳ هندو ديومالا ۾ هرڻا ڪشپ پاڻ کي ايشور سڏرايو، يا ڪيٿولڪ پوپ بادشاهه بڻجي ويو، يا جيئن موجوده پاڪستان اندر مذهب ۽ سياست جو غيراعلانيه وهانءُ ڏسي سگهجي ٿو وغيره؛ ۽ تڏهانڪر مذهب مان هميشگي واري جوت جهڪي ٿيندي ڏسي سگهجي ٿي ¬_ پنهنجي قد ڪاٺ کي آفريڪي ڄامڙن جهڙو يا للي پوتين وانگر ڪمزور، تڇ بڻائي ڇڏيواٿس. وڏن مذهبن جي سکيا جو تت مادي دولت لاءِ تياڳ، ڌڪار ۽ ذاتي ۽ مجموعي آسودگي جي ڀيٽ ۾ روحاني قدرن ۽ سادگي کي اپنائڻ تي زور ڏنل آهي. انهن سڀني مذهبن جي سکيا جون پاڙون خانه بدوش ڌڻ پاليندڙ يا شڪاري جيون گذاريندڙن جي ذات مذهبي تجربن ۾ کتل آهن. انهن اوائلي منجهيل ڌرمي عقيدن کي شامانزم (Shamanism) ڏيو وڃي ٿو.
شامئن (Shaman) اوائلي مذهبي صوفي، مرد عورت جي ڪرداري خوبين سان مالا مال، پراسرار ، ديو مالائي طرز جو مهان انسان هيو. چيني تائو (Taoism) مذهب سان گهڻي ويجهي مشابهت رکي ٿو _ بلڪ ان اندر باقائدگي سرسيري آهي. ساڳي طرح يهوديت، عيسايت، هندو ۽ ٻوڏي ڌرم پنهنجي ’چراگاهي‘ ماضي جي رواجن تي فخر محسوس ڪندا آهن.
اسلام کي به ’خانه بدوشانه‘ مذهب سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. تاريخ جي وچولي دور (Middle ages) ۾ اسٽيپيز (Steppes) ۾ آباد بوگوملس (Bogomils) ۽ البيجينسس (Albigenses) جهڙا پراسرار قبيلا جيڪي خالق جي يڪوجودي ۽ ڪثرت وجودي ’وجود‘ ۾ ساڳئي وقت ايمان ۽ وشواس رکندا هئا. انهن جو بنياد به ’مني شينزم‘ ۽ شامن رسمن تي ٻڌل هيو. مهذب دنيا جي مذهبي عالمن به شامن سکيا کان متاثر ٿي ان جهڙي پيش ڪيل ڌرمي ماڊل کي ساراهيو هو جيڪو درويشاڻا صفت سان ڀريل، پاڻ کي فنا ڪرڻ جي ڪرت ۾ جنبيل لذت آفريني کان دور ۽ انسانيت جو خدمت گذار هوندو هو.
ساڳي طرح خانه بدوش به تياڳ جو پتلو ٿئي ٿو، ۽ اڪيلائپ ۾ سوچيندو رهي ٿو. ريتن رسمن ۾ گهڻو الجهيل نٿو رهي، سکيا ۽ علم جي حصول جي جڪڙ کان به آزاد آهي. پنهنجي عقيدي تي اٽل وشواس اٿس.
خانه بدوش يا رولو جا قدر، پسند ۽ انهن لاءِ اُڪير ۽ حس ڏاڍي تيز هوندي اٿس. سنگيت ۽ ساز جي چاهه جي سلسلي ۾ دهل، نغارو، ڊرم يا گٽار وغيرهه جهڙا ساز سندس اوائلي تخليق ۽ جوڙ آهن. تيز رنگ ۽ چمڪندڙ زيور به سندس بي پناهه چاهنا جي دائري ۾ سمايل آهن. سندن عورتون زيور پائڻ ۽ رنگ برنگي ڪپڙن اوڍڻ جون شوقين هونديون آهن. فن جي معاملي ۾ سندن باطني حس بيدار آهي پر، تجزئي، عقل يا دليل جي ان باطني حس ۾ ڪا جڳهه ڪونهي. سندن تخليق ۾ صرف بي ساختگي، ترنگ ۽ اُڇل نظر ايندي.
خانه بدوشانه طرز جو دارومدار ٻن جذبن، خواهشن تي ٻڌل ٿئي ٿو. پهرين معاشي ضرورت ۽ ٻين ذهني بي ساختگي ۽ اَجهل اُڇل!
انهن تضادن سبب، گهڻو ڪري، تهذيبن پاڻ کي پنهنجي ئي ’ڪرڻي‘ ۽ هٿ سان برباد ڪيو آهي؛ پر، خانه بدوشن ڪڏهن ڪڏهن صرف هلڪي ڌڪي کان وڌيڪ ٻيو ڪو ناڪاري عمل ڪين ڪيو هو.
ڏند ڪٿائي پورالي ڏاهي ڊايوجينس (Diogenes) تهذيبي انسان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي چيو هو ته ”هو پهريائين شهرن ۾ انڪري بند ٿي ويٺا جو کين ٻاهرين (خانه بدوشن) جي آزار ۽ ڪوپ جو ڀوءُ هو؛ پر، بعد ۾ انهن ’بند شهرن‘ اندر هنن هڪ ٻئي جي خلاف ايڏيون ڏاڍايونن ڪيون ڄڻ اهو عمل سندن مول مقصد هو!“
ڊايوجينس پاران شهري زندگي کي نندڻ ’ثقافتي پراچنيتا‘ جو اوائلي مثال آهي؛ جنهن ۾ خود مهذب انسان کي تهذيب کان بدظن ۽ بي اطمينان ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهڙو جذبو ڪنهن عقلي بنياد تي مدار نٿو رکي بلڪ ’جذباتي ترنگ‘ جو نتيجو لڳي ٿو، جنهن ۾ انسان منجهيل ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل تهذيبي زندگي کان پاند آجوڪرائي سادي جيوت جيڪا فطرت جي وڌيڪ اوڏو ۽ هم آهنگ هجي، جنهن ۾ ڪنهن وستوءَ سان موهه جو ڪو پرو، نشان نه هجي، جيڪا روسو جي ’ڀلي مانس وحشي ‘جو نمونو هجي، ڏانهن موٽ کائيندو ڏيکارجي ٿو.
پر دنيا اندر تهذيب جا به گهڻي ئي چاهڪ ۽ هامي موجود آهن. پروٽاگوراس(Protagoras) نالي هڪ ڏاهي چيو هو، ”سڀني انسانن ۾ سٺي شهري هجڻ جا گڻ موجود آهن.“ ”جديد دور ۾ جمهوريت جو واسو ان وشواس جو پختو مٿال آهي ته اهو نظام انسان جي بنيادي نيڪي ڏانهن واپسي جي علامت آهي.“ در اصل ’تهذيب‘ جو مطلب اخلاق ۽ چڱائي جو ٻيو نانءُ آهي؛ ان کي اسان جي يگن کان جمع ٿيل خود پسندي جو ورثو به چئي سگهجي ٿو. تهذيب کي بربريت، وحشي پڻي ۽ جانوري سڀاءُ جو ضد جو ورثو به ڪوٺي سگهجي ٿو. ’شهري جيوت‘ تهذيب جي سڃاڻپ ليکجي ٿي. پراچين يگن ۾ ’شهر‘ اصطلاحن، اوچتوئي اوچتو ڏکڻ ميسوپوٽيما (موجوده عراق) جي زرخير مٽيءَ مان اٽڪل چار هزار سال ق. م ۾ اڀري آيو هو.
اها تبديلي ڀلي زراعتي سرشتي، پاڻي جي مناسب ۽ حيرت انگيز ورڇ، ڌاتن جي جوڳي استعمال جنهن جي ’مهنداري‘ قابل نوڪرشاهي، اعليٰ عدالتي نظام ۽ پروهتن جي پوڄا پاٺ جي سهڻي بندوبست سبب ممڪن بڻجي سگهي هئي. تهذيب جي اسرڻ لاءِ تهه در تهه اقتصادي ۽ سماجي رهنمائي درڪار ٿئي ٿي. انهن سڀني عنصرن جي هم آهنگ ميلاپ بنان اهڙي آسوده اوسر ممڪن ڪون ٿي سگهندي . قديم زماني جون سڀيئي تهذيبون پنهنجا هاڪاري اثر ٻاهر موجود پساهه کڻندڙن تي، بنان ڪنهن متڀيد جي وجهنديون رهيون هيون _ ۽ آهن! صرف خانه بدوش عنصر ان جوت ( اگر ان کي جوت ڄاتو وڃي) کان محروم پئي رهيو آهي.
خانه بدوش رول اجايو ڪونه رلندورهندو هو؛ جيئن عام طور تي تعصب سبب سندس لاءِ آکيو وڃي ٿو. هو پنهنجي ڌڻ سان مقرر ٿيل راهن تي، چراگاهن جي ڳولها ۾ ۽ فطرت سان هم آهنگي جي فلسفي تي عمل ڪندي رٽن ڪندو هو. جانور کيس بنان ڪنهن اُلڪي جي هر قسم جي خوراڪ پهچائيندو هو. زراعت، واپار يا ڦر لٽ سندس فراغت جا مشغلا هئا.
خانه بدوشانه جيوت ۾ لاڳيتي لڏپلاڻ جو عنصر لازمي امر هوندو هو _ ۽ آهي. قديم زمانن ۾ ان عمل دوران تمام گهٽ مال اسباب کڻندا هئا ڇو جو بقول چيني دانشور سوماچين (Sou_M_Chain) ” ڳورو مال بلڪ چوپائي مال لاءِ گاهه پلال کڻڻ کان به ڪيٻائيندا هئا. ڇاڪاڻ جو اهي شيون سندن آزادانا ۽ تيز رفتار چرپر ۽ ’سفر‘ ۾ رڪاوٽ بڻبيون هيون. گهڻو ڪري بهار ۽ اونهاري جي موسمن ۾ قافلن جي شڪل ۾ چراگاهن جي تلاش ۾ نڪرندا هئا. پنهنجي سموري لڏ انهن بيل گاڏين ذريعي کڻندا ها. جيڪي چئن ۽ ڇهن ڦيٿن واريون هونديون هيون . ڏاکڻ اوڀر يورپ ۽ ايشيا کنڊ، اسٽيپ (Steppe) جي زرخير ميدانن ۾ انهن ڏاند گاڏين جو رواج اٽڪل ٽي هزار ورهيه ق . م کان جاري هو. ان کان پوءِ سٿين (Scythian) خانه بدوش قبيلن انهن گاڏين ۾ تبديل آڻي انهن کي بهتر بڻايو هو. سندن چوپائي مال ۾ ڀلا گهوڙا، رڍن، ٻڪرين، گهٽن جا بيشمار ڌڻ هوندا هئا ۽ جيڪي پاڻ ۾ ’پيوندڪاري‘ (Crossbreed ) ڪرائي جانورن جي مختلف نسلن پيدا ڪرائڻ ۾ به مهارت هوندي هئن. منگوليا، فرغانه جا بهترين ’اڏامندڙ گهوڙا‘ به سندن ئي ڪوشش جو نتيجو ليکيا وڃن ٿا.
تاريخ جي هر دور ۾ مٿاهين تي آباد ’خانه بدوش‘ کي زمين (هيٺاهين) تي وسيل ’هاري‘ تي جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان برتري حاصل رهي آهي. هو (رولو) هميشهه سندن کيڙيل سرسبز زمين تي اوچتو هلان ڪري پنهنجي جانورن لاءِ چراگاهه طور استعمال ڪندو پئي رهيو آهي _ سٿين، هن، عرب، ڪيئي يورپي قبيلا، منگول، آريا وغيره اهڙي قسم جي ڦرلٽ جا بهترين مثال آهن.
چين ۾ جڏهن ’عظيم شاهي ڀت‘ (Great wall) جوڙائي وئي تڏهن سييونگ نو (Hsinng_nu) قبيلو ڏاکڻي چراگاهن ۾ پنهنجي جانورن، گهوڙن وغيره کي چارڻ کان مجبوري طور، هٿ کڻي ڇڏيو هو! پر جتي بچاوي تدبيرون ڪمزور هونديون هيون اتي هو ”سرءُ جي مند ۾ جانورن سميت اچي پرگهٽ ٿيندا هئا. سندن ٻنيون ٻارا اجاڙي کانئن ڏن وٺي جيت جي نشي ۾ مخمور ٿي موٽندا هئا.“ (سوماچين) ساڳيو مسئلو رائين (Rhine) ۽ ڊينيوب (Danube) ندين جي ميدانن ۾ آڳاٽي رومي حڪمرانن کي به درپيش ٿيندو رهيو هو. ’خانه بدوش‘۽ شهري واسي مهذب تاريخ جي هر موڙ تي الڳ الڳ، مخالف سرشتي سان جڙيل پئي رهيا آهن ۽ اهي ٻيئي چڱي طور ان حقيقت کان به آگاهه هوندا ها.
