آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

پاتم جھاتي جهان ۾

ھي ڪتاب شيام ڪمار جي لکيل آتم ڪٿا آھي. تاج بلوچ لکي ٿو:
”شيام ڪمار جي آتم ڪٿا اندر ”ڪردارن“ ۽ ”فنون“ جي گھڻ رخائين ۽ اڻ ڳڻت انيڪتا ڏسي تپرس ۾ ويڙھجي وڃبو آھي. انھن ڪردارن ۾ ”ماڳ“ به ساھ کڻندا ۽ زندھ محسوس ٿيندا آھن. انھن اندر راوڻ، اٽيلادي ھُن، چنگيز جھڙا انسان ڪش ڪردار به آھن، ۽ مھاتما ٻڌ، سقراط ۽ البرٽ شويٽرز جھڙا امن پسند روح به. انھن اندر ليوڪريشيا بورجيا، ڪيٿرائن دي گريٽ ۽ قلوپطره جھڙا حسين ۽ من موجي چھرا به آھن، ۽ ميرا، قرت العين طاھراه، ميري مگدلين جھڙيون نفيس، ٻھڳڻيون ۽ پوتر آتمائون به ٽلنديون رھن ٿيون. سندس آتم ڪٿا اندر ”پيار“ سدائين دک، ڀوڳڻا، غم ۽ اُداسي جو سبب بڻجندو ڏيکاري ڏئي ٿو: وطن سان، ڪامڻي سان، الوھي شبيھه سان يا تخليقي عمل سان؛ سڪون (باطني ۽ خارجي) کي ڊانواڊول ڪندو رھي ٿو. پر، ”لفظ“ ۽ ان مان اُپجيل ”ھيئت“ سان محبت جو مٺاس ڪڏھن جھڪو نٿو ٿئي.“
  • 4.5/5.0
  • 2081
  • 243
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيام ڪمار
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پاتم جھاتي جهان ۾

ساکرو حيات

گرو يا استاد بنا علم پرائڻ منهنجي نس نس ۾ الائجي ڪٿان اچي سمايو هو. اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم کان ونءُ ويندو هئس ۽ ان جي باوجود جيئن تيئن ڪري گريجوئيٽ بڻيم. پر جيڪو لطف ۽ مزو’پنهنجي ذات‘ مان حاصل ٿيندو رهيو ۽ ساڻس گڏ سنساري وديا منجهان ۽ اهو به پاڻ مرادو تهڙي گرمائيندڙ عجيب حيرت ۾ وجهندڙ ۽ لست ڏيندڙ ٻي ڪائي وستو ڪونه هئي. اهو جنون ٻالڪ اوستا کان اڄ ڏينهن سوڌو نه صرف رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهيوآهي بلڪه ان جي رفتار ۾ به حيرت انگيز اضافو ٿيندو رهي ٿو.
ننڍپڻ کان ’حاڪميت ‘’ارهه زورائي‘ لئه سخت ڌڪار هوندو هئم _ ۽ تڙڦندو هئس ته مون کي ’ساڳي حاڪميت سان پرشڪتي‘ ملي ته جيئن ’اِنَ‘ کي پاڙان پٽي ناس ڪري سگهان، نابود ڪري ڇڏيان! پر، زندگي جي تجربي، ڌِڪن ۽ ٿاٻن سکاريم ته جيڪي انسان وڏي واڪي اهِڙيون سڌون ڪندا رهيا سي دنيا جا وڏا قهاري ۽ نردئي جيوَ ثابت ٿيا هئا _ اڃان سوڌو ائين ٿيندو رهي ٿو. هٽلر، مسولني، اسٽالن، زلفي، پرويز مشرف تاريخ جي ڌاري مان چيدهه مثال آهن.
ٻالڪپڻ، جواني _ ۽ وچولي ڄمار جي مٿائين ڏانهن ويندڙِ ڏاڪن تي، بي خيالي، بي احتياطي ۽ ارڏائي سان جسم ۽ ذهن جي آواراهه گردي کان ڪڏهن ڪين گهٽايو هئم. ان دور جي جونيئر، سينيئر ۽ همعمر سنگتين ساٿين جن ۾ عبدالرزاق راز،حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، غلام رباني، مولائي شيدائي، مقبول صديقي، نيازهمايوني، مونس، آغا رحمت الله دراني (آغلو)، نورالدين سرڪي، تابان، عبدالله بلوچ، پوهومل، حڪيم ٽيٽڪو، مرغوب بخاري، آغاسليم، قادرصديقي، اين ڪي جتوئي، ڌڻي بخش شاهه، فتاج ملڪ، حنيف منگي، مقبول سومرو، ممتازمهر، ملڪ غلام قادر، عثماني، اعزازنظير، پيڪرنقوي، حسن حميدي، مظهر جميل، نڪهت بريلوي، مسعود عظيم، سعد اختر، فصاحت حسين، مهرالاهي شمسي ۽ ٻيا ڪيترائي ليکڪ ۽ دانشور دوست هئا جن جي وچ ۾ گهاريندي ’لازوال محفلون‘ سجائيندي ائين محسوس ڪندو هيم ڄڻ وقت بيهجي ويو هو ۽ سمورو سنسار پتڪڙو بڻجي ان هڪ جاءِ سکر جي وجود ۾ سمائجي ’اجنبيت‘ جي ڏکوئيندڙ راڪشسي بت کي چُور چُور ڪري امر پريم جو پيڪر بڻجي ويو هو _ ۽ هينئر هنن مان اڪثريت جي ’عدم‘ ڏانهن لاڏاڻي سکر کي به ڄڻ پاڻ سان گڏ ’عدم جي راهه‘ ڏيکاري ڇڏي هئي. هينئر اِهو سڄو شهر سموري سنسار سميت ڄڻ ڀوائتي ’اجنبيت‘ جي روپ ۾ ڊيڄاريندو پيو ڀاسي!
ان دور ۾ اِهي سڀيئي ٻهڳڻا جيوَ جسماني، ذهني ۽ روحاني طور آزاد منش هوندا هئا، ڄڻ پنهنجي مخصوص موضوعن سان وهانءُ رچايل هوندو هين. دنيا جا سڀيئي عجائب گهر، آرٽ گيلريون، ناٽڪ گهر، علم جا خزانا _ ڪتاب وغيره ڄڻ اشتراڪي سماج ۽ متي جيان سندن گڏيل ملڪيت هوندي هئي ۽ بي خوفي، آزادي ۽ من مستي سان ان مان چسڪيون ڀريندا ۽ هر پل پاڻ کي ڄڻڪ هڪ نئين جنم ۾ کوجي پسندا هئا! اُهو دور فن جي سر زمين جي دلربائي کوجنا جو عهد هيو.
يارن جي ان ڊگهي اڻ کٽ ولر ۾ پيارن جو هڪ اهڙو وڳر به هو، جيڪو دانشور نه هوندي به اندر جي سوجهي ۽ سونهن ۾ لاجواب ۽ سرسيرو هو، جن ۾ شيام ڪيسواڻي، هولو، اِلو، هاسو، ڪنعيو، اسماعيل، يارو، يونس، سِڪُو، گُلو، لطيف، يونس، فضل، منصور، آغانظر، ڊاڪٽر فضل جتوئي، نظام، مقصود، صديق، رئيس، نسيم،عارف، شفيع ملڪ، سعيد صندل، تنوير رضوي، آصف، حضور احمد، ڪمال ايوبي، انورشاهه، منورعلي شاهه معصومي، ڊاڪٽر طارق، ڊاڪٽروحيد، ارنيسٽ، گهوٽڪي واروحاجي وهاب (فتاح ملڪ جو ويجهو مائٽ) وغيره جا نانءُ ذهن تي ترندا رهن ٿا.
جيئن جواني ۾ آئن اسٽائن پنهنجي دل گهرئي دوستن ’مارس سولوون‘ ۽ ’ڪونارڊ هيبٽ‘ سان گڏجي ادبي، سائنسي ۽ فلسفيانا بحث مباحثي لاءِ ’اولمپيا ايڪڊمي‘ نالي هڪ گروپ جوڙيو هو، تيئن اسان سڀني گڏجي اهڙي قسم جون ڪيئي تنظيمون جهڙوڪ ’سنڌي ادبي سنگت‘، ’مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي‘، ’ادبي انجمن‘،’رولوُڪلب‘،’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘،’بيچلرس ڪلب‘ وغيره جوڙيون هيون، جن جي پليٽ فارم تان ڪيئي يادگار محفلون مچايون ويون، جيڪي شهري ۽ ملڪي سطح تي اهم حيثيت رکن ٿيون ۽ جن اسان سڀني جي ذهني اوسر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هو.
انهن مجلسن ۾ حفيظ، اياز، مقبول صديقي، رشيد ڀٽي _ ۽ ٻين دوستن جي سگريٽن مان نڪتل دونهين جي مرغولن جي عجيب شڪلين جو مشاهدو ڪيتريون وسريل ڏند ڪٿائي يادون تازيون ڪري ڇڏيندو هو. انهن شڪلين جن ڪجهه ساعتون اڳ _ متحرڪ هستي _ ۽ هينئر فضا ۾ تحليل ٿيندڙ وجود گوتمي عدم (Void) کي شعور ۾ جاڳائي بيٿووين (Beethoven) جي سرن سان مشابهت رکندڙ فرسٽريشن جي ڪيفيت پيدا ڪندو رهندو هو.
ساکرو شامون لهندڙ سج جي هلڪو سيڪ ڏيندڙ سنگت ۾ سنڌوءَ جي هلڪي وهڪ مٿان ٻيڙي يا بتيلي جي سئر دوران مليل ’ايڪانت‘ اندر ڪائنات جي آواراهه گردي ڪرڻ ۾ جيڪو لطف ۽ سواد ۽ الوهي سڳنڌ ملندي هئي، ان کي _ هينئر ڪلپنا جي مٺ ۾ آڻڻ به ممڪن ناهي.
ان ماحول ۾ سادن، سستن ڪپڙن اوڍڻ ۾ جيڪو مزو هو، سو ڪمخواب زيب تن ڪرڻ سان قطعي ملي ڪين سگهي ها ۽ اهڙيون بي واجبيون، عياشيون ۽ آسائشون وس کان به ٻاهر هيون ۽ شوپنهاور جي سوچ، وشواس جي ويجهو، ڪيڏي نه وڻندڙ ڀاسندي هئم ته، ”ماڻهن جي فن ۽ سائنس ڏانهن رغبت انسان جي روزاني زندگي اندر پيهي آيل ڪوڙائڻ، ڪرختگي۽ نااميدي ۾ ٻڏل مايوسي کان فرار ڪارڻ آهي؛ هر وقت بدلجندڙ انساني خواهشن جي جڪڙ کان جند آجي ڪرڻ خاطر اِها ’اوٽ ‘ ڪارگر ثابت ٿيندي آهي.“ نفيس طبيعت وارو انسان پنهنجي اهڙي هڄائيندڙ زندگي کان پاسو ڪري فڪر، ويچار، سوچ جي اهڙي ’رچنا‘ جي سندر سنسار ۾ پناهه حاصل ڪري سگهي ٿو. ان سوچ کي شهري جيوت گهاريندڙ اهڙي انسان سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جيڪو شهر جي هل هنگامي، بي ڊولي، ٻوساٽيندڙ حيات کان ڪڪ ٿي ڪري اتاهن جبلن ڏانهن رخ رکندو آهي، جتي جي صاف هوا، خاموشي _ جنهن اندر روح کي محسوس ٿيندڙ ازلي سنگيت هر وقت گونجندو رهي ٿو _ ۽ آرام ۾ مگن آسپاس جا سمورا پيچرا، کاهيون، گفائون، جهرڻا ۽ ان جبل جي جسم جون ڪنهن سندريءَ جهڙيون لهندڙ چڙهندڙ ۽ من موهيندڙ ڪنڊون پاسا ائين ڀاسندا آهن، ڄڻ سندن وجود ’امرتا ‘ جو ڏاڻ پيتل آهي!
ان مثبت خيال کي ٻئي انداز ۾ به بيان ڪري سگهجي ٿو. انسان پنهنجي ماحول مطابق دنيا کي سادي ۽ شعوري صورت ۾ به آڻي سگهي ٿو. ڪائنات بابت ان رخ کي تجربي جي روشني ۾ نئين سر ۽ ڏانوَ سان اهڙي ريت جوڙي سگهي ٿو، جيئن شاعر، اديب، سائنسدان، مصور، سنگيت ڪار، سنگتراش شاهڪار جي روپ ۾ تخليق ڪندا آهن. هنن مان هر هڪ ان ’سرشتي‘ جي تخليق پنهنجي من اندر ندي جيان سدا وهندڙ جذبن، امنگن وسيلي ڪندو رهي ٿو _ ۽ ان عمل ذريعي کيس شانتي ۽ تحفظ حاصل ٿئي ٿو، جيڪو روز مرهه جي هماهمي تي ٻڌل تجربن ۾ ڪڏهن حاصل ڪين ٿي سگهندو. ان حاصلات لاءِ منطق جي نسبت اندر جي سوجهي ۽ سرت درڪارٿئي ٿي. اهڙو عمل ڪنهن صوفي جي فنا واري سوچ يا عاشق جي اڻ کٽ اورچائي، لگن جي ڪيڏو ته ويجهو ۽ مشابهت رکندڙ آهي. ان طريقي ۾ ڪو پيشگي سٽاءَ، رٿا يا ارادو سمايل ڪونه ٿئي ٿو، بلڪه اِهو سمورو ’شانت _ ميه‘ مانڊاڻ ’من‘ جي ڪائناتي اونهاين مان جهرڻي جيان پاڻمرادو ڦٽي نڪري ٿو.
ان دور (1955ع) جي ماءُ جهڙي سِڪَ جو سون ورنو سيڪ ڏيندڙ تنظيم ’سنڌي ادبي سنگت‘ هوندي هئي، جيڪا پنهنجي ٻالڪپڻ جي اوَستا ۾ هئي. اها معصوم ٻار جيان صاف سٿري ’ڏاهپ ۽ ڏات‘ جي سرگرمين ۾ چوڄ ۽ چاهه سان ڀرپور بهرو وٺندي هئي، ڄڻڪ اسان (اياز، رشيد، مقبول، نياز، تنوير، راز، مولائي شيدائي، ولي دائودپوٽو، جامي معصومي، مرغوب بخاري، ماستر حُسو ڀٽي، راقم الحروف وغيره) جيان ساهه کڻندڙ جيوُ هئي! اسان سڀني گڏجي کيس جنم ڏنو ۽ آبياري ڪئي _ ۽ آهستي آهستي وينجهندي اسان مٿان ڇپر ڇايا جيئن ڇائنجي اسان کي پنهنجي پاٻوهي ڀاڪر جي آغوش ۾ جڪڙي ڇڏيو. ان ’جيون جوتي‘ جي اسٽيج تان اسان ڌنڌ ۽ انڌڪار جا ڪيئي نقلي پليٽ فارم ڏيل ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيا. ان جي نرم آغوش ۾ سمايل ڪيئي مورتون ۽ آتمائون اجل جي راهه وٺي رمنديون رهيون پر، هيءَ اڃا تائين امرتا ماڻيندڙ ’درُو‘ ستاري جيئن ڏاهپ جي آڪاش منڊل تي ٽم ٽم ڪندي چمڪندي ڏيکارجي ٿي. اسان سڀيئي جيڪي اڃا پساهه پيا کڻون، ’توکي‘ پنهنجي ادب ۽ ڏاهپ جي هيٺ مٿي ٿيندڙ پساهه ۽ لگن ۽ نمرتا سان پنهنجي چرن وندنا (سربسجود) پيش ڪريون ٿا.
هڪ لڱا _ ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ _ آئن اسٽائن پاڻ کي جرمن دانشورن جي اڪثريت کان جدا ۽ الڳ قرار ڏيندي چيو هو ته جيڪو ’ڏاهو‘ نازي جرمني سان لاڳاپيل رهيو هو، تنهن جي جرم کي ڀيانڪ ۽ انسان ڪش قرار ڏيئي سگهجي ٿو _ ۽ ڏات ڌڻين جي ان ٽولي کي هڪ ڇڙواڳ، بي حس انبوهه سان ڀيٽ ڏني هئائين _ ۽ ساڻن ڪنهن لاڳاپي کان انڪاري رهيو هو. ساڳي ريت مختلف آمراڻا دورن ۾ پاڪستاني دانشورن جي هلت به _ ۽ هينئر به ڪجهه ڏات ڌڻين جي _ نازي جرمني ۾ رهندڙ فن جي اڪابرن کان ڪنهن طرح مختلف ڪين رهي آهي. اڄ به ڪجهه اهڙي قسم جي ڏاهن ۾ اهڙي ڪڌي عمل لاءِ ڌڪار جو جذبو نٿو ڏيکارجي! ان حالت کي افسوس ناڪ الميو چئجي ته بيجا ڪين سڏبو. هُن عظيم آتما جو هيءُ مقولو ڪيترو ته ڏاهپ جو ساکيات روپ آهي، ”سچ جي پانڌيئڙن لاءِ ڪائي ’حاڪميت‘ يا ’درجو ‘ يا ’مرتبو ‘ وقعت نٿو رکي، جيڪو جيوُ پاڻ کي ازخود عدل جي علامت يا قاضي جي لائق قرار ڏيندو ته ديوتائون پڻ ان تي ٺٺولي ڪندا!“ هن مهاتما گانڌي جي ڏسيل ’عدم تعاون‘ جي راهه جي واکاڻ ڪندي چيو هو ته ”هر ڏاهي تي فرض آهي، اهڙي قسم جي نظام ۽ ان جي ڪنهن اڪيڊمي کي مڃتا ڏيڻ کان انڪاري ٿئي، ۽ ان سلسلي ۾ ترم_ ياترا ڪرڻي پويس يا آرٿڪ پريشانيون آڏو اچنس ته خندهه پيشاني سان برداشت ڪري، پنهنجي شخصي فائدي کي ملڪ جي ثقافتي واڌاري لاءِ ٻليدان ڪري.“
آئن اسٽائن جيتوڻيڪ يهودي ڌرم سان لاڳاپيل هو، جيئن آءٌ هندو ڌرم سان ڄائي ڄم کان سکهارڙيل آهيان، ليڪن ان ڌرم جي مذهبي ريتن رسمن کان کيس اُٻٿ ايندي هئي، جيئن مون کي به پنهنجي ڌرمي رسمن کان ’درڙي‘ ايندي آهي. هن جو عقيدو سترهين صدي جي يهودي مفڪر اسپنوزا (Spinoza) جي عقيدي جهڙو هو، جنهن کي يهودين سندس اعتراض جوڳي سوچ سبب ٿالهيون لاهي ڇڏيو هو. آئن اسٽائن کي پنهنجي نمرتا، فطرت پسندي (روسو جيان) حيرت ۽ عجب جي اظهار ۽ ڪائنات سان هم آهنگي ۽ يڪسوئي واري متي ۾ وشواس ڪارڻ دنيا جي مهان صوفي، ويدانتين ۾ سندس شمار ڪجي ته وڌاءُ ڪين ٿيندو. پاڻ کي هميشه اسپنوزا جو پوئلڳ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو، جنهن جي متي موجب سموري ڪائنات بذات خود ’خدا‘ هئي! جڏهن کانئس پڇيو ويو هو ته ”خدا ۾ سندس وشواس هيو يا نه؟“ ته وراڻي ڏيندي چيو هئائين ”مان اسپنوزا جي خدا ۾ ويساهه رکان ٿو، جيڪو ڪائنات جي سموري موجودات ۾’امر هم آهنگي‘ جي روپ ۾ پاڻ کي اظهاريندو رهي ٿو. ان خدا کي قطعي ڪين مڃيان ٿو، جيڪو انسان ذات جي ’قسمت ۽ ڪرمن‘ سان واڳيل آهي.“ ”خدا سوکيم ۽ نفيس آهي، ڪروڌي ۽ بدنيت ڪونهي.“
”آسمانن جي سونهن ۽ ڀڀڪي ڏانهن تڪيو،
۽ پرجهيو ته ’قدرت‘ جو سنمان ڪيئن ڪجي،
ستارا پنهنجي راهه تي نيوٽن جي قاعدن کان
ڪيڏا ته اُتاهان ڏيکارجن ٿا
ابدي ايڪانت جي لبادي ۾!“
مون اندر ڄائي ڄم کان موجود ارڏائپ، چريائپ جي حد تائين سماجي انصاف سان لڳاءُ ۽ ذميواري جو تيز تر احساس _ ۽ ان کي ساڀيا ڏيڻ خاطر’پهاڙ‘سان مٿو ٽڪرائڻ جي جنون مونکي هميشه، پنهنجي ڪڙم، ڪٽنب، دوستن _ ۽ برادري کان ڌڪي پري ڪري ڇڏيو آهي. مان پاڻ کي هميشه اڪيلو، ڇڙو ۽ اجنبي ياتري محسوس ڪندو رهان ٿو. پنهنجي ملڪ، گهر، پيارن ۽ يارن کان دلي طور ڪٽيل لغڙ جيان ڀٽڪندڙ آتما! ان سموري ڇڪتاڻ واري حالت ۾ مون ان ياترا جي ’مفاصلي ‘ ۽ ’اڪيلائپ‘ جي ضرورت بابت پنهنجي سهپ ۽ ساوَ کي هٿان ڪين وڃايو آهي، بلڪه عمر جي ’لهندڙ وير‘ جي باوجود ان ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃيم. اهڙي سڀاءَ ڌارڻ ڪري بعض اوقات الائجي ڪٿان، عجب خوبصورت، ’اسرارن ‘ جا دروازا به کليو وڃن ٿا. سچي، آفاقي فن، ادب جي اُپج ۽ اوسر دل مان ڦٽي نڪتل تازي، نازڪ ۽ پوتر جذبي وسيلي ٿي سگهي ٿي _ ذهن صرف ان کي پرکي واکاڻي ۽ ’ناردمني‘ جيان ڳوليندو رهي ٿو. ان صورت حال ۾ جسم ۽ جان ’من‘ جي آبشاري وهڪ آڏو ’لليپُوتين ‘ ڀاسندا آهن _ ۽ ذهن به پنهنجي ’ويچاري سگهه‘’منطقي ‘ ماڻ ۽ دليلي اڻ ريٽيندڙ شڪتي جي باوجود جسم ۽ جان جي قطار ۾ بيٺل ’ويچارو‘ نظر ايندو آهي.
منهنجي امڙ کي هر وقت اونو هوندو هو ته دنيا جي اهنجن کان مون کي بچائيندي رهي، ڇو جو مان سندس اڪيلو سڪيلڌو پٽ هئس، مون منجهه جادوگر واري طوطي جيان جان هوندي هيس، ليڪن سندس چالاڻي پڄاڻان زندگي جي گهري پيڙت غمن کان ڪوئي بچائي ڪين سگهيو! سندس لاڏاڻو ڄڻ مون کي ’ڇڙو ‘ ۽ ’هيکلو‘ ڪري ويو. انسان پنهنجي پاڙن کان سواءِ عجيب ۽ ويڳاڻي مخلوق بڻجيو وڃي ٿو. نند جويري، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي (جيڪو منهنجو سيڻ به هيو) وغيره کي اکين سان ساڳي حالت ۾ لڇندي پسيو اٿم، منهنجي پيءُ جو ڪريا ڪرم بلوچستان جي ڪڇي واري علائقي جي ڪنهن گمنام جڳهه تي ڪيو ويو، ڏاڏي جو ڪنهن ٻئي اڻ ڄاتل جاءِ تي، ڀيڻ جو ڪنهن ٽئين نامعلوم هنڌ تي ۽ امڙ جو سکر ۾ سنڌوءَ جي ڪنٺي تي، ان ڪري اهم ڳالهه اها ناهي ته ڪو ڪٿي آباد ٿئي ٿو، هڪ انسان طور بغير پاڙن جي ڪنهن هنڌ به آباد ٿي سگهجي ٿو، پر پاڙن جي اڻ هوند، غير موجودگي ۽ انهن لاءِ تاس، آڪنڍ ۽ تلاش نسلن تائين genes ۾، رت جي گردش اندر ديوتائن ۽ دئيتن جي ڏند ڪٿائي سمنڊ ولوڙ جهڙو پوين پساهن تائين مانڌاڻ مچائيندي رهي ٿي، ان ’ولوڙ ‘ کان فرار ناشدني!
آءُ پڻ لاٽونءَ جيئن ڦيراٽيون کائيندو، هنڌ هنڌ رلندو (بلوچستان، جيڪما باد، شڪارپور) ۽ ورهاڱي کان اٽڪل ٽي ورهيه اڳ ’بيو ڀيرو‘ هڪ ’اجنبي ‘ جيئن کينهونءَ وانگر بل کائيندو سکر سڳوري جي ڌرتيءَ تي اڇلايو ويس، اها حقيقت بي انتها ڏکوئيندڙ آهي. ساڳي طور منهنجا ٻار به دهلي، ڪراچي، ڪوئٽه اندر جيون گذارڻ تي مجبور آهن ۽ آءُ کين ڏسڻ لاءِ مستقل اوسيئڙي جي علامت جيان لڳندو آهيان. مون جهڙي آدرشي جيوَ لاءِ اها سوچ دل جي وڌيڪ اوڏو آهي ته جتي به هججي پر پنهنجي پيارن، يارن جي ويجهو ضرور هئڻ جڳائي ۽ اهڙيون آشائون هميشه اڻپوريون رهجي وڃن ٿيون. اگر اهي ‎ڦلدائڪ ثابت ٿين ته پوءِ ’اجنبيت ‘ جو احساس ڇو؟
منهنجي وجود جي گهراين اندر _ غربت جي تار تار لبادي هيٺان _ ساکرو جيون جي اوائلي زماني ۾ دنيا جي بي پناهه حسن کي گرفت ۾ وٺڻ لاءِ اجهل طوفاني لهرون اٿنديون رهنديون هيون، خاص طور ساکرو دنيا جي اجهل سرگرمي، سدا ڇلڪندڙ حرڪت ۽ هردم ’اُڀار‘ جي گرهڻ ۾ ورتل راڌا، ميرا جهڙو سانورو سلوڻو حسن بي چين ڪندو رهندو هو، هروقت ان سرمئي حسن کي تجسيم ڏيڻ، اظهارڻ جي تڙڦ سک سمهڻ ڪين ڏيندي هئم.
