پاڪستان
لکڻ ۽ ان کي ٻيهر پرهي جائزو وٺڻ جي وچ واري ’وٿي‘ ڪوڏ جيان چڪناچور ٿي وئي، ۽ جناح صاحب جي پگهر ۾ ٻڏل قلم پنجن درياهن جي قديم ڌرتي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، سَنڌَ کي سَنڌَ کان الڳ ڪري هڪ نئين ڇهين سرزمين کي جنم بخشيو هو جنهن مان بقول فڪر تونسوي لهو جو ڇهون درياهه به وهي نڪتو هو. ڳالهه ان خوني جڳهه تي ڪونه ٿي هئي بلڪ سندس اجهل اُڃ سنڌو جي تصوف ۾ رنڱيل آدمشماري ۽ هُگلي جي شانتينڪيتن جي واسيل ڌرتي کي ورهائي ’انسانن‘ سان ساڳيو ويل وهايو هو. اڃان سوڌو ان نئين سرزمين تي انسان سندس ’ڪرم‘ جي ڀوڳڻا ڀوڳي رهيو آهي _ الائجي ڪيستائين _ ۽ ڪٿي دنگ ٿيندو؟
افلاطون پنهنجي هاڪاري تصنيف ’رياست‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”حاڪمن ۾ ’عقل ۽ ڏاهپ‘، سورمن (فوجين) ۾ ’حوصلو ۽ همٿ‘، ۽ عام شهرواسين ۾ ’اعتدال‘ هئڻ سان رياست اعليٰ خوبين سان مالامال ٿي ’نڪور ۽ سگهاري‘ صورت اختيار ڪري سگهي ٿي.“
پر، پاڪستان ۾ سندس ’ڄم‘ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهي ٽيئي وصفون موجود ڪين رهيون آهن. ان سبس، ٻين ڪارڻن کان علاوهه، دنيا جا مهذب ملڪ دٻيل لفظن ۾ کيس Rougeرياست چوندا رهن ٿا.
منهنجي تجربي ۽ مشاهدي سيکاريو آهي ته هتڙي ’سورمي‘ جي ڀيٽ ۾ فنڪار دانشور ۽ اديب وڌيڪ حوصلي همٿ ۽ خوبي سان مالامال آهي _ جيتوڻيڪ هاڻي ان ’لڏي‘ مان اڪثريت زنگجي رهي آهي.
اوڀر پاڪستان جي هار (سن1971ع) ۽ بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ بعد ذوالفقار ڀٽو، نيپولين بوناپارٽ جيان، اولهه پاڪستان (پنجاب، سنڌ، سرحدي صوبو ۽ بلوچستان) جي افق تي قطب تاري جيان اڀريو، فوج، وڏو ڀاءُ (پنجاب)، نوڪر شاهي ان ڪاپاري ڌڪ کان پوءِ نيستا، لاچار ۽ مايوس ٿي ويا هئا. ان عبرت ناڪ هار جي ذلت ڀرئي احساس، ساک جي بي پناهه هاڃي جي نهوڙيندڙ پورُن کين ڪنهن مسيحا، ڪنهن اوتار، ڪنهن امام مهدي جي اوچتو پرگهٽ ٿيڻ جي دعائن لاءِ هٿ مٿي کڻي ٻاڏائيندي ڏٺو جيڪو کين گھري اونهي ٿيندڙ دٻڻ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگھي. زلفي ڀٽو نيپولين وانگر، فوج ۽ اقتداري ٽولي جي آس جو آسرو بڻيو، ملڪ جي ٻيهر مضبوط بنيادن تي ’پنر جنم‘ جوڙجڪ ۽ تعمير نو جي اميد جيان اڀريو هو، ۽ کيس هڪ نئين ۽ ڦلدائڪ ۽ تعميري نيتي جو سرواڻ سمجھيو ويو. جيئن نيپولين بوناپارٽ ڪائونسلن ۽ ڊائريڪٽرن کي ڊسمس ڪري عبوري حڪومت ۽ آئين جوڙي جھموري انقلاب جي تحريڪ جو خاتمو آڻي پاڻ کي، وقتي طور، هڪ سڌارڪ ’تاناشاهه‘ وانگر عوام مٿان مڙهيو هيو؛ ساڳي طرح ڀٽو به فوجي ۽ نوڪر شاهي، مذهبي ڳٺ جوڙ جي ٻوساٽيندڙ باقيات جو خاتمو آڻي، پاڻ کي ان مٿان هڪ سول ’تاناشاهه‘ جي حيثيت سان ٿاڦي ’پير تسماپا‘ جيان براجمان ڪيو، ۽ ڪرايو! ٻنهي تاناشاهن جي عمل ۽ ڪردار ۾ ڪيڏي نه هڪجھڙائي آهي. هونءَ به نيپولين ڀٽو جو رول ماڊل هيو. نيپولين جي شروعاتي فرانس وانگر پاڪستان به جاگيردار ڀٽو جي’جاگير‘ جيان ڀاسندو هو ۽ انڌوشواسي عوام (بلڪه دانشور به!) فرانسسي عوام وانگر،سندس ’ٻانهپ‘ ۾ پنهنجو ’ڇوٽڪارو‘ ڀانئڻ لڳا. سوچ ۽ فڪر جي آزادي ، پريس جي آزادي، فرد يا گروهه جي پنهنجي آزادي، اهي سڀ املهه مڻيا ’غلامي‘ جي قربان گاهه (جيڪا ڀٽو به نيپولين جيان جوڙي راس ڪئي هئي) تي خوشيءَ سان نذر ڪيا ويا!! نيپولين جيان ڀٽو به مذهب کي ظاهري طور، مٿاهون درجو ڏيئي ان سان هڪ طرح جو ’غيرمقدس‘ ڳانڍاپو اختيار ڪيو. ملان، مولوي پنهنجي کيسي ۾ ايئن ڀريندو ويو جيئن ’عمرعيار‘ پنهنجي ديو مالائي خرزين ۾ هر هڪ وستو وجهندو هيو. ’عوامي مذهب‘ کي پنهنجي حق ۾ موڙڻ جو کيس فطري ۽ دانشوراڻا ڏانوُ هيو. اهڙي مذهب لاءِ نيپولين سچ چيو هو ته ”مذهب فيلسوفن جي پيروي لاءِ ڪون ٿئي ٿو ؛ جيڪڏهن مون کي فيلسوفن لاءِ مذهب تخليق ڪرڻو پوي ته اُهو ان مذهب جي بلڪل ابتڙ هوندو جيڪو انڌوشواسي عوام لاءِ جوڙيو ويو آهي !“
ڀٽو کي به بخوبي ڄاڻ هئي ته ”مذهب کي پنهنجي سياسي قوت ، قدر ۽ اهميت ٿئي ٿي، ۽ عوام جي زندگي ۾ اها هڪ اهڙي شڪتي آهي جنهن کي سياڻو سياستدان نظرانداز ڪرڻ بجاءِ پنهنجي حق ۾ exploit ڪري ٿو.
نيپولين کان متاثر ٿي ڪري هن نوڪر شاهي ۽ جاگيرداري جونئين سر نرماڻ ڪيو جنهن سندس شان مان ۽ رتبي کي بلندي تي پهچائڻ ۾ قطعي سستي ۽ دير نه ڪيئي. پاڪستان اندر درحقيقت، ڀٽو هڪ نئين روشن ۽ دانشوري تي ٻڌل ’سول تاناشاهي‘ جو باني ليکي سگھجي ٿو! ان جي پيڙهه ۾ اياز، جي اي رحيم، ڊاڪٽر مبشرحسن، خورشيد حسن مير، مختار رانا، معراج محمد خان جھڙن کاٻي ڌر جي گھڙيل پٿرن کي اڻ گھڙيو بڻائي استعمال ڪرڻ جو فن هنکان وڌيڪ ٻئي ڪنهن سياستدان کي ڪڏهن ڪين آيو. انساني ڪمزوري، لالچ، ڀوءُ، حسد، اڻ ڄاڻائي، ڇسائپ پيسي ۽ پاور جي پياس، وهم پرستي _ ۽ تن آساني سان پيار جھڙين ڪريل خواهشن ۽ جذبن کي هن سائنسي انداز۾ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو هو. اِهي هيٺيئن سطح جا جذبا ۽ تمنائون سچ، خود شناسي، آزادي لاءِ تڙڦ، ايثار، دليل ۽ منطقي مرتبي جي چاهت کان ڪيڏو نه ڏور آهن.