پر ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته مهذب، ميسڻو، ميداني رهاڪو واپار ۽ ڪڏهن ڪڏهن لٽ مار کي به پنهنجي ڪرت ۾ شامل ڪندو پئي رهيو آهي ڇو جو ان طريقي سان تهذيب جا سواد ۽ مزا چکڻ جو موقعو ملندو پئي رهيو اٿس.
هن جي ڀيٽ ۾ خانه بدوش رنگ روپ جو شوقين، رسمي طور سون جي چمڪ دمڪ جوعاشق به پئي رهيو آهي. مشهور تاريخ دان اميئانس مارسلينس لکي ٿو، ”هن (Hun) قبيلو سون لاءِ بي پناهه تڙڦ رکندو هو پر سندس ڪپڙا، ويس ڀوائتا ڏيکاربا هئا.“ هڪ ٻئي محقق اپالينارس سيدونيئس، چواڻي، ”نوجوان فرئنڪشس شهزادي اسجسمز جا ويس وڳا حيرت انگيز طور چمڪيلا ۽ جاذب هئا.“
خانه بدوش اڳواڻن کي چڱي سوجهي ۽ ڄاڻ هئي ته ” ’عياشي جيون‘ تيز ’چرپر‘ ۾ رڪاوٽ بڻبو آهي.“ ان ڪري هو اهڙي قسم جي آسائشي زندگي گذارڻ کان ونءُ ويندا هئا . مهذب طريقن کي موتمار سمجهندا هئا. مشهور هُن (Hun) سردار ۽ جنگي جوڌو اٽيلا (Attila) ڪاٺ جي ٺهيل سادي پيالي سان پيئڻ جو عادي هيو ۽ چنگيز خان منگول پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين هڪ تنبو ۾ رهندو هو! يوناني بيٺڪيت جي اڳواڻن جنهن به ملڪن تي قبضو ڪيو. اتان جي رهواسين کي شراب جي چوس وڌائون. قديم يونان جي مشهور تاريخ نويس هيروڊوٽس (Herodotus) سٿين (Scythian) بادشاهه اسڪاليس (Scyles) جي درد ناڪ جيون تي روشني وجهندي لکي ٿو، سوم ديوتا باخوس Bacchus)) جي سنگ ۾ رهي. ان جي بي پناهه لذت کيس چريائپ جي حد تائين پڄائي ڇڏيو هو (هتي ٿري پي داس ياد پيو اچيم) سٿين قببيلو اهڙي قسم جي لذت آفريني کي ڌڪار جي نگاهه سان ڏسندو هو ۽ جڏهن کين بادشاهه جي ان ڪڌي ڪرتوت جي تصديق ٿي تڏهن سندس سر ڌڙ کان جدا ڪندي بلڪل دير نه ڪيائون! ساڳي طرح پنهنجي وڏي عالم ۽ مسيحا انا ڪرسيس Anacharsis)) جنهن يونان جي سرزمين تي قدم رکندي پنهنجو خاص دهل وڄائڻ ۽ بيمارين کي دم ذريعي صحتياب ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڏنو هو ۽ سائڪريس شهر ۾ اتان جي ديوي کي به شرڌانجلي ڏني هئي جنهن تي يونانين سندس روحانيت کي ساراهيندي کيس جوڳو مان ڏنو هو. هتي هيروڊوٽس انڪشاف ڪندي ڄاڻائي ٿو ته ان جاءِ تان سندس گمشدگي بابت سٿين پنهنجي اڻڄاڻائي جو اظهار ڪندي چيو هو ته سندس پراسرار گم ٿي وڃڻ جو واقعو ان ڪري ٿيو هوندو جو هن پنهنجي وطن ڇڏي ڏنو ۽ اجنبين جا طور طريقا اختيار ڪيا هئائين!
مهذب انسان لاءِ شهري زندگي ۾ ڪافي دلڪشي آهي. پهريائين ته هو ’ڀلي مانس‘ طور جنم وٺي ٿو؛ ٻيو ته ان جيون ۾ ’غلامي‘ جو امڪان گهٽ ٿئي ٿو. پر شهري زندگي جي وڌندڙ مونجهارن، ڀڀڪيدار ويس وڳن ۽ سڻڀي ۽ دير هضم غذائن، سينگاريل رهائش گاهن ۽ ٿڪائيندڙ بور ڪندڙ ڏيکاوي مجلسي وهنوارن سندس من ۾ اٿل پٿل ۽ ذهن اندر طوفان برپا ڪري کيس خانه بدوشانه زندگي ڏانهن ڏسڻ لاءِ مجبور ڪيو. جنهن اندر سادي ڪچي اَنَ، چمڙي جي اوڇڻن ۽ ڪپڙن جو رواج عام ٿئي ٿو، دلي دوستيون هجن ٿيون، جن اندر خلوص ۽ پيار ڇوليون هڻندو پسي سگهجي ٿو _ ۽ کائڻ ۾ سادو پنير، گوشت ٿئي ٿو _ ۽ محنت، اُدم جو جذبو بي پناهه هجي ٿو. (هتي گوگول جو ناول ’بلبا‘ ياد پويم ٿو.
هڪ يوناني بابت ٻڌايو ويو هو ته هن بدقسمتي سان هڪ امير عورت سان شادي ڪئي هئي جنهن سندس زندگي وِهُه ڪري ڇڏي هئي. مجبوري جي حالت ۾ ڀڄي وڃي هن (Hun) خانه بدوشن ۾ شامل ٿيو. اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي اعتراف ڪيو هئائين ته دنيا ۾ رومي دستور جهڙو سيبتو ۽ سٺو قانوني گرنٿ ٻيو ڪوئي تحرير ٿيل ڪونه هو، پر ان جي مختلف شقن جي ابهام، رومي فوجي آفيسرن جي ظلم، قانوني انصاف جي حصول لاءِ ڳاٽي ڀڳي خرچن، عوام مٿان ڳري ٽيڪس ان جي افاديت کي برباد ڪري بيڪار بڻائي ڇڏيو هو. ان ڪري چيو ويندو آهي ته خانه بدوش شايد ئي ڪنهن تهذيب کي برباد ڪيو هوندو _ ان جي بربادي هميشه ’مهذب ڌر‘ طرفان ٿيندي پئي رهي آهي! خانه بدوش صرف ان ڀرندڙ، بلڪ ڪرندڙ ’عمارت‘ جو فائدو وٺندو هو.
’خانه بدوش‘ ۽ ’مهذب ڌر‘ جي فوجي حڪمت عملي ۾ به زمين آسمان جو فرق رهيو آهي. پهرين سٿ روائتي جنگ بجاءِ ڇاپا مار طريقن ۾ ويساهه رکي ٿي ۽ ٻي ڌر ٺاٺ، ڀڀڪي، اڊمبر واري روائتي صف بندي ۽ جوڙجڪ ۾ پنهنجي وڏائي سمجهي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تاريخ ۽ وقت جي جداجدا ڌارائن دوران خانه بدوش ٽولن وڏين وڏين طاقتور بادشاهتن کي نابود ۽ ملياميٽ ڪيو. هيروڊوٽس چواڻي سندن متو هو ته ”ڪوئي کائنن ڀڄي بچي نه وڃي ۽ هو پاڻ ڪنهن گهيري ۾ زنده حيثيت ۾ نه اچن!“ هو شهرن يا قلعن ۾ رهڻ جا عادتي ڪونه هئا، سندن مڏيون، گهر، هٿيار هميشه ’حرڪت‘ ۾ رهندا هئا. ڪڏهن زمين ڪين کيڙيائون، صرف جانور پالڻ ۽ ڌڻ ڌارڻ سندن ڪرت هئي. هڪ ڀيري سن516 ق.م ۾ ايران جي طاقتور شهنشاهه دارا پنهنجي پرٻل روائتي لشڪر سان ’سٿيا‘ تي حملو ڪيو پر هو (سٿين) پنهنجي غير روائتي انداز ۾ ڀڄي نڪتا . هن روس بلڪ وولگا لڳ ڪازان تائين سندن پيڇو ڪيو پر ناڪام ٿي موٽيو. دارا جي موٽ (retreat) نيپولين بوناپارٽ جي ’هارايل موٽ‘ سان ڪيڏي نه مشابهت رکي ٿي. مائوزي تنگ به ساڳي خانه بدوشانه جنگي حڪمت عملي ۾ ويساهه رکندو هو جنهن ذريعي آخر ۾ ’جيت‘ حاصل ڪيائين!!
خانه بدوش ’ڄٽن‘ هٿان عبرت ناڪ شڪستن ۽ لاڳيتي بي عزتي ڪارڻ مهذب يونانين بدلي جي ڀاونا هيٺ کين جانورن کان بدتر هئڻ جا خطاب ڏنا. اميئانس مارسيلينس هنن متعلق، خاص طور، هُن (Hun) قبيلي لاءِ لکي ٿو ته، ”منجهن جانورن واري حرفت ۽ دغا سمايل آهي!“ منجهن جانورن جهڙي بي رحمي ۽ وحشت گردش ڪندي رهي ٿي؛ هنن کي انسان قرار ڏيڻ انسانيت جي توهين آهي وغيره!“
اوائلي انسان جنهن جي ڪرت شڪار ڪرڻ ۽ ڌڻ ڌارڻ هوندي هئي، هن جا ڌرمي عقيدا به عجيب هوندا هئا؛ خاص طور شامن عقيدي (Shamanism) ۾ ويساهه هوندو هئن جنهن جو بنياد اترايشيا ۾ پيل ٻڌائجي ٿو. پوءِ اهو عقيدو اتر ڏکڻ آمريڪا، انڊونيشيا، آسٽريليا، چين، آئرلينڊ، اسڪينڊينيويا، سٿيا، ٿريشيا، ڪلاسيڪي يونان، سائبيريا تائين پکڙجي ويو. ان عقيدي موجب خدا کي آسمان سان مشابهت ڏنل آهي. آسمان ۽ زمين جو پاڻ ۾ سڌو سنئون سنٻنڌ وغيره ٿئي ٿو.
پروفيسر اي آر ڊاڊ موجب شامن نفسياتي طور سودائي ماڻهو آهي جيڪو سمجهي ٿو ته ڌرم جي پرچار جو کيس ’سڌونوتو‘ مليل آهي. ان نوتي موجب هو اهڙي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڳرين آزمائشن مان گذري ٿو جن ۾ اڪيلائپ، لنگهڻ ڪڍڻ، نفسياتي طور ’جنس‘ جي تبديلي جي اثر هيٺ به رهي ٿو. انهن آزمائشن ۾ ڪاميابي کان پوءِ پاڻ کي شڪتيوان ڄاڻي ذهني طور سڀني سان لاڳاپا لاهڻ واري حال ۾ پهچي وڃي ٿو.
وجد واري حالت ۾ ’علامتي موت‘ جو به ڍونگ رچائي ٿو! ان روزي واري حالت ۾ دهل جي هڪ_¬ ڪري ٿاپ تي نچندو به رهي ٿو _ ان سموري عمل ۾ مختلف نشي آور شين جو به استعمال ڪندو رهي ٿو. هيروڊوٽس ٻڌائي ٿو ته ڪجهه شامن پروهت، آنند ۾ مگن ٿي جانورن جهڙا آواز به ڪڍندا هئا! اهڙي قسم جي وچتر عمل کيس عوامي مقبوليت بخشي ڏاهپ، علاج جو ڌڻي بڻائي ان عقيدي کي ڦهلجڻ جو موقعو بخشيو هو. پنهنجي قبيلي ۽ ان جي معمول واري جيوت کان الڳ ٿلڳ رهي ان جي تخليقي قوت ۽ ثقافت جي علامت به بڻجي ويو هو! مشهور قديم ڏاهو انسان ايسپ (Aesop) به جانورن ۽ بي جان شين سان لاڳاپيل پنهنجي ڪهاڻين ۾ اهڙي ’سونهري يگ‘ ڏانهن اشارو ڪندو نظر اچي ٿو.
اگر اسين پراچين عهد جي فن پارن تي تجزياتي نگاهه وجهون ته نظر ايندو ته اهو فن روان دوان، غير منظم، مبهم، ناموزون، بي آهنگ، غير دنيوي ۽ وجداني يا باطن جي سوجهي، سرت مان سرجيل ڏيکاربو. پر ان جي ڀيٽ ۾ شهري تهذيب جو فن، موزون، جامد، نهرو، هم آهنگ، ان مان انساني ذهن جي تنظيمني صلاحيت ۽ علامت بکندي ڏيکارجندي رهي ٿي. اهي علامتون ٽنهي چترڪاري، سنگتراشي ۽ اڏاوت جي فن ۾ سڀ کان وڌيڪ چٽيون نظر اينديون رهن ٿيون.
قديم دور جي وجداني ۽ ماياوي تجربن، الهامي ۽ جادوئي انڪشافن ۽ پراچيني خانه بدوشانه فن جي وچ ۾ مشابهت اتفاقي ڪونهي بلڪل سوچيل سمجهيل لڳي ٿي.