سنڌوءَ جي مترنم گجگوڙ اندر منهنجي امڙ جون مٺڙن ۽ سريلن سُرن ۾ ڳايل گيت ۽ لوليون به مليل هيون، جيڪي اڄ ڏينهن سوڌو ڪنن ۾ ٻُري رهيون آهن:
”آءُ گهر آءُ گهر ڪرشن مراري،
برج جي ٿي خلق توکي سنڀاري ساري. “
اڃا تائين آءُ سنڌوءَ جو ٻالڪپڻي ۾ پسيل ۽ شدت سان محسوس ڪيل اوج ۽ اسرار پنهنجي سموري وجود اندر اُڇلون ڏيندو پسيندو رهندو آهيان، بلڪ پسائڻ جي اجهل خواهش ۽ جتن به ڪندو رهان ٿو.
ان کان علاوهه سکر جي آس پاس ڦهليل ٽڪريون جن مٿان قبرون ۽ ولين جون مزارون ۽ مقبرا جوڙيل هوندا هئا _ ۽ ڪجهه اڃا موجود آهن، انهن جي اسرار ۽ محسوس ٿيندڙ شڪتي تي ويچاريندي اندر جي گهرائي ۾ اپار آنند ۽ خوشي محسوس ڪندو هئس _ ۽ اڃان سوڌو لاشعور جي ريکا تي اهو گهرو احساس عالم برزخ جي ڪنهن ’ڀوت ‘ جيان چهٽيل اٿم! اهي سونهري احساس مون کي فطرت جي مهان پارکن، پانڌيئڙن ۽ شيدائن روسو، ورڊس ورٿ، شاهه لطيف، ڪالرج، وان گووين (VanGoven) شيڪسپيئر، وليم بليڪ ۽ جڳ پرسڌ مصورن جون ڪانسٽيبل، گينس برو، ٽرنر، ڪلاڊي (Claude)، وان گاگ، روبينس (Rubens)، رافائيل، سانتي گئور گيئون (جنهن جي ڏات مان نامياري آرٽسٽ ’ٽيٽيئان‘ ساڃهه جون سرڪيون ڀريون هيون) وغيره جي ڏات ۾ نظر ايندا رهن ٿا. فطرت ذهانت بجاءِ ڪلپنا جي اُڏام کي وڌيڪ آئڙي ٿي. ذهن بجاءِ ’من‘ جي وڌيڪ اوڏو آهي، فطرت جي بي ساخته رنگيني ۽ چٽسالي اظهار جو اهڙو من موهت وسيلو آهي، جيڪو انساني سڀاءُ ۽ ڪائنات جي بي ڪنار وسعت کي هڪ وڻندڙ ۽ آنند _ دائڪ سنجوڳ ۾ يڪجا ڪريو ڇڏي ٿو۽ جنهن ذريعي ان جي سربسته ڳُجهه ۽ اسرار جو گيان حاصل ٿئي ٿو.
فطرت لاءِ سچي اُڪير ۽ پيار گونچ جيان انسان جي من ۾ ان وقت اُتپن ٿيو هو جڏهن اٺارهين صدي ۾ ’عقل ۽ دليل‘ جي چمڪ دمڪ واري حڪمراني پنهنجي اوج تي هوندي هئي. اهي سڀئي معتبر نانءُ پنهنجي زماني جا ترجمان هئا ۽ اعليٰ فني اسلوب ذريعي سنسار ۽ سرشتي جي اپار آنند، سواد ۽ چشڪي کي اظهارڻ ۾ ڪمال درجي تي پهچايو هئائون.
فطرت اندر اپار وشواس جو نڪتو، جيڪو جرمني جي جارحانه انداز کان الڳ ۽ فرانس جي فن اندر ’طنزيه حقيقت نگاري (مصوري)‘ جي برعڪس هيو،اهو انگلينڊ جي فطرت پرست فنڪارن ٽرنر، جون ڪانسٽيبل،گينسبرو جي فن اندر، خاص طور ڪانسٽيبل ۾، ’حليمائي‘ جي حد تائين اهم نڪتو ڄاتو وڃي ٿو ۽ شاعري اندر ورڊس ورٿ ان جو ترجمان آهي. ڪانسٽيبل مطابق فنڪار کي ”نقالي جي بيهودگي کان ونءُ وڃڻ جڳائي، سچ کان اهم ۽ مٿڀرو ڪنهن شئي کي ڪين سمجهي. “
ورڊس ورٿ چواڻي:
”ڪنهن هستي جو ’اُتم گيان‘
جيڪو ڪنهن به وستو کان گهڻو گهڻو ’ميلاپ ‘ ڏانهن نئين ٿو،
جنهن جو واسو هميشه لهندڙ سج جي روشني اندر هوندو آ،
يا مهان ساگر جي گهراين ۽ سدا گهلندڙ هوائن جي آغوش ۾،
يا آسمانن جي گهري نيراڻ ۾، يا انسانن جي وسيع ذهنن اندر،
ڪا ’حرڪت‘ يا ’اڻ ڄاتل شڪتي‘ جيڪا بار بار اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏياري ٿي،
سڀني سوچيندڙ جيوَن کي يا فڪر سان لبريز سڀني وستوئن کي،
جيڪا هنن جي سموري وجود ۾ آدجڳاد کان گردش ڪندي رهي ٿي!“
شاعر ۽ آرٽسٽ وليم بليڪ کي فنڪاراڻا حسيت (Sensitivity) ۽ هنر کان، ڪنهن حد تائين، وانجهيل ڄاتو وڃي ٿو ۽ نه وري هو ان ڏس ۾ ڪنهن ٻاهرين وستو، کي ڄاڻڻ چاهيندو هو، هن کي پنهنجا فني موضوعات صرف ۽ صرف شاعراڻا ’ڪلپنا‘ ذريعي ملندا هئا! هُو انهن کي پنهنجي احساس جي گيرائي ۽ گهرائي وسيلي _ جيڪو شهواني گهٽ ۽ دانشورانه وڌيڪ هيو _ ’سرجڻا ‘ (Creativity) جي عمل کي حقيقي روپ بخشڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو. هن جي ڀيٽ ۾ گينس برو جنهن جي ڪلپنا جي اُڏام ڊگهي ۽ گهري بلڪل ڪين هئي، سڌي ريت ’ٻاهرين وستو‘ کان پنهنجي ڪئنواس تي سرجڻا جي ’پالوٽ‘ ڪندي ڏيکاربو هو! هن سان هيءُ مقولو لاڳو ڪري سگهجي ٿو: ”جيڪو فنڪار ڪنهن دٻاءَ هيٺ رچنا ڪندو رهي ٿو، هن جي رچنا اَوَس مهانتا ماڻيندي آهي. “ هن ۾ فطري وهڪ ۽ جذبي جي شدت بي حساب هئي. هن اندر ’اندرين سوجهي‘ اُپج جو وسيلو بڻجندي ڏيکاربي هئي. پنهنجي ’جذبي ‘ کي ڀرپور شڪتي سان سدا ڪئنواس تي اوتيندو نظر ايندو هو. ان ’احساس ‘ جي تسلسل کيس امر بڻايو هو.
’اصل، نج فن‘ جي سڀني زمانن ’حقيقي صورتن‘ ۽ ’فني شڪلين‘ وچ ۾، چٽيءَ طور عليحدگي تي زور ڏنو آهي، ڇو جو اِهي سڀئي صورتون، سدا، ڪلپنا جي برعڪس عڪاسي ۾ ڏيکاربيون رهيون آهن. حقيقت ۾ غير ڪلپنائي سرجڻا جي نه ڪا نمائش ڪري سگهجي ٿي، نه ڪا ان اندر آتمتا ٿئي ٿي ۽ نه وري ان مان ڪو خاص اُتساهه حاصل ٿي سگهي ٿو. ڪلپنائي تخليق اندر ’فني قدر‘ زندگي جي ترجماني تي منحصر ٿين ٿا ۽ اُها (زندگي) چاهي شاعراڻا هجي يا مذهبي ۽ يا مفڪراڻا!
فطرت جي هڪ ٻئي عظيم مصور ٽرنر بابت جون رسڪن جي واکاڻ هماليا جون برف پوش بلنديون ڇهندي پسي سگهجي ٿي. ”ٽرنر فن جي سڀني اصولن کان مٿڀرو آهي، هو پنهنجي ذهن جي ميدانن تي ڊڪون پائيندو پسي سگهجي ٿو _ ۽ انهن اندر هر وستو جي آتما جو واسو آهي.“ شايد ئي ڪنهن فنڪار فطرت جو ايڏو گهرو اڀياس ڪيو هو، جيڏو ٽرنر. هو ان اندر، پيهي چڪو هو ۽ ان مان هر وقت اُن جي ’آتما ۽ سونهن‘ جهٽي ڪئنواس تي اوتيندو ڏيکاربو هيو! اها رچنا سندس ڪلپنا جي رنگيني ۽ روشني سان سدا ٻهه ٻهه ڪندي رهندي هئي.
فطرت جو مفهوم آهي ’ڏسجندڙ دنيا‘’سرشٽي‘پنهنجي سڀني رنگن، روپن ۽ رعناين ساڻ! فطرت جي ’ظاهري روپ‘ اندر اهو ’ڪجهه‘ شامل ڪرڻ مهان فنڪار جو اولين فرض بڻجي ٿو. ان ’ڪجهه‘ کي اڀياس، احساس چئي سگهجي ٿو _ ۽ اُهو ’ڪجهه ‘ فنڪار جي پنهنجي منفرد ذاتي ’تلاش‘ (Discovery) هوندي آهي.
جيتري قدر اها ’تلاش‘ اُتم ٿئي ٿي اوتري قدر اهو فن پارو هميشگي ماڻيندو رهندو. فطرت کي فنڪار جو ’اوائلي وسيلو‘ به چيو وڃي ٿو. ان اندر سمايل ڀانت ڀانت جي خوبين مان هو پنهنجو منفرد اسلوب تلاش ڪري جڳ کي جياري سگهڻ جو اهل بڻجيو وڃي ٿو.
جيڪو ڪجهه اسين پسون ٿا، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٽڙي غائب ٿيو وڃي ٿو! ليڪن فطرت آد جڳاد کان وٺي ساڳي امرتا ۾ ويڙهيل آهي. صرف ’فن‘ واحد وسيلو آهي جيڪو ان (فطرت) جي تسلسل سان موج وٺرائي ان کي سمورين تبديلين سميت چٽيندو، لفظن ۾ بيان ڪندو چٽائي سان پسائيندو رهي ٿو. اسان جي من ۾ ان جي پرٻل امرتا جو احساس جاڳائيندو رهي ٿو.
’هيڪڙائي‘ (Non_duality) ۽ ’انيڪ واد‘ (Duality) جي سوچ ٺوس حقيقت ڪونهي، اگر بالغ نظري ۽ غير جانبداري سان ڏٺو وڃي ته اهي به ’فطرت ‘ جي ڪک مان جنميا آهن، بنان ڪنهن ’مادي‘ بنياد جي! پر، اهي يا اهڙا ويچار ’فن‘ کي شاعري ۽ فلسفي جي مهان وصفن سان جوڙڻ جو ذريعو بڻجندا رهيا آهن.
مون ڀڳوان جي ذات ۾ ايمان يا وشواس آڻڻ کانسواءِ زندهه رهڻ چاهيو اٿم _ ان عمل ۽ سوچ ۾ سوڀارو به ٿيو آهيان، پر منهنجي ڏيکاوي ذات کان منهنجو ’ڪرم ڪانڊ‘ (انسان دوست، نيڪ عمل) ۾ جنبيل جيون گهڻو اتاهون ڀاسندو اٿم، جنهن اندر ’رچنا ‘ جي شڪتي اڃان ڇوليون هڻندي رهي ٿي ۽ ان اندر سنگيت جيان سُر اُڻيندو رهڻ جي ترشنا وڌندي محسوس ڪندو رهان ٿو. خواهش اٿم ته فن ۽ سرجڻا ۾ آنند، موج _ ۽ مستي هجي، جيڪا پُراثر، پُر فڪر هجي، جنهن جي چوگرد امرتا جو چمڪندڙ ۽ پوتر علامتي چڪرو (Halo) شعاع، تجلا ڏيندو رهي!
مون محسوس ڪيو آهي ته سچ کي فني انداز ۾ سنواري سينگاري اظهارڻ نهايت ڏکيو ۽ پيڙيندڙ عمل آهي، ان لاءِ ’عمريون‘ ۽ بي حساب ’ڀوڳڻائن‘ جو ساهس هجڻ جڳائي، ان ڏانوَ لاءِ هٿ جي ’ڪامل آزادي‘ بيحد ضروري آهي ۽ اها ان کي ممڪن بڻائي سگهڻ جو يقيني نسخو ڄاتي وڃي ٿي. مان اڪثر سپنن ۾ ’آدرشي حسن‘ جا منظر ۽ نادر فني شاهڪار پسيندو آهيان.
(گهڻواڳ جڏهن امرتا پريتم، دهلي ۾ بسيري دوران، اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندي هئم ته مونکي اچرج ۽ کل ايندي هئي ۽ انهن کي لغوسمجهندوهيس)، ليڪن، آهه _ جاڳرتا دوران اِهي الائجي ڪيڏانهن الوپ ٿيو وڃن ٿا؛ بلڪه اک کلندي ئي انهن جي ياد به ائين مٽجيو وڃي، جيئن ريگستاني واريءَ تان ’سنڌا ‘ مٽجيو ويندا آهن!
انهن سپنن ۾ اڪثر سلواڊور ڊالي، پال ڪِلي ۽ ارنيسٽ ميڪس جي سرجيل چترن، تصويرن ۽ نقاشي جا اڌڀت، ڊيڄاريندڙ، خوفائتا منظر، جهنم جي اڻ وسهندڙ بلائن، يا (Hades) ۾ رهندڙ بي جسمي، بي مهانڊي، سوتلي جهڙن سنهڙن سيپڪڙن وجودن جي ڀرمار هوندي آهي! ان سان گڏ عجيب طوفاني ندين، جنهن اندر پاڻيءَ بجاءِ ڪا ڪرڀ ڏياريندڙ پٽڙي شئي وهندي ڀاسندي آهي ۽ آسپاس جا منظرناما به ڄڻ ڊراڪولائي لڳندا آهن. ان کان علاوه ڪڏهن يوناني افروڊائٽ يا رومي وينس يا پاروتي، لڪشمي، سرسوتي جهڙيون حسين ديويون يا مينڪا، اندراني، شڪنتلا ۽ ميناڪشي جهڙيون سندر، سڊول، امرجوڀن ۾ ڄڻ گرنار وارو غلغلو مچائيندڙ اپسرائون پنهنجي ڀرپور ونگن وراڪن وڪڙن سان لباس، ۽ بي لباسي ۾ اينديون رهنديون آهن!
انڪري مون آڏو سپنن تي ٻڌل ويچارن ۽ صورتن کي ساڀيا ۾ چٽڻ، ۽ اظهارڻ هن قهري جڳ ۾ مشڪل ترين، بلڪه ناممڪن عمل آهي. امرتا پريتم انهن پوپٽن ۽ ڀنڀورين کي پڪڙي الائجي ڪيئن چٽيندي هئي، شايد سنديس آرٽسٽ محبوب مڙس امروز واهر ڪندو هيس؟ اها بي وسي ڪيڏي ته پيڙا ڏيندڙ آهي!
’جيون ڪٿا‘ (سرگذشت) بيان ڪرڻ ۾ جيڪو رس، سواد ۽ آنند ملندو آهي، اهڙو ٻي ڪنهن صنفي تخليخي اُپج ۾ ڪي قدر گهٽ ڀاسندو اٿم، ڇو جو ان صنف اندر ’وقت‘ ۽ ’مقام ‘ (Time & Space) جا سنڌا سولائي سان مٽائي سگهجن ٿا. ڊگهي ٽپي (Long jump) ذريعي حال کان ’ماضي‘ ماضي کان تاريخ جي گرفت ۾ نه ايندڙ ’قديم ماضي‘ ۾ اُتان سڌوئي اڻ ڄاتل ۽ بي مهانڊي ’مستقبل ‘ ۾ اچ وڃ جاري رکي سگهجي ٿي ۽ اهڙي طريقي ۽ عمل کي قطعي طور ’عيب‘ ڪين ڄاتو ويندو آهي. ان کان علاوه ان صنف ۾ ’اُتاهان ٽپا‘ (High jump) به ڏنا ويندا آهن، جن وسيلي آڪاش منڊل جون حدون اورانگهي اکٽ خلا ۾ موجود ترندڙ ڪائنات جي نت نين دنيائن جو سير سپاٽو، اڀياس ۽ ڪلپنائي مانڊاڻ جي آڻت ۽ اُڏاوت ڪندي رهجي ٿي.
منهنجي ٻالڪپڻ جا ٽي اهم ڪردار جن جو لاڳاپو راءِ بهادر ڪندن داس ڪيسواڻي (منهنجي ننڍپڻ جي پيارن موهيندڙ منڊيندڙ دوستن شيام، ڪُسم ۽ بيبي ڪيسواڻي جو ڏاڏو ۽ سکر جو برک وڪيل جنهن جو وڻندڙ خاڪو پير علي محمد راشدي ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ دلنشين پيرائي ۾ چٽيو هو) جي ننڍي ڀاءُ ۽ سکر، اتر سنڌ جي ناليواري ڪانگريسي ليڊر ۽ مشهور وڪيل ديوان هولا رام ڪيسواڻي سان آهي (سندس ٻه پٽ سنتوش ۽ جئرام منهنجا جُٽَ دوست هوندا هئا) جنهن جي ڪوئنس روڊ واري بهترين لائبريري، آفيس ۽ ڀڀڪيدار ڪشادي بنگلي نما گهر تي سن 1949ع ۾ شيخ اياز قبضو ڪري بنان اوڳرائي ڏيڻ جي ائين هضم ڪري ويو، ڄڻ ڪو اباڻو ترڪو هيس. ديوان هولا رام کيس پٽ ۽ ننڍي ڀاءُ جيان آجيان ڪري اجهو ۽ وڪالت جو ٺڪاڻو پيش ڪيو هو ۽ هن موٽ ۾ کيس تڙي هندوستان اُماڻيو، سندس پتورتا ڌرم پتني سُڳي ٻائي، کي پنهنجي ياداشتن (ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر) ۾ خوب لوئيو اٿائين! اهو سندس ڪوڙ بدوڙ ۽ احساس فراموشي جي انيڪ ’چترن‘ مان هڪ ڪرڀ ڏياريندڙ’مورت‘ آهي.
ڪي ماڻهو پنهنجي ظاهري سخت گير روئي، زبان جي تلخي ۽ ترشي سبب مٺا لڳندا آهن پر سندن من اُجرو، مهر ۽ ديا سان ٽمٽار هوندو آهي. ڊاڪٽر هيرانند ڪيسواڻي (روهڙي وارو) مٿي ڄاڻايل ٻن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو ان انسان دوست قطار ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جن ’ڀوڳڻائن ‘ ورتل انسانن جي، سکر ۽ روهڙي ۾ بي لوث خدمت ڪئي هئي. سندس چهري تي سدائين ’نور ‘جو حلقو نظر ايندو هئم. سندس پاٻوهه ڀريل ڇڙٻون اڃا تائين ڪنن ۾ ٻرنديون رهن ٿيون.
ٻالڪپڻي ۾ بيمارين جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ زندگي کي نوبنائي، تندرستي، نکار ۽ سگهائي دادا ڊاڪٽر هيرانند ڪيسواڻي ۽ منهنجي امڙ جي دوائن، دعائن، پرگهور ۽ ٽهل جو نتيجو آهي، ٻي صورت ۾ آئون ڪڏهوڪو عدم ۾ الوپ ٿي وڃان ها، بنان ڪنهن نشاني، روشني جو ترورو ڇڏڻ جي!
انهن ٽن ڪردارن ۾ رامناٿ ڊي ايس پي (بعد ۾ ايس پي جو عهدو ماڻي رٽائرڊ ٿيو هو) جي شخصيت انساني ۽ انتظامي لحاظ کان ان دور جي (46_1945ع) جي سياسي اٿل پٿل، بدامني ۽ وڳوڙي حالتن اندر قطب مناري جيان ڳاٽ اوچو ڪندي ڏيکاربي هئي. جيئن کانئس گهڻو آڳاٽي زماني ۾ لارڊ آڪلنڊ ستي جي ڪڌي رسم ۽ پنڊارين جي انسان دشمن ڪاررواين کي سموري هندوستان اندر ٻنجو ڏئي پاڙ پٽي هئي، تيئن رامناٿ به پنهنجي ايامڪاري دوران اترائين لاڙ وارن علائقن (سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، حيدرآباد، ڪراچي وغيره) ۾ چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي پاڙ پٽڻ ۾ پاڻ خوب ملهايو هو. هي بي ڊپو انسان ديوان هولارام ڪيسواڻي جو سيڻ هيو ۽ سندس وڏي ڌيءَ ’پوري‘ رامناٿ جي پٽ سومجيءَ سان پرڻيل هئي. سومجي چاليهن جي ڏهائي جي وچ ڌاري شڪارپور ۾ پوليس انسپيڪٽر هوندو هو. هي همراهه به پنهنجي فرض شناسي، سماجي زندگي ۽ پنگتي سڌارن ۾ گهڻو چاهه ۽ اُتساهه وٺندو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. رامناٿ جي ٻئي پٽ ’ٻلديو‘ به پوليس کاتي ۾ انسپيڪٽر جي پد تي پنهنجي ذهانت، فرض جي ادائگي ۽ امن جي حالتن کي برقرار رکڻ ۾ خوب نالو ڪمايو. هيءَ همراهه جيڪب آباد جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ گهڻو وقت رهيو هو ۽ شهر کان ٻاهر ’فورس ‘ واري سنسان هنڌ جي پڇاڙي تي گهر هئس؛ ۽ سندس گهرواري منهنجي امڙ کي ماءُ جهڙو آدر ڏيندي هئي. ان زماني ۾ اسين جيڪب آباد ۾ رهندا هئاسون ۽ مان شڪارپور جي برهمچاريه آشرم ۾ پڙهندو هئس جنهن جي سکيا جو طريقو ۽ ڏِکُ شانتينڪيتن جهڙو هوندو هو. پر، ان زماني ۾ جيڪماباد ( ان دور جا ماڻهو ان شهر کي انهيءَ مترنم نانءُ سان ياد ڪندا هئا ۽ چوندا ها: ”جيڪما باد، درڪناري آب، آباد شد“) پنهنجي سونهن، سوڀيا ۽ سڳنڌ ۾ سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد کان ڪنهن حالت ۾ به پوئتي ڪين هئي.
هندوناري شالا (جيڪب آباد ۾ ڇوڪرين جو اسڪول) جيڪو وئشنو ڀڳوان جي دنَ مان نڪتل پدم جي گل جيان شهر جي وچ تي ۽ واهه جي ڪنٺي تي ائين ٽڙيل هئي، جيئن وينس، شهر اندر اتان جو مشهور ميوزيم ’ليپونياتي‘ ۽ ’استان واني‘ (Stendhal) دور (اٺارهين_اوڻويهين صدي) ۾ پاڻي ڪناري آباد جل پري جيان دنيا آڏو ٻهه ٻهه ڪندو ڏيکاربو هو. ان ناري شالا اندر گرم علائقي ۾ رهڻ سبب تازي هير کي وقت کان اڳ اُسرندڙ ۽ سامائيندڙ سکيا ڏيندڙ خوبرو نسواني عملي ۽ شبابي خوشبو ۾ رتل شاگردياڻين جي وجود ۾ گهرائي سان، ڇوهُه سانُ گهُلندي ڏٺو هئم. اهو ڏِکُ ۽ ان مان ڦٽل احساس دل ۽ دماغ لاءِ تازگي ۽ توانائي جي ٽانڪ جيان ڀاسيو هئم. ان جي لافاني ڇاپ اڄ ڏينهن سوڌو روح تي چٽيل آهي، جنهن کي محسوس ڪري ڪو افسوس يا پاپ جو احساس ڪين ٿيندو اٿم، بلڪه ماضي جي اهم ميراث جيان ان جو نگهبان آهيان!
مٿئين ’ميراث‘’پاپ _ پڃ‘ يا گناهه ۽ ثواب جي فلسفي تي ويچاريندي تاريخ جي دور کان گهڻي آڳاٽي ۽ قديم ترين يونان جي ديوتائن جا عڪس ذهن تي اُڀرندا ڏيکارجن ٿا، جن اندر زناڪاري جو عمل اوج تي رسيل هو! ان کي اڄوڪي اخلاقي ماڻ موجب پاپ قرار ڏجي ته وڌاءُ ڪين ٿيندو. يوناني ديوتا جوپيٽر مختلف ۽ اچرج ۾ وجهندڙ روپ جهڙوڪ ڍڳو، سونهري وسڪارو، شعلو، ڌنار وغيره اختيار ڪري ’يوروپا ‘ ڊنائي (Danae)، ’ايجينا ‘ (Aegina) فن جي ديوين (Muses) جي ماءُ ’ميمو سائين‘ (Mnemosyne) سان صحبت اختيار ڪئي هئي. ان کان علاوه نيپچُون ديوتا ڊالفن، گهوڙو ۽ سوئر جي شڪل اختيار ڪري ڪيترين ئي دوشيزائن جو ست لٽيو هو! سوريه ديوتا به اهڙي قسم جا انيڪ ڪارناما انجام ڏنا هئا ۽ اپولو به پنهنجو مٽ پاڻ هو.
