شڪارپور
آشرم ۽ مدرسي جي پالنا، سکيا، پرورش ۽ تعليم ۾ تفاوت بلڪ ٻنهي وچ ۾ موجود راڪاسي وٿيءَ جي شروعاتي ڄاڻ به اتان حاصل ٿي. آشرم جي جيون جي سونهن سڳنڌ نيڪي سچائي _ ۽ ان کان وڌ اهنسا (Nonviolence) لاءِ صرف پيار انسيت ۽ ڇڪ ئي پيدا نه ڪئي بلڪ انهن کي هينئين سان هنڊائڻ ۽ جيون جو Uncompromised اٽوٽ متو بڻائڻ به سکياريو. ’ستيم شوم سندرم‘ ئي انسان ذات جو ماضي هيو حال آهي ۽ آئيندهه رهندو _ Humanism جي پيڙهه ان تي ئي کڄيل آهي. ٻيو سڀ شنڪر آچاريه وارو ’مايا واد‘ آهي. ايڪتا ۽ انيڪتا (Unity and diversity) ان ’متي‘ جي گرد گرهن جيان ڦيريون پيا کائين. ويدايت، تصوف ۽ يوناني ويراڳي فڪر (Stoicism ) ان جا جدا جدا رنگ روپ آهن. والٽيئر جي آزادي ۽ اختلاف راءِ بابت پهاڪي جهڙين ڏاهپ ڀريل چوڻين جي ٻوجهه به گهڻو پوءِ ان متي کي اپنائڻ بعد حاصل ٿي هئي.
برهم چاريه آشرم ۾ ٺهيل ڪلاسن رهائشي ڪمرن، ڪريٽ (يونان) جي جزيري تي Athos)) جي پهاڙي سلسلي اندر موجود اڪويهن جهونين مسيحي خانقاهن (آشرمن) جن اندر عورتن جي داخلا تي سخت پابندي هوندي هئي بلڪ ٻين چوپائي ساهدارن جي ’مادين‘ کي به ان پهاڙي سلسلي ۾ ڪين اچڻ ڏنو ويندو هو! ٽيڪسلا، ساراناٿ، نالندهه جي قديم رهائشي ٻوڌي وديا _ شالائن ۽ هماليه جي پهاڙي سلسلي اندر موجود هر جاءِ تي پکڙيل رشين منين جي ڪٽيائن سان ڪيڏي نه هڪجهڙائي ۽ مشابهت ٿي رکيائون!
گڏيل هندستان جي ان شانت ۽ سهن شڪتي واري دور ۾ ڀانت ڀانت جي نسل، رنگ، روپ، زبان ۽ سنسڪرتي جا وديارٿي ڏور ڏيهن بينگال، مدراس، اترپرديس، راجسٿان، مهاراشٽرا ويندي ڪنياڪماري کان ڪشمير تائين وديا ۽ سنسڪرتي جي ڳولها ۾ هتڙي ايندا رهندا هئا. استادن ۾ سک، مرهٽا، مدراسي، يوپي جا پوربيا مڙيوئي سرس هئا.
جيون جو چرخو هوريان هوريان وئشنو جي چڪر جيان برهمچاريه محور تي ڦرندو رهيو. پرڀات ويل کان گهڻو اڳ حاجتن کان آجڪائي حاصل ڪري روزانو نيمن جي پيروي لازم هوندي هئي جن ۾ اشنان،عمر انوسار يوگا آسڻ، ڏنڊ بيٺڪون، ويٽ لفٽنگ، لٺ بازي، پنجه آزمائي، ويڻي ويڙهائڻ (جيڪا گهڻو گهڻو پوءِ ادبي تلاوَ ۾ لهڻ بعد مرغوب بخاري ۽ منهنجو پسنديد مشغلو رهي _ ۽ ان جو venue ڪيف ايران سکر هوندو هو!( رساڪشي، تيراندازي، دنگل وغيره لازمي هوندا ها. ان بعد وڏي هال اندر گيڙو پيتامبر ويڙهي اگني ڪنڊ چوڌاري ڦيرا ڏيئي ’هون‘ ۾ شريڪ ٿيڻ آتمڪ موڪش لاءِ ضروري قرار ڏنو ويندو هو؛ جنهن ۾ ويدن اپنيشدن ۽ ٻين قديمي سنڪرت شاسترن مان آرتي، گائتري منتر ۽ ٻين شلوڪن کي سر ۽ ساز سان اچاريو ۽ ڳايو ويندو هو. ان بعد سادو هلڪو وئشنو ناشتو ۽ ان بعد وديا جو سلسلو جاري ٿيندو هو. برهمچاريه جيون جو پالن نهايت ڪٺن هو ان اندر لنگوٽ ٻڌي ڪاٺي جي سخت صندل تي سياري اونهاري وسرام ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو اهو طريقو اپنائڻ سان سپن دوش (Night pollution) جو امڪان ڪڏهن ڪين رهندو هو !(هونءَ به آشرم اندر ڇوڪرين جي داخلا ۽ وديا تي پابندي وڌل هئي. اهو طريقو پراچين گروڪل جو بلڪل Proto type هو. ويرج (Semen) جي حفاظت برهمچاريه جيون جو اتم متو ليکبو آهي. ان جيوني جي شروعاتي ورهين منهنجي حياتي تي گهري ڇاپ وڌي آهي.
اونهاري واري مند ۾ هر هفتي (آچر ڏينهن) سنڌ واهه تي سموري لڏي سان گڏ جي پڪنڪ ملهائبي هئي. سموري شڪارپور جي ان واهه تي سيلاب جيان پالوٽ ٿيندي هئي. انب کارڪ ڏوڪو ۽ ترڻ خصوصي کاڄ ۽ هاج هوندو هو ۽ شام جي لکيدر تي موتيءَ جي ڪلفين جو چاشني دار مزو ۽ لست اڃا تائين تارونءَ تي ڄڻ Fossil جيان ڄميل آهي. ان دوران رنگ برنگي ساڙهين ۽ پڙن ۾ سنوريل شڪارپوري اپسرائن جهڙين جادوگرڻين جي ولردر ولرلوڏ واري آمد جو بهشتي لقاءُ ماحول کي خمار آلود بڻائي برهمچاريه جوانڙن جي لنگوٽي، پٽين، بندن ۽ ڳنڍين ٽوڙڻ لاءِ ڪافي هيو! سنڌ تي سانوڻ جي مند ۾ هيءَ گيت هر لب تي هڪيو تڪيو هوندو هيو:
هلو هلو سنڌ تي سانوڻ به آيو آ
مولا پنهنجي مهر سان مينهڙو وسايو آ
سنڌ وڃي ٿي تار تار
اسان وڃون ٿا پار پار.