خانه بدوشانه جيوت تي سوچيندي فرانس جي مشهور دانشور پاسڪل (Pascal) جو قول هري آيو آهي، جنهن ۾ شايد ڪنهن غم جي شدت ۽ اُڇل کان بي وس ٿي ڪري چيو هئائين، ”ماڻهو جي سموري ’نامرادي‘ جو صرف هڪ ئي ڪارڻ آهي: هو پنهنجي ڪمري اندر شانتي سان ويهڻ ۾ اَسمرٿ آهي!“
پر تفريح، يڪ ٽڪي کان انڪار، ڪلپنا، فيشن ۾ تبديلي، کاڌي ۽ پيار، ۾ يڪسوئي کان پاسو ڪرڻ ۽ فطري لقائن ۾ بدلاءُ جي چاهنا انسان جي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ ساهه ذريعي کنيل ’هوا‘ جيان ضروري ۽ لازمي ٿئي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ اسان جو دماغ ۽ بدن سٿري ڳري ويندو.
جيڪو انسان سفر ۾ رهي ٿو _ ذهني خواهه جسماني ۽ بدلجندڙ نظارن ۽ ڦرندڙ موسمن جا سواد وٺي ٿو. ان جي دماغ ۾ اڻ ڄاتل توانائي، برجستگي ۽ حرڪت پيدا ٿي کيس زندگي جي مقصد ۽ نئين آنند سان يڪجا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي.
هڪ ڪرو ماحول ۽ ورچائيندڙ روزانيون سرگرميون پنهنجي بي چسي اڻت ذريعي منجهس ٿڪ، ذهني مونجهارو، پنهنجي ذات سان ڪرڀ جو احساس، تشدد ڀريو رد عمل ۽ سرد مهري پيدا ڪري ٿي _ جيڪا اڳتي هلي گهاتڪ بڻجي سگهي ٿي.
فرانسيسي ڏاهي مانٽين (Montaigne) جي آفاقي تشڪيڪ اندر ڪيڏي نه ڇڪ ۽ چاهه آهي. هن هميشهه سفر کي ڦلدائڪ عمل قرار ڏنو هو. هن مطابق، نين ۽ اڻ ڄاتل شين جي مشاهدي سان ذهن کي هميشهه تقويت ملندي رهي ٿي. ڪائي به ڳالهه مون کي نه حيرت ۾ مبتلا ڪري ٿي ۽ نه ڪو عقيدو ئي چاهي منهنجي ايمان جي ابتڙ هجي اڻ وڻندڙ لڳي ٿو. جيڪي وحشيانه جيوت گذاريندڙ انسان پنهنجي ’مردن‘ کي پچائي کائيندا آهن انهن کان وڌيڪ مون کي اهي ماڻهو ڪرڀ ڏياريندا آهن، جيڪي ’زنده انسانن‘ کي تڪليف پهچائين ٿا! هن چواڻي، ”رواج ريت ۽ رسم انساني سڀاءَ کي هڪ ڪرو بڻائي سندس حافظي کي ڌنڌلو ڪري شين جي اصلي نوعيت کان کيس وانجهيو ڪريو ڇڏي ٿو. ماڻهو فطري طور تجسس جو ڪانکي آهي. مشهور عرب سياح ابن بطوطه جنهن تانجير ۽ چين ملڪن جي مٽي اٿلائي پٿلائي هئي ڪيڏو نه سهڻو خيال پڌرو ڪيو هو ته ”جيڪو انسان سفر کان ڪيٻائي ٿو، هن آڏو انسان جي قدر جي اهميت ڪونه ٿي سگهي ٿي.“ سندس مطابق ”سفر صرف انساني ذهن کي ئي وسعت ڪين ٿو بخشي بلڪه ان کي جوڙي راس ۽ مڪمل به ڪري ٿو.“
ننڍا ٻارڙا سڀ کان اول ’دڳن‘ کي پنهنجي يادگيري ۾ محفوظ ڪندا آهن. اگر اسين ’ٻالڪپڻ جي يادن کي کاٽي‘ ڪريون ته شين ۽ عام ماڻهن جي حالت ثانوي ڏيکاربي ۽ ’لتاڙيل پيچرن‘ ’دڳن‘ کي اوليت جو درجو مليل نظر ايندو! اوائلي انسان جي سکيا ۾ پڻ جانورن جي ’لتاڙيل رستن‘ جو عنصر اهم ۽ مٿاهين جڳهه والاريندو ڏيکاري ڏئي ٿو.
مشهور فرانسيسي اديب پرائوست (Proust) جي ڪلپنا ۾ موجود ڪچي مواد ۾ اليئرس شهر اندر پنهنجي ڪٽنب سان گهاريل موڪلن جو وقت ۽ ان جي چوگرد روزانو ڏنل ٻن پياري چڪرن سان جهنجهيو پيو آهي، سندس اڪثر ناولن ۾ ان ’سفرڙي ۾ سمايل دڳن‘ جو ورنن ڏاڍي چوڄ ۽ چاهه سان ٿيل آهي.
درحقيقت ’ارتقائي عمل‘ انسان کي سفر جو شائق بڻايو آهي. ڪنهن جاءِ تي، غار يا محل ۾ مستقل ٽڪي زندگي گهارڻ انسان جي ذهني ۽ جسماني جيون لاءِ طويل مدت لاءِ قطعي لاڀدائڪ ڪين ٿي سگهيو آهي. انسان ڄائي ڄم کان سيلاني ٿيندو پئي رهيو آهي. اڄوڪي ٽيڪنالاجي جي ترقي انسان جي جاگرافيائي واڌ ۽ سڌاري جي راهه ۾ رنڊڪ پئي بڻجي، جنهن کي سٺو اهڃاڻ نٿو چئي سگهجي. ان حقيقت کي ڪجهه ’قديم جيو‘ چڱيءَ طور سمجهي سگهن ٿا _ اهو ان ڪري جو هو مدام تحرڪ ۾ گهارين ٿا. آفريڪا اندر ڪالاهاري ريگستان جا رهاڪو شڪار جي ڪثرت ۽ ڪرت ۾ رڌل بش مئن (Bushman) جا ٻار دنيا اندر سڀ کان وڌيڪ سُکيِ ۽ سڌا سنواٽا رهن ٿا. ائين ڇو؟ ڇاڪاڻ جو سندن ٻالڪپڻ ايذاءُ کان آجو رهيو آهي. سندن مائرون هن وقت کين پٺيءَ پويان ٻڌل پينگهي نما ڪپڙي ۾ ويهاري يا سمهاري سفر ۾ روان دوان هونديون آهن _ ۽ هي سڀيئي ٻار ننڍڙي ڄمار کان ان متحرڪ عمل تي هري ڏاها ٻار بڻجي ويا آهن. اهڙو متحرڪ ٻار آئيندي زندگي ۾ ڪيئن هڪ ڪرو، جڙتو آننددائڪ جيون گذاري سگهندو؟
رابرٽ لوئي اسٽيونسن چواڻي ’دنيا ‘ اندر ’مهان ڪرم‘ تحرڪ ۾ هجڻ شمار ڪري سگهي ٿو ۽ ان عمل ذريعي زندگي جا لاها چاڙها چٽائي سان پسي سگهجن ٿا. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان ’تهذيب‘ پاران سونپيل ’نرم بستري‘ تان هيٺ لهي، ڌرتي تي پکڙيل سخت ۽ چڀندڙ پٿرن تي هلڻ سکندو.
انسان لاءِ ’پنڌ پوڻ‘ سنجيوني جيان آهي. قديم چيني شاعر لي پو (Li Po) چواڻي، ”سفري اهنج ۽ رستن مان نڪتل بيشمار پيچرا انساني مڻيا ليکي سگهجن ٿا.“
زندگي برپٽ مان سفر جو نانءُ آهي _ ۽ حياتياتي طور درست به آهي. اسان جا انقلابي جوڌا ڪوڏي به نه لهن ها اگر پنڌ جا هيراڪ نه هجن ها. چي گويرا پنهنجي جيوني ۾ ڪيوبائي انقلاب بابت ان جي ’خانه بدوشانه رخ‘ کي ڏاڍو ساراهيو آهي. يا مائوزي تنگ لاءِ طويل پنڌ (Long march) ڪيڏو نه نعمت ڀريو ثابت ٿيو هو. يا حضرت موسيٰ جي ڊگهي لڏپلاڻ يا پراچين مهان ڀاڄ (Exodus) يهوديت ۾ نئون روح ڦوڪيو هو.
رابرٽ برٽن به پنهنجي مشهور ڪتاب ’ياسيت جي ڪٽ‘ ۾ چيو آهي ته ’غم جو اڻ گس علاج ’تحرڪ‘ ۾ پوشيدهه آهي.‘ فطري منظر تارا، چنڊ، گرهه، سج، نديون، نالا، جهرڻا، هوائون به ان نڪتي _تحرڪ _ جي پٺڀرائي ڪنديون ڏيکارجن ٿيون. پکي جانور به پنهنجي ’خاص حس‘ ذريعي مندن جي واڳ وٺيو پنهنجا ماڳ بدلائيندا ڏيکارجن ٿا.
لفظ ڦيرو، تبديلي _ يا انقلاب (Revolution) جنهن جي اوٽ وٺي گليلو کي آزاريندڙ کيس تنگ ڪندا رهندا هئا دراصل شروع ۾ آسماني جسمن جي مقرر حدن ۽ وقت تي ٿيندڙ گردش لاءِ ڪتب ايندو هو. جڏهن ماڻهن جي جاگرافيائي هل چل يا تحريڪ ۾ رڪاوٽون پوڻ لڳيون تڏهن هنن پاڻ کي ’سياسي تحريڪن‘ سان واڳي ڇڏيو. جڏهن ڪو انقلابي وڏي واڪي چوي ٿو، ’آءُ انقلاب سان لانئون لڌيون آهن‘ ته ان اظهار مان سندس خلوص لڳي ٿو. ڇو جو انقلاب، آزادي بخشيندڙ ديوتا آهي، اسان جي عهد جو ڊائنيسس (Dionysus) ! اهو واقعي غم کان ڇوٽڪارو بخشي ٿو، آزادي جي راهه تي نئين ٿو.
سياري جي پڄاڻي بعد ايشيا جي ميدانن ۾ خانه بدوش پنهنجي چوپائي مال ۽ بيل گاڏين تي پنهنجو سمورو لڏو کڻي سفر لاءِ الله توهار ڪرين ٿا _ هنن جون نگاهون سڄي يا کٻي ڪين کڄن، بلڪل سڌيون افق ڏانهن کڄيل رهن ٿيون!
اها لڏپلاڻ سندن ’رسم‘ بڻيل آهي. جيڪا سندن روحاني تقاضائن کي به هٿي بخشي ٿي، خانه بدوش جو اگر وسيع نظري سان اڀياس ڪيو وڃي ته هن جهڙو بدنامي جي ڪناري کي ڇهندڙ حد تائين غير مذهبي ٻيو ڪوئي ڪونهي. افق هيٺان پهاڙن جي اوچين چوٽين تي سندن ڇوٽڪاري جو امڪان ۽ آسٿان موجود آهي.
دنيا جا مهان ڌرمي پيغمبر: گوتم ٻڌ اتر هندوستان ۾ حضرت موسيٰ حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد وچ اوڀر اندر، لائوتزي ۽ ڪنفيوشس چين ولائت ۾ اهڙي سمئي پڌاريا جڏهن ٿانئينڪي رهائش (settled life) متحرڪ خانه بدوشانه زندگي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل هئي. اسلام عرب بدو قبيلن ۾ پاڙون پختيون ڪرڻ کان اڳ ناڻي سان پر قافلائي شهرن جهڙوڪ مڪو، مدينو وغيره ۾ڦهليو ۽ اسريو هو. حضرت محمد جو اهو قول مشهور ٿي ويو ته ”پيغمبر ٿيڻ جو اهل صرف اهو انسان ٿي سگهيو هو جيڪو پهرين ڌنار هوندو هو،“ حج ، تيرٿ ياترا، زيارتون، مقدس مقامات، رسولن واري سادي زندگي گهارڻ جهڙا مذهبي ادارا ’لڏپلاڻ‘ تي ٻڌل خانه بدوشانه جيوت جو بدل تصور ڪيا ويا جن اندر ’سفر ‘ ۽ ’تحرڪ‘ جو عنصر اوليت ماڻي ٿو.