پاڪستاني بونا پارٽ ’روٽي، ڪپڙو ۽ اجهو‘ ۽ ’اسلامي سوشلزم‘ جي نعرن ذريعي عام ماڻهو، ۽ سيڪولردانشور کي وقتي طور نيپولن جيان، پنهنجي چمڪندڙ دام ۾ ڦاسايو، خاص طور سوشلزم جي جاندار نعري سان جنهن کي جھموريت جي حصول لاءِ ’اقتصادي ضرورت‘ ڄاتو وڃي ٿو، ۽ ان جو لاڀ به پلئه پيس پر، سندس کاٻي ۽ ساڄي لاڳيتين قلابازين ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ۽ سياسي بنيادن تي جبريون ضربون لڳايون، جنهن سبب سندس ترجيحات تيزي سان بدلجنديون رهيون،ان ڪارڻ ترقي پسند عناصر ۽ سياستدان کانئس پاسو ڪري ويا. (ڀٽو جي ان ’بوناپارٽزم‘ خلاف سڀ قوتون ... ساڄي ۽ کاٻي ڌرين سان واڳيل ائين يڪجا ٿي ويون جيئن نيپولين خلاف سمورو يورپ (انگلينڊ، روس، آسٽريا، پرَوشيا، اسپين، پوچوگال، سويڊن، هالنڊ، بيلجم، اٽلي، پولينڊ، ڊينمارڪ وغيره) متحد ٿي ويو هو. اهو خال ساڄي ڌر جي چالباز سياستدانن، جاگيردارن، وڏيرن فوجي جنتا سان ملي ڪري ڀريو جيڪو پڻ عارضي ثابت ٿيو. ملڪ ۾ ڏڦيڙ، انارڪي ۽ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي جنهن ڪري فوج ۽ آمريڪا (جنهن جي هوُ پيداوار هو) به کانئس دور ٿي ويا _ ۽ سندس انت، سندس گرو، نيپولين کان به وڌيڪ برو ۽ اندوهه ناڪ ثابت ٿيو.
نيپولين جي آدرشن يورپ جي آپيشاهي تي، مجموعي طور گھرو اثر ڇڏيو هو ۽ ان جون پاڙون ايڏيون ته اونهيون هيون ... جيتوڻيڪ کيس ان آپيشاهي هٿان هار پلئه پئي هئي.... جو آخر ۾ اِها (آپيشاهي) سندس سوچ ۽ فڪر هٿان هارائي وئي!ڀٽو نيپولين جي ڀيٽ ۾ فڪر فلسفي ۽ عمل جي لحاظ کان ڄامڙو ڏيکارجي ٿو... ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس بنياد تي ڪا پختي عمارت تعمير ڪين ٿي سگھي جئين بوناپارٽ جي ورثي ۾ ڇڏيل ’پيڙهه‘ تي ڪيئي عاليشان عمارتون تعمير ٿيل ڏيکارجن ٿيون!
’ايلبا‘جزيري تان واپسي بعد(سن1815ع) هُنَ انقلابي عنصرن، جنکي اڳ ٿڏي ڇڏيو هئائين، کي ’آزادي‘ جي اصول تي پنهنجو همنوا بڻائي ٻيهر جنگ جوٽيائين پر، واٽرلو جي ميدان تي هار کائي ’سينٽ هيلينا‘ جزيري ڏانهن هميشه لاءِ جلا وطن ڪيو ويو.
ٻنهي جي فڪري لاڙن ۾ ’جنگ‘ اڻ ٽر عنصر ڏيکارجي ٿي ۽ ’امن‘ اُڄاڻ سياستدانن طرفان مصنوعي وقفي جيان ڀاسي ٿو. گوتم ٻڌ جي ’شانتي ۽ اهنسا واد‘ جي روشن فڪري کان ڪوهين دور هئا. هنن آڏو ’ضرورت‘ قانون کان مٿڀرو ليکبي هئي. هونءَ به ’ڌرم‘ ۽ ’رياست‘ جي گڏيل ڏاڍ ۽ آپيشاهي هيٺ ڪنهن به رياست کي”جمهوريت“ قرار نٿو ڏئي سگھجي، ۽ نه وري جمهوريت ئي اُتي جنم وٺي سگھي ٿي.
ڀٽو نيپولين جيان نوڪر شاهي کي اوج بخشيو هو جنهن موٽ ۾ سندس جاهه حشمت ۽ دٻدٻي کي نمايان ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو. جاگيردار خاندان سان تعلق هئڻ سبب اِهي ڏيکاوي صورتون سندس جبلت ۽ خمير ۾ رچيل هيون. هونءَ به انساني فطرت ۾ خود پسنديدگي ۽ وڏي پدوي جي حصول جي خواهش هميشه موجزن رهي آهي. ڀٽو پڻ ان بنياري چاهت کان وانجھيل ڪين هو بلڪه هڪ روشن فڪر ’تاناشاهه‘ ۾ اهڙي خواهش ڪجھه سرسيري ٿئي ٿي. هن ملڪ جون واڳون سنڀالڻ شرط پراڻي آپيشاهي جي قالبن ۾، جيڪي کانئس اڳ سندس ڌرم پتا فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان جوڙيا هئا، نئون روح ۽ سوچ ڦوڪي انهن کي جديد بنيادن تي اڏيو هو.
ان ڏس ۾ _ جيئن اڳ ئي ورنن ڪري آيو آهيان _ هن مذهب کي به پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو انوکو ڏانوَ اپنايو. اسلامي مساوات کي جديد سوشلزم سان ڳنڍي عجب ملغوبو بڻائي ماڻهن کي حيرت ۾ وڌو. کيس چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته هن خطي ۾ ’مذهب‘ ’سياسي قدر‘ جي غيرموجودگي سبب نهايت اهميت واري حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. عوام جي بڻياد ۾ اها اهڙي قوت آهي جنهن کي سياڻو سياستدان نظر انداز ڪين ٿو ڪري سگھي _ ۽ هُنَ کي اهو ڪار آمد حربو پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ ۾ ڀڙ هئڻ جڳائي. ان اندر مهارت عوام کي سياستدان جي طابع ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
ڀٽو انسان جي’ناڪاري‘۽ ’ڪريل‘فطرت جي خواهشن جي اڀياس ۾ نيپولين جيان وڏي مهارت حاصل ڪري چڪو هو. هوُ دنيا جي سياسي سماجي ۽ معاشي تاريخ جو هڪ وڏو ڄاڻو هيو.
انهن ئي بنيادن جي آڌار تي هن شيخ اياز جھڙي وڏي شاعر ۽ علم جي شهسوار جي ’هلڪي ۽ بدبودار‘ فطرت جي ڄاڻ حاصل ڪيئي جنهن اندر سندس لالچ وارو عنصر، ڊپ ۽ ڏر وارو ورثي ۾ پلئه پيل جذبو، حسد جو جزو، ناداني جو ذرڙو، ڇسائپ جو اولڙو، وسوسي ۽ خواهش جو ڀاري ۽ زوردار احساس، ۽ آسائش ۽ انساني ماس جي نه ٻجھندڙ پياس کي ڀانپي کيس سندس ذهن فن ۽ علم سميت پنهنجو مطيع ڪري خوب استعمال ڪيائين...جيستائين سنڌ ڌرتي تي سندس بت ڀورا ڀورا ٿي نه ڪريو!
انهن ڪريل بڻانس ڏيندڙ خواهشن کي عملي شڪل ۾ حاصل ڪرڻ جي عيوض اياز کي پنهنجي نفيس، هاڪاري ۽ نيڪي جي مالها ۾ پوتل خاصيتن جھڙوڪ آزادي لاءِ جذبو، انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ٻليدان جو اُتم فڪر، دليل تي بيٺل فڪري ڌارائن لئه اٽوٽ چاهت، سچائي جي تلاش لاءِ اجھل خواهش وغيره جي قرباني ڏيڻي پيئي...۽ سندس انت به نيپولين ۽ ذوالفقار ڀٽو جھڙو ته نه، بلڪه هنن جي ڪجھه ڪجھه قريب تر ٿيو.
انهن ٽنهي هستين جي ڳوڙهي مشاهدي ۽ اڀياس مان اها به ڄاڻ ملي ٿي ته سندن مفادات، انهن جي حاصل ڪرڻ جا طريقا تقريباَ هڪجھڙا هئا _ ۽ هو ان کيڏ بازي جي عمل ۾ ڪامياب به ٿيا _ ليڪن انهن جي آخري نتيجي طور ٽنهي کي بندڳلي جي ڀت سان لڳايو ويو _ اِهو سندن الميو آهي.