هندو ديوتائي سٿ ۾ به اهڙا ’گناهه گار‘ ڪئي ڌڄاڌاري ديوتا نظر اچن ٿا! انهن ۾ اِندر، ورهسپتي، وئشنو، برهما وغيره اهم نانءُ آهن. انسان انهن جي وصفن جو حامل آهي يا اُهي انسان جي وصفن جا؟
ان ئي هنگاهه خيز دور ۾ جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، نوابشاهه _ ۽ ڪراچي سان منهنجي موتي جي لڙين جهڙي ’يادن‘ جي رنگ برنگي تصوير ٺهندي، جڙندي ۽ ور ور ’رچنا ‘جي دور مان اُڀرندي، اُسرندي رهي هئي. ان تصوير جي صورتن ۾ ديوان هولا رام ڪيسواڻي جون ٻه ڌيئر ’پئين ‘ ۽ ’موهني ‘ به پنهنجي شبابي آب ۽ تاب سان ساهه کڻنديون پاڻ پسائينديون رهيون. موهني پنهنجي سانوري سلوڻي رنگت ۽ يوناني فگر ۽ تيز جاذب ۽ جادو ڀريل مهانڊن سان مرلي منوهر جو ’راڌا‘ روپ ڀاسندي هئي. مرلي جي ڌن بجاءِ سندس ڳلي مان نڪتل آواز ۾ دائودي مٺاس ۽ سرسوتي جو ڄڻ سڌ ٻڌ ڀلائيندڙ سوم_ رسي ’سنگم ‘ ڪڏهن جهرڻي جي تيز ڌارائن جيئن ۽ ڪڏهن هلڪي مڌهم مهراڻي موجن وانگر سدا رس گهوليندو رهندو هو! هوءَ نه صرف آريفيئس“ (Orefius) وانگر ساز ۽ آواز جي ٻهڳڻي ديوي هئي، بلڪه پريم جي جادوئي پالوٽ ۾ به ’ائفروڊائٽ‘ کان گهٽ ڪين هئي.
رشيد ڀٽي، حفيظ شيخ، مونس، اياز، تنويرعباسي، آغا سليم ۽ منهنجي گڏيل دوست راڳ روپ، موج مستي جي زنده مجسمي، آغا رحمت الله دراني جنهن کي سڀئي پيار مان ’آغلو ‘ سڏيندا هئاسون _ ۽ پيشي جي لحاظ کان هو ڊسٽرڪٽ جيل سکر جو سپرنٽينڊنٽ هوندو هو پر فارسي سنڌي شاعري جي گائڪي، ڪلاسيڪي سنگيت جي فهم ۽ ادائگي ۽ شناس ۾ يڪتا _ ۽ اهو به ڏيڍ ٽنگي هئڻ جي باوجود! انگڻ ونگڻ رستن تي هلڻ جو لاجواب فنڪار ۽ مخلص دوست به هيو، گهڻي ۽ پر اسرار کوج کانپوءِ ٻڌايو هئاسين ته روميو وانگر پنهنجي پريميڪا موهني ڪيسواڻي سان، اسرٽاڻي، ميلاپ کانپوءِ (ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ) سنديس ڪوئنس روڊ واري جاءِ جي دري مٿان ڀت ٽپندي پير ترڪي ويو هئس _ ۽ روميو جيوليٽ جي عشق ۾ جيون گنوايو هو ۽ آغلو سُر جي ديوي مٿان ٽنگ جو ٻليدان ڏئي سرخرو ٿيو هو.
جڏهن سن 96_1995ع ڌاري دهلي وڃڻ ٿيو هئم، تڏهن موهني کي هڪوار ڏسڻ ۽ ملڻ جي شديد ڇڪ پيدا ٿي، ڇو جو ملڪ جي ورهاڱي کان هڪدم پوءِ سن 49_1948ع ۾ هوءَ هندوستان هلي وئي هئي، مون کي اِها ڇڪ سنديس سُر، ساز، آواز ۽ من موهن مورت کي ساريندي پيدا ٿي هئي، جيڪا منهنجي ياد ۽ وجود ۾ هردم ٻُرندي ۽ لياڪا پائي رچنا جي ڏس ۾ پريرڻا ڏيندي رهندي هئي _ ساکرو ڏهاڙن ۾ ساز جي مڌر ڌن تي سندس دائودي لحن ۾ ڳائل قوالي؛” آہیں نہ بھریں شکوہ نہ کیا کچھ بھی نہ زباں سے کام لیا “
اڃا سوڌو وجود جي سرگمي تارن تي گونجندي رهندي اٿم. باقي سندس بدن جي ’وينسي گداز‘ جي ڄاڻ آغلو کي هئي، جنهن اڌ ٽنگ ديوي جي ڀيٽا ۾ ارپي سموري ڄمار، ڏيون لنگڙي جيان فخر سان ڏيڍ ٽنگ تي ٽلندو رهيو هو.
دهلي ۾ سندس تلاش دوران لڇمڻ ڀاٽيه سان ملاقات ٿي هئي، جنهن ٺهه پهه وراڻيو هو ته هندوستان اچڻ بعد موهنيءَ، ٽيڪسي ڊرائيور، فلم واري چنچل،البيلي سنڌي ايڪٽريس ۽ ڊانسر شيلا راماڻي جئين فلم انڊسٽري ۾ شامل ٿي پاڻ موکيو هو ۽ گهڻو پوءِ هڪ سک صنعتڪار سان شادي ڪئي هئائين _ ۽ ٿورڙو عرصو اڳ هميشه لاءِ عدم جي راهه وٺي رمندي رهي ۽ سندس ڀائر (منهنجا ننڍپڻ جا دوست) شايد آمريڪا ۾ Settled ٿي ويا هئا.
هڪ دل ڀڄائيندڙ مقولو ياد پيو اچيم؛ ”ديوتائون نيڪ، سهڻن ۽ امرتا جي جوڀن ۾ لپٽيل آتمائن کي ڌرتي جي سيني تي گهڻو وقت برداشت ڪين ڪري سگهندا آهن.“
عمر جي لهندڙ لهر ۾ اهڙيون غمناڪ خبرون ٻڌي نه صرف گهٽجندڙ عمر جو احساس تيز تر ٿيو وڃي ٿو پر ’وقت ‘ جي پشاچي صورت وڌيڪ چٽي ڏيکارجندي لڳي ٿي _ ۽ هڪ خاص قسم جي روحاني ۽ دانشورانا ٿڪ جو احساس پڻ وڌندو رهي ٿو.
هڪ ڀيري آغلو ٻارن جيان ماڻو ڪندي ’شِوَ _ پاروتي‘ جي مندر ۾ ويهي هنن جي مورتين آڏو ’سوم _ رس‘ جون سرڪيون ڀري پاڻ کي ’پوتر ‘ڪرڻ جي عجب خواهش ظاهر ڪئي هئي. اسان سڀني دوستن جي ان اَجائي خواهش کان باز رکڻ جي باوجود هو پنهنجي پٺاڻڪي ضد تي قائم رهيو، ۽ ڌرم مان ’ديوتائن‘ بلڪه خود ’ شِوَ‘ جا اهڙي هلت وارا ڪئي مثال ڏئي ديوداسين سان موج مستي جون ڳالهيون ٻڌائي سڀني کي قائل ڪيائين. کيس رشيد، تنوير، اياز کي پنهنجي گهر اندر ’شو مندر‘ وٺي وڃڻو پيو. جتي چُڪڙيءَ جي تک ۾ هن ڏيڍ ٽنگي انسان شو جي مورتي ۽ مجسمي سامهون سنديس سنمان ۾ سندس ئي ’رسيا ‘ ناچ نچندي ۽ سريلي آواز ۾،
” کون گلی بھیو شیام ، بتاری سکھی
کون گلی بھیو شیام
ان بعد کرشن گوپی ي جي رنگ ۾ رچجي،
” موہے پنگھٹ پے نندلال چھیڑ گیو رے “
کنکر ماری مٹکی پھوڑی ، موری انگیا کا کرشن بند توڑ گیو رے،
موہے پنگھٹ پے
۽ ان بعد
”پیا ملن کی آس جوں جوں بڑہت ہے سگرو جوبھن وا “
ڪلاسيڪي طرز ۾ سُر سان ڳائي سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. ان مان اها ڄاڻ به پئي ته کيس نه صرف ڪلاسيڪي نرت جو گيان هو پر، هڪ سٺو سيبائتو ۽ ماهر ناچو به هيو. پنجاهه واري ڏهاڪي جي آخري ورهين ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن اندر آغلو سان گهاريل ’مجلسون‘ جنسي سون ورنيون هونديون هيون، انهن کي ياد ڪندي بادليئر، رامبو ۽ ورلين جون محفلون يا جارج سئنڊ، شوپن، فلابيئر، وڪٽرهيوگو، موپسان وغيره جو مجلسي دور، ذهن جي سطح تي اڀري ايندو اٿم. وقت جي الڳ الڳ وهڪرن تي وهندڙ اهي سڀئي زمانا صرف موج مستي ۾ غلطان ڪين هوندا هئا، بلڪه پنهنجي انمول ’رچنائن‘ جي اظهار ۽ تخليقي اُپج، ادب، شاعري، سنگيت، چترڪاري وغيره ۾ به انهن ٻهڳڻين هستين ذريعي دنيا آڏو شاهڪار پيش ڪيا هئائون. ڀونور ڀري آڪاس، گناهه جا گل، ليليٰ، ناٽرڊم جو گڪو، مادام بواري وغيره ان مردم خيز يگ جا چند ڄاڻائڻ جوڳا فن پارا آهن.
آغلو جو سمورو جيون ۽ فلسفو زيب النساءَ جي زندهه جاويد شعر”لب جو، سبزہ زار ، شراب و رو روئے نگار “ جي پرڪرما (طواف) ڏيندي گذريو هو _ زندگي جي آخري هڏڪي به، مينا ڪماري ۽ مجاز لکنوي جيئن شراب جي چُسڪي وٺندي ڏني هئائين! اها ذهني صدمو رسائيندڙ خبر سن 1965ع ۾ سينٽرل جيل ۾ پيم، جڏهن اياز، سوڀي گيانچنداڻي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا _ ۽ سکر ميونسپالٽي واري ديوان هولارام سان DPR هيٺ نظربندي جي ’ترم ياترا‘ ڀوڳي رهيا هئاسون.
گذريل صدي جي سن پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪن واري ’ساکرو ‘ دانشورانا ۽ ڪنهن حد تائين سياسي زندگي تي لڳل ڇاپ جو اثر منهنجي ذهن جي ٽنهي حالتن _ شعوري، شعوري کان اڳ جي ۽ لاشعوري يا بي شعوري تي ڳوڙهو ويٺل آهي. ڪراچي، حيدرآباد جي ڀاڱا ڀاڱا ٿيل، ان سان مشابهت رکندڙ زندگي جي ڀيٽ ۾ سکر ۾ گذاريل ’حيات ‘ هڪ وحدت ۾ پوئل ڀاسندي اٿم، ڇو جو ماضيءَ جو سکر ٻهراڙي ۽ شهري جيوت جو نيارو ۽ پيارو سنگم هوندو هو، جيئن ’ديو پرياگ‘ وٽ ڀاڳير ٿي ۽ الکندا يڪجا ٿي ڪري گنگا بڻجيو وڃن! ۽ مٿي ڄاڻايل شهر صرف شهري زندگي جي ڏيکاوي، اڻت جا نمونا هوندا هئا! سچ، خلوص ۽ پنهنجائپ کان وانجهيل! ان اندر گهاريل _ انهن گهڙين وارو جيون _ هڪ ’بدن ‘ جي بناوت جيان هيو، مائيڪل ائنجيلو جي هڪ ئي پٿرائين بلاڪ مان تراشيل موسيٰ جي مجسمي جيان، اعليَ، سونهن ڀريو ۽ دائمي قدرن جو ڏِکُ!
سکر جي اها ’وجودي‘ گهڙي نهايت سادي ليڪن پروقار هئي، جنهن ۾ ’اسان جي سوچ‘ رکندڙ سڀ ساٿي ڄڻ هڪ ئي ڪٽنب جا فرد ڀاسندا هئاسون. اياز، رزاق راز، مرغوب بخاري، تنوير، مولائي شيدائي، رشيد، عثماني، نڪهت، مظهر، ممتاز، شمسي، فصاحت، ڌڻي بخش شاهه، مسعود عظيم، فتاح، حفيظ، حميدي، اعزاز ۽ ٻيا اڪيچار دوست.
اسان جي ننڍي اُپکنڊ ۾ ’عمل ‘ جا سورما، ڏاها گهٽ پيدا ٿيا آهن. پراچين يگ کان هيل تائين گهڻو ڪري، تياڳ، سنياس، تارڪ الدنيا ۽ وائراڳ جا هيرو پيدا ٿيندا رهيا آهن. مهاوير، گوتم ٻڌ، شنڪر آچاريه، وڏا وڏا رشي مني، پنٿن، متن جا باني وغيره، سمورو برهمڻي فلسفو، گوتمي، مهاويري متو ۽ فڪر بلڪ عيسائي مت جو به گهڻو غالب ڀاڳ ان ناڪاري فلسفي سان جهنجهيل پسي سگهجي ٿو. عمل جو عنصر يهودي مت، زردشتي فڪر ۽ ڪنهن حد تائين ڪنفيوشسي ۽ لائوتزي ڏاهپ ۾ پرجهي سگهجي ٿو. اسلام به ناڪاري هاڪاري جو مرڪب آهي. ’چارواڪ ‘ ۽ مغربي فلسفي اندر ’عمل جا هيرو‘ چٽائي سان پسي سگهجن ٿا.
انسان ذات اندر ’آدرشوادي ‘ بڻجڻ جو ٿورڙو حصو ’عمل ‘ ۾ پڌرو ٿئي ٿو، باقي ڪنهن اڻ ڏٺل ’روپ ‘ ۽ ’وقت‘ تي پڌري ٿيڻ جو منتظر رهي ٿو. مٿي ڄاڻايل ’ناڪاري‘ فلسفا جيڪي دنيا کي ’رڃ‘ ۽ زندگي کي ’فنا‘ جي روپ ۾ سينگاري پيش ڪندا رهيا آهن، انهن جو ’عمل‘ لاءِ ’انتظار ‘ اڻ کٽ ڀاسي ٿو، ڇو جو بقول سندن عمل کان ڪٽيل ڌار ٿيل ’ آدرشواد‘ موجب ڪل يگ کان پوءِ ’خاتمو ۽ عدم‘ اچڻو آهي! البته سندن انداز، اسلوب، ٻولي ۽ فڪر جي ڪلپنا ۾ ويڙهيل اُڏام بي مثل، سونهن ڀري ۽ عقل چرخ ڪندڙ، دل جي وڌيڪ اوڏو پئي رهندي آئي آهي.
دل جي اوڏو رهي جيئندڙ انسان جيڪو ’ڀوڳڻائن ‘ ۾ ورتل يا گهيريل آهي، هن کي جڳائي ته صرف تقرير تي ڀاڙي ڪين ويهي، پر پنهنجي پورڻ پرٻلتا سان ڪوشش ڪندو رهي ته جيئن بري وقت ۾ روحاني قوت، قوت ارادي ۽ جرئت ذريعي سندس اصل شخصيت ۽ جوهر ’آدرشواد ‘ جي سرڪڻي کان آزاد ٿي ڪري پاڻ کي پوريءَ طور نروار ڪري ’ڀوڳڻائن ‘ کي پڄاڻي تي پهچائي، ائين ڪک پن ڪري ڇڏي، جيئن ڌرتي جي سطح تي ڏيکارجندڙ پاڻي جي ڀيٽ ۾ ان جي اونهاين ۾ موجود لڪل چشما گهڻا گهرا ۽ اُٿاهه ٿين ٿا _ ۽ سطح تي بيٺل پاڻي تڇ ڀاسندو آهي.
تاريخ ۽ فڪري ڌارائن جي موضوعن تي ويچاريندي هڪ اندر حقيقت پسندي جو لاڙو نظر آيم ، ۽ ٻيئي جي گهرائي ۾ ڪلپنا جي اپار سگهه ساگر جيان موجزن ڏٺم _ اگر اهي مخالف ۽ متضاد شڪتيون خوشگوار، هم آهنگ ’ايڪتا ‘ ۾ پنهنجي پنهنجي منفرد وجود کي قائم رکندي هڪٻئي سان ’يڪوجود‘ ٿي وڃن ته ان جهڙو سندر ڏِکُ شايد ئي ٻيو ڪو ٿي سگهي _ ان نڪتي راڌا _ ڪرشن، سيتا _ رام، روميو _ جيوليٽ، سسئي _ پنهون، مومل _ راڻي جي امر ياد کي تازو ڪري ڇڏيو آهي.
فڪر ذريعي ثابت ڪيل سچائي کي حقيقت وسيلي حاصل ڪيل سچائي سان ملائي ’نج ‘ سچائي ماڻي سگهجي ٿي. ذهني عمل ذريعي حاصل ڪيل گيان، باطن جي بي ڪنار ڄاڻ مان اتپن ٿئي ٿو، پر اهڙي ڄاڻ يا علم ’نج حقيقت‘ (تاريخ وغيره) منجهان حاصل ٿيل ڄاڻ کان گهڻو مٿانهون ۽ افضل ٿئي ٿو.
ٿَڪَ ۽ ذميواري جي بار منهنجي ’آتما کي هنچ بيڪ آف ناٽرڊم‘ جيان ڪٻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هينئر تن به ان طرف رڙهندو ڏيکاري ڏئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ کي پنهنجي وجود کان الڳ ٿلڳ ۽ اوپرو نظر ايندو آهيان، ائين ڀاسندو اٿم ڄڻ منهنجي زندگي جي اسٽيج تي گوئٽي جو فائوسٽ (Faust) ناٽڪ کيڏجي رهيو هجي.
منهنجي پنهنجي زندگي اندر ڪچڙي اوَستا کان وٺي ڀوڳڻا ڏک اُلڪو ۽ پيڙا ايڏي بيحساب رهي آهي، جيڪا اڃا تائين راڪاس جيان اجهل آهي! اگر مضبوط قوت ارادي ۽ اعصاب جو مالڪ نه هجان ها ته هيل تائين ٽٽي ڦٽي عدم جو دڳ وٺي چڪو هجان ها. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي، مهاتماگوتم ٻڌ جيان، ان نتيجي تي رسندو آهيان ته سمورو جڳ پراسراريت ۽ ڀوڳڻا جي ڪاراڻ ۾ ويڙهيل آهي، ۽ آئون انسان ذات جي ’روحاني بي حسي‘ جي يُڳَ ۾ کينهونءَ جيئن اڇلايو ويو آهيان! پر، ان ناڪاري سوچ جي دٻڻ منجهان زندگي لاءِ، ۽ دنيا واسطي منهنجي هاڪاري _ ڪلپنا جي رنگين ۽ نفيس پرڙن وسيلي اڏامندڙ سوچ ۽ فڪر مون کي ان انڌڪار مان ڇڪي ٻاهر ڪڍندا رهن ٿا، ۽ منهنجو مادي، اخلاقي ۽ روحاني سونهن ۽ سڳنڌ ۾ ڳوهيل زندگي لاءِ پيار، سنيهه ۽ سنمان وڌندو رهي ٿو.
اڄ جي بي ترس جڳ اندر فڪر ۽ سوچ لاءِ بي حد ڌڪار ڀريو پيو آهي، انڪري انسان ۽ دنيا لاءِ پيار ۽ ديا جي اُتم مقصد تي رسائي ڏکيري ٿيندي وڃي ٿي. صرف ’سوچ ‘ جي بنيادي عنصر کي ئي نظرانداز نه ڪيو پيو وڃي، بلڪه ان تي’ويساهه‘ به جهڪو ٿيندو ڏيکارجي پيو. نهايت نرلڄائي سان مذهبي، سماجي ۽ سياسي جماعتون ۽ ٽولا پنهنجا فيصلا ۽ لاڙا، ارهه زورائي سان فردن مٿان مڙهي کين روبوٽ جيان هلائڻ جي جتن ۽ اُدم ۾ جنبيل ڏسي سگهجن ٿا. فرد جي آزادي تي اهو راتاهو هن جڳ جو سڀ کان وڏو الميو آهي.
حالانڪه اڄ ڏينهن تائين سموري اچرجدائڪ انساني سڀيتڪ حاصلات: مادي خواهه اخلاقي خواهه روحاني ’فڪر جي آزادي‘ جي چمتڪار جي ڪک مان جنمي آهي. پر، انهن سمورن پختن ڪارڻن جي باوجود اڄوڪي انسان کي فڪر جي جوهر کان پالهو رکڻ جا ڪيئي ڇل ول تي ٻڌل گُر واپرايا پيا وڃن. اهوئي سبب آهي جو اڄوڪوماڻهو سنسي،ڀرم،جي ڌٻڻ ۾ ’فرار‘ جو دڳ وٺندو ڏيکارجي ٿو ۽ زوراور مذهبي، سياسي ۽ سماجي ’حاڪميت ‘ هيٺان لاڳيتو دٻجندو، هيسجندو ۽ ٻوساٽبو ’للي پوتين‘ جيئن گهٽجندو ڏيکارجي ٿو.
فڪر کان فرار کي هڪ قسم جي ذهني ڏيوالي پڻي سان ڀيٽي سگهجي ٿو. جڏهن’فرد‘ کي محسوس ٿئي ٿو ته کانئس ’سوچ شڪتي‘ ڦري وئي آهي ته اُتان سندس فراري ڪيفيت جي شروعات ٿئي ٿي جيڪا اڳتي هلي ڪري تهذيب، ثقافت جي ڦهلاءُ ۽ واڌ لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندي.
سچ جي اڏاوت قطعي طور فراريت جي ڌٻڻ تي اڏي ڪين سگهبي. هي موجوده يگ، بدقسمتي سان فرار سان ٽمٽار نظر اچي ٿو، ۽ اسين ڪُپت، ڪوڙ جي مهاڄار ۾ جي رهيا آهيون. سچ جو سلو صرف ۽ صرف ’فڪر جي آزادي‘ مان ئي ڦٽي سگهي ٿو _ ڪوڙ ۽ فرار جي ٻُوسٽ سان قطعي ڪين! اڄوڪي نسل ۾ خلوص ۽ سڪ جي سخت اڻاٺ آهي، فڪر تي گهٽيندڙ پابندي ان جو وڏو ڪارڻ آهي، ان ڪري اسان جي اها نسل سچ سان سنگت رکي ئي ڪو نه ٿي. هن يگ جي سڀ کان پيريندڙ ڀوڳڻا اهائي آهي.
زندگي ۽ انسان ذات سان چاهه ۽ سنمان، عزت جي جذبي، احساس ۽ عمل وسيلي چوڏس ڦهليل ان اوندهه کي دور ڪري سگهجي ٿو. اسان جي سوچ جو اهو بنيادي نڪتو هئڻ جڳائي. اهڙي ئي سوچ ٽين صدي ق.م ۾ يوناني فيلسوف زينو (Zeno) جي اخلاقي فڪر ۽ ڪنهن حد تائين ڇهين صدي ق. م جي ٻوڌي فلسفي اندر به پسي سگهجي ٿي _ انهن بعد اوڻويهين _ ويهين صدي جي انسان دوست فيلسوف البرٽ شويٽزر جي فڪر ۾ به ان کي جهلڪندو محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان اندرسونهن،سچائي،انسانيت، ڀرپور انداز ۾ ٻهڪندي سڳنڌ وٺائيندي نظر اچي ٿي. ان اندر خلوص بي ڪنار آهي. اها باطن ۾ ٽٻي هڻائي انسان کي دنيا مان روحاني رشتي ذريعي ڳنڍي ٿي.
بنيادي طوراهو فلسفو فطرت سان ’هم آهنگ‘ ٿيندو ڏيکارجي ٿو _ روسو به ساڳي حقيقت ڏانهن اشارو ڪندو ڏسجي ٿو. اهي سڀئي مفڪر ڄڻ تصوف، ويدانت جي رسدار چپڙن کي ’مٺيون‘ ڏيندا ڏيکارجن ٿا.
چيني ڏاهي انسان ’لائوتزي‘ (ڇهين صدي ق.م) پنهنجي اخلاقي نظام ’تائوتي ڪنگ‘ اندر پڻ انسان کي سکيا ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ”هُوسادگي سان سوچيندي پاڻ کي دنيا سان روحاني ناتي ذريعي جوڙي رکي _ ۽ اهڙي عمل ذريعي سنسار سان هم آهنگ ٿي وڃي.“
يوناني اخلاقي فلسفي (Stoicism) ۽ چيني فڪر ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته پهريون ترقي يافته منطقي سوچ تي انحصار رکي ٿو، ۽ ٻيو غير منطقي باطني ساڃهه ۽ سرت تي ٻڌل آهي _ پر آهي بي مثل، شاندار ۽ ٻهڳڻو _ دل جي تارن ۾ ڄڻ سرگم پيدا ڪندڙ!
پر،ايڏي سونهن ۽ سڳنڌ جي باوجود اِهي ٻئي اعليٰ اخلاقيات تي بيٺل سوچ _ ڌارائون موجوده يگ جي عملي جدوجهد ۾ اسان جي ٻيڙي ڪناري ڀيڙو ڪرڻ ۾ اسمرٿ ڏيکارجن ٿيون. صرف ’آدرشي ويچار ڌارا‘_ ماديت جي سوچ کان پالهي ۽ خالي _ ڏورانهين ٽمڪندڙ تاري جيان ٿئي ٿي، صرف اکين کي راحت ڏيندڙ! انڪري لائوتزي، ڪنفيوشس، مينشس، مڀشس، ايپيڪٽيٽس، مارڪس آرليئنس جي پوپٽن جهڙن من ۾ ولوڙ ۽ ڪتڪتائي پيدا ڪندڙ خيالن جون اُڻتون عمل جي ميدان ۾ ذهن سان ساٿ ڏيڻ جوڳيون ڪونهن.