ڪيترا ڏات ڌڻي ذهني خواهه ڪجهه جسماني راندين جهڙوڪ شطرنج، فوٽ بال وغيره کي به ’ياترا‘ جو بدل تصور ڪندا آهن. سنسڪرت ٻولي ۾ شطرنج جي رانديگر لاءِ ’ياترا ‘ وارو لفظ استعمال ٿئي ٿو، ’جيڪو ترندو وڃي، ٻئي ڪناري ڀيڙو ٿئي ٿو! ‘
انسان جي ابتدا کان وٺي هن جون سموريون سرگرميون ’سفر‘ سان واڳيل رهيون آهن. اسان جي ذهن ۾ اهڙو ڪو پاڻ وهيڻو سرشتو رکيل آهي _ جيڪو اسان کي دڳن، پيچرن ۽ رستن جي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ انهن تي رٽن ڪرڻ لاءِ اسان جي باطن ۾ عجيب نوعيت جي آنڌ مانڌ پيدا ڪريو ڇڏي ٿو. اهو ڪارڻ آهي جو انسان ’خيالي سفر‘ تي روانگي يا تصوراتي اڏام ڀريندو ڏيکاربو رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ٿانئينڪي زندگي گهاريندڙ مهذب انسان ’خدا ‘ جي سڃاڻپ ڪنهن وَلِ، آفيم يا ٻئي خيالي نشي آور شيءَ سان منسوب ڪئي هئي پر سچا پانڌيئڙا، ان طلسمي ڄار ۾ ڦاسي ڪين سگهيا. نشي آور دوائون اهي بي سمجهه واپرائين ٿا جن پنڌ ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي.
سفر انسان جي ذهن ۾ ڪشادگي پيدا ڪري هن کي مالي توڙي سکيا جي ڏس ۾ لاڀدائڪ بڻائي ٿو. اگر اسين پراچين يگ ۾ قديم يوناني ڏاهي هيسيئوڊ (Hesiod) جا پيرا کڻي هيليڪان (Helicon) جبل تي چڙهنداسون ته اسان کي يقيني طور پنهنجي اندر جي سُوجهي ۽ سرت سان فن جي ديوين جا مڌر آواز ۽ من موهن لقاءُ ڪنين ۽ اکئين ٻڌبا ۽ پسبا! اگر اسين تائو ڏاهن (Taoists)، هان شان (Hanshan)، لي پو (Li Po) جي قدمن جي نشانن تي هلي ڪري ٿڌ ۾ ڄميل جبل (cold mountain) تي سندن ڪٽيا ۾ داخل ٿينداسون ۽ موسمن جا انيڪ رنگ ڏسنداسون ته اسان کي الڳ رمڻيڪ الوهي دنيا جو احساس ٿيندو.
ريگستاني رهاڪن، خانه بدوش رولن، خوفناڪ قبيلن جي زندگي جا خاڪا ۽ چتر ولفريد ٿيسيگر (Wilfred Thesiger) جيڏي چٽائي، محبت ۽ لگن سان چٽيا آهن شايد ئي ڪنهن ٻئي ايڏي پيار گاڏڙ محنت ڪئي هوندي. اهو پاڻ ويهين صدي جي ٻين ٽين ۽ چوٿين ڏهاڪن ۾ ان قديم غير تهذيبي تهذيب جو اڻ ٽٽ جز بڻيل رهيو. تقريبن سمورو آفريڪا، اڻ ورهايل ۽ ورهايل عربستان سندس ماتر ڀومي انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ سندس من جي شانتي ۽ تن جي آسائش جا سرڳ هئا. هن جا تحقيقي ۽ آتم ڪٿائي ڪتاب ۽ رچنائون جهڙوڪ ’عرب جي واري‘’دٻڻ جا رهاڪو‘’ريگستان، دٻڻ‘ ۽ جبل ۽ ’بش ويلڊ جو جاڪ‘جي اڀياس مان لڳي ٿو ته هو پاڻ هڪ تيز فهم، مخلص، پنڌ ۽ اٺ جي سواري جو هيراڪ خانه بدوش هيو. کيس پرجهڻ سان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ٽي اي لارينس (T.E. Lawrence) سان صرف هلت چلت ۽ لباس وغيره جي معاملي ۾ به ڪيڏي ويجهي مشابهت رکي ٿو.
آفريڪا ۾ ڊناڪلس (Danakils) نالي هڪ خوفناڪ ۽ وحشي قبيلي جي سرزمين تان لانگهائو ٿيڻ وقت اُهي رستا يا پيچرا به لتاڙيائين جن تان کانئس چاليهه ورهيه اڳ فرانس جو محبوب روماني شاعر آرٿر رامبو پڻ لنگهيو هو. ان سفر سندس زندگي ۾ اوجهڙ ۽ اڻ وسندي واري بيابانن جو سئر ۽ سفر لازمي عنصر بڻائي ڇڏيو هو. انهن جڳهن ۾ سوڊان ۽ صحرا جا وارياسا ميدان، عراق جا ڌٻڻ وارا علائقا، زاگروس جا ڪردي پرڳڻا، هندو ڪش جون اهي اتاهيون جتي ڪافرن جو واسو هوندو هيو يا ڪينيا اندر سامبُوروُ ڌنارن وارو دشوار گذار علائقو وغيره.
ولفريد مطابق چراگاهي خانه بدوش جي ويرتا واري دنيا ٿانئينڪي مهذب انسان جي جيوت کان اخلاقي چاهي طبعي لحاظ کان وڌيڪ سونهن خلو ۽ پيار سان سينگاريل ٿئي ٿي. عربن اندر جيڪي به خوبيون موجود آهن سي سندس ريگستاني جيوت جي سوغات ليکي سگهجن ٿيون. حقيقت ۾ لفظ عرب جو مطلب خيمي يا تنبو جو رهاڪو آهي ۽ شهري جيوت اندر جوڙيل گهر ۾ رهندڙ کي مزار چيو وڃي ٿو. عام چوڻي مطابق پهرين کان پويون انسانيت جي رتبي ۾ گهٽ سمجهيو ويندو آهي.
مٿي ڄاڻايل لکڻين ۾ ٿيسيگرانيڪ مثالن ذريعي ريگستاني بدو جي همٿ، وفاداري، ڪشادهه دلي، سخاوت جي ڀيٽ خيابانن ۾ ٿانئينڪي زندگي گهاريندڙن سان ڪندي ڄاڻائي ٿو ته اهي طبعي طور ڪنجوس، عيار، ڌرمي معاملن ۾ انتهاپسند ۽ بي ڀروسي وارا ٿين ٿا.
جيتوڻيڪ بدو ويانه جيوت، خانه بدوشانه زندگي يا رولاڪ جيون انساني تهذيب جي ظاهري ڏيک ويک جهڙوڪ فن، اڏاوت، سائنس ۽ ادب جي سڏ ۾ ’پوئتي ‘ نظر پيو اچي پر تهذيب جا بنياد ۽ شروعات _ غور ۽ بي ڊپائي سان جاچڻ بعد، ايڏي سنمان جوڳي نظر ڪين ايندي. فرعونن جا تعمير ڪيل اهرام غلامن تي انسان سوز اتيا چار ڪري کانئن جوڙايا ويا. تاج محل، بابل جا لڏندڙ باغ پڻ ساڳئي ظالماڻا طريقي سان تعمير ڪرايا ويا هئا. حضرت موسيٰ انهن حرڪتن جي برعڪس پنهنجي قوم کي ريگستان جي صاف، اجري ۽ غيرآلود فضا ۾ اچي وسايو ۽ پاڻ به هڪ خيمي ۾ رهيو ۽ جڏهن ساهه ڏنائين ته آسماني پکين (ڳجهن) بيٿ پيئور جي ميدان ۾ سندس مڙهه مان جاوا ڪيا! اڄ ڏينهن تائين سندس مزار يا قبر جي ڪنهن کي ڄاڻ ڪونهي. انهن حقيقتن جي تصديق وقت جي مختلف وراڪن تي دنيا جا احترام جوڳا پيغمبر، فيلسوف، تاريخ دان، صوفي،شاعر ۽ ڏاها به ڪندا رهيا آهن. پراڻي عهد نامي جي آخري دور جي پيغمبرن پڻ ان ڳالهه کي ورجايو هيو ته ’بني اسرائيل جڏهن خانه بدوشانه زندگي تياڳي زمين جي هڪ ٽڪري کي ٿانئينڪو ٿي وسايو تڏهن منجهائن ڦٽي ختم ٿي وئي ۽ سندن جسم پڻ بي هد ٿلها ٿيندا نظر آيا! ’سندن ڇوٽڪاري جو علاج ٻيهر ڪاري رنگ وارن خيمن ۾ خانه بدوشانه زندگي اختيار ڪرڻ ۾ پوشيده هو! ‘ پيغمبر ’هوسيا ‘_ 12 مطابق ،’ آءٌ ٻيهر اوهان کي ڪارن خيمن ۾ زندگي بسر ڪرڻ لاءِ واپس موڪليندس!‘ خيمن ۾ زندگي گذاري، غير مانوس ۽ اجنبي ڌرتي تي رهڻ سان اوهان وڏي اورجا ماڻي سگهو ٿا (پيغمبر جرميها Jeremiah ).
ٿيسيگر جو ڪتاب ريگستان، دٻڻ ۽ جبل دنيا جي پهرين رولاڪ خانه بدوش ’هابيل‘ جو پنهنجي مهذب ڀاءُ ۽ پهرين شهري ۽ پوک جي بنياد وجهندڙ قابيل هٿان بيدردي سان قتل جو مسلسل ’نوحو ‘ نظر پيو اچي.
هابيل، پيغمبرايسيئا، جرميها، گوتم ٻڌ، ابراهيم، شاعر لي پو (Li Po) نواب اڪبر بگٽي _ڀاونا، سوچ، عادت ۽ سڀاءُ جي لحاظ کان_ وغيره خانه بدوش (nomads) هئا، هڪ جاءِ تي ٿانئينڪي (settled) زندگي گذارڻ جي خلاف هئا. مهذب انسان فطرت کان دوري هوندو آهي. فطرت کان دور ماڻهو جو ذهن، سوچ محدود ڪريو ڇڏي ٿي. ڪينو، لالچ، جاهه، حشمت، بزدلي، موهه، ڪروڌ سندس وجود جا اٽل انگ ۽ سڀاءُ جا اوگڻ بڻجيو وڃن ٿا.
ابن خلدون چواڻي ’خانه بدوش (nomads) فطرت جي خلقيل دنيا جي وڌيڪ ويجهو هوندا آهن. جن مدي خارج ريتن رسمن ٿانئيڪي انسان جي ٻڌي ۽ دلين کي اونڌاهو بڻايو آهي. انهن جي آلودگي کان بچيل هوندا آهن. اڪبر بگٽي به ان چمڪندر قطار جو هڪ چمڪيلو تارو هيو.
گذريل سو سواسو سال اڳ هڪ بَدوُ پال گريو (Palgrave) کي چيو هو:
”اسين خدا جي حضور ۾ ضرور وينداسون ۽ کيس سلام به ڪنداسون. اگر هن مهمان نوازي جو انداز ڏيکاريو ته يقيني طور ساڻس گڏ رهنداسون، اگر ان جي برعڪس سلوڪ جو اظهار ڪيائين ته پنهنجي گهوڙن تي سوار ٿي بنا موڪلائڻ جي پنهنجي ماڳ ڏانهن رخ رکنداسون.“ اڪبر بگٽي جي سوچ به ساڳي هئي _ ۽ قبيلي جي ٻين ’جزن‘ جيان بلوچيت موجب هُو خدا کي، اصطلاحن، ڀاءُ ڪري ليکيندو هو!“
خانه بدوشانه فڪر مطابق مورتي پوڄا، فن سان لڳاءُ، شهري جيوت جا بچيل گناهه آهن جيڪي انسان کي فطرت کان ڏور ڪريو ڇڏي ٿا. انهن جو بنياد تهذيب جي چمڪ ۽ تجلي تي کڙو ڪيل آهي. اگر پراڻي عهدنامي جو پيغمبر اسان کي مورتي پوڄا ڪندو ڏسي ها ته ڪڙڪندي چوي ها، ”انهن اڳيان سيس نه نوايو! اهڙي لڀائيندڙ وستوئن کان پري ڀڄو.“ قديم اسرائيل جا نبي ڪاري رنگت واري سادن خيمن ۾ زندگي بسر ڪندا هئا، سندن دولت ’سون چاندي يا فن جا شاهڪار‘ ڪونه هئي بلڪ رڍن جا ڌڻ هوندي هئي جيڪي موسمي سفر دوران سندن چراگاهن تي چرندا رهندا هئا . اهو ئي ڪارڻ هو جو هنن پنهنجي مخصوص اخلاق جي تقاضا تحت بال (Baal) جا مندر ڊاهيا، ڇو جو سندن متو هو ته ’مورت ‘ انسان کي خدا کان پري ڪريو ڇڏي ٿي ۽ اهو ڪڌو عمل ٿانئينڪي زندگي جي ڪک مان اڀريو هو.
سوني وڇڙي (Golden Calf) کي پوڄڻ انهن ڪمزور ذهنن ۾ اڀريو هو جيڪي مصر جي شان شوڪت کي ياد ڪندا هئا. ان ڪارڻ پيغمبرن عيِسيِها ۽ جرميها قديم ماضي ڏانهن موٽ ۽ بت شڪني جي بار بار تلقين ڪندا نظر اچن ٿا. دنيا جي هر تهذيب فني شاهڪارن، دولت، مادي آسائش جي چمڪيلي لباس ۾ نظر ايندي رهي ٿي ۽ قديم غيرتهذيبي عهد ان کي سخت رديندو ڏيکارجي ٿو. انهن ٻنهي ڏيکن ۾ خير ۽ شرجيان نه ختم ٿيندڙ ازلي جنگ جاري آهي.
