گار
اسان جي ڌرتي تي گارين، انهن کي گهڙي سنوارڻ ۽ بعد ۾ ’لست ‘ ڏيندڙ ادائگي جي فن ۾ سنڌ، خاص طور سکر ۾ رهندڙ جاگيراڻين ۽ سلاٽن جو ڪو مٽ ڪونهي. گارين ڏيڻ وقت خاص طور ’انهن‘ پاڙن جي عورتن جو سمورو جسم ’موزارٽ ‘ جي ڪلاسيڪي سيمفني جي صورت اختيار ڪريو وٺي ٿو، ائين لڳندو آهي ڄڻ روس جي ڪا مشهور بيلي ڊانسر اسٽيج تي پنهنجي اُتم فن جو مظاهرو ڪري رهي هجي. سندن اکين ۽ ڀروُن جي اشارن ذريعي ڄڻ من ۾ ڪٿڪ جو احساس جاڳندو هجي، سندن هٿن، ٻانهن، پيرن ۽ ٽنگن ۽ سموري جسم جي لئه ۾ ٻڏل لوڏ کي ڏسندي ائين لڳندو ڄڻ مني پوري ’نرت جي ديوي‘ منجهن واسو ڪيو هو. سندن آواز جي زيروبم ۽ ساهه جي هيٺ مٿائين ڪنهن ماهر ڪلاسيڪي راڳيءَ جو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي ’وجد ‘ ۾ اچڻ جو نظارو پيش ڪندو هو.
رشيد ڀٽي جي گهرواري گهٽي جي ٻنهي پاسن کان ’جاگيراڻين‘سان والاريل منهه ٺهيل هئا، ان ڪري ان جو نالو ’جاگيراڻي پاڙو‘ پئجي ويو هو. مردن جي ڪرت ۾ مزوري، اٺ گاڏو هلائڻ، سينيما تي ٽڪيٽن جي بليڪ ڪرڻ، سنهيون سڪيون چوريون، جوئا ۽ ٻيا ڪاٽڪو ڪم هئا. زائفون گهر جي ڪم کان فارغ ٿي ڪو به ’بي وجود بهانو‘ گهڙي هڪٻئي سان تڪرار ڪرڻ پنهنجو مرڪ سمجهنديون هيون ۽ نتيجي ۾ هڪٻئي مٿان نت نين گارين جو ڌوڙيو هوندو هو. قدرت مٿانئن وڌيڪ مهربان ٿي کين شڪل شبيهه جو ملوڪ بڻايو هو، انڪري انهن مان ڪيئي جوڌي قسم جي يارن جي نينهن ۾ ڦاٿل هونديون هيون. اِها سموري پيرائتي ڄاڻ ۽ تجربو مون کي ۽ نياز همايوني، تنوير عباسي، مقبول صديقي ۽ ڪجهه ٻين دانشورن دوستن کي رشيد ڀٽي وٽ گهڻي ’اچ وڃ‘ جي عيوض حاصل ٿيو هو.
منهنجي گهري مشاهدي مطابق جاگيراڻي عورتن جي اڪثريت ۽ ڪنهن قدر سلاٽياڻين جي اکين ۾ قدرت اڇوتو حسن ۽ چمڪ ڀري هئي، پر هوُ پنهنجي خوابيدهه اکين جي حسن ۽ جسم جي بي پناهه جادوئي ڪيفيت جي موجودگي کان بي خبر لڳنديون هيون! ان جي برعڪس پڙهيل ڪڙهيل شهري جوانڙيون ’وهندڙ امنگن‘ جي اظهار ۾ بي باڪ هونديون آهن. حيرت لڳندي هئم ته پنهنجي ان ’املهه وصف‘ جي ڪٿ ۽ قيمت کان ڪيئن اڻ ڄاڻ رهجي ويون هيون! پر قدرت منجهن حاضر جوابي، ڪجهه ڪجهه هُوءِ، پنهنجي پر ۾ سمجهه ۽ فهم ۽ جذبن ۾ طوفان برپا ڪندڙ ’ڪدورت‘ اوتي پهرين ڪمي جي پورت ڪري ڇڏي هئي. مان اڄ ڏينهن تائين سندن تڪيندڙ جادوئي نظرن جا ٻاڻ، سندن سنهين شفاف پوتين هيٺان ڊگها لهرائيندڙ ڪارا واسينگي وار ۽ جسمن جا دلڪش ۽ متناسب اُڀار وساري ڪين سگهيو آهيان! سندن سونهن ڀريل چمڪندڙ اکين ۾ پريم رس ۾ ٻڏل پاڻ ارپڻ جي چاهنا بجاءِ نوڪيلي ۽ ڪرخت ’ويڻ ‘ جو پاڇو لهرائيندو هيو! سندن اکڙيون محبت جي مخمور مهراڻ بجاءِ شڪ، هنسا جي ڄر ۽ داوَ پيچ جي پهلواني جو آکاڙو ڀاسنديون هيون. هنن لاءِ مذهب ايمان بجاءِ سماجي ضرورت ۽ رواج هوندو هو ۽ ان جي ڀڃڪڙي پنهنجي پوري فهم سان هاڃيڪار ڄاڻنديون هيون ۽ دوزخ کي به ان رواج جي ڪک مان ڄاول ڀيانڪ ٻار جيان ليکينديون هيون!
اهڙي قسم جي حسينه ۽ عام طور اها دوشيزه جيڪا دليل، منطق، سائنسي تجزئي واري ۽ ’حسابي ڪتابي‘ ٿئي ٿي سا عقلمندي ۽ ذهانت جي لحاظ کان يقيني طور لاجواب هوندي آهي پر عشق، جنس (Sex) ۽ جذبي جي ’تپش‘ ۽ ان جي ’مادي‘ سواد، لذت ۽ آنند جي لحاظ کان سخت مايوس ڪندڙ هوندي آهي!
هتي مون کي مشهور ناول نگار سڊني شيلڊن جو قول هري آيو آهي ”اهڙي عورت جيڪا ’حسن ۽ ذهانت‘ جهڙين ٻنهي خوبين سان، ساڳئي وقت مالا مال هجي ان تي قطعي ڀروسو نه ڪجي!“
هتڙي حسين جاگيراڻين ۽ مردمار سڊول سلاٽياڻين ۽ سندن ’بي ڪئتي‘ سڀاءُ تي سوچيندي قلوپطرا بابت هڪ دلچسپ ۽ ٺهڪندڙ فقرو ذهن مان بُڙڪو کائي، ٻاهر نڪري آيو آهي:
”قلوپطرا برف جي اُڏامندڙ گالن کان وڌيڪ اڇيري هئي، ٽڙيل گلن جي ٻاري کان وڌيڪ ٽڙيل ۽ خوشبودار هئي، بيهڪ ۾ سرو جي پختي درخت کان وڌيڪ ڊگهي ۽ سڌي هئي، ڪرسٽل کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ چمڪدار هئي، ننڍي ٻالڪ کان وڌيڪ البيلي ۽ کيچلي، سامونڊي ڪوڏن ۽ سپين جي لساڻ کان وڌيڪ لسي بدن واري هئي! سياري جي سج ۽ اونهاري جي ڇانوَ کان وڌيڪ راحت بخش ۽ وڻندڙ، ڪُلو صوفن کان وڌيڪ گلابي ۽ شاندار پهاڙ تي ڦهليل برف کان وڌيڪ چمڪندڙ، انگور ۽ ماکي کان وڌيڪ مٺڙي، ملائي نڪتل کير ۽ بطخ جي پُٺِ کان وڌيڪ نرم ۽ نازڪ، سر سبز باغيچي کان وڌيڪ سهڻي ۽ تازگي ۾ ويڙهيل! “
”پر، انهن سڀني لڀائيندڙ ۽ آفاقي وصفن جي باوجود اڻ _ گهڙيل گهوڙي کان وڌيڪ گرم مزاج واري، ٽالهي جي جهوني وڻ کان وڌيڪ سخت ۽ اڻ مڙندڙ، رڃ کان وڌيڪ فريبڻ، بيد مجنون کان وڌيڪ سختي سان پيش ايندڙ، پهاڙي ڇپن کان وڌيڪ اڻ چرندڙ، جهرڻي جي طوفاني وهڪري کان وڌيڪ جوش واري، مور جي تڪبر کان وڌيڪ غرور ۾ ٻڏل، باهه کان وڌيڪ لوساٽيندڙ ۽ ڪنڊن کان وڌيڪ چڀندڙ، سامونڊي لهرن کان وڌيڪ بي ڌياني، نانگ جي ڏمر کان وڌيڪ ڪاوڙيل، هوائن جي طوفاني تيزي کان وڌيڪ بيوفا ۽ طوطا چشمي! “ جيولس سيزر، انتوني جهڙا سورما ۽ سياڻا سندس فريد ڪاري جو بُک ٿي، الوپ ٿي ويا!
هڪ لڱا رات جو اَوير مهل رشيد جي اوطاق مان نڪري جيئن ٻاهر آياسون ته ڀرسان بيٺل اٺ گاڏي هيٺان چرپر ۽ سرگوشي ٻڌڻ ۾ آئي، سامهون ايندڙ ڪنهن گاڏي جي هلڪي روشني ۾ ان گاڏي هيٺان ٻه جسم بي لباسي جي حالت ۾ وڻ ويڙهي جيان هڪٻئي جي ٻک ۾ تڙڳندا نظر آيا! اسان جي ڀرسان لنگهڻ وقت هڪ مرداڻو ڀوءُ گاڏڙ آواز ڪنين پيو ”....... ذرو چپ ڪر، ڪجهه مڙسالو پيا اچن.“ موٽ ۾ هڪ زناني مترنم پرکنڪندڙ آواز، بيباڪي واري انداز ۾ وراڻيس ”......ڪو اُلڪو نه ڪر، هيءُ پنهنجو ٻالڪو ’بگن ‘ آهي (رشيد ڀٽي جو گهريلو (Nick name پنهنجي يارن سان پيو وڃي، کيس اڃان کيرا ڏند به ڪونه نڪتا آهن ۽ سندس يار ته کانئس به ويل آهن، تون بي اونو ٿي ’چيڪلو ‘هلائيندو رهه!“ اِهو سڻي اسان تيز ٻرانگهون ڀريندا گهٽيءَ جي ’بونءِ‘ کان به پري نڪري وياسون.
ٻئي ڀيري نياز همايوني، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي سان گڏ سندس اوطاق ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ان مهل ٻه ’ملوڪ ‘ جاگيراڻي جوانڙيون ’ڪٿاڪلي‘ ۽ ’مني پوري‘ پوز ۾ هڪٻئي کي شهه ڏيڻ ۾ رڌل هيون، اوچتو هڪڙيءَ نياز ڏي اشارو ڪري ’مني پوري راس‘ ۾ رڌل وينگس کي چيو ”.......توکي بگن جي ان ’مڪراني ڪٽ‘ يار کان.......ڪرائيندي مانءِ“ (ان زماني ۾ نياز جا وار مڪرانين جي وارن جيئن ننڍا، سخت ۽ گهنڊي دار هوندا هئا). اِهو ٻڌي نياز ڦونڊ ۾ ڀرجي پنهنجي قميض جو ڪالر ٺيڪ ڪندي وارن مٿان هٿ ڦيريندي ’چرڻ‘ لڳو. مني پوري راس ۾ رڌل سندري بنان ويرم ٺهه پهه ورندي ڏيندي چيس ”........تون پاڻ ههڙي تهڙي مون کي ڇا ڪرائيندينئن، مان بگن جي ان ’يار ‘ کي سموري سکر شهر، بشمول معصوم شاهه مناري جي.........ڪرائينديس“ نياز اِها سلوات ٻڌي، ڪَنَ ڪيٽا ڪري، سو ميٽر جي رفتار سان ڊوڙندو وڃي رشيد جي اوطاق ڀيڙو ٿيو هو!
اهڙي قسم جا انيڪ واقعا ۽ ڪلاسيڪي گاريون ’يادن جي ڀنڊار‘ ۾ وسن ٿيون پر قلم جي پهچ ۽ مريادا جي سيما کان گهڻو گهڻو پرتي آهن (هڪ ٻي ڪلاسيڪي ۽ اختراعي گار پٽو ڇنائي آڏو اچي بيٺي اٿم. هڻ کڻ قسم جي هڪ دَلپذير جاگيراڻي ملڪا، سامهون بيٺل ڪامڻيءَ مٿان وڄ جيان ڪڙڪندي چيو هو ”........ههڙي تهڙي تنهنجي ’فلاڻي جاءِ‘ اندر مس ڪپڙي رکي آهي ۽ ان مان آڱريون ٻوڙي يارن ڏانهن خط لکندي رهين ٿي!“ ڪامڻيءَ کن پل وڃائڻ بنان ئي وراڻيس ”هل ڙِي هل منهن ڪاري، تنهنجي ’فلاڻي جاءِ‘ ۾ ڪتا، ٻليون گڏ ڪري انهن جي ’ريس‘ ڪرائينديس ۽ تنهنجا سڀيئي چَگهه توکي ڇڏي ان ريس ۾ وڌيڪ چاهه وٺندا!“
ان گاريل ماحول جو اثر ۽ ڇاپ رشيد ڀٽي ۽ سندس نيڪ دل، مخلص، زميندار، صحافي پيءُ مولوي عبدالحميد ڀٽيءَ تي پڻ نمايان طور نظر ايندي هئي، جيتوڻيڪ مولوي صاحب ٺيڙهي جي مشهور اهل سنت دارالهديٰ مدرسي جو مهتم به رهي چڪو هو ۽ رشيد ڀٽي پڻ ڪجهه وقت ان مدرسي اندر درس تدريس کان ’فيضياب‘ ٿيو هو. ان کان علاوه ٻنهي پيءُ پٽ مٿان هلڪو ۽ گهرو ادب جو رنگ پڻ چڙهيل هيو. انهن سڀني ’هاڪاري ‘ وصفن جي باوجود جاگيراڻين جي مشهور شخصيت ’کمڻ‘ جاگيراڻي جو خاص رنگ ٻنهي جي گفتگو مان ڪڏهن ڪڏهن ائين ڦاٽ کائي نڪرندو هو، جيئن اونهاري جي مند ۾ سنڌوءَ جي ڪنهن ڪناري وٽ گهاري پوڻ سبب ملڪ ٻوڙ ٻوڙان ٿي ويندو آهي.