هيءُ اهو هلچل وارو يادگاري دور هو جنهن ۾ هڪ طرف ٻي مهاڀاري لڙائي پنهنجي اگري روپ ۾ انساني نسل جي اڻ کٽ ٻلي وٺي انساني تهذيب ۽ دنيا جي نقشي ۾ بنيادي ڦيرگهير آڻي انسان ذات جي نئين تاريخ رت ٻڏل قلم سان لکي رهيو هيو. ان مهل ڪجهه ڏور پرڀات ٽاڻي ٺاريندڙ ڪرڻن جا اهڃاڻ افق تي نمودار ٿيڻ شروع ٿيا هئا ۽ اسين خوشيءُ ۾ ڳائيندا هئاسون:
چارڪٽورا پنجين ٿالهي
جرمن مئو، هٿين خالي
يا
ٺڪ ٺُو ٺا
جليبي کا
جرمن مئَو
اسان جو ڇا
ٻئي طرف اسان وارو اسرندڙ شاعر ۽ پوءِ مهاڪوي: مبو (اياز) خدا، رسول ۽ سردار جيلاني دستگير جي ثنا جا گيت، مولود، رباعيون، مناجات ڳائيندو ڪامڻي جي گرم آغوش ۾ سمائجي تن جي تند تپائي من جي محبت کي مهراڻ سان ملائي، دنيا و مافيها کان ڏور سورڳ پوري جي نيم گرم طلسمي تلاءُ ۾ غوطه زن هيو. مٿئين دهلائيندڙ، ڏهڪائيندڙ ۽ انسان سوز حقيقتن جي صرف Fringes کان آگاهه هيو ۽ بس.
’ڌوڏ هن سماج کي لوڏ سامراج کي‘ وغيره وارو ’لوئر مڊل ڪلاس‘ جو ڪوي گهڻو گهڻو پوءِ جنميو ! تاريخ مان ڄاڻ پوي ٿي ته گهڻو ڪري مذهب جي ڪک مان ئي ڪفر جنم ورتو آهي.
سن 1939ع يا آن کانپوءِ جي شروعاتي سالن ۾ سندس اڻ ڇپيل شعري ڳٽڪو هينئن شروع ٿئي ٿو.
بسم الرحمٰن الرحيم
بنام جهاندار جان آفرين
رباعي
رحمت ته سندءِ آهه سدائين سائين
مظلوم گنهگار بچائين سائين
تڪليف مبارڪ نه رهي رستي ۾
يڪبار پڪارين جي تون سائين سائين
نه ڪو غمخوار ۽ همدم پري منزل ۽ مقصدوم
رڪاوٽ راهه ۾ دم دم مخالف آسڄو عالم
غريبم يا رسول الله
غريبم يا رسول الله
وهي ٿو چوطرف پاڻي نه ترهي تار لاءِ تاڻي
اچي هاڻي ته ٿي ساڻي سچا سردار جيلاني
عید کا دن ہے مبارک شاد بن محفوظ بن
آج کے دن تو محمد مصطفی پیدا ہوا
دل دماغ ۽ دست هردم شوق ۾ شامل هجي
ياد مولا جي هجي پو عيش يا مشڪل هجي
پو فنا في الله ٿي _ اول فنافي الشيخ ٿي
معرفت جي راهه ۾ بس مرشد ڪامل هجي
رهنما ڪر خضر کي تون راهه ۾ ظلمات جي
منزلِ دنيا لئي ڪو رهبر ڪامل هجي
فرد
جي سچي دل ڪا پڪاري يا علي
تار ۾ هڪوار تاري يا علي
حال جي هار
جتي الله اڪبر جي ڪئي مومن صدا آهي
اتي ناقوس جي آواز جي آئي قضا آهي
جتي جلوه پئي ، اسلام ۾ ٿو ڪفر بدلي، جو
نگاهِ مرد مومن ۾ سچي نور خدا آهي
ڪري قران تي ايمان جو، آبي خطر بيشڪ
رکي ٿو مشيت جو بازو بجا آهي بجا آهي
مثالِ بدر چمڪا ٿي ڏنا تلوار مسلم جي
لڙائي بدر جهڙي ٿي زماني ۾ نه ڪا آهي
عرب ۾ چين ۾ يا اندلس ۾ يا ڪ مغرب ۾
کڙي ٿي اسلامي فتح جي سالوا آهي
مگر افسوس اي يارو مسلماني رهي ناهي
هتي هندوستان ۾ پخته ايماني رهي ناهي
اسلام جا مجاهد آيا کلي مبارڪ
پورا ٿيا مقاصد مسجد ملي مبارڪ
قطع
ٻڌي احوال منزل گاهه جو دل ٿي ستر پرزا
ڪري ٿي هر مجاهد کي اُتي تيغ وتبر پرزا
ڇڏي عشق اياز اي غزنوي الله اڪبر چوء
اٿي بندا خدا جا سومناتِ ڪفر ڪر پرزا
هتڙي ’سَوَڙ‘ جي تهن مٿان موجود اقبال جي مرد مومن جو مڪمل عڪس ۽ هڪ هٿ ۾ ڪتاب ۽ ٻئي هٿ ۾ خون آشام تلوار لهرائيندو ڏيکاري ڏئي ٿو؛ سوڙ جي گهنجن هيٺان ڪامڻيءَ جي ڪڇ جي حيات آفرين حرارت ۾ محفوظ ۽ محظوظ مبوخليفي عبدالحميد فرئنڪ هيرس امارو ۽ مهاراجا ڀوپيندر سنگهه آف پٽياله کي به لڄائيندو نظر اچي ٿو. مطلب ته ان دور ۾ سندس ’پنئن ٻارهان‘ هئا _ ۽ دين دنيا جا ٻئي گدرا سندس مٺ ۾ ائين سوگها ها جيئن ورهاڱي وقت لڏيندڙ شڪارپوري هندن جو مال سندس ساٿارين _ ۽ سنديس وٽ سوگهو ٿيندو پئي ويو!
هيٺئين ڏتڙيل ڪلاس کان مٿئين ڪلاس ۾ پهچڻ لاءِ وڄ ۽ واءُ جيئن ڊڪڻو پوي ٿو _ رستي ۾ آدرش متا اخلاق مذهب سونهن سڳنڌ ۽ ٻيون ڪئين املهه وستوون وڃائي انهن جي ٻلي ڏيڻي پوي ٿي (ان ڪلاس تي رسڻ جي حقيقت جو پڇاڻو رباني، قمر شهباز کان ڪيو وڃي ها يا هنيئر موجود فتاح، سراج کان ڄاڻ پئجي سگهندي ته ڇا وڃايائون _ ۽ ڇا پلئه پين؟) مبو به شهسوار جيان ڦهڪو ڪري ڍير ٿي ويو. اهو سندس حياتي جو درديلو پهلو ۽ مهان الميو آهي !
هو اگر پراچين يونان ۾ پيدا ٿئي ها ته مشهور الميه نگار Euripides جي massive جيوني کي مرڪزي نڪتو بڻائي ڦيٽ کان وانجهيل، ڪنهن مهان گرنٿ جي رچنا ڪري وڌيڪ امرتا ماڻي ها!