پراچين هندستان _ خاص طور موريه گھراڻي جو زمانو ۽ اٽلي کان ٻاهر شايد ئي ڪٿي ڪو اهڙو عظيم انسان جنميو هجي جنهن کي راڄنيتي’فن‘جي پرک ۽ ٻُڌي هوندي (راڄنيتي جو مطلب آهي ته ڪنهن انسان تي طاقت آزمائي ۽ رشوت آڇڻ کانسواءِ کيس پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگھجي).
جنهن انسان کي سهپ ڪونهي، ۽ پنهنجي جذبات کي وهلور وڃڻ کان روڪڻ جو ڏانوَ ناهي اهو قطعي طور سٺو سياست دان ۽ راڄنيتڪ نٿو ٿي سگھي .
هتڙي مون کي ساروڻين مان سن 1973ع واروهنگامه خيز دور اڀري آيو آهي جڏهن نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جو گورنر ۽ ذوالفقار ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم هئا. ڀٽو پهريون ڀيرو بلوچ سرزمين تي قدم ڌريو هو _ ۽ نواب سندس اعزاز ۾ رات جي ماني جھلي هئي. ڀٽو سان گڏ سندس ’حوارين‘ جو ڊگھو اٽالو هيو جنهن ۾ حفيظ پيرزادو، خورشيد حسن مير، جي اي رحيم، طاهر محمد خان، شايد ڊاڪٽر مبشر حسن وغيره به هئا. نواب مون کي به ان دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪوٺ ڏني هئي پر، مون کيس ٻڌايو هو ته ڀٽو کي مون جي لاءِ سخت ڌڪار هيو ۽ بهتري ان ۾ هئي ته مان سندس نظرن کان ڏور هجان. پر هن ضد ڪندي زور ڀريو ۽ چيائين ته سندس موجودگي ۾ هو ڪا اڻ سهائيندڙ حرڪت ڪين ڪندو.
سندس ضد ۽ اصرار تي مان به دعوت ۾ سندس ٻين دوستن ملڪ عثمان ڪانسي، سردار سيف الرحمان مزاري، واحد ڪرد، احمد نواز بگٽي، يحيٰ بختيار وغيره سميت شريڪ ٿيو هيس. بدقسمتي سان ائين ئي ٿيو جيئن مون سوچيو هو. مون مٿان نظر پوندي ئي ڏاڙهيندي چيو هئائين، ”اڙي واڻيا، تون هتي به پهچي ويو آهين، هينئرتنهنجو جوڳو بندوبست ڪرڻو پوندو....“ ايتري ۾ نواب الائجي ڪٿان اچي پرگھٽ ٿيو، ۽ اهو ’رنگ‘ پسي کيس سمجھائيندو ٻئي پاسي لاڙي وٺي ويو. بقول نواب هن کيس سمجھائي ٿڌو ٿانئرو ڪيو هو ۽ ان بعد ڀٽو طرفان ڪو اڻ وڻندڙ قدم ڪين کنيو ويو.
ڀٽو زبان، لهجي ۽ سلوڪ جو ڄڻ اڻ گھڙيو وڏيرو، جاگيردار يا قبائلي سردار ڀاسندو هو _ ۽ سندس دکدائڪ انت جو هڪ ڪارڻ اُهو به هئس.
ڀٽو سنڌ اندر ئي ڪافي genuine قسم جي سوشلسٽن ۽ قوم پرستن جي سخت خلاف هيو ۽ انهن ۾ سوڀو، جيئي سنڌ جا رهنما، آءُ ۽ ڪجھه ٻيا هئا سون _ ۽ بلوچستان ڏانهن منهنجي جلاوطني جو وڏو ڪارڻ به اهو هو،.پوهو ۽ آءُ نواب جي ڀٽو سان ان unholy alliance جي خلاف هئا سون جنهن جا ’سبب‘ (نواب طرفان ڏنل) اسان کي ڪڏهن قائل ڪين ڪري سگھيا هئا _ ۽ آخر ۾ نواب به ان alliance تي پشيمان ٿيو هو _ ساڻس سڀيئي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيائين!
هوڏ، تاناشاهي ۽ ارهه زورائي جي بديءَ جا جيوڙا جيڪي آزاد روي، روحاني بلندي، سچائي، انساني ترقي، برابري جي سونهري متي کي نگھوسار ڪرڻ جو باعث ٿين ٿا. ان ڪڌي سوچ ۽ عمل جي تهه ۾ ئي پوشيدهه هوندا آهن؛ ۽ آخر ۾ اهي ئي ان تي بيٺل سرشتي جي انت جو سبب به بڻبا آهن؛ نيپولين ۽ ڀٽو جي زندگي جي ڪارنامن مان اها حقيقت ڀلي ڀت پڌري ٿئي ٿي.
پر، بوناپارٽزم پنهنجي دور ۾ فوجي، جاگيردار ۽ اشرافيه/ نوڪر شاهي جي طبقن جو هڪ اهڙو غير مقدس ’ميلاپ ۽ سنگم‘ هو جنهن اقتدار سان لاڳاپيل ايندڙ نسلن کي به ڪافي ملڪن اندر پنهنجي قالب ۾ سموئڻ جي جتن ۾ ڪامياب ٿيندو ڏيکاري ڏيندو نظر آيو. ساڳي طور ڀٽوازم به پنهنجي يورپي پيش رو کان اُتساهت ٿيندي پاڪستان جي سياست جي ايندڙ پيڙهين کي، فوج، نوڪرشاهي ۽ مذهب/جاگيرداري جي unholy ڳٺجوڙ سان ... هندوستان دشمني، ۽ جنگي جنون جي فضا قائم رکي متاثر ڪندو رهيو.
هتي مون کي موريه گھراڻي جي هاڪاري مهاراجا اشوڪ جو عهد ذهن جي پردي تي اُڪري آيو آهي. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن اشوڪ ٻڌ ڌرم کان متاثر ٿي اهنسا وادي ٿي چڪو هو ۽ عدم تشدد جي بنياد ۽ متي تي هلندڙ ڪيتريون ئي سنسٿائون نمودار ٿي چڪيون هيون. پاتلي پتر جي گھٽي گھٽي ۾ باشعور ۽ ودوان ڀکشو روزانو ’بکيا‘ لاءِ گھر گھر وڃي سين هڻندا هئا.
هڪ ڏينهن وچولي عمرجي ٻن ٻڌيمان ڀکشن مهاراجا اشوڪ جي اُپ سيناپتي دامودرگپت جي گھر ٻاهران اچي سين هنئين. سندن آواز ٻڌي دامودرگپت ٻاهر نڪري آيو.کيس پنهنجي سامهون ڏسي ڀکشن سندس آجيان ڪندي چيو”ڀڳوان ٻڌ توکي پنهنجي شرن ۾ وٺي ’شانتي اسٿاپن‘ڪري.“
اهو ٻڌي دامودر گپت کين حقارت سان ڏسندي وراڻيو”شل ڀڳوان ٻڌ توهان کي ان ’بکيا‘ کان نروهيو(محروم) رکي جنهنجي آڌار تي توهان تڳو ٿا!“ڀکشن پاڻ کي شانت رکندي کانئس ادب سان پڇيو ته سندس انهن لفظن جو مطلب ڇا هيو.اُپ سيناپتي ٽانڊي جيان تپندي وراڻيو”ڇا انهن لفظن جو مطلب توهان جي ٻُڌي کان مٿڀرو آهي؟“ ”جنگي حالت ۾ منهنجي زندگي قائم رهي سگھي ٿي، ۽ توهان واري شانتي ’اندر‘ مان بک مرندس!“
ان سلسلي ۾ هڪ ٻي ياد به اُڀري آئي اٿم.
سن 71_1848ع ۾ يورپ جون ننڍيون ۽ ڪمزور قوميتون، رياستون جھڙوڪ پولينڊ، ڊينمارڪ، سلاويڪيا، بالڪن قومون وغيرهه بوناپارٽزم، سامراج واد ۽ ڪيٿولڪ چرچ جي ٽمورتي جي گھاڻي اندر پيڙبيون رهيون ۽ ان سموري دور ۾ بين الاقوامي سياست جو رخ ۽ نظريو وڏين قومن اندر جنگي جنون پيدا ڪري ان کي ’فطري عمل‘ قرار ڏيندو رهيو! ۽ ساڃهه وند مدبرن طرفان ’شانتي‘ قائم ڪرڻ جي ڪوشش کي ’غير فطري‘ وٿي ۽ ’جڙتو فعل‘ ڪوٺيو پئي ويو!
پاڪستان جي موجودهه ’سياست‘ انهن ڪرڀ ڏياريندڙ مثالي واقعن سان ڪيڏي نه مشابهت رکي ٿي _ بلڪه انهن جي صحيح ۽ سچي فوٽو ڪاپي محسوس ٿئي ٿي!