سن 55_1954ع کان اسان پنجن يارن، اياز، نياز، مقبول صديقي، تنوير عباسي ۽ راقم الحروف جي گهڻو ڪري باجماعت، رشيد جي گهر ۽ اوطاق ۾ اچ وڃ ائين هوندي هئي، جيئن واءُ ريڪوٺيو ايندو آهي، مهلو ڪمهلو، الائجي ڇاڪاڻ، مولوي صاحب (رشيد جو محترم پيءُ) جي اک ۾ اسان سڀ، ڪنڊي جيان چڀندا هئاسون ۽ بدقسمتي سان گهڻو ڪري پهريائين ساڻس ئي مکاميلو ٿيندو هو. ادب سان کيس رشيد کي اطلاع ڏيڻ لاءِ عرض ڪبو هو. دروازي ٻاهران بيهاري کيس (رشيد کي) ڏند ڀيڪوڙي اڌ کليل چپن جي وچ مان سکن جي ڦاٽل نغاري جيان سرڙاٽ ڪري چوندو هو ”بگن، آيا ٿئي تنهنجا لونڊڙا، لونڊڙا يار“ اهو ’آواز ‘ اسان جي ڪنن ۾ اوتجڻ بجاءِ دون ۾ گوليءَ جيان وڃي لڳندو هو! اسان سڀني جي اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هئي، جيئن تکي بارش ۾ گُلر سُسي ڄاهي جيان ٿي ويندو آهي! ’لونڊو‘ يا ’لونڊڙا‘ سندس خاص گار هئي، اسان جي لڏي مان صرف عبدالرزاق راز ۽ مولائي شيدائي ان اڻ مندائتي ’وٽ‘ کان بچيل هئا، ڇو جو هو ان گڻائتي پاڙي کان ونءَ ويندا ها، اِهي دُون واريون گوليون سٺ واري ڏهاڪي تائين کائيندا رهياسون، جيستائين ڪ مولوي صاحب “عدم“ جو رستو نه اختيار ڪيو هو.
هتڙي مون کي اردو جي چئن معتبر ۽ هاڪاري اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جي ياد مهڪندي اڳيان اچي بيٺي اٿم، انهن مان ٽن سان منهنجي ويجهڙائپ ۽ پڪي ياري رهي هئي. احمد جمال پاشا (اردو جو طنز، مزاح نگار)، ڊاڪٽر قمر رئيس (مشهور ترقي پسند نقاد، شاعر) حسن عابد (ارتقا جو ايڊيٽر ۽ پيارو شاعر) ۽ رتن سنگهه (اردو جو افسانه نويس). سن 2006ع ۾ دهلي اندر ڊاڪٽر قمر رئيس جي گهر حسن عابد، رتن سنگهه، آمريڪا مان آيل اختر حسين، راقم الحروف ۽ ڪجهه ٻيا دانشور رات جي ماني تي گڏ هئاسون. جهونجهڪڙي تائين پنهنجون ڪٿائون ۽ جڳ جون وارتائون ٿينديون رهيون. ڍاپي نه پئي ڍاپياسي، صرف احمد جمال پاشا جي ڪمي محسوس ٿي رهي هئي، ڇو جو هُو گهڻو اڳ گولاٽيون کائي گوتم جي Void ۾ الوپ ٿي چڪو هو.
هي ادبي ’چوياري ‘ گذريل صدي جي چوٿين ڏهاڪي ۾ لکنو ۾ ڪاليجي شاگرد هئا ۽ اسان واري مٿي ڄاڻايل ’پنج ياري‘ جيئن احمد جمال پاشا جي گهر گڏجي ’ادب ‘ ثقافت ۽ سماج جي اُنتي جون رٿابنديون ڪندا هئا، پر اڪثر هنن جي پهچڻ شرط احمد جي پيءُ کي سندن ڀڻڪ پئجي ويندي هئي ۽ هو مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي جيان مٿانئن گارين جي ڌم لڳائيندو هو. مولوي ويچارو صرف هڪ گار تي صبر ڪندو هو ليڪن احمد جو والد گهر جي مٿانئين دريءَ مان منهن مٿو ڪڍي کين بلند آواز سان مرڪب گاريون (Compound) ڪچين ۽ پڪين جي آميزش ۾ ائين سرتال ۽ لئه ۾ ڏيندو هو، ڄڻ مالڪوس کي خيال سان ملائي، خيال کي ميان جي ٽوڙي ۾ مڪس ڪري ۽ ميان جي ٽوڙي جئه جئه ونتي اندر ملائي سموري جڳ آڏو پنهنجي فن جو اظهار وڏي واڪي ڪندو هو! سندس گارين ۾ فصاحت، بلاغت ۽ ندرت هوندي هئي، ڳلي جي چئني ڏسائن ۾ ڀڄي پناهه وٺندا هئا، ليڪن اُهي رت _ ڳڙ جيان سن 2006ع واري ’يادگار رات‘ وقت به سندن روح تي چهٽيل هيون! مولوي صاحب ته احمد جي والد جي ڀيٽ ۾ جيتامڙو ۽ للي پوتين ٿي ڀاسيو.
مولوي اسان سڀني جي ڀيٽ ۾ نياز تي وڌيڪ نامهربان ’مهربان‘ هيو، ان ڀيد ڀاءُ ۽ امتياز جي ڄاڻ آخر تائين ڪين پئجي سگهي هئي. شايد سندس ’مڪراني ڪٽ‘ مهانڊا ۽ بي باڪانه انداز، رک رکاءُ کان نابري مولوي صاحب کي ڪين آئڙندي هئي. نياز کي حافظ صاحب جي ان امتيازي سلوڪ ۽ ’لونڊڙي ‘ لفظ جي تهه ۾ لڪل تير جهڙو چڀڪو اسان سڀني کان وڌيڪ ايزائيندڙ ڀاسندو هو ۽ آخر پنجاهه جي آخر ۽ سٺ جي ڏهاڪي جي شروع ۾ هڪ ننڍڙي مزاحيه نظم جنم ورتو، جيڪا سندس من جي اُڇل ۽ ترنگ واري ڪيفيت جو دلچسپ، وڻندڙ چتر آهي، تمام ڊگهو عرصو اِها الائجي ڪيئن گم ٿي وئي ۽ سن 2008ع ۾ تنوير جي ننڍي ڀاءُ ارشاد عباسي کي ڪٿان هٿ لڳي هئي ۽ بنان دير منهنجي حوالي ڪئي هئائين. هتي پيش ڪجي ٿي، جنهن مان نياز پنهنجي اصلوڪي ظرافتي روپ ۾ بار بار مرڪندو لياڪا پائيندو ڏسجي ٿو:
”رشيد ڀٽي ۽ پڻهس،
مشهور لوڻ جا واپاري
ٿلهو، سکر
اَشنا رَشنا بَشنا
بگن بلاڙا، مٿي اُگهاڙا
يعني يارَ رشيد ڀٽي
ٿَڪ ٿئي، ڦِٽَ ٿئي، لک جي لعنت ٿئي
هرڻ هٺيلا دُنَ تي ٿو ڊوڙائين
اهڙي قسم جي ريس ڪرائي پنهنجي
پيءُ کي ٿو سرچائين
پڻهين هٺيلو، ايٽ جو نولو پان جو
باشو خاشو
متان وڃي ڙي جهنگل ڏي
متان وڃي ڙي جهنگل ڏي
هاٿي توڏي ڀڄندا ايندا
چوندا ڇا؟
آيو اسان جو ڀاءُ دادا گڏجي اسان
سان کاءُ
چاليهن جو چور هو بابا
چاليهن جو چور
توُن تئون هي جوُءِ ڇڏي ويو
وري نه ايندو وري نه ايندو
پِٽَ پين جو ڌوڙڌين جو
وري نه ايندو
هاڻي تون دلجاءِ ڪجانءِ
خرچي مون کي خوب ڏجانءِ
اَشنا رَشنا بَشنا
بگن بلاڙا، مٿي اُگهاڙا
کائي پڪوڙا، متون آ ڀاڙيا
ٻِڪي جا کوڙا، پاڙي جا مُوڙا
بگن بلاڙا. “
رشيد ڀٽي جو سڳو سوٽ ماستر محمد حسين آزاد اسان سڀني خاص طور حفيظ شيخ جو گهرو يار هوندو هو. اسان جي سنگت منجهس ادب شناسي جا چڱا خاصا اُڻا داخل ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هن نه صرف نثر ۽ نظم جو سٺو اڀياس ڪيو، بلڪه چڱيرڙا افسانه به لکيا هئا. مون کي ياد آهي ته جيڪي ڪتاب کيس پڙهڻ لاءِ ڏنا ويا هئا، انهن ۾ باري جو ڪمپني ڪي حڪومت، تاريخ ڪا مطالعه، شير جنگ جو انقلاب روس، مارڪس ڪي تعليمات، پرنس ڪروپاٽڪن جا ڪجهه سنڌي ترجما، ٽالسٽائي، چيخوف، گورڪي، موپسان، برنارڊشا جا ڪئي نثري ترجما، ڪرشن چندر، منٽو، بيدي وغيره جون ڪهاڻيون، فيض مخدوم ميراجي ن م راشد جي شاعري ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب.
ترقي پسندي ڏانهن لاڙو ’مولوي گهراڻي‘ جي ٻن فردن ۾ گهڻو سرس هيو: رشيد ڀٽي ۽ ماستر حُسو (محمد حسين کي پيار مان حُسو سڏيندا هئاسون).
اصل ۾ ماستر حُسو جي سچي ۽ اصلي سڃاڻپ جو ڪارڻ پاڙي جي اڪثر جاگيراڻي دوشيزائن سان سندس ’گهرائپ ‘ هوندي هئي. اِهي سڀيئي ڪرشن جي گوپين جيان مٿانئس ٻلهاري وينديون هيون. منهنجي خيال مطابق جاگيراڻي سندرين کي ’منڊڻ‘ ۽ پاڻ تي ’اڪن ڇڪن‘ ڪرائڻ ۾ دنيا جون ٽي وڏيون من موجي شخصيتون ڪئسونووا، موپسان ۽ فرئنڪ هيرس سندس وجود ۾ يڪجا اچي ٿيون هيون. هو پنهنجي پاڙي جو زندهه ۽ مڃيل ڪئسونووا هيو. ماستر گهري چوڄ ۽ چاهه سان سندن بدني بناوت جو ورنن هڪ ماهر Anatomist جيان ڪندو هو، جنهن ۾ عشق جي سڀني منزلن (سندس چواڻي: نظروَت، لمسوت، بوسوت ۽ ......) جا ٿانءُ، آسٿان، درجا ۽ انتهائون سمايل هونديون هيون. هُو جاگيراڻي ڪامڻين جي ’علم البدن‘ ۽ سندن ’گارين‘ جي عاميانا انداز کان وٺي ڪلاسيڪي رسائي جو ماهر ۽ ’زباني ڊڪشنري‘ جو موجد ۽ خالق هيو (هتڙي ڊاڪٽر مرليڌرجيٺلي ياد پويم ٿو جنهن گارين جي ڊڪشنري ترتيب ڏني آهي) .