هتڙي ياد آيو اٿم ته مبوءَ کي، سندس چوڻي موجب، ’اڌوراڻا‘ (پراڻا) ڪتاب ۽ وڌوا عورتون ڪين ڀانئن پونديون هيون. پر، ياري دوستيءَ ۾ اڌوراڻو ڪتاب به وٺي ڇڏيندو هيو. (جيڪا عادت غالباَ رشيد ڀٽي کان پرائي هئائين) ۽ سهڻي وڌوا ۽ موهينڊڙ شادي شدهه عورت چاڪليٽ جيان کائڻ جو شوقين هيو. اها ڄاڻ نٿم ته اها عادت ڪٿان سکيو، پر، قوي امڪان آهي ته سندس Genes مان گردش ڪندي سندس شعور جو حصو بڻي هوندي؟ بهرحال ڀٽي مٿئين طبقي مان هيٺئين ۾ کسڪندو پئي ويو ۽ اياز هيٺيئن مان مٿئين طبقي طرف هرڻ جيان ڇالون ڏيندو ڏيکاربو هو.
شڪاپور جي برهم چاريه آشرم _ پاٺشالا _ (Seminary) جو اڻ لکيو اصول هو، ’اسپارٽا جهڙي ڪرڙائپ، اٿينس جهڙي بدني سگهه ۽ نزاڪت‘_ ۽ هر موسم ۾ تتي ٿڌي صبح پجين ٽاڻي جاڳڻ جو نيم خدائي حڪم جي برابر هوندو هو! لڳي ٿو ته ڌرم کان دوري ان ڪچڙي ڄمار ۾ انهن ڪٺورڌرمي نيمن ۽ رسمن جي زوريءَ ادائگي سبب Genes ۾ داخل ٿي چڪي هئي جنهن اڳتي هلي Colossal حيثيت اختيار ڪيئي.
اسر ويلي سنگت سان گڏ لنگوٽ پيتامبر ٻڌي ’هون ڪنڊ‘ ۾ بيهي نيم انوسار روزانو طوطي جيان بلند آواز ۾ ساڳيا سمجهه کان بالاتر ويدڪ شبد، اشلوڪ اچارڻ، ڌيان ۾ ويهي _ گيان کان سواءِ _ اڻ واقف هستي سان منسوب ’آڪاش واڻين‘ جو ورنن ورجائڻ!
روزاني جي بيٺل بدبودار ’معمول‘ ڌرم لاءِ پيار جي جذبي اڀارڻ بجاءِ کانئس اٻٿ ۽ ڀوءُ جو عنصر اڀاري ساڻس يڪسوئي بدران دوري، وڇوٽي پيدا ڪري ڇڏي. اهڙيءَ حالت ڪلاسن ۾ ’وڏن هم جماعتين‘ کي وقت سر ڪم جي اڪلاءُ نه ڪرڻ سبب بيرحمي سان ’مار‘ ۽ ’سٽڪي‘ اٻاڻڪائي کي گهرو ڪري گهر جي ’ياد‘ کي تکو ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڀيري ’معصوم احتجاج‘ طور وڏي شاهي ميدان جي ڪنڊ تي قطار ۾ ٺهيل ڪاڪوسن مان هڪ ۾ لڪي ويهي رهيو هئس. منهنجي’گمشدگي‘ جي ترت سُڌِ پئجي وين _ ۽ ’اسپارٽيڪن‘ تيزي سان سموري آشرم _ ۽ بعد ۾ شهر اندر ڳولها شروع ٿي ويئي. آخر شام ٽاڻي ڪنهن ڇوڪري اُتي ويٺل ڏسي اختياري وارن کي خبر ڪيئي؛ مون مٿان ڪائي سختي ڪين ڪئي وئي ۽ پيار پاٻوهه سان سمجهائي ٻيهر ’هڪ ڪري‘ ولر ۾ شامل ڪيو ويو هئس!
شهر جي هل هلاچي واري ’ساهه کڻندڙ‘ فضا کان دور، ڌرم جي جڪڙيندڙ پرولي نما رسمن ۾ رتل جيون مون جهڙن ابهم ٻارڙن، جن جا ذهن حساس ٿين ٿا، ۽ هر چٽَ، تصوير کي دماغ جي پردي تي هميشه لاءِ چٽي ڇڏين ٿا، کي اها آبادين کان ڏور _ جاءِ حيات ٻوساٽيندڙ محسوس ٿيندي هئي. منجهن اڻ لکي طور بغاوت جي ناڪاري حس جنم وٺڻ لڳندي هئي. آشرم ظاهري طور بوريت اُداسي ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ پاکنڊ جو آستان هو؛ جنهن ۾ هر طرف پيتامبر، گيڙوڪپڙا ٺوڙها مٿا ۽ انهن جي وچ تي ڪوئي جي پڇ جهڙيون ’ڪراهت‘ پيدا ڪندڙ چوٽيون لڙڪنديون رهنديون هيون!
پر، انهن ڪڙن نيمن، سکيا ۽ طرز جي ’هاڪاري‘ ڇاپ به زندگي جو املهه سرمايو آهي جنهن ’ڦوهه جواني‘ ۾ fast life ، بوهيمين راهه، بي اصولي _ ۽ بي ايماني کان بچائي ورتو جنهن اندر منهنجي لڏي جا ڪئي پيارا يار گرفتار رهند آيا هئا _ ۽ اڃان تائين جند نه ڇڏائي سگهيا آهن! ( جهڙوڪ: اياز، آغا، رشيد، بروهي، قمر شهباز، سراج، فتح، رباني، لڇمڻ ڀاٽيا، موتي جوتواڻي، پليجو ۽ انيڪ ٻيا.)
گرديو ٽيگور چواڻي، ”سنڌي ڇوڪريون نه صرف نهايت سهڻيون ۽ دلفريب آهن بلڪ فهم ۽ فراست ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ان کان علاوهه تعليمي سرگرمين ۾ به اڳريون رهندي فنون لطيفه جي مختلف ڀاڳن جهڙوڪ راڳ روپ سنگيت ۽ ناچ وغيره جي فن ۾ به پاڻ کي جن جو ڀاڳي بڻائينديون رهن ٿيون.“ منهنجي خيال ۾ شڪاپور جون رمڻيون ۽ ڪامڻيون _ ۽ ان بعد حيدرآباد ۽ سکر جون سندريون جل پريون ٽيگور جي انمول رائي جو هو بهو روپ ۽ سروپ هونديون هيون ڪافي ڏٺل ٻڌل _ ۽ فن جون اڪابر صورتون اڄ ڏينهن تائين من ۾ ’ولوڙ‘ جي ڪيفيت پيدا ڪنديون رهن ٿيون!
شڪارپور حقيقتي طور سونهن سنگيت ۽ ساڃاهه جي ڌرتي هئي. ان اندر سڀ کان اول عجب انواع جا ٻوٽا، وڻ ٽڻ _ پپل، بڙ چيڪو، ڦاروان، انجير، انب، ٽالهي، ٻٻر، کبڙ، ٻير، ڄمون اشوڪا ڪنڊي وغيره. قسمين قسمين پکيئڙا ڪوليون ماڪوڙا پوپٽ ماکي جون مکيون زميني جيو جڻيا پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ رڌل، ان سندرتا مڌرلئه ۽ ڏاهپ کي ٻهڳڻو بڻائي ڄڻ ڪائنات ’ڪل‘ کي مڪمل ڪندا ڏيکاري ڏيندا هئا.