ٿر جي سر زمين تي ’انساني ٻوٽو‘ ٻي ڪنهن به ڌرتي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شڪتي، شادابي ۽ جهجهائي سان اسري ڦهلجندو پکڙجندو ۽ مالٿس جي جاميٽري واري نظرئي آبادي کي سچو ثابت ڪندو رهي ٿو. سڄي سنڌ جا هندو هڪ طرف ۽ ٿر پوءِ به وزن، تعداد ۽ ڳياڙي ۾ ان مٿان غالب ۽ ڀاري آهي! ٿر جي ڌرتي کي، ويهن سالن تائين ڪيسونووا، فرئنڪ هيرس، شيخ اياز، وڪٽرهيوگر، راسپوتين ۽ مهاراجا ڀوپيندر سنگهه پيٽالوي جي حوالي ڪري ڇڏ _ ۽ نتيجي ۾ موجوده پاڪستان اندر پنجاب جي جاءِ تي ’ٿر‘ وڏو ڀاءُ (Big brother) بڻجي پوندو!
ٿر اندر، نرواڻ يا ڇوٽڪاري جي راهه انسان ذات جي خدمت ۽ ڀلائي واري متي ۾ مڃتا واري اصول تي قائم ڪونهي پر ڌرمي رسم رواجن جي سختي سان پيروي ڪرڻ ۾ پوشيدهه آهي. ٿري تجربي ۽ ڌرمي وشواس جي آڌار تي ڄاڻي ٿو ته دنوي خوشي صرف ’پنهنجي جنسي‘ جذبات جي آسودگيءَ ۽ نتيجي ۾ ڪثرت اولاد ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي _ ۽ آسماني آنند جو انعام مذهبي رواجن، ڪرم جي پابندي وسيلي پلئه پوندو.
اهوئي ڪارڻ آهي جو ٿر جو اڪثر وچولو طبقو، هيٺيون وچولو طبقو ۽ خاص طور ’هيٺيون طبقو‘ ملن جيئن ڌرم جو ٺيڪيدار نظر ايندو رهي ٿو ۽ ان ڪلاس جو هڪ حصو شهري جيوت اندر وڏن ماڻهن جو دم ڇلو يا هنن جي گهرن ۾ نوڪرن، نوڪرياڻين جي ويس ۾ داخل ٿي ان اوچي ڌنڌوڙي يا ڪاموري طبقي جي ’جسماني ضمير‘ سان ڇيڙ خاني ڪندي ان کي پنهنجي حق ۾ لاڙيندو ڏيکاري ڏئي ٿو.
سندن جيوت ۾ اهو’ناڪاري ڦيرو‘ ان وقت کان شروع ٿيو هو، ۽ جاري آهي، جڏهن هنن خانه بدوشانه جيوت جي مهذب شهري زندگي، سان غير مقدس سنگم (cross breed) جي ابتدا ڪئي هئي. ان سنگم سندن فطري معصوميت اٻوجهائپ، انسانيت ۽ آدرش کي هميشهه لاءِ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
هتي هڪ پراڻي ياد تري آئي آهي. سن 1980ع جي شروعات ۾ سکر، حيدرآباد ۽ بلوچستان جو انڪم ٽيڪس ڪمشنر ( ايم ايس لعل ) منهنجو هڪ بي تڪليف قسم جو دوست هيو. مان ڪوئيٽا مان سکر آيل هيس. هڪ ڏينهن صبح جو فون ڪري منجهند جي ماني کائڻ جي نينڍ ڏنائين ۽ پڇڻ تي ٻڌايائين ته ڪوئيٽا جو انڪم ٽيڪس آفيسر، پي داس مهيشوري، جيڪو اصل ۾ مٺي جو رهاڪو ٿري هو سو آيل هو؛ هو هميشه ڪوئيٽا جو دوري دوران سندس بي حد خدمت ڪندو هو ۽ ذڪر ڪيل ’مانجهاندو ‘ سندس اعزاز ۾ جهليو ويو هو.
ماني شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ مان وٽس پهچي ويس ۽ ڊرائينگ روم ۾ مختلف مسئلن تي اسان جي گفتگو جاري هئي. کن پلڪ کان پوءِ ٿري همراهه پنهنجي ٻارن سميت اندر داخل ٿيندو نظر آيو.
اسان جي حيرت جي حد نه رهي جو هن جي پٺيان سندس ٻارن جي قطار ريل گاڏي جي گاڏن جيان اڻ کٽ انداز ۾ داخل ٿيندي رهي. اٺ يا ڏهه ٻار ڳڻڻ بعد اسان ڳڻپ بند ڪئي سون. هن مون کان سر گوشي ۾ پڇيو هو ’شيام ڇا هيءَ همراهه ڪوئيٽا اندر ان کان سواءِ ڪوئي ٻيو ڪم ڪين ڪندو آهي؟‘
هينئراهو ٿري همراهه عمر جي ستين ڏهاڪي ۾ داخل ٿيڻ جا سانڀاها پيو ڪري پر بدقسمتي سان پاڻ ۽ سندس گهر واري سنڌن جي سور واري موذي مرض ۾ ايڏو ته وٺجي ويا آهن جو خاص ڪري سندن ٽنگون وراڪا کائي هاڪي جيان ڏِکُ ڏينديون رهن ٿيون ۽ چال نظرياتي بڻجي بي توازن ٿي ويئي اٿن يعني هلڻ وقت ڪميونسٽن ۽ مولوين جيان ڪڏهن ’کاٻي ‘ ۽ ڪڏهن ’ساڄي ‘پاسي لڏڪڻي وانگر جهڪندا رهندا آهن. ان کان علاوه ٻيا سن به وراڪن ۾ وڪوڙجندا نظر ايندا اٿن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته تازو گوڏن جون ڍڪڻيون بدلارائي آيا آهن.
پر، اچرج جي ڳالهه اها آهي ته هي همراهه هاڻي به _ هن سنگين دردشا ۾ هميشه ڀڳوان (ڊاڪٽر) پرشوتم جو در جهليو بيٺو رهي ٿو ۽ کانئس، شڪتي ڀوڳ ڪئپسول، عرف ’معجون سليماني‘ وٺي _ بقول ڀڳوان پرشوتم، للي پوتين، جهڙا پتڪڙا، ٽپا ڏيندو رهي ٿو! ۽ سمجهي ٿو ته جڏهن پراڻي عهدنامي جي ڪنهن پيغمبر پنج سو ورهين جي عمر ۾ اولاد پيدا ڪئي هئي ته هو به اهو ڪارنامو ورجائڻ جو اهل ٿي سگهي ٿو!! ڀڳوان جو رازدارانا انداز ۾ چوڻ آهي ته اگر هُو ان عمل کان جلدباز نه آيو ته قوي تر امڪان آهي ته ترت ڄاهي جيان وڪوڙجي سڪوڙجي کينهون بڻجي سڃاڻپ کان به ڏور هليو ويندو!!
مون کي هن مهيشوري همراهه ۽ پنهنجي اڳ ئي ڄاڻايل لوهاڻن للي پوتين رشتيدارن (جن تي هن وقت الائجي ڪيئن موٽواڻي مارڪو لڳي چڪو آهي ۽ فخر سان پنهنجي خانه بدوشانه اجري ۽ شفاف لوهاڻي جيوت وساري مٿي ڄاڻايل جڙتو، مصنوعي ۽ گاسليٽي موٽواڻي مارڪي ۾ جيڪو شهري زندگي جي عياري، پاکنڊ، دغا ۽ ڪوڙجي علامت آهي، گد گد ٿيندي ڪا ضميري چهينڊي محسوس نٿا ڪرين) تي حيرت لڳندي آهي ته ڌرم جو پرچار، گيتا جو پاٺ ۽ ان جي سکيا ۽ پرچار خاص طور هيءُ ٽولو، نيم انوسار ڪندو رهي ٿو پر رشوت کائڻ، ڌنڌي وهنوار ۽ سنٻنڌن ۾ بي ايماني، ويساهه گهاتي ڪرڻ، دوکي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ به نيم کي ڪين تياڳيو اٿن. اهو آهي موجوده typical ٿري ڪلچر ۽ ڪردار _ ڌرم ۽ ڪڪرم جي نڀاهه جو پراسرار ’سنگم‘! هتي مون کي منهنجو جهونو ساٿي، ڪامريڊ شفيع ڪرد، هنيئر ڊائريڪٽر ٽيليفونس ڪوئٽا يادن مان نڪري ڄڻ سامهون بيٺو اٿم. هيءُ يار تحريڪ جي اوج وارن ڏينهن ۾ نهايت مخلص، ايماندار ۽ ايماني قوت کان عاري ڪارڪن هيو. ان بعد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته جلدي ترقي ڪري مٿائين ڏاڪي تي وڃي ڀيڙو ٿيو. ڪنهن مشترڪه دوست رازدارانا لهجي ۾ ٻڌايو هو ته هو ڌم تي رشوت وٺندو رهي ٿو. اهو ٻڌي افسوس ٿيم ۽ کيس ملڻ لاءِ نياپو به موڪليم. جڏهن ملڻ آيو ته کيس پنهنجي ڏکائتي هجڻ کان آگاهه ڪيم.
منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي نهايت پيار ۽ کليءَ دل سان وراڻيون هئائين:
” ڪامريڊ، دين يعني غير مادي دنيا کان ته اڳي ئي توهان نروهيو ۽ هميشه لاءِ ڏور ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي هن مادي دنيا جون ڪجهه ته موجون ماڻڻ ڏيو!“
ڪيڏي نه سچائي، بي باڪي ۽ خلوص هو سندس انداز ۾! پر، ’ٿري ‘ بحيثيت مجموعي، ڪيڏي نه نر لڄائي، پاکنڊيپڻي، بي ايماني سان ’ٻنهي جهانن‘ تي ڌاڪو ڄمائيندا ڦرندا رهن ٿا ( ضمير جي چهنڊي ۽ ملامت کان سواءِ ) .
پي داس آف مٺي کي ياد ڪندي هومر ذهني اسڪرين تي اڀري آيو اٿم. منهنجي خيال ۾ ماڻهو جي بي شرمي، سڀ کان اول، سندس اکين مان پڌري ٿيندي آهي. اسان وارو مهيشوري همراهه، يا لوهاڻا عرف موٽواڻي رشتيدار، جيتوڻيڪ ڪٽر وئشڻو (سبزي خور) آهن؛ پر مهيشوري پي داس جي ڄاڻ اٿم ته شراب پيئڻ بعد سندس چهرو ۽ لهجو دئيت جيان ڀاسندو آهي؛ ۽ ان نڪتي تي سوچيندي ئي هومر جي اليڊ (Iliad) جو مشهور، تاريخي يوناني قول ياد پيم جيڪو مٿئين حوالي سان دلچسپي کان خالي ڪونهي:
” You drunken sot with eyes of dog“
( ڪتي جهڙين اکين وارا، او بدمست شرابي! )
ڪارل مارڪس تاريخي کيڏبازي تي تبصرو ڪندي لکيو هو ته ’تاريخ پهريون ڀيرو المئي جي روپ ۾ پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ ٻيو ڀيرو ٺڳي ۽ دولاب جي سروپ ۾ دهرائيندي آهي ۽ ٽيو ڀيرو جيڪڏهن اڄوڪي دور ۾ جيئرو هجي ها ۽ وڌيڪ اظهارڻ جو وقت مليس ها ته ڄاڻائي ها ’پاڪستان ‘ ۽ ’وجئه لڇمي‘ جي شڪل اختيار ڪري ها!!‘
چچ نامي، سان واسطيدار تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لوهاڻن ۽ جاٽن جي بدنيتي ۽ بدسيرتي سبب سنڌ جي راجا چچ ( 622_ 662ع ) جو مٿانئن اعتبار ئي کڄي ويو هو انڪري سندن مٿان سخت پابنديون وجهڻيون پيون هئس جيڪي هن ريت آهن:
هو ڪڏهن به، سخت لوڙهه کا سواءِ، هٿيار پنهوار ڪونه کڻندا.
_ پنهنجو اندريون ٻاهريون بدن کهرن ۽ اوني وسترن سان ڍڪيندا.
_ اطلسي ۽ ريشمي ڪپڙن جي ويجهو به نه ويندا.
_ مٿي تي صرف ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جا سادا سوٽي پٽڪا ٻڌندا.
_ گهوڙي سواري سنجن کان بغير ڪندا.
_ مٿو ۽ پير اڪثر اگهاڙا رکندا.
_ گهر يا شهر کان ٻاهر وڃڻ مهل پاڻ سان ڪتو ساڻ کڻندا ته جيئن سندن اصلوڪي سڃاڻپ سولائي سان ٿي سگهي.