ان کان علاوه ماستر حُسو سکر جي مشهور جوئارين جو، غيرسرڪاري طور ٿاڦيل سرمور هوندو هو. جوئا جي ٽڪرين تان نال جي اوڳاڙي سندس مقرر ڇاڙتا باقاعدگيءَ سان ڪندا هئا ۽ پنهنجي ذاتي جوئا جي ٽڪري تان اِهو ’شڀ ڪرم‘ پاڻ ڪندو هو! جيئن ته پاڻ ڪسرتي جوان هو ۽ بدن جو رُڪَ جيان نهرو، ويڙهو گهڻو ’وگياني‘هو (ماستر هاسومل پيسومل ناٿاڻي جي جاسوسي ناولن جي فولادي ڪرداروالڊ جيان) انڪري سکر جو اڪثر گروگنجو کانئس ڪئو کائيندو هو. ادب جي ’اوڍڻي‘منجهانئس ’ٽرڙائپ‘ ’شودائپ‘ ۽ دهماني ڪيفيت وارا ’ڪُلڇڻ ‘ پاڙون پٽي ڦٽا ڪيا هئا ۽ ان جي جاءِ سنجيدگي، ٺهراءُ، نمرتا ۽ همدردي جي وصفن والاري هئي. نيشنل عوامي پارٽي (1957ع) جي تحريڪ ۾ به اسان سان ’دامي درمي ۽ سخني‘ جي مصداق سلهاڙيل رهيو ۽ اُهو دور بعد ۾ ’ايوبي مارشلائي‘ زماني جي قهري آزمائشي ڪڙي ۾ جڪڙجي ويو، جنهن ۾ هيءُ يار ثابت قدم رهيو هو. سکر جي ان سمئي جي ’چرس ۽ آفيم‘ جي مشهور بي تاج بادشاهه ’ٿڳڙي شاهه‘ سان به سندس گهاٽي ياري هوندي هئس، جيڪو کيس جوڳو مان ڏيندي ڪين ڍاپندو هو. پاڻ ان نشي کان ونءُ ويندو هو، صرف تاڙي، وسڪي يا ٺري جو ڪوڏيو هوندو هو. ڪڏهن حُسو بابت سوچيندي الائجي ڪٿان آمريڪي مشهور غنڊو، ڊاڪو، قاتل ۽ وڏو اديب، قانوني ماهر ڪارل چيسمئن (Carl Chessman) ذهن جي اِسڪرين تي اُڀري ايندو آهي. چيسمئن ڏاڍ، ڏمر، نردئي پڻي ۽ وڀچار (Rapist) جي مڪمل تصوير هئو ۽ آخر ۾ بجلي جي ڪرسي تي ڦاسي جي سزا ماڻي عدم جي راهه ورتي هئائين. ڪئي قتل ۽ بلادڪار ڪيا هئائين، ڌاڙا ۽ کاٽ سندس کاڄ ۽ ڪرت هئا، نثري ادب خاص طور فڪشن اعليٰ قسم جو رچيائين. آخر ۾ جيل اندر قانون جو مطالعو ڪري پنهنجي ’بچاءُ‘ جو ڪيس پاڻ تيار ڪري ڊگهي قانوني جنگ جوٽي موت جي سزا کي ڪيترن ئي سالن تائين اينگهائيندو رهيو ۽ جيل اندر به تخليق جو ڏيئو وسامڻ ڪونه ڏنائين.
پر، ماستر حُسو کانئس انساني وصفن ۽ لڇڻن ۾ گهڻو مٿانئوهيو. هن جي صورت ۽ ڪردار ۾ ڏاڍ، ڏمر ۽ بلادڪار ۽ نردئتا جو واسو بلڪل ڪين هو. پر هڪ ڀيري جوش ۾ هوش وڃائي هڪ ماڻهو ماري وڌو هئائين، جنهن جي سزا ڪاٽي ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪافي حد تائين ان ڪڌي عمل جو پڇتاءُ به ڪيائين. بگن ۽ حُسو عمر ۾ تقريبن هڪ سرتا هئا ۽ ٻيئي مون کان عمر ۾ سال ٻه وڏا هئا. اِهي ٻيئي نيارا يار (حُسو ۽ بگن) ترتيبوار گذريل صدي جي سٺ ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ ڪرندڙ تارن جيان عدم جي اوڙاهه ۾ غائب ٿي ويا.
ماستر حسُو جي ’فلسفي‘ موجب جيئن ته هُو ’آدم‘ جي اولاد هو انڪري سندس نظر ۾ ’لذتِ گناهه‘ کان انحراف جهڙو پاپ ٻيو ڪون هو.
هڪ هستي موپسان جيان جوان عمري ۾ جاگيراڻي حسينائن جي بي پناهه ’پيهه ‘ هيٺان دٻجڻ کان اڳ (پيهه يا سوم ديوتا سان سنگ؟) مولانا عبدالغفور همايوني جي ڪافي جا هيٺيان بند:
”تنهنجي زلفن جي بند ڪمند وڌا
زندان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا
انسان هزارين مان نه رڳو.“
جهونگاريندي هميشه لاءِ عدم جي راهه وٺي الوپ ٿي ويئي ۽ ٻيءَ ’سوم ديوتا‘ جي لاڳيتي اٽوٽ صحبت وگهي، ذيا بيطس ۽ دل جي ظاهري روڳ ۾ وٺجي، سندس ’قربان گاهه‘ تي ٻليدان ڏئي ’نروان‘ حاصل ڪري ورتو. ٻڏتر ۾ آهيان ته ڪهڙو انت وڌيڪ دلفريب ۽ پرڪشش آهي؟
گذريل صدي جي سٺ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ مان اسلاميه (فاران) هاءِ اسڪول والس گنج سکر ۾ ماستر هيس. اسڪول وڃڻ لاءِ مون کي روزانو نم جي چاڙهي ٽپي، جيلاني روڊ ۽ معصوم شاهه منارو روڊ جي وچ واري سيلاٽن جي پاڙي مان لنگهڻو پوندو هو. سيلاٽا برادري، غير تحقيقي حوالي سان ڪڇي، ٿري ۽ ڪنهن حد تائين مارواڙين جي ’ميل ميلاپ‘ سان وجود ۾ آئي آهي. سندن زائفن ۽ سندرين جو رنگ روپ مهانڊا نقش جاگيراڻين کان بنهه مختلف آهن. جاگيراڻيون رنگ جون گلابي مائل کير جهڙيون اڇيون ۽ ٺيٺ سنڌي ڳالهائيندڙ آهن پر سيلاٽڻيون جيتوڻيڪ مهانڊن جون ملوڪ ۽ تکيون ۽ مور آهن پر رنگ جون سانوريون ليڪن سڀاءُ جون ڪرشن جي گوپين جيئن بانوريون، بي ڊپيون ۽ جسماني بيهڪ ۾ چندن جي ڪاٺ جيئن نهريون ۽ خوشبودار ٿين ٿيون!
سندن آواز ۽ لهجو پڪي راڳ جيئن ڪڙڪ ۽ وزنائتو ٿئي ٿو ۽ سندن سنڌي ادائگي ۾ ڪڇي ميمڻي ٿري ۽ ماڙيچي ٻُرڪو صاف پسي سگهجي ٿو. بدن جون جانٺيون ۽ مردمار هونديون آهن. منهنجي جهوني دوست نياز همايوني جي ٻين شادي به هڪ ڪڇي خاتون سان ٿي هئي، جنهن سان گهڻو پوءِ ملڻ بعد منهنجي هانءِ تي سکر جون سيلاٽڻيون هري اينديون هيون. نياز جي گهرواري نهايت سيبتي، سگهڙ ۽ نرم خو خاتون هئي ۽ مون نياز سان گڏ سندس لذيذ کاڌن جو خوب سواد ماڻيو هو.
سيلاٽڻين جي سڀاءُ ۾ به ڀڳوان پرشورام وارو ڪروڌ، يهوا (يهودي خدا) وارو قهر ۽ ڪالي ديوي وارو ڪُوپ فطري طور سمايل آهي. هڪٻئي سان جهڳڙو فساد سندن روزاني ڪرت ۽ ڪرم جو اڻ ٽٽ حصو هوندو هو. منهنجي روزاني گذرگاهه ان ’باهه جي درياهه‘ مان هوندي هئي، جتي ’گاريون‘ گولين جيان ۽ ’فساد‘ بمن وانگر چئني ڏسائن ۾ وسندا ڏيکاربا هئا. سيلاٽڻين جي ’گارين‘ ۾ نه صرف سنڌ جي ڪاڇيلي، ٿري ۽ گجراتي علائقن جو ساءُ ۽ سواد سمويل هوندو هو، بلڪه مڌيه پرديس جي ’کجراءُ ‘ شهر ۾ موجود اٺين _ ڏهين صدين ۾ تعمير ٿيل چويهن مندرن جي ڀتين، ڇتين ۽ وچ تي اڪريل، تراشيل بي لباسي جي حالت ۾ مختلف آسڻن ذريعي مرد ۽ عورت جي ”سنگم“ جا نفيس منظر به زباني چٽسالي وسيلي ڦٽجندا ڏيکاري ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن گارين جي ان ذائقي ۾ ڪونارڪ (اوڙيسا) ايلورا، ايليفنٽا غارن (مهاراشٽرا) اندر تراشيل ديوين _ ديوتائن جي ’جنسي لڳ‘ جا چتر به ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان اڀري ايندا هئا.
منهنجي سانڀر کان گهڻو اڳ سيلاٽن ۾ محمد ابراهيم سيلاٽو مشهور ماڻهو ۽ سماجي سڌارڪ ٿي گذريو هو، جنهن جي سکر جي رڄ مڙسن، مختلف ڌنڌن سان واڳيل ناليري ماڻهن، وڪيلن، صحافين سان گهاٽي ۽ سيبائتي سنگت هوندي هئي. پاڻ ميونسپل ڪائونسلر به چونڊبو رهيو هو.
هن واحد شخص بي لغام سيلاٽن ۽ ڀٽڪندڙ روح وارين سيلاٽڻين کي ڪافي حد تائين نوڪيل وجهي قابو ڪري رکيو هو ۽ سندس سموري برادري سندس دهشت ۽ درجي سبب کانئس ڪئو کائيندي هئي، پر سندس لاڏاڻي بعد هنن وري ساڳيا لاٽون هلائڻ شروع ڪيا، صرف چگهن ۾ تبديلي آئي!
هڪ سيلاٽڻي جي وات مان جهرڻي جيان نڪتل گار گذريل اڌ صدي کان ’ياد‘ تي ائين چهٽيل آهي، جيئن ايم ايف حسين جي بي لباس سرسوتي روح ۾ رچيل آهي! پر گار جو مفهوم اڃا تائين اڻ سليل پرولي وانگر محسوس ڪريان پيو ”آئي تو ڦدُي رو بانٺو، کائي تو ڦُدي رو ڪيلو!“
هتڙي هڪ پراڻو ۽ وسريل واقعو الائجي ڪٿان بُلُ کائي ٻاهر نڪري آيو آهي، ان واقعي جي ڪردارن ذريعي ’گارين ‘ کي مجسم حالت ۾ رشيد ڀٽي، مون ۽ تنوير ’ساهه کڻندي‘ پسيو هئوسين. ان جي اُگري، اٻٿ ڏياريندڙ ۽ قبيح تصوير روح تي ناسور جيان چهٽيل آهي!
گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري تنوير عباسي رشيد ۽ مون کي پنهنجي ڳوٺ ’سوڀي ديرو‘ (خيرپور ضلع) وٺي هليو هو ۽ مٿي ماڙيءَ تي رهايو هئائين. ان ماڙي (ڪمري) جي هڪ دري جو رخ ٿاڻي طرف هيو ۽ اُتي ٿيندڙ ڪارروائي ۽ گفتگو اسين چٽائي سان ڏسي ۽ ٻڌي سگهندا هئاسون. هڪ ڏينهن ڏٺوسين ته پوليس وارا ڪجهه جوابدار مردن ۽ سندن زائفن کي گرفتار ڪري وٺي آيا ۽ کانئن ڏوهه باسائڻ لاءِ مردن کي اونڌو لڙڪائي کين بي دردي سان لڪڻن ۽ رولن سان ويهڪ جي جاين، هٿن ۽ پيرن جي ترين تي ائين سٽڪو لائي ڏنائون، ڄڻ هو انسان ڪونه هئا؛ بلڪه ڍورن کي به ايڏو بي ڪياسي سان ڪونه ڪٽبو آهي! ۽ ان بيدردانا عمل سان گڏ سندن زائن آڏو کين ’غليظ ۽ ڪچيون‘ گاريون به ڏيندا رهيا، جيڪي هت ڄاڻائڻ قلم جي پهچ کان ٻاهر آهن. ايڏي بي ترسي جي باوجود به پنهنجي ڪوشش بار آور نه ٿيندي ڏسي........اوهه! سندن زائفن کي سندن ئي موجودگي ۾ اگهاڙو ڪيائون، اهو منظر پسي اسان ٽيئي يار ڄڻ پٿر جا بت بڻجي ويا هئاسون! ان بعد زبردستيءَ کين هڪٻئي جي ”خاص جاين جا وار پٽڻ ۽ هيٺيون ”منظم“ ٽڪرو، سُر ۽ لئه ۾ چوڻ تي مجبور ڪيو ويو هو:
” ٽيڪب ٽيڪو، ٽيڪب ٽيڪو
اندر ٽيڪو، ٻاهر ٽيڪو
هيٺان ٽيڪو، مٿان ٽيڪو
ٽيڪب ٽيڪو، ٽيڪب ٽيڪو
جوڻهين ٽيڪو، ماڻهين ٽيڪو
ڀيڻهين ٽيڪو، ڌيڻين ٽيڪو
ٽيڪب ٽيڪو، ٽيڪب ٽيڪو. “
هينئر اِها ’گار ‘ ڪراهت پيدا ڪندڙ، ساهه گهٽيندڙ ۽ بدبودار مجسم بڻجي ’ڪوڙهئي ڪلچر‘ جو روپ ڌاري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نه صرف ڦهلجي رهي آهي، بلڪه ان جي تيز تر ۽ بي روڪ Mushrooming پڻ ٿي رهي آهي!