گذريل صدي جي چالهين واري ڏهاڪي ۾، جڏهن آءُ داخل در آشرم هئس، شڪارپور شهزادين، شهزادن، شاهن ۽ شودن جي شاندار سر زمين هئي. ان ڌرتي جي شاهي بازار (ڍڪ بازار) شيطان جي آنڊي جيڏي ڊگهي، لکنو جي ڀول ڀليان جيئن وڙوڪڙ ۽ عقل چرخ ڪندڙ هئي. سندس جيءُ جي ’جان‘ شاهي واهه (سنڌ واهه) ۽ ٻاجهارو ٻچو بيگاري واهه هر شڪارپورواسي جي لئه الاهي نعمت، روح، وندر وروُنهن _ ۽ اپار خوشي جو باعث هوندا ها. شاهي باغ جي ته ڳالهه ئي نرالي هئي: ان اندر موجود اکين ٺار ساوڪ، ڀانت ڀانت جي وڻراهه، ان مٿان گلن ڦلن جي سڳنڌ ساءُ ۽ سواد مدام مستي ۽ بي خودي ۾ نيڻن لاءِ يڪ ٽڪ جوڀن جو نشو هوندو هو ! ان جي ڀرسان مختلف مانڊا آغا صوفي ۽ فيض علي شاهه جي اسٽيج ڊرامن جي ڌم ماڻهن ۾ چوڄ ۽ گرم جوهي ڏسڻ وٽان هئي. ڏياري، هولي، ٿڌڙي، لال لوئي جي ڦٽاڪي دار ۽ رنگين موج مستي ۽ بهاري ۽ سنڌ واهه تي سير ۽ تفريح اٽلي جي نئين روشني Renaissance جي سمورن چترن (Paintings) کان وڌيڪ زندهه ۽ انمول لڳندو اٿم. دونن ۾ مٺاين جي تقسيم لکي درتي موتي ۽ کدري جي ڪلفين ڦالودي جو تارونءَ تي اٽڪيل موناليزائي مزو اڃان سوڌو تازو ۽ نرواڻي ڪيفيت ۾ ڀاسندو اٿم! سندرين جي چوٽن ۾ رابيل جي گلن جون هٻڪاريل لڙهون ۽ شهزادن جي ڳچين ۾ انهن جون ڪنڍيون ’ٽرنر‘ ۽ ’گويا‘جي پينٽنگس ياد ڏياريندون رهنديون آهن. شڪارپوري شودا به گهٽ ڪين هوندا هئا. شام ٽاڻي ڀنگ پي، ڳاڙهيون ٿيل اکين مان ڄڻ ٽانڊاڻا نڪرندا هئن، گلي ۾ رابيل جون ڪنڍيون ۽ هٿن ۾ ڏنڊا پڪڙي، لکيدر جو ڪعبي جيان طواف ڪندا نظر ايندا هئا. سندين ڪاراٽيل ڏيل، پنهنجائپ ۾ ويڙهيل ڪرخت لهجو، ۽ وڄندڙ آواز اڃان تائين ڪروکيتر جي پشاچن جي ياد اڀاريندو رهي ٿو!
ان کان گهڻو پوءِ، اٽڪل روءِ، سن 1948ع ۾ هولارام ڪيسواڻي جي ڪٽنب جون ٽي فيملي فرينڊس، اڪثر، شڪاپور کان سکر هڪٻئي وٽ ايندا رهندا هئا. انهن مان هڪ جو نانءُ امير زادي هيو عمر چاليهن جي پيٺي ۾ هئس پر، ڏيل ڏول، بيهڪ ۽ مهانڊن مان ٽيهن ورهين جي ڪوهه قاف جي گلابي رنگت واري پري جيان لڳندي هئي. قد جي پائين جيان ڊگهي ۽ جسم قنڌاري ڏاڙهون جيان رسدار ۽ مقناطيسي هئس. سندس بابت سوچيندي پنهنجي مرحوم آرٽسٽ دوست احمد سعيد ناگي جي شهزادي اشرف پهلوي جي بڻايل Nude پينٽنگ ذهن مان اڀري آڏو اچي بيهندي اٿم. هن سان گڏ سندس ٻه ڌيئر شاهجهان ۽ سعيده به هونديون هيون. شاهجهان اڪويهن ٻاويهن ورهين جي چلولي چنچل ۽ چت جو چئن چورائيندڙ حسينه هئي، سندس رنگت برف تي پوندڙ اُس جيان تکي، مهانڊا امرتا شيرگل جيان من ۾ پيهي ويندڙ، يوڪپٽس جي ٽاري جيان لچڪندڙ بدن ائين لڳندو اٿم ڄڻ هن جي ئي ڪا زندهه پينٽنگ هئي. ذهن اڃا تائين سندس جوت سان منور اٿم. ننڍي سعيده سورهين سترهن جي بهارن ۾ لپٽيل ڇالون ڏيندڙ هرڻي ڀاسندي هئم؛ هوءُ به سونهن ساڀيا ۽ سڳنڌ جي يوناني افروڊائٽ جي الهڙپڻ جو ڄڻ مجسم هئي. ان دور ۾ ئي مونکي بينجو، مائوٿ آرگن ۽ هارمونيم سان دلچسپي _ ۽ ورونهه پيدا ٿي هئي. اهي ٽيئي سنگيتي ساز اسان جي گهر ۾ هوندا ها. سعيده کي به هارمونيم سان دلچسپي سکر اچ وڃ دوران پيدا ٿي هئي. اسان ٻئي هڪٻئي جي ڀر ۾ ويهي ان ساز مان آڏا ابتا سُرَ ڪڍندا هئاسون _ جيڪي اسان جي وجود ۾ موجود سرن سان ملي سُبتا ۽ سيبائتا بڻجي ويندا هئا. ساڻس ڀر ۾ گذاريل Platonic سون ورنين گهڙين جي مهڪ اڃا تائين روح ۾ ماکي جي لار وانگر رسندي رهندي آهي. اها خبر ڪون اٿم ته هوءَ ڇا محسوس ڪندي هئي.
ديوان هولارام ڪيسواڻي اهو فرشتي سيرت انسان هو جنهن اياز جهڙي ڪنگلي جيو کي اجهو ڏنو هو _ ۽ بعد ۾ هن چترائي سان سندس جوءِ، جاءِ، جائداد تي قبضو ڪري ورتو ۽ کيس ڀنل اکين سان هندوستان لاڏاڻي تي مجبور ڪيو هو. هولارام جي صرف جوءِ اياز جي نڀاڳي دسترس کان بچي ويئي، ۽ اهو به ان ڪري جو سندس آمد کان ٿورڙو پوءِ پرلوڪ پڌاري ويئي هئي!