برهمڻي فلسفو، گوتمي اخلاقيات ۽ شوپنهاور جي قنوطي ڏاهپ ته مورڳو ’دنيا ۽ انسان‘ کي تياڳ جو وياکياڻ ڏئي ’فنا ۽ سنياس‘ جي عدم جي ارڙاهه اندر غرق ٿيڻ جي تلقين ڪندي ڏيکارجي ٿي، جنهن کي انتهائي آپگهاتي عمل سان تعبير ڪجي ته انياءُ ڪين ٿيندو.
صرف مشرقي اخلاقي فلسفي ۽ مغربي مادي فڪر جي هم آهنگ آميزش وسيلي ئي زندگي ۽ دنيا کي پر امن ۽ عزت، آسائش ۽ مان سان بسيرو بڻائڻ جو مقصد ماڻي سگهبو. جيئن ڏاهن پنهنجي آزمودي ۽ تجربي جي بنياد تي ’تبديلي‘ کي اڻٽر قرار ڏنو آهي _ ۽ مان به پنهنجي تڇ گيان مطابق ان راءِ کي ٽيڪو ڏيان ٿو. پر، اهو به چوندس ته ڪي آدرش اهڙا ٿين ٿا، جيڪي تبديلي جي ان ظاهري ’شيطاني اثر‘ کان محفوظ هوندا آهن. ’سچ، سونهن ۽ نيڪي‘ اِهي آدرشي ماڻ تبديل ٿيل حالتن اندر _ پاڻ ۾ اقداري گهٽتائي آڻڻ کان سواءِ _ پنهنجي ذات ۽ جوهر ۾ ’ٺهڪائڻ ‘ جي فطري اهليت رکندا آهن _ ۽ وڌيڪ وزندار بڻجيو وڃن ٿا. انهن آفاقي قدرن ۾ ’انساني شخصيت‘ کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. ان جي غير موجودگي يا اڻلڀ هئڻ جي صورت ۾ تهذيب، ثقافت جي جوت اجهامي سگهي ٿي، انڪري ان جي آبياري ازحد ضروري قرار ڏني وئي آهي.
هڪ لڱا ڇهين صدي ق_م جي عظيم چيني مفڪر لائوتزي ’جنگ ۽ سوڀ‘ جي موضوع تي پنهنجا ويچار ڄاڻائيندي چيو هو ”هٿيار تباهي آڻڻ جا وسيلا ٿين ٿا، ان ڪري ڪنهن نيڪ ۽ صالح انسان کي قطعي ڪين سونهن، صرف اهو انسان جنهن کي ٻي ڪا واٽ نظر ڪين ٿي اچي، اهوئي انهن جو استعمال ڪري ٿو. امن ۽ شانتي قائم رکڻ سڀ کان اُتم مقصد آهي _ ان جي قائم رکڻ لاءِ ئي هو انهن (هٿيارن) جو استعمال ڪري سوڀ پرائي ٿو پر ان مان کيس ڪا خوشي ڪين ملي ٿي! پر اهڙو ماڻهو جنهن کي ان سوڀ تي خوشي جو احساس ٿئي ٿو، اُهو ائين ڀاسندو آهي ڄڻ ’عام ڪوس‘ مان مزو وٺندو هجي! جيڪو سپهه سالار جيت جي اُتسو ۾ شريڪ ٿي ان کي زينت بخشي ٿو، اُهو ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن ماتمي گڏجاڻي جي اڳواڻي ڪندو هجي. اهڙي ’انساني قتلام‘تي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي ديا ۽ همدردي جو بي باڪ اظهار ڪرڻ اعليٰ ظرف انسان جو بنيادي فرض هئڻ جڳائي؛انڪري جيڪو به سيناپتي جنگ ۾ سوڀارو ٿيو آهي ان کي جڳائي ته هو دل جي گهرائي سان ان ۾ يا اهڙي جذبي، احساس کي پڌرو ڪندي ڪين هٻڪي يا عار محسوس ڪري ته ڄڻ هُو ماتمي جلوس يا اُتسو اندر شموليت ڪندو هجي!“
جيئن ’ايڊرياٽڪ‘ جي سطح مٿان انيڪ جزيرن تي ٻڌل شهر ’وينس‘ ائين ڀاسندو آهي ڄڻ ان سمنڊ جي مٿاڇري تي، موج مستي ۾، ازل کان تڙڳند رهيو هجي. ان مناسبت سان کيس ’ايڊرياٽڪ جي راڻي‘ به چيو وڃي ٿو. اٽلي اندر هر سال علامتي طور، وينس ۽ ايڊرياٽڪ جي شادي جو جشن، وينس واسين پاران نهايت شان ۽ دٻدٻي سان ملهايو ويندو آهي.
سکر شهر اندر ساڌٻيلو به سنڌوءَ جي مٿاڇري تي اهميت ۾ ويڙهيل پنهنجي فطري سونهن، منڊيندڙ ڌڄا ۽ هڳاءَ سان ميرا جهڙي ڀڳتي ۽ چاهت سان ايامن کان مهراڻ جي هندوري نما موجن تي ترندو، لڏندو، ۽ نرت ڪندو محسوس ٿيندو آهي. ائين ڀاسندو اٿم ڄڻ سنڌوءَ سان سندس لانوان ازل کان لڌل اٿس. سنڌ واسي هر سال ميلي دوران سندس ’امر جوڀن‘ جو جشن ملهائيندي خوشي ۾ ڪين سمائبا آهن. ڪالهوڪي ساڌ ٻيلي جي ڪنڊ ڪڙڇ، ديوين ديوتائن جي مندرن اندر ۽ ٻاهران ۽ پيشاني نما سندس مرڪزي گهاٽ مٿان رنگ برنگي ٻرندڙ بتين جي روشن لاٽن جا سنڌوءَ مٿان ٽم ٽم ۽ جهلمل ڪندڙ ڏياٽين جهڙا روشن پاڇاوان پسي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ نئين نويلي چندرمکي ڪنوار سورهان سينگار ڪري پنهنجي پريتم جي ڀاڪر ۾ سڌ ٻڌ ڀلائي، لحظه به لحظه سندس امرت ’رس‘ جون سرڪيون ڀريندي هجي!
سکر هميشه ’يادن‘ کي لاڳيتو ڪنهن جنات جيان منڊيندو رهندو آهي. ياد کي مان مٺاس ۾ پُر جادوگرڻي جيان ڀائيندو آهيان، جيڪا ڪنهن خانه بدوش جيان هيڏانهن هوڏانهن رولائيندي رهي ٿي، ڪڏهن اُفق جي اڇاڻ جو پوتر حسن پسائيندي رهي ٿي ۽ ڪڏهن قلم جي زور کان ٻاهر، ان جي سياهه تر سندرتا جي ڀول ڀليان ۾ ڀٽڪائيندي رهي ٿي. سکر يادن جي علامت بڻجي، هينئر، پاڙون پختيون ڪري هڪ قسم جو Obsession بڻجي ويو اٿم _ پر، ان کان ڀوءُ بلڪل ڪين ٿو ٿئي، بلڪه لفظن جي پڪڙ ۾ ڪين ايندڙ ’آنند ‘ محسوس ڪندو آهيان.
جيتوڻيڪ سکر جي آب و هوا معتدل ڪين هوندي هئي، تنهن هوندي به ان جي ڪنهن حد تائين وچتري ’وصف‘ اندر پاڻ کي جسماني، ذهني ۽ تخليقي طور رڄ _ مڙس محسوس ڪندو هئس ۽ ان کي يوناني تخليقي ۽ ڏات جي ديوين (Muses) جو سدا امر آستانو ڪري سمجهندو هيس. ليڪن هتڙي ڪوئٽا جي يخ بسته ۽ چيريندڙ سرد موسم ۾ ’ڄور‘ هجڻ جو احساس ٿيندو هئم، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. خاص طور اهڙي عضوا شل ڪندڙ مند ۾ ڪنهن ’چڱي‘ ڪم تي من ۽ تن ڪين ورندو اٿم.
ان موسم ۾ اڪثر خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويندو هئس، ۽ هڪ قسم جي وُجداني ڪيفيت ۾ سامهون اهڙا غير حقيقي ’الوهي‘ منظر ايندا رهندا هئا، جن کي اورچائي سان ۽ پيڙا جي حالت ۾ ’مادي روپ‘ ۾ اظهارڻ جا انيڪ جتن ڪندو رهيس پر، سوڀارو ڪڏهن ڪين ٿي سگهيس.
ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سمئي ۾ بڪواس، لغو ۽ لايعني شاعري ٻڌڻ، پڙهڻ جا دورا پوندا هئا، جهڙوڪ ڪنهن انگريز شاعر جي رچنا؛
”وڃ، ۽ ڪرندڙ تارو پڪڙي ڏيکار،
ٽُوهه جي پاڙ مان ٻارڙو ڄڻائي ڏيکار،
ڀلا ٻڌاءِ، ماضي ۾ گم ٿيل وقت ڪٿي آهي؟
يا اِهو ٻڌاءِ ته شيطان جي پير کي ٻه ٽڪر ڪنهن ڪيو هو؟“
يا راجه مهدي علي خان موجب؛
”مجنوں کی بارہ مائیں تھیں ،
کچھ کالی اور کچھ بھوری تھیں،
کچھ بھینسیں اور کچھ گائیں تھیں،
مجنوں کی بارہ مائیں تھیں.“
یا
جائو جاکے جگنو سے سگریٹ سلگائو “
یا
ٹانگ وہ ٹانگ جس ٹانگ نے دل ٹانگ لیا
مانگ وہ مانگ جس مانگ نے دل مانگ لیا۔
وقتي طور ساڌ ٻيلي جو سرو هٿان ڇڏائجي ويو اٿم، ۽ اياز، سليم خواجو، شڪارپور ذهني اسڪرين تي يا ڪالهوڪي دور جي موهيندڙ فلمن (بليڪ اينڊ وائيٽ) پنا، زينت، لاجواب، انمول گهڙي ۽ رتن جيان اُڀري آيا آهن.
جيئن مهان موسيقار هيڊن (Hayden) مٿان وقت جي ڇپر ڇايا يا ٿڌيري، ۽ ’موت‘ جو پاڇو مهربان هيو، تيئن، ان جي ابتڙ، اياز انهن ٻنهي ڪيفيتن ۽ صورتن کان پالهو، وانجهيل رهيو هو _ اهو سندس زندگي جو وڏو الميو هو. موت سندس لاءِ ’سڪراتي ‘ ثابت ٿيو ۽ ’وقت‘ ٻوساٽيندڙ!
ليڪن ٻيئي جينئس جي ڀاڳ جي مشترڪه ڀوڳڻا ڀوڳيندا رهيا _ ۽ موت کانپوءِ امرتا جا ڀاڳي به رهيا.
اياز جي شاعري جيان سندس خط به موتين ۽ هيرن جيئن قيمتي ۽ چلڪڻا آهن _ انهن کي پڙهڻ بعد ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ مصر جي رنگين، پر اسرار ۽ چٽيل احرامن ۾ لهي ويوهجي! انهن مان عجب، پروقار سونهن ۽ سڳنڌ ڇڻي ايندي هجي، مادام استائيل، وان گاگ، مادام سيوين (Sevigne)، جارج سئنڊ ۽ آسڪر وائلڊ جي امر ياد تازي ٿيندي ڀاسندي هجي!
اٽلي جي مشهور چترڪار سيمامبُو (Cimambu) جڏهن ميڊونا (Madonna) جو نادر، سهڻو چتر چٽيو هو ته فلورينس جا رهواسي ڪٽڪن ۾ ٻاهر نڪتا هئا ته جيئن ان جي هڪ جهلڪ پسي سگهن _ پر نهايت افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جي هن مهان ڪوي جي ارٿي تي صرف ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو موجود هئا. اٽلي ۽ سنڌ ڌرتي جي ’اُپتائتي‘ هجڻ ۾ ايڏي وٿي!
جواني ۾ حضرت دائود شينهن ۽ رڇ ٻنهي کي ماري سر خروئي ماڻي هئي، اياز به جواني ۾ ڪٽرپنٿي اديبن ۽ مدي خارج فارسي زبان دان دانشورن کي ماري مڃايو هو، ليڪن افسوس جو پيرسني ۾ مُلو بڻجي ويو ۽ نتيجو مٿي بيان ڪيو ويو آهي.
مشهور فليمش آرٽسٽ روبينس (Rubens) (سترهين صدي عيسوي) ۽ نامياري اسپيني چترڪار ’وللاز ڪوئي‘ جي عمرين وچ ۾ وڏي فرق جي باوجود سندن دوستي جو ناتو اٽوٽ ۽ خاص اسپيني مصور لاءِ فني اُپج، سکيا ۽ ڏات کي نکارڻ ۾ گهڻو ڦلدائڪ ثابت ٿيو هو. ساڳي طور هنن جي جيون تي ويچاريندي گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي کان اياز ۽ منهنجي وچ ۾ ’ادبي سنٻنڌ‘ مون لاءِ گهڻو لاڀدائڪ بڻيو هو. مٿين ٻن فنڪارن جي عمرين ۾ 22 ورهين جو فرق هيو ۽ اياز ۽ منهنجي ڄمار ۾ ٻارنهن سالن جو تفاوت هيو.
ان کان علاوه اياز سترهين صدي عيسوي جي هاڪاري آرٽسٽ ’وان ڊائڪ‘ (Van Dyck) جيان شهرت جو بي انتها ڪانکي، دولت جو حد درجي خواهشمند، سڀاءُ جو رکو _ ان ڪارڻ دنيا جي بدقسمت انسانن مان هڪ هيو؛ ليڪن ساڳئي وقت اهڙو جينئس به هو، جنهن کي پنهنجي فن سان بي انتها لڳاءُ به هو. اياز ساڳئي وقت پنهنجي فني ڏات سان نه صرف پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو بلڪه انهن کوجين کي حيران به ڪري ٿو، جيڪي ڪلپنائي اسرارن ۾ ٽٻي هڻڻ چاهين ٿا.
آدم جي هٿ ۾ ’صوف‘ (برائي ۽ حڪم عدولي جي علامت) جو هئڻ انسان ذات پاران خدا جي ذات جي پهرين حڪم عدولي ۽ بدي ليکي وڃي ٿي. ان عمل سان سنسار ۾ ’موت ‘ جو واسو جاري ٿيو ۽ انسان جي سمورين بدبختين ۽ زوال جي ابتدا به ان عمل سبب ڄاتي وڃي ٿي! پر مون کي سُڌِ آهي ته اياز هٿ ۾ ڪئي قسمن ۽ سر زمينن جا صوف ايندا رهيا؛ ۽ سندس گنڀير حڪم عدولي واري عمل سان ’سنسا ۽ انسان‘ کي ڪيڏو ۽ ڪيترو هاڃو رسيو؟
لاپرواهي، ۽ بي تابي سندس فنڪاراڻا سڀاءُ جا اٽل ۽ اٽوٽ اوَگڻ هوندا هئا؛ پر منجهس ’جذبي ‘ جي هڪ خاص قسم جي نرمي ۽ ملائمت به هوندي هئي. اِهو يقين سان نٿو چئي سگهان ته ان مان سندس دل اندر ڪنهن ’نرم گوشي‘ جي ثابتي ملي ٿي يا نه؟
سکر جي ڌرتي تي قدم رکڻ شرط اِن شهر جا جهونا جوڳي، رهواسي ۽ اُهي ماڻهو (جن کي ڪرائيدار چئجي ته اَسونهون ڪين لڳندو) جن کي ’عدم‘ ڏانهن اُسهي ڄمارون گذري ويون _ من موهن، مانوس، پيارا نانءُ _ جيڪي هن وقت ذهن جي پٽيءَ تي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل ڏيکاربا آهن. سندن مصروف زندگين ۾ جل ترنگ جي سرن جهڙا وڄندڙ ٽهڪ، سندن مڌر آوازن جا پڙلاءُ، جهيڻي آواز ۾ ڪنين پوندا رهن ٿا! هنن سڀني جا رنگ نکريل، صورتون چٽيون (آنند پنجواڻي چواڻي بلي بلي)، صاف ۽ دلڪش هونديون هيون _ نڄاڻان مٽي ۽ پاڻي جي ڪهڙن ڇُوهن ۾ وڃائجي ويا!
اِهي پيارا يار تصور جي ڳلکڙن مان وجود جي ’بي انت‘ فضا اندر ٻاجهاري Spirits جيان ’جي‘ اٿندا، اُڀرندا ۽ سوکيم Images جيان ترندا تڙڳندا (Floating) ڏيکاربا آهن. اياز، مونس، عثماني، حفيظ، فصاحت، مرغوب، شمسي، ڌڻي بخش شاهه، ابن ايوب، علي بخش، اعزاز نظير، سعد اختر، اين ڪي جتوئي، قادر صديقي ۽ ٻيا ڪيئي انيڪ!
ساکرو ڌرتي تي رهندي جيستائين اهو چٽ ذهن تي رهندو آهي آئون وڌيڪ وچور لاءِ ماضي ۾ ٽٻيون هڻندو رهندو آهيان. پر، ڀاڳ جي برائي سببان ذهن جي ديد تان هر منظر تيزي سان ائين الوپ ٿيندو رهندو آهي، جيئن هي سڀئي يار ويڳاڻو ڪري الائجي ڪهڙي ڌٻڻ ۾ ڳڙڪائجي ويا؟
تازو ويجهڙي ماضي ۾ فصاحت جهڙي موتين سان جڙيل پياري ماڻهوءَ جي وئي پڄاڻان ڪهڙو ڀاڳوان سڀ کان اڳ ۾ سندس پيرو کڻي اُسهندو؟ نڪهت بريلوي، مظهر جميل، گلزار _ يا آئون؟
ياد آيو اٿم ته جڏهن بيٿووِن (Beethoven) سڪرات جي عالم ۾ شوبرٽ (Shubert) کي خالي نظرن، _ ۽ ڪڏهن کن پل لاءِ، شعوري چمڪ سان ڏسندو رهيو ته هُو (شوبرٽ) پاڻ جهلي ڪين سگهيو ۽ سڏڪن ۾ ڀرجي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو هو. هتي مون مٿان فصاحت جي اچانڪ موت جي خبر ساڳي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي هئي.
مان پاڻ کي گانڌي جي ان خيال سان ڪڏهن سهمت ڪري نه سگهيوآهيان ته ماڻهو هن ڌرتي تي سموري ڄمار موت سان مکاميلي لاءِ تياري ۾ گذاري ٿو ته جيئن لاڏاڻي کانپوءِ ’پرم آنند‘ جو مزو ماڻي سگهي! دل، ذهن ۽ عقل جي ڪيڏو نه ابتڙ سوچ آهي.
ويدڪ فڪر موجب آتما ساڳئي وقت ’موت‘ سان به تعبير ڪندي ٻڌائي وئي آهي ۽ کيس ’امرتا‘ جو درجو به بخشيو وڃي ٿو! اهو متضاد تصويري فڪر هضم ڪرڻ ڏکيو بلڪه ناممڪن ٿو ڀاسي. ٻئي طرف شاسترن موجب ’موت‘ تي ماتم يا غم جو اظهار ڪرڻ اَوديا يا اڻ ڄاڻائي _ يا جهالت جي دائري ۾ اچي ٿو! ڌرمي فلسفي جا اهي نڪتا حقيقي زندگي جي ’پاڇي ‘ برابر به نٿا ڀاسن، فصاحت جهڙي محبوب يار،مرغوب بخاري ۽ حفيظ جهڙن پيارن دوستن _ يا پنهنجي عظيم ۽ سڀ کان وڌ سنمان جوڳي امڙ، امان جي هميشه لاءِ جدائي، رحلت ۽ وڇوڙي کي سندين ’آتما ‘جي موت، اپارغم ۾ ويڙهيل وجود مان ڦٽندڙ نوحن کي اَوديا ۽ جهالت ڪيئن چئي سگهندس؟
آفاق جي تهن ۾ سمايل ياسيت جي ان فطري اظهار جي بي ساخته اُڇل کي ’اڻ ڄاڻائي‘ سان ڀيٽ ڪيئن برداشت ڪري سگهندس؟ بلڪه ڌرم جي انهن ’فڪري خزانن‘ کي پئسفڪ مها ساگر جي اونهاين ۾ غرقاب ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ پسند ڪندس!
ڪڏهن ڪڏهن مون کي عام ۽ خاص کان مليل لاپرواهي، بي ڌياني _ ۽ پنهنجن کان پلئه پيل بي ادبي ۽ نِر آدر، ڀوڳڻا ۽ پيڙا جو شديد ۽ نهوڙيندڙ احساس ٿيندو اٿم _ ان وقت ڪنهن انتها کان بچڻ خاطر پاڻ کي فن ۽ ادب جي ’مقبري‘ اندر دفن ڪري ڇڏيندو آهيان.
گوئٽي جيان اهو چئي ”مان هميشه اُتمتا کي حاصل ڪرڻ جو جتن ڪيو آهي.“ منجهان ڪنهن قدر شانتي ۽ توانائي ملندي اٿم.
ادب يا فن جي تخليق صرف پنهنجي ذات جي آسودگي ۽ مزي لاءِ ڪين ٿئي ٿي، ان ذريعي انهن املهه انساني يا آسماني چڱاين جي اظهار کي حقيقي بڻائي سگهجي ٿو، جن سان ’ڪائنات ‘ فطرت ۽ انسان ’سڀيئي ‘ مالها جيان پوتل آهيون.
مڌر آوازن ۽ مٺن سرن جي دنيا بيٿووين (Beethoven) جيان، ويهين صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي کان سليم خواجا لاءِ بند ٿي چڪي آهي: ٻيئي ’ٻوڙاڻ ‘ جي ظلم جو شڪار ٿيا _ هڪ دنيا کي سريلا سُر، سينفنيون ڏيئي هميشه لاءِ ڏهاڳ ڏيئي هليو ويو، ۽ ٻيو پنهنجي ٻولي جو جادو جڳائيندو رهي ٿو. بيٿووين جيان هن يار کي ڪو به طوفان جهڪائي ڪين سگهيو! بيٿووين جي سونهري سنگيت واري اَپار سمنڊ جون موجون بي انت ۾ وڃي کٽن ٿيون _ ۽ سليم خوجي جون؟ خبر ڪين اٿم.
پر هن يار جي ياري ۽ ڏات تي ويچاريندي هڪ ٻيو نڪتو هيري ڪڻي جيئن اڳيان اچي بيٺو اٿم. ڪتاب انسان جي عقلي احساس جو مظهر آهي ۽ ڏيکاوي حقيقت جي خلاف انسان جو ’ آدرش ‘ به آهي. ڪائناتي ’گونگائپ‘ ۽ ’ٻوڙاڻ‘ جي خلاف سگهارو ’لفظ‘ ۽ ’ڪَنُ‘ آهي؛ آفاقي موت جي راڪاس آڏو امر زندگي جو سونهن ڀريو منظر ۽ انقلابي وشنو چڪر به آهي. (ان ڪري هن جهوني جوڳي وٽ ٻئي هٿيار ’ڪن‘ ۽ ’لفظ‘ پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان هڪيا تڪيا حاضر آهن) اها به ڄاڻ هوندس ته سڀ کان اول پروميٿيئس سورڳ پوري مان وڏف جي ڪاني ذريعي، انسان ذات جي فلاح لاءِ ’اگن‘ آندي هئي ۽ پنهنجي ٻئي دور ۾ ان کي ’جوتي _ سروپ ‘ انسان لاءِ (جنهن ۾ هي جوڳي به آهي) ڪتاب ۾ اوتي ڇڏيو هو.
مون ڏٺو آهي ته سليم خوجو زندگي سان عورت جيان نڀائي ٿو. جيئن عورت جي خوبصورت وجود اندر مخمل جهڙو اڪن ڇڪن ڪندڙنرم گوشو ٿئي ٿو، ۽ ساڳئي وقت فولاد وانگر اڻ مڙ، ۽ هيري جهڙو سخت ڪٽيندڙ پهلو به رهي ٿو؛ پر ڏاهپ ٻنهي سان جڙيو رهڻ جي هدايت ڪندي رهي ٿي؛ ڇو جو ٻيئي هڪجهڙيون ۽ وجود لاءِ لازمي آهن .
شڪارپور اندر هر شئي دنيا کان نرالي لڳندي هئي. ماکي جي مک جي ڀون، ڀون جو انداز اڇوتو ڀاسندو هو. جڏهن گهوڙي، گڏهه جي ’ هڻڪار ‘ ۽ ’هينگ ‘ ۽ ڳئون جي ڳان، ڳان ٻڌبي هئي ته هر ماڻهو اهي آواز انوکي رنگ ۾ رتل ڀائيندو هو؛ جتي خاموشي ۾ به پنهنجا سُر ۽ نغما سمايل هوندا هئا! بلڪه پنهنجي ننڊاکڙي حالت ۾ ڏٺل سپنن ۾ شڪارپور جي لات لوندا ٻڌبا هئا! ۽ هينئر ورڊس ورٿ چواڻي:
”هاڻي ڄاتل صورتون الائجي ڪٿي آهن؟
هاڻي وڻندڙ وڻن جون شبيهون الائجي ڪٿي آهن؟
يا واهه ۽ آسمان، ساوڪ سان ٽمٽار ميدان الائجي ڪٿي آهن؟
صرف ڀوائتا ۽ ديون جهڙا قد بت، جن اندر زندگي وهاميل ڀاسي ٿي، جيڪي ’ انسانن ‘ جيان ڪون پيا ڀاسن، چرُندا پسي سگهجن ٿا!“
ساوڪ سان ڀريل ٻنين اندرهارين جا ڳايل لوڪ گيت جيڪي فطرت جي ڌنين سان سينگاريل ۽ زندگي بخش هوندا هئا. جيڪي پنهنجي مزاج ۽ روپ ۾ مڪمل ۽ الڳ الڳ هوندا هئا. جن جي مڌر آلاپ ۾ من جي تارن کي ڇهندڙ نرالوپڻ هوندو هو _ ۽ اجائي ٺاهه ٺوهه تياري ۽ ٺلهي جذباتيت کان عاري، بيگاري واهه جهڙي مڌر ۽ بي ساخته وهڪ جيان سيراب ڪندا رهندا هئا! اِهي سادا آلاپيل گيت، قديم ماضي جي ڪک مان جنميل ڀاسندا هئا ۽ هلڪڙائپ ۽ ظاهر داري کان وانجهيل! سنگيت جي هڪ نئين فضا، نئين يگ جي خوشخبري ڏيندڙ آلاپ!