تاريخ کان اڳ واري قديم ويدڪ يگ ۾، جيڪو اڄوڪي دور جي ڀيٽ ۾ غير مهذب ڄاتو وڃي ٿو، اهڙي ٻوساٽيندڙ ’مجسم گاريلي ڪلچر‘ جي بونءِ باس به ڪانه هوندي هئي. ان زماني جا گرم مزاج رکندڙ ڪاوڙيل، خارباز رشي مني جهڙوڪ درواسا، پرسورام، وشيسٽ، مارڪنڊيه، ورهسپتي، ڀارگو وغيره پٽ پاراتي يا سراپ ڏيڻ تي ئي دنگ ڪندا هئا، جنهن اندر ڪا ’ڪرڀ ‘ ۽ ’غير انساني‘ احساس جو ڪو پرو ڪين هوندو هو!
انساني علم جي ماهر ودوانن جي لڳ ڀڳ گڏيل راءِ آهي ته جيڪي قومون، نسلون، قبيلا ۽ برادريون ٻين غير قومن، نسلن يا برادرين سان تاريخ جي مختلف موڙن ۽ وهڪرن تي “لڳ“ ڪنديون رهيون آهن، انهن جي مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ اولاد قد ڪاٺ ۾ ٺاهوڪي، شڪل صورت ۾ سونهن ڀرئي، بدني صحت، ذهني تندرستي ۽ ذهانت ۽ مجموعي شڪتي ۾ پنهنجي ’پُرکن ‘ کان گهڻو وڌيڪ ’اڳ ڀري‘ ثابت ٿيندي رهي آهي. سيلاٽن، پنجابين، سکن ۽ پٺاڻن جي انوکي سونهن ڀري طاقتور ۽ بهادر ’شخصيت‘ جو راز به مٿي واضح ڪيل اصول ۾ سمايل آهي.
پنجابين، پٺاڻن جي گارين جو به دنيا ۾ ڪو مٽ ڪونهي. پنجابين جي گارين ۾ درياهه جهڙي رواني، ڄڻ سنگيت ۾ ٻڏل لئه تال ۽ سر هوندو آهي. سندن گاريون سندن زائفن جي محبوب ۽ ڳردار جسمن جيان سگهاريون، سندن ڌرتي جيان زرق برق، سر سبز، شاد ۽ آباد ۽ تخليقي تخيل جي اُڏام جون به ساخته پيدوار هونديون آهن. پر پٺاڻن جي گارين ۾ بي ساختگي، موج ۽ مستي ضرور ٿئي ٿي، ليڪن سندن پٿريلي پهاڙي زمين جيان اِهي سخت، ڪرخت، زوران زوري ۽ ڏاڍ تي ٻڌل ۽ ڪنن ۾ سکن جي نغاري جيئن وڄندڙ ٿين ٿيون.
دنيا جي ٻين قومن ۽ جاتين جهڙوڪ انگريز، جرمن، فرانسيسي، بنگالي، مرهٽا، ڪشميري، عرب وغيره جي گارين ۾ اُهو چشڪو، چوڄ، جاندار اُڀار، ردم ۽ موسيقي قطعي ڪونهي، جيڪا مٿي بيان ڪيل پاڙن، برادرين ۽ نسلن جي گارين ۾ موجود آهي. ائين ٿو ڀاسي ڄڻ اُهي فطرت کان ڏور مصنوعي زندگي گهاري رهيا هجن. سندن گاريون ’بي لباسي‘ جي فطري ڪيفيت کان وانجهيل ڪاغذي گلن وانگر نقلي سواد ۽ خوشبو کان خالي ۽ ٻُسيون لڳنديون آهن. جاگيراڻن جي گارين ۾ پي ايڇ ڊي، سيلاٽن جي گارين ۾ ماسٽرس جي ڊگري ۽ پنجابي، پٺاڻن جي گارين ۾ گريجوئيشن ڪرڻ جو ’مواد‘ ڪثرت سان موجود آهي، پر باقي ڄاڻايل قومن ۾ گارين کي لکنوي انداز ۾ نفيس لبادي اوڍائڻ سبب ميٽرڪ ڪرڻ جو مواد به موجود ڪونهي!
گار جي جسماني ۽ روحاني ساخت تي ويچاريندي گذريل صدي جي ستر _ اسي جي ڏهاين جا ’هردوار‘جي پوتر شهر ۾ ’چوٻن‘ جا ورنن ڪيل منظر اکين آڏو اڀري آيا آهن. سموري هندو سنسار ۾ هردوار جا چوٻا اعتبار ۾ نه ايندڙ پنهنجي جسماني ڊيگهه ويڪر پکيڙ ۽ وزن جي لحظ کان، جاپان جي مشهور ’سومو‘ پهلوانن کان، ڪيئي ڳڻا وزني وڏا ۽ ديوهيڪل هوندا هئا. ڄڻ ’هرجي پوڙي‘ جي آس پاس واري ڌرتي تي ’ساهه کڻندڙ ڇپون‘ پکڙيل هونديون هيون! سندن ڪرت ’بي تحاشا کائڻ ۽ سمهڻ‘ هوندي هئي. سندن سمورا ’جسماني انگ‘ فطرت جي لباس ۾ زمين تي ائين ڦهليل هوندا هئا، ڄڻ ڪا قوي هيڪل ’آسماني گار‘ هجي! هر چوٻو ياترين آڏو فلڪ شگاف سين هڻي چوندو هو ”آهي ڪو ڀڳوان جو پيارو بندو جيڪو پيٽ ڀري کارائي سگهي؟“ اگر ڪو ڀورڙو ياتري سندس سين جي جادو ۾ منڊجي ويو ته سمجهو سندس (ياتريءَ جو) لئه ڄڻ ڪو ڀينڪر ڀونڪمپ برپا ٿي ويو هجي! هر چوٻو هڪ ئي وقت ست وڏا ڊونگا ڏهي، هڪ سئو هڪ پوريون، ايڪويهه ڪلو جليبيون، ست ڪلو کير، ڏهه ڪلو حلوو، ٽي عدد ڪونڊا ڇولا، ائين ڏوگهي ويندو هو، ڄڻ انهن جو ڪو وجود ئي ڪونه هو! ان بعد اتي ئي گنگا ڪناري ٽن کان چئن ڏينهن تائين ڪنڀ ڪرڻ واري ننڊ سمهي رهندا هئا ۽ سجاڳ ٿيڻ بعد ساڳيو ورجاءُ! سندن سراسري عمر ٽيهن _ چاليهن ورهين جيتري مس هوندي هئي. اڄ ڪلهه اِها نسل ڊائناسور وانگر پڄاڻي تي پهچي معدوم ٿي وئي آهي ۽ ان جي جڳهه ڪارڙن، بندرن ۽ ڊينڊڙن منافق نقلي چوٻن اچي والاري آهي.
گارين جي بڻ بڻياد ۽ ’ناچ ‘ جي فني ڄاڻ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ لست، سواد ۽ آنند تي ويچاريندي منهنجون يادون مون کي ماضي جي ٻالڪپڻ ۽ جواني جي ڪيترين ئي وسريل ٿڌاڻ بخش ساعتن ۾ وٺي ويون. عمر جي هڪ حد تي پهچي ’سموري ياد‘ باقي نٿي رهي، صرف شفق جي لالائي ۽ باک ڦٽي جي ڪرڻن جهڙيون نرم گداز ۽ مترنم يادن سان جهنجهيل ڪجهه ’املهه ساعتون‘ امرتا ماڻين ٿيون.
ويهين صدي جي چاليهن واري ڏهاڪي جي اوائل ۾ اسين جيڪب آباد شهر ۾ ڪجهه پرڀرو،’فورس‘ واري سنسان ۽ ’آدم بوءِ‘ کان خالي علائقي ۾ رهندا هئاسون، جيڪو شهر جي ٻن سئنيما گهرن (نشاط ۽ ڪئپيٽل) مان هڪ يعني ڪئپيٽل جي پويان آباد، بلڪه غير آباد هوندو هو. شهر اچڻ لاءِ دڳ جي ساڄي هٿ تي سينيما گهر ۽ کاٻي هٿ تي جيڪب آباد جي سڀ کان آسودي ۽ وسيل بستي يعني چڪلو هوندو هو. ان وستي ۾ جيڪا اجهل مقناطيسي ڇڪ هئي سا ڪنهن به ٻئي آسٿان ۾ نظر ڪين آيم. مختلف عمر، رنگ روپ هاٺي ۽ بيهڪ واريون سندريون زرق برق، ريشمي خواهه سوٽي ڪپڙن ويسن جي انڊلٺي رنگن وارن وڳن ۾ باغ ۾ موجود جدا جدا سڳنڌ ڀريل گلن جيان ٽڙيل ۽ رنگ برنگي پوپٽن وانگر موهيندڙ لڳنديون هيون. ان وقت پاپ ۽ پڃ، سيڪس ۽ سماڌي جي ان ڪچڙي عمر ۾ ڪا سمک ڪين هوندي هئم. صرف ٻاهريون موهيندڙ ’ڏيک‘ ۽ ڪنهن جو ’سٺو سلوڪ‘ ان ٻالڪ اوَستا جو ’فلسفو‘ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان پيچري تان لانگهائو ٿيڻ وقت کين پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ گارين جو ڦهڪو ٻڌي ذهن گهوماٽجي ويندو هو ۽ وجود تي اُگرو اثر پوندو هيم. دل چاهيندي هئي ته وري اهڙو ڪِنو منظر نه پسان. ڪڏهن لانگهائو وقت کين سريلي سُرن ۾ جهونگاريندو ٻڌندو هوس ۽ ان ’پل‘ کي قيمتي وستو سمجهي ’من‘ ۾ سانڍي رکڻ جو جتن ڪندو هيس. اهڙي سمئي سندن پاڻ ۾ اشارا، ڳالهيون ٻڌي، جيڪي منهنجي ذهني رسائي کان گهڻيون مٿڀريون هونديون هيون، سي ’يجرويد‘ جي جادوئي ٽوٽڪن، تانترڪ عملن، ڀڄنن جيان ڳجهارتن ۽ آسماني راز جي پردن ۾ لڪل ڀاسنديون هيم.
ليڪن هنن جا ڪجهه سرگوشي واري انداز ۾ ٻڌل سون ورنا لفظ ۽ ڀينڊ (جيڪب آبادي رهواسي اڻ گهڙيل پٿر کي ڀينڊ چوندا هئا) جهڙيون ڪچيون گاريون اڃا تائين ذهني اسڪرين تي چچڙ جيان چنبڙيل آهن، ان بعد هڪ اڌ دفعو جواني جو موڙ ڪاٽيندي پنهنجي دانشور دوست محمد بخش سومرو جي سنگ ۾، ٻالپڻ جي نشانن جي تلاش ۾، اوڏانهن (لال بازار) وڃڻ ٿيو هو پر اُها وستي ڀڙڀانگ ۽ ويران نظر آئي، ائين لڳو هيم ڄڻ فورس وارو ’آدم بوءِ‘ ڪندڙ راڪاس کيس ڳڙڪائي ويو هو!
انهن ڀينڊ نما گارين ۾ ’ڌيجهان‘ ’ڀيٽو‘ ’ڍيڪو‘ ’دئوس‘ ’ڌوڌاڪ‘’ڪنٽور‘’کودڙو‘’ايهو ايهو‘’ڪيس ڪيس‘ وغيره (اها سڀ کان وڌيڪ وڻندي هئم ۽ ڪڏهن ويڙهه جهيڙ تپيل انٽ ٽاڻي استعمال به ڪندو هئس، ڇو جو ان جي ادائگي ۾ ڪلاسڪي راڳ جي جهلڪ نظر ايندي اٿم. ان گار جو صداڪار آڱرين هٿن جي ’مدرا رقص‘ جي زاوين جهڙن متوازن اشارن ڄڀ کي وات اندر، تارون، تري تي ۽ ٻاهر ڪڍندي ڌوٻي جي ڪپڙي وانگر واري وٽي سان مترنم انداز ۾ ڦهڪائيندي ۽ ڏندن کي آهستي ۽ زور سان ڪرٽيندي، اکين منهن ڳلي جون رڳون ڳاڙهيون ڪندي، انهن کي ڦنڊائيندي ادا ڪندو هو. ان مهل سندس سمورو جسم لڇُو مهراج جي ’ ڪٿڪ رقص ‘ ۾ سڌ ٻڌ کان غافل، محو لڳندو هو. ان گار جي عملي حالت ۾ ڪڏهن ائين لڳندو هئم ڄڻ ن_ م راشد جي ’ هڪ سٽي ‘ غنائي نظم ساز ۽ آواز جي لئه تي مرحوم منور علي شاهه معصومي ٺمري ۽ خيال کي مڪس ڪري، ويهندي ڪُٻو ٿيندي اُڀو ٿيندي، شِوَ جو ٽانڊو ناچ وارو روپ ڌاريندي ورجائي ورجائي ڳائيندو هجي. ان گار اندر واهه جو چشڪو چرٻي چاشني ۽ لذت لئه لست محسوس ٿيندي هئم _ ان جي حيثيت ڪلاسيڪي رنگ ۾رنڱيل آهي). ڀرت مُني جي ’نٽ شاستر‘ جيان اپر سنڌ خاص طور جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ ڪلاسيڪي درجو رکندويون هيون. هينئر برگيڊيئر جنرل جان جي قبر جي آس پاس پورجي ويل سمجهيو وڃن ٿيون. اگر سنڌ ۾ ڊاڪٽر گوپيچند نارنگ جهڙو کوجنيڪ نقاد هجي ها ته اهو يقيني طور دريافت ڪري ساختيات ۽ پس ساختيات جي قالب ۾ ڍالي ٻيهر انهن جو تجريدي پئر جنم ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ها.