شڪاپور جي انهن ڪامڻين ۽ شهزادين سان گڏ سندن ڇهه فٽو شودڙو ڊرائيو شاهنواز به ايندو هو. اهڙو ڪارو جيئن دانگي جي پُٺِ. مڇيون گهاٽيون گهانگهٽي وڇونءَ نما، جسم ڀاري مينهن جيان ڦنڊيل، آوازTypical شڪارپوري نغاري جان وڄندڙ ڪنن ۾ چاندي جا والا پهريل گلي ۾ رابيل جي ڪنڍي ۽ هٿ ۾ هر وقت ڏنڊو ڏسبو هئس ان حلئي سبب جهنگ ٻلو لڳندو هئم؛ ۽ گهڻو بعد ۾ سندس نالو ’کوٻلو‘ رکيم ڇو جو ٻلي جو ’اسڪوئر‘ هو. هنيئر سندس صورت کي ياد ڪندي رام ساگر واري مشهور فلمي سيريز رامائڻ وارو راوڻ ذهني اسڪرين تي اڀري ايندو اٿم.
اسر ويلي بيگاري جي ڪناري تي پسار ڪندي بي انت آنند وجود اندر ديرو دمائيندو هو! ٿي سگهي ٿو منهنجي ان احساس سان ڪو متفق نه ٿئي يا کلي ڪري ان کي اجائي اپٽار سمجهي لنوائي ڇڏي. پر، ’من جون اکيون‘ کليل رکندڙ انسان اسر جي پوترتا ۽ غير آلودگي مان فطرت جي سنگم سان پيدا ٿيندڙ انهن (subtle) سوکيم محسوسات جي اتم منزل پروڙي سگهڻ جا اهل هوندا آهن (هتڙي سن 5_2006ع ۾ رشي ڪيش اندر اسر ٽاڻي گنگا ڪناري پسار ڪندي ساڳيو ئي آنند دائڪ انڀوء ٿيو هيم جيڪو تازين يادن ۾ واس ڌوپ جيان مهڪائيندو رهندو اٿم! )
بيگاري جي ميرانجهڙي وهندڙ پاڻي جي مڌر سنگيت مٿان سج جي تازن ۽ نون ڄاول ڪرڻن جي انجي ڪنارن سان ٽڪرائيندڙ لهرن سان راس ليلا ڏسڻ جوڳي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن نيري اڀ تي مينهن سان جهنجهيل ڪارن بادلن جو ميڙاڪو ڏسڻ وٽان هوندو هو ۽ آس پاس جي کيتن مٿان لنگهندڙ هوائن جا سڳنڌ سان ڀريل جهوٽا روح کي ڪنهن انوکي دنيا سان روشناس ڪرائيندا هئا. واهه جي ٻنهي ڪنٺن تي بڙ پپل ۽ نم جي عاليشان وڻن جون ٽاريون اڀ کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جو جتن ڪنديون ڏيکاري ڏينديون هيون. انهن تي ڄاول پنن جي کڙکڙ ۽ سرسراهٽ پراسرار انداز ۾ آلاپ ڪنديون اڀ کي ريجهائينديون ڏيکاربيون هيون. اهڙي سمئي ۾ ائين ڀاسندو هو ڄڻ سمورو وجود ڪائنات ۾ جذب ٿي اڻ ڄاتل ترنگ ۾ سمائجي ان سان هڪ ٿي ويو هجي! اوائلي رشين منين به يقيني طور سنڌو ۽ گنگا جي رمڻيڪ ۽ پوتر ڪنٺن تي اهڙي روح پرور نظارن کان اتساهه وٺندي دنيا جي عظيم گرنٿن رگ ويد، يجرويد، سام ويد ۽ اٿروويد جي رچنا ڪئي هوندي!
برهمچاريه آشرم اندر يوگ جي سکيا سان گڏ ’يوگا‘ جا مختلف آسڻ پڻ سيکاريا ويندا هئا: شيرس آسڻ، پدم آسڻ، پراڻا يام، ناڀا آسڻ، متسيه آسڻ وغيرهه. هتي يوگي جو مطلب هميشه ’ڌيان‘ ۾ مگن رهندڙ جيو سان هوندو هو، جنهن جي حيات اندر مان ڦٽي نڪرندي هجي؛ جيڪو شين جي تت، جوهر ۾ جيئندو هجي. جنهن جي ٻُڌي آتما ۾ کتل هجي، جيڪو سچ جي جيئري جاڳندي مورت هجي ۽ سندس باطن مان ان جو گيان جهرڻي جيان بنان ڪنهن ترشنا ۽ تمنا جي سدا جاري ۽ ساري هجي. اهڙو انسان زندگي جي هر اظهار کي سنمان _ ۽ احترام ڏيندو رهي ٿو. آشرم اندر ذات پات جو متڀيد بلڪل ڪيل ڪيو ويندو هو ڇو جو ذات پات جو ڌرم سان ڪو سنٻنڌ ڪونهي.
پراچين سمئي کان وٺي ڪنهن رشي مني بلڪ گوتم جهڙي ’انڪارپسند‘ دانشور به ديوتائن لاءِ عام مقبوليت جي وشواس کي رد ڪين ڏنو هو! ۽ شنڪر آچاريه جهڙي ’نر آڪار واد‘ (Non_dualism) جي پرچارڪ به ان نڪتي تي پهچي ’عام وشواس‘ کي سنمان ڏنو هو انهن مان اڪثر يوگي اڻ ڏٺل جي ’يڪ وجوديت‘ جا قائل هوندي اڪيچار ’ديوتائي صورت نامي‘ جي اظهار ۽ مڃتا کان پاڻ بچائي ڪين سگهيا هئا.
يوگي آڏو اهي سڀئي ڏيک فطرت ۽ انسان جي مختلف خواهشن جاچتر پيش ڪن ٿا جهڙوڪ شانتي، شڪتي، دليل، ياداشت پنهنجي ڪم ۾ مهارت، نمرتا ، ديا، بک، وشواس، سونهن ۽ ساڃهه؛ ۽ چريترڪ (ڪرداري) ڪمزورين جا ڏيک به انهن ۾ موجود رهن ٿا _ ديوتائي اڪثريت ۾ وشواس به انهن علامتن ڏانهن چٽيءُ طور اشارو ڪندو ڏيکاري ڏئي ٿو.
ان وشواسي ’جزيات‘يا ’انيڪ واد‘ ۾ ڪُلَ جو ايڏو ته بهترين اظهار ملي ٿو جنهن جو ثاني دنيا جي ڪنهن به فڪري نظام ۾ موجود ڪين ڏسي سگهبو! ان فڪر جون پاڙون يقيني طور ’يوگا ‘ ۾ کتل ڏيکاري ڏين ٿيون _ بلڪ يوگي يا برهمچاريه آڏو يوگائي فڪر جو درجو انکان به بلند ۽ مهان آهي جيڪو انسان ذات کي پنهنجي ذات جي ’پورڻتا‘ جي راهه تي آڻيو نيئي ٿو!