_ وقت جي حاڪم لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون گڏ ڪندا رهندا.
_ حاڪم لاءِ جاسوسي ۽ سونهپ جو فرض به ادا ڪندا رهندا .
_ حاڪم سان پورو سهڪار ڪري سندس فرمانبرداري ۾ گذاريندا. _ ڪنهن ٻاهرين دشمن جي ڪاهه مهل حاڪم سان مڪمل سهڪار ڪري ساڻس گڏ هلندا رهندا.
ياد رهي ته ساڳي صدي يعني ستين صدي عيسوي ۾ سنڌ ۽ پنجاب هڪ ئي حڪومتي مالها ۾ پوتل هئا، جنهن ۾ بلوچستان جو اولهندو حصو ارابيل (موجوده لسٻيلو) ۽ ڪشمير جو ڪجهه حصو به ان جي اثر هيٺ هئا.
ان کانسواءِ راجا چچ هڪ لوهاڻي حاڪم کي شڪست ڏئي هن جي وڌوا زال سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ به جڪڙيو ويو هو ۽ شايد ان شاديءَ ڪارڻ سندس براهمڻ گهراڻي ۾ ڏار پئجي ويو هو ( ۽ شايد ٿر جي اهڙي ئي لوهاڻي سان مٽي ڳنڍڻ سبب اسان جي گهراڻي ۾ به ڏار پئجي ويا آهن ) ۽ جنهن جو انت محمد بن قاسم هٿان راجا ڏاهر جي هار سبب سنڌ جي سندُرو کي ڏهاڳ جو روپ ڏئي ويو.
هن لوهاڻي مائي جي تن وڏن مائٽن تي نظر پوندي اٿم ته ائين ڀاسندو آهي ڄڻ شيهه زو (ShihTzo)، بوشو (Boshu) ۽ چيهوها هوئا (Chihuahua) نسل جي اهڙن ڪتڙن کي پسي رهيون هجان جن کي چچر وچڙي ويا هجن پر، ڀوءُ اٿم ته ايندڙ وقت ۾ ليبريڊور، السيشن ۽ باڪسر جو روپ اختيار ڪري وٺندا جيڪو اسان ۽ سنڌ سماج سان وڏو انياءُ ٿيندو ڇو جو ’ان نسل‘ ۾ اڳتي هلي يقيني طور سر آرٿر ڪانن ڊائل جي هائونڊ آف دي باسڪر ويليس جا سڀيئي انسان ڪش اوگڻ چٽائي سان پڌرا ٿيندا رهندا!!
اڄوڪي يگ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي جي ميدانن عقل چرخ ڪندڙ گيان ڄاڻ جي اکٽ ڦهلاءُ انساني شعور کي ڄڻ، ظاهري طور، پتڪڙو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسين ٽڪرن ۾ ڦهليل سچاين کي مڪمل (absolute) سچائي مڃڻ لڳا آهيون. سوچ جو اهو رخ انسان جي اخلاقي روحاني ۽ ڪائنات جي اکٽ ڌڄا اندر حيثيت ۽ اهميت کي ناڪاريندي هڪ عظيم المئي ڏانهن وڌندو ڏيکاري ڏئي ٿو. ان تلخ حقيقت مان پڌري پٽ ظاهر ٿئي ٿو ته انسان عدم کي ميسارڻ بجاءِ پاڻ ان جو بک ٿيندو نظر پيو اچي. حيات جي ان لايانيت ۽ بيهودگي ڪارڻ انسان کي پنهنجي ’بي بنياد‘ بڻياد ڏانهن موٽ کائيندو پسي سگهجي ٿو.
انسان جي لاڳيتي ڀوڳڻا _ اخلاقي روحاني ۽ جسماني ڏسائن _ ۾ سندس وشواس ۽ عقيدي جي بنيادن کي کوکلو بڻائي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.
هن اونداهي يگ ۾ زندگي جيئڻ ائين پيو ڀاسيم ڄڻ جاڳرت حالت ۾ نوڙين سان ايئن ٻڌل آهيان جيئن گليور للي پت ۾ رسين سان جڪڙيو ويو هو.
اڻ کٽ پيڙا جو ڪارڻ ان ڪوڙي حقيقت ۾ پوشيده آهي جو پنهنجي ذاتي آدرشي ضابطي ۾ پختو رهندي سدائين بدلجندڙ انساني اتم قدرن جي ڦهلاءُ جو ڪانکي رهندو پئي آيو آهيان ۽ ان کان سواءِ سياسي جوڙ جڪ ۾ به اتم يوٽوپيائي آدرش کي لاڳو ڪرڻ جي جتن کان ڪڏهن ۽ ڪنهن حالت ۾ منهن ڪين موڙيو اٿم ۽ نتيجي طور ڀوڳڻائون ۽ وجود هم معنيٰ بڻجي ويا آهن.
ذهني يا مادي پسماندگي ۽ سکڻائپ ماڻهوءَ ۾، وجودي فلسفي موجب، اخلاقي نيچ پڻو، پاکنڊ ۽ ڪمينگي جو باعث بڻبي آهي.
اهو ويچاريندي هتڙي آمريڪا جي رياست آريزونا جو ڏاکڻو حصو سندس ٿر جي وسيع علائقي ۾ ماٺي ساگر (Pacific ocean) جيان ڦهليل آهي _ ۽ ڏاڍو ياد پيو اچيم. ان جي سيني تي قسمين قسمين ٿوهر جا وڻ ۽ ٻوٽا ڪنهن نازنين جي حسين دلڪش جسماني ونگن ۽ رنگن جيان من ۾ ڪتڪائي پيدا ڪري موهت ڪندا رهن ٿا _ بنان ڏٺي ان ٺوٺ ۽ تتل وارياسي ڌرتي تي ڦهليل خشڪ، ٺوڙها ۽ پنهنجي شاندار قامت ۾ گهيريل! اوچا جبل ذهن تي وقار دهشت ۽ عجب ۾ ٻڏل اڻ مٽ تاثر چٽيندا رهن ٿا. انهن جي قربت ۽ ڏوري ٻئي وواهت ۽ غير وواهت جيون وانگر ڏنگيندڙ آهن. اهو علائقو به پنهنجي ’سکڻائپ‘ ڪارڻ ’نيچ پڻي‘ ۾ گهٽ ڪونهي! ذهني ڪنڊ ۾ سنڌ جو ٿريلو علائقو نانگ وانگر ڪنڊلي هڻي ويٺو اٿم!!
انساني وصف، گڻ يا خوبي تاريخ جي گردش جي ضرورت پٽاندڙ پنهنجو چهرو، افاديت ۽ ڪارج بدليندي رهي ٿي. جيڪڏهن هڪ هنڌ بيٺل هجي ته اوس بڻاس جو ڪارڻ بڻبي. جيڪڏهن ان گردش جي وهڪ اڳوتري ۽ چاڙهه ۾ رهندي ته چهري، افاديت ۽ ڪارج تي نکار ۽ جوڀن قائم رهندو؛ پر موٽ ۽ لاهه جي صورت ۾ ڪوجهي ۽ اڻ لاڀائتي بڻجي سدا ڍونڍ جهڙي بڻاس ڏيندي رهندي!
نفرت جو شديد احساس هڪ ’الي‘ جيان ٿئي ٿو _ چاهي اها برحق ڇو نه هجي. اها ان وجود کي ان جي ’جوهر‘ کي به جنهن مان اڀري ٿي اڏوهي جيان لاڳيتو چٽ ڪندي ساڙيندي رهي ٿي ڄڻ چکيا تي ڪو لاش سڙندو هجي!
نرمادي جي صورت ۾ موجود ٻن ڪروپي آتمائن مقصد جي حصول لاءِ بڻاس ڏيندڙ، سامونڊي ڇتين لهرن جهڙن غيرانساني طريقن کي اپنايو هئو؛ سندن پاران سچ ۽ پيار کي ابليسي لتاڙ ۾ ميسارجندو پسي من اندر هڪ قسم جي نرالي اٻرندڙ تپرس ۽ اچرج جي ڪيفيت پيدا ٿي هئي _ جيڪا ڪنهن وهڪ جيان جاري آهي. ذهن آڏو الائجي ڪٿان ماتاهري ۽ مير جعفر جا ڪردار اڀري آيا اٿم.
هنن ٻنهي جي روحن ۾موجود ڇل ول پاکنڊ خارج مان ورتل ملمعي جيان ڪون آهي بلڪ اهو سندن وجود ۾ فطري ۽ قدرتي طور ڳوهيل آهي. اهي ٻئي خدا جي پورڻ نيڪي (absolute goodness) وانگر پاکنڊ مٿيا ۽ ڪوڙ ۾ پورڻ ۽ اکنڊ (absolute and undivided) آهن. کين ۽ اهڙين ڪجهه ٻين ڪوجي آتمائن کي پروڙڻ ۽ پرکڻ بعد يقين (certainty) مان وشواس ٻاڦ وانگر وکرجي ويو آهي. صرف غير يقيني (certainty un) جي نئين ديوتا ۾ ايمان پختو ٿي ويو اٿم.
هن مهل ميرانجهڙي سرمئي سنجها ٽاڻي طبعي وجود تي جوڀن جي اوڍيل اطلسي چادر ليڙون ليڙون ٿي وئي آهي ۽ ان حالت جو ڪو ڏک نٿم ڇو جو اهو عمل اسڀاويڪ ڪونهي. پرکڄندڙ ساهه ۾ به جوڀن ڪين رهيو اٿم ۽ نظريم ٿو ته اهو به ڪنڊيءَ جي سڪل ڏانڍي وانگر سنهڙو سيپڪڙو ٿيندو پيو وڃيم. انهن ٻنهي صورتن جي وجودي حالت دنيا جي سخت اتت ۽ تپت ۾ ٺوٺ ٿي، تيزي سان، پوٺي جي صورت اختيار ڪندي پئي وڃي.
موقعي پرست دانشور طبقو يا عام ’سوارٿي‘ انسان ڪنهن به مهذب جوڙجڪ واري سماج اندر پاڻ تي ويسر (forgetfulness) جي حالت مڙهيندو آهي ته جيئن سندس ٺڳي دولاب ڪوڙ ۽ منافقت پردي ۾ لڪل رهن. پر اڄوڪي يگ جي، تيز نگاهه، سندس ان ’کيڏ‘ کي پرکڻ ۾ ويرم ڪونه وجهندي آهي. هند ۽ سنڌ ۾ اهڙي قسم جي پنهنجي ۽ پرائي ’ڪينئري فصل‘ سان اڪثر مهاڏو اٽڪندو رهيو آهي. هيءَ چوڻي،’ديوتائون جنهن کي ناس ڪرڻ چاهيندا آهن انهن مٿان پهريائين چريائپ جا ٻج ڇٽيندا آهن.‘ اهو مقولو ٻنهي جيون جي موجوده حالت سان ٺهڪندو ڏيکارجي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن ويجهڙي پنهنجائپ ڪارڻ تيزنگاهه تي وشواس جو ڌنڌ ڇائنجي ويندو آهي ۽ پنهنجو سدا سرگرم دشمن نگاهن کان صاف ترڪي ويندو آهي ۽ پوءَ مارچ 2012ع واريون ڀونچالي حالتون پيدا ٿينديون آهن جيڪي ’دٻڻ‘ جي ڪناري ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڪافي اثرائتيون قرار ڏئي سگهجن ٿيون. آمريڪا جهڙو سپر پاور به اهڙي وشواسي ڌنڌ سبب 11/9 وارين تباهي مچائيندڙ حالتن مان لنگهيو آهي.
ويسر جو هڪ ٻيو روپ به آهي: هر سوڀاري تهذيب ڪلچر تاريخ جي ڪنهن اڻ ڄاتل ٻه واٽي تي ويسر جو شڪار ٿي ويندو آهي _ ۽ ان جا ڪارڻ مادي ترقي، واپار ۾ حيرت ناڪ واڌارو ۽ ماڻهن ۾ شانتي ڏانهن وڌندڙ لاڙو وغيره هوندا آهن. انهن ظاهري طور هاڪاري حالتن جي ڪک مان وشواس جا اُڻا سج جي ڪرڻن جيان ڦٽي نڪرندا آهن. ۽ اهڙي بي ڪئتي ۽ بي خيالي حالت ۾ اهي جيوَ جيڪي راند (game) جي مڃيل قانون کي اورانگهڻ جي سگهه حرفت ۽ همت سان جهنجهيل هوندا آهن.
انسان ذات يا فرد جي سموري املهه مڏي ۽ ميراث _ مادي ۽ روحاني _ کي شيو جي ٽانڊوي انداز ۾ تباهه برباد ڪندي ڪاويرم ڪون وجهندا آهن. پهرين ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي اهڙين ئي حالتن مان ڦٽي هئي. ذاتي طور مان به اهڙين ئي حالتن جو شڪار ٿيندو پئي رهيو آهيان:
ماڻهوءَ جي منورتي بدلي، ننهن کان وڇڙيو ماس،
ڪنهن جي من ۾ ميران ايندي ڪنهن جو ڪاليداس!