ساڌٻيلو منهنجي ڪيمسٽري ۾ رت جيان رچيل ۽ گردش ڪندو رهي ٿو، جنهن جي ياد منهنجي روح جي خلوت ڪدي مان ڪڏهن جهڪي نه ٿيندي آهي. ان جا انيڪ سبب آهن. ان جزيري جو حوا جيان سنڌوندي جي ڪک ۾ جنم وٺڻ، جيڪا سنڌ ڌرتي جي، تاريخ جي دور کان اڳ، ان داتا ۽ اهڙي طرح شهه رڳ رهندي آئي آهي، جيئن نيل ندي مصر لاءِ ڄاتي وڃي ٿي. ان جي سونهن، منفرد حيثيت _ ۽ پوترتا، ان لاءِ، هر طبقي ۽ مذهب سان واڳيل ماڻهوءَ واسطي اڻ کٽ ڇڪ ۽ ڪشش پيدا پئي ڪئي آهي، جيڪا وقت جي ’چال‘ سان وڌندي رهي ٿي. اگر تاريخ جي آئيني ۾ ڏسجي ته انيڪ ٽڙيل پکڙيل صدين کان هند ۽ سنڌ جي ڪئي نام ڪٺين هستين ان جي تقدس جي هڳاءَ سان واسيل ڌرتي تي قدم رکي پاڻ کي وڏ ڀاڳي سمجهڻ ۾ قطعي عار محسوس ڪين ڪيو هو. سورهين صدي عيسوي ۾ هندستان جو مغل شهنشاهه همايون شيرشاهه سوريءَ هٿان شڪست کائي ان طلسماتي جزيري جي سڏ پنڌ تي ٻٻرلوءِ ڀرسان خيما کوڙي پناهه وٺندي ان جو واس ورتو هو. ان بعد مغل شهزادو ڪامران مرزا (همايون جو رٺل ڀاءُ) ان جزيري (ساڌ ٻيلي) جي پناهه ۽ امان ۾ اچي ان جي آسيس ورتي هئي، ۽ بکر جي حاڪم پنهنجي ڌيءَ کي ساڻس پرڻايو هو. ان بعد اوڻويهين ويهين صدي جي ڪرنال جي اُداسين سنت بنکنڊي مهاراج ان کي ’اُداسين سلسلي‘ جو آسٿان بڻائي پنهنجي سڄي حياتي ’جپ تپ‘ ۾ گذاري پرلوڪ پڌاريو. ان بعد ان سلسلي جا ڪيئي ناليرا سنت جهڙوڪ ٻائو هرنام داس، مهاراج گنيشانند وغيره پڻ پنهنجي تپسيا ۽ ڏيا سان ان جي مهانتا ۾ سمائجي ويا.
سنڌ ۽ هند جي ڪيترين ئي عظيم هستين جهڙوڪ مهاتما گانڌي، آچاريه ڪرپالاڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، جئرام داس دولت رام، پروفيسرهاسانند جادوگر، هاسانند پمناڻي، شاعرهوندراج دکايل، کيئلداس فاني،ڪشنچند بيوس،ليکراج عزيز، شهيد هيمون ڪالاڻي، شاعربيدل،بيڪس، ساڌو هيرانند، ساڌو نولراءِ، ديوان ڏيارام گدومل، سيٺ نائون مل، ڄيٺ مل پرسرام، ڀيرو مل مهر چند، لال چند امر ڏنومل، ٽي ايل واسواڻي، ڊاڪٽرگربخشاڻي، پيرحسام الدين راشدي، آغا نظر محمد، شيخ اياز، حفيظ شيخ، تنوير عباسي ۽ ٻين انيڪ مڻيادار شخصيتن ان جي ڌرتي تي پڌارجي پنهنجي جيون ۾ هڪ نئون ۽ منفرد انڀو سمائي سڦلتا پاتي هئي.
ساڳيءَ طرح جيئن سنڌ ساڌ ٻيلي بنان اڻپوري آهي، تيئن اٽلي به ڀونوچ سمنڊ ۾ نيپلس ڀرسان پنهنجي ساحلي جزيري ڪيپري (Capri) جي ’ديومالائي‘ ۽ ’تاريخي‘ حيثيت جي ورنن بنان ٻسي ٻسي ۽ اڌوري ڀاسندي آهي، جنهنجا ليما، شراب ۽ نسواني حسن، رسدار، لڀائيندڙ، غير ملاوٽي ۽ دلڪش آهن.
اهو جزيرو ساڌٻيلي کان پکيڙ ۾ تمام گهڻو وڏو آهي. شهنشاهه تبيريس جي دور ۾ اهو يونان جو پرڳڻو هو ۽ ان تي اصل ۾ ديومالائي ديوتا پان (Pan) جي حڪمراني هئي، جنهن جا پير ٻڪري جي پيرن جيان هئا، ان ڪري ان کي ’ٻڪرين جو ٻيٽ‘ به سڏيندا آهن! ڪيٿولڪ فرقي جي ڪٽر پنٿي راڄ ۾ اهو واحد لامذهب (Pagan) علائقو هو، جتي شراب اعليٰ، شباب لاجواب ۽ سج جي چمڪ، روشني بي مثال ۽ جهجهي ملندي رهي ٿي. نوجوان سهڻين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي اڻ کٽ رسد اترائين ملڪن جي ’رومان پرست‘ جيئڙن کي اڻويهين صدي جي وچ ڌاري پاڻ ڏانهن چقمق جيان پئي ڇڪيو آهي. اِهي ڌنوان جيئڙا ان زميني سرڳپوري تي پنهنجا گهر ٺهرائيندا يا مسواڙ تي وٺندا ڏيکاربا رهن ٿا.
ان ٻيٽ تي ساڌٻيلي جهڙي خوبصورتي، سڳنڌ ۽ پاڻ ڏي ڇڪيندڙ ڪشش ضرور آهي؛ پر، ان جهڙو تقدس ۽ پوترتا بلڪل ڪونهي؛ ڇو جو ساڌٻيلي جي فضائن ۾ بنکنڊي مهاراج، ٻائي هرنام داس، گڻيشانند جون آتمائون انهن مٿان گوتمي، مهاويري ۽ شنڪر آچاروي تياڳ، وئراڳ ۽ نرموهه جا روح ۽ چئني طرفن کان سنڌوءَ جو پوتر جل ديدهه بينا کي هميشه ڇوليون هڻندو نظر اچي ٿو، ليڪن ڪيپري جي ماحول ۾ پورالا انگريز ڌنوان، يورپ جا ’بدراهه‘ فنڪار، آمريڪي هم جنس پرست ولرن جيان پکڙيل ڏسي سگهجن ٿا. هن ٻيٽ تي جرمني جي شاهه قيصر ولهيم ٻئي به ديرو دمايو هو؛ ان بعد ڊي ايڇ لارينس، آسٽروي شاعر رڪلي، فيلڊ مارشل روميل، مسولني جي نام ڪٺئي ناٺي گليزو ڪيئانو، گريسي فيلڊس ۽ لارڊ الفرڊ ڊگلس به ’من موجي‘ پل گذارڻ لاءِ ايندا رهيا هئا. جڏهن آسڪر وائلڊ ريڊنگ جيل ۾ زندگي جي ٽٽل ٻيڙي تي غوتا کائيندو رهيو ان وقت سندس محبوبڙو (لارڊ ڊگلس) ڪيپري ۾ پنهنجي جيون اندر پربهارسڳنڌ اوتيندو نظرايندو هو. ان کان علاوه مشهور جرمن هٿيار فروش صنعتڪار’فرزڪُرپ‘ به ان جزيري تي ’موجون‘ ماڻي خود ڪشي ڪئي هئي. هاڪاري روسي ترقي پسند اديب ميڪسم گورڪي جلاوطني دوران پنهنجو ناليرو انقلابي ناول ’ماءُ‘ ان ٻيٽ تي ئي سرجيو هيو ۽ سندس ساٿي ۽ پيارو دوست ۽ روسي انقلاب جو سرمور ’لينن‘ به ساڻس گڏ جڙتو نانءُ (سگنور ڊرن ڊرن) سان اِتي رهندو هو.
پر، ان طلسماتي ۽ جنتي جزيري جو ورنن شهنشاهه تبيريس جي ذڪر کانسواءِ نامڪمل ۽ بي سوادي ڏيکاربو. ان جزيري تي هن ٻارهن عدد محل جيڪي ٽڪرين ۽ سامونڊي ڪناري تي پُر فضا مقامن تي آباد هئا. هن جي خاص محل جو نانءُ ’ولاجووِس ‘ (Villa Jovis) هيو. هڪ ڪٿ موجب هو ڪردار ۽ طبيعت جي لحاظ کان شرميلو، ڪفايتي، محقق، تنهائي پسند ۽ فن جو قدردان صوفي منش هو! ليڪن ٻي ڪٿ مطابق ان جي برعڪس، هو هڪ ازيت پسند هم جنس پرست هو؛ هُو پنهنجي کٻي هٿ جي آڱر سان تازي پٽيل صوف ۾ آرپارٽنگ ڪري سگهڻ جو اهل يا ڪنهن نوجوان ڇوڪري جي کوپڙي سان ساڳي مُوتمار ويڌن‘ ڪرڻ جي قوت سان لبريز ۽ سرشار هوندو هو! شايد هن ڪيترين سونهن ڀريل نوجوان جانين سان سُرڪسي ڪارناما، انجام ڏيڻ بعد کين سوين فوٽن جي بلندي تان سمنڊ جي ڇوهين ڇولين جي حوالي ڪيو هوندو؟
بهرحال شهنشاهه تبيريس ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ جيان ٻنهي انتهائن جو اهڙو مجسم هو، جنهن کان هڪ ٻي اهڙي تخليق ڪار ’مارڪوئي ڊي سيڊ‘ (Marquis de Sade) ان جزيري تي رهائش دوران اُتساهت ٿيندي ’جسٽين ۽ جيوليٽي‘ نالي شاهڪار تخليق ڪيا هئا ۽ هو به هِن وانگر ٻهروپي شخصيت رکندڙ معروف اديب ٿي گذريو آهي. خاص طور انگريزي ۾ Sadist (ازيت پسند) محاورو (جنسي زيادتي جي حوالي سان) سندس نانءُ سان منسوب آهي.)
مارڪوئي ڊي سيڊ سندس جهڙي ’هلت چلت‘ رکندڙ هڪ فرينچ نوجوان ’جمال پرست‘ دانشور ۽ ’ڪج روي‘ جي ڪردار ’بيرن جي اي فرسين‘ کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو هو ٽپڙ ٻڌي مرحوم شهنشاهه جي ٽڪر تي ٺهيل محل هيٺان پنهنجو سهڻو پرعجيب وغريب بنگلو Villa lyses اڏايو.
فِرسين دراصل سويڊني امير گهراڻي ’لَي بُوفرسين‘ سان رت جي رشتي ذريعي لاڳاپيل هو. ’لَي بُوفرسين‘ اُهو مهم جو شخص هو، جنهن اٺارهين صدي ۾ پنهنجي محبوبا ۽ فرانس جي مهاراڻي مُيري انتونيتي (بادشاهه لوئي سورهين جي زال) ۽ سندس خاندان کي (1893ع) ’وَرينيس‘ جي مقام تي بادشاهه جي دشمنن کان بچائڻ جي بي حد ڪوشش ڪئي هئي پر ڪامياب ڪين ٿي سگهيو!
فرسين، ڪيپري جزيري تي، سمنڊ جي ڇولين سامهون پنهنجي ان بنگلي ۾ ويهي نه صرف اوباشانا شاعري تخليق ڪندو رهيو، بلڪه پنهنجي اطالوي سيڪريٽري اپولوني ذريعي ڄار ۾ ڦاٿل ’ٻنهي جنسن جي مڇين‘ جو شڪار به ڍوَ تي ڪندو رهيو! هتڙي مون کي بمبئي ۾ جوهو جي سامهون ’شام نَواس‘ جي پنجين ماڙ تي نند جويري جي فليٽ ياد پئي اچيم _ چانڊوڪيءَ ۾ سندس بالڪني ۾ ويٺي چنڊ ڏانهن اُتاوليءَ سان اُٿندڙ وروڪڙ ۽ گجندڙ لهرن کي ڏسي کيس چيو هيم ”سندس شاعر ٿيڻ جو راز ڳولهي لڌو اٿم!“
ان بعد فرسين سري لنڪا ويو، جتي سياهه جسمن کان متاثر ٿي ڪري آفيم ۽ هيروئن جي عادت پرايائين.
ان بعد پهرين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کان ٿورو وقت پوءِ هڪ رات پاڻ کي پنهنجن رنگ برنگي ريشمي ڪپڙن ۾ سموئي آفيم جا ڪيئي گرام کائي هٿن جون تريون ڀيڪوڙيندي کوليندي پنهنجي اطالوي اپولوني سيڪريٽري ’نينو‘ جي هنج ۾ مٿو آهليندي آسمان طرف ڊگهي ڇلانگ لڳائي ’عالم برزخ‘ ۾ داخل ٿي ويو!
ڪيپري تي فرسيني ڪٿا کانپوءِ يورپ جي مشهور شخصيت ’ايڪسيل منٿي‘ (Axel Munthe) ۽ سندس سدا ٻهڳڻي ڪلينڪ ۽ ان سان ڳنڍيل رنگين چرچ جو ذڪر نه ڪرڻ وڏي ناانصافي ٿيندي. منٿي اصل ۾ سويڊن جو رهاڪو هو، ننڍي ڄمار ۾ پيرس مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪري، ذهني بيمارين جي علاج لاءِ هيپناٽزم جو نئون ۽ انوکو طريقو ڳولي لڌو هئائين. هن جي شخصيت جيتري پرڪشش، هردل عزيز، فراست سان ڀريل هئي، اوتري ئي ’پلنگ جي البيلاين‘ ۾ لاثاني به هئي.
هن انساني فلاح جي آدرش کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪيپري جزيري تي شهنشاهه تبيريس ۽ فرسين جي پراسرار رهائشگاهن جي ڀرسان پنهنجي مٿي ڄاڻايل ڪلينڪ ۽ رهائشگاهه انهن کان به وڌيڪ جاذب نظر ۽ لاڀدائڪ ٺهرايون، جن اندر دنيا جون نادر قيمتي شيون، اصل ۽ نقلي پينٽنگز، سنگتراشي جي فن جا اعليٰ مجسما خريد ڪري انهن سان کين سينگاري سونهن وڌائي بي انتها پرڪشش بڻايو ويو هو.
هن جي هٿ ۾ قدرت ايڏي ته شفا رکي هئي جو ڏوراهن ڏيهن کان، خاص طور، ملڪن جا بادشاهه، راڻيون، اميرن جون بيگمات علاج خاطر ڪهي اينديون هيون.انهن ۾سويڊن جي مهاراڻي وڪٽوريه، آسٽريا جي شهنشاهه جي راڻي ايلزبيٿ، حتيڪ روس جي زارينه پنهنجي مرڻينگ پٽ ’زاريوچ‘ جو علاج به کانئس ڪرائيندي هڪ لڱا کيس اغوا ڪري روس وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين پر ڪامياب ڪون ٿي سگهي _ ۽ ان بعد ’جنسي رڇ‘ راسپوتين جي ور چڙهي وئي هئي! هن جي طريقي علاج ۾ هيپٽانزم جي اڇوتي فن کان علاوه ڪيپري جي نرالي سونهن، اتان جي پهاڙين ۽ سمنڊ جا دلفريب منظر ۽ ’ڪلينڪ‘ جي ’پراسراريت‘ جو به وڏو عمل دخل هيو. ان کانسواءِ سن 1884ع ۾ نيپلز ۾ ڪالرا جي وبا دوران هُن اُتي پيڙجندڙ عوام جي جانفشاني سان خدمت ڪري نانءُ ڪمايو. سن 1889ع ۾ روم اندر شاعر ڪيٽس جي اڳوڻي گهر ۾ به پنهنجي پرئڪٽس شروع ڪئي هئي، ليڪن سندس خاص هنڌ ڪيپري ۾ ’سين مائيڪل ڪلينڪ‘ (Villa san Michele) هوندو هو. هن جي متي ۾ هيءَ نڪتو اهم ۽ دلچسپ هو، ”اميرن کي جڳائي ته غريبن جي علاج جو خرچ برداشت ڪرين!“ آمريڪا مان ڊاڪٽر ’ويئر مچل‘ ويانا مان نفسيات جو مشهور ماهر پروفيسر ڪرافٽ ايبنگ وغيره کيس ’بيماراميرن‘ جي رسد برابر جاري رکندا رهيا.
منٿي جي ارڏاين کان علاوه سندس ٻه خوبيون هيرن ۾ پوئڻ جهڙيون آهن: هڪ ته هو ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي فطري ڏات جو مالڪ هو، جن ۾ زمين دوز خزانن جا قصا، ماڻهن جي چريائپ جا احوال، مصري اهرامن اندر ڪفن ۾ ويڙهيل مڙهن جهڙيون داستانون، پادرين جي جنسي قلابازين جون ڳالهيون، ’شوق‘ کان عاري اميراڻين، ۽ باهه جيان ڄرڪندڙ طوائفن جا افسانه وغيرهه. اهي سڀ زباني طور ۽ ڪتابي صورت ۾ به سندس بيحد دلچسپ ۽ جڳ مشهور آتم ڪٿا، ’سين مائيڪل جي ڪهاڻي‘ (The story of San Michele) ۾ درج ٿيل آهي. اهو ڪتاب دنيا ۾ سندس ڪلينڪ جيان ايڏو ته مقبول ٿيو هو جو ان جو ترجمو پنجونجاهه زبانن ۾ ٿي چڪو هو ۽ اڃا تائين عظيم تخليقي شاهڪارن ۾ شمار ٿيندو رهي ٿو ۽ ٻيو ته منٿي جانورن ۽ پکين سان چاهه، لڳاءُ ۽ محبت جو اهڙو مثال قائم ڪيو جنهن جهڙو ڪو ٻيو گهٽ نظر ايندو! هن هڪ ڀيري جان جو جوکو کڻي هڪ ازيت پرست آمريڪي کان هڪ مم کي بچايو هو. ٻئي دفعي دوبدو مقابلي ۾ هڪ فرانسيسي امير جو ذري گهٽ انت آندو هئائين، جنهن سندس ڪتي کي اهڙي ته موتمار لت هنئي جو کيس مجبوري طور، گولي هڻي ماريو ويو. ڪيپري جي ننڍي ڳوٺڙي ’اناڪيپري‘ جي هڪ ڪاسائي خلاف هن نه ختم ٿيندڙ جنگ جاري رکي هئي جيڪو ’موسمي پکين‘ کي ڦاسائي گرم سين ذريعي کين انڌو ڪري ڳائڻ تي مجبور ڪندو هو! آخر ۾ هن هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو! هو اٽلي جي تاناشاهه مسولني کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن ڪيپري ٻيٽ کي ’پکين جي پناهه گاهه‘ بڻائڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو!
سويڊن جي بادشاهه جو ننڍو پٽ شهزادو ’يوجين برنار ڊوٽي‘ سندس گهرو دوست هو، جيڪو پيرس ۾ بوهيمين زندگي گهارڻ جو عادي ٿي چڪو هو. هن جي مشهور اديبن موپسان ۽ اسٽرنبرگ سان به گهرائپ هئي.
يوجين برنار ڊوٽي جي شخصيت تي سوچيندي مون کي سکر جي سٺ واري ڏهاڪي (گذريل صدي) جو اهو دور ياد پيو اچيم، جڏهن ڪيف ايران وارن دوستن جي گڏيل دوست ’مونس‘ ساڳي بوهيمين زندگي گذاري هئي. پر هو فن جو سچو، سيبتو، سلجهيل، گهري ڄاڻ رکندڙ پارکو به هيو. هن جو بوهيمين انداز ائين لڳندو هو ڄڻ ڄائي ڄم کان ورثي ۾ پلئه پيو هئس، جنهن اندر اُٻٿ بجاءِ من موهيندڙ ڪشش هوندي هئي! کيس ڏسي تاريخ جي پنن تي ڦهليل تخليقي عمل جا عظيم ۽ امر بوهيمين ياد ايندا هئا. آرٿر رامبو، پال ورلين، مجاز، موپسان، سيفو، آسڪروائلڊ، ڪلار ازيٽڪن، نطشي ۽ انيڪ ٻيا.
منٿي جي مٿي ڄاڻايل آتم ڪٿا ۾ ڪهاڻيون پڙهي ٻه ٻيا ڊاڪٽر جيڪي بعد ۾ امر اديب بڻيا، ذهن جي پردي تي اُڀري آيا آهن. انگريزي ٻولي جو سمرسيٽ ماهم ۽ روسي زبان جو اينتن چيخوف، هي ٻيئي پڻ ڪهاڻي يا ناول جي اڻت ۾ ادب جي چمڪندڙ ستارن مان ليکيا وڃن ٿا. هنن ٽنهي جون آتم ڪٿائون آسڪر وائلڊ چواڻي ”ضمير حاضر واحد جي ڪجهه خامين کان پاڪ قرار نه ٿيون ڏئي سگهجن، “ پر، ان جي باوجود لاجواب ۽ دلچسپ آهن.
ٻي مهاڀاري لڙائي دوران 1943ع ۾ هن کي مجبوري ۾ اٽلي ڇڏڻي پئي ۽ اسٽاڪ هوم وسائڻو پيو. حالانڪه هٽلر جو گهرو دوست ۽ ساٿي ’هرمن گوئرنگ‘ سندس متربه هو پر’نازي‘ بي ڀروسي واري جنس هئي. ڊينمارڪ جو بادشاهه ’گستاوَ پنجون ‘ سندس ويجهو دوست هو، جنهن کيس پنهنجي محل ۾ رهايو. سن 1949ع ڌاري سندس هنس نما پکيئڙو هميشه لاءِ آسمانن جي وسعتن ۾ اُڏري نڄاڻان ڪيڏانهن گم ٿي ويو!
سندس موت بعد ’انا ڪيپري‘ جي ڪجهه رهواسين جيڪي ڪجهه ’ڪارڻن‘ ڪري کيس پسند ڪين ڪندا هئا، مشهور ڪيو ته ”جيئن ته سندس وار ڳاڙها ۽ منهن گهوڙي جيان هو ۽ پنهنجي زندگي ۾ سندن چواڻي_ هن اڌ انا ڪيپري کي ڍڪو ڪيو هو ۽ جڏهن ڪو اهڙي صورت وارو ٻار نظر ايندو هين ته کيس گهوڙ_ منهون سڏيندا هئا!“ باقي سموري ڪيپري جا رهواسي کيس دلچسپ انسان، ماحوليات کي آلودگي کان بچائڻ واري عظيم آتما، ڪيپري ۾ ’سونهن ۽ صحت‘ جي سرجڻ هار طور ياد ڪندا رهيا.
مٿي ڄاڻايل ٻيئي شخصيتون عجيب، سودائي ۽ جنسي قلابازين جون استاد ليکجن ٿيون پر، هنن کان وڌيڪ ريچڪي، ذهين، دنيادار، ڍونگي، ۽ جنسي بي راهه روي جي شڪار شخصيت ’ڪرزيو ملاپارتي‘ (Curzio Malaparte) جي هئي، جيڪو اديب، فوجي، صحافي، ماهر تعميرات، سياستدان (ڪميونسٽ ۽ فاشسٽ) ۽ ناليرو جنس پرست هو. دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ وقت بوقت بسيرو ڪيو هئائين ۽ وڏين هستين جهڙوڪ هٽلر، مسوليني، گرامچي، مشهور سينيٽر ۽ اخباري مالڪ ۽ فيئاٽ (Fiat) ڪمپني جي چيئرمين گيئوواني ايجنيلي، هيمنگوي، لينن، جي ڪيئانو، ايزرا پائونڊ، البرٽوموراويا، ماريوپراز، پال ايلوئرڊ، ريشمنسٽر فرئنڪ (ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ پولنڊ جو قاتل!) هر هملر، البرٽ ڪامو، سارتر وغيره سان دوستيون، تعلق، ۽ ڍلا ڍلا ناتا به هوندا هئس. سن 40_1938ع ۾ ڪيپري جزيري جي هڪ شانت ڪنڊ تي پنهنجي ذات جهڙو انوکو ۽ اچرج ۾ وجهندڙ بنگلو تعمير ڪرايو هئائين، جنهن کي مغربي دنيا اندر حيرت سان ڏٺو ويندو هو. اهو ائين لڳندو هو ڄڻ ’هومر‘ جو آگبوٽ سمنڊ تان سُڪيءَ تي چڙهي آيو هو يا تاريخ کان اڳ جي دور ۾ ڪو وساريل ماضي جو گهر يا ڪا تجريدي رهائشگاهه، يا ڪنهن فاشسٽ جو محل يا چريائپ جي دنيا کان ڏور شهنشاهه تبيريس جي پناهه گاهه يا ڪنهن وئراڳي جي ڪٽيا ۽ يا يگن کان ڪنهن پياسي ڪئسونووا جو آسٿان! اِهو بنگلو سندس جيان سخت گير ياسيت ۾ ويڙهيل، پرولي جيان ڀاسندو هو.