’اياز ازم‘ به سنڌ جي پيڙهيل، ستايل ۽ مظلوم عوام خاص طور وچولي طبقي کي پنهنجي هاڪاري شعري لکيتن وسيلي اتساهي جاڳرتا آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو _ پر مٿي ڄاڻايل پنهنجي پيش روئن جيان اصلي محور تان هٽي لوڀ، مرتبي، مالي ۽ مادي فائدن، عيش ۽ ٺٺ جي حصول لاءِ سنڌ دشمن ڪٽر مذهبي ۽ فوجي عناصر جي هنج ۾ ويهڻ کان به ڪين ڪيٻايو جنهن سبب گرهڻ هيٺ اچي پاڻ کي لويو هو. پر لڳي ٿو ته بوناپارٽزم ۽ ڀٽوازم جيان هيءُ به افق تي ٻيهر اُڀري revive ٿي سگھي ٿو.
اهڙي قسم جي revivals جو هڪ ڪارڻ اهو به ٿئي ٿو ته عوام جي زندگي جي طريقي ۽ سوچ ۾ تبديلي جو عمل نهايت ڍلو ۽ آهستي ٿئي ٿو. قدرتي آفتون ۽ انساني آپدائون جيتوڻيڪ کين ڌوڏي ڇڏڻ لاءِ ڪافي ٿين ٿيون پر، ان جي باوجود سندن رواج ۽ رسمون پنهنجي جاءِ تي قائم رهن ٿيون. ان ڪارڻ سماجي تبديليون سياسي تبديلين جي ڀيٽ ۾ آهسته رو ۽ ڊرامائي عنصر کان وانجھيل هونديون آهن، پر جڏهن جڙ پڪڙين ٿيون ته ان جي حيثيت مستقل بڻجيو وڃي ٿي.
ان کان علاوهه پاڪستان اندر ثقافتي اتحاد، ’وڏي ڀاءُ‘ طرفان ثقافتي اتحاد جي شعوري ڪوشش جنهن اندر بدنيتي، حڪمراني ۽ استحصال جو جذبو نمايان طور ڪارفرما آهي، جي خلاف ملڪ جي ننڍين اڪاين تي مشتمل قوميتون ان ڪڌي ۽ بدبودار ارادي جي خلاف سخت وروڌ ڪنديون نظر اچن ٿيون، سندن چواڻي، ’سامراجي سوچ‘ تي ٻڌل اهڙي گڏيل يا مشترڪه ثقافت ۽ ان کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ’مذهب‘ جو ذريعو اختيار ڪرڻ جو مطلب کين معاشي، سماجي ۽ سياسي غلامي ۾ جڪڙڻ جي نفيس ڪوشش آهي. جنهن جي تهه ۽ گھرائي ۾ دوکو، رياڪاري ۽ ٺڳي جو ٺاهه ڇوليون هڻندو صاف نظر پيو اچي (ان سلسلي ۾ مرڪزي ۽ صوبائي ادبيات اڪيڊمين جو ڪردار هميشهه ’ناڪاري‘ يا سرڪار جي ’ڇاڙتي‘ جو رهندو آيو آهي _ انهن جي سربراهن ۾ رباني، افتخارعارف، فخرزمان وغيرهه فوجي ۽ غير فوجي ڪرپٽ سرڪارن جا وفادار دانشور ۽ ’يوسف‘ جي خريدارن جو ڪردار ادا پئي ڪندا رهيا هئا!) اياز ۽ ڪجھه ٻين دانشورن پنهنجي جواني ۽ وچولي عمر جي ترقي پسند شاعراڻا تخليقن وسيلي اهڙين براين جي چٽيءَ طور نقاب ڪشائي پئي ڪئي هئي _ انڪري پنهنجي سموري ذاتي ڪڌائپ جي باوجود اسان جي هن واچوڙي نما سماجي ۽ سياسي ڍانچي ۾ پنهجي ’افادي ڪارج‘ سبب ان ism جو revival لازم نظر پيو اچي.
اياز ادب خاص طور تي شاعري جي مختلف صنفن اندر ٽيڪنڪ جي نون طريقن، غير روائتي سرن ۽ نين هيئتي مورتن اندر حسن، جمال ۽ سونهن سڳنڌ جي تلاش جي سلسلي ۾ نوان تجربا ڪيا جيڪي نه صرف نهايت ڪامياب ثابت ٿيا بلڪه ايندڙ نسلن لاءِ پڻ نين راهن جي کولڻ _ ۽ ڳولهڻ جا باعث بڻيا.
سنڌڙي جي ان سياسي، ۽ سماجي بحراني دور اندر تخليقي مواد ۾ طنز، حاضر جوابي، جذبو ۽ جولان دل جي گھراين مان سامونڊي ڇولين جيان لياڪا پائي ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ اتاولو نظر آيو _ هن دل واري جاءِ تي ذهن ۽ عقل جي حيثيت ثانوي هئي _ ان اندر سمايل بي پناهه قوت جو ڪارڻ به اهو ئي هو _ ان دور انساني فڪر جي روشن رخن جي امڪانن ۾ ڀرپور ويساهه پيدا ڪيو ڇو جو اهي آشا وادي رجائيت جي پيداوار هئا _ ۽ اها ’بحراني دور‘ جي ڪک مان اٻرڪو کائي نڪتي هئي. ان ۾ انقلاب جي ناد جي گونج، فرد جي ڀوڳڻا جو درد، عقل ۽ استدلال جو بڙڇي جھڙو چڀڪو، ڪلپنا جي آسمانن کي چيريندڙ اُڏام _ ۽ احساس، جذبي ۽ جولان جي پهاڙي جھرڻي جھڙي اجھل گجگوڙ سمايل هئي. ان دور جي ادب اندر ان قهاري عهد جا سمورا ٽڪرائيندڙ احساس ۽ جذبا ڀرپور انداز ۾ موجود هئڻ سان گڏ نفيس خوابن جي ڪرچي ڪرچي ٿيڻ جو غم گاڏڙ شديد احساس به سمايل هئو. اها رجائيت فطرت سان بي پناهه پيار ۽ فطري حسن سان اٽوٽ ناتي ذريعي سلهاڙيل هئي.
انسان ذات اندر بنيادي انساني امنگن، جذبن ۾ ’فطري وحدت‘ ۽ سندس وجود اندر سمايل ’ازلي سنگم‘ سندس دنيوي ترقي، ثقافتي ارتقا ۽ وقت جي اڻ مئي پئماني ۾ تهذيبي ديوقامت ٻرانگھن جي باوجود هر دور ۾ ساڳيو ۽ اڻ مٽ رهندو آيو آهي. ان کي سندس امرتا ۾ ٻڏل رجاعي رخ سان تعبير ڪري سگھجي ٿو.
ڪنهن به قوم کي هڪ ٻهه ٻهه مالها ۾ پوئڻ لاءِ سندس ’ٻولي‘ ۽ ’ادب‘ نهايت اهم حيثيت ماڻين ٿا. انهن ذريعي هو پنهنجي فڪر ۽ سوچ کي مختلف پيمانن ۽ صنفن ذريعي پڌرو ڪري پنهنجي شعوري انفراديت جي اظهار جي قابل بڻجي ٿو.
سنڌي ادب اندر رومانوي ۽ ڪلاسيڪي تحريڪ جو ’سنگم‘ فارسي جي هاڃيڪار اثرات خلاف سخت ردعمل طور اڀاري جاڳايو ويو. ان اندر ويهين صدي جي شروعاتي ڏهائين جي فارسي جي گھٽيندڙ جامد آدرشن ۽ پيمانن خلاف انقلابي گونج پوشيدهه هئي. اها تحريڪ سنڌي ادب ۾ جديد فڪر ڏانهن آمد جو مظهر هئي: اياز ان تحريڪ جي علامت طور هڪ قداور آواز ۽ لاڙي جيان وقت ۽ مقام جون حدون ٽپي اڳتي وڌندو رهيو! جنهن اڳتي هلي ان اندر موجود ’قوميت‘ ۽ آزادي جي سدا جرڪندڙ سڌانتن زندگي جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. ادب ۾ فڪر ۽ سوچ سرس آهي پر عمل جي عنصر جي اڻاٺ اٿس؛ پرسياست ۾ سوچ ۽ فڪر جي اڻاٺ آهي ليڪن عمل جي ڪثرت آهي. ٻنهي جي متوازن ’ميلاپ‘ سان دنيا کي جھڪائي سگھجي ٿو.