ان کان علاوه ’داداگيري‘ واري دور ۾ پنهنجي جٽ رولو، ننڌڻڪن ۽ آواره گرد دوستن سان به سکر واري ’هيرا منڊي‘ ۽ سن سٺ جي شروعاتي ٻن ورهين ۾ نياز همايوني سان، شيش محل هوٽل لڳ، حيدرآباد واري ’ڳاڙهي بازار‘جو طواف به گهڻو ڪيو هيم. جيڪا سندس گهر جي ڀرسان هوندي هئي، اُتي انهن ڪجلي اکڙين وارين لال پرين جي ڳاڙهن لبن مان ’هڪٻئي‘ کي ڏنل يا ’اڻ وڻندڙ گراهڪن‘ جي شان ۾، ٺڪرن، پٿرن ۽ لترن جهڙيون گاريون ٻڌي ’سونهن ۽ سڳنڌ‘ لاءِ پيدائشي چاهه ۽ گرفت ڍلي ٿيندي محسوس ڪئي هيم. انهن ٽنهي ’پاڪ آستانن‘ تي مان پاڻ کي صرف ’نظروت‘ جي منزل تائين رکيو هو، باقي منهنجي سڀني دوستن، پخته ڪار صوفين وانگر، لمسوت، بوسوت واري منزلن جو درياهه اُڪري ’غڙ پوتي‘ منزل ۾ وڃي دنگ ڪيو هيو.
انهن بازارن ۾ وهاريل ’پاڪ روحن‘ تي ويچاريندي ايران جي ڪلاسيڪي دور جي مشهور شاعر ’جامي‘ جا هيٺيان شعر من تي هري ايندا اٿم، جيڪي پير حسام الدين راشدي چواڻي ’پويتر استرين‘ لاءِ چيا ويا هئا:
دو پستاں ہر کہ چوں قبھ نور
حبابی خانہ از عین کافور
دو ناز تازہ بر رستہ زیک شاخ
کف امید شاٹھ ناسودہ گستاخ
جرڪندڙ اُرهن جو جوڙو ائين ٿو ڀاسي ڄڻ روشن منارا آهن، ڄڻ ڪا فورتي ٻه عدد حباب آهن، انهن کي يڪ ٽڪ پسيندي ائين ٿو ڀاسي ڄڻ تازن ڏاڙهن جو جوڙو هِڪ ئي ٽاري مان ڦٽي نڪتو آهي، کين ڇهڻ، دٻائڻ ۽ مهٽڻ لئه، اڃا تائين ڪنهن جو اَپوتر، هٿ انهن تائين ڪين پهتو هو.
يا انهن جي بي مثل سڊولتا، سواد ۽ سونهن کي ساراهيندي چوي ٿو:
بدان نرمی کہ گر افشر دیش مشت
برون رفتی خمیر آسا زانگشت
اگر انهن جي ڪونئري، سواد بخشيندڙ ’وجود ‘ ۾ مُٺِ پئجي وڃي ته آڱرين جي وٿين مان سندن پشم جهڙو ماس ائين نڪريو اچي جيئن اٽو ڳوهڻ مهل خمير نڪري ايندو آهي!
مولانا جامي اهڙي ’پوترتا ‘ جي مورت جو بيان ڪندي، ڪام شاسترائي انداز ۾ ’از زيرِ ناف تا بالائي زانو‘ جو نقشو ڇڪيو اٿس ته سون ورنن اُرهن ۽ دُنَ هيٺان سونهري رانن جي وچ تي ’سون ورني دٻلي‘ (اهو استعارو پوپٽي هيراننداڻي جي تخليق آهي)، جنهن جو ’سوادي ڳُجهه‘ به اهڙين ’اَپوتر ‘ نظرن کان محفوظ رهيو هو وغيره! ان نڪتي جي وڌيڪ اپٽار ڪندي فرمائي ٿو:
کہ گندم رہزن آدم درینجا ست
ڪڻڪ جي راڻي (حوا، عورت) جي چشڪي سواد ۽ آنند ڏاڏي آدم جهڙي مرادوند، آگياڪاري ۽ نيڪ انسان کي به سورڳ پوري مان تڙائي ڪڍايو هو. پر هتي اِهو وساريو وڃي ٿو ته عورت (حوا) به آدم کان گهٽ شريف ڪونه هئي. هن به پنهنجو سارو جيون سندس آگيا، ست جي حفاظت ۽ پتوورتا کي قائم رکڻ ۾ گذاري ڇڏيو هو، بلڪه آدم کان وڌيڪ ڀوڳڻائون ڀوڳيائين ۽ اڃا تائين پيئي ڀوڳي!
جيئن ته اوائل کان وٺي ۽ ڌرمي سکيائن انوسار ۽ پدرسري نيمن موجب سماج اندر عورت جو درجو ڪمتر ڪري ليکيو ويو آهي. ان ڪارڻ هوءَ هميشه لتڙ ۾، جتيءَ برابر ۽ پنهنجي اوباش ۽ نڪمي مڙس کي مجازي خدا يا پتي پرميشور چوڻ ۽ سمجهڻ لاءِ مجبور ڪئي وڃي ٿي.
هاڻي بصرنما ڪائنات جا تهه هٽائڻ شروع ڪيا اٿم ته ڇوڪراڻي اوستا ۾ ٻڌل ’ چرڪين ‘ جي زمين ۾ رچيل ‘ کڙي _ هندي _ پوربي ‘ ٻولي وارو هيءُ کنڪندڙ ۽ مترنم دوهو ڄاڻائڻ بيجا ڪون ٿيندو:
دو انگل کی چپٹی رہی یاد ہو ، دو انگل کی چپٹی
دو انگل کی چپٹی رہی کپٹی، دو انگل کی چپٹی
سورداس جی اندر دھک گئی پھر ، کھڑی دو تپشی مادھو
اهڙا ’نمڪين شعر‘ يا سياسي مذهبي هجويات، مختلف شعري هئيت ۾ ذهن ۾ من جي ’ڪلا گهر‘ مان نڪري صرف ’خانگي محفلن‘ ۾ گشت ۽ گردش ڪندا رهندا هئا؛ ٻاهرين دنيا ۾ اچڻ جو ساهس نه منجهن هو ۽ نه ئي وري ’خالقن‘ کي ايڏي همٿ هوندي هئي. پر حيرت جو مقام آهي جو ڪجهه مذهبي ’صحيفن‘ ۽ رومانوي شاعري ۾ اهڙيون ’ڪتڪتائي‘ پيدا ڪندڙ تخليقون اپسرائن جيان پنهنجي ڀرپور رعناين سان ڪيلاش، پارناسس ۽ ڪوهه قاف پهاڙي سلسلن يا ’ايجن‘ سامونڊي لهرن مان جل پرين جي روپ ۾ بي لباسي جي عالم اندر پاڻ کي پنهنجي سڀني جلون جي بلندي ۾ پسائيندي ڪڏهن ڪا جهجهڪ ڪين محسوس ڪئي هئي.
پنهنجي آزمودي ۽ اڀياس کي ذهن ۾ رکي ان نڪتي تي ڪئي ويچار ڌارائون ڦٽي نڪتيون، دٻيل يادگيريون اُڀري آيون. اهي عورتون پدرسري سماج جي ارهه زوراين کان مجبور ٿي، تنگدستي جي مسلسل ضربن کان لاچار ٿي ڪري، سماج اندر مذهبي ۽ سماجي درجي بندي جي ڏکوئيندڙ ’لٽ‘ جا جسم ۽ روح تي وار سهي ۽ پنهنجي آڏو ترقي آزادي ۽ عزت جا سڀيئي ڳلکڙا ۽ دڳ بند ڏسي ڪري اُن اونداهي چُرَ ۾ ٽپي پوڻ تي مجبور ڪيون ويون. جيتوڻيڪ ’پليد ۽ گستاخ‘ هٿن سندن جسم کي تار تار ڪري لويو. ’سُرين‘ ۽ ’ساق‘ جي وچ ۾، حضرت آدم جيئن، همزانو ٿي ’دولت‘ جا دروازا ڀڃي ڀوري ڌاڙيلن وانگر بيدردي سان لٽيو ۽ ڦريو، پر پنهنجي جسماني ماڙي جي تباهي جي باوجود هوءَ بي ڊپي رهي ۽ پنهنجي ’روحاني، يا آتمڪ‘ تقدس ۽ پوترتائي کي ان بربادي ۽ لوئڻ کان بچائي اوچو رکندي آئي! ان ڪري، ان ’بازار‘ ۾ ويٺل عورت ڪنهن به صورت ۾ جامي جي بيان ڪيل ’ستي ساويتري‘ کان گهٽ مرتبي واري ڪونهي، اگر کيس موقعو ملي ته پاڻ کي والميڪي جيان، ميرا جيان، ميري مگدالين جيان، قرت العين طاهره جيان انهن جي سٿ ۾ بيهاري سگهي ٿي.
سکر ۾ (سن 1960ع) ڪوئينس روڊ تي محمد موريو نالي هڪ مختيارڪار منهنجو پاڙيسري هوندو هو. راشي ڪامورو هيو، سندس گهرواري ڪنهن چڱي گهر مان آيل خاتون هئي. پاڙيسري جي ناتي ساڻس چڱو سنٻنڌ ٿي ويو هو، سندس گهريلو زندگي نا آسودي ۽ ڪلڪل واري هئي. هڪ لڱا خبر پئي ته مورئي ’هن بازار‘ مان ڪنهن دوشيزه کي اٿاري ساڻس وهانوَ رچائي گهر وٺي آيو. هن رڄ مڙس مٽن مائٽن جي سخت مخالفت ۽ شهر ۾ اٿيل چوٻول جي ڪا پرواهه ڪين ڪئي. ’هُن‘ مائيءَ کي مون به ڏٺو هو، ڪيترن ئي ڪلهن تي ’سواري‘ جو شرف حاصل ٿيل هيس پر مورئي جي ’گهر‘ اچڻ بعد والميڪي جيئن’اڳوڻي گهر‘ جي هر نشاني کي مٿي جي ليک جيئن ميساري ’پاڪدامني‘ جي هڪ اهڙي نئين دور جو آغاز ڪيو، جنهن جو ڪو ثاني ڪين هو. هن پاڪدامني مان مورئي کي اولاد به پيدا ٿي هئي.