آمريڪي دانشور لي هيرس (Lee Harris) پنهنجي مشهور ٿيسس ۾ ٽن قسمن جا دشمن ڄاڻايا آهن: هڪڙا اُهي جيڪي پنهنجي ’ذاتي مفاد‘ کي ساڀيا ڏيڻ لاءِ ڪابه اٽڪل بازي ڇل ول _ ۽ طاقت جي استعمال کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ ڪنهن به حد کي اورانگهي سگهن ٿا. هن انهن کي هٻڇي لالچي ۽ لچو ڪوٺيو آهي.
يا ٻيءَ صورت ۾ دشمن انهن کي ليکي سگهجي ٿو جيڪي پنهنجي ’برابري‘ واري حق جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهڻ جي اهليت پيدا ڪرڻ واسطي جدوجهد ڪندا رهن ٿا. هن انهن کي ’مظلوم‘ جي خاني ۾ ٺهڪائي فٽ ڪيو آهي.
ٽيون قسم اهو آهي جيڪي عام ۽ سڀاويڪ قسم جي امن پسند انسان تي بدمعاشي ارهه زورائي ۽ دهمان وسيلي کيس نيچو نوائي، آڻ مڃرائي پنهنجي ذاتي مفاد جي حصول لاءِ ڪنهن به ڪوجهي حد تائين ويندا آهن. هن ان قسم جي دشمن کي ’ڏهيسر‘ قرار ڏيندي انتهائي ڪمينو ۽ بي حس انسان ڪوٺيو آهي.
اهي ٻئي _ نر ۽ مادو _ بدروح منهنجي مشاهدي، تجربي ۽ paradigm موجب پهرين ۽ ٽين category ۾ ٺهڪي اچن ٿا، ڇو جو ٻئي بدبو دار قسم جا anarchistic قسم جي خواهش مان اُپجيا آهن. هونءَ به ’مهانڊا‘ ڀنڀلائي دولاب ڏيندا رهن ٿا.
ٻالڪپڻ کان اڄ ڏينهن تائين دل _ پنهنجي ۽ پرائي _کان پرايل درد، پيڙا ۽ دک جو ٻوجهه کڻندي بيحال ساڻي ۽ بي ڪئتي ٿي پئي آهي؛ ڪڏهن به ڪنهن پل به گَههُ ڪري بيهي سگهي ٿي _ عدم چٽائي سان پسجي رهيو اٿم.
ويراني ۾ وڪوڙيل گهر جي چوديواري ۾ گذاريندي ۽ دريءَ مان ٻاهر ديوقامت جبلن جي سلسلي کي پسيندي ۽ بي انت اڀ هيٺان اجري فضا ۾ موجود ’پوتر ساهه‘ مان ڍڪ ڍڪ ڪري سرڪيون اوتيندي پاڻ کي مڪمل اڻ ورهايل ۽ absolute محسوس ڪندو آهيان. پر ٻاهر پير ڌرڻ کان پوءِ نماشام جو پکين جيان واپسي مهل پاڻ کي کُردي وانگر کن کن ٽڪر ٽڪر ۽ ڳڀي ڳڀي ۾ ورهايل پسيندو آهيان!
ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو اٿم ڄڻ سمورو وجود پيڙا جي خمير مان جوڙيو ويو آهي ۽ ان کي سدائين ڪو شڪاري عقاب پنهنجي شڪاري خونخوار چنبن ۾ جهلي چيريندو ڦاڙيندو رهي ٿو.
هن مهل تائين مان لڳ ڀڳ اسي ڀيرا جوڻ مٽائي چڪو آهيان؛ هر جوڻ ڇڏڻ کانپوءِ منهنجي ناموجود ماءُ، موجود زال ۽ ٻارن جي دک جي حصي ۾ ڪتر ايندي رهندي محسوس ڪئي اٿم، ۽ ان ’ڪتر‘ جي حصي منهنجي دک ۾ واڌارو پئي آندو آهي.
منهنجي اڻ کٽ پيڙا مٿان منهنجي زندگي جو چتر ايئن چٽيل آهي، جيئن اسرويلي پکيئڙا ولر ۾ اڏامي ويندا آهن.
هن وجودي دنيا ۾ ’عدم ‘ ۽ ’ناموجود ‘ سان ڪير انسيت رکي ٿو؟ مان رکان ٿو؛ جيڪو مينهن واچ طوفان ۽ ڪن ۾ ڦاٿل آهي. جيڪو سدائين ’موت ‘ کي موتمار ويرانن ۽ اجڙيل آستائن ۾ جيئندو پسيندو رهي ٿو.
ڌرتي ماتا ڪيڏي نه بي ترس آهي. هوءَ هميشه ماڻهو ۽ سندن محبتن کي شراب جيان چڪي چڪي ڪري پيئندي رهي ٿي ۽ پوءِ ان نشي جي خمار ۾ کانئس سڀ ڪجهه وسريو وڃي ٿو!
شانتي جي الوپ ٿيڻ جو ڪارڻ به اهو ئي آهي!!
ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو اٿم ته منهنجي اُڻي جيتري پيڙت وجود اندرسيفو، ميرا، جون آف آرڪ قرت العين طاهره ۽ ائنااخماتووا جي اپار پيڙائن جا ذرڙا به شامل ٿي ويا آهن _ ۽ ان ريت ڄڻ سندين پوڳڻائون به ڀوڳي رهيون آهيان.
ميداني ۽ ٿري جيوت جي غير مقدس سنگم تي سوچيندي اٺارهين، اوڻويهين صدي ۾ منهنجي پنرجنمي همزاد شاعر جان ڪليئر (John Clare) کي شايد اڳ ۾ ئي منهنجي دردشا جا پرون پيا هئا _ ۽ درديلو نوحو ڦٽي نڪتو هئس:
اڪيلائي ۽ محبت
مون کي جهڳڙالو ماڻهو جي آواز کان به ڪرڀ اچي ٿي
جنهن مون کي بيحد هاڃو رسايو ۽ اڃان رسائيندو رهي ٿو.
دنيا تياڳي پاڻ کي ڄڻ قيدي محسوس ڪندم
۽ صرف پنهنجو پاڇو سنگي ساٿي رهجي ويندم.
۽ آڪاش منڊل مان صرف ڪرندڙ تارا پيو تڪيندس،
۽ سمورو سال صرف فيصلن جي ڌوڪ ڌوڪان هوندي.
او رکپال! مون کي ڪنهن هيکلي ڇپر ڇانو تائين رساءِ
اهڙو مقام جتي صرف سائت جو واسو هجي،
جتي سون ورنا توتاري نما گل ڀرمائيندا هجن،
۽ ساوڪ کان ڏور، ڪنهن سونهري سنسار سان ملائين.
اي دلربا شاعري الوداع _ صرف عزم جي آرزو اٿم؛
ڀل سمورو سنسار کڻي وڃو، ۽ منهنجي لاءِ صرف
ڪنهن دلربا جي سڪ ۽ سنگيت ڇڏي ڏيو،
جيڪو من کي گدگد ڪري اتساهه بخشيندو رهي.
ٿانئيڪي زندگي لکڻ جي عمل مان جوهر، ست چوسي وٺندي آهي ان ڪري خانه بدوش وانگر سدائين ’حرڪت ‘ ۾ رهڻ زندگي بخش عمل نظر آيو اٿم مان پاڻ کي صرف زنده ۽ خوش رکڻ لاءِ لکندو رهان ٿو. بنيادي طور ليکڪ ۽ پاٺڪ subject ۽ object پاڻ کي ئي سمجهندو آهيان. تخليقي عمل ۾ احساس جي شدت، جذبي جي گهرائي ۽ گيرائي اوليت ماڻيندي رهي ٿي _ ۽ ان عمل ۾ ’عقل ‘ سندس ڀر جهلو هوندو آهي. منهنجي تڪ تور مطابق ’لکت ‘ يا ’لکڻي ‘ ۾ مواد ۽ اسلوب يا شئلي اوچي جڳهه والارين ٿا _ ٻنهي جو درجو هڪ جيڏو آهي.
مان سموري ڄمار ڌنڌي ڌاڙي کان ايئن ونئن ويندو رهيوآهيان جيئن سبزي خور انسان گوشت جي نانءُ کان به ڪوء کائيندو آهي.
لکڻ جو عمل مون لاءِ ايئن لازم ٿي ويو آهي جيئن ساهه کڻڻ!
ساڳي ريت ’ساکرو‘ سار به سڳي جيان ساهه سان پوتل آهي!!
الائجي ڇو شروع کان ئي نماءُ کان چڙ رهندي آئي اٿم. سڀاءُ ۾ شرميلو پڻ ننڍڙي ڄمار کان ڪنهن ڪهني بيماري وانگر وچڙيل رهيو اٿم :
سکر جي وڙ وڪڙ گهٽين ۾ رلندي پنندي
جيڪي سنڌوءَ جي وڙ وڪڙ وهڪ جي ڀڪ تي آهن
هر چرندڙ جيوَ جي چهري تي محسوس ڪيم
اپار هيڻائي ۽ ڏک جون ريکائون!
هر ماڻهو جي هر رڙ اندر
هر ٻار جي ڀوءَ گاڏڙ ڪُوڪ اندر
هر اٿندڙ آواز، ۽ هر پاراتي اندر
سوچ اندر گهڙجندڙ ڪڙين جو پڙلاءُ پيم!
اڻ ٽرڪائناتي ’لقاءُ‘ ۾ ڀوڳڻا ۽ سواد جا دڳ پوروڇوٽ تي هلندا رهن ٿا. وڪٽرهيوگو جي ’بدنصيب‘ وانگر منهنجا پير پهرين دڳ تي کوڙيا ويا آهن.
ڪڏهن ڪرڀائتي ’بدلي‘ جي ڀاونا، جنهن جون پاڙون صرف ۽ صرف مفاد جي بدبودار ڍير ۾ کتل ٿين ٿيون، بدروحن جي خمير مان ڪنهن ڏهيسر وانگر اسرندي ڏيکاري ڏيندي اٿم _ ۽ ان جو نشانو اُهي ’پوتر آتمائون ‘ آهن جن کين زندگي ۽ جيئدان بخشيو هو! عجب ۽ Paradoxical اسرار لڳندو اٿم. الائجي ڪٿان مرحوم ايم ڪمل اداسي ۽ مايوسي کڻي آڏو اچي بيٺو اٿم.
رت ٽمڻ جي مند
رت جا رشتا،
چهرا ناهن،
جن تي گهنج پون.
هيءُ شيشا آهن
انهن تي ڏارون پونديون آهن.
۽ پوءِ بس،
ناڪاره ٿي رهجي ويندا آهن.
ٽٽل حسين ڪٽلري وانگر.
کين، سميٽي، سهڻي ريت سجائي،
شو ڪيس ۾ رکڻ ئي عقلمندي آهي.
نه ته، چور ٿيل شيشا،
زندگي جي رڳن ۾ چُبجي ويندا آهن،
۽، موت تائين،
اتان رت ڳڙندو رهندو آهي.
۽ جسم جو گهاءُ داغ ٿي پوندو آهي.
اڄ ڪلهه اهي داغ سڀني جي جسمن تي آهن
ان ڪري _ اهي داغ، داغ ناهن.
ان ڪري _ انهن تي ڪير ڪڇي نٿو.
ٽپڪڻ ڏيو خون کي. ڪوئي ڇا ڪري،
اسين ڄاوا ئي،
رت ٽمڻ جي مند ۾ آهيون.
منهنجي مشاهدي مطابق يتيم ٻن قسمن جا هوندا آهن:
پهريون قسم ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر اچڻ کان اڳ ئي يتيم ٿي ويندو آهي _ ۽ ٻيو قسم ان منجهان ٻاهر اچڻ بعد يتيمي کي اکين سان پسيندو آهي.
پهريون قسم ’يتيمي‘ هٿان رسيل ڊگهي اڻ کٽ پيڙا، ان جي ڪک مان پيدا ٿيندڙ انڌڪار مايوسي ۽ بيوسي جي گهاڻي ۾ چاڪي جي ڏاند وانگر پيسجندي رڪ جهڙواڻ مڙ، سخت بدن ۽ ڪٺورمن وارو بڻجي ويندو آهي _ ۽ ٻيو قسم خوشي بختي سبب پدري سائي جي وقت جي پيماني ۾ ٿورڙي ئي _ شفقت ڀري قربت سبب نرم، نازڪ ۽ ڪونئري بدن ۽ نرم دل واري مانائتي انسان جي پرڪارن سان ڀرپور بڻجي ويندو آهي.
پهريون قسم بي ڊپو، ارڏو ۽ سر جي سانگي کان لاپرواهه گذاريندو آهي ۽ ٻئي قسم وارو جهان ديدو موقعه شناس ۽ جوکائتي مهم کان پاسو ڪندو رهي ٿو.
آءُ معنوي ۽ عملي لحاظ کان پهرين قسم سان واسطو رکان ٿو _ ۽ اها منهنجي خوش بختي به آهي _ ۽ بدبختي به!