سندس پيءُ جرمن صنعتڪار، ماءُ فلورينسي بلبل ۽ پاڻ لاٽون جيئن ڦرڻو گهرڻو جيئڙو هو! پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿي ڪري آسٽريا ۽ بلگني جي محاظن تي لڙيو هو ۽ زخمي به ٿيو هو. جنگ کانپوءِ هڪ ئي وقت صحافي ۽ فاشي بڻيو ۽ روم ۾ هنن (فاشين) جي پهرين پڌرنامي تي تصديق ڪندي صحيح ڪئي هئائين. مشهور اطالوي ڪميونسٽ اديب (گرامچي) سندس ٽرڙائپ ۽ سانڊي جهڙي رنگ مٽائيندڙ عادت پرکي چيو هو، ”هو پنهنجي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪائي به وڏي حرڪت ڪري دوکو ڏيئي سگهي ٿو.“
ملاپارتي پاڻ کي هميشه ’ٽي اي لارينس‘ ۽ ’آندري مارلو‘ وانگر مرد مجاهد به تصور ڪندو رهيو. هُنَنَ جي اِن ڏيا ۽ ليجندڙي رنگ کي پنهنجي ذاتي ناموس لاءِ استعمال ڪندي ڪڏهن ڪين گٿو. جڏهن عمل جو سمئي ايندو هو ته جوکم ۾ ڀاڳ وٺڻ بجاءِ ادبي ٽيڪا ڪار بڻجندي دير نه ڪندو هو! پر سندس نگاهه دوربين هئي، مسوليني جي ڇسائپ پرکي، سندس ناموزون انداز کي ناپسند ڪندي هن اقتدار ۾ موجود شخصيتن جو مذاق اڏائڻ شروع ڪيو. سڀ کان پهرين مسوليني جي ٽاين جي سلسلي ۾ بيهودي ’چونڊ ‘ تي چٿرون ڪيائين. ڊڪٽيٽر کيس معافي وٺڻ لاءِ پنهنجي آفيس طلب ڪيو! واپس ويندي نمرتا سان ڪجهه چوڻ جي اجازت طلب ڪيائين، جيڪا کيس ڏني وئي.
چيائينس: ”اڄ به توهان بيهودي قسم جي ٽاءِ پاتي آهي!“
ملاپارتي ’شهزادين ‘ ۽ ’هارياڻين ‘ مٿان ٻلهاري ويندو هو، اِهي سندس ’ولوڙ‘ ۽ ’اُڇل‘ واري طبيعت جا مرڪزي عنصر هئا! هم جنس پرستي ۽ پنهنجي بي رنگي پس منظر کان سخت چڙ ۽ حقارت هئس. سٺن، ديدهه زيب ڪپڙن پهرڻ جو شوقين هو. آسڪر وائلڊ جيان گفتگو تي ڇائنجي ماڻهن کي منڊي ڇڏڻ جي فن ۾ لاجواب مقام حاصل ڪيو هئائين. فيئاٽ ڪمپني جي چيئرمين ’اجنيلي‘ جيڪو فاشسٽ راڄ کي ناپسند ڪندو هو، کانئنس متاثر ٿي کيس پنهنجي اخبار ’دي اسٽئمپا‘ جو مکيه ايڊيٽر مقرر ڪيائين جنهن کي هن ٻن ورهين تائين پنهنجي ذاتي ناموس ۽ فائدي لاءِ تمام گهڻو استعمال ڪيو.
هن ويهين صدي جي جنگين ۽ انقلابن بابت هڪ منفرد ۽ اڇوتو خيال پيش ڪيو هو ته ”اِهي بورجوادي سرمائداري اندر موجود تضادن جي نتيجي جي پيداوار ڪين هئا، بلڪه بورجوادي ۾ جيڪو ساڙ ۽ ڪراهت جو مواد موجود هو، ان جي نتيجي جي پيداوار هئا.“ ”روسي انقلاب هڪ يورپي منظرنامو هو، لينن ڪو نئون ايشيائي چنگيز خان ڪين هو، بلڪه هو هڪ بزدل ۽ جنوني بورجوادي ڪارڪن هيو!“ اهو نظريو پنهنجي ڪتاب ’انقلابي سازش جو طريقو‘ (1931ع) ۾ پيش ڪيو هو. نازي پارٽي جي اقتدار سنڀالڻ کان ٻه ورهيه اڳ ان ڪتاب جي آخري باب جو دلچسپ عنوان هيو ”هٽلر: هڪ زناني جنس!“
”هُو هڪ ٿلهو متارو، ڦڙٻاٽي آسٽريائي آهي. سندس اکين مان سختي ۽ بي اعتباري بکي ٿي. هن جون خواهشون اڻٽر ۽ رٿون ريچڪي آهن. سندس لاڙو سڀني آسٽريائي رهواسين جيئن قديم رومي سورمن ڏانهن لڙيل ڏيکارجي ٿو.
هن جو هيرو جيولس سيزر آهي،
ليڪن پاڻ مسوليني جو ڪارٽون ڀاسي ٿو!
هٽلر جي جبلت زناني آهي، هن جي ذهانت، هن جا ارادا، بلڪه هن جي قوت ارادي پڻ مردانگي کان وانجهيل ڏيکارجي ٿي.
تاناشاهي......پنهنجي سڀني ڏيکن: سياسي، اخلاقي، دانشورانا جي لحاظ کان ساڙ ۽ حسد جو مڪمل مظهر ٿئي ٿي ۽،
هٽلر: هڪ عورت! جرمني ان اعزاز جو صحيح حقدار آهي!“
اِهو خاڪو پڙهي مسوليني به ناراض ٿيو هو ۽ ملا پارتي چواڻي،”هٽلرمنهنجي سر جي طلب ڪئي هئي ۽ اهو کيس ڏنو ويو!“ سن 1939ع ڌاري پيرس مان واپس ايندي فاشي سپاهين کيس گرفتار ڪري خوب ماريو ڪٽيو هو، ۽ جيل ۾ بند ڪري ڪيس هلائي پنجن سالن لاءِ ’ليپاري جزيري‘ ڏانهن جلاوطن ڪري اُماڻيو ويو هو.
ملاپارتي، مهذب دنيا کان ڏور ان اوجهڙ جزيري ۾ پنهنجي پنجن سالن جي جلاوطني سڦلائتي انداز ۾ گذاري. هن هومر، افلاطون ۽ ڪئي ٻيا ڪلاسيڪي ڏاهپ _ ڌڻي پڙهيا ۽ پرجهيا، جانورن ۾ ڪتن سان گهڻي سنگت رکيائين.
سندس جلاوطني تي ويچاريندي مون کي پنهنجي جيلي جيوت (1965ع) ياد اچي وئي اٿم. جيل جي مضبوط اُتاهين چوديواري ۽ بيرڪن جي محدود ڇتين ٻاهران بي ڪنار آسمان پتڪڙو ۽ انهن جي پٺيان وهندڙ روهڙي ڪئنال _ يا ڀرسان ئي موجون هڻندڙ مهراڻ تڇ ڀاسندا هئا. حالانڪه اسان جي بيرڪ تقريبن سٺ فوٽ ڊگهي، ٻارهن فوٽ ويڪري ۽ ٻنهي اوڀرائين ۽ اولهائين پاسن کان هوا ۽ روشني لاءِ ٿلهين سيخن واريون پنج پنج دريون هونديون هيون ۽ ان اندر اسين پنجاهه ’سي‘ ڪلاس جا نظربند الڳ الڳ طبيعتن مطابق: شانت، تيسي، ساڙ، غيبت، ڪروڌ، ڪام واسنائن ۽ هڪٻئي سان اجايوسجايواُلجهندي،خاص طور شهدادڪوٽ جي کيئلداس (زميندار) ۽ مهاراج گوپي ڪرشن (وينا شرنگي جو پتا) جون چڪريون ۽ هڪٻئي سان ڏند ڏيڻ تاريخي ۽ اٻٿ آڻيندڙهونديون هيون _ گذاريندا هئاسون. صرف اياز، سوڀو، ديوان هولارام، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، سيٺ پريم چند، ڪروڙي مل، ڪاڪو رامچند پريس وارو ۽ راقم الروف اهڙي ڪني ۽ ڪرڀائتي منظر کان ڏور هوندا هئاسون. اسان جي بيرڪ جي آسپاس خون ۽ ٻين ڀيانڪ ڏوهن هيٺ جنم ٽيپ گذاريندڙ رهزن _ جن کي اسان مٿان نظرداري لاءِ ڳجهيءَ طور چيل هو، اجگر جيان ڦهليل هوندا هئا! صبح جو ڇهين بجي بيرڪ جو شاهي لوهائون دروازو کلندو هو ۽ شام جو ڇهين بجي، اسان کي جانورن جيان واڙي بند ڪيو ويندو هو! ماني پنهنجي هٿن سان تيار ڪندا هئاسون. منهنجي وزن ۾ چڱي چوکي لاٿ اچي وئي هئي، جنهن جي لک ئي ڪين رکيم. جيلي جيوت اِهو به سيکاريو ته ’خطرناڪ ڏوهي‘ ۽ ’ساڌوءَ جو آچار‘ رکندڙ روحن ڏانهن هڪ جهڙو ڌيان ڏيڻ جڳائي، پر بدمعاشي ۽ ’ساڌپڻي‘ کي ساڳئي درجي ۽ مان واري آستان تي ڪين رکجي. پر، ظالم کي سيکت ڏيڻ مهل انصاف ۽ ديا جي دامن کي هٿان قطعي نه ڇڏجي وغيرهه.
پر، مون کي پنهنجي اسپرٽ هر نئين ڏينهن جي وجود سان بي چين ۽ بي انت ڀاسندي هئم. ’بي انت‘ جي باطني موجودگي ان کي ڪلپنائي طور ’مادي‘ روپ بخشي، حقيقي لامحدود ’خلا ‘ ۽ ’مڪان‘ لاءِ هڪ انوکي قسم جو غم، ياسيت ۽ پياس جي چاهت پيدا ڪندي رهندي هئي. پياس يا ترشنا ۾ جيئڻ صوفين جي سوچ کي ڪيڏو نه قريب تر آهي!
جلاوطني جي هڪ سال بعد ملاپارتي جي مخلص دوست ’ڪيئانو‘ (مسوليني جو ناٺي) ڪنهن رمز سان کيس ان اوجهڙ جڳهه تان هڪٻئي سرسبز مقام تي موڪلرايو، جتي هن پڙهڻ سان گڏ لکڻ جي ڪرت به جاري رکي.
پنجن سالن جي جلاوطني ختم ڪري هن ڪيپري جي رمڻيڪ آسٿان تي پنهنجو اڌڀت بنگلو تعمير ڪرايو هو جنهن جو ذڪر اڳ ئي ٿي چڪو آهي. ان جزيري تي هن Prospective نالي هڪ ثقافتي رسالو به جاري ڪيو، جيڪو تجريديت جي خلاف هيو.
اٿوپيا جي جنگ دوران هُو صحافي جي حيثيت سان جنگي محاذ تي به ويو ۽ مسوليني جي حق ۾ ڪالم لکندو رهيو! ذڪر ڪيل گهر ۾ رهڻ دوران هو اڪيلو آڳر ۾، نيم انوسار، يوگا جا عجيب آسڻ ڪندو هو ۽ سندس ’محبوبائن جو ٽولو‘ کيس کُڏ تان بيهي پيار ۽ چاهت سان تڪيندو رهندو هو! ملاپارتي جنس ۽ جنسي عمل کي سنجيدهه ۽ پوتر ڪرم ڪري ليکيندو هو، ڄڻ اهڙي عمل دوران ڪالي ديوي جي مورتي تي ٻلي چاڙهيندو هجي! سندس بيڊ روم جي ڀتين تي ڪاليءَ جهڙي سڊول اٿوپيائي سندرين جا بي لباس چتر ۽ فرش جي ٽائلس تي اوريفيس (Orpheus) جي بانسري اُڪريل هوندي هئي!
ٻي مهاڀاري لڙائي دوران اٽلي جي شموليت بعد ملا پارتي ’ڪيئانو‘ جي صلاح سان فوجي وردي پهري ڪيپٽن جو منسب اختيار ڪري صحافي جي حيثيت ۾ اٽلي جي يونان تي چڙهائي جي منظرڪشي ڪئي، ان بعد روسي محاذ جو جائزو ورتو ۽ اهڙي طرح پنهنجي چالاڪي ۽ چترائي سان ’مٿين‘ نازي حلقن ۾ به مقبوليت حاصل ڪيائين. پولنڊ جي نازي چيف فرئنڪ سان ياري ڳنڍي وارسا جي دردناڪ حالت پسيائين. يوڪرائين ۾ نازين جي زيادتين ۽ ارهه زوراين جو نقشو چٽيائين.
سندس ڪالم ۽ مضمون ڳجهي طور سموري دنيا ۾ پهچندا هئا جن منجهان هٽلر جي آخري تباهي ۽ پڄاڻي جا اشارا چٽائي سان پسبا هئا. گسٽاپو مسوليني تي واضح ڪيو ته کيس ڊسمس ڪيو وڃي پر لڳي ٿو ته هو پاڻ نازين کان ناخوش هو ان ڪري ملا پارتي کي فنلئنڊ_ روس واري محاذ تي موڪليو ويو. سن 1943ع ۾ مسوليني جي زوال بعد ملاپارتي ڪيپري اندر پنهنجي پناهه گاهه Casa Come Me جي آغوش اچي ورتي، ۽ ان وچ ۾ آمريڪي فوجون پڻ اٽلي اندر داخل ٿي چڪيون هيون.
ملاپارتي پنهنجي آتم ڪٿائي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته ”جرمني جي قبضي وارو يورپ ائين ڀاسندو هو ڄڻ ’موت جي ناچ‘ جي خوفناڪ ڊيڄاريندڙ چٽسالي ۾ سمائبو پيو وڃي!“
ان بعد گهڻين لاهين چاڙهين کانپوءِ ملاپارتي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، ڪجهه وقت کانپوءِ ان کان مايوس ٿي فرانس هليو ويو ۽ فرانس ۾ پڻ ڪامو ۽ سارتر جي فضا ڪين آئڙيس ۽ لنڊن کان ٿيندو اٽلي اچي سهڙيو، جتي جي ادبي محفلن ۾ هڪ ’ڇوڪري نما‘ ڇوڪريءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري، حصو وٺندو هو. سن 1956ع ۾ روس ۽ چين جي دوري تي روانو ٿيو ۽ سنجيده قسم جون لکڻيون شروع ڪيائين.
چين جي دوري دوران کيس ڦڦڙن جو سرطان وچڙي ويس، ۽ موت جي بستري تي ڪيٿولڪ فرقي ۾ شامل ٿي پادري کان دعا گهرايائين، دعا گهرڻ وقت هن پنهنجي نجات دهندهه طور ”حضرت عيسيٰ، پامپئيائي جي ميڊونا ۽ لينن کي ياد ڪيو!“
ملاپارتي ۽ شيخ اياز جي زندگي ۽ عمل ۾ ڪيڏي نه مشابهت ۽ هڪجهڙائي آهي پر پهريون ’اصل‘ آهي ۽ ٻيو ان جي ڌنڌلي ڪاري ڪاپي!
روسي _ يوناني ڏندڪٿائي لوڪ ڪهاڻي موجب ٽن ڪنڊن وارو سهڻو ٻيٽ ’سسلي‘ مشهور باغي ۽ طاقتور دئيت ’ٽائفيئس‘ (Typhus) جي بي حساب وڏي ڇپ جهڙي جسم تي قائم آهي! هن هڪ ڀيري سورڳ پوري ۾ ديوتائن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي جرئت ڪئي هئي، جنهن ڪري کيس اِها سزا ڏني وئي. سندس مٿي تي مشهور آتش فشان پهاڙ ايٽنا (Etna) کتل آهي.
هڪ ڪلپنائي لوڪ ڪٿا موجب سکر ۾ سنڌوءَ اندر اتيت رمڻيڪ آسٿان ساڌ ٻيلي ٻيٽ جي اولهائين ۽ اوڀرائين حصي جي اونهين پاڙن ۾ احمد شاهه ابدالي ۽ نادرشاهه جا مڙهه پوريل آهن _ ۽ انهن مٿان ان جو ’ٻوجهه‘ قائم آهي! چيو وڃي ٿو ته هند ۽ سنڌ اندر سندن غيرانساني ڪرمن (قتلام، ڦرلٽ ۽ تباهه ڪاري) سبب ديوتائون، ولي ۽ سنت دلي طور بي انت دُکي ٿيا هئا ۽ ان ڪارڻ کين اِها سزا ڏني وئي هئي.
پر، ساڌ ٻيلي جي ڪشادي ۽ سوڀيا واري پيشاني تي جُهومر جيئن سدا روشن ڏياٽيون جهلمل ڪنديون رهن ٿيون ۽ سنڌوءَ جي لهرن تي انهن جو ٻهه ٻهه عڪس’مقدس علامت‘ جو درجو رکي ٿو.
ڪڏهن سوچ جي ساگر ۾ تڙڳندي سکر جي وڃائجڻ جو شديد احساس انڪري ڪون پيدا ٿيندو اٿم ته ساڻس واڳيل موهيندڙ ماڻهن کي پنهنجي ’قلم ۽ ياد‘ ذريعي ڳولهيندو رهان ٿو، بلڪه ان سموري ’رنگ روپ‘ کي ڦولهيندو رهندو آهيان، جيڪو پنهنجي سڄي غير روائتي، فطري ’هلت چلت‘ ۽ ’غير رسمي‘ وهنوار هڪ ’نرالي خوشي‘ جي شاندار نشي آور فني ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل رهندو هو! سکر جي سادن ۽ سيبتن رهواسين کي اها ڄاڻ به ڪونه هوندي هئي ته اهو آسٿان ايڏو مهان ۽ ڏيا وارو هيو! منهنجي شعوري خمير ۾ ساکرو سماج جا اولڙا ۽ پڙاڏا شاهه لطيف جي شاعري جي اسلوب ۽ معنيٰ جيئن گونجندا رهن ٿا. هتان جا سڀ جيوَ هڪٻئي کي گهري پنهنجائپ سان ڄاڻندا، سمجهندا _ چاهيندا هئا. کل خوشي، آنند ۽ پريم هن شهر جي گهٽي گهٽي ۾ ائين گردش ڪندو هو، جيئن جسم ۾ رت! ساکرو جيوَ هڪ جذباتي قوم جيان ’پل ‘ جي سواد ۾ جيئندا هئا. منجهن شڪتي، ڀڳتي ۽ لگن بي حساب هئي! انڪري وشواس سان چئي سگهجي ٿو ته، ”محبت جا متا دليل جي قاعدن کان وڌيڪ مٿانها ۽ معتبر آهن!“ سکر جي سانتيڪي ۽ غير رسمي وهنوار ۽ هلت منهنجي روح کي هميشه لاءِ موهي وڌو آهي. سکر سان ’پريم ‘ کانسواءِ ٻيو ڪو خيال ڪين اُڀري سگهيو آهي. ان چوڻ ۾ وڌاءُ ڪين ٿيندو ته سکر ۾ موت جي قربت به ان کي ذائقي دار بڻائي هڪ انوکي لذت سان هم آهنگ ڪندي!
ان دور ۾ (55_1954ع) ادبي گڏجاڻين، مباحثن، فڪري قلابازين ۽ هلڪي ڦلڪي موج مستين جا آکاڙا سکر جا ٻه ڪيفيز (Cafes) ڪيف ايران ۽ ڪيف نشاط هوندا هئا، جڏهن رات جو ٻارهين بجي ڌاري بيرن ذريعي بتين وسائڻ ۽ ٻهاري ڏيڻ جو گڏيل عمل شروع ٿيندو هو ته اسين بي دلي سان ڳُورن قدمن ذريعي دروازن مان نڪري، دونهاٽيل اکيون کڻي پنهنجي ماڳن ڏانهن اُسهندا هئا سون، جيتوڻيڪ مون نه محبت جي رس چکي هئي ۽ نه وري ڪنهن خاص جيوَ ۾ دلچسپي هئم، پر ان جي باوجود اهي غير رواجي روايتون ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ لئه، سُر، تال منهنجي يادداشت اندر اڄ ڏينهن تائين ’مڌر سرن‘ ۾ گونجندا رهن ٿا ۽ تازا ۽ شاداب آهن.
هتڙي سکر ساريندي منهنجي يادن مان ڪيف ايران واري ڀاڳ ۾ اٽلي جو هڪ اهڙوئي روح پرور ڪيف ذهن تي تري آيو آهي، ’ڪيف ٽورٽوني‘ (Cafe Tortoni) مشهور دانشور ’ويلوني ‘ (Velloni) سن 1800ع ۾ روم جي هڪ مشهور سڙڪ ’بولوارڊ ڊي اٽالينس‘ تي قائم ڪيو هو، جيڪو ان دور جي مشهور فنڪارن، اديبن _ سياستدانن جي گڏجاڻي، مباحثي جي مکيه بيٺڪ ۽ اڏو ليکبو هو. ان جو سمورو انتظام ’ٽورٽوني‘ نالي پنهنجي فن ۾ يڪتا شيف جي حوالي سان هوندو هو. اِهو ڪيف اوڻويهين صدي جي آخر تائين ڪنهن حسينه جي پيشاني تي بنديا جيان چمڪندو رهيو.
ان کان علاوه فلورنس (اٽلي) ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي کان اڳ ريڊ ڪوٽس ڪيف (Redcoats cafe) به پنهنجي دور جي اديبن، دانشورن جي باقاعده گڏجاڻين جو مشهور مرڪز هوندو هو. ان ڪيف ۾ سانڊي جيان رنگ مٽائيندڙ اديب، فوجي، صحافي ۽ دانشور ڪُرزيئو ملا پارتي (Curzio Malaparte) ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو باني ميمبر ۽ اديب ’انتونيو‘ ’گرامچي‘ ’البرٽو موراويا‘ ’ماريئوپراز ‘’ڊي چيريڪو‘ ۽ ٻيا ڪيئي گرم دماغ وارا ڏاها عمل جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ هر وقت موجود ۽ ’تيار ‘ هوندا هئا. ان وقت (1913ع) يورپ ۾ امن ۽ شانتي جو راڄ هو، انڪري هر ڪوئي ان (شانتي) کي امرتا جي روپ ۾ پسڻ جو عادي بڻجي چڪو هو، ليڪن ڪجهه وقت بعد اها سوچ خام خيال ثابت ٿي.
هينئر اڄوڪو سکر (2009ع) ٻهروپيو ٿي ويو آهي _ جنهن جي نسن ۾ خوف، هراس، بدبوءِ گردش پئي ڪري. هڪ کسجي، لٽجي ويل شهر، بيٺڪيت جو مجسم گهٽين اندر ماڻهن جو نه، بلڪه يوناني پاتال (Hades) ۾ رهندڙ جنن ڀوتن جو واسو ٿي ويو آهي! بي وزنائتا، گوشت پوست، هڏن ۽ رت جي نظام کان وانجهيل سُوتلي جيئن سنهڙا سيپڪڙا يا پاتال ۾ رهندڙ رت پياڪ ۽ خوفناڪ ٽه منهين ڪتي جهڙا! انهن جيوَن جون ساٿڻيون ڏائڻين (Furies) جيان بدي ۽ بدصورتي جي علامت ڀاسنديون آهن!! سهڻن، انسان دوست ديوتائن ۽ ڪجلي نيڻن وارين ديوين جي سموري شڪتي ڄڻ انهن ڪوجهن بدروحن (ظاهري طور انساني شڪل اندر) ۾ منتقل ٿي ويئي آهي!
ننڍپڻ، بلڪه ٻالڪپڻ جي جنسي زندگي کان نپٽ خالي، پريم واري وهڪ ۾ جيڪو آنند، اتساهه ۽ لذت ٿئي ٿي، سا منهنجي انڀو مطابق جواني يا پڪي عمر جي، جنسي ملاوٽ واري محبت ۾ ملڻ ناممڪن ته ڪونهي پر مشڪل ضرور آهي. رابرٽ لوئي اسٽيونسن جي زندگي، ڪنهن حد تائين مون کي ’پنهنجو جيون‘ ڀاسندي آهي. سکر جي بوهيمين فني ۽ ادبي ٽور، جنهن اندر ’بگاڙ ‘ ۽ ’ڪج روي‘ جا موقعا ۽ محفلون هونديون هيون، پر، عجب آهي جو بگاڙ جي بجاءِ انهن زندگي ۾ سنوت، سونهن ۽ سرهائي ڀري ڇڏي هئي! سکر جي اُن دور ۾ تن آساني، نعمتن جي جهجهائي هوندي هئي، ماحول ۾ رنگيني ۽ گرمي، ۽ هڪ قسم جو تراوت بخش هڳاءُ هو. جسمن مان چمڪ، تازگي _ ۽ نور پيو بکندو هو! دريا (سنڌو) جي وچ تي ’سموئا ‘ (Samoa) جهڙو ’پرجوش ‘ ۽ نيم گرم سورڳ پوري جهڙو رنگين ۽ مترنم جزيرو ’ساڌ ٻيلو‘ هوندو هو، جنهن جو ’اپسرائي وجود‘ زندگي ۾ هٻڪار ڀري ان کي الوهي آنند ۾ لين ڪري ’ڪ ‘ جي Sexless love ڏانهن نيندو هو.