گذريل صدي جي پنجين ڏهاڪي کان اٺين ڏهاڪي دوران سکراندر هڪ نهايت ’اونداهي‘’بدبودار‘ ۽ ’آدم آزار‘ چُر يا کَڏَ هئي، جنهن جو نانءُ ڏيون عرف ديو آنند عرف اي ون (شيخ اياز چواڻي) هوندو هو. پيشي جي لحاظ کان ’ڏيڍ ٽنگو‘ منشي هو، پر بيباڪي ۽ بي شرمي سان پاڻ کي وڪيل سڏائيندي ڪين ڪيٻائيندو هو. ڪوڙ، دوکو، ٺڳي، دولاب سندس وجود ۾ ڳوهجي سندس روح ۾ به داخل ٿي چڪا هئا ۽ هندو ڌرمي عقيدي موجب سندس آتما قطعي طور ’پرماتما‘ جو ’انگ‘ ڪونه ليکي سگهجي ٿي. مٿي ڄاڻايل اوَگڻن جي جيئري جاڳندي مورت ۽ علامت هئو. سڀ کان اول منهنجي مرهيات دوست مرغوٻ بخاري جي وڏي ڀاءُ محمود علي شاهه بخاري جو منشي ٿيو هو. هن جي وفات بعد پراڻي سکر جي الله آبادي وڪيل نواب وحيد احمد خان جو پاسو ورتائين ۽ هن کي ’اٿارڻ ‘ بعد شيخ اياز جي جُوءِ ۾ داخل ٿيو. اياز پاڻ وڏو زماني ساز ۽ ’گرگ باران ديده‘ هو انڪري سندس ’منشي گيريءَ‘ دوران ڏيون جون چالبازيون ۽ ٺڳيون ايڏو ڪين اُسري سگهيون. سندس ان خميري خرابي ۽ بڻيادي ڏنگائي سبب اياز کيس اي ون (A_one) جي عرفيت سان اجاڳر ڪندي روشناس ڪرايو. هڪ ڀيري پنهنجي ذات ۾ سمايل ’حرفت بازي‘ سان سکر جي ٽانگا ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري به بڻايو ويو هو (ان زماني ۾ سکر اندر هڪ هزار کان وڌيڪ ٽانگا ۽ بگيون هونديون هيون ۽ انهن جا خاص اسٽان Tango stands پنجن جاين، يعني ٽڪر تي سٽي ڪورٽ جي سامهون، گهنٽا گهر وٽ، مسافر خاني جي ٻاهران، بيراج روڊ تي مڪراني محلي لڳ، فريئر روڊ ’ٿلهي‘ تي ۽ پراڻي سکر ۾ هاءِ اسڪول لڳ رڪن الدين قاسمي جي گهر سامهون هوندا هئا. موٽرن، ڪارن جو رواج گهٽ هو ۽ رڪشائون ته بنهه ڪونه هونديون هيون) غريب ٽانگي وارن کي ڀوڪ بڻائي خوب جاوا ڪندو رهيو (هتي ياد آيو اٿم ته علي حسن منگي پنهنجي اليڪشن مهمن ۽ ووٽنگ لاءِ ٽن سون کان مٿي ٽانگن مهيا ڪرڻ جو ٺيڪو ڏيون جي سپرد ڪيو هو ۽ في ٽانگو سئو رپيا روز ڀاڙو مقرر ڪيو ويو. ڏيون ڪمزور ٽانگي وارن کي پنجويهه، ڪجهه ڪرڙي قسم کي چاليهه کان پنجاهه ۽ داداگير ٽائيپ کي ستر_پنجهتر رپيا ڏنا. ان سازش ۾ ٽانگا ايسوسيئيشن جي هڪ ٽڻڪ عهديدار مينهين خان کي به شامل ڪيو هئائين!) ان ڏينهن سون جي تعداد ۾ ٽانگي وارن گهر ٻاهران ڏيون کي ايڏيون ’ڪچيون غليظ گاريون‘ ڏنيون هيون، جيڪي مان زندگي ۾ ڪڏهن ڪين ٻڌيون هئم پر هيءُ پنهنجي گهر ڀاتين سميت بالم بڻيو ويٺو ٻڌندو رهيو ۽ ڪو شرم، حيا يا غيرت جو احساس ڪين ٿيو هيس. ان ڏينهن ’سمورو ڪوئينس روڊ تماشبين‘ ڏيکاري ڏنو هيم! هُن جهڙي پڪي ڪُمي نما کل ۽ مئل ضمير وارا گهٽ ماڻهو ڏٺا اٿم، اسان جو پراڻو ساٿي، سياستدان، مشهور سماجي ڪارڪن، وڪيل ۽ ٽانگا ايسوسيئيشن جو صدر رڪن الدين قاسمي به الائجي ڪيئن سندس دولاب ۾ ڦاسي ڀنڀلجي چڪو هو ۽ بعد ۾ کيس ان غلطي جو شديد احساس به ٿيو هو.
هڪ ڀيري ضيائي آمراڻا دور ۾ منهنجي دوست گيانچند وڪيل جي ويساهي سالي ڊاڪٽر پرشوتم (جيڪو فوج جي ميڊيڪل ڪور ۾ ڪپتان هيو) کي، ذري گهٽ، پنهنجي ڪڌين حرڪتن ۽ جعلسازي سبب ڪورٽ مارشل جي نوبت تي پهچايو هئائين. ان کان اڳ ’يحيائي تاناشاهي‘ ۾ ڪنهن سان دولاب ۽ ٺڳي ڪئي هئانين ۽ خيرپور ڊويزن جي فوجي ڪورٽ (ٽربيونل) ۾ پيش ٿيڻو هيس. سندس زال ۽ ٻارن تي ترس کائي (جيڪي ان سمئي منهنجي ڪوئنس روڊ واري گهر جي هيٺئين حصي ۾ رهندا هئا) حاضري کان هڪ ڏينهن اڳ خيرپور وڃي نور احمد شاهه (جيڪو ٽربيونل جو ميمبر ۽ جج هو) کي سفارش ڪري ٽيپ کان بچايو هيم. احسان فراموشي ۽ طوطا چشمي ۾ سندس ثاني شايد ئي ڪو هوندو هو. ان زماني ۾ سکر اندر هڪ عدد ’وڪٽوريا‘ بگي هوندي هئي، جنهن جو مالڪ ڏيون هيو. گهڻو پوءِ خبر پيئي ته اُها سيٺ ڀڳوانداس (سکر جو رڄ پئنچ ۽ ڪارخانيدار) کان قسطن تي ورتي هئائين ۽ جنهن جي هڪ قسط به ڪونه ڏني هئائينس! هن ڪورٽ ۾ سندس خلاف دوکي ۽ دولاب جي دعويٰ داخل ڪرائي ۽ سندس خلاف گرفتاري جا وارنٽ نڪرڻ وارا هئا. هن ڀيري به ٻارن سان گڏ اچي مون آڏو گيگراٽ ڪيائين ته جيئن ڀڳوانداس ۽ سندس وڪيل حليم پيرزادي سان منهنجا گهاٽا سنٻنڌ هئا ۽ واهر ڪري، وچ ۾ پيئي کيس گرفتاري کان بچايان. آخر انهن ٻنهي سان ملي ۽ بگي جي قسطن ڀرڻ جي ’لکت‘ ۾ ذميداري کڻي ڪيس Withdraw ڪرائي سندس جان آزاد ڪرايم. پر هُن ناسودي هڪ قسط به ڪونه ڀري ۽ سڀيئي قسطون لکت جي شقن موجب مون کي ادا ڪرڻيون پيون هيون! هيءُ اهو دور هو، جڏهن شيخ حفيظ ۽ آئون خيرپور ۽ سکر ۾، خانداني منصوبه بندي کاتي اندرآفيسر هوندا هئاسون. انهن ڪڌن ڪرتوتن کان وڌيڪ غليظ حرڪت منهنجي خلاف مارشل لا اختياري ’وارن کي‘ ڳجهي درخواست ڏئي ڪئي هئائين، جنهن اندر مون کي هندوستاني ايجنٽ، ملڪ دشمن عنصر ۽ سمگلر قرار ڏيندي سندس ضمير، انسانيت، ڌرم ۽ منهنجن احساسن جو به ڪو چهڪ، چهنڊي ۽ احساس ڪونه بيدار ٿيس! منهنجا پير زور هئا جو فوجي ٽربيونل جا ميمبر Unbiased هئا ۽ مون مٿان ڪو الزام ثابت ڪين ٿيو. در اَصل هن جي نيت مون کان گهر خالي ڪرائڻ هئي! کيس اجهو مون ڏنو هو ۽ مون کان ئي منهنجو گهر خالي ٿي ڪرايائين!! سکر ۾ موجود دوستن: رشيد ڀٽي، فتح الله عثماني، رڪن الدين قاسمي، فتاح ملڪ، حنيف منگي، ڊاڪٽر دوارڪا داس، ڊاڪٽر رتن ڪمار ۽ ڪجهه بلوچ ڪاٽڪن جي سهائتا (جيڪي نواب بگٽي مهيا ڪئي هئي) سبب ڏيون لنگڙو مجبور ٿي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ انهن جي نتيجي ۾ کيس پوڻا ٻه لک رپيا ڏئي (سن 1984ع) کانئس جاءِ جي هيٺئين حصي جو قبضو ڇڏرايم.
ماضي جي ڪنهن اسٽيج تي هنن ئي يارن بشمول منهنجي گهرواري اِن ’بدبودارکڏ‘کي هيٺ واري حصي ۾ وهارڻ کان مسلسل منع ڪندا رهيا هئا پر ’آدرشي سوچ‘ سندن صلاح کي ٿڏي پنهنجي من ماني ڪرڻ تي آمادهه ڪيو هو ۽ نتيجي طور مٿي ڄاڻايل ’ڀوڳڻائن‘ کان گهڻيون ئي وڌيڪ تڪليفون، هن بي مهارشتر هٿان، برداشت ڪيون هيوسين، جن کي ورجائڻ اجايو ۽ بي سود آهي.
بنارسي ٺڳن،دهلي جي ڪاٽڪن ۽ اٽلي جي مشهور شاهينگن جا سمورا ڪڌا ڪرتوت هن جي ذات اندر ائين سمائجي يڪجا ٿي ويا هئا، جيئن شاهه سائين چواڻي ”ڪڙو منجهه ڪنڍي....“ سندس شخصيت سورهين صدي اٽلي جي نامياري جعلساز، ٺڳ، سازشي ۽ اديب پيٽرواريٽينو(Aretino) سان ڪيڏي نه ملندڙ ۽ مشابهت رکندڙ آهي، هيءُ اديب ڪونه هو!
ساڳئي سمئي سکر ۾ ڀڳوانو نالي هڪ ٻيو منشي به هوندو هو ۽ ڏيون جو جُٽُ، پڳ مٽيو يار، سندس جيان ٽڻڪ، بيديدو ۽ اصيلن (Clients) لاءِ اهي ٻئي ڄڻ ڄورن سمان هوندا هئا. غريب، نادار اصيل ڪر ڪندو، ڪنجهندو، ڪوڪندو مجال جو هنن کي ڪا ڪهل ۽ ڪهڪاءُ اچي، ڀڳوانو ڏيون کان گهڻو اڳ اياز جو منشي رهي چڪو هو، ليڪن قد ڪاٺ، حرفت بازي، دوکي ۽ ٽپتائپ ۾ ڏيون آڏو ٻچٽ لڳندوهو. بابل جي هاروت ماروت جيان اِها ’بي پيري‘ ۽ ’بي موکئي‘ جوڙي سکر ۾ رهائش دوران ’برائي جي کڏ‘ ۾ آخر تائين لت پت ٿيندي تڙڳندي ڏٺم.
هڪ ڀيري لاهور جي ’هيرا منڊي‘ جي پاڻ جهڙن ٽپتاين سان گڏجي هڪ فلم ’دنيا رنگ رنگيلي‘ جي تياري جو اعلان ڪري ’نون چهرن‘ جي تلاش جا اشتهار ڇپائي ڪيترن ئي اٻوجهه جوانن، جوانڙين، وڏيرن جي کريل اولاد کي خوب پاسا ڏيئي پالهو ڪيائين ۽ بي نام جوانڙين کي Taste ۽ Test جي آزمودي مان گذارائي بعد ۾ تريون ڏيکاريندو رهيو! اِها اعلان ٿيل فلم ڏاڍا شاهه خيرپوري، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽي جي سرپرستي هيٺ اعلان ڪرايل فلم ’مومل راڻو‘ وانگر ڪڏهن به تيار ٿي ڪين جنمي سگهي. البته ڏاڏا شاهه جي فلم ’مومل راڻو‘ لاءِ تنوير عباسي جا لکيل گيت نورجهان جي آواز ۾ ڳائجي خوب مڃتا ماڻي چڪا هئا.
ڳالهه جو آرنڀ ٿيو هو ’پاڪ دامن‘ روحن جي ذڪر سان، پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪن وارن ڏهاڙن ۾ سکر جي ’لال بازار‘ جي هڪ مشهور پري زاد ڳائڻي نرتڪي هوندي هئي، جنهن جو نانءُ شمشاد بيگم هو. هن خاتون پنهنجي جادوئي حسن ۽ ’وچتر ڏانوَن‘ سان سکر جي ڪيترين ئي مشهور سياسي، سماجي ۽ ادبي هستين سان ’راس ليلائون‘ رچائي سندن ڪڇون ڪوسيون ڪيون هيون. انهن ۾ اياز جو نانءُ ٻين سڀني کان مٿانهون هيو. مون کي به هڪ ڀيرو نامور هندوستاني ايڪٽر آءِ ايس جوهر جي سنگ ۾ (1963ع) کيس اوڏڙو پسڻ ۽ ڪنهن فلمي گاني ذريعي سندس مڌڀريو سريلو آواز ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو هو.
ڳالهه وسهڻ جي ڪونهي پر عجب حقيقت آهي. مائي جسوڌا جو پتي ۽ ٻن ’اڌڀت ‘ ٻارن جو پيءُ (لفظ اڌڀت، ان ڪري استعمال ڪيو اٿم جو ڏيون جي اِها موروثي (Genetic) بيماري سندس ٻن پٽن _ بيبُو ۽ اومي _ کي به ڄائي ڄم کان چنڊ گرهڻ جيان وچڙي ويل هئي ۽ پيءُ جيان هو ٻيئي به هلڻ دوران ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ته ڪرندا هئا پر اتفاق سان ساڻن گڏ جيڪو بي خبر همراهه هوندو هو، اُهو به هنن جي بار سببان ضرور زمين بوس ٿيندو هو) .
بقول اياز جي ڏيڍ ٽنگو (لنگڙو) ’اي ون‘ جل پري شمشاد بيگم کي الائجي ڪڏهن ۽ ڪيئن ’منڊڻ‘ ۾ ڪامياب ٿيو؟ اِهو معجزو ڏسي ۽ ٻڌي سکر جي ڄاڻو ۽ گڻنگ شڪاري ماڻهن کي ڏندين آڱريون پئجي ويون هيون. هينئر شمشاد بيگم ’لال بازار‘ ۽ ان سان ڳنڍيل ”پيشي“ کي هميشه لاءِ الوداع چئي سکر جي ڪنهن شريفاڻي پاڙي ۾ اچي ’ٿانوَ‘ ڪيو هو! کيس ڏسي ائين ڀاسندو هو ڄڻ هوءَ ماضي جي دڳ جي دز کان به نا آشنا هئي! محمد مورئي جي گهرواريءَ جيئن ڏيون جي سَتَ ۾ رهي ’پاڪدامني ‘ وارو جيون گذاريندي رهي.