مٿي ڄاڻايل اصولن ۽ نڪتن کي ذهن ۾ رکي، هڪ عام چوڻي مطابق، عوام لاءِ خاص طور ’خواص‘ لاءِ مجموعي طور اهو بهتر ٿيندو ته پاڪستان اندر جھموري عمل کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ غلطين کي نه ورجائيندو رهي، ’تاناشاهي‘ حاڪميت کي ڪڏهن به قبول ڪري ان آڏو سيس نه نوائي، ڀلي هو دنيا ۾ ڪيڏو به سياڻو دانشمند ۽ نيڪ انسان ڇو نه هجي.
قوميتي سياست، تي بيٺل سڌانت کي بار آور درخت جيان وڌڻ ويجھڻ لاءِ ’آزادي‘ جي اصولن سان هڪ متي جيان سلھاڙيو رهڻ لازم ٿئي ٿو. ان منجھان کيس ضروري ۽ مناسب کاڌ خوراڪ ملندي رهي ٿي. اياز ان حقيقت کان ڀلي ڀت آگاهه هيو. کيس اها به ڄاڻ هئي ته جنهن ملڪ اندر عوام جي ’قومي‘ خواهشن ۽ حقن کي لڳاتار لتاڙيو وڃي ٿو اهو ڪڏهن به حقيقي طور جمهوري جامو نٿو اوڍي سگھي.
پاڪستان ۾ ڊگھي سمي کان ’فوجي‘ ۽ ’سول تاناشاهي‘ حڪومتون ’پنجابي پٺاڻ ڀائيواري‘ جو نتيجو رهيون آهن. بدقسمتي سان اهي ٻيئي عنصر ڪمزور قوميتن: بينگالي، سنڌي ۽ بلوچ کي نفرت جي نگاهن سان ڏسندا هئا. اهو عجيب اتفاق آهي ته انهن ٻنهي نسلي ٽولن اندر ’لاعلمي‘۽ ’غرور‘ جي عنصرن جو اهڙو غير مقدس ’سنگم‘ آهي جنهن جي بنياد تي هوُ باقي ’وحدتن‘ کي ثقافتي تهذيبي ۽ سماجي طور، زباني اظهار کان سواءِ، نيچ ۽ تڇ تصور ڪندا رهن ٿا! فوجي حڪومتن جي ڪارڻ ئي سڀ کان اول ملڪ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ڊهي پيو هو... ۽ ان سان گڏو گڏ جڙتو ’ٻن قومي نظرئي‘ ۽ ’مذهبي قوم‘ واري فڪر کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. هينئر حالتن جو ابتڙ رخ ٻڌائي ٿو ته باقي بچيل ملڪ به پنهنهجي منطقي پڇاڙي ڏانهن تيز رفتاري سان وڌندو ڏيکارجي ٿو. ان جي ’پچاڙي‘ بابت وقت جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.
مٿي بيان ڪيل اَپوتر عمل يا سانحي کان اڳ مشرقي پاڪستان جا رهواسي اسلامي اخوت ۽ مساوات _ ۽ برابري جي سلوڪ لاءِ جتن ڪندا ۽ تڙڦندا رهيا پر، مٿانئن ان جائز ۽ قانوني طلب ۽ خواهشن جا دروازا ارهه زورائي ۽ ڏاڍ سان بند ڪيا ويندا رهيا جنهن جي نتيجي ۾ ڀينڪر لڙائي ۽ رتو ڇاڻ _ ۽ انساني قتلام ٿيو _ ۽ هُو يعني بينگالي هڪ الڳ آزاد ملڪ جا والي ۽ حاڪم بڻجي ويا. ساڳئي ريت هندوستان جي صوبي ’تامل ناڊو‘ جي رهواسين پڻ آزادي ۽ الڳ وطن جي تحريڪ شروع ڪئي هئي، پر سندن رهبر اي وي راما سوامي گذريل صدي ۾ ( تامل ناڊو جو جي ايم سيد !) جنهن کي تامل پيار مان اي وي آر يا پيرييار يعني مهان جينئس ڪوٺيندا هئا، ان سوچ ۽ فڪر کي ايڏي مٿڀري اوچائي تي پهچايو جو ’انڊين يونين‘ کين سندن جمهوري حق واپس ڏنا ۽ اٽوٽ انساني ناتي جي بنياد تي اها تحريڪ ختم ڪئي ويئي ! هتڙي به اهڙي جانفروش انقلابي مسيحا ۽ اڻ ٿڪ عوامي تحريڪ جي لوڙهه ڪالهه کان وڌيڪ شدت سان محسوس ڪئي پيئي وڃي.
پاڪستان اندر تاناشاهن جي راڄ ۾، اها چوڻي ته، ”هر ملڪ اندر فوج موجود هوندي آهي،“ غلط ڄاڻائي ويندي هئي بلڪه ان جي ابتڙ سمجھيو ويندو هو ته ”ملڪ فوج جي لاءِ وجود ۾ آندو ويو هو!“
هتڙي اِهو ڄاڻائڻ به ضروري سمجھان ٿو ته پاڪستان اندر آمريڪي خفيه جاسوسي اداري سي آئي اي، پاڪستان جي بدنام خفيه ايجنسي آئي ايس آئي ۽ سعودي گپت ايجنسي جي سهڪار سان ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ يعني سن 1982_1990ع جي سالن ۾ ٽيوهن ٻاهرين ملڪن جي پنجٽيهه هزار اسلامي دهشت گردن کي هتان جي سرزمين تي تربيت، هر قسم جا هٿيار ۽ ضروري جنگي سامان مهيا ڪيو؛ ۽ دل کولي چندا ڏنا ته جيئن افغانستان ۾ موجود سويت روس جي فوجن سان مقابلو ڪري کين تڙي ڪڍن. فوجي ڊڪٽيٽر ضياءالحق ۽ ريگن جي گڏيل ڪوششن سان اهو ’عالمي جهادي‘نظام آخر ۾ ايندڙ ٻن ڏهاين دوران نه صرف ’القاعدهه‘ جھڙي بي ترس دهشت گرد تنظيم کي جنم بخشي سموري دنيا لاءِ آشانتي ۽ ڊپ جو عالمي ڀوت قائم ڪيو بلڪه پاڪستان جھڙي پرامن ملڪ کي ’عالمي جھاد‘ جي مرڪز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو!
هونءَ ته دهشت گردي جي فلسفي موجب اها فرد، ٽولن ۽ حڪومت جي صورتن ۾ گردش ڪندي رهي ٿي. اها ’بيماري‘ باطن سان تعلق رکي ٿي جنهن اندر ’ڀوءُ‘ پلجندو رهي ٿو. مٿي بيان ڪيل اهي سڀيئي صورتون پنهنجي ’ڀوءَ‘ کي’صورت گري‘ ڏيڻ خاطر ٻين عام نردوش ۽ معصوم ماڻهن جي اندر ۾ به ان ڪيفيت کي جيئاري پنهنجي جيئڻ جو جواز ۽ جتن پيدا ڪرڻ ۾ هر دم رڌل رهن ٿيون !
يورپ جي سياسي ۽ حڪومتي سرشتي اندر اوڻويهين صدي جي تحريڪن جي نتيجي ۾ ٻه نوان اصول يا متا اڀري آيا: قوم پرستي ۽ حريت پسندي (Patriotism)
حريت پسندي اٺارهين صدي جي خيالي ۽ فڪري جمهوريت جو خال ڀريو هو. اهو متو يورپي سياست جي ظاهري _ پرخيالي _ حقيقت ۽ انقلابي احساس پيدا ڪندڙ ’آدرشن‘ جھڙوڪ فرد جي آزادي، سياسي آزادي، خود حڪومتي حق جي حصول جي وچ ۾ ڍلي قسم جي ٺاهه تي ٻڌل هيو. قوم پرستي جو سياسي اصول به حريت پسندي جي متي سان سلهاڙيل هيو. هونءَ به ماضي جي ڪوڙاڻ صرف ’ڪاغذي دستور‘ جي ٺاهڻ سان هرگز ڪين ڀلائي سگھجي ٿي.