هتڙي منهنجي مَن موجي شاعر (اردو) دوست مسعود عظيم جي ساڌ ٻيلي لاءِ عقيدت، اُڪير ۽ احترام جي جذبن، احساسن جي ’پريت لڙي‘ (نظم) جو سنڌي ۾ آزاد ترجمو پيش ڪيان ٿو جيڪو پڙهندڙ جي من جي گهراين کي ضرور ڇهندو:
وهندڙ دريا جي سيني تي ديوتائن جو جلال
پارڪڍندڙ، ماتم ڪندڙ، فرياد ۾ غرق خيال
بي خبر شورشِ مستقبل، ماضي ۽ حال
سنڌو جي ڌڙڪندڙ سيني جي دل آهين تون
جنهن لئه رونقون ڳاڙين ٿيون ڳوڙها سا محفل آهين تون
سيتا جي سيني تي معطر کيڏندڙ چُڳَ به آهين تون
تنهنجي ڦلواڙين ۾ مهڪندي هئي پوترتا جي بهار
ڏور تائين ڇانئيل هو تنهنجي عظمت جو وقار
گنگا جمني عظمت هئي تنهنجي جل مٿان نثار
لهرائيندڙ گونچ ۽ گل هئا نرت ۾ مگن
تنهنجي آڏو جهڪا ها غزني ۽ فارس جا چمن
گيت ڳائيندڙ ديويون ۽ اشلوڪ پڙهندڙ برهمن

تنهنجي ڌرتي ۽ مندرن ۾ حاضر هونديون هيون شهزاديون
ڇا توکي ياد ڪونهن اهي برهمڻ زاديون
تنهن جي مندرن ۾ هيون جن سان آباديون

پر تنهنجي درديلي دانهن ڪهڙي دل سان ماڻهو ٻڌن
جن کي تنهنجي جوءِ مان تعصب سان لوڌي ڪڍيو ويو
جن کي اڃان به تنهنجا ويران گهاٽ سڏيندا رهن ٿا

اي پراڻي تهذيب جا مٽجندڙ قديم نقش
اُف سنڌڙي پٽي ڦٽا ڪيا روحانيت جا گل ۽ ڦل
مندر ۽ مسجد لڳن ٿا ڪوڙي پوترتا جا اُهڃاڻ

ڪوئي ساهس ڌاري ڇو نه ٿو ٻڌائي توکي تنهنجي سڃاڻ
سنگاسن تنهنجو آ ٽٽل ۽ تاج تنهنجو آ ڪريل
اڄ سُڪيءَ تي مڇي جيان آ تنهنجو سارو ڏيل

آهه ڪهڙي من سان ڏسان مان تنهنجي ويراني جو حال
شيطاني نرت ۾ آهن نحوستون ۽ وحشتن کاڌو آ بتال
ڪيڏو نه عبرت ناڪ آ پٿر جي بتن جو حال

پو به تنهنجي حسن سان معمور آ دل
هاڻ به تنهنجي ڪيف سان مخمور آ دل
توکي رنجيدهه ڏسي اڄ غمگين آ دل
ڪنهن جي بدحالي تي رت جا ڳوڙها ڳاڙين ٿو
اي ازل جا ديوتا ڪنهن لئه ايڏو ماتم ڪرين ٿو
آخر ڪنهن لئه ايڏو خسته حال آهين تون

آخر ڇو تنهنجي ويراني برقرار آهي
آخر ڇو تنهنجي پريشاني مسلسل آ
آخر ڇو تو مٿان ايڏي پشيماني ڇانئيل آ
اي ساڌ ٻيلا تنهنجو مندر اڃان موجود آ
تنهنجي پرار ٿنا لئه دل اڃان آمادهه آ
اگر هي شاعر جو من آ، پر تنهنجو دلدادهه آ

دوستن ۾ سڀ کان وڌيڪ اياز هميشه ’مان‘’مان‘ جي کوکلي ۽ اڻ وڻندڙ عادت، پنهنجي شخصي مفاد ۾ گرفتار ڏٺم ۽ سندس اهڙو رويو صرف منهنجي لاءِ ئي نه بلڪه سڀني واسطي اڻ سهائيندڙ ۽ بدرنگ هوندو هو. منجهس آسڪروائلڊ ۽ نطشي واري ’جي داري‘ ۽ جرئت بلڪل ڪونه هئي _ صرف ’عورت بازي‘ جي ناڪاري ناموس وڌائڻ، اسڪور ڪرڻ ۾ رڌل ڏيکاربو هو ڄڻڪ جنمن کان اُڃايل هو! پنهنجي ’ترپتي‘ (Fulfillment) جي بدبودار رڳ سندس هر چڱائي _ اگر ڪنهن جي ليکي منجهس هئي به _ کي سورج گرهڻ جيئن ڌنڌلائي ڇڏيو هو. ان دور ۾ سندس مذهب کان اجهل بيزاري، الحاد سان پيار۽ ايمان جو دهل جي ڏونڪي تي مذاق اڏائڻ جي عادت کيس، خاص طور، عبدالرزاق راز کان نه صرف پري ڪري ڇڏيو هو، بلڪه هن کي دلي طور ڏکوئي کيس مجبور ڪيو ته ٻيءَ ڪيمپ يعني رجعت پرست ٽولي ۾ شامل ٿئي!
يادن جي مزار کي کوٽيندي ياد آيو اٿم ته اياز، حفيظ ڪنهن حد تائين مرغوب ۽ مون منجهه ’مهم جوئي‘ لاءِ هميشه هاڪاري ڇڪَ رهي هئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين جهڪي ڪين ٿي آهي.
هتڙي مون کي هينري جيمس جا ’فيني اسٽيونسن‘ (Fanny Stevenson) کي ترس جي جذبي سان ياد ڪندي سدا امر لفظ ذهن تي تري آيا اٿم ”ڪنهن ٻهڳڻي اديب لاءِ منهنجي خيال مطابق _ شعور جي ابدي جدائي ڏاڍي دکوئيندڙ ۽ روماني ٿئي ٿي.“ مون کي ساڳيءَ طرح حفيظ، ڌڻي بخش شاهه، مرغوب _ ۽ اياز جو وڇوڙو ائين ئي ڀاسندو آهي. هنن مان صرف اياز اهي ڪارناما ڪري ڏيکاريا (يا شايد لڳي ٿو ته ڪيا هئائين) جيڪي عام ماڻهو پنهنجي ’سورمن‘ مان ڪرڻ جي اميد رکندا آهن. هن انهن ’سورهيائن‘ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي سلسلي ۾ چڱي خاصي شهرت به حاصل ڪري ورتي هئي. اِهي ڪارناما _ سياست جي ميدان ۾ خواهه ادب جي صنف ۾ واقعي ’نيڪ نيتي‘ تي ٻڌل هئا؟ اهو فيصلو ڪرڻ ايڏو مشڪل ڪونهي، منهنجو تجربو، آزمودو ۽ سوچ ناڪاري نڪتي جي حامي آهي.
هن جي ڀيٽ ۾ حفيظ جي زندگي جا واقعات (جن جو ڪجهه ورنن اڳ به ڪري آيو آهيان) ۽ موت معمو ديومالائي پراسراريت ۾ ائين ويڙهيل هو، جيئن ’ليجندري‘ سورمن جو هوندو هو. ڏکيو ٻالڪپڻ، سماجي ٻنڌڻن خلاف بغاوت جو ڇوليون هڻندڙ عنصر، عجيب ۽ ڏورانهين جاين ڏانهن سير ۽ نوڪريون، شادي يا محبت جي ميدانن ۾ ڊگهيون وٿيون ۽ ناڪاميون، انسان مٿان نازل ٿيندڙ قهري قوتن جهڙوڪ سياسي، فوجي، نوڪر شاهي جي خلاف مسلسل قلمي جدوجهد، دوستن جون نامهربان، مهربانيون ۽ آخر ۾ هڪ وسريل واهڻ ۾ پراسرار طور هميشه جو لاڏاڻو!
هيءَ پنهنجي روائتي گهراڻي _ پيءُ ماءُ _ جو کريل ٻار قطعي ڪونه هو؛ البته سندن ڪرت کي ڪڏهن پنهنجو ڪين ڪيائين، منهنجي خيال ۾ موجوده عيارانا ۽ مڪاري جي تهه ۾ ويڙهيل تهذيب جي اوڇڻ کي ليڙون ليڙون ڪري ’صحت مند پراچينتا‘ جو قائل هو؛ پر، مجبوريءَ کيس ان سان جڪڙي رکيو هو. حفيظ دنيا جي انهن انيڪ وچولي درجي جي ’بالغ ٻارن‘ مان هو، جن هن دنيا جي ساحل کي پنهنجو بسيرو بڻائي ’غيرمهذبي‘ ۾ پوشيدهه ان مهذب انسان کي پنهنجي مخصوص واس ذريعي نڪ بند رکڻ تي مجبور ڪيو آهي! هيءُ اهو ’ٻار‘ هو جنهن مهذب ’مذهب‘ بجاءِ قديم پيگن (Paganism) طور طريقن ۽ وقت جي ڳوُري تهن هيٺ دٻيل عقيدن کي ترجيح ڏني هئي، جن مٿان رياڪاري جو ڪو تهه چڙهيل ڪونه ڏيکاربو هو.
حفيظ جڏهن گوتم ٻڌ جيان گهر تياڳي نڪتو هوندو ته پيءُ کي ضرور هيئن لکيو هوندائين، ”توهان کي ياد رکڻ جڳائي ته مان هڪ خانه بدوش آهيان ۽ پنهنجي انتم گهڙي تائين ائين رهندس.“ هن جي زندگي جو بنيادي رخ اهڙي بالغ ٻار جيان هو، جنهن جي ڪلهن تي رابنسن ڪروسو جيان سندس سمورو لڏو رهي ٿو. ان مسلسل سفر ۾ ’جنس، مايا‘ بابت سندس سمورا خيال ڪک پن ٿيو وڃن! در اصل هو باطني طور، جهان گرد اديبن جي ان ڊگهي قطار سان واڳيل هو، جنهن ۾ وٽمئن، رامبو، هارٽ ڪين، مجاز، وائلڊ، آندري زيد اچيو وڃن ٿا. حفيظ پنهنجي اتمتا کليل رستن تي خانه بدوشي ڪندي حاصل ڪئي ۽ کيس ان ڏس ۾ انهن سڀني اُتساهيو هوندو.
سکر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به، هاڻي به مڪمل فرق ۽ ضد جي ڌرتي رهيو آهي. اڳي شين ۽ ماڻهن اندر هڪ قسم جي خوبي ۽ خامي گڏجي ۽ رلي ملي هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلنديون هيون ۽ انهن جو تت هاڪاري هوندو هو ۽ هينئر به ساڳي ريت قائم آهي پر حاصل مطلب ناڪاري نڪري ٿو! هينئر نئين سکر ۾ ترتيب سان ٺهيل گهرن جا آڳر ۽ اوچايون پراڻي سکر جي تعمير تي ائين ڇائنجي ويا آهن، جيئن ڪو تاناشاهه ملڪ تي قبضو ڪري ان جو ’رس‘ چوسي وٺندو آهي. هينئرجهوپڙپٽيون ورلي نظر اينديون بلڪه ’سڄو شهر‘ جديد جهوپڙپٽي جو ’تجريدي‘ نمونو ڀاسجي ٿو. سکر جي دل گهنٽا گهر، ليوڪس پارڪ ۽ پنج گلو (موجوده لب مهراڻ)، لائڊ بيراج وغيره سان اِهو بدنما ’جهوپڙپٽو‘ ائين اچي ٽڪرايو آهي، جيئن هيروشما، ناگاساڪي تي ايٽم بم اچي ٽڪرايو هو، دل کان سواءِ جسم مڙهه ڀاسي ٿو، اونهاري ۾ پاڻي مٿان ترندي ڏکڻ کان ايندڙ هلڪيون ٿڌڙيون هڳاءُ سان پُر هوائون هميشه لاءِ رسي ويون آهن. سکر جو ڍانچو حقارت جي چادر ۾ اوڍيل ڀاسي ٿو. سنڌ جي گهڻو ڪري سڀني شهرن جي ڪلهن تي پنهنجي چمڪندڙ ۽ معطر ماضي جي ارٿي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿي. پر سکر انهن سڀني کان گهڻو سَٺو آهي. مون کي ته جيئرن کان مئل وڌيڪ زندهه لڳن ٿا. راءِ بهادرڪندن داس ڪيسواڻي، ديوان هولا رام ڪيسواڻي، ڊاڪٽرهيرانند ڪيسواڻي، موهني ڪيسواڻي، ڀڳوانداس ڪيسواڻي، پير حسام الدين راشدي، ممتازحسين ڀٽي، ديس سيوڪ بيگراج، جي بي منگهارام (ٻالچند، خانچند، منگهارام) ديوان بسنت رام، ديوان صاحب سنگهه، ديوان ايسر سنگهه، ديوان گورڌن داس، ديوان ساڌورام، ديوان چوئٿرام، آغا نظام الدين پٺاڻ، آغلو _ هر ماڻهو جو کاڄ صحت جي اصول تحت لذيذ اشتها ۾ تيزي آڻيندڙ ۽ قابل رشڪ تندرستي بڻائيندڙ هو _ جذبات جو سمنڊ جسم ۽ ذهن جي سطح هيٺان هر وقت مهراڻ جيئن ڇلڪندو رهندو هو. ’مذهب ‘ ۽ ’مزو ‘ هڪٻئي جا ساٿاري ڏيکاربا هئا. سکر ’زولا ‘ (EmileZola) جي بي چسي حقيقت پسندي کان ڏور ۽ ’گهڙي پلڪ‘ جي سدا سهاڳڻي روماني حقيقت پسندي جو امر شاهڪار هيو! زردشتي اُصول واري مڪمل پاپ ۽ پڃ جي دنيا کان گهڻو پري وسهڻ ۾ نه ايندڙ سورڳ پوري جي حدن کي ڇهندو ڀاسندو هو.
هونءَ به جديد تحقيق موجب ٻالڪپڻ جي نظارن ۾ اسان جون يادون، جستجو، ڳولا اسان جي ذهن اندر وڃايل سورڳ پوري جيان محفوظ آهن، جنهن کي اسين هميشه ساڀيا ۾ پسڻ جا جتن ڪندا رهندا آهيون. اسان کي پنهنجون جڙون ئي نواڻ، شناخت جو احساس بخشينديون آهن ۽ اِهي اسان جي ’مٽي‘ ۾ کتل آهن، جيڪا اسان جي ڌيان جواصلي ۽ اڻ مٽ مرڪز آهي. فرانسيسي اديب ’پرائوسٽ‘ (Proust) جي اليئرس شهر ۾ ’جارڊن ڊوپري _ ڪتلان‘ جي ڳلين، رستن تي ويڳاڻن جيئان پنهنجي ’جڙن‘ جي مسلسل ڳولا ان سوچ جو جرڪندڙ مثال ليکيو وڃي ٿو. ساڳي طرح پراڻي جَڳ جو وحشي انسان به پنهنجي ٻالڪپڻ جي ’ياد ۽ ماحول‘ کي باطن جي اونهاين ۾ اوستائين سانڍيندو رهي ٿو، جيستائين کيس زبردستي ان کان جدا نه ڪيو وڃي. مان ڀايان ٿو ته اسان جي نين شين، جائيداد ۽ فن جي نادر قيمتي شاهڪارن جي حصول لاءِ لاڳيتي ڪوشش ۽ جتن جنهن کي رسمي طور ’ترقي جي ڏند ڪٿا‘ چئي سگهجي ٿو، سا اسان کان ’کسيل ياد‘ يا جُڙن واري ٻهڳڻي مٽي کان زبردستي جدائي جو معاوضو تصور ڪري سگهجي ٿي _ ان جڙتو عمل ۽ صورتحال ۾ وڪوڙجي اسان فطرت، ڌرتي کان مڪمل ڪٽجي ’جڙتو‘ ۽ ’بي حس‘ جيون جو انگ بڻجيو وڃون ٿا! اهو اڄوڪي انسان جو وڏو دک ۽ الميو آهي! اسان جي نواڻ ۽ نجات مهاتما ٻڌجي فڪر يا ڪنهن ٻئي مذهبي آدرش مان حاصل ڪونه ٿي سگهندي. اِها صرف ’اوائلي جڙن‘ مان اُڀري سگهي ٿي.
هن وقت سکر زوال پذير، گم ٿيل ياد، ۽ مڙهه جيان ڀاسي ٿو! جڏهن گذريل موهيندڙ يادون منهنجي روح ۾ ديرو دمائي جاڳائينديون، تڏهن سکر وڃڻ جو اُدم ڪندس!
هن وقت ائين ٿو لڳي ڄڻ شهر جي ماحول مان ”روح“ لٽجي ويو آهي ۽ ذهن کي ڪنهن ابدي بي وسي ۽ بي ڪسي جي ڄار ۾ الجهائي ڇڏيو اٿس، ان مان آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش، ڪو جتن حقيقت ۾ بدلجندو نظر نٿو اچي، هر کنيل قدم بي مقصد، بي اُدم ڏيکارجي ٿو.
سچ ته اهو آهي جو ’آدرشي جيون‘ روزاني ڪرت ۾ جنبيل رهڻ ۾ پوشيده آهي. ان جيون ۾ واري سان ڪجهه آرام جون گهڙيون گذاري انهن جو آنند وٺي سکر جي بي ٿنڀي آسمان هيٺان پنهنجي اڳوڻي حيرت انگيز، منفرد فُهم فراست کي ٻيهر ڳولهڻ ۾ جيڪو مزو ملندو، سو ٻئي ڪنهن حاصلات مان ڪين ملي سگهندو، ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟
اڄوڪي سکر کي اها پورڻتا حاصل ڪونهي، جيڪا ورهاڱي کان اڳ حاصل هئس. اڄ جو سکر هڪ اڌورو شهر بڻجي ويو آهي، جيئن طوائف هوندي آهي! هي شهر رنڊي جيان سياست، مذهب جي بازار ۾ يوسف جيان خريدار جي انتظار ۾، قدرن ڪلچر نيڪي خلوص پنهنجي صحت مند، روايت، مذهبي رواداري نسلي يڪسوئي ۽ سهپ جي لحاظ کان سسندو، گهٽبو، پنهنجي اخلاقي نهرائپ کي تلانجلي ڏيندو ’پاڇي‘ جيان بي حقيقت عارضي ڪاغذي ۽ ڪوجهو ٿيندو پيو وڃي!
سندس اها دکدائڪ ڪهاڻي اڳوڻي برلن کان وڌيڪ ايذائيندڙ آهي، جنهن جي وچ واري ڀت ڪيرائي هينئر کيس ’وصل‘ جي راهه تي آندو ويو آهي؛ يا ڪالهوڪي پراڻي هٿرادو ٿاڦيل ڏکڻ ويٽنام جي بدبودار شهر سائيگان جي بنيادن مان ’نفرت‘ جا زهريلا عنصر ڪڍي کيس ’انسانيت‘ جي امرت سان سرشاري بخشي ’هوچي منهه سٽي‘ جي سهڻي صورت بخشي وئي آهي. پر، سکر جي بڻ بڻياد مان ’انسانيت ‘کي نهوڙي ان جي تهن اندر، ۽ فضائن ۾ ’بارود ۽ گولي‘ جي ساهه منجهائيندڙ بونءِ جو ’جاز‘ سنگيت گونجندو رهي ٿو.
سکر صدين کان هڪ پورڻ نرمل ۽ اوجل شهر هيو. جيئن روهڙي، جيئن حيدرآباد، جيئن لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هوندا هئا يا انهن کان گهڻو اڳ اروڙ برهمڻ آباد _ ۽ اڃان به اڳي موهنجودڙو، هڙاپا هئا، يا ننڍي اپکنڊ ۾ دهلي، مٿرا، لکنو، ڪلڪتو، پتاليپتر وغيره هئا؛ يا دنيا اندر بابل، جريڪو، نينوا، ڪارٿيج وغيره هئا؛ يا اٿينس، روم، سمرقند، بخارا، بغداد آهن. شهر ڪنهن ماڊل جيان ڪونه ٺاهيا ويندا آهن! اِهي ڌرتي جي ڪک مان فطري طور پيدا ٿيندڙ گلن ڦلن ٻوٽن جيان اسرندا آهن _ ۽ تاريخ، ثقات ۽ تهذيب جي سدا وهڪ ۾ پنهنجي منفرد وجود جي ڇاپ هڻندا رهندا آهن. جيئن اصلي ۽ ميڪانيڪي طرز تي پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ فرق هوندو آهي، تيئن مٿي ڄاڻايل موجود، ۽ ناموجود شهرن ۽ هٿرادو ميڪانيڪي ۽ ماڊل شهرن جهڙوڪ اسلام آباد، نيو انگلينڊ، چندي ڳڙهه يا پنهنجي ڪرداري قدر کان ڪريل هاڻوڪي شهرن جهڙوڪ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، حيدرآباد وغيره جي وچ ۾ موجود آهي _ ۽ ان فرق جو درجو ڪنهن المئي کان گهٽ ڪونهي. شهرن کي فطرت جي بي روڪ ۽ انڌي قوت ۽ سندن سپوتن جون اڙٻنگايون ڪرپشن تاريخ جي هر موڙ تي برباد ڪري صفحه هستي تان مٽائيندي رهي آهي جن ۾ مٿي ڄاڻايل ڪئي هيرن، ماڻڪن جهڙا شهر اچيو وڃن ٿا _ ۽ ڪئي خوش نصيبي سبب ڊارون واري ٿيوري مطابق پاڻ کي انهن ’قوتن ‘ سان جنگ جوٽي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا _ ۽ اُهي به مٿي ڄاڻايا ويا آهن. پر جن شهرن کي سندن ڌرتي کان پيدا ٿيندڙ انسانن، دئيتن جو روپ ڌاري تاراج ۽ تباهه ڪيو، انهن ۾ سکر سرفهرست آهي _ اهو سنڌ ڌرتي سان وڏو سانحو، دوکو ۽ انياءُ ٿيو آهي. حالانڪه ٻنهي قسمن جي شهرن ۾ انسانن جو بسيروئي رهندو رهيو آهي پر سندن سماجيات جي فرق سندن منورتي تي هاڪاري يا ناڪاري اثر ڇڏيا، جنهن ڪارڻ ڪٿي ’شهري جيوت‘ گونچن جيان ٽڙندي، ڦلجندي، ڦولجندي رهي _ ۽ ڪٿي پرلئه ۽ قيامت برپا ٿي ويئي.
سکر جي بري مرڻينگ حالت ۽ زبون حالي تي سوچيندي رام جي مرتيو بعد والميڪي ۽ ڪاليداس جي سوچن ۾ غرق ’فنا ‘ ڏانهن سرڪندڙ ’اجوڌيا ‘ اُڀري آئي اٿم، جيڪا کين سرءُ ماريل پيلي ۽ سڪل پن جيان ڀاسي رهي هئي! سکر پنهنجي حالت ٻڌائيندي نٻل ۽ نستي آواز ۾ آکي ٿو:
(1)
”منهنجو ڪو اوهي واهي ڪونهي، منهنجا اوچا منارا ۽،
ساوڪ سان جهنجهيل ڇٻر، باغ، پريم ڪُنج ڊهي پٽ پيا
فنا سان همڪنار ٿيا! محلاتن جون فلڪ بوس ديوارون
پٽ ڪيون ويو!
جڏهن شام جي هوا بيهجيو وڃي تڏهن گهُٽَ جو راڄ قائم
ٿيو وڃي ٿو،
۽ اونڌائي اُڀ تي ڪڪرن جا جهڳٽا بي يار ۽ مددگار
الوپ ٿيو وڃن!“
(2)
”گهٽيون جتڙي رات ٽاڻي سندرين جا ڪٽڪ خوش خوش ڏسبا ها
جيڪي پازيبن جي جهنڪار ۽ چمڪ سان ٻهه ٻهه ڪنديون هيون
هينئر اُت شام ويلي بگهڙ نما ماڻهن جا پشاچي ڏند چمڪندا رهن ٿا
جيڪي ڄڻ ڍونڍ جي ڳولا ۾ گُرڪندا، اونائيندا رهن ٿا.“
(3)
”چشمن، ڦوارن ۽ ندي ڪناري جو پاڻي، جنهن منجهان ڪجلي رمڻين
جي نازڪ هٿن پيرن جي سٽڪ سان، مڌر سنگيت اُڀرندو هو
هينئر رولو جانورن جي سنبن ۽ سڱن سان ڀوائتا آواز سڻائي ٿو
۽ کيس گدلو، ميرانجهڙو ۽ بدزيبو ڪندو رهي ٿو!“
(4)
”مڇي ۽ پکي جيڪي دريائي ڪنارن ۽ باغن اندر هريل هوندا ها
هينئر جهنگلي، ڊڄڻا ۽ آدم بيزار ٿي ڇڊا ٿي ويا آهن
هينئر سندن بسيرو اونهي پاڻي يا وڻن جي چوٽين تي آ
نه هينئر رات جي پروا اٿن ۽ نه ئي نرت سان چاهه!“
(5)
”ڏاڪڻين، آڳرن، بالڪنين جي فرش تي ڪامڻين جي مهندي رتل
پيرن جي ڄڻ نرت ۾ محو لال ڇاپ هوندي هئي پر،
هينئر ڌارين جي چنبن جا رت ۾ رڱيل نشان
ڏسجن ٿا، ڄڻ ڪنهن معصوم جو خون وهايو هجين!“
(6)
”بائسڪوپ جي ڀتين تي اڏامندڙ پکيئڙن، نرت ۾
محو سندرين جي ڪماني دار جسمن جا چتر، گلن جا ڪنج، نقش،
ڄڻ نفرت جي آڳ ۾ ساڙي لاٿا، ڊاهيا ۽ ميساريا ويا!“
(7)
”مندرن جي ٿنڀن تي گل رخ دوشيزائون ويڳاڻيون، هيکليون
’وقت‘ ۽ ’بگهڙ‘ جي هٿان ڦڪيون، موٽ کائينديون پسجن ٿيون
ڄڻ سندن بدن تي سندر وڳن بجاءِ نانگ بلائن جون کلون اوڍيل هجن“
(8)
”گهرن جا ڪٽهڙا، ڇڄهرا غفلت لاپروائي ڪارڻ ٽٽي ڪارا ڪٺ ٿي ويا آهن
۽ سندن فرشن جو سِرون سُري وٿيون ٺاهيون بيٺيون آهن
جن مان عجب قسم جو گاهه اسرندو رهي ٿو! اهي
فرش اڄا تائين چنڊ جون ڄاتل سهايون ريکائون پسن ٿا پر
ان جي موتين جهڙي عڪس کي پسائي نٿا سگهن!“
(9)
”سندر وليون جيڪي منهنجي باغن جي شانت_ڪنجن ۾ ٽڙنديون هيون
جن جي سونهن ۽ سڳنڌ ڏسڻ وٽان هوندي هئي ۽،
جن جي ٽارين کي موڙي ڇيڳڙيون ڇوڪريون گل پٽينديون هيون
اُهي ڀولڙن نما ماڻهن ڀڃي پاڙون پٽي ڇڏيون!“
(10)
”هينئر درين مان ڪجرا نيڻ لياڪا نٿا پائين ۽ نه ئي
نماشام ٽاڻي انهن تي ديپڪن جي روشني جهرمر ڪري ٿي!