اِهو لقاءُ پسي لڳو هو ته ستي جو سَتُ ۽ پاپڻ جو پاپ سڀ اضافي ۽ اجايا نانءُ آهن. پاپ ۽ پڃ جو ڪوريئڙي وارو ڄار به پدر سَري سماج جي اُڻت آهي. هوءَ صرف عورت آهي، باقي اسان جي من جا ڀاوَ آهن. اهڙو جذبو معراج تي رسائي ٿو، جنهن کي انسانيت چئجي ٿو!
۽ هِنَ طرف ڏيون لنگڙو (رشيد ڀٽي کيس ان ئي نالي سان مخاطب ڪندو هو) مندر، مڙهيون، ٽڪاڻا تياڳي ’رمضان جي روزن‘ کي اچي ڀيڙيو، مجال جو هڪ روزو به قضا ٿي وڃي . ’بدبخت‘ اتفاق سان ڏيون منهنجي جاءِ جي هيٺائين حصي ۾ رهندو هو ۽ روزي کلڻ وقت منهنجو چئن ورهين جو ننڍو پٽ وجئه مٿان لهي ڪري هيٺ وڇايل کٽ تي فروٽ پڪوڙن ۽ شربت سان ڀريل جڳ کي آسائتي اکين سان ڏسي جلد روزي کولڻ جي اجهل ڌوُني لڳايون بيٺو هوندو هو ۽ هُو کيس ٺهر سان وراڻيندو هو ”بابا، گهُوگهُو وڄي ته روزو کوليون نه!“
ٻڌڻ ۾ ائين آيو ته هُو جسوڌا کان لڪي ڪري، ڳُجهه ڳوهه ۾ نماز پڙهندو هو. ’دين ڌرم‘ ۽ Beast and beauty جي عجب سنگم کي ياد ڪري ڪڏهن ٽٻي ۾ پئجي ان ڪُلئي تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو آهيان ته واقعي ’دنيا رنگ رنگيلي‘ آهي.
هڪ لڱا سن 1977ع ۾ سکر اندر جاءِ ٺهرائيندي مون مٿان ڀت ڪري پيئي ۽ جسم جي مختلف حصن جا يارهن هڏا ڀڄي پيا ۽ آئون پلسترن ۾ ويڙهيو سهيڙيو ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ پيو ڇت جو ڪاما ڳڻيندو رهندو هيس.
ڪئي يار دوست طبيعت پڇڻ سانگي ايندا رهندا هئا. هنن ۾ رشيد ڀٽي، رڪن الدين قاسمي، تنوير عباسي، ڊاڪٽر دوارڪا داس، ڊاڪٽر رتن ڪمار، ڌڻي بخش شاهه عثماني، اعزاز نظير، حسن حميدي ۽ ٻيا ڪيئي هوندا هئا. رشيد ڀٽي گرائونڊ فلور (ڏيون جو گهر) اندر داخل ٿيندي ئي هڪ قلندري قسم جي سين هڻڻ تي هريل هو: ”اڳي ته هيٺ لنگڙن جو آستان هو، هاڻي مٿي به لنگڙي جو واسو آهي“ اها بلند آواز دس ٻڌي ڏيون ۽ سندس ٻارن کي مٺيا ته ڏاڍي لڳندي هئي پر رشيد اڳيان گنگ ٿي ننو اکر واري ويهندا هئا. کين سُڌ هئي ته هُو (1) وڪيل ۽ ڏيا وارو مڙس هو (2) اديب، صحافي ۽ هفت روزهه ’المنار‘ جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هو (3) اياز ۽ ٻين نالي وارن وڪيلن ۽ ججن جو دوست هو (4) سياست جي ميدان جو به شهسوار هو ۽ (5) ٺيڙهي واري مدرسي ۽ اروڙ واري مسيت سان لاڳاپيل ’مولوي خاندان‘ جو نور چشم هو، ان ڪري هن سان ڪا بيهودگي ڏيون جي سموري آڪهه کي تين واڪ ڪرائڻ لاءِ ڪافي ٿئي ها. اهوئي ڪارڻ هو جو ڏيون سميت سندس سڀيئي ڀاتي کانئس ڪئو کائيندا هئا.
رشيد ڀٽي جو مشاهدو نهايت تُز ۽ تيز هوندو هو. ڏيون جي پٽن کي ڏسي هن اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته يا هُو پيءُ وانگر ٽپتئي ۽ ناسودا بڻبا يا ٻه عدد ڪاٺ جا گاڏيئڙا ٺهرائي ’اپاهجن ‘ مان هر هڪ انهن ۾ ويهي، پنهنجي ٻه_ٽنگي ڀائرن، ڪاري ۽ پپُو کان انهن کي گهلرائي سڄو ڏينهن سکر جي رستن جو طواف ڪندي سين هڻندا رهندا:
”بابا، ڏيئي وڃ نالي الله جي
مولا برڪت وجهيوَ، هنن اگهن ۽ اُپاهجن کي“
روزانو موٽڻ ٽاڻي، پڪ ئي پڪ، اهي گاڏيئڙا سڪن ۽ نوٽن سان ڀريل هوندا، کين ڪڏهن، ٻيءَ ڪرت جي ضرورت محسوس ڪونه ٿيندن.
پر، مستقبل ۾ رشيد جي پهرين اڳ ڪٿي يڪ ٽڪ ثابت ٿي هئي!
مقبول صديقي ۽ رشيدڀٽي ڄائي ڄم کان ڦوهه جوانيءَ تائين پنهنجي جسم جي ويڪر ۽ وزن ۾ سومو پهلوانن جون سڪون لاهيندا هئا. گوشت سان ڀريل سندن اکٽ جسم هلڻ، ويهڻ ۽ بيهڻ مهل ايئن ’ٿَل ٿَل، ۽ پَل پَل‘ڪندا هئا جيئن سامونڊ ۾ وهيل مڇي يا لڌڙو ڪندو آهي. اياز، نيازهمايوني، تنويرعباسي ۽ منهنجي زندگي سندن دخل در معقولات ڏاڍو اوير سان شروع ٿيو هو _ منهنجي خيال ۾ اگر پهرين ٽن يارن سان سندن دوستي ڪجهه سوير ڀرو ٿئي ها ته هو يقيني طور ’قانوني شادي‘ کان منهن موڙي بگن ۽ مقبول سان ايراني طرز وارو ’متعو‘ رچائي سموري ڄمار ساڻن گڏ گذاري پاڻ کي موکي نه صرف وڌيڪ سرخرو ٿين ها بلڪه حڪيم ارسطو جهڙو آنند به پرائين ها.
شادي کانپوءِ به اهي ٽيئي يار بشمول منهنجي ڀٽي ۽ مقبول جي ميناڪشي ۽ شڪنتلا جهڙي موهيندڙ ڌتاريندڙ ۽ هرکائيندڙ اُرهن سان ڦهليل اڀريل سيني کي وجهه وٺي هلڪي پيار ڀري ’مهٽ‘ ڏيڻ جو ڪو موقعو ڪين وڃائيندا هئا. ڀٽي کي اسان جي اها حرڪت ڀانءِ ڪونه پوندي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن تائين سندس منهن سُڄيل ۽ اسان کان رٺل رهندو هو؛ پر، مقبول کي مزو ايندو هو ۽ ظاهري ڪاوڙ ڏيکاري چوندو هو، ”ڏاڍا کيچلا ۽ نرلڄا آهيو“.
منهنجي خيال ۾’خالق‘ هننن ٻنهي جيون کي بڻائڻ وقت شايد ’موج مستي‘ واري حالت ۾ هوندو _ ڇو جو لڳي ٿو ته ڀل سبب ع ق شيخ، ابن حيات پنهور، ستمگر سنڌي ۽ فتاح ملڪ جي حصي وارو ’جائز‘ ماس به هنن جي جسمن جوڙڻ ۾ ڪتب آندو هوندائين.
جيستائين مقبول ۽ رشيد جي ’مستاني ٽور‘ جو تعلق آهي ته مقبول ايئن آهسته خرام هلندو هو ڄڻ ڪوئنس روڊ تي، ليوڪس پارڪ واري مٿانهين حصي کان، بي آواز واري ’آواز‘ سان پاڻي وهندو هجي يا اپر ڪوئنس روڊ واري واٽر ٽئنڪ ۾ گهاري پوڻ سبب وچ واري ڊگهي ڏاڪڻين تان پاڻي گهرڪندو لوئر ڪوئنس روڊ تي ڪرندو هجي.
پر، رشيد ان جي ابتڙ ايئن چلندو هو ڄڻ روهڙي جي سنسان سنهڙين گهٽين ۾ جيڪب آباد جي ’فورس‘ مان وارد ٿيل راڪاس ’آدم بو‘ ’آدم بو‘ ڪندو هجي.
جيئن ته بگن جي تاريخي ٽهڪن جو اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيو آهيان ۽ ان کي اڳتي وڌائيندي چوندس ته سندس ’ٿل ٿلائي‘ اوج ۽ عروج واري ڏهاڙن ۾ سندس نغاري جهڙا بي ساخته ٽهڪ ايئن ڀاسندا هئا ڄڻ اڀ ۾ ڏارون وجهي خدا کي ننڊ مان جاڳائيندا هجن، يا وئشنو ڀڳوان کي شيش ناگ مٿان اگهور ننڊ مان ڇرڪ ڀرائيندا هجن. اِهي ڪوئيٽا ۾ سن 1935 واري ڀنڪر زلزلي جي گڙ گڙاهٽ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪين هوندا هئا؛ ڄڻ منجهن پرنس ڪروپاٽڪن وارو ’ انارڪزم ‘ سمايل هوندو هو.
انهن ٽهڪن جي وقتي، بي وقتي آمد دوران جيڪڏهن سندس هٿن ۾ ڪا شئي هوندي هئي ته اها ايئن ڇڏائجي ويندي هئس ڄڻ آسمان مان ڪو تارو ڪرندو هجي. هلندي هلندي هٿن مان سائيڪل ڇڏائجي رستي تي زوم مان گولاٽيون کائڻ لڳندي هئي، يا چانهه پيئڻ دوران ڪوپ بسي زمين سان ٽڪرائجي ’شهادت‘ جو درجو حاصل ڪري وٺندا هئا. پر، ريلي ڪرڻ وقت ٽهڪ جي آمد دوران جڏهن هٿن مان اڳٺ جو سِرو ڇڏائجي ويندو هئس ته ’اوندهه‘ ۾ روشن پوسٽ آفيس لفافي ۽ ٽڪلين سميت بائسڪوپ جو منظر پيش ڪندا هئا. اهو روح افزا نظارو منهنجي ڀاڳ ۾ ڪونه هو پر، اياز، نياز ۽ رباني ان روح پرور نظاري جو ڪئي ڀيرا لطف ماڻي چڪا هئا. مولائي شيدائيءَ ان منظر کي ’ديدني گار‘ سان منسوب ڪيو هو.
هينئر اڪيلائي ۾ ٽهڪن تي ويچارڻ مهل ڪڏهن محسوس ٿيندو اٿم ته اهي پنهنجي بي پناهه وسعت ۽ جامعيت جي لحاظ کان مولانا فضل الرحمان جي ’پُٺِ‘ سان ڪيڏي نه مشابهت رکن ٿا.
ٻئي طرف مقبول جي مرڪ ۽ ٽهڪ ۾ سندر البيلي نار جي گلابي مرڪ ۽ چاندي جهڙي ٽهڪ جو ترنم ’ماٺائي سنگيت‘ جهڙو هوندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو شڪارپور مان سکر داخل ٿيندي ئي نياز همايوني پهريائين مقبول صديقي جي گهر جي چانئٺ چمي، سيس نوائي پوءِ جاگيراڻي پاڙي ۾ رشيد ڀٽي جي، اصطلاحن فتح پور سڪري جهڙي بلند دروازي مٿان ٽپا ڏيئي، محمود غزنويءَ وانگر ڇهڻ جون ناڪام ڪوششون هوندو رهندو هو؛ ۽ ان ناڪاميءَ جو سبب مولوي محترم عبدالحميد ڀٽي جو آڏو بيٺل ڇپ جيڏو وزني ۽ ڦهليل جُسو هوندو هو.
رشيد جي ڀيٽ ۾ مقبول تصنيف تاليف ۽ ڇپائي جي ميدانن ۾ ٻه ٻرانگهون اڳڀرو هو.عبدالرزاق راز واري ’حبيب پبليڪيشنس‘ اداري (فريئر روڊ سکر) هيٺ هن سن 1955ع ۾ ڪئي شاهڪار ڪتاب ڇپرايا جن ۾ اياز جو ’پنهل کانپوءِ‘’سفيد وحشي‘ ۽ رازق راز جو ’سارنگ‘،’ڊاڪ بنگلو‘، ’سکرسونهارو‘ ۽ بشير مورياڻي جو ’آزادي جي راهه تي‘ وغيره ڄاڻائڻ جوڳا آهن.
گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي جا ٽي واقعا سنڌوءَ ۾ ترندڙ ٽن اگهاڙن مهاڻن جي ٻارن جيان ’ياد‘ جي ڪپر تي پهچي بدن جو پاڻي ٽمائيندا پسجن ٿا. انهن ڏهاڙن (1954_1957) ۾ علي احمد بروهي خيرپور ۾ انفرميشن آفيسر جي پد تي مقرر ٿيل هو.اياز سان ’وچڙيل وارن‘ جهڙيون ياراڻيون ڳنڍيل هونديون هئس. حمام ۾ ڄڻ ٻئي ننگا هوندا هئا. ’عملي چرچن‘ ۽ ’عملي ڳالهين‘ ۾ سندس ويساهه مٿانئس چڙهيل دانگي جهڙي ڪاري رنگ جيان پڪو ۽ اڻ مٽ هيو. درياهه جي ڪپ سامهون بندر روڊ سکر تي سندس گهر هوندو هو. سموري ڪپر لڳ بيٺل ٻيڙين جهيهن ڳردار ڳورين ۽ جانٺين ماڇاڻين ۽ مهاڻين سان سندس سنگت صحبت ۽ ساٿ ايئن اڻ ٽٽ هيو جيئن کانئس گهڻو اڳ ۾ لارڊ بائرن جو انگلئنڊ جي سمورين امير زادين، شاهي گهراڻي جي عزت دار ۽ ناماچاري بيگمات ۽ سامائجندڙ شهزادين سان رهيو هو. اڄوڪي لارڊن، اميرن ۽ارلن (Earls) وغيره مان شايد ئي ڪو ’ڌڪاڻيل‘ سندس خون جي آميزش کان وانجهيل هوندو. موجوده ماڇين ۽ مهاڻن جي اولاد جو معاملو تحقيق طلب آهي، ان لاءِ تاج بلوچ کي عرض آهي ته پنهنجي دوست ’طوطي نما‘ ميداني مقاد.... کي تيار ڪري ته ڪم سولو ٿي پوندو. مرحوم رشيد ڀٽي چواڻي علي احمد بروهي جي جسم تي واري جڙيل سنگ ۽ انگ ۾ سمايل هيو. پر منهنجو سيس سندس احسان، خلوص ۽ محبت ڪارڻ تاحيات نميل رهندو.
اطلاعات کاتي جي سرڪاري نوڪري دوران وٽس ڏاڏي آدم جي زماني جي هڪ پيرسن پر وفادار جيپ هوندي هئي، جنهن ۾ پاڏي جيڏي رشيد ڀٽي، گل اندام تنوير عباسي، اسپيني سان جهڙي شيخ اياز، بيبين جهڙي محترم ابراهيم جوئي، بلانوش رندن ۾ واڻيو ڳورو مثل ناڪسار کي ڪڏهن ڪڏهن خيرپور ۽ سکر جي وچ ۾ سير سپاٽو به پهچائڻ ۽ واپس سکر وٺي اچڻ جو نيڪ ۽ پر ثواب ڪم رضاڪاراڻي طور پاڻ تي کنيو هئائين. سندس انسان دوست جيپ ۾ وکر جيان سٿجڻ بعد اسين پاڻ کي سندس افسانوي ڪردار: عثمان حجم، عدو موچي، عيدن نانوائي وغيره جيان محسوس ڪندا هئاسون. ان مهل ويٺلن مان ڪو به پاڻ کي ’پاڻ وهيڻو‘ محسوس نه ڪندو هو.
گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ سکر _خيرپور سڙڪ تي ٽرئفڪ نه هجڻ جهڙي هوندي هئي ۽ روهڙي جي گهٽين جيان سنسان ۽ پراسرار لڳندي هئي. هڪ ڀيري اياز، رشيد، تنوير رباني ۽ آءٌ سندس جيپ ۾ خيرپور کان سکر پئي آياسون ته سڙڪ جي ڪناري پاسيواري ڪنهن ڳوٺ ڏانهن ويندڙ گڏهه تي چڙهيل هڪ واڻئي تي نظر پئجي ويس. واڻئي کي مٿي تي گول ٽوپي، ململ جي قميص ۽ وائل جي اڇي ڌوتي ٻڌل هئي ۽ گڏهه جي ٻنهي پاسن کان اٺ جي ڪجاون جهڙي انداز ۾ وکر رکيل هئي ۽ هلندڙ گڏهه جي ٽڪ ٽڪ جهڙي آواز تي ڪو ڀڄن جهوناريندو ٿي ويو. بروهي سندس ڀرسان امالڪ جيپ روڪيندي کيس بيهڻ جو اشارو ڪيو. اسان ۽ واڻئي جي اچرج جي ڪا حد نه رهي جڏهن جيپ ۾ ويٺي ئي هن سڄي هٿ جي مٺ ڀيڪوڙي ٻانهن کي تجريدي انداز ۾ موڙيندي کيس چيائين: ”واڻيا ڙي واڻيا تنهنجي ڌوتي ۾ ڌاڻا.... هيءَ ڏس! جيپ تنهنجي فلاڻي جاءِ ۾ ڪيئن نه تيزي سان وڃي ٿي!“ ايئن چئي جيپ کي چالو ڪري اڳتي نڪري ويو. ٿورڙي مفاصلي تي جيپ ۾ ڪا خرابي پيدا ٿي پئي ۽ بيهجي وئي. بروهي سميت اسان سڀ لهي آياسون ۽ هو بانيٽ مٿي ڪري مشين ٺيڪ ڪرڻ جي جتن ۾ جنبجي ويو. ايتري ۾ گڏهه تي سوار ڪاڪو به پهچي ويو ۽ بنان ويرم گڏهه کي سندس ڀرسان روڪيندي چهري تي سوڀاري مرڪ آڻيندي بروهي کي وڏي واڪي مخاطب ٿيندي چيائينس: ”مسلا ڙي مسلا، تنهنجي پينٽ ۾ ڌاڻا... اجهو ڏس! منهنجو سڄو سارو گڏهه تنهنجي فلاڻي جاءِ ۾ ڪيئن نه تيزي سان وڃي رهيو آهي! “ اهو چئي گڏهه کي اڙي هڻي وڄ ۽ واءَ وانگر اڏيندو نظرن کان الوپ ٿي ويو. اسين بروهي سميت سڀ پويان اٿندڙ دز کي ڪي سماعتون تڪيندا ڄڻ پنڊ پهڻ بڻجي وياسون ۽ ان بعد دل کولي ايڏو کلياسون ڄڻ ڇهن مهينن کان کل روڪيل هئي.
ٻئي ڀيري سکر کان خيرپور پئي وياسون ۽ اسان جي جٿي ۾ هن دفعي رباني بجاءِ مقبول صديقي هيو. واٽ تي رشيد الائجي ڪهڙي ڳالهه تي چيو هو: ”اڄوڪي دور ۾ ماڻهو وِکَ وِکَ تي حرامي بڻجي ويو آهي. “ بروهي اهو ٻڌندي ئي جيپ کي بريڪ هڻي هيٺ لٿو ۽ سڙڪ تي هٿ جي چئن آڱرين سان چپو ٺاهي زمين تي رکندي اڳتي وڌندي چوندو ويو: ”اڙي بگن! وک وک تي بلڪل نه، بلڪه هيءَ زمين چپي چپي تي حرامي ماڻهن سان ڀريل آهي! “
انهن ڏهاڙن کي موج مستي، پيئڻ پيئڻ ۽ پيئڻ جو مفهوم ڏئي زندگي سان تعبير ڪيو ويندو هو:
’پيئوڙي يار جيئوڙي يار‘
جو فلسفو حيات لاءِ ڄڻ آب حيات بڻيل هو ۽ ان جي سنگاسن تي اسان جو گرو، ديوتا ’بانوس‘ هر وقت براجمان نظر ايندو هيو. ان دور ۾ اياز جو گهر اهڙين محفلن لاءِ ’پارناسس‘ جيان پوتر آستان ڄاتو ويندو هو.
اهڙي ئي هڪ محفل ۾ ’موم رس‘ جي طلسماتي جادوئي اثر هيٺ تارن ڀري ٽم ٽم ڪندڙ سهائي رات جي شيتل ڇت هيٺان (اياز جي آڳر ۾) علي احمد بروهي اسان سڀني کي ’ريل‘ بڻجڻ لاءِ تيار ڪيو هو. سندس پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ ٻاڦ تي هلندڙ ڪاري انجڻ جهڙو هيس ان ڪارڻ پاڻ انجڻ بڻيو، باقي پٺتي اياز، مقبول صديقي، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي گاڏا ۽ مال گاڏا بڻيا. مون کي ٻه رنگين ڪپڙا، سائو ۽ ڳاڙهو ڪاٺ جي ڏنڊڪڻي ۽ هڪ زنگ آلود سيٽي ڏئي مولائي شيدائي جيان گارڊ بڻجڻ جو فرض سونپيو ويو. سڀني هڪٻئي جي قميصن جي پٺين پلوَن کي سوگهو جهليو هو.
جيئن ئي مون سيٽي وڄائي سائي جهنڊي لوڏي بروهي پنهنجي گيئر باڪس جا تاڪ کولي ’حوض خاص‘ مان ڦوهاري جيان پاڻي ڪڍندي وات مان ’ڇُڪ ڇڪ ڇُو ڇُو‘ جو مترنم آواز آلاپيندي آهستي آهستي سموري ريل کي ڇڪيندي هلڻ شروع ڪري ڏنو.
’بانوس‘ جي ريل نما عقيدت مندن جو اهو منفرد ۽ انوکو سفر ڪافي دير تائين جاري رهيو هو ۽ مان ننڍ
ين ٽيشڻين ۽ جنڪشنن تي ڳاڙهي سائي جهنڊي لوڏائيندي ۽ سيٽيون وڄائيندي ڪافي ٿڪ محسوس ڪري رهيو هيس ۽ نيٺ انساني ريل (گاڏن سوڌو انجڻ سميت) ٿڪ ۾ چُور ٿي زمين تي ڦان ٿي ڪري هئي.
اڪثر ٽڪنڊي (ٽمورتي_Trinity) کي ڀاڳ، تقدس ۽ سڀ علامت طور ڄاتو ويندو آهي، جهڙوڪ هندو مت ۾ ’ويشنو شو برهما‘ يا عيسائي مت ۾ ’خدا، پٽ ۽ روح القدس‘ يا فڪري ڌارا ۾ ’ستيم شوم سندرم‘ پر ڪڏهن ڪڏهن اهو اشڀ، پراسرار ۽ موتمار بڻجيو وڃي ٿو، جيئن برمودا ٽرئنگل، ساڳيءَ ريت ’اياز، ميرا اقبال _ بروهي‘ واري تثليث اياز ۽ بروهي جي وچ ۾ ’وچڙيل وارن‘ وارين ياراڻي جي پڪين پختين ڳنڍين کي کولي الڳ ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ هر هڪ وڃي ڏکڻ ۽ اتر قطب جي ڪنڊ والاري جنهن تي تاحيات اڏول بيٺا رهيا. اها ادب ۽ دوستي جي وچ ۾ نهايت ڏکوئيندڙ ۽ درڙي ڏياريندڙ ساروڻي اٿم.
’گهونگهٽ ۾ گوري جلي‘ جي مصداق هڪ ٻي ساروڻي ان کان به وڌيڪ ايذائيندڙ محسوس ٿيندي اٿم. علي احمد بروهي زندگي جي نما شام وارن ڏهاڙن ۾ منهنجو پيارو جهونو يار آغا سليم پنهنجي ڦوهه ۽ ڇوهه ۾ ۽ ادبي لڏي جو معتبر نانءُ قمر شهباز (ساڻس منهنجي ڪا ڏيٺ ويٺ ڪو نه هئي) الائجي ڪهڙي ندوري ويل سندن پير ڪنهن ڪاريهر تي پئجي ويو ۽ سنڌ، سنڌوءَ ۽ سنڌين جي Undeclared and hidden ويري الطافي ٽولي ۾ اڻ اظهاريل طور شامل هٿيا هئا. ڪنهن مشترڪ دوست چواڻي آغا ۽ قمر کي حيدرآباد جي ڪنهن حلقي مان اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو واعدو به ڪيو ويو هو، پر اتان جي ڪٽر ’ڀائي پرستن‘ جي مخالفت سبب اهو فيصلو واپس ورتو ويو. هر ڄاڻو فرد ۽ ڌر کي سُڌِ آهي ته الطاف ۽ سندس غير مقدس ٽولو تازي نظرئي ۽ طرييقن تي قول ۽ فعل موجب هلندي سنڌ جي منفرد ۽ ٻهڳڻي تهذيب تمدن ۽ وجود کي ايئن Erode ۽ نابود ڪرڻ جي جتن ۾ همه تن جٽيل آهي، جيئن کانئس گهڻو اڳ هٽلر يورپ ۽ باقي دنيا کي ميساري ’آريائي برتري‘ ۽ ’راڄ‘ قائم ڪرڻ لاءِ لڱ ڪانڊاريندڙ تباهي ۽ بربادي آندي هئي. هتي ’پئسو‘ ۽ ’پدوي‘ هراوچي انساني آدرش کي ڪنهن اجگر جيان ڳڙڪائيندو ڏيکارجي ٿو. ڌرتي سان سلهاڙيل روشن فڪر دانشور جو ناڪاري عمل جيءُ جهوريندو اٿم.