پاڪستان اندر خاص طور اڄوڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ’نئين‘ پيڙهي ماضي کان مسلسل جاري ڏاڍ، ظلم ۽ هيبت، هراس کي تاريخ تاريخ جي ردي جي ٽوڪري (Dustbin) ۾ ڪين اڇلايو آهي_ ان کي ذهن جي هر گوشي ۽ دل مان اڀرندڙ جذبي ۾ جذب ڪري مرڪز (وڏي ڀاءُ) طرفان ٿاڦيل ڪوڙي، ٺلهي ۽ بي بنياد جمهوريت جي ڇل ول کان پوري طرح آگاهه ۽ هوشيار رکيو آهي. ان ديس ۾ جمهوريت ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿي سگھندي جنهن اندر ’قوميتن‘ يا ’ثقافتي اڪاين‘ جي جائز حقن کي ’قوم‘ ’مذهب‘ ’نظرئي‘ ’سرحدن جي بچاءُ‘ وغيرهه جي نانءَ يا اصطلاح تي پامال ڪرڻ جي ريت جاري رکي وڃي. اهڙي قسم جي ’ريت‘ آپيشاهي يا تانا شاهي لاءِ راهه هموار ڪندي آهي ۽ پاڪستان جي موجودهه صورت حال ان ڪڌي ۽ بدبودار ڏس ڏانهن چٽائي سان اشارو ڪندي ڏيکارجي ٿي. اهڙي صورت حال ۾’انتها پسند قوم پرستي‘ ۽ ’حريت پسندي‘ جو اڀرڻ اڻ ٽر بڻجيو وڃي ٿو. اڳتي هلي اهڙي قسم جي قوم پرستي حريت جي متي سان به ٽڪرائجي سگھي ٿي _ ۽ ٻنهي جون هڪٻئي سان پيدا ٿيل همدرديون به پاڻي تي ڦوٽي سمان ثابت ٿي سگھن ٿيون! ان صورت حال ۾ اڳتي هلي قوم پرستي، آپيشاهي جي بهترين دوست به بڻجي سگھي ٿي. اهڙي قسم جي ابتدائي قوم پرستانه _ حريت پسندي جي مشترڪه دوستي جو سونهري مثال اٽلي جي دانشور سياستدان مزيني (Mazzini) کي پيش ڪري سگھجي ٿو. هن بين الاقوامي حريت پسندي ۽ قومن جي آزادي جي جدوجهد کي پاڻ ۾ جذب ٿيڻ جواصول پيش ڪيو جنهن اندر اٽلي جي قومي آزادي لاءِ جدوجهد به شامل هئي. سندس نظرن ۾ ’قوم پرستي‘ مذهبي تقدس جي برابر هئي!
جيئن يورپ جي اٺارهين صدي واري دور ۾ مقدس چرچ، حڪومت ۽ ان سان واڳيل طبقن ۽ فردن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو هو جنهن کي Holy Alliance چيو وڃي ٿو جيڪا بادشاهي اڀيمان تي ٻڌل هئي جنهن اندر ’عام ماڻهو‘ جي ڀلائي کي نظرانداز ڪري پنهنجي ’ترت ضرورت‘ جي اصولن هيٺ قائم ڪئي وئي هئي تهڙي طرح هتي پاڪستان ۾ به اهڙي Alliance شروع کان وٺي قائم آهي (ڪڏهن ’سطح‘ تي نظر ايندڙ ۽ ڪڏهن سطح هيٺان سرگرم عمل). ان ڪارڻ ننڍن صوبن جي نئين پيڙهي ۾ مايوسي ۽ باغيانه عنصر پرورش پائيندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ انهن کي اهڙيون ظاهري رعايتون حاصل ٿينديون پئي رهيون هيون ۽ آهن جيڪي ارڙهين صدي جي پهرين... ٻئي ڏهاڪن ۾ غاصب ترڪي طرفان يونانين ۽ ڪريٽ واسين کي حاصل هيون جهڙوڪ مذهبي آزادي، ظاهري، خودمختار مقامي حڪومت وغيرهه پر، حقيقي حقن ۽ خودمختاري کان وانجھيل هئا! ساڳئي حالت هتڙي مملڪت خداداد پاڪستان ۾ به آهي!
هتي، پاڪستان جي جنم جي شروعاتي ڏينهن کان رمزيه ۽ ڪنائيه انداز ۾ سهپ، شانتي، فرد جي آزادي، اظهار جي آزادي... ۽ قوميتن جي حقن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ بجاءِ بسمارڪ جي متي، ’هر سياسي سماجي ۽ معاشي وادوواد يا مسئلي جوحل تقرير، تحرير يا اڪثريتي راءِ يا ووٽ وسيلي ڪين ٿي سگھي ٿو، صرف ۽ صرف ان جو فيصلو گولي ۽ رت وهائڻ جي ٻولي ذريعي ئي ممڪن آهي!‘ سان، عملي طور واڳيل پسي سگھجي ٿو. هتي اصل ۾ جاگيردار طبقو حقيقي حاڪم آهي جنهنجي جي ڪک مان فوج ۽ نوڪر شاهي جو سڻڀو ۽ ظالم حاڪم طبقو پيدا ٿيندو رهي ٿو. عام ماڻهو جو ان سرڪل ۾ گذربسر ڄڻ ممنوع ٿيل آهي!
اڃا تائين پاڪستان جي ننڍين ۽ آزاريل قوميتن ۾ گھربل ساڃهه، شعور پوريءَ طرح ڪين اڀريو آهي جنهن ذريعي مشترڪه دشمن ۽ پيڙيندڙ ’چتر‘ شڪتي يعني ’وڏي ڀاءُ‘ سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪري سگھن. انهن قوميتن جي مشترڪه ۽ گڏيل مقصد اندر اها ’چتر‘ شڪتي ماضي جي سامراجي حڪومتن جيان ٻيائي جا ٻج ڇٽڻ ۾ڪافي حد تائين ڪامياب ڏيکارجي ٿي جيڪا کين (ننڍ ين قوميتن) وڌيڪ گھري ٻوهي ۾ وجھي سگھي ٿي. ان صورت حال کي ڏسي ڪري مون آڏو سن 1848ع جي آسٽرين شهنشاهيت جي تصوير اڀري آئي آهي!
ان بيٺڪي راڄ پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ ميگائر (Magyars) ۽ سلاوَ(Slav) قوميتن جي ننڍڙين رقابتن جو فائدو وٺي کين پاڻ ۾ ’اٽڪايو‘ هو. جرمن نسلي اڪائي کي زيڪ(Zacks) ثقافتي ڌر سان اڙائي رکڻ ۾ڪامياب ٿي هئي. جرمني ۽ اٽلي جي انقلابين جي شعوري ڪمزوري جو فائدو به پوري طرح حاصل ڪيو هئائين. ان ڪارڻ ننڍين قوميتن جي ڇوٽڪاري، آجڪائي ۽ نجات جو مقصد في الحال مستحڪم نٿو ڏيکارجي. هتي مزيني ۽ گيريبالڊي (Garibaldi) جھڙن اورچ ۽ مخلص رهبرن جي ترت تانگهه آهي.
اٺارهين صدي عيسوي ۾ جرمني جي بادشاهه فريڊرڪ دي گريٽ (والٽيئر، ڍيڊرو، روس جي ڪيٿرائين دي گريٽ جو گھرو دوست) جيان انگلئنڊ جو بادشاهه هينري اٺون (1547_1491ع) پنهنجي اکٽ ڄاڻ (فلسفو،فن،ادب جي ميدانن ۾ ) جي باوجود بي پناهه ظلم، بي شمار جنسي فتوحات ۽ پورالي مزاج سبب ان ملڪ جي تاريخ ۾ يڪتا حيثيت جو مالڪ ليکيو ويندو آهي. پر، سندس بنيادي ۽ بي مثال شهرت ڪيٿولڪ فرقي جي هڪ هٽي کي ختم ڪري انگلئنڊ جي چرچ کي سندس ڊگھي ۽ ظالماڻا جڪڙ ۽ پڪڙ کان آزادي ڏياري ان جي الڳ ٿلڳ حيثيت جو بنياد وڌو.
تاريخ جي هر موڙ تي جتي ’رياست‘ ۽ ’مذهب‘ جوهڪ ٻئي سان اَپوتر دوستاڻو سنٻنڌ رهيو هو اُتي ’عام ماڻهو‘ گهاڻي جي ڏاند جيان پيڙبو رهيو، ۽ ملڪ جي سڀني ادارن جون پاڙون کوکليون ٿينديون رهيون هيون. پاڪستان۽اسرائيل (دنيا اندر) اهڙي ڪرڀائتي سنٻنڌ جا روشن مثال آهن.
هتڙي ان تلخ حقيقت جو ورجاءُ نامناسب ڪونه ٿيندو ته تاريخي تناظر ۾ مذهب ۽ سياست سدا هڪٻئي جا ويري رهيا آهن. ظاهري طور ڪجهه ’وٿين‘ لاءِ انهن جو ميلاپ، صحيح رخ ڏانهن وڌندڙ نظر ايندو رهيو هو؛ پر، جلد ئي ان غير مقدس ميلاپ سبب عيسائيت، اسلام، هندو ڌرم ۽ ٻوڌي جيني متن اندر خوفناڪ نتيجا نڪرندا رهيا، بلڪه اڄوڪي وقتن ۾ به اهو ’خوني منظر نامو‘ چٽائي سان پسي سگهجي ٿو. پاڪستان ان افسوسناڪ ميلاپ جو روشن مثال آهي. انهن ٻنهي اڪاين (Entities) جي دنيا ۽ راڄ هڪٻئي کان بلڪل جدا ۽ مختلف آهن. هتي ’سياست ‘ هڪ سخت ڇپندڙ ۽ بڇڙي حقيقت قرار ڏئي سگهجي ٿي پر، هڪ مڪتبه فڪر موجب ’مذهب‘ کي پوتر ۽ جذباتي ’ساڀيا ‘ ڄاڻائي سگهجي ٿو، جنهن جون پاڙون اسان جي خواهشن، ڀوءَ، ڏند ڪٿائي داستانن، اجاين وهمن ۽ وسوَن اندر اونهيون کتل آهن. انهن ٻنهي اڪاين، جي هڪٻئي کان جدائي انسان ذات لاءِ خوشي سک ۽ شانتي جو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿي. پر، انهن جو هڪٻئي سان اپوتر سنگم سموري سنسار ۽ انسان ذات لاءِ يقيني طور تباهي خونريزي ۽ اَکٽ ڀوڳڻائن جو باعث بڻبو.
پاڪستان اندر ان اپوتر سنگم ڪارڻ اقليتن (هندو، سک، عيسائي...) لاءِ ’انساني اظهار‘ يا انسانيت جي چاهه... لاءِ ڪا جڳهه، گنجائش ڪونهي _ دستوري ضمانتن جي باوجود: مٿي ڄاڻايل هاڪاري انساني رويو، صرف شفاف جمهوري سڪيولر سرشتي اندر واڌ حاصل ڪندو آهي. هن ملڪ اندر جمهوريت اڃا تائين پاڻ کي اندرين ۽ ٻاهرين تاناشاهي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ڪونَ ٿي سگهي آهي.
بادشاهه هينري وارو، رياست کي مذهب (ڪيٿولڪ متو)کان جدا ڪرڻ جو عمل ساراهه جوڳو ۽ بهادراڻو قدم ليکجي ٿو، پر هن حاڪم رياست ۽ مذهب (چرچ آف انگلينڊ) جوگڏيل انتظام پنهنجي هٿ هيٺ رکي پنهنجي هاڪاري عمل کي داغدار بڻائي ڇڏيو هو.
انگريز، پوچوگيز، ڊچ، اطالوي قومن ۽ سندن رهبرن جي سوچ ۽ عمل جي برعڪس اٺارهين صدي جي فرانسسي مفڪرن، اديبن، دانشورن روسو، مانٽيسڪو، والٽيئر ۽ انسائيڪلو پيڊيائي ليکڪ بيٺڪيتي راڄ جي سخت خلاف هئا. جئين پاڪستان اندر ننڍن پرڳڻن سنڌ، بلوچستان وغيرهه جا دانشور ۽ عام ماڻهو، هن ملڪ جي جنم کان وٺي، وڏي ڀاءُ (پنجاب ۽ فوج) جي بيٺڪيتي ذهنيت جي سخت خلاف رهندا آيا آهن ۽ اڪثر ڪري عام فرانسسي سندن ان راءِ سان متفق ڏيکاري ڏيندو هو! روسو درديلي آواز ۾ چيو هو، ”معصوم وحشي جو ڇا ٿيندو؟ ڇا کيس پنهنجي طور طريقي سان زندهه رهڻ جو حق ڪونهي؟“
مانٽيسڪو شهنشاهيت کي ننديندي چيو،”اهڙو نظام هڪ تناور ڦهليل وڻ جيان ٿئي ٿو _ ان جون ڏور ڏور تائين ڦهليل شاخون سندس ٿڙ مان خوراڪ حاصل ڪنديون رهن ٿيون. ساڳي طور انسان جتي جنمي ٿو کيس ان ڌرتي تي ئي رهڻ جڳائي ٻيءَ صورت ۾ اڻ ڄاتل آب ۽ هوا سندس صحت کي هاڃو رسائيندي .“
والٽيئر آمريڪا ۾ يورپي قومن جي ارهه زوراين ۽ ظلمن کي ڪڙي لفظن ۾ ننديندي چيو هو:
”فرانس، ڪيوبيڪ (ڪئناڊا جو صوبو) کان سواءِ به خوش رهي سگھي ٿو.“ انسائيڪلو پيڊيائي اديبن (ڊيڊرو، ڊي المبرٽ وغيره) جو پڻ بيٺڪي مفڪريت خلاف ساڳيو مخالفاڻا لهجو ۽ رخ هيو.
پاڪستان جي سرزمين هزارن سالن کان موهن جو دڙو، هڙاپا، مهرڳڙهه جي عظيم شهري سڀيتا سان واڳيل آهي. هتان جي تاناشاهه حڪومتن، نوڪرشاهي، جاگيرداري، فوجي ٽولن ۽ مذهبي ڪٽرپنٿي ملائيت جي ملي ڀڳت سان شروع کان ئي (1947ع) ان کي موهن جودڙو جي ريپبليڪي سڀيتا کان ڇنڻ ۽ جدا ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي! پر،عوام جي رت اندر ان سونهري ۽ انسان دوست تهذيب جا جينس(Genes)گردش ڪندا رهن ٿا _ ۽ هنن پاڪستان جي وجود ۾اچڻ شرط قيمتي جانين جون قربانيون ڏيئي سندن ان پليد’ڳٺ جوڙي‘ عمل کي اسرڻ کان روڪي رکيوآهي! دنيا جي ٿورين قومن جي رڳن اندر اهڙو پوتر جمهوري خون گردش ڪندو هوندو جھڙو هتان جي عوام جي نسن ۾ روان دوان آهي.
اٽڪل ٽي صديون اڳ امريڪا جي ساحل تي جارج واشنگٽن ۽ فرئنڪلين روزويلٽ جي اڳواڻي ۾ سچو ۽ صحيح جمهوري نظام قائم ٿيو هو. پر اهڙي نظام جي نافذ ٿيڻ بعد قانون کي جبلت جو حصو بڻجڻ لاءِ گھٽ ۾ گهٽ ڏيڍ صدي درڪار ٿئي ٿي.
اسان کي پنهنجي پاڙيسري ملڪ _ جيڪو پڻ موهن جو دڙو، هڙاپا ۽ مهرڳڙهه سڀيتا جي ڪک مان ڄميو هيو _ سهپ ڪردار جي مضبوطي ۽ سيڪولر سوچ جھڙن ’جيوت عنصرن‘ جي سخت لوڙهه آهي! پراچين سڀيتائي جينز اسان جي وجود ۾ صدين کان موجزن آهن. انهن سڀني وستوئن جي ’مقدس ميلاپ‘ سان اسين مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تاناشاهي جي هن ڪمزور ۽ ڀرندڙ ڀت کي ڪيرائڻ ۾ يقيني طور ڪامياب ٿينداسون. منهنجو ان فلسفي ۽ فڪر تي پڪو وشواس آهي!
بنيادي طور علامه اقبال’پاڪستاني اسپرٽ‘ وارو شاعر هيو. کاٻي ڌر (فيض احمد فيض، سجاد ظهير ۽ ٻيا) پاران کيس چند ڏيکاوي ٻولن سبب _ انقلابي حيثيت سان پيش ڪرڻ پنجابي لابي (وڏو ڀاءُ) جو ڳجھڙو ۽ ظاهري اظهار رهيوآ هي. ’اسلامي دنيا‘ Pan Islamism جي فلسفي جو بنيادي عنصر ۽ رڪن رهيو هو. شاهه لطيف ڀٽائي جي ’عالمي امن‘ جو متو هن جي سوچ ۽ فڪر جي بلڪل ابتڙ هيو.
اقبال جي شاعري ۽ فڪر ۾ ٻين عظيم شاعرن جي رچنائن جيان تضادات جا نارمل عنصر جا بجا پکڙيل ڏسي سگهجن ٿا پر، ان اندر سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه صرف ماورائيت ئي ڪونهي بلڪه ان ۾ ’فسطائي لاڙن‘جي بي ڪنار ڀرمار نه صرف پيڙيندڙ آهي بلڪه موجوده پرآشوب ۽ هلچل واري دور ۾ انهن مان ’وڏي ڀاءُ‘ کي سرڪيون ڀريندڙ سندس انڌي ۽ بي لغام قوت کي وسعت ملندي ڏسي هٽلري ۽ مسوليني عهد جي انڌڪار ۽ ڏاڍ ۾ وڪوڙيل يا تازي ٿيندي رهي ٿي.
هن کان گهڻو اڳ اردو جي ادب جي معتبر تخليقي نقاد مجنون گورکپوري به اقبال جي شاعري ۽ فڪر اندر ان گونجندڙ ’فاشي سوچ‘ ڏانهن واضح اشارا ڪيا هئا جنهن ڄڻ ’وڏي ڀاءُ‘ جي ’ظالماڻا ۽ تاناشاهي‘ هٿن ۾ بي مياڻ اگهاڙي تلوار ڏيئي ڇڏي هئي جيڪا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ واري سمئي کان اڄ تائين ننڍن صوبن جي ڪمزور، پرامن ۽ بي هٿيار رهواسين جي سرن مٿان لهرائيندي نظر اچي ٿي!
ڪالهوڪي يگ جي نامور هندوستاني دانشور، فن شناس، سونهن جي ديوي، ۽ عورت زاد تحريڪ (Feminist Movement) جي سرگرم هستي عطيه فيضي (1877_1967ع) علامه اقبال ۽ علامه شبلي نعماني (’سيرت النبي‘ جو مصنف ۽ عالم) جي نه صرف گهري دوست هئي بلڪه ٻيئي سندس ڏات، ذهانت، شخصيت جي سحر ۽ سونهن تي اڪن ڇڪن هوندا هئا. ’سيرت النبي‘ ڪتاب جي اشاعت تي ٿيل سمورو خرچ عطيه جي سفارش تي بيگم ڀوپال طرفان ڪيو ويو هو.
سن 1907ع ۾ لنڊن ۾ ڪنهن غير رسمي گڏجاڻي ۾ اقبال جو پهريون ڀيرو ساڻس تعارف ڪرايو ويو هو؛ ۽ ان ملاقات کان پوءِ هو کانئس ايڏي متاٿر ٿيو جو ٻنهي جي وچ ۾ طويل علمي خطن جو سلسلو شروع ٿي ويو. اقبال پنهنجي اردو ۽ فارسي شاعري لاءِ سندس راءِ ۽ تنقيد کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. اقبال جو استاد پروفيسر ارنولڊ پڻ عطيه جي مهربان دوستن مان هڪ هيو _ ۽ سندس موجودگي ۾ اقبال ۽ عطيه جي وچ ۾ جرمن فلسفي تي اڪثر گرما گرم مباحثا ٿيندا هئا.
انهن بحثن کان علاوه اقبال پنهنجي خطن ۾ کيس (عطيه) پنهنجي گهرو زندگي جي نا آسودگين ۽ بيزاري جي انتها بلڪه ڪڏهن ’خود ڪشي‘ جو به کليل اظهار ڪندو رهيو هو. اقبال جي هندوستان واپسي بعد منجهس پستي ڏانهن مائل تبديلي تي اظهاريندي هڪ ڀيري عطيه پنهنجي خط ۾ لکيو هو:
”هينئر هو يورپ ۾ رهندڙ آزاد رو انسان ڪين رهيو آهي، جيڪي مشترڪ دوست يورپ ۾ رهندا هئا انهن کي سندس خداداد صلاحيت ۽ ذهني بلوغت جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي پر، هندوستان ڏانهن موٽڻ بعد سندس اها صلاحيت ڄڻ رنگجي وئي آهي _ سمورو شعور ان ذهني پستي کان متاثر نظر اچي ٿو. “
پاڪستاني قوم خاص طور ’وڏي ڀاءُ‘ واري سوچ سان لاڳاپيل دانشور ’مفڪر پاڪستان‘ ۽ عليه الرحمت جي سنگاسن تي ويهاريل علامه اقبال جي شان ۾ اهڙي گستاخي _ ۽ اها به ڪنهن عورت طرفان ڪيئن برداشت ڪري سگهيا ٿي؛ ان ڪري هن عظيم انسان دوست موسيقي ۽ فن جي قدردان خاتون کي نظرانداز ڪيو ويو. ترڪي جي جڳ پرسڌ ترقي پسند ۽ عورت زاد تحريڪ سان اڻ سڌي طور واسطو رکندڙ اديبه خالده اديبه خانم به عطيه سان خاصي گهرائپ رکندڙ هئي ۽ کيس اقبال جي دوست جي حيثيت سان سڃاڻيندي هئي.
قرت العين حيدر به پنهنجي جيون ڪٿا ’کارِ جہاں دراز ہے‘ ۾ عطيه جو ذڪر مادام آزري جي حوالي سان سندس ساراهه ڪندي ڪيو آهي. ڊاڪٽر رشيد جهان ۽ عصمت چغتائي پڻ ’عورتن جي آزادي‘ جو تحريڪ ۽ اتساهه عطيه فيضي جي فيض مان حاصل ڪيو هو.
هندوستان واپسي جي شروعاتي ورهين ۾ اقبال ڪافي مالي ۽ معاشي مشڪلات ۾ ڦاسي ويو هو، ۽ سندس چوڻ ۽ اصرار تي عطيه حيدرآباد دکن جي مالي وزير سر اڪبر حيدر (عطيه جو سئوٽ) لاءِ اقبال کي سفارشي خط به ڏنو هو. ان کانسواءِ سندس ڦرڻي گهرڻي سڀاءَ بابت کيس (اقبال) سخت ملامتي خط به لکيو هئائين، ۽ سندس ناراضگي کي اقبال ’عتاب شيرين‘ قرار ڏنو هو _ ۽ لکيو هئائين:
”منهنجي دل ۾ شاعري لاءِ ڪو جوش ۽ ولولو ڪونهي _ ۽ ان جي آمد جي ذميداري به تو مٿان عائد ٿئي ٿي... “
اقبال دلي طور کيس بي انتها چاهيندو هو پر، هوءَ کائنس ڪناره ڪش ٿي چڪي هئي. هڪ ڀيري ترنگ ۾ اچي لکيو هئائينس: ”تنهنجي سنگ گهاريل اهي ڏهاڙا جيڪي عدم ۾ گم ٿي چڪا آهن پر، منهنجي دل جي اونهاين ۾ اڄ تائين پساهه کڻندا نظر اچن ٿا.... “
سن 1911ع ۾ اقبال کيس پنهنجون ڪجهه اڻ ڇپيل نظمون جن ۾ ’نوائے غم‘ نالي مشهور نظم به هئي، موڪليون ۽ اظهاريندي چيو هئائين ته ”هن بحر ۾ اڳ ڪڏهن طبع آزمائي ڪونه ڪئي هئي _ ۽ ان ترنم ۾ ڪاش توکي روبرو ٻڌائي سگهان... “
اقبال جيڪو شاعري کان بيزار هوندو هو ڪجهه عرصي بعد شاعر مشرق بڻجي ويو! پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ بمبي ۾ عطيه جي پاڙيسري محمد علي جناح به کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي آکيو هو ته هتي اچي مسلمان عورتن جي ترقي ۽ فن جي مختلف صورتن کي اوسر بخشڻ لاءِ کيس ضرور اُدم وٺڻ جڳائي وغيره. پر، هتي اچڻ بعد ’اقبال پرست‘ ذهنن کيس (عطيه کي) ان ڏوهه کان ڪڏهن معافي ڪين ڏني جو هن سندس خط شايع ڪري ’شاعر مشرق‘ کي هڪ گوشت پوست جو انسان ظاهر ڪيو هو ڇو جو ان وقت تائين هو مفڪر پاڪستان ۽ نيم مذهبي شخصيت ۾ تبديل ٿي چڪو هو.
هي اهو اقبال هو جنهن ڪنهن وقت عطيه کي ’بانگ درا‘ ۾ سليمه جي نانءُ سان ياد ڪيو هو ۽ ٻئي هنڌ سندس لاءِ چيو هئائين:
”جستجو جس گل کی تڑپاتی تھی اے بلبل مجھے
خوبیِ قسمت سے آخر مل گیا وہ مجھے!“
اسلام جي تاريخ نويس علامه شبلي نعماني سندس لاءِ هيءَ مصرعو چيو:
”عطیہ تم کو یادِ لکھنو ہوگی، تو کیوں نہ ہوگی “
پاڪستان ۾’اقبال پرست‘ ذهن، ’نظريه ساز‘ رجعتي سوچ ۽ ’وڏي ڀاءُ‘ جي بيٺڪيت واري عمل پاران هن عظيم خاتون سان ٿيل دولاب ۽ زيادتي تي سوچيندي هيٺيون شعر ٻڏندو ترندو يادن مان اڀري ايندو اٿم:
”نہ سنو میری داستاں، نہ سنو سرگذشتِ بلاکشاں نہ سنو “