پر، انهن تي ڪوريئڙي جي پکڙيل ڄاري ڪارڻ جهڪي روشني
انڌياري کي وڌيڪ گهرائي ڏيندي پسجي ٿي!“
(11)
”پارسي ڪالوني جا ون ون موهيندڙ چهرا
ڪوئنيس روڊ جا ڀِن ڀِن لڀائيندڙ مهانڊا
ٽڪر جون ڏياٽين جهڙيون جرڪندڙ جادوئي اکڙيون
بندر روڊ جون وراڪا کائيندڙ لچڪيدار چيلهيون
مشن روڊ جون سدا مهڪندڙ سندريون
ڪيئن نه بنا پرو پتو ڇڏڻ جي شڪتلُلا، اُروشي
جيان نامعلوم اُتاهين ۾ الوپ ٿي ويون،
۽ سندن هنڌ ماڳ ڪانون ڪانويلين ڪاريهرن اچي والاريا!“
(12)
”ان سمئي منهنجي وجود ۾ سمايل هرشيءَ چترڪار جي
برش جي ڇهاءُ سان جاڳايل چتر جيان لڳندي هئي،
جيئن عورت جي بلوغت جو حسين اُهاءُ
ٻالڪپڻي جي الوپ ٿيڻ بعد ظاهر ٿيندو آ!“
(13)
”پر، هاڻي ڄڻ مندون: سيارو، بهار، اونهارو ۽ سرءُ
پڻ هڪٻئي سان تال ميل رکڻ ۾ اسڦل ڀاسن ٿيون،
ليڪن ان جي باوجود ’دئيتي بگهڙن‘ کي پريم جا گل آڇينديون رهن ٿيون!“
(14)
”اِهڙي آڇ کين تهائين هٺيلو ۽ نردئي بڻائي ٿي
۽ مون کي پيڙت ڪرڻ ۾ کين وڌيڪ سواد ۽ لذت اچي ٿي
ڪهل ۽ مهر ’نردئتا‘ کي ريج ڏيندي آ
انڪري دشٽ کي سندس ئي پيماني ۾ موٽ ڏيڻ جڳائي!
جڏهن جسم جي اگهائپ وڌيو وڃي
تڏهن هر دوا دارون بيسود بڻجيو وڃي ٿو!“
(15)
”آءُ پنهنجي ڏراڏئي ويل نماڻن نيڻن سان وڃايل شان
۽ پنهنجي وجود جي زبون حالي، بربادي ۽ مايوسي پسان ٿو،
جتڙي هنجن، ڪونجن ۽ ڪامڻين جو بسيرو هوندو هو
اُت منهنجو وجود ان ٽاري جيان ٿو ڀاسي جنهن جو سنگي نامرد هجي
۽ پاڻ تي ڪهل جي به شڪتي نه رهي هجيس!“
(16)
ڪيئن نه منهنجي عمارتن، پوتر آستانن جا يا قوتي ۽
سنگمرمري فرش، روغني، چٽسالي وارا در دريون
اکيڙي، پٽي نيست نابود ڪيا ويا ۽ انهن ويڳاڻن
برباد آڳرن ورانڊن اندر گند ڦٿ ڦهلايو ويو
ان پر لئه، تباهي ۽ اجڙيل ڪُروپ کي پسي ذهن ۽ من
مايوسي جي ڪاري ٻاٽ اکٽ اوندهه ۾ نپوڙجي رهيو آ،“
(17)
”روڊ، رستا، دڳ، ڪسيون، ڪنارا، واهه، ندي ۽ گهاٽ
اجڙيل شمشان گهاٽ جو ڊيڄاريندڙ منظر
پيش ڪري رهيا آهن _ ڪٿي به گل ۽ ٻوٽا، ۽
ساوڪ، سڳنڌ ۽ تراوت ڪونه ٿي ڏيکارجي
ڄڻ ڪنهن ديوتا، رشي جي سراپ جي ڀوڳڻا
ڀوڳي رهيا آهيون _ ڪسيتائين؟“

(18)
”آءٌ سنڌ جو ڄاول هئس، مون منجهه
ڪيڏي نه سونهن، سڳنڌ، سوڀيا ۽ ڦوهُه هو!
منهنجي ڀرپاسي ڳوٺ ڳوٺ ۾، گهٽي گهٽي۾
خوشي شادمانا ۽ پريم رس
سنڌوءَ جيان وهڪ ۾ ۽ اُجلو اُجلو هو،
ٻنهي ڪنارن جي وچ ۾ ساڌ ٻيلو ڄڻ سورڳ پوري
جو مهڪندڙ ٽٽل انگ هو: ڌرتي ۽ سرڳ جو
عجب نرواڻ پاتل موج مستي ۾ رتل سنگم! “
(19)
”جتڙي اسر ويلي جي دريائي هير
ڪنول، گلاب جي سڳنڌ ۾ رتل رچيل
مورن ۽ هنسن جي ’محبتي مهراڻ‘ ۾
چنچلتا جي چاهه اندر ’وقت ‘ جا ويڇا مٽائي
سندرين ۽ ڪامڻين کي، من جي ميل مٽائي
’پريم_ ڪنج‘ واٽ وٺڻ لاءِ ڌتاريندي هئي!“
(20)
”ڪامڻين جي ڪمرن جي کليل درين مان
سندن واسينگي زلفن ۽ جسمن مان اٿندڙ عنبير ۽ عطر
جي مهڪ، مورن جو منڊيندڙ نرت ۽ ڪوئل جي مٺڙي لات
۾ سدا محو رکندي هئي!
اهڙي سندر گهرن جي ڪٽهڙن تي
ڪامڻين جي ميندي رتل پيرن جا لال نشان
ساڌ ٻيلي جي ديوتائن جي من ۾ به
ڪتڪتايون پيدا ڪندا هئا! “
(21)
”ساڌ ٻيلي اندر نيل ڪنٺ جي انڌيري گفا ۾،
جيڪا شر ڌالن لئه سنمان جو آستان هئي،
ڪو اُلڪو، ڀوءِ، ڊپ ڪونه هوندو هو
ان جي چوگرد مهڪندڙ ڦلواڙين جي لهڪ
ڪنول ۽ گلاب جي واس ۾ هردم مست هوندي هئي
۽ آسپاس جي گهاٽن تي تڙڳندڙ نارين جا
مر مرين جسم چانڊوڪي جيئن چمڪندا هئا!“
(22)
”ڪامڻيءَ لئه ان پوتر آستان تي پرڀات ويلي
پهچڻ ائين هو جيئن گنگا ڪناري آنند مئه آرتي
پريمڪا ۽ پريمي جي آشا جي پورڻتا ۽ سنگم!
جيئن هماليه پتري پاروتي ۽ شِوَ جو امر ملن!!“
(23)
”ان پوتر آستان تي موتين جڙائو ڇم ڇم ڪندڙ ڪهرپٽي
۾ مهڪندڙ ڪامڻيون، شِوَ نرت پسي
پنهنجي ڇم ڇم چوڙين ۽ پائل جي جهنڪار ۾
مست مدام بڻجي، پريمين جي جسمن جي آلاڻ ۾
ڪلپنا وسيلي پاروتي ۽ شِوَ جيان ڀاسنديون هيون ۽
سندن نيڻ ڀونرن جيان ڪارا، اُتاولا ۽ مڌ ماتا لڳندا هئا!“
(24)
”اسر ويلي جڏهن سورج باکون ڪڍندو هو
ان وقت سنڌوءَ جو سنڌ سنڌ وڪوڙجندڙ شانائتي
ولِ جيان ڀاسندو هو! سندس ديد ۾ هرڻي جي
نينن جهڙو مڌ ۽ ڀوُ سمايل هوندو هو،
سندس لهر لهر ڪامڻي جي ابرووَن جيان
سدا نرت ۾ مگن ڀاسندي هئم،
سندس مڌر موجون مورجي ڇٽ جيان دلفريب
۽ سندس سوڀيا وان چهرو چنڊ جيان موهيندڙ!
اُف! وقت جي ناپائداري ان سموري سندر ’لقاءُ ‘
کي الائجي ڪهڙي پولار ۾ ڌڪي ڇڏيو؟”
(25)
”ڪڏهن ڪڏهن سندس چهري تي اوڍيل ڌنڌ جي
ميرانجهڙي نقاب کي سُرڪائي پري ڪندو آهيان،
جيتوڻيڪ منجهس ترندڙ ڪک پن ڪانا ۽ ٻوٽا
هٿن جيان سندس ’بي لباس سندر اوگهڙ‘ کي لڪائڻ
جو جتن ڪندا ڏيکاربا آهن پر،
مون کي ڪير روڪي سگهندو سندس مڌ ماتيون
سُرڪيون ڀرڻ کان؟
جنهن منش، ڪنهن ويل، مڌماتي بدن جو هڳاءُ ورتو هجي،
اُهو ڪيئن بي لباس دوشيزا جي ’سونهن‘ پسڻ
کان پاڻ کي پلي سگهندو؟“
(26)
”ندي ڪنارا اجڙيل، سنسان آهن، ڪنهن به ڪناري يا گهاٽ تي
تڙڳندڙ خوش خوش ناريون ۽ مرد نٿا ڏيکارجن ۽ نه ئي مڇين
بدڪن ۽ پکين لاءِ دستور موجب کاڄ آندو وڃي ٿو،
انهن سان لاڳيتا سڀئي ’ڪُنج ‘ بي آواز ۽ خالي آهن، جنهن کي
پسي منهنجو جيءُ سدا جهڄندو رهي ٿو!“
جڏهن يادن جي خزاني ۾ ڪنهن سببان اٿل پٿل شروع ٿيندي آهي ته ماضي جا دٻيل ’احساس‘سڀ کان اڳ نڪري نروار ٿيندا آهن. اِهي يادون سدا جواڻ جماڻ هونديون آهن. اِها اٿل پٿل واءُ جي تازي جهوٽي جيان جواني جي سرهاڻ کي جيون ۾ ٻيهر آڻيو ڇڏي، جنهن اندر ’ڪ ‘’ب ‘ ۽ ’ش ‘ اوچو آستان ماڻين ٿا، انهن کي ياد ڪندي آهه نڪرندي اٿم ته اُڏرندڙ ’وقت ‘ ڌرتي جي اولاد لاءِ ڪيڏا نه ڪٺور ’ڏک‘ پوکيندو رهي ٿو.
ڪنهن ڪنهن حسينه جي لوڏ، لمڪو ۽ ٽلڻ نهايت تجربي ڪار، نرت ڪلاجي ماهر نرتڪي کان وڌيڪ اندر ۾ پيهي ويندڙ ٿئي ٿو.
ان تي ويچاريندي ياد آيم ته شملي کان ڪفري (هماچل پرديس) ويندي رستي تي ’گرين ويلي‘ (Green Valley) مقام آيو هو، جيڪو سمورو فر ’پاپلر‘ پائين وغيره جي وڻن سان ڇانئيل ۽ گهاٽو سر سبز هو. اچانڪ هوا لڳڻ شروع ٿي وئي ۽ ان ۾ اِهي وڻ تقريبن هڪ ڪري انداز ۾ ائين جهومي، نرت وجهي رهيا هئا، جيئن ’وندراون ‘ ۾ گوپيون، دنيا کان بيخبر، ڪرشن سان بيخودي ۾ راس رچائينديون هيون! هتڙي مون کي پاڻ تي ڪرشن هجڻ جو احساس پيدا ٿيو هو! منهنجي رت مرلي جيان آلاپي رهي هئي.
ڪنهن مخصوص ’احساس‘ اندر ’الوهي آنند‘ ماڻڻ جنهن ۾ جنسي آسودگي ۽ روماني حظ يڪجا ٿي وڃن، ڌرم ۽ جنسي لذت هڪٻئي ۾ سمائجي وڃن، فطرت جي حسن ڪاري ۽ جنسي سواد جو سنڌو مٽجي وڃي _ ۽ جيون ۽ موت جو ويڇو ختم ٿي وڃي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ سنگيت ڀريل آمنگ ۽ احساس کي قديم يوناني المئي جو نج ۽ اصل جوهر ڪوٺي سگهجي ٿو.
ڪڏهن سمنڊ جي لهر جهڙي اڪيلائي جو ’احساس‘ ٿيندو اٿم، بنان مقصد جي هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ وقت اهو احساس ’روح‘ ۾ پيهندو محسوس ٿيندو اٿم.
ڇتي سمنڊ ۾ لهرون پهاڙي ڇپن جيان ڪڙڪي سان ڪرنديون رهن ٿيون، اهڙو دکدائي منظر هماليه جي اُتاهين رستي تي بدري ناٿ (ٻارهن هزار فوٽن جي بلندي) ويندي پسيو هئم، جنهن ۾ پهاڙي ڇپن هيٺيان ٽن سون کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ انهن ۾ مشهور ايڪٽر ڪبير بيدي جي دانشور، حسين زال پرشوتما به هئي! اهڙي طرح هڪ لڱا موسيقار بيٿووين پينٽنگ ۾ ڏٺم ته هو گٽار تي ڪو الوهي سُر ڇيڙي رهيو هو ۽ آسپاس ويٺل انسان پنڊ پهڻ بڻجي ان کي وجود ۾ اوتي رهيا هئا. ان حالت ۾ اهو سنگيت پنهنجي ٻنڌڻن کان آزاد ۽ غم جي اونهاين ۾ ٻڏل پنهنجي اجهل ڇڪ ذريعي سڀني ٻڌندڙن کي’سندن‘ پاڻ کان ڏور نيئين رهيو هو.
مرگهه نيني، گل بدني جنهن جي سَنڌَ سنڌَ مان سوم رس پئي ڇلڪيو، سندس جسم جا گهرا ٿي اڀرندڙ وَرَ ۽ ونگ، هماليه جي اڪيچار سندر لڀائيندڙ ورن وڪڙن، جنهن مان منداڪني ۽ الکندا شاندار ۽ پروقار چال سان رٽن ڪنديون اڳتي وڌنديون رهن ٿيون، کي به لڄائيندا _ انهن ٽنهي ڀينرن جي سونهن سڳنڌ ’ڪ ‘ آڏو ڦڪي ڀاسندي هئم.
ڪڏهن ڪڏهن اندر ڪو ’جذبو‘ ڌماڪي جيان اڀري اٿندو آهي، جنهن ۾ انڌي قوت ڪونه هوندي آهي پر روشني سان ٻهڪندو آهي، اِهي احساس به روشني جي جهالر سان ٻهه ٻهه ڪن ٿا.
ان گونگي پيار جي اٿاهه گهرائي ۽ ان جي آنند بخشيندڙ گيان جي وچ ۾ ڪو جيوَ حائل ٿي پنهنجو اونڌائون پاڇو ان اندر اڙائي ڪونه ٿو سگهي.
تابناڪ يادن جي خزاني مان ڇوڪراڻي اوَستا جي ساکرو جيوت سان لاڳاپيل هڪ موناليزائي چتر هاليووڊ جي ڪالهوڪي دور جي حسين ۽ سڊول ’جل پري‘’ايسٿر وليمس‘ (Esther Williams) جيان ذهن جي اونهاين مان ترندو ڪناري ڀيڙو اچي ٿيو آهي.
ان کان علاوه ڪالهوڪي هاليووڊ يگ جون انيڪ جڳ پرسڌ سونهن، سڳنڌ، سوڀيا، ساڃهه ۽ فن جي دنيا جون مهان اداڪارائون پنهنجي اظهار لاءِ ذهن اندر، يادن جي ڀنڊار ۾ مڇي جيان مچلي ۽ تڙڦي رهيون آهن: راڪيل ويلچ، سوسن هيورڊ، صوفيه لورين، جيل رسيل، انيتا ايڪبرگ، جين فونڊا، بيٽي ڊيوس، ارسلا اينڊ ريوس، آڊري هيپبرن، جينيفر جونس، ڊيبوراڪر، گريس ڪيلي، زازاگبور (ڪمال اتاترڪ جي محبوبه)، گريٽا گاربو، مارلن ڊيٽرچ، ڊيانا بيانڪي، ريٽا هيورٿ (بعد ۾ پرنس علي خان سان شادي ڪيائين)، انگرڊ برگ مين، لاناٽرنر، شرلي ميڪلين، آواگارڊنر، سلوانامينگانو، ڪِم نوواڪ، ايلزبيٿ ٽيلر، مارلن منرو، جينالولو برجينڊا، هيڊي لامار، برشي بارينڊو.
’جَتُ‘ لفظ کي ساريندي منهنجي لاشعور مان هڪ انمول ڌڙڪندڙ مڻيو پنهنجي پوري جوڀن ۽ آب تاب سان اُڀري آيو آهي. گذريل صدي جي چاليهن واري ڏهاڪي جي آخري ورهين ۽ پنجاهه جي شروع وارن سالن اندر بندر روڊ لڳ ڀوسا گودام، سکر جي ڀڪَ تي هڪ ڀونگي نما گهر ۾ جتڻي نالي گلابي رنگت، سڊول جسم ۽ سروقامت ’اپسرائي ٽور‘ هڪ ڇوڪري رهندي هئي. عمر آبشاري مستي ۾ رچيل اٺارهن _ اوڻويهن بهارن جي لڳ ڀڳ هئس، سندس چال اندر فطري Cat Walk جو انداز ائين سمايل هيس، جيئن گل ۾ خوشبو هوندي آهي. غريب محنت ڪش گهر اندر ڄڻ گودڙي ۾ پيدا ٿيل لعل هيو، ڇيڻا ٿڦيندي، انهن کي سُڪائي ڳوڻين ۾ ڀري شهر جي سڙڪن تي، پنهنجي ڪنهن جَٽُ ساهيڙي يا مائٽياڻي سان گڏ، وڪڻندي ڏيکاربي هئي. اسان به کانئس ئي اِها وکر وٺندا هئاسون. (هتڙي مون کي مشهور اداڪارائون صوفيه لارين ۽ مارلين منرو ياد اچي رهيون اٿم. هالي ووڊ فلمي جڳت جون اهي ٻئي حسين جل پريون، پنهنجي غربت جي ڏهاڙن ۾ ڪچيءَ عمر دوران، جتڻي جيان Odd jobs ڪري پيٽ پالينديون هيون _ ۽ گهڻو گهڻو پوءِ آڪاش جي اوچاين کي ڇهيو هئائون. اها ڄاڻ ڪونه اٿم ته جتڻي آسمان جي بلندين کي _ ڇهي سگهي هئي يا..........؟)
جتڻي کي ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ سندس سَنڌَ سنڌَ ۾، تن جي هر سحر انگيز ڀلائيندڙ وادي ۽ چوٽيءَ، لاهه ۽ چاڙهه تي نرم، گداز _ متوازن _ ماکيءَ جهڙي مٺاس ۾ رتل ’ڳرُ‘ هئي، سندس هيٺ مٿي ٿيندڙ ساهه ۾ ڄڻ گلابن ۽ رابيل جي سڳنڌ رچيل محسوس ٿيندي هئي. پکي ۾ پدمڻي جيان ڀاسندي هئي. سندس کن پل جي موجودگي ۾ ايڏي ڪشش، نشو ۽ خمار هوندو هو جو مون جهڙو ٻارهن _ تيرهن ورهين جو ٻالڪو به ڄڻ پنڊپهڻ بڻجي ويندو هو. دل ۾ دعائون گهرندو هئس ته ڇيڻا جلد خلاص ٿين ته جتڻي جي ڦوهُه ۽ ڇُوهَه وارين مهراڻي موجن ۾ سمائجي پوري ڄمار جو فاصلو، پلڪن ۾ طئه ڪري سگهجي!
جيترا پل، منٽ يا ساعتون اسان جي آڳر يا ڪمري ۾ سندس موجودگي پسجندي هئي، هن جو ’طلسماتي حسن‘ گهر ۾ موجود مندر جي ديوين ۽ ديوتائن جي سنگمرمري مجسمن ۾ به روح، جان ڦوڪيندو محسوس ٿيندو هو! مان ان جي منڊ ۾ منڊجي پاڻ کان پڇندو هئس: سندس نيڻن ۾ ايڏي اگن ۽ جوت ڪنهن پيدا ڪئي آهي؟ سندس ڳلن ۾ شفق جهڙي ڌتاريندڙ لالائي ڪٿان آئي هئي؟ انهن تکن ۽ منڊيندڙ مهانڊن ۾ ايڏو بادلن جيان گجندڙ Passion ڪيئن، ڪٿان ۽ ڪنهن طرفان پيدا ڪيو ويو آهي؟ سندس سڊول سيني جو اُڀار قلعي گر جي ڌنوڻي جيان سدا هيٺ مٿي ڇو ٿيندو ڏسبو هو؟ گودڙي ۾ لال جهڙي ان بيش قيمت رتن اندر ايڏي شڪتي، ڀرپور زندگي ۽ انمول سندرتا ڪٿان آئي هئي _ جنهن جي پنکڙي جهڙن نازڪ چپڙن تي نچندڙ ڳاڙهسري مرڪ اندر عجب چمڪ ۽ کِلَ ۾ نرتڪي جي نرت جهڙي نشي آور ’ڇم ڇم‘محسوس ڪندو هئس؟“
انساني آلائشن کان پاڪ ۽ بي لباس فطرت اندر پويتر ڪوملتا ۽ بي لوث پريم جهرڻي جي جهانءِ جيان ٿئي ٿو. اهڙي غير مهذب سماج ۾ رهندڙ عورت جيئن ته پويتر فطرت جي وڌيڪ اوڏو ٿئي ٿي ان جي دل ڪومل ۽ جسم جانٺو ٿئي ٿو، شينهڻ جيان گجندڙ ۽ ڪبوتري جيان پيار ڪندڙ! جتڻي ڄڻ فطرت جي هٿن جي خلقيل جانٺي ۽ ڪومل شاهڪار هئي!
مان ننڍي هوندي رامبو، رابنسن ڪروُسو ۽ حفيظ شيخ جيان رولو هوندو هئس ۽ اِها سُڌ هئم ته سکر جا نوجوان ۽ پيرسن، بنان ڪنهن عمر جي وڇوٽي جي، سڀ سندس انگ ۽ ونگ تي موهت هئا ۽ واري واري ويندا هئا. ڄاڻو ۽ دانشور حلقن جي عام راءِ آهي ته دنيا اندر ٻه ٻوليون فارسي ۽ هندي لهجي، آواز ۽ ميٺاج ۾ ٻين سڀني زبانن کان سرس آهن _ پر جتڻي جي مڌر لهجي، مترنم آواز، بي ساخته، رسدار، ميٺاج ۾ ٻڏل نرم خوئي ٻڌي مقدس واڻين جو احساس جاڳي پوندو هئم _ ۽ ان ڳالهه ۾ پڪو وشواس ٿي ويو ته فارسي ۽ هندي زبانون سنڌي ٻولي جي دز کي به نه ٿيون پهچي سگهن. ٻارهين، تيرهين، چوڏهين _ ۽ Renaissance دور واري پندرهين، سورهين صدي ۽ بعد جي مشهور اطالوي/يورپي مصورن جهڙوڪ مائيڪل ائنجيلو، ليونار ڊوونسي، روبينس، رافائيل، ريمبران، ٽرنر، اِل گريڪو، گويين، ڪانسٽيبل، پڪاسو، پال گاگين، سيزاني وغيره ماڊلس ذريعي ڪلاڪن ۽ ڏينهن جي ٿڪائيندڙ بيٺڪن کانپوءِ پنهنجا امر شاهڪار: مريم، موناليزا، ميڊونا، عيسيٰ، موسيٰ، دائود وغيره سرجي سگهڻ جا اهل بڻيا هئا. ڪاش، جتڻي، تخليق جي ان سونهري يگ ۾ پيدا ٿي هجي ها ته انهن سڀني ماڊلس کان يقيني طور گوءِ کڻي وڃي ها.
مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سندس موتئي جهڙي سرهي سرهي سرهاڻ اڃان سوڌو سرشٽي ۾ رچيل آهي ۽ ابد تائين رهندي. هر الوهي تخليق، هر عظيم ادبي فن پاري، هر زندهه مجسمي، مصوري جي هر ڌڙڪندڙ شاهڪار، هر آفاقي ڌن، سنگيت جي رچنا پٺيان جتڻي جو واس، اصطلاحن، ۽ سندس امر سڳنڌ رهندي آئي آهي.
عشق تي سوچيندي خيال آيم ته اِهو پيرسن ٿئي ئي ڪونه، ان جو انجام جواني تائين هلي ٿو.
ليڪن يادون، ساروڻيون امرتا ماڻينديون آهن _ پيرسني کان اڳتي ’پولار ‘ ۾ به سندن واسو رهي ٿو.
امارو جي زمين ۾ حسين ايراني شاعرا ’سيمين بهيماني‘ جو هيءَ سرجيل شعر ’جتڻي‘ جو ڪيڏو نه من موهن پورٽريٽ آهي:
من چوں شراب ناب بہ مینا ئے روزگار
مستی دہ و لطیف و فرح بخش و خوشگوار
رنگ برنگ لالئہ خود روئےدشتہا
جو ھم چوں سبوْی وحشی گلہائے کوہسار
(مان مينائي روزگار ۾ شراب وانگر مستي ڏيندڙ، ڪومل، سواد بخشيندڙ ۽ خوشگوار آهيان، منهنجي رنگت ائين آهي، جيئن بيابان ۾ پاڻمرادو پيدا ٿيندڙ لالا جا گل ۽ منهنجي سڳنڌ ائين آهي، جيئن تيز چنچل جا بلو گلن جي مهڪ هوندي آهي)
اڳتي هلي چوي ٿي ”هن ڪا دير نه ڪئي ۽ مون کي هڪ ئي ڳيت ۾ پيتو ۽ اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي تارونءَ ۽ ڳلي جي گرمي سان يڪجا ڪري ڇڏيائين.“