پيڙا
سنديس سڌو سنواٽو قداور ۽ ٺاهوڪو ’وجود ‘ هن وقت ’پال ڪلي‘ ۽ ’سلواڊور ڊالي‘ جي تجريدي، منجهيل ۽ دوزخي آرٽ جي ڊيڄاريندڙ، ننڊون ڦٽائيندڙ روپ ۾ تبديل ٿي ڪڏهن ٽڪنڊو، ڪڏهن چوڪنڊو ۽ ڪڏهن پنج ڪنڊو بڻجندو پيو وڃي! مستقبل ۾ اگر درڙي آڻيندڙ تاريخ جو ورجاءُ ٿيو ته مڄاڻان اڃا ڪيترن وڌيڪ ’ڪنڊن‘ ۾ ڀاڱا ڀاڱا ٿي خوردبين ذريعي ڏسڻ کان به ويندو رهندو!!
مان اڳ ڪٿي ڄاڻايو آهي ته ورهاڱي وقت سنڌ نه صرف پنهنجي منفرد ڪلچر، ادب ۽ مثالي تهذيب جي ڏس ۾ بي حساب لوڙيو ۽ ڀوڳيو هو بلڪه پيلي ڀيت، مراد آباد، رامپور، الهه آباد، بريلي وغيره کان لڏجي تڙجي پناهه گير ٿي آيل ’ڪاٽڪن‘ جي ڪٽڪن هيٺ ذاتي طور مون جهڙن انيڪ روحن ڪچڙي ۽ معصوم اوسٿا ۾ سندن بي حس جُسن ۽ بي رحم هٿن هيٺ بي حد ۽ بي حساب سَٺو هيو جن جي عذاب جا ڏنا اڃا تائين روح تي چڪندا رهن ٿا. هينئر اُهي ڪاٽڪو نه فقط تعداد ۽ آڪار ۾ وڻ ويڙهي جيان وچڙندي، وڌندي سنڌ جي ’ٽڪنڊي‘ جون حدون لتاڙي _ باقي بچيل ’سنڌن‘ لاءِ به بدروحي ڀوت وانگر، لحظي به لحظي خوفائتا ٿيندا ڏيکارجن ٿا؛ بلڪه، موجوده سنڌ واسطي به اميزان جي گڙڪائيندڙ اجگر ۽ چين جي رت پياڪ ڊريگن جو روپ ڌاري سنديس مٿان، پل پل، پنهنجي پڪڙ سوگهي ڪندي سندس ’وجود‘ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ واري شيطاني راند ۾ رڌل آهن.
سنڌ تاريخ جي الڳ الڳ ۽ خوني ۽ اڻ وسرنجندڙ موڙن تي هميشه پنهنجي منفرد، مخصوص ۽ لڀائيندڙ سڃاڻپ قائم رکندي پئي آئي آهي. اپکنڊ جي ٻين حصن جهڙوڪ يو پي، پنجاب وغيره وانگر آريائي قبيلن ۽ ٻين ڪاهيندڙ ٽولن جي رنگ ۽ ڪلچر ۾ ڪڏهن رڱجڻ پسند ۽ قبول ڪين ڪيائين. عرب، مغل، ارغون، ترخان _ يا نادرشاهه، احمد شاهه ابدالي وغيره پنهنجي ڪاهه قبضي دوران سندس ان منفرد شناخت کي ڪڏهن پامال ڪري ڪين سگهيا. آسٽريليا، آمريڪا وغيره جهڙا اهَنجا ۽ قديم ملڪ حملي آورن آڏو پنهنجو الڳ تشخص برقرار رکي ڪونه سگهيا هئا _ ۽ بدقسمتي سان قابض قوتن آڏو آڻ مڃي انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويا هئا. پر، اڄوڪي سنڌ پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي سڀ کان وڌيڪ اڻائي ۽ بي رحم موڙ تي مٿي ڄاڻايل قوتن کان وڌيڪ ظالم، پاکنڊي، شاطر ۽ ڊراڪوليئن قوت جي راوڻ جهڙي گهڻ _ منهين ثقافتي تهذيبي ۽ جسماني مُرغي ۾ گرفتار آهي. ڇا هوءَ ان کان مڪتي پائي جسماني ۽ روحاني نرواڻ حاصل ڪري سگهندي؟
هتڙي ان حقيقت کي به ورجائڻ نامناسب ڪونه ٿيندو ته نام نهاد پاڪستاني ڪلچر، ۽ سنديس سياسي ۽ جاگرافيائي اڪاين (Units) جي اصلي ۽ منفرد ثقافت ان ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي، پل پل ڏينهن ڏينهن _ ۽ ورهيه ورهيه جي ’ وقتي ‘ پيماني اندر ڪنهن ڀيانڪ ٽڪراءَ (Big Bang) طرف تڪڙي وڌي رهي آهي _ ڄڻ ’افلاڪي جسم‘ ٽڪرائجڻ وارا هجن: زوردار ڌماڪي سان، اشانتي سان ۽ پُرخطر اهڃاڻن سان! اسين هن مٽي جا ماروئڙا، نطشي چواڻي: ”ان بي ڪئتي ڀوائتي ’وقت‘ اندر زوريءَ ’ڦٽو‘ ڪيا ويا آهيون. “
دنيا جي اڪثر ڏاهن جو رايو آهي ته سڀني سائنسن ۾ “Mathematics” پُورڻ سائنس آهي _ ۽ سڀني فني صورتن ۾ ’ موسيقي‘ مڪمل فن جو درجو رکي ٿي ڇو جو ٻنهي ۾ ’ هيئت ‘ مواد جي پورت ڪندي پسي سگهجي ٿي. پر، پاڪستان جي حالت ۾ ’هيئت‘ ان جي انمول مواد کي ڊانواڊول، ان جي حقيقت جي مٽائڻ جي ڪُڌي عمل ۾ لڳاتار سرگردان آهي.
دنيا اندر اگر ڪنهن حڪومت کي شيطاني قرار ڏيڻو پوي ته اهي ’وڏي ڀاءُ‘ جي ڳجهن هٿن سان ٿاڦيل ’پاڪستاني حڪومتون‘ قرار ڏيئي سگهجن ٿيون.
استحصال کي هر شڪل صورت ۾ قومي جذبي، امنگ ۽ جمهوريت جي برعڪس قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي جو هتي مذهب کي به ان جو ساٿاري بڻايو ويو آهي!
وڏي ڀاءُ ۽ سندس ساٿاري فوج کي هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ’دامي درمي ۽ سخني‘ امريڪي حڪومت جي ائين سرپرستي حاصل رهي آهي جيئن انگريز سامراج جي ورهاڱي کان اڳ سندس ڇاڙتي هندو ۽ براهمڻ سوچ کي حاصل هوندي هئي.
جيئن اڳ ورنن ڪري آيو آهيان ۽ ان نڪتي کي چٽيءَ طور ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو ته نظرياتي رياست ... خاص طور مذهبي بنياد تي بيٺل _ ڳجھي طور آقا ۽ غلام واري مقولي ۽ ڪلچر جي اوسر لاءِ مسلسل جتن ڪندي رهندي آهي. اها عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي بجاءِ هڪ خاص طبقي، نسلي ٽولي ۽ ’صوبي‘ جي فلاح لاءِ ٻين ننڍن صوبن ۽ قوميتن جي ’عام ماڻهن‘ جو بيدردي ۽ طاقت سان استحصال ڪندي رهندي آهي _ ۽ ان مقصد جي حصول لاءِ مذهب، فوج جي تقدس، ملڪي سلامتي ۽ نظرياتي سرحدن جي ’بچاءُ‘ جا مصنوعي ۽ بي بنياد نعرا هڻي عوام سان هر قسم جو ظلم جاري رکڻ سندن حق تلفي ڪرڻ پنهنجو’ايماني فرض‘ سمجھندي آهي. اهڙي سوچ ۽ فڪر جو بنياد بي اعتمادي،کوکلي رسم ۽ رواج، وهم پرستي، ڪمزوري جاهليت نفاق، بي انصافي، نفرت ۽ استحصالي ڪلچر جي ڦهلاءَ تي ٻڌل هوندو آهي.
وڏي ڀاءُ ۽ سندس صوبائي ڇاڙتن جي اقتدار ۾ رهڻ جي استحصالي حڪمت عمليءَ ننڍن صوبن جي ’عام ماڻهو‘جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي زندگي ائين غير وجودي ، بي حرڪت، بڻائي ڇڏي آهي جئين منو مهراج جي دور ۾ عوام بي وجود هوندو هو، راجا جي اهميت ۽ شڪتي نه هجڻ برابر هئي ۽ صرف ’براهمڻ‘ ’سڀ ڪجھه‘ هوندو هو! هئڙي وڏي ڀاءَ کي اعلانيه طور ’براهمڻ‘ جو درجو سونپيو ويو آهي.
وڏي ڀاءُ ۽ سندس ساٿارين جي رڳن ۾ پاڪستان جي پيدائش کان وٺي، ’استحصالي خون‘ گردش ۾ آهي.هو هن ملڪ جي بڻياد پوڻ کان وٺي ننڍين ۽ ڪمزور قوميتي ۽ثقافتي اڪاين جھڙوڪ بينگالي، سنڌي، بلوچ ... ۽ ڪنهن حد تائين پٺاڻ کي هندو ذات پات، نيات واري سرشتي جيان شودر جاهل موڳو ۽ بي دماغ ....۽ غير انساني عنصر جيان نه صرف سمجھندو رهيو آهي بلڪه ساڻس عملي سلوڪ به ساڳيو رکندو رهيو آهي.ان غير انساني سلوڪ ۽ نا برابري سبب سن 1971ع ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو ۽ هينئير باقي بچيل حصو به ......
اڄوڪي جديد دنيا اندر _ خاص طور پاڪستان ۾ _ ’قوم پرستانا سياست‘ قومي اتحاد جي ڏس ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪري ڪين سگھي آهي؛ حالانڪه قومي سياست عوام جي قومي خواهشن جي عڪاس ٿئي ٿي جنهن ذريعي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي سلسلي ۾ صحيح رخ ڏيئي سگھجي ٿو ۽ انساني اخوت جي آدرش کي به ان ذريعي ئي عملي جامو پهرائي سگھجي ٿو. پر بدقسمتي سان پڪستاني عوام وڏي ڀاءُ جي ارهه زورائي ۽ استحصالي عمل سبب اهڙي اتحاد کي تقريبا رد ڪري چڪو آهي ڇو جو جديد سياسي لاڙا هتان جي مخصوص سياسي عمل کي ڪين آئڙجن ٿا.اسين اڃان تائين مذهبي جنونيت، نسلي متڀيد ۽ مدي خارج ملائيت جي گرفت ۾ سوگھا جڪڙيل آهيون.
مذهبي ۽ سماجي رواج قاعدا ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارا ٻين اتم ’انساني آدرشن‘ جي نسبت ’چهٽڻي پير‘ جيان اسان کي چوگرد وڪوڙيل آهن. وڏي ڀاءُ ۽ سندس ساٿارين ذريعي پيدا ڪيل مسئلا سياسي طريقي ڳالهه ٻوله سان حل ٿيندا نٿا نظر اچن.اگر قومي يڪجھتي حاصل ڪرڻ مقصود آهي ته پوءِ ٻيا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا.
فرد جي يا قومي زندگي ٻيئي جوالا مکي جھڙو متحرڪ عمل آهن. نه ڪي بيٺل غير متحرڪ ۽ جامد! ان عمل کي زندگي بخشڻ لاءِ پنهنجي سببن ۽ خواهشن کي حقيقي معنيٰ ۾ ساڀيا ۽ تجسيم ڏيڻي پوندي .... ان عمل ذريعي ئي قومي عمارت کي هميشگي ماڻائي سگھبي ورنه .....
سياسي آزادي کي هڪ نئون ۽ مفيد مفهوم ۽ صورت ڏيڻي پوندي جنهن اندر سماجي آزادي برابري جي بنيادن تي هڪجھڙا موقعا معاشي انصاف مذهبي آزادي ۽ روزاني زندگي غيرآلود ۽ شانت ماحول ۾ گهارڻ لاءِ اعليٰ قدر ۽ حق فراهم ڪرڻا پوندا ته جئين هر ثقافتي اڪائي قومي يڪجھتي ۾ ايمان پختو ڪرڻ مهل شڪ شبهو محسوس نه ڪري ۽ پاڻ کي هڪ خوشحال ۽ آسودي سوچ ۽ ڀاڳ سان سلهاڙيل رکڻ ۾ فخر محسوس ڪري سگھي .
حالانڪه ننڍيون قوميتون شروع کان وٺي سهپ صبر ۽ برداشت جي سونهري متي تي عمل ڪنديون رهيون آهن پر وڏو ڀاءُ خود غرضي ۽ انتها پسندي کي بوڇڻ ۽ اوڇڻ بڻائيندو رهيو آهي، جنهن جي باطن ۾ نفرت ۽ ڌڪار اهم جاءِ والاري ٿو. اها ڪڌي ذهنيت ڄڻ سندس شناخت بڻجي وئي آهي.
هتڙي ڪنهن اڳ سوچيل مزموم اسڪيم هيٺ انڌ وشواس ڪرڀ ڏياريندڙ پير پرستي بي قياس ۽ لونءِ ڪانڊاريندڙ انساني ڪوس مذهبي ٺڳيون ۽ رياڪاري دوکا، بدبودار وهم ۽ وسوسا مسيتن مدرسن ۾ ملائن پاران ڦهلايل بداعماليون ڄڻ سموري مذهب تي انهن طرفان ڄاڻي واڻي ڪوڙ جو مک مکيو ويو آهي ... ۽ اهي علامتون ۽ عمل ڪنهن اڻ ڄاتل ڀيانڪ مستقبل ڏانهن چٽا اشارا ڪندا ڏيکارجن ٿا.
پاڪستاني انتها پسند مسلم برادري خاص طور پنجاب سان لاڳاپيل اڃان تائين ملڪ اندر خلافت ۽ مذهبي طرز واري سرشتي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ غلط ڍنگ ۽ طريقي کي اپنائنيدي بلڪه دهشت گردي ۾ ننهن کان چوٽي تائين گتل ڏيکارجي ٿي.امن چاهيندڙ دنيا ڪڏهن به ان مدي خارج ۽ ڀيانڪ سرشتن کي پسند ڪين ڪندي. هتان جي مسلم برادري جو Vocal حصو سٺ سالن کان وڌيڪ ڊگھي عرصي گذرڻ کان پوءِ به اڃا سوڌو جديد سياسي اقتصادي ۽ سماجي طرز جي سکيا ۾ گهڻو پوئتي پيل نظر اچي ٿو.سڌريل دنيا ڪڏهوڪو انتها پسند مذهبي بنيادن تي اڏيل رياست جي سوچ ٿڏي ڇڏي آهي، ۽ اهڙي سوچ کي عالمي امن ۽ انسانيت لاءِ سخت هاڃيڪار ۽ ظلماڻو قرار ڏئي ٿي. دنيا قدامت ۽ رجعت جي تاڃي پيٽي تي ٻڌل اهڙي مذهبي رياستن جي فڪر کان گھڻو اڳتي نڪري آئي آهي. شهري جيڪي پنهنجي مذهب کي لٽ مار عام ڪوس زنا ظلم کي روا رکڻ جو وسيلو ڄاڻائيندي هر قسم جي نفرت ۽ دهشت گردي ۾ باعمل آهن اڄوڪي مهذب دنيا انهن خلاف هڪ ئي لڙي ۾ پوتل متحد ڏيکارجي ٿي، بنان ڪنهن رنگ نسل مذهب ۽ جنس جي متڀيد جي! بدقسمي سان پاڪستاني سياسي سوچ،ڪرپشن ۽ دهشت گردي ڏانهن تيز رفتاري سان سُرندي ڏيکارجي ٿي!
اڄ ڏينهن تائين وڏي ڀاءُ (پنجاب) جي ڊڪشنري اندر آزادي قومي اسپرٽ ۽ فرد جي احترام جي ڪا صحيح ۽ سچي معني ۽ وقت درج ٿيل ڪونهي.سابق سامراجي استحصالي نظام ۾ گھاريندي سندس ذهينت به غلاماڻا سامراجي ۽ استحصالي ٿي وئي آهي، ان ڪري هيءُ به سندن جيان دولت، مذهب، اقتدار، آزادي ۽ علم تي هڪ هٽي ڪري ڄمايو ويٺو آهي. جديد انسانيت جا سڀ دڳ اورانگھي آدرشن کي ڇيهون ڇيهون ڪندو پسي سگھجي ٿو. مذهب ۽ جاگيرداري جي سڳي ۾ پوتل سڀيئي سياستدان پنهنجي اڳوڻن گورن آقائن جيان عوام کي ڪرپشن، ناانصافي، مهانگائي، ذات پات جي نئين سرشٽي هيٺ پيڙيندا رهن ٿا.
لڳي ٿو ته ملڪ کي ارادي يا غير ارادي طورتي وڌيڪ ڀاڱن ۾ ورهائيندا! برابري، اخوت، آزادي، جمهوريت، انسانيت، سماجي انصاف جي سوچ ۽ عمل کي لاڳو ڪرڻ بجاءِ قدامت، رجعت، دهشتگردي ۽ اَسهپ جي عنصرن کي مضبوط ڪري سموري دنيا اندر ڏڦيڙ ۽ اشانتي ڦهلائي نه صرف ننڍين قوميتن ۽ اقليتن بلڪه سموري مهذب سنسار کي پنهنجي خلاف ڪري ڇڏيو اٿائون. جيستائين ننڍين قوميتن ۽ اقليتن کي سندن جائز حق ڪين ڏنا ويندا ۽ وڏو ڀاءُ ڇل ول پاکنڊ خود غرضي هڪ هٽي ۽ طاقت جي گھمنڊ جو ڪارو لبادو لاهي تار تار نه ڪندو تيستائين هيءُ ملڪ نه ترقي ڪري سگھندو ۽ نه ئي جئي سگھندو!
هتڙي مون کي ’ٿياسافيڪل سوسائٽي‘ جا سونهري متا ياد اچي رهيا آهن اگر انهن کي به ملڪ جي Polity ۾ جذب ڪري نيڪ نيتي سان اپنايو وڃي ته اسان ۾ موجود ’بي اعتمادي‘ مان پيدا ٿيل ڪئي بيماريون ۽ روڳ دور ٿي سگھن ٿا.انهن متن مطابق،
1.هتي اهڙو عالمي انسانيت جو مرڪز قائم ڪرڻ کپي جنهن ذريعي نسل پرستي،فرقيواريت،جنس،ذات پات ۽ رنگ ۽ مذهب جا متڀيد ختم ڪيا وڃن.
2. سائنس، فلسفي ۽ مذهبن جي تقابلي اڀياس لاءِ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪري ولولو جاڳايو وڃي.
3. فطرت جي اڻ ڄاتل قانون ۽ انسان جي سمورين شڪتين جي اڻ ٽر ۽ لاڳيتي کوجنا کي جاري رکيو وڃي وغيره.
دنيا جون مهذب رياستون ۽ حڪومتون انسانن جي وڌ ۾ وڌ تعداد جي فلاح، خوشحالي ۽ بهتري لاءِ جتن وٺنديون ڏيکارجن ٿيون پر، بدقسمتي سان وڏي ڀاءُ، فوج، جاگيردار، نوڪرشاهي ۽ مذهبي عنصرن سان پختگي سان سلهاڙيل هيءَ نالي ۾ اسلامي مملڪت ۽ ان تي راڄ ڪندڙ حڪومتون هڪ مخصوص،استحصالي ننڍي طبقي جي آسودگي بهبودي ۽ غرض لاءِ هر جائز ۽ ناجائز طريقو، حتيٰ ڪ ارهه زورائي ۽ اتياچار ڪنديون رهن ٿيون.
قوميت ڪنهن جاگرافيائي خطي يا علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن اندر ان اهليت کي ڪوٺجي ٿو جنهن تي عمل پيرا ٿي هو هڪ اٽوٽ لڙي ۾ پوئجي اڳتي وڌي ترقي ڪري سگھن ۽ ترقي جي ان عمل کي نون سانچن ۽ حالتن ۾ ڍالي ،تبديل ڪري سڀني انسانن ۾ هڪ جھڙائي جي بنياد تي ڪنهن فرق ۽ ڀيد ڀاءُ کان سواءِ اتحاد پيدا ڪري سگھن. قوميت جو سلو اسان جي ماضي جو ورثو ڪونهي بلڪه حال جي عطا ٿيل مبارڪ عنايت ۽ شڪتي آهي.قوميت جي احساس ۽ عمل ذريعي سماج جي مختلف ۽ الڳ الڳ طبقن، فردن، ٽولن، قبيلن ۽ مذهبي برادرين جي وچ ۾ اتحاد، يگانگت ۽ گڏيل معاشي، سياسي سرشتي ۾ هر فن جي واڌاري لاءِ جتن ۽ ڪوشش ڪرڻ آهي جنهن ذريعي گڏيل زندگي گذارڻ کي هٿي ملي سگھندي ۽ ان کان علاوهه پنهنجي الڳ ثقافتي ۽ تمدني شناخت کي به قائم رکي سگھجي ٿو.
قوميت جو احساس ۽ حقيقت صرف پنهنجي شاندار ماضي سان زباني محبت اندر ڪونهي بلڪ آئنيدهه جي تابناڪ مستقبل لاءِ به اتساهه پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي جنهن اندرنين فڪري ڌارائن کي پاڻ ۾ سموئي انهن اندر وسعت ۽ ڪشلتا آندي وڃي ٿي.
اگر اسين ملڪ کي آزاد ۽ متحد ڏسڻ چاهيون ٿا ته مذهب ۽ سياست کي الڳ خانن ۾ رکڻو پوندو.سماجي ادارن کي برابري ۽ قوميتن جي جائز حقن جي بنياد تي اڏي مضبوط ڪرڻو پوندو ته جيئن قومي شناخت پنهنجي پوري تابناڪي سان اڀري سگھي. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھندو جڏهن اسان جو سماجي سرشتو دليل عقل ۽ سماجي انصاف تي تعمير ڪيو ويندو....۽ تڏهن ئي اسين پنهنجا سياسي سماجي حق بي خوفي سان استعمال ڪري سگھنداسون.
هن وقت اسين ٽن قسمن جي جبر جو شڪار آهيون.
1. سياسي جبر ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ.
2. ملائيت جو جبر جنهن ۾ مذهبي ڪٽر پڻو، دهشت گردي،القاعده ۽ طالبان طرفان ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ موت جو هر دم خطرو ۽
3. سماجي جبر جيڪو نوڪر شاهي، ايجنسين، پوليس ۽ فوج پاران روان رکيو پيو وڃي. هن وقت پاڪستاني قوم جون پاڙون وڏي ڀاءُ طرفان مڙهيل اسلامي تعزيزي قانونن ۾ کتل آهن جيڪي ملڪ جي سمورين اڪاين لاءِ هاڃيڪار آهن.
موجودهه پاڪستان اندر دراصل اسان کي سچي پچي جنگ پنهنجي ذات، ۽ انهن عنصرن سان جوٽڻي آهي جيڪي اسان جي سماج اندر ڏڦيڙ، انارڪي ۽ ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪڌي عمل ۾ رڌل آهن. ان کان علاوهه اسان کي پنهنجي ملڪ جي انهن قومي ۽ ثقافتي اڪاين کي (جيئن اڳ به چيو ويو آهي) سندن جائز قانوني دستوري ۽ صوبائي خودمختياري جا حق ڏيڻا پوندا ورنه ٻيءَ صورت ۾ انهن ننڍن پرڳڻن جا معتوب ماڻهو به ان وڻندڙ سٿ جا ساٿاري بڻبا نظر ايندا جنهن ڏانهن مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. اها آپدا يا مصيبت ۽ ڀوڳڻا اسان جي پنهنجي تخليق آهي، ۽ ٻاهرين عنصرن جو ان ۾ ڪوعمل دخل ڪونهي جئين اڪثر چيو ويندو رهي ٿو.
هتي اڄوڪي اصطلاح ۾ سياست کي اقتدار جي حصول جي لڙائي سان تعبير ڪري سگھجي ٿو. اها سوچ (ناڪاري) اڄ جي عام سياستدانن ۽ شهري جي ذهن ۾ پختگي سان ويٺل آهي.ٿورڙا ساڃهه وند ۽ نيڪ مرد ان ناڪاري سوچ سان شامل راءِ ڪونهن پر، ان ڊگھي جنگ ۾ هو بيوس ڏيکارجن ٿا. ان ڪارڻ ملڪي ثقافتي اڪاين ۽ مذهبي ڌڙن وچ ۾ ويجھي مستقبل ۾ ڪنهن دائمي ٺاهه جي اميد نظر ڪون ٿي اچي بلڪه ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ مذهبي جنون جون قوتون زور وٺنديون ڏيکارجن ٿيون .جيستائين اسين متحد ٿي نيڪ نيتي سان ان پهاڙ جيڏي مشڪل ڪم ۾ ڪين جنبجي وينداسون تيستائين قومي،سياسي آزادي ۽ ملڪي سالميت بچائڻ ناشدني ٿي پوندو. پهريائين اسان کي انهن ظلميت جي قوتن سان وڙهي پنهنجي گھر کي ماٺو ڪرڻو آهي نه ته اهي قوتون اسان جي آزادي ۽ وجود لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيديون.
قوميتن وچ ۾ مشترڪه آدرشن ۽ اصولن جي بنياد تي فردن ۽ ادارن اندر قومي يڪجهتي جي حڪمت عملي ۽ پاليسي جو حصول ممڪن آهي ۽ ممڪن ٿي سگهندو، ٻي صورت ۾ موجوده ڏڦيڙ ۽ انارڪي هن ملڪ جو مقدر بڻي رهندي، ان مقصد کي روپ بخشڻ لاءِ ملڪي ثقافتي اڪاين جو هڪٻئي لاءِ احترام ۽ سماجي ويجھڙائي پڻ ازحد ضروري امر شماري سگھجي ٿو.
پاڪستان ۾ موافق ۽ مخالف ڌڙي بندين اندر رهي صرف ڪوڙ پاکنڊ ۽ لوٽاڪريسي تي ٻڌل ٺاهن ۽ سمجھوتن ذريعي ديرپا امن ۽ آسودگي ڪڏهن قائم ڪين ٿي سگهندي بلڪه وڌيڪ وڳوڙ بدامني ۽ دهشتگردي ڦهلبي. هن هنڌ وڏي ڀاءُ ۽ سندس ساٿارين جو فرض بڻجي ٿو ته گڏيل ثقافت ويجھڙائپ ۽ سهپ لاءِ خلوص ۽ نيڪ نيتي سان زمين هموار ڪري ته جيئن ننڍيون قوميتون بنان ڪنهن شڪ ۽ وسوسي جي دوستاڻا اسپرٽ سان ساڻس گڏجي ملڪ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪناري ڀيڙو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين. جيستائين ان آفاقي انسانيت ڏانهن سماجي وجود جي حاصلات لاءِ قدم نه وڌائبو تيستائين هر قسم جي سياسي تدبير بي سود ۽ نشڦل رهندي. آزادرو سماجي آدرشن کان سواءِ جمهوري سماج جو حصول ناممڪن آهي. هتي سياست کي ذريعو ليکجي ۽ سماجي آدرش کي مقصد !
جديد مغربي قوميتون مهذب برادرين اندر سمايل ٻن عظيم تحريڪن جون پيداوار آهن. پهرين فرد جي آزادي ۽ برابري جي تحريڪ جنهن کي جديد اصطلاح ۾ جمهوريت قرار ڏنو ويو آهي ۽ ٻي ڪنهن مخصوص جاگرافيائي خطي ۾ رهندڙ انسانن ڏانهن پنهنجائپ ۽ احترام جو جذبو جنهن کي قوميت قرار ڏجي ته غلط ڪون ٿيندو.پوئين تحريڪ پهرينءِ سان لازمي طور واڳيل آهي ان ڪارڻ قوم يا قوميت کي مالڪ يا ٻانهي جي قديم يا جھوني ٻنڌڻ واري اصطلاح کان آزاد ۽ ان جي برعڪس ڄاتو وڃي ٿو.ان اندر ذات پات جو متڀيد قطعي ڪون ٿئي ٿو. جمهوري سلسلو ۽ سرشتو ان جي اهم ضرورت ۽ بنياد ليکيو وڃي ٿو جنهن تي قومي يڪجھتي جو بنياد اڏيل هوندو آهي. پر بدقسمتي سان هن ملڪ اندر ظاهري اسلامي نظام اندر جمهوريت قطعي ڪونهي اهو قومي تقاضائن جي برعڪس ۽ سامراجي آهي.مغرب اندر قومي جاڳرتا جي لهر مذهبي عمارت ۾ ڏارون وجھي کيس سياست کان الڳ ڪري ۽ ڪيرائڻ بعد ئي آئي هئي. انساني برابري ۽ احترام جي تحريڪ ۽ روپ اندر قبائليت جاگيرداري فوجي تاناشاهي ۽ فرقيواريت جي ڪا گنجائش ڪون هوندي آهي. امن، آسودگي، قومي اتحاد ۽ اخوت جي حصول لاءِ مذهب ۽ سياست کي (جيئن اڳ به چيو ويو آهي) هڪ ٻئي کان الڳ رکڻ لازمي شرط آهي.
مذهب کي هر قسم جو سياسي ۽ اقتصادي اهميت ۽ قدر کان وانجھيل ۽ پري رکڻ قومي اتحاد لاءِ اهم ۽ اڻ ٽر شرط قرار ڏيڻ جڳائي. ملڪ جي ظاهري اسلامي زندگي کي قوميائبو ته ملڪ صحيح معنيٰ ۾ قوم جي حيثيت ماڻي سگھندو،۽ قوم جي آسودگي ۽ برابري کي اپنائبو ته ملڪ صحيح معنيٰ ۾ آزاد ليکيو ويندو.
وڏي ڀاءُ ۽ سندس ساٿارين طرفان ننڍن پرڳڻن (سنڌ ۽ بلوچستان) جي لاڳيتي معاشي معاشرتي سياسي ۽ اقتصادي استحصال کي شدت سان محسوس ڪيو وڃي ٿو. عوام اندر بي اطميناني ۽ ڀوڳڻا جو احساس ۽ ان جا اثر ڏينهون ڏينهن وڌندا رهن ٿا ۽ جياپو وقت جي وهڪري سان ڏکيو، مشڪل ۽ ناممڪن ٿيندو پيو وڃي. اهڙين حالتن ۾ صرف نظرياتي ۽ فڪري پرچار ملڪ جي پاڙن کي اڏوهي جيان کائيندو پيو وڃي. مُلن ۽ مذهبي جماعتن پاران صرف اسلامي ثقافت، مذهب ۽ فڪر جي تلقين قوم ۽ ملڪ لاءِ وڌيڪ نقصان ڪار بڻبي وڃي ٿي.
هتي ورهاڱي جي تلخ حقيقت ۽ ان کان اڳ جو هڪ اهم تاريخي واقعو ورجائڻ نامناسب ۽ غير واجبي نه ٿو سمجهان:
اڻ ورهايل هندوستان جي انسانن جي قيمتي ۽ املهه ٻليدان کان پوءِ آزادي جي امرت سان گڏ ورهاڱي جو ’زهر‘ به پيئڻو پيو هو. ان سموري ٽانڊوي نرت جو بڻياد ’تاريخ‘ جي بي حس جبر ۽ بي ترس پيڙهه تي ٻڌل آهي.
هيءُ ان زماني جو واقعو آهي، جڏهن سن 1913ع ۾ ’ڪانگريس آجيان ڪاميٽي‘ جي چيئرمين هرچند راءِ وشنداس سڀ کان اول سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي؛ پر، مسلم ليگ جي علي ڳڙهه واري اجلاس (1925ع) ۾ ان کي ’سنڌي گهر‘ مان ’مسلم گهر‘ جو جامو پهرايو ويو! هتي مون کي سن 1972ع واري بلوچستان اندر سردار عطاءُ الله مينگل جي وزارت عظميٰ وارا ڏهاڙا اکين آڏو ڦري آيا آهن جڏهن انتهاپسند مُلن، جيڪي سندس گڏيل وزارتي سرڪار جو حصو هئا، جي گهُر تي قديم هندو باغ شهر جو نانءُ بدلي، کيس مشرف به اسلام ڪري، مسلم باغ بڻايو ويو هو!! ۽ مٿي ڄاڻايل اجلاس اندر جڏهن رٿ ڏني وئي هئي ته بمبئي جي ’ هندو اڪثريت ‘ کان الڳ ڪري ’ سنڌ جي مسلم اڪثريت ‘ واري صوبي کي ’ پنجاب ‘ جي مسلم اڪثريت واري صوبي سان شامل ڪيو وڃي! پر، سنڌي مسلمان ميمبرن يڪراءِ ٿي ان رٿا کي ردِ ڪيو هو؛ ۽ ان وقت به هنن ڪنهن حالت ۾ ’وڏي ڀاءُ‘ جي ڪاري پاڇي هيٺ رهڻ پسند ڪين ڪيو هو. هنن جي سوچ ڪيڏو نه دانشمنداڻي ۽ دوربين هئي. هينئر سنڌ ۽ بلوچستان ڄڻ ’ وڏي ڀاءُ ‘ جون ’ نو آباديون ‘ (Colonies) بڻجي ويون آهن.
تاريخ گواهه آهي ته تهذيب ۽ مذهب جي اهڙي طرز ۽ طريقي ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي بنيادن کي ڪين بچايو آهي. هتڙي مذهب صرف لفاظي جي حد تائين سهپ ۽ برداشت جو پتلو آهي پر عملي طور ڏاڍ ڏمر سامراج ڪٽپڻي ۽ اَسهپ جي وجودي حيثيت رکي ٿو جنهن هيٺ عوام جي مختلف طبقن نسلن جوڪوس ۽ معاشي استحصال روزانو معمول بڻيل آهي .
مذهب ۽ سياست جو اڳ ئي ڄاڻايل ڳٺ جوڙ ملڪي آزادي اظهار جي آزادي اخوت ۽ سهپ جي سونهري متن مٿان هڪ قسم جي ٺٺولي ۽ چٿر جيان باسي ٿو. خدانخواسته اگر هيءَ ملڪ نه رهيو ته اهوعمل آپگهاتي ليکيو ويندو ۽ نه ڪي ڪنهن هٿان قتل ٿيڻ وارو!
پاڪستان اندر منحوس ۽ مستحڪم ٽرائڪا (Troika) يا ٽمورتي (جاگيرداري، فوجي ۽ مذهبي) سموري قوم کي شروع کان وٺي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو آهي. هن ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ سچي آزادي،انسان جي حقيقي عزت ۽ آبرو، شهري کي سچي هڪجھڙائي، انصاف ڪڏهن پلئه ڪين پيو آهي. اعليٰ ويچار ۽ حق جاري تي رکيل سهڻين ڏيکاوي شين جيان پنهنجي غير مادي صورت ۾ موجود رهيا،جنهن جو لاڀ صرف وڏي ڀاءُ کي سندس ارهه زورائي سبب سدا ملندو رهيو آهي. وڏو ڀاءُ هميشه انهن کي پنهنجي قديم اسلامي تهذيب چئي پڏائيندو رهڻ ۾ رڌل رهي ٿو.اهڙي سماج ۾ انساني آزادي ۽ وقار بابت سوچڻ به گناهه ۽ جرم ليکجي ٿو.
متحد ۽ مضبوط ۽ دنيا جي مهذب ملڪن جي قطار ۾ آبرومند ’پاڪستاني قوم‘ کي ساڀيا ۽ تجسيم بخشڻ لاءِ وڏي ڀاءُ جي سامراجي عزائم جوخاتمو، سياست ۽ مذهب جي ڳٺ جوڙ جو خاتمو، فوج جي موجودهه بيهڪ جو خاتمو، ملائيت ۽ مدرسي ڪلچر جو خاتمو بيحد ضروري آهي. ان کان سوءِ ملڪ جي ثقافتي سماجي اڪاين وچ ۾ متفق راڄ نيتي موجب دستوري ٺاهه جو پنر جنم به لازمي عنصر ليکڻ جڳائي، اگر ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ .......
مغليه اڪبري جڳ ۾ سياست ۽ مذهب کي هڪٻئي کان الڳ ڪري قومي رنگ ۾ رڱيو ويو هو انڪري ان عهد کي صحيح طور سونهري يُگ جي نانوءَ سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
هتي اگر سياست ۽ انساني دوستي جي حوالي سان ذڪر ڪيو وڃي ته انهن کي هڪٻئي جو ضد قرار ڏيڻ غير واجب ڪين ٿيندو بلڪ انهن جون خاصيتون هڪٻئي جي نه صرف مخالف آهن، بلڪ شايد پاڻ ۾ ڪڏهن ڪين ملي سگھن!
پنجاب جي نامياري شاعر علامه اقبال جنهن کي وڏي ڀاءُ پاران پاڪستان جو عظيم قومي شاعر قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ اڳ ۾ به هن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جو غور سان اڀياس ڪبو ته صاف ڏيکاري ڏيندو ته هن جو علمي ادبي سفر همه گيريت يا همه گير تصور کان اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽ کائيندو ڏيکاربو. سن 12_1911 تائين سندس سوچ ۽ فڪر آفاقي فڪر سان ميل کائيندڙ هئي ۽ ان بعد هوريان هوريان يوٽرن وٺي پوئتي موٽڻ شروع ڪيو هئائين ۽ اهو سلسلو سندس زندگي جي جوت اجھامڻ تائين قائم رهيو.
مجموعي طور ڪليات ۽ ڪليت جي پيڙهه يا بنياد ۾ مسلم اَمه، يا اُمت جو ٺلهو، سوڙهو فڪر موجود رهيو آهي جنهن اندر ڀرندڙ (decaydant) سماج جا جيوڙا سمايل آهن. جنهن ۾ هوُ هر دم ان کي نئين سر پنهنجي ڪمزور ۽ سسندڙ پيرن تي بيهارڻ جي جتن ۽ ڪوشش ۾ مصروف ڏيکاري ڏيندو رهي ٿو، ۽ پاڻ ويڙهجي سيڙهجي ڄاهي جيان سُسندو ۽ ڪنڊيدار ٿيندو ويو.
پاڪستان ۾ نظرياتي فڪر مطابق هڪ خدا، هڪ ڪتاب، هڪ اُمت، هڪ ملڪ وغيره جي گردان جي تصور ۽ تصوير کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ قومي شاعر جي بي حد ضرورت هئي جيڪو هن قوم کي علامه اقبال جي صورت ۾ ملي ويو! جيتوڻيڪ سنڌ اندر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ ٽيگور جھڙيون آفاقي ۽ جينئس شخصيتون موجود هيون جن جي ذات اندر زندگي لاءِ بي انت چاهه انسان جي عظمت ۽ بلندي جو بي حساب احساس لاڳيتي اٽوٽ حرڪت جو ڇلڪندڙ سامونڊ وقت ۽ مقام جي وسعت جو ادراڪ ۽ حسيت،مذهب ۽ ڌرم جوهم گير تصور جمود ۽ ٺهراءُ واري صورت ۽ بدبو لاءِ سخت ڌڪار وغيرهه سندن باطن ۾ گھرائي تائين سمايل هئا. پر اهي عظيم ڏاها انسان ۽ شاعر اسان جي مذڪور مرد مومن يا Superman جي تصور جي دز کان به ڏور هئا. پنهنجي سڀني ناياب خوبين خاصيتن بلندين ۽ سرفرازي جي باوجود قومي شاعر بڻجڻ جي وصفن کان خالي ۽ کوکلا ڄاتا ويا ۽ بدقسمتي سان هنن جو لاڳاپو به ته انهن اڻ ڄاتل ۽ مفتوح ڌرتين سان هيو جن جي رهواسين جي حب الوطني جو جذبو ۽ اُمت جو تصور به ستل ۽ اڻ گھڙيل حالت ۾ موجود هو!
مبهم فڪر ۽ تضاد ڪنهن به مهان هستي کي هيڪڙائي ۾ پوئي سگھڻ جي شڪتي کان وانجھيل هوندا آهن. اهڙي هستي گھڻو ڪري ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ جوروپ ڌاري وٺندي آهي ۽ اها سماج جي اوسر ۽ عمارت سازي جي معاملي ۾ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي.
فڪري ارتقا جو سفر جڏهن انگڻ ونگڻ زاوين سان، سوڙهن پيچرن تي هلندي اوچتو پوئتي گھرين کاهين ڏانهن موٽڻ شروع ڪري ۽ ٻيهر اڳتي وڌڻ جو جتن ڪندو ڏيکارجي ته ان مهل ان جي صحت مندي، سماج لاءِ افاديت ۽ انسان لاءِ زندگي سان معمور هاڪاري قدرن ۽ روايتن جي ورثي طور ڇڏڻ واري سندس صلاحيت يا اهليت شڪي ۽ اعتبار کان وانجھيل محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.
اقبال يا سندس جھڙا قداور دانشور سدائين موقع پرستي ڊپ يا من مان، وقتي طور پيدا ٿيل، ڪنهن ’ترنگ‘ هٿان کيڏاڻو بڻجي اهڙي قسم جون ابتيون سبتون قلابازيون کائيندو رهيا آهن ته جيئن ماڻهو جزوي طور ڏسڻ ۽ پرکڻ جو انداز اختيار ڪري سندن ڪنهن جاندار گوشي کي بڻياد بڻائي ’حڪم‘ ڏيڻ جو اهڙو حق حاصل ڪرن جيڪو ظاهري طور ڪليت تي حاوي ۽ ڇانئيل ڏيکاري ڏئي! پر، اهڙي طريقي کي ’ڪليت‘ ۾ ڏسڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ ادبي ديانت داري جي بلڪل ابتڙ ۽ خلاف شماري سگھجي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڏاهن ۽ دانشمند انسانن کي اهو حق قطعي طور حاصل ٿيڻ جڳائي ته هوُ اهڙي قسم جي دانشور جي ڪنهن ترنگي رخ کي بنياد بڻائي سندس سموري فڪري ميراث تي راءِ اظهارڻ جو پورو پورو حق رکن ڇو جو ڪنهن خاص وقت ۽ حالتن ۾ اهو ئي رخ پنهنجي معنوي باطن ۾ هاڪاري يا ناڪاري اثرن سبب ڪليت کان هٽي ڪري مجموعي طور ڪنهن سماج، اداري، قوم يا ملڪ وغيره جي ترقي خوشحالي وجود وغيرهه لاءِ لاڀدائڪ يا نقصان ڪار ٿي سگهي ٿو.اهڙي صورت حال ۾ ڪليت بلڪل بي معنيٰ بڻجيو وڃي ٿي. سوچ جو اهو انداز ترقي پسند نقطه نظر جي اوڏو معلوم ٿئي ٿو.
منهنجي راءِ موجب اگر پاڪستان، مذهب، امت، مرد مومن بابت اقبال کي ان ساهمي ۾ توربو ته هو پنهنجي مڪمل تخليقي اَپج ۽ ڪليت جي لحاظ کان ناڪاري نظر ايندو ۽ اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌي دانشور (ڊاڪٽر تنويرعباسي، ’جھوني جڳ‘ جوشيخ اياز، رشيد ڀٽي، حفيظ شيخ، نياز همايوني، محمد ابراهيم جويو) ۽ انيڪ ٻيا بلوچ ، پٺاڻ ۽ اردو سنڌي دانشور (نواب اڪبر بگٽي، نواب خير بخش مري، مير غوث بخش بزنجو، حبيب جالب بلوچ، ملڪ محمد عثمان ڪانسي، ميرا خان مندوخيل، ڪمال خان شيراني، عبدالله جان جمالديني، پوهومل، ڊاڪٽرمبارڪ علي، ڊاڪٽراميرالدين وغيره) اقبال لاءِ بحيثيت ايماندار ۽ انسان دوست تخليق ڪار جي ڪا شرڌا، احترام ۽ چاهنا ڪون رکندا هئا. بلڪ کيس فڪري طور وڏي ڀاءُ جو وفادار نمائندو تصور ڪندا رهيا جيتوڻيڪ ان وقت وڏو ڀاءُ ”وجود“۾ ڪين آيو هو. پر بعد ۾ اقبال جي فڪر سندس استحصالي سوچ ۽ عمل کي هٿي بخشي هئي.
مٿي ڄاڻايل شخصيتن ڪڏهن به سندس رچنائن (شعري توڙي نثري) ۾ جذب ٿي پاڻ کي انهن جو ڪردار ۽ حصو تسليم ڪين ڪيو هو حالانڪ عظيم ادب ۽ فن جي سڃاڻپ ئي اها هوندي آهي جو پاٺڪ پاڻ کي ان اندر جذب ڪري ان جو حصو بڻجي ويندو آهي.
ان حوالي سان ٽي واقعا منهنجي ذهني سطح تي اڀري آيا آهن:
پاڪستان جي نالي واري ترقي پسند تاريخ نويس ۽ دانشور ڊاڪٽرمبارڪ علي، جيڪو منهنجو دوست به آهي،هڪ ڀيري ڪنهن ٽي وي پروگرام ۾ اقبال جي فن فڪر ۽ شاعري تي ٽيڪاٽپڻي ۽ تنقيد ڪئي هئي جيڪا حڪومت جي ايوانن (وڏي ڀاءُ سان لاڳاپيل)۽ خاص طور پنجابي لابي سان سلهاڙيل ادبي حلقن کي قطعي ڪين ڀانءِ پئي ۽ نتيجي طور ڊاڪٽر مبارڪ علي کي نه صرف خطن ۽ ٽيليفون Calls ذريعي ڌمڪيون ملنديون رهيون بلڪه کيس صوبي جي ڪورٽن ۾ ڇڪيو ويو ۽ سندس خلاف FIR به درج ڪيون ويون! افسوس جو مقام اهو هو جو سندس ڪيترن ئي ترقي پسند دوستن ۽ ڪامريڊن ان سلسلي ۾ کانئس ائين پاسو ڪيو ڄڻ کيس ڪا ڇُوت جي بيماري وچڙيل هئي حلانڪ انهن مان ڪئي اقبال جي باري ۾ پاڻ به ڊاڪٽر موصوف جي خيالن سان سهمت هئا!
ٻيو واقعوان دور جو آهي جڏهن نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جو وزيراعليٰ هو (سن 1988) ان سمي آءُ سندس غير اعلانيه طور صلاح ڪار به هئس ۽ هندستان کان اردو اديبن شاعرن جو هڪ وفد هاڪاري شاعر نثر نويس علمي ماهر ۽ جمون ڪشمير يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر محترم جگن ناٿ آزاد جي سرڪردگي هيٺ ڪوئٽه آيل هو. موصوف جگن ناٿ نواب بگٽي سان ملڻ لاءِ مون سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ مون نواب کان ٻي ڏينهن جو وقت وٺي کيس ۽ وفد جي ٻين ميمبرن کي نواب جي گھر تي رات جي ماني جي ڪوٺ ڏني.
رسمي تعارف بعد ماني ورڇجي چڪي هئي ۽ کائڻ کان اڳ جگن ناٿ آزاد نواب کي ديدهه زيب ڪاغذ ۾ ويڙهيل پنهنجي تحرير ٿيل ڪتابن جوهڪ bulky بنڊل تحفي طور پيش ڪيو .نواب ان وقت ئي اتساهه مان جيئن اهو بنڊل کوليو ته پهريون ڪتاب اقبال جي شاعري جي ڪنهن پهلو تي هيو.اهو ڏسي سندس پيشاني تي گھنج پئجي ويا ٻيو ڪتاب به علامه جي زندگي ۽ فڪر تي تحرير ٿيل هو ۽ اهڙي ريت باقي پندرهن ڪتاب به شاعر مشرق جي مختلف رخن روين طرز ۽ فڪر سان واڳيل ڏسي نواب جي چهري تي ڪارن پيلن ڳاڙهن پٽن جيان اڻوڻندڙ رنگ نمودار ٿيندا رهيا.
نواب بگٽي سيڪولر سوچ رکندڙ اگناسٽڪ انسان هيو. کيس رک رکاءُ ۽ ڊپلوميسي بلڪل ڪونه ايندي هئي ...... ۽ بنا دير محترم آزاد کي مخاطب ٿيندي چيائين ”آزاد صاحب، اقبال تي عرق ريزي ڪرڻ ۽ وقت وڃائڻ بجاءِ اگر اوهين ان جو ڪجھه حصو ڪاليداس، ڪبير، غالب يا گرديوٽيگور جي اڀياس تي صرف ڪريو ها ته ادب ۽ ادب شناس حلقي لاءِ ڪيڏو نه لاڀدائڪ ٿئي ها بلڪ ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ يڪجھتي لاءِ به سودمند بڻجي ها.هڪ ٽوڊي انگريز پرست ۽ موقعه پرست انسان تي ايڏي محنت ڪري اوهان پنهنجي ذات ۽ پنهجي ملڪ لاءِ به ڪوساراهه جوڳو عمل ڪين ڪيو آهي. معاف ڪجو، آءُ اهو تحفو ڪداچت قبول ڪين ڪندس!“ آءُ به سندس تحفي جي مواد کان اڻ واقف هيس ورنه کيس اڳواٽ ئي ان جي آڇ کان منع ڪيان ها بهرحال اها محفل چنڊ گرهن جي نذر ٿي وئي!
ٽئين واقعي جو تعلق بي نظير ڀٽو ۽ جنرل (ر) ٽڪا خان (مشرقي پاڪستان جو پهريون قاتل) سان آهي. گذريل صدي جي اٺين ڏهاڪي ۾ بي نظير ڀٽو، جنرل(ر) ٽڪاخان، بيگم ميجر سرور شهيد (نشان حيدر) ناهيد خان وغيرهه ڪوئٽه جي دوري تي آيل هئا. محترمه يحيٰ بختيار (اڳوڻو اٽارني جنرل پاڪستان) سندن آجيان ۾ رات جي ماني جھلي هئي .
ان دعوت ۾ نواب اڪبر بگٽي، ملڪ محمد عثمان ڪانسي، مير احمد نواز بگٽي، راقم المروف وغيرهه به مدعو ٿيل هئا.
سياست مذهب ۽ پاڪستان جي اندروني حالتن ۽ مستقبل تي سنجيده ۽ هلڪي ڦلڪي گفتگو جاري هئي. اوچتو نواب بگٽيءَ مذاق ڪندي ملڪ عثمان ڪانسي (پٺاڻ سيڪولر رهنما سياستدان، دانشور ۽ نواب جو گھاٽو دوست) ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، ”ملڪ صاحب پاڪستان تحريڪ ۾ قائداعظم جي نه صرف ڪافي ويجھو رهيو هو بلڪ ان هلچل اندر پاڻ موکيو به هئائين پر هاڻي ان کان ايڏو بدظن ٿي ويو آهي جو ٻيهر ’اکنڊڀارت‘جي ڪوششن ۾ جنبجي ويو آهي!“
ان ڳالهه تي جنرل ٽڪا خان نرڙ گھنجائي کانئس نرمي سان ان تبديلي جي وضاحت طلب ڪئي.
ملڪ عثمان کلندي هڪ دلچسپ لطيفي ذريعي منورتي جي ان ڦيري جي هيٺيئين ريت وضاحت ڪئي هئي.
”جنرل صاحب هڪ ڀيري مسيت اندر هڪ طالب مولوي صاحب پويان نماز پڙهي رهيو هو ۽ جڏهن ٻيئي سجدي ۾ جھڪي رهيا هئا ته اوچتو طالب جي نظر مولوي جي دنبي نما پُٺ تي پئجي وئي ۽ ڏٺائين ته سندس پهراڻ جوڳپل حصو هنجي فلاڻي جاءِ تي ڦاٿل هيو ۽ اهو منظر اڻ وڻندڙ ۽ بدزيبو ڀاسيس، انڪري آهستگي سان پهراڻ جو ڦاٿل حصو ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. مولوي کي به پنهنجي پُٺ تي چرپر محسوس ٿي هئي ۽ هن سجدي مان پوئتي منهن ڦيريدي طالب مٿان قهرآلود نگاهون وڌيون! اٻوجھ طالب سمجھيو ته هنکان شايد غلط ۽ ناشائسته عمل سرزرد ٿيو هو. ان ڪري جيئن مولوي صاحب ٻيهر سجدي ۾ جھڪيو ته هن غلطي درست ڪرڻ لاءِ پهراڻ جو ساڳيو حصو ٻيهر فلاڻي جاءِ تي فٽ ڪري ڇڏيو ۽ اِها حرڪت به مولوي کي ڪين وڻي هئي !“
مان به هندستان ۾ ڦاٿل حصو جستجو ۽ جدوجهد ڪري ڪڍي آيس پر ڏٺم ته ان جا نتيجا عوام ۽ ثقافتي اڪاين لاءِ اگرا نڪرندا رهيا انڪري هينئر ٻيهر ان حصي کي سندس اصلي جاءِ تي فٽ ڪرڻ جي اڻ ٿڪ جتن ۾ رڌل آهيان، هينئر توهين ئي ٻڌايو ته پهريون عمل درست هو يا هيءُ پويون ڪرم صحيح آهي؟ “
ٽڪا خان کان سواءِ باقي سڀيئي ملڪ صاحب جي گفتگو کان لطف اندوزٿيا هئا.
اقبال جي انساني عظمت جي تصور هيٺان صرف مسلم عظمت جي سوچ ٻوڏ جيان اٿلندي ڏيکاري ڏئي ٿي. سندس جمهوري قدرن جو پرچار صرف کوکلي نعري بازي تائين محدود آهي ڇو جو جنهن سماجي جوڙجڪ ۽ فڪري عمل جي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي ان اندر تاريخي ۽ فڪري طور جمهوريت جي ڪڏهن به صورت گري موجود ڪون رهي هئي!
سنڌ ۽ پنجاب جي عظيم صوفي شاعرن شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، چئنراءِ، ڀُلي شاهه، وارث شاهه جي فڪر ۽ عمل کان صاف طور ’ يوٽرن ‘ وٺندو ڏيکاري ڏئي ٿو. سندس ڪلام مان ’ شڪوه ‘ جي هيٺين سٽن مان مٿي ڄاڻايل مذهبي ڪٽرپڻي ۾ ڀنل سوچ چٽي طور ظاهر ٿئي ٿي (جيتوڻيڪ جواني ۾، ان کان گهڻو پوءِ به، چڪلي جو طواف ڪندڙ سوم رس جو شيدائي ۽ حسن و موج مستي جي راجا اندر جيان ديوانو ٿي گذاريو هئائين)؛ اِهي سنديس تنگ نظري ۽ فرقه واريت جي عنصرن مان جوڙيل شاعرن جا قديم مثال آهن جيڪي عطيه فيضي جي ذهن کي ڪڏهن ڪين آئڙيا هئا:
شکوہ
مشکلیں امت مرحوم کی آساں کردے
مور بے مایہ کو ہمدوش سلیماں کردے
ہند کی دیر شینوں کو مسلماں کردے
جوئے خوں می چکد از حسرت مادیرینہ ما
میرا تپند نالہ بے نشتر کدہ سینہ ما
’جن ماڻهن کي تو نوازيو انهن جو بار هلڪو ڪر، غريب نادرماڻهن جو ڳاٽ اوچو ڪري کين سليمان جي قد ڪاٺ جهڙو بڻاءِ_ پيار کي عام ڪر، ۽ هندوستان جي ’ بُت پرستن ‘ کي مسلمان بڻاءِ، اسان پنهنجي اعمالن سبب ڏاڍو لوڙيو آهي ۽ ڪيڏي نه رت وهي ڇٽي آهي. هن ڪٺل دل جي فرياد ٻُڌُ.‘
ساڻس وانگر هندن کي ’مسلماني‘ رنگ ۾ رڱڻ جو بيهودو ۽ رجعتي خيال مٿي ڄاڻايل صوفي شاعرن کي ڪڏهن خواب ۾ به ڪين آيو هو.
اقبال جي ’جوابِ شڪوهه‘ مان هيٺ ڄاڻايل سٽون به سندس تنگ نظر ۽ موقع پرستانا ذهنيت جي ڀرپور عڪاسي ڪرين ٿيون:
جواب شکوہ
شوری ہوگئی دنیا سے مسلماں نابود
ہم یہ کہتے ہیں کہ تھے بھی کہیں مسلماں موجود
وضح میں تو ہو نثار تو تمدں میں ہنود
یہ مسلماں ہیں! جنہیں دیکھ کے شرمائیں یہود
یوں تو سید بھی ہو مرزا بھی ہو افغان بھی ہو
تم سبھی کچھ ہو بائوکہ مسلماں بھی ہو
’غلغلو مچي ويو آهي ته دنيا مان مسلمانن جي پڄاڻي ٿي آهي. اسين پڇون ٿا ته ڪٿي به ڪنهن سچي مسلمان جو وجود آهي به سهين؟ سندن رهڻي ڪهڻي عيساين جهڙي ۽ ثقافت هندن جهڙي آهي. اگر ڪو يهودي اهڙي مسلمان کي ڏسندو ته پڪ شرمساري محسوس ڪندو. جيتوڻيڪ تون چوڻ ۾ سيد، مرزا ۽ افغان آهين پر، اهو ٻڌاءِ ته واقعي مسلمان به آهين؟‘
سنڌ جي ٽنهي مايه ناز شاعرن (شاهه، سچل، سامي) کي هندن کي مسلمان بڻائڻ جو خيال ڪڏهن به ڪونه آيو هو.
اقبال پاڪستاني بلڪه پنجابي استحصالي ذهنيت جو مڪمل ’نمونو ۽ ڪردار‘ آهي. مذهب جي تبديلي سان قوميت جي تبديلي جو عڪاس ۽ وڪيل!
سندس موقعه پرستانا سوچ ۽ عمل هيٺين حقيقتن مان به ظاهر آهي ته ’جڏهن سيڪولر سوچ رکندڙ امان الله خان افغانستان جي تخت تي ويٺو ته هُنَ جي ساراهه جا ڍُڪَ ڀريائين؛ پر، جنهن وقت انگريز سامراج کيس تخت تان هٽائي نادر خان نالي هڪ چور ۽ ٺڳ کي تخت تي ويهاريو ته هُنَ جي ساراهه جا گيت آلاپيا هئائين!
پاڪستان، بلڪه وڏي ڀاءُ جي بيٺيڪيت واري ذهنيت اقبال کي زوريءَ سموري ملڪ مٿان پيغمبر _ شاعر طور مڙهيو هو جنهن سن 1930ع ۾ الله آباد اندر مسلم ليگي اجلاس ۾ ملڪ جي ورهاڱي جو نظريو پيش ڪيو هو. مسلم رياست جو تصور سڀ کان اول هِنَ جي اوڳاڇيو هو! پر، سنڌي، بلوچ، دانشور ۽ قوم پرست کيس هميشه برطانوي سامراج جو ڇاڙتو، موقعه پرست ۽ پنجابي جنگجويانه ذهنيت جو پتلو سمجهندو رهيو آهي.
جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ ترڪي مٿان برطانوي حملي سبب دنيا جا مسلمان ڪاوڙ ۽ غم ۾ بيحال هئا ته ان مهل اقبال انگريز بهادر آڏو پنهنجي سر جو نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ پيش پيش نظر آيو هو.
سن 1923ع ۾ جنهن مهل انگريزن جي اُرهه زوراين سبب سموري دنيا خاص طور هندوستان جا غيرت مند سپوت پنهنجا لقب ۽ خطاب واپس ڪري رهيا هئا تنهن مهل هُنَ انگريزن کان ’سر‘ جو خطاب وصول ڪيو هو! سن 1928ع ۾ مسلم ليگ ’سائمن ڪميشن‘ جي نا روا سلوڪ سبب ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي! قوم پرست سوچ رکندڙ ڌڙو جناح ۽ سيف الدين ڪچلو جي اڳواڻي هيٺ ڪلڪتي ۾ ’ڪميشن‘ کي خوب ننديو ۽ برطانوي سامراج جو ڇاڙتو ڌڙو اقبال ۽ محمد شفيع جي سرڪردگي هيٺ لاهور ۾ ان جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندو رهيو!
مڪي ۾ ’شريف‘ قوم پرستي جي علامت ڄاتو ويندو هو ۽ ان ڪري انگريزن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀندو هو، جنهن کي آخرڪار مٽائي وهابي سوچ رکندڙ ’سعود‘ کي ملڪ جون واڳون سونپيون ويون، ۽ هُنَ حاڪم بڻجندي ئي ملڪ ۽ رهواسين جي مذهبي سوچ ۽ عمل سان ڪئي نا روا سلوڪ اختيار ڪيا پر، اقبال هن کي ’ايشيا جو بهترين حاڪم‘ قرار ڏنو هو. جڏهن ڀوپال جي نواب اقبال لاءِ پنج سئو رپيا وظيفو مقرر ڪيو ته هُنَ کيس ’اسلام جو چمڪندڙ تارو‘ قرار ڏنو هو.
نهرو مسوليني جهڙي تانا شاهه ۽ ظالم انسان سان ملڻ کان انڪار ڪيو هو پر، اقبال نه صرف ساڻس هٿ ملايو هو بلڪه کيس خوش ڪرڻ لاءِ ’فاشسٽ تحريڪ‘ کي اسلام جي برابر قرار ڏنو هو!
اقبال اهو به قبوليو هو ته ورهاڱي کان اڳ هندوستان جي اندر سيڪريٽري ’لارڊ لوٿيئن‘ کيس يقين ڏياريو هو ته ’هندوستان ڀاڱا ڀاڱا ڪيو ويندو‘ ان ڪري هُنَ ’پاڪستان تحريڪ/نظرئي‘ جي حمايت ڪئي هئي. اهو به ڪارڻ آهي جو سنڌ ۽ بلوچستان جو ساڃاهه وند ۽ قوم پرست طبقو اقبال کي رد ڪندو ڏيکارجي ٿو.
اقبال جي شاعري ۽ فڪر ۾ ٻين عظيم شاعرن جي رچنائن جيان تضادات جا نارمل عنصر جا بجا پکڙيل ڏسي سگهجن ٿا پر ان اندرسڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه صرف ماورائيت ئي ڪونهي بلڪه ان ۾ ’فسطائي لاڙن‘ جي بي ڪنار ڀرمار نه صرف ايذائيندڙ آهي بلڪه موجوده بي ڪئتي اونڌاهي ۽ هلچل واري دور ۾ انهن مان ’ وڏي ڀاءُ ‘ کي سرڪيون ڀريندو سندس انڌي ۽ بي لغام قوت کي وسعت ملندي ڏسي هٽلري ۽ مسوليني عهد جي انڌڪار ۽ ڏاڍ ۾ وڪوڙيل ياد تازي ٿيندي رهي ٿي.
اڄ کان گهڻو اڳ اردو ادب جي معتبر تخليقي نقاد مجنون گورکپوري به اقبال جي شاعري ۽ فڪر اندر ان گونجندڙ ’ فاشي سوچ‘ ڏانهن واضح اشارا ڪيا هئا جنهن ڄڻ ’ وڏي ڀاءُ ‘ جي ظالماڻا ۽ تاناشاهي هٿن ۾ بي مياڻ اگهاڙي تلوار ڏيئي ڇڏي هئي جيڪا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ واري سمئي کان اڄ تائين ننڍن صوبن جي ڪمزور، پرامن ۽ بي هٿيار رهواسين جي سرن مٿان لهرائيندي نظر اچي ٿي.
سندس انساني عظمت جي تصور هيٺان صرف ’مسلم عظمت‘ جي سوچ ٻوڏ جيان اٿلندي ڏيکاري ڏئي ٿي. سندس جمهوري قدرن جو پرچار صرف کوکلي نعري بازي تائين محدود آهي ڇو جو جنهن سماجي جوڙجڪ، فڪر ۽ عمل جي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، ان اندر تاريخي ۽ فڪري طور جمهوريت جي ڪڏهن به ’صورت گري‘ موجود ڪونه رهي هئي!