يوگا آسڻن جي بنيادي سچائي ان حقيقت ۾ پوشيدهه آهي ته ان تي عمل پيرا ٿيڻ سان ذهني، جسماني ۽ فڪري Catharsis حاصل ٿئي ٿي جنهن کي مون ان ڪچڙي ڄمار ۾ اپنائيندي ان جو ’اڻ رد‘ تجربو حاصل ڪيو هو. البت يوگا فڪري ڌارائن بابت منهنجي راءِ، انڀو ان ’وشواس‘ جي برعڪس آهي. ليڪن ڪنهن به ’سوچ ڌارا‘ تي ڌيان ڏيڻ لازمي امر آهي جنهن ذريعي ان جي جوهر تائين رسائي ممڪن بڻجيو وڃي ٿي. ان عمل ذريعي اسان جي ’باطني واڌ‘ کي وڏي هٿي ملي ٿي. روڳي تن ۽ ميرانجهڙو من برهمچاريه ۽ يوگا فڪر موجب بدي جو آستان ٿئي ٿو؛ انڪري پراچين رشي مني پنهنجي ششن کي آشرم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ سندن ذهني جسماني ۽ اخلاقي تندرستي کي لازمي قرار ڏيندا هئا. سچو يوگي تن کي تسيا ڏيئي پاڻ مارڻ جي هميشهه مخالفت پئي ڪندو رهيو هو.
هتڙي ’يوگڪ فڪر‘ ۽ ’ڪرستي فلسفي‘ ۾ بنيادي متڀيدي نڪتو هيءُ آهي ته پهرين سوچ مطابق انساني آتما لاءِ ڇوٽڪاري جي راهه تجويز ڪري ڏيکاري وئي آهي پر، ڪرستي فڪر ’دليل‘ جو ٻانهون ڏيکاري ڏئي ٿو، ۽ ان موجب هو جيڪو پيمانو آڇي ٿو اهو اڻٽر ۽ مڪمل سچ آهي؛ ۽ ٻيو سڀ ڪوڙ بدوڙ !
’يوگافڪر‘موجب روحاني حقيقت تائين رسائي صرف ڪنهن هڪ طريقي يا وسيلي سان حاصل ڪين ٿي سگهي ٿي. ان مطابق هن جي حصول لاءِ ڪيئي دڳ ۽ واٽون موجود آهن جن جي سر بستي اپٽار’گيتا‘ اندرسهڻي طريقي سان ورنن ڪئي وئي آهي. هندوستاني فڪر موجب گيتا جو گيان ’جُزَ ۽ ڪُلَ‘ جو انڀو پسائڻ جو هڪ نادر نمونو آهي. اٺين صدي عيسوي ۾ هندوستان جي ڏاکڻي خطي ۾ رهندڙ بيدار مغز ۽ عظيم فيلسوف شنڪر آچاريه جنهن يڪ وجودي يا نرآڪار وادي فڪر جو بنياد وڌو هو اهو پنهنجي عملي زندگي ۾ انيڪ وادي (dualist) مڃتا واري نظرئي ۾ پڻ وشواس رکندو هو ۽ ڌرمي طور ان رخ ڏانهن عمل پيرا به رهيو! منطق جو هڪ بهترين ڄاڻو ۽ گياني پرش هو؛ پر، ان جي باوجود پنهنجي مختلف النوع دنيوي ۽ آتمڪ مقصد جي حاصلات لاءِ الڳ الڳ ذريعن اپنائڻ تي زور ڏيندو رهيو _ Duality فڪري نظام سندس جيون جي سوچ جو ٻهڪندڙ باب رهيو هو.
ڏاهو بڻجڻ لاءِ ايڪٽر جهڙي قابليت ۽ رياض جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ اها خوبي خاص ۽ عام لاءِ هڪ جيتري اهم ۽ ضروري آهي. ڪنفيوشس جي چيني فڪر ۾ انسان جي etiquette تي زور ڏنل آهي ۽ ان موجب ملائم ۽ نرم گفتار ٻاهرين وستو ڪونهي بلڪ اخلاقيات جي بنيادي وصف آهي ۽ باطن مان ڦٽي نڪري ٿي!
برهمچاريه ۽ يوگي فڪر مطابق انسان جو سموروجيون ۽ موت سندس ڌرتي ماءُ سان ڳنڍيل رهي ٿو. هن ويچار ڌارا مطابق انسان ڌرتي سان واڳيل رهي ٿو، ۽ ڌرتي ساڻس واڳيل نٿي رهي. ڌرتي پنهنجي اولاد کي گهڻو ڪري جدا نٿي ڪري. سندس تعداد ۾ ڪيڏو به واڌارو ٿئي ٿئي ڌرتي جيجل جيان سندس پرگهور لهي ، مٿانئس پنهنجون اڻ ڳڻت نعتون نڇاور ڪندي رهي ٿي ۽ جڏهن هو پنهنجي انت تي پهچي ٿو ته ماءُ جيان کيس پنهنجي وسيع ۽ پيار ڀرئي گود ۾ لولي ڏئي هميشهه لاءِ سمهاريو ڇڏي ٿي. ان بعد ڌرتي جي نئين اتپيل نسل ۾ ڌرتي اندران سندن وڏڙن جي سڳنڌ لاڳيتو نڪرندي رهي ٿي جيڪا سندن ساهه ۾ سمائجيو وڃي ٿي. اهو پر امن فڪر چيني ۽ يوناني فلسفي ۾ به ڏسجڻ ۾ اچي ٿو. اهو قديم فلسفي ۽ ڌرم جو حصو به ليکجي ٿو.
چين جي جهوني ودوان ۽ دانشور ’لائوتزي‘ سچ چيو هو ته: ”آسمان سرووياپڪ ۽ امر آهي، ۽ ڌرتي هميشهه کان سهن شڪتي جي امر علامت! انهن ٻنهي جي سدا برکا وسائيندڙ امرتا جو ڪارڻ اهو آهي ته هو پنهنجي ’ذات‘ لاءِ قائم ڪين آهن بلڪ آدجڳاد کان جيون کي تسلسل بخشي رهيا آهن.“
اڪيچار انسان پنهنجي طبعي موت کان اڳ مريو وڃن ٿا ليڪن ڪجهه اهڙا به ٿين ٿا جيڪي پنهنجي مقرر وقت کان پوءِ به پنهنجي ’امر فڪر‘ ۽ ’اوچي آدرش‘ اندر جيئندا رهي امرتا جي اوچاين کي ڇهي وڃن ٿا، انهن ۾ گوتم ٻڌ، عيسيٰ، مهاوير، ڪنفيوشس، سقراط، ڪارل مارڪس وغيره زندهه جاويد حيثيت ماڻي رهيا آهن.
دنيا جي تباهي ۾ ’بدي‘ جو ڪردار اهم جڳهه والاري ٿو. پر، پرلئه (قيامت) کان پوءِ هميشهه نئين جڳ جي تعمير لازمي بڻجيو وڃي ٿي _ انقلابي تبديليون ڪهنه ۽ مدي خارج صورتن کي ڪک پن جيان اڏايو ڇڏين ٿيون؛ انڪري موت ۽ تباهي فطرت جي ڪک ۾ ازل کان پلجندا رهن ٿا. هندو ڏند ڪٿا ۾ ان خدائي حقيقت جو اظهار وشنو، برهما ۽ شو جي علامتن ذريعي سهڻي انداز ۾ ورنن ڪيو ويو آهي؛ صرف انسان کي انهن ڪردارن جي عملي پهلو ۾ دخل اندازي کان روڪيو ويو آهي ڇو جو منش اهڙي توازن رکڻ جي قوت کان وانجهيل قرار ڏنو ويو آهي. انسان هٿان پنهنجي نسل تي هنسا (تشدد) جي عمل کي نندڻ جوڳو ٺهرايو ويو آهي. انساني برتري جي دير پائي صرف اوچي تمدن ۽ اخلاقي معيار تي پرکي سگهجي ٿي، جرئت کان سواءِ شڪتي انڌي بڻجيو وڃي ٿي ۽ قرباني جي خواهش کان سواءِ توازن، تنظيم بلڪ جرئت جي به ڪا اهميت ڪونهي!