ڀڳوان سان ننڍڙي ڄمار ۾ سڃاڻپ ٿي هئم، سندس آڏو نيم انوسار ۽ ڪڏهن نيم کي اورانگهي _ پرارٿنائون ( ۽ شيوا به ) ڪندو هئس؛ ڇو جو مون مطابق هُو ’وڏي ڄمار‘ رکندڙ، امر، دياوان، شريف النفس، ۽ ڪنهن حد تائين يهوا جهڙو قهاري وجود به رکندو هو. منهنجي اهڙي عمل ۾ ’آدر‘ ۽ ’ڀوءُ ‘ جا جذبا سمايل هوندا هئا.
سندس لاءِ سنمان ۽ ڀوءُ جو گاڏڙ احساس ’ان ڄمار‘ ۾ روح جيان چهٽيل هو پر هوريان هوريان رڙهندڙ وقت جي ڇاپ کيس به ڄڻ ’پيرسن‘ بڻائي ڇڏيو. نستو لاغر ۽ ڄڻ بي وجود ، ۽ پوءِ هوريان هوريان منهنجي وجودي حيات مان پاڻمرادو ڄڻ سارتر واري عدميت يا نيستي ۾ هليو ويو! پاسڪل يا ڪيرڪي گارڊ جو ’سدا زنده‘ ڀڳوان منهنجي لاءِ ’ريٽي ڇڏڻ‘ واري حيثيت به نٿو رکي!
اڳتي هلندي اها سڌ به پيم ته ’فن‘ فلسفي کان وڌيڪ ڳوڙهو ٿئي ٿو ڇو جو ان جون پاڙون ٻنهي ’ذهن ۽ دل‘ ۾ گهڻيون اونهيون کتل هونديون آهن.
سکرجي ڌرتي ڇڏي پاڻ تي مڙهيل جلاوطني ۾ مختلف جڳهن تي رولاڪي ڪندو رهان ٿو ۽ رنگ برنگي فن جي گل چيني جي عادت به ان آوارهه گردي مان پرائي اٿم. پر ان سموري گورک ڌنڌي جي باوجود سکر کان ’ڌار‘ ڪونه ٿي سگهيو آهيان. جيمس جوائس به ڊبلن ڇڏي جلاوطن ٿيو هو، پر ان شهر کان ڪڏهن الڳ ڪين ٿي سگهيو.
ساکروي ننڍڙي ڄمار ۾ يهوائي ڀڳوان کان سواءِ ’ڀوءُ ‘ جو ڪارڻ ’پناهگير‘ ڇوڪرا به هوندا هئا. جن ايڏو هيسائي ڇڏيو هو جو ائين ڀاسندو هئم ڄڻ عمر ۾ ته واڌ ٿي رهي هئي پر ذهني واڌ ڄمي بيهجي چڪي هئي!
زندگي جي نماشام کي وڌيڪ تيزي سان ’جهڪو ‘ ٿيندو ڏسندي قلم سوچ عمل ذريعي ان کان به وڌيڪ تيزي سان بنان اڃ جي پاڻ کي پيئندو رهان ٿو. لڳيم ٿو فطري سڏ کان اڳ ۾ ئي خالي ٿي ويندس!
فوڪو (Fancauld) منهنجي دل جي ڳالهه جهٽي ورتي هئي.
”ماڻهو، سج ۽ موت کي سڌيءَ طرح اکيون کڻي ڪونه تڪي سگهندو آهي!“ ۽ ’مالرو ‘ به ڄڻ من ۾ جهاتي پائيندو چئي رهيو اٿم: ”موت جهڙي شيءِ ڪٿي ڪونهي، صرف مان ئي مان آهيان، جيڪو ترت ئي مرڻ وارو آهي.“
پر جسم جو جسم سان ڇهاءُ، سنگرام _ ۽ سنگم شاعري، فن ۽ حيات کان وڌيڪ اونهو، گهرو _ ۽ سچو ٿئي ٿو. حيات کي ان جوهر جي ڪلپنا ’زنده‘ رکيو ويٺي آهي.
پر، جسم جي عظمت جي باوجود فن کي اڪثر اهڙي ابدي روشن لبادي ۾ اوڍيل پسندو آهيان جنهن کان زندگي نروهي هوندي آهي، ۽ اهوئي ڪارڻ سندس ’ابدي ‘ حيثيت جو ليکي سگهجي ٿو _ ۽ ان جي ڀيٽ ۾ حيات جو انت فنا جي اونڌاهي قبر ۾ ٿئي ٿو. ان جو، اصطلاحي طور، ٻاهرين دنيا جي ڪنهن فاني شيءِ سان لاڳاپو نٿو رهي ۽ صرف پنهنجي باطن ۾ سمايل سدا زندهه قوت جي سهاري بنان ڪنهن خم ۽ ڪٻ جي سڌو اڀو ۽ پر وقار بيٺل نظر ايندو رهي ٿو.
ان ڪارڻ هيٺ اسان جي ’ڪالهوڪي‘ ساکرو لڏي اندر ’فن ‘ جي امر پيڙهه تي ٻڌل روشن فڪري جي سيلابي لهرن ڪنهن اڻ ڏٺل شڪتي پاران نام نهاد وجودي ٿنڀن جي پاڙن ، ۽ ٿوڦيل اخلاقي قدرن کي پولو ڪري انت ۾ ناس ڪري ڇڏيو هو؛ ڄڻ شوپنهاور ۽ نطشي هٿ هٿ ۾ ڏئي ناستڪي نرت پسائيندا ۽ ان ۾ اسان کي شامل ڪري دائري کي وسيع ترڪندا نظر ايندا هئا.
عمر جي هن ڀُرڪندڙ آخري ڏاڪي تي ’خاموشي ‘ وڏي ۾ وڏو اوگڻ ۽ ڏوهه سمجهان ٿو _ ۽ پاڻ کي اظهارڻ هڪ معتبر ’فرض ‘ ۽ اخلاقي ’للڪار ‘؛ هينئر ان کان منهن موڙڻ اڻ ٽر آهي.
زندگي ۽ تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙا پل ايندا آهن جن ۾ ’خوف ‘ ۽ ڊپ کي غير مهذب ۽ غير اخلاقي ڄاڻي ڌڪار سان لوڌڻ لازمي امر بڻجيو وڃي ٿو.
’وڏوڀاءُ‘ پنهنجي ’خاص‘ جمهوريت ۾ چترائي سان لڪايل غيرجمهوري طريقن سان ننڍن صوبن تي ڳجهو حملوڪري کين مطيع بڻائيندو ۽ مذهب جي ڊگهي لبادي ۾ ويڙهجي اسان مٿان حڪمراني ڪندو رهي ٿو، ڏهيسر وانگر سندس ’انيڪ روپ‘ آهن! سندس چومکي ويڙهه جا هٿيار آهن:
ثقافتي يلغار، آدمشماري جو توازن پنهنجي حق ۾ ڪرڻ، مذهب جي مار، ٻولي ذريعي وار ( جنهن ۾ ايم ڪيوايم جو به غير اعلانيه ساٿ اٿس)، نظرئي ذريعي زبان بندي _ انهن سڀني ظاهري طور گڻائتن اصطلاحن اندر دغا دولاب ڪوڙ ويساهه گهاتي وغيره جا زهريلا عنصر مهلڪ بيماري جي جيوڙن جيان کليل اکيون رکندڙن کي پسجي سگهن ٿا.
جنهن ’آزادي‘ اندر انصاف جي گنجائس ڪونهي ان آزادي کي غلامي سان تعبير ڪيو وڃي ته ناانصافي ڪونه ليکبي.
هتڙي ٻيهر ’ساکرو‘ ۽ ’ٿري‘ پليد آتمائون ياد اچنم پيون.
اهي ٻئي به سارتر جي ناول اٻٿ Nausea)) ۽ ڪهاڻي ’هڪ ليڊر جو ٻالڪپڻو‘ اندر موجود بورجوازي ۽ پيٽي بورجوازي ماڻهن جي زندگي ۾ موجود ’لايانيت‘ ۽ مقصد جي ’بي معنويت‘ سبب هو ڪوڙ، ڇل ول، چالبازي، سطحي ڏيک ۽ بدعهديت (bad faith) ذريعي ان کي ڪو مقصدي مفهوم ڏيڻ جو کوکلو، تيرهن تالو جتن ڪندا ڏيکارجن ٿا! هن (سارتر) اهڙي قسم جي ماڻهن کي ’سوئر ۽ حرامزدو‘ Saluds)) جي مفهومي ۽ نامائتي ’صورت ‘ بخشي آهي.
اهڙن جيوڙن نما (worms) جيون جو ڄم ۽ موت به سندن لايعني زندگي وانگر بي معني ۽ بي مقصد ٿئي ٿو. مون کي به سارتر وانگر اهڙي ’ڪلاس ‘ کان ننڍي ڄمار کان سخت چڙ ۽ نفرت رهي آهي، جيڪا وقت جي لهرن تي وهندي وڌندي پئي وڃي.
’بد عهديت‘ (bad faith) بي مغزي، ڪاهليت ۽ زندگي جي نفي واري ڪيفيت کي سڏي سگهجي ٿو. ان کي سچي مخلص ۽ آزاد انساني روح کي چيڀاٽڻ جي عمل جو اظهاربه ڪوٺي سگهجي ٿو. اها اهڙي ’بنيادي ’بدي ‘ ۽ ’شيطانيت ‘ آهي جيڪا منافقت ۽ غير ذميواري کي جنم ڏئي دنيا اندر انساني ’ڀوڳڻائن ‘ جو ڪارڻ بڻجندي رهي ٿي.
اڪثر ماڻهو ’عام‘ يا ’خاص‘ انسان جي ڀلائي جي دعويٰ ڪندي ان عام يا خاص انسان لاءِ اهڙي دعويٰ کي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ ’کيس‘ يا ’کين ‘ شعوري طور، انسان بجاءِ ’شيءِ‘ ’وکر‘ (object) ليکيندا آهن. اهڙي ڪرڀائتي ماڻهن ۾ منهنجي تجربي اندر پنهنجا پراوا ٻئي قسم ايندا رهيا آهن.
هنن کي، انفرادي طور، چڱائن جو مجموعو ته ڇا بلڪه فرد جي حيثيت به نٿي ڏئي سگهجي. هر هڪ بدروح جيان، بنان ڪنهن نهري صورت جي، منهن ۽ مهانڊي جي، حرڪت ڪندو رهي ٿو. فرئنڪسٽين يا ڊراڪولا وانگر! منهنجي آزمودي مطابق پرچاءُ يا سرچاءُ (pacifism) واري نيتي ’بزدلي‘ جو نرم ۽ نازڪ نانءُ آهي. آگسٽ 1939ع وارو روسي ۽ نازي جرمني واري ٺاهه (pact) به ان بزدلاڻي pacifism جو ڪرڀ ڏياريندڙ روپ هو جنهن ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ انسان ذات سان وڏا ڪلور ڪرايا هئا.
هنن مڙهه جهڙن ماڻهن ۽ مرڻينگ حالتن جي وچ ۾ مون کي پنهنجي آدرشي اصولن کان زوريءَ اگهاڙو ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. انهن اندر منهنجا نرمل جذبا، منهنجي شفاف خودي منهنجو انسان ذات ۾ اٽل وشواس، ساهه ۾ سمايل آزادي جي آرزو ۽ سدا جرڪندڙ آئيندي تي کتل نظرون هيون! اداسي، مايوسي جو ڪارو، داغدار لبادو زوريءَ اوڍايو ويو اٿم. ذات کي شيشي جيان ڪرچيون ڪرچيون ٿيندو ڏسي رهيو آهيان. پرالائجي ڪٿان ان گيان جي ڌوڪ ڌوڪان به آهي ته اهي ڪرچيون ڪرچيون ۽ تڪرا ٽڪرا ذات جڙجي سگهي ٿي. اهڙي آشا واد ۾ اهڙو ڪرم آئيندي جو انسان ڪري ڏيکاريندو جو کيس ان مڙهه ۽ مرڻينگ حالت کي ڪنهن اونهي بي تري کاهي جي حوالي ڪرڻو پوندو ۽ ان ۾ ئي سندس integrated آئيندي جو وجود ’جياپو‘ لهي سگهندو!
پر اڄو ڪي وسامندڙ يادن جي ڏياٽين مان پيڙا وانگر ڪجهه مسيحا ياد ۾ لرزي رهيا آهن جن جو ڀاڳ صليب سان جڙيل هو:
حفيظ شيخ
مرغوب بخاري
ڌڻي بخش شاهه
نذير عباسي
جي ايم سيد
غوث بخش بزنجو
نواب اڪبر بگٽي
سائين عزيز الله
پر انيڪ صليب نالي ۾ نهال مسيحائن جي ڇهاءُ کان به محروم ڏٺم:
زلفي ڀٽو
شيخ اياز
بالاچ مري
مولانا مودودي
پروفيسر عظيم طارق
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي
لڇمڻ ڪومل