پراسرار تخليقڪار: مھاڳ: تاج بلوچ
ڊاڪٽر جانسن چيو، ”آتم ڪٿا تخليقڪار کان بھتر ٻيو ڪو ڪونه سرجي سگھندو.“ جيتوڻيڪ اھو ڪُلئو غور ۽ بحث طلب ضرور آھي، ڇو جو سرگزشت اڪثر ڪري افسانوي رنگ ۾ رنڱيل ھوندي آھي. بلڪه ڪجھه لکڻين جو انداز ۽ اسلوب ”فڪشن“ جي قالب ۾ مڙھيل ٿئي ٿو جھڙوڪ گوئٽي جي آتم ڪٿا ”ورٿر جا ڏُک“ ، جيمس جوائس جي ناول جي صنف ۾ ”جوڀن جي ويس ۾ فنڪار جي تصوير“ ، ھينري ملر جي جيون ڪھاڻي ”ڪينسر جي حلقي ۾“ سمرسيٽ ماھم جي جيوني ناول جي ويس ۾ ”انسان جي ٻانھپ“، ڊينئل ڊيفو جي ”رابنسن ڪروسو“ اسٽيرن جو ”جذباتي سفر“، ورڊس ورٿ جي شاعراڻي قالب ۾ رچيل ”آلاپ“ يا ”شروعات“ . . . وغيرھ.
ڪلاسيڪي زمانن اندر تاريخ ۽ آتم ڪٿا جو اچرج ۾ وجھندڙ ميلاپ نظر آيو. ھيروڊوٽس جا ”تاريخي داستان“ زينوفون جي ”بلندين طرف چڙھائي“، جيولس سيرز جون ”تفسيرون“ . . . پر، مارڪس آريلئس (ٻي صدي عيسوي) جي واعظاڻا جيوني ”ذڪر ۽ فڪر“، کان پوءِ سرگزشت جي انداز ۽ صورت ۾ تبديلي جا آثار ظاھر ٿيندا رھيا.
ان بعد چوٿين صدي عيسوي ۾ سينٽ آگستائين جي ”اعترافات“ جي اشاعت کان پوءِ، جن اندر ذاتي روحاني تجربو، وجداني ڪيفيت ۽ گھرو شخصي نفسياتي تجزيو روان دوان نظر اچي ٿو. اھا صنف نئون جنم وٺندي ڄڻ ڪَرَ موڙي اٿندي ڏيکارجي ٿي ۽ انسان اندر موجود باطني دنيا جي رنگا رنگ ڪيفيتن جي سمونڊ ۽ ڪائنات کان به بي انت گھرائي ۽ وسعت ڇلڪندي نظر اچي ٿي.
ان کان سواءِ سرگزشت جو ھڪ ٻيو نرالو ۽ دلڪش روپ ڊائري، نوٽ بڪ ۽ جرنل جي صورت ۾ پڌرو ٿيندو رھيو آھي.
ان زمري ۾ آندري بيد، سارتر، البرٽ ڪامو جا جرنل ادب فن ۽ ڪلچر جي ميدانن ۾ نھايت اھم مقام ماڻين ٿا. چي گويرا، جنرل گياپ، جيولس فيوچڪ ۽ ٽن اڌ پکڙيل مکڙين: اين فرئنڪ، گيتانجلي ۽ تورُودت جون ڊائريون (نثري ۽ نظمي) قلبي ڪيفيتن ۽ وارداتي عڪسن ۽ سروم دکم دکم جي مصوري جو نادر ۽ امٽ شاھڪار جي حيثيث ماڻين ٿيون. اھي ٽيئي معصوم روح ويھن ورھين جي عمر کان ڇھڻ کان اڳ ۾ ئي ”عدم واسي“ ٿي ويا. ھنن کي ساريندي چوٿين صدي ما قبل مسيح جي نامياري يوناني شاعر ۽ ڊرامانويس مينندر جو درد ڀريو نغمو ياد پوي ٿو:
”جنھن سان ديوتائون پيار ڪن ٿا
اُھي جواني ۾ اجل جو شڪار ٿين ٿا!!“
شيام ڪمار جو نالو، پھريائين پھريائين مون مرحوم رشيد ڀٽي جي ڪھاڻين ۾ پڙھيو – شيام ڪمار ھرنائي ۽ حنيف ڪارو ۽ ٻيا ڪيئي. پر شيام ڪمار منھنجي ھئين تي ھري بيھي رھيو. طويل عرصي کان پوءِ خبر پئي ته ھو اسان جي وڏي ڀاءَ سردار محمد حسن خان بُلو جو گھاٽو يار آھي ۽ اسان جي ڳوٺ به ايندو ويندو ھو. پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪچھريون پيا ڪندا ھئا ۽ کاڄين پيڃن جو دور به پيو ھلندو ھو. پر آئون ھجان ڳوٺ ۾ ته ساڻس ملان.