آسمان، درياهه يا نهر جهڙو بيگاري يا سنڌ واهه ڏانهن لاڳتيو تڪڻ سان اَپارتا، پوترتا، پورڻتا، نظم ۽ ضبط ۽ ڪشلتا جو احساس پيدا ٿيندو هو جنهن ذريعي ان ڪچڙي عمر ۾ به پنهنجي باطن ۾ هڪ قسم جي نرملتا ۽ اجلي پڻ جي موجودگي جو احساس جاڳندو هو ! هيئنر به ان عمل کي ورجائڻ سان ائين ڀاسندو آهي ڄڻ پنهنجي وجود جي ڪنهن اڻ ڄاتل حصي مان بيگاري، سنڌو، گنگا يا آڪاش منڊل ڦٽي نڪرندو هجي _ ۽ ڪائنات ڌرتي ماءَ جيان جنني جو روپ بڻجيو وڃي!
ڪوئل اسر ويلي درد ڀريا سر ڇيڙيندي هئي ۽ سڄو ڏينهن انهن جو پڙاڏو ماحول اندر گونجندو رهندو هو.
آشرم جي نيمن موجب اسان کي صبح ۽ شام جي ’سنڌيا‘ بعد ئي ڀوڄن ورتائڻ جي اجازت هوندي هئي. منهنجي جيون تي انهن نيمن جو اثر ڪافي ديرتائين موجود رهيو. گڏيل هندوستان مان آيل وديارٿين جي هلت چلت سڀاءُ قابليت به هڪ ٻئي کان نرالي هوندي هئي _ سڀني مٿان سنياس واري جيون جي ڇاپ ۽ منظر بکندو رهندو هو!
اندر ۾ جهاتي پائڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته چوگرد دک ويڙهيل ڪونهي بلڪ اها مايا آهي ۽ اسين ان ۾ وڪوڙيل رهون ٿا _ ۽ ان کي دک جي غلط نانءَ سان منسوب ڪندا رهون ٿا. ان تي سوچيندي خيال پيدا ٿيندو اٿم ته اسا کي جڳائي ته روشني لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهون ۽ سچ جو اظهار به وڻندڙ سيبائتي نموني سان ڪيون.
ڪڏهن ڪڏهن اهو به محسوس ٿيندو رهي ٿو ته ’موت‘ ڪنهن پياري دوست جيان آهي سچو ۽ مخلص ! هو ڪڏهن به دشمن ڪين بڻجندو آهي جيئن اڪثر کيس سمجهيو وڃي ٿو. اسان کيس اجايو ڀڄائڻ جا انيڪ جتن ڪندا رهون ٿا. اسان کي جڳائي ته ان جو به آنند وٺون !
ڪڏهن اهو خيال به اتپن ٿيندو رهي ٿو ته زال يا محبوبه سان گڏ درد جي ڪيفيت به آتما ۾ سڳنڌ رچيو ڇڏي. هتي پيٽرڪ پيئرسن ياد پيو اچيم جنهن سرڪڻي تي چڙهڻ کان ٿورو اڳ پنهنجي شادي رچائي هئي!
اڄ جي ڪٽرپڻي،انساني قتلام، جانورن جي بي پناهه ڪوس، جهنگلن وڻن کي بي دردي سان ڪٽي بيابان بڻائڻ جي صلي ۾، ڪنهن ڌرمي نڪتي يا مذهبي متي موجب ڪنهن اهڙي ڪڌي ڪرتوت ۾ مشغول انسان کر سرڳ پوري يا جنت اماڻڻ جو پروانو ڏنو وڃي ته پوءِ ڪهڙي عمل ڪارڻ کيس نرڪ يا دوزخ ۾ اماڻيو ويندو ؟ ماڻهو کي اهنساوادي آدرش ذريعي اهڙي انساني سٿ کان الڳ ڪرڻ جي جتن جي جيڏي هن وقت ضرورت آهي اوڏي اڳ ڪڏهن ڪين رهي آهي.
هتڙي الائجي ڪٿان سکر جو هڪ وڪيل دوست (70_1960ع) قادر بخش سندراڻي يادن مان اڀري آيو اٿم. هو اميرعلي جي ڪتاب ’روح اسلام‘ Spirit of Islam)) کي قراني درجو ڏيندو هو ۽ هر وقت ان جي تقدس گيان جا ڍڪه ڀريندي ڪين ڍاپندو هو؛ ليڪن ذاتي زندگي ۾ ڪراچي ۽ لاهور جي چڪلن جا طواف ڪندي پرايا ننگ تڪيندي زندگي جي رفتار کي پنهجي وت کان وڌيڪ تيز تر ڪرڻ سبب ننڍي ڄمار ۾ ڪنهن جي غير مقدس ۽ غير صحت مند نشاني جو شڪار ٿي عدم جي راهه وٺي جنت ۽ دوزخ جي دروازن تي مٿو ٽڪرائيندي يقيني طور رتو ڇاڻ ٿي ويو هوندو!
’آستڪ واد‘ (Theism) انساني سوچ جي بازيگري ڪونهي بلڪ وشواس جي عملي صورت قرار ڏئي سگهجي ٿو. آشرم اندر ان نڪتي جو عملي منظرنامو پسبو رهبو هو.
اسان کي سيکاريل گيان مطابق ’برهمچاريه‘ متو پنجن انڀوئن مان هڪ اهم ٿنڀو ليکيو وڃي ٿو جنهن کي ۽ ٻين انڀوئن کي به پوڄا يا اُپاسنا وسيلي جاڳرت رکي سگهجي ٿو. اپاسنا ئي برهمچاريه نيم کي پنهنجي مناسب جاءِ تي اسٿاپن ڪري سگهي ٿي. ان عمل تي ڪاربند رهڻ سان اسان جو من اُجرو رهي ٿو. ان صورت ۾ صبر جي دامن جي سنگت به ساڻ هئڻ جڳائي ڇو جو جنهن صبر کان منهن موڙيو اهو اوس جسماني روڳ جو شڪار ٿيندو. سڀ کان اڳ ذهن اتاولو ۽ بي صبرو ٿئي ٿو _ ۽ جسم سندس نقش قدم تي هلندو رهي ٿو.
برهمچاريه جيون تي گهري نظر رکڻ سان اجايا خيال پرگهٽ ڪون ٿيندا آهن _ ان متي موجب ! ان کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي خيالن کي وسعت ڏيڻ لازمي امر آهي. ائين ڪرڻ سان پنهنجي يارهن ئي حواسي عنصرن تي قابو رکي اسين پنهنجي ’سفلي جذبات‘ تي ضابطو رکڻ جا اهل ٿي سگهون ٿا. جيڪو انسان ناعملي ۾ عمل ۽ عملي حالت ۾ ناعمل ڏسڻ جوڳو هوندو اهو ئي صحيح معنيٰ ۾ يوگي سڏائڻ جو حقدار ٿئي ٿو.
برهم چاريه آشرم ۾ رهڻ دوران قديم دور جي ’سنياس واد‘ جي ظاهري طور پڏايل آدرشي ڪردار کان ونءُ ويندو هيس؛ جنهن لاءِ خاص طور سکيا ڏيڻ وقت چٽيءَ طور ذهن نشين ڪرائي ان جي مهما ۽ ساراهه ڪئي ويندي هئي _ جنهن موجب گهر ٻار تياڳي، سنسار سان لڳ لاڳاپا ٽوڙي سکڻين هنيانءُ ۽ سکڻين جسم سان ڏوراهن ڏيهن ۾ بنواس وٺي، ڪنهن ڪٽيا يا گڦا ۾ جيون جا باقي ڏهاڙا، سال اڪيلائپ جي ويڳاڻي پڻ ۾ گهارڻ جو اپديش ڏنو ويندو هو! پوءِ آهستي آهستي عمر جي اضافي، گيان جي واڌاري، لاڳيتي مشاهدي ۽ وڌندڙ تجربي جي بنياد ۽ ڪلپنا جي اُڏام ذريعي سکيم ته سچي، سيبتي ۽ ڪرم يوگي سياسي کي تياڳ وٺي بن بن ڀٽڪڻ بجاءِ پنهنجي باقي جيون کي انسان ذات جي سيوا ۾ سڦل ڪرڻ جڳائي.
مدرتريسا،اسيسي جو سنت فرانسس، گانڌي، البرٽ شويٽزر، گوتم ٻڌ، عيسيٰ وغيره اهڙي ’نشڪام سٿ‘ جا چند اعليٰ نمونا آهن.
انڪري بن ۾ وسيل اِهي ڪٽيائون، مٺ ۽ رمڻيڪ هنڌن تي اڏيل آشرم آتمڪ گيان علم ۽ منش جي سيوا جا آسٿان هئڻ جڳائين. مونکي کي هتڙي ياد پيو اچيم ته پراچين سمئي ۾ هندوستان اندر گيا، ٽيڪسلا، سارناٿ، نالندهه وغيره جا مشهور آشرم ۽ گُرو ڪُلَ _ ۽ يونان اندر ڪريٽ جزيري جي پهاڙن تي ڦهليل انيڪ خانقاهون ان متي جون ’عملي‘ ثابتيون هيون جيڪي هيئنر صرف تاريخ جي پنن تي ڦهليل ڏسي سگهجن ٿيون.
اُتم سنياسي انسان ذات جي خدمت دوران پاڻ کي ائين سمجهي ڄڻڪ هو هڪ آزاد گياني پرش جيان ٿڌو ٿانئريو، آتمڪ ٻل ۾ محو، نشچنت ڪنهن گهاٽي بن ۾ رهندو هجي، کيس ڌرم (فرض) کي جيون ۽ جيون کي ڌرم سمجهڻ جڳائي _ ۽ انسان جي شيوا دوران اهو ذهن نشين ڪرائي ته جيڪو اتم ۽ نيڪ ڪم هتي، هن سنسار ۾ سرانجام ڏيئي زندگي سڦل ڪري سگهجي ٿي؛ ساڳيو اعليٰ ۽ چڱو عمل سندس عقيدي وشواس مطابق ، زندگي جي ٻئي موڙ يعني سورڳ پوري ۾ گهارڻ دوران به سرانجام ڏيئي سگهبو ۽ اهو ئي حقيقي ۽ سچو نرواڻ آهي؛ هِتي ۽ هُتي ٻنهي ۾ ڪو فرق ڪون هوندو!
سنياس جي ان عمل ۾ (اگر حقيقت ۾ آهي ته) درياهه جي رواني جيئن مرلي جي ڌن وانگر، ۽ هڪ اڻ ڄاتل روح پرور سنگيت جهڙي ڪيڏي نه مڌرتا امرتا ۽ مهانتا سمايل آهي. مهان رشين (ڏاهن) گوتم ٻڌ، مهاوير، مارڪس آرنيليئس ، ۽ سينٽ فرانسس آف اسيسي پڻ نجات لئه ان سکيا کي اپنائڻ تي زور ڏيندا رهيا هئا.
ڪرم يوگي ۽ گڻوان سنياسي کي ڌرم اندر زوري ۽ کيڏ سان داخل ڪيل مدي خارج، بي بنياد وهمن وسوسن ۾ ويڙهيل خراب ۽ بدبودار ريتن، رسمن، عقيدن جهڙوڪ موجود جنم جي ڀوگڻا ۽ دک يا آنند ۽ خوشيون پنر جنم ۾ ڪيل بُرن ۽ چڱن ڪرمن جو نتيجو آهن _ جو من جي ايڪا گرتا ۽ ذهن جي ڪشلتا سان وروڌ ڪرڻ جڳائي. جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي _ ۽ ٿيندو رهندو اهو هن مادي سنسار سان سلهاڙيل آهي _ ۽ بس! ان بعد جيون بي انت عدم ۽ اپار اونداهه جو حصو بڻجي ويندو. نرڪ ۽ سرڳ اسان جي ڪلپنا جا اونداها، بي حقيقت، بي بنياد پاڇا آهن _ ۽ بس !
آشرم واري جيون تي ويچاريندي مهاڪوي ڪاليداس جي دور، ۽ ان اندر موجود ويچار ڌارا، اکين آڏو اچي بيهندي اٿم. ان سمئي ۾ ماڻهو فطرت جي هر ڏِکَ، هر وستو، هرشيءَ سان پنهنجو گهروسنٻنڌ، ويجهڙائپ حتيڪ مٽي مائٽي جوڙيندي فخر محسوس ڪندا هئا! انهن ۾ منش جي چوگرد جهجهائي ۾ ڦهليل جانور، پکي، وڻ، ٻوٽا، ساوڪ جا اکيون ٺاريندڙ ميدان، گل ڦل، سبزيون ڀاڄيون _ ڪشادو آڪاش منڊل، جل ٿل جا اپار ڀنڊار وغيرهه هوندا ها؛ ۽ ساڳي سوچ جو _ اڻ ورنن ڪيل احساس ان ڪچڙي عمر ۾ به هوندو هيم ڇو جو آءٌ به ساڳي ئي وايو منڊل ۾ جيون گهاريندو هئس.
اڄ ڪالهه جي زماني ۾ اها ويجهڙائپ ۽ پنهنجائپ، ڪيڏي نه ’عجب ‘ بڻجي وئي آهي. اِهو انسان ذات جي جيون جو نهايت دکدائي باب آهي!