2004ع ڌاري سوجھرو جي آفيس ريگل ٽريڊ سينٽر جي ستين ماڙ تي ھئي ۽ ھڪ ڀيري ڏاڪا لتاڙي اچي مون سان مليو. سوجھرو وٽس ڪوئيٽا ويندو ھو ۽ ڪوئيٽا جي ادبي حلقن ۾ سوجھري ۽ سوجھري ۾ ڇپيل مواد بابت دانشورانه سطح تي بلوچ، اردو، بروھي ۽ سنڌي دانشور بحث ڪندا رھندا ھئا. جڏھن شيام مون سان مليو ته اھي سڀ قصا مون کي ٻڌايائين.
مون کي ھلڪي سلڪي اڳ به خبر ھئي ته جڏھن ھندستان کان ٻاھرين مھاجر لڏي اچي سکر تي قبضو ڪيو ته شيام ڪمار ۽ ان جي ڌرم سان تعلق رکندڙ بي انت ماڻھن کي پنھنجن ئي گھرن مان تڙي بي گھر ڪرڻ جو سازشون ھليون ۽ انھن ڏاڍيون تڪليفون به ڏٺيون پر خاص طرح سان شيام ڪمار وارا ته محفوظ رھيا. پر گھر محفوظ رھي نه سگھيو لٽجي ڦرجي ويو. شيام جا چاچا قائم الدين خان جتوئي (جيڪو انھن ڏينھن ۾ سکر جو وڏي ۾ وڏو وڪيل ھو) سان بردارانه لاڳاپا ھئا. جيڪي شيام ڪمار جي گھر وارن کي پنھنجي گھر وٺي ويا ۽ اھي جتوئي صاحب جي گھر ۾ طويل عرصي تائين گھر ڀاتي طور رھيا پيا ھئا ۽ ٻاھران آيلن جي ڌٻڙ ڌونس کان به ڪجھه عرصو محفوظ رھيا.
ورھاڱي جي نتيجي ۾ شيام لاءِ ان ڪچڙي ڄمار اندر فسادن ۽ ان بعد نفرتن جو اِشو پنھنجي جاءِ تي صرف ”خارجي“ اھميت جو حامل ئي ڪونه ھو پر، وقت جي لھرن تي وھندي ان جا گھڻ پاساوان نفسياتي راڱا ۽ زخم سندس ”روح“ تي ڏنگن وانگر نقش ٿي ويا ۽ ڳپل وقت تعليم کان نروھيو ٿي ”شودائپ“ جي اونداھي غار ۾ ڌڪجي ويو. ڀاڳ ڀلارا ھئس جو سن پنجاھ جي اوائل ۾ ستت ئي ساکرو ساڃھه وندن جي صحبت ۽ سنگ کيس ان آراھ مان ٻاھر ڪڍي ورتو. مقبول صديقي، مرغوب بخاري، تنوير عباسي، نياز ھمايوني، مولائي شيدائي، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي وغيره. ھنن جي سنگ ۽ رنگ ۾ سندس ذات اندر ھاڪاري ارڏائپ، مزاحمت ۽ ڌرتي لاءِ حب جي سلي ڦٽي ڦلارجي ڄڻ ”گيا“ جي مثالي وڻ جھڙي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ ان کي مختلف ھنڌن ۽ ھوائن پاران ريج ملندو رھيو. ھر ھنڌ ڊوھ جي شڪار ٿيل ڌرتي ڌڻين ۾ خود اعتمادي ۽ پنھنجي ساک جو جذبو اُڀارڻ کي مشن بڻايائين ۽ وقار ماڻھپي ۽ ڪلچرل نجپڻي جي فڪري ڌارا کي ڦھلائڻ ۾ ڪٿي به گوٿناٿي ڪندي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
”نفرتن“ جو ڊراپ سين ٿيڻ کپي ٻي صورت ۾، خدا نه ڪري، نئين سانچي ۾ گھڙيل بائبل جي تخليقي اڳڪٿي حقيقت ۾ بدلجي نه وڃي:
”خدا نوح کي انڊلٺي علامت ڏيکاري
آئينده پاڻي جو ورجاءُ بلڪل بند،
صرف باھ ئي باھ ھوندي !“
ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ به سکر جي ھيٺين جھونن ماڳن تي ڪنھن نه ڪنھن بھاني طواف ڪندو رھيو. ڄڻ اھي سندس ساھ جي ٽور ۾ سمايل ھئا:
Green Shop 51 فريئر روڊ
رئوف اينڊ برادرس جنرل اسٽور اينڊ بڪ شاپ، فريئر روڊ
جي.بي منگھا رام بسڪٽ فئڪٽري، شڪارپور روڊ
جي. بي منگھارام بسڪٽ فئڪٽري، شيخ شينھن روڊ
آمريڪن بار، لال بازار سامھون
ريئو گراف فوٽو اسٽوڊيو، فريئر روڊ
ساڌ ٻيلو
زنده پير
لائڊ براج
آدم شاھ جي ٽڪري
سندر شيوڪ سڀا لائبريري
سندس جيون ڪٿان اندر ذاتي واردات کي آفاقيت جو ويس پھرائڻ جي ڪوشش ۾ پنھنجو پاڻ، پنھنجي آواز ۽ پنھنجي گم ٿيل شخصيت کي تلاش ڪرڻ جو عزم ۽ جتن لياڪا پائيندو ڏسجي ٿو.
تپرس ۾ وجھندڙ سندس تشبيھون، گھڻو ڪري، روايت کان ھٽي ۽ ذاتي آزمودي ۽ مشاھدي تي بيٺل آھن.
اڄوڪي دور ۾ گناھ ۽ ثواب، نيڪي ۽ بدي، اونڌھ ۽ روشني جي وچ ۾ ڪا پڪي ۽ يقيني ليڪ ڪڍي نٿي سگھجي. ماڻھو پنھنجي سڀاءُ ۽ جبلت جي لحاظ کان جيڏو اونھو، پيچده ۽ تھه دار آھي ڪالھوڪي يُگ جي فنڪار ۽ فيلسوف کي ان جي ڪا مڪمل ڄاڻ بلڪل ڪونه ھئي. اوڻھين صدي جي آخري اڌ ۽ ويھين صدي جي فڪري ڏاھپ ۽ نفسياتي ڄاڻ جي روشني ۾ ھينئر ان حقيقت تان پردو کڄي چڪو آھي ته ڪوبه انسان صرف نيڪ ھوندو آھي ۽ نه ئي بد. انساني شعور، تحت الشعور ۽ لاشعور متعلق نفسيات تي بحثن وسيلي اھا سُڌ پئي آھي ته انسان بي انتھا پراسرار آھي. ان سلسلي ۾ ڊارون، مارڪس ۽ فرائڊ جي تحقيقي علم وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي.
پاڪستان جي سونھن ڀريل ادبي فني ۽ ثقافتي صورتن کي ”بدعنواني جي ڌٻڻ“ ۾ ڪرندو ۽ ڦاسندو ڏسي سائبيريائي پکين وانگر ساھ پٽڻ خاطر سن 1990ع کان سرحد جي ھُن پار ايندو ويندو رھيو آھي. پر بدقسمتي سان ديوتائن جي ھُن ڌرتي تي به ”سرجڻ ھارن“ جي سٿ جو وڏو معتبر ڀاڳ ساڳئي قسم جي ڌٻڻ ۾ ڪرندو ۽ ان جي ڪنارن تي بيٺل نظر ايندو رھي ٿو.
انھي سٿ جي مختلف سرڪاري خواھ غيرسرڪاري ادبي ثقافتي ادارن، اڪيڊمين مٿان اھڙن ناڪاري اثرن جي ڇاپ وقت جي وھڪ ۾ گھري ۽ وڌندي محسوس ڪئي اٿائين. فن ۽ فنڪار ڪوريئڙي واري ڪمرشل ڄار ۾، شعوري خواھ غير شعوري طور ائين ڦاسندو وڃي جيئن اوڻويھين صدي جي فرانس ۾ ۽ ويھين صدي جي روسي سرڪاري اڪيڊمين پاران تخلقيت کي نظرانداز ڪندي حڪومتي راڳ آلاپڻ وارن رچناڪارن کي ”مان ۽ مريادا“ بخشي ويندي ھئي (مثال طور نظرانداز ڪرڻ وارن ۾ زولا ۽ گورڪي جھڙي قدآور شخصيتن جا نانءٌ وٺي سگھجن ٿا) تيئن ھتي به چو چواءُ، گروه بندي ۽ ڪرپٽ Practicesوسيلي ”من گھڙيل“ سرجھڻارن کي نوتو ڏيئي، مان پترن سان نوازي ”لفافن“ ۾ لڪشمي جي لست وٺائيندي ڏسندو رھيو آھي ۽ ساڳي ريت سرحد جي ھِنَ طرف جي ادارن يا ”وس وارن“ فردن طرفان به ادب فن ۽ ثقافت جي مقدس نانءُ تي ”اھڙن“ ئي فردن جي لاڳيتي اچ وڃ پَسندو رھيو آھي. ٻنھي پاسيSo Called value جي لحاظ کان سِڪو ھڪ ئي آھي صرف ”مورتون“ بدليل آھن.
شيام ڪمار پنھنجي جيوني ۾ روھڙي سان اُنسيت جو ڪارڻ پنھنجي گھر واري، بيدل، بيڪس، سوا لک ”بيضرر“ پيرن جون قبرون ۽ نرالي رنڱ ۾ رتل اتان جون ”ڪامڻيون“ ته ڄاڻايون ئي آھن پر، ان کان سواءِ گجواڻي گھٽي ۾ رھندڙ سس جي ڀيڻيوي صوفي گورڌن داس (ماستر جيٺانند جو پيءُ) بابت به ڄاڻايو آھي ته سچل سرمست سان سندس عشق سنڌوءَ جي اجھل وھڪ جيان رھيو آھي ۽ وٽس ھڪ بزرگ عاشق جيئڙو قاضي علي اڪبر درازي به ايندو رھندو ھو. (امر جليل جو چاچو). اھي ٻئي ڄڻا سنڌو جھڙي سدا وھڪ ڪارڻ وحدت الوجود جي لڙي ۾ پوتل ”يڪ وجود دو قالب“ وانگر ڀاسندا ھئس. علي اڪبر درازي سچل جي فڪر فن ۽ ذڪر بابت لکيل چوپڙيون سندس لاءِ ضرور کڻي ايندو ھو. اھي ٻئي ڄڻا پنھنجي ناموجودگي جي ”وجود“ ۾ سندس يادن اندر روھڙي لاءِ اُڪير ۽ اڪنڍ کي روشن ڪندا رھندا ھئا. ۽ اھا روشني سندس وجود ۾ اڄ به ڀرڀور طاقت سان موجود آھي.
تنوير عباسي ۽ اسان سچل جي ميلي تي ڪنھن فنڪار کان ڀٽائي جي ڪلام ٻڌڻ جي فرمائش ڪندا ھئاسين ته ڀنڊڻ ٻري ويندو ھو. قاضي درازي اصل ڪپڙن کان ٻاھر نڪري ويندو ھو ۽ پوءِ اسان ھڪ تسلسل ۾ ، ڀٽائي جو ڪلام ھن جي چِڙ ٺاھي ڇڏي.
شيام ڪمار جي ”جيون ڪٿا“ يا ”فڪشن“ يا ”نان فڪشن“ وارين رچنائن جون پاڙون پرائوست آندري ييد، جيمس جوائس جي لکڻين وانگر ”پنھنجي ڌرتي“ ۽ ان جي مٽي سان واڳيل ۽ ان مان اُپچيل صحت مند قدامت ۽ ڪلاسيڪت جي اوچي آدرشي اسپرٽ ۾ پختيون کُتل آھن ۽ انھن جي ميلاپي آميزش مان ڦٽل ”صورتون“ طاقتور ۽ ھاڪاري جديديت جي سنگ ۽ انگ ۾ رڱجي پنھنجي ”ثقافتي ۽ ادبي“ ورثي کي ھڪ گلدستي جو روپ ۽ واس بخشڻ ۾ ھر دم مَحُو رھنديون پسبيون آھن. ھو دماغ ۽ دل جي محفوظ ۽ سواد بخش ۽ طاقتور ۽ ڊسپلينڊ ھم آھنگي ۾ ڪنھن به ”ازم“ کان وڌيڪ پختو ايمان رکي ٿو: جتي ضرورت مطابق اھا harmony ذھانت احساس ۽ sensitivityکي سڀ کان اُتم درجو ڏيندي رھي ٿي.
زندگي ڏانھن سدائين ھاڪاري رويو رھيو اٿس ۽ حيات مان ڀرڀور سواد وٺي ان کي ”ماڻيندو“ رھيو آھي ڇو جوafter life ۾ وشواش بلڪل ڪونه اٿس؛ پر، جنھن نظام ھيٺ جنميو آھي ان لاءِ سخت ڌڪار اٿس.
شيام جي زندگي اندر اُس ۽ ڇانو جو لقاءُ پسي جھوني دور جي ٽن مھڪندڙ سرجڻھارن جي ياد کي تازو ڪيو آھي. پھريون، ”ڊي جي روزيٽي“ جنھن جي ھر دم اھاخواھش رھي ھئي ته، ”ڪوجھي ڪمرشل دنيا اندر“ سونھن جا موتي پکيڙيندو رھي پر، ھن جي برعڪس شاعر ”وليم مورس“ ”جان رڪسن“ جي حسن پرست صحبت مان سُرڪيون ڀريندي اھو چاھيندو رھيو ته دنيا کي ”ٻيھر جوڙي“ انسان جي اُڻت ۾ آيل سڀني شين کي حسن جو جامو پھرائي. شيام ھنن ٻنھي جو سنگم آھي.
سندس جيون ڪھاڻي عجب(amazing) قسم جي طنز ۽ ذھانت ۾ تر، تھه دار(Complexity) جو ھڪ روپ نه بلڪه گھڻ رخيون صورتون پسائي ٿو. لڳيم ٿو ته پاڻ کي انھن آڏو بيوس ڀائيندو آھي ڇو جو انھن جي ”اُپج“ ۽ ”جنم“ پاڻمرادو ٿيندو رھي ٿو.
لڳ ڀڳ گذريل اڌ صدي بابت سندس حيات ۽ فڪر ۾ ”الميه“ (tragedy)جو عنصر وڌيڪ اثرائتو رھيو آھي. سندس چواڻي، ”المئي“ جو ذڪر ايندي ئي جھوني يگ جي ٽن يوناني سرجڻھارن: سوفوڪلس، يوريپائيڊس ۽ ايسسثليس جون ٻگھڻيون رچنائون ذھن ۾ ٻري اٿنديون اٿس: جنھن اندر انيڪ زندھ رکندڙ آدرش ڀڄي ڀُري ويا – ”انسان“ ۽ ”نظرئي“ جي صورت ۾ ۽ انھن جي طاقتور ماتمي ڇاپ کان جان ڪونه ٿي ڇُٽيس – ڄڻ پاڻ کي ”شيعن“ جي صف ۾ سرڪندو محسوس ڪندو رھي ٿو. ڪڏھن محسوس ٿيندو اٿس ته جيئن بعد از جنگ يورپي شاعري جو بنياد ”ويرانين“ مٿان کڄيو ھو تيئن سندس جيون ۾ به اھڙي ئي جھلڪ ڳوري ۽ چٽي ٿيندي پسجي ٿي. ورھاڱي کان پوءِ آيل تبديلي بيان ڪيل ”ويرانن“ کان گھٽ دکدائڪ ڪونھي. جيئن ادب جي اوسر، ڪٿي به، ڪٿيل ۽ يڪ رفتاري ڪونه رھي آھي تيئن سندس آٿم ڪٿا به اوچتي ۽ غير متوقع اُڇل جي نتيجي ۾ سرجندي رھي ٿي.
انھن سڀني مونجھارن ۽ پيڙائن (پنھنجن، پراون ۽ زماني کان رسيل) جي باوجود سُڌ اٿم ته ”موت“ سندس اکين آڏو ڦرندڙ پاڇولن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ويجھو لڪو ويٺو آھي. تڏھن به ڏيکاوي الوھياتي مانڊاڻ جي اکين ۾ اکيون وجھڻ کان پاڻ پلي ڪونه سگھيو آھي. ڇو جو خبر اٿس ته ”زميني“ جنت پنھنجي جاءِ تي وڏو انعام آھي – ڇا به ٿي پوي، اِھا به سُڌ اٿس ته اگر ”ھُو ھنڌ“ واقعي موجود به آھي ته اھو يقيني طور ”فن ۽ فڪر“ کان پالھو ضرور ھوندو.
اوچتو شيڪسپيئر الائجي ڪٿان ۽ ڪيئن ٻري اٿيو آھي:
Lovers and madmen have such seething brains,
Such shaping fantasies, that apprehend
More than cool reason ever comprehend
The lunatic, the lover and the poet
Are of imagination all compact:
سدا دعا گھرندو آھي ته شل تخليقي ٿڪ کان بچي سگھي. ٻيو سڀ خير آھي. ڇو جو اھا بيماري اياز، شيڪسپيئر، جارج گسنگ، ايڇ جي ويلس کي به وچڙي وئي ھئي.ھينئر جاڳيو آھي، اٿيو آھي ۽ پنھنجي ڌرتي جي ماروئڙن کي به ھِڪ نڪو اُتساھ سان ھمنڪار ڪرڻ چاھي ٿو.
اٽلي جي ”رناساني“ عھد ۾ چلتر بازي کي نيڪي ڪري ليکيو ويندو ھو، ”سازشي اڻت ۽ جڙت“ ايڏي فينستائي سان تيار ڪئي ويندي ھئي جو ان کي بعض اوقات ”فنون لطيفه“ جي زمري ۾ شمار ڪبو ھو. ھتي پڻ اھڙوئي واتا ورڻ جنم وٺي چڪو آھي. انڪري ھيءُ يار (شيام ڪمار) سدائين جھوني يگ ۾ گھارڻ کي ترجيح ڏيندو رھي ٿو جنھن جي تخيلي (۽ حقيقي به) اُتمتا جون روايتون، وھنوار ۽ کيس ritualsمنڊيندا رھن ٿا، ان پس منظر ۾ ھن سکر جو مقام سڀ کان اوچو ڏيکاريو آھي.
ھن جي سڀ کان وڌيڪ چاھت ۽ عشق ”سنڌي ٻولي“ سان جڙيل آھي ٻولي ۽ ٻولي جي تخليقي ادب ۽ فن کي آسمان جي بلندين تي ڏسڻ چاھي ٿو. ان اندر موجود موتين جھڙن املھه لفظن جون پاڙون ڌرتي جي ٻھڳڻين ۽ ھاڪاري روايتن ۾ کُتل آھن. ان ٻولي اندر موجود مثالي شاعري جي قالب ۾ لازوال لوڪ داستان ۽ ڪھاڻيون: سسئي پنھون، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، مومل راڻو، ھومر ۽ ورجل جي شاھڪار جنگ نامن، مھاڀارت ۽ رامائڻ جي لافاني جنگي داستانن، ”ٽاسو“ ۽ ”اريئوسٽو“ جي جديد ۽ ڪلاسيڪت جي چاشني ۾ رڱيل رومانوي شاعري کان وڌيڪ ”زندگي بخش“ محسوس ٿيندا اٿس.
ھڪ لڱا ٻڌايو ھئائين، ”ھڪ ڀيري ڀوڀال کان ريل ذريعي دھلي اچي رھيو ھو ته رات جو يارھين جي قريب جھانسي اسٽيشن تان ويھه پنجويھه ننڍيون نيٽيون ۽ وڏي عمر واريون زائفون سندس ڪمپارٽمينٽ ۾ گھڙي آيون ۽ ڪنڊ پاسا ڏيئي بيھي رھيون. شيام ۽ سندس گھر واري پنھنجي برٿن تي جاڳي پيا. ھنن زائفن آھستگي سان پاڻ ۾ ”ٺيٺ سنڌي“ ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو. ”سنڌي زبان“ ٻڌي ھو ٻئي ٽپ ڏيئي ويھي رھيا. ۽ ڪافي عورتن کي سِري پري ويھڻ جي جاءِ ڏنائون. ڀڇڻ تي سڌ پيس ته انھن جا وڏا ورھاڱي وقت اتر سنڌ ۽ لاڙ مان لڏي آيا ھئا. وڌيڪ چيو ھئائين، ھن ھندوستان ۾ ھڪ ئي وقت ايڏي وڏي تعداد ۾ سنڌڻيون ڪڏھن ڪين ڏٺيون ھيون – صرف بينگالي، تامل، تيليگو، مرھٽي، پنجابي، ڪشميري زبانن جا پڙلاءُ ڪنن تي پوندا ھئس. ۽ ائين پئي لڳس ڄڻ، ”تازو گلن تان اُٿي آيون ھيون ۽ سندس روح ۾ ماکي جھڙو مٺاس اوتي رھيون ھيون“ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ گواليار اسٽيشن تي لھي ھليون ويون. ۽ گاڏو ڄڻ ٻُسو ٿي ويو.
جڏھن ”ذاتي مفاد“ جي اگھاڙپ، وڏي ڀاءُ جي مست ھاٿي واري سياست، ڪوجھا ۽ ڪرڀائتا ڪمرشل رويا پنھنجي بدصورت ۽ بڻاس ڏيندڙ آلائشن سان ”اٻوجھه زندگي“ کي ٻوساٽڻ جو جتن ڪندا ڏسبا آھن تھڙي مھل مٿي ڄاڻايل ”لوڪ داستانن“ کان ڪنھن حد تائين وڌيڪ شانتي ۽ سڪون بخشيندا اٿس. الائجي ڪٿان بين جانسن جو شعرDrink to me only with thin eyes ذھن ۾ ٻري اٿندو اٿس. اھو ڏينھن جي سوجھري ۾ اُڏامندڙ کنڀ کان به ھلڪڙو ڀاسندو، ۽ من کي به ھلڪو ڪندو اٿس.
ھن ڪمرشل ۽ ڪامرس واري عھد ۾ (جتي پوءِ ڍائو مڊل ڪلاس – بي ترس، بي حس، موقعه پرست، ڌرتي جو ويري ۽ ڪرپٽ – تيزي سان اُڀري آيو آھي. جھڙوڪ شيخ اياز، رباني، قمر شھباز، لڇمڻ ڀاٽيه، فتاح ملڪ ۽ ٻيا). دليل ۽ ھر قسم جي نظرئي، دين ڌرم تان ڄڻ ويساھ ختم ٿي ويو اٿس، صرف من ۾ موجون ھڻندڙ ”زنده دلي“ ۽ ”ڪھل“ جي جذبي کي اُتم گڻ ليکيندو رھي ٿو.
سندس چواڻي، تاج بلوچ جي ”سوجھرو“ جي اڻ مندائتي، بي وقتي ۽ اوچتي پڄاڻي تي مائيڪل ڊرائٽن (1631ع 1563ع) جي سانيٽ جي سٽ اکيون ڀڄائي ڇڏيون ھئس:
Since there is no help, come let us kiss and part.
”سوجھرو“ به ته سنڌ جھڙو محبوب ھئو ني!
شروع کان ذھن بي چين ۽ مھم جويانه رھيو اٿس. ڏاھپ جي تھدار اونھاين ۾ ڪڏندو رھي ٿو. سنڌ، بلوچستان، افغانستان، ھندوستان سان سلھاڙيل جيترن ڏاھن، سرجڻھارن، وطن پرست، انسان دوست ماڻھن سان سنٻنڌ اٿس، شايد ئي، ڪنھن ٻئي سنڌي ساڃھه وند جو رھيو ھجي. آزمودن کي چٽائي سان پرجھڻ جي خواھش ڪڏھن ڍري ڪونه ٿي اٿس ۽ انھن کي ھر بدلجندڙ حالت ۾ پرکڻ چاھيندو آھي. جيتوڻيڪ موج مستي، جنسي چاھت ۽ ڪيسونوائي رنگ روپ جو شيدائي رھيو آھي. پر ”سوچ“ جي حد تائين! ھيٺيون شعر سندس اِنَ سڀاوي ڇايا جي عڪاسي ڪندو پسجي ٿو:
If ever any beauty I did see
Which I desired, and got, it was but a dream of thee.
(Joan Donne)
اڄوڪي نٻل ۽ روڳي صدي اندر سنڌ ۾ انيڪ روشن فڪر ۽ سچا سرجڻھار اھڙي ئي صورت حال جو شڪار نظر اچن ٿا.
ائين ٿو ڀاسي ڄڻ حساس، سيبتي ۽ مخلص ذھنن کي ڀت سان لڳائي پاڻ کي پنھنجي ئي ھٿن سان پيڙا ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ نابود ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آھي. ان ”غمناڪ“ ۽ ”دکدائڪ“ حالت ۾ کين (شيام سميت) اجاڙ وستين، وسندين کان ٻاھر، ڀوتن وانگر مساڻن ۽ قبرستانن ۾ ھيکلو ڦرڻ وڌيڪ وڻي ٿو. سندن روحن تي، ڪڏھن نراسائي جو تھه ڄميل محسوس ٿيندو آھي. سندن ذھن جو چٽو حصو ”پاڇن“ ۾ گذاريندو رھي ٿو جتي سپنن جي جادوءَ مان جوڙيل صورتن جي حڪمراني پسجي ٿي. ان جاءِ تي، فنڪار لاءِ، عقيلت پسندي يا مادي خوشحالي جو ڪو لنگھه ڪونھي، يا ڪجھه سڀاڳا ذھن ”فڪر“ ۽ ”ڌيان“ ۾ ڏھاڙا گذاريندا رھن ٿا.
ھيءَ صدي، مٿي ڄاڻايل ذھنن کي سدائين ناروا سماجي پاپندين ۽ ڏيکاوي مذھبي بندشن خلاف ”مچائيندي“ رھي ٿي ڇو جو ”انھن“ ماڻھوءَ کي ماڻھوءَ کان ڇني ڌار ڪيو آھي. شيام ڪمار اِنَ ڏک جي بي مثل علامت آھي.
ڪڏھن لڳندو اٿس ته تخيل جي سدا بھار ڌرتي تي پسار ڪندي جيڪا ڏاھپ حاصل ٿئي ٿي اھا ان ڏاھپ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نج ۽ سچي آھي جيڪا دليل ۽ علم مان پرائجي ٿي. تخيل حيات کي سدائين سونھن جا اھڙا پل بخشيندو رھي ٿو جيڪي حقيقت کان وڌيڪ ابدي ٿين ٿا.
ڪڏھن ھن ڌرتي تي موجود بي ترس ڪمرشل ازم ۽ صنعت ڪاري کي پسي اکيون بند ڪرڻيون پونديون اٿس انھن جو تِک، سج کان به وڌيڪ تيز ۽ ھاڃيڪار آھي.
”شاعري“ ۾ ماءُ جي ھنج جھڙي پاٻوھي پناھ ملندي اٿس. ان اندر قديم ماضي جو پيگني حسن ۽ دلڪش قدامت سان مکا ميلو ٿيندو رھيس ٿو. شاعري صرف زندگي جي تشريح ئي ڪونھي بلڪه ھڪ ڏورانھين ۽ موھيندڙ خيابان وانگر به ھوندي آھي.
شيام ڪمار جو خيابان ”سکر“ جي جُسي ۾ وسي ٿو جيڪو ھن مھل ”ٻاھرين لوڌ“ سبب ھپائجي پوڻو پئجي ويو آھي. ان تي لکيل ”نوحو“ ساڳئي وقت ”من ۽ اکين“ کي ڀڄائي ويو ھو ڄڻڪ ”ڪيڏارو“ سکر جي پراچينتا ۾ کيس قديم اٿينس، ھيليڪان سميت جھاتيون پائيندو نظر ايندو ھو جتيMuses ۽ باخُوس جو بسيرو ھو.جتي سيفو ۽ پنڌار جي امر نغمن جي گونج ۽ سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جي لافاني فڪري ڏات جي وھڪ جاري ھئي.
سکر جي قدامت ۾ کيس جھونو ۽ پروقار روم پسبو ھو جتي سيسرو ۽ سيزر جا سياڻپ جي نڪتن ۾ سمايل گونجندڙ آواز ٻڌبا ھئا، جتان جي گھٽين ۽ دانش ڪدن ۾ ڪيٽولس، ورجل، ھوريس، اووڊ، پليني ۽ مارڪس جي امر شاعري، ڏاھپ ڀري گفتگو جو واسو ھوندو ھو. سکر ۾ اھڙو شانت گنڀير ۽ گيان ڀريل واتا ورڻ ڏيکارجندو ھئس جھڙو گوتمي سمئي ۾ نالنده، سارناٿ ۽ ٽيڪسلا ۾ ھوندو ھو. سکر ۾ اسپارٽائي ڊسيپلن ۽ جنگ ۽ جدل جا ڌڌڪيدار لقاءُ به ڏيکارجندا ھئس. سکر سندس محبوب به آھي ۽ محبوبه به.
سندس آتم ڪٿا اندر ”ڪردارن“ ۽ ”فنون“ جي گھڻ رخائين ۽ اڻ ڳڻت انيڪتا ڏسي تپرس ۾ ويڙھجي وڃبو آھي. انھن ڪردارن ۾ ”ماڳ“ به ساھ کڻندا ۽ زندھ محسوس ٿيندا آھن. انھن اندر راوڻ، اٽيلادي ھُن، چنگيز جھڙا انسان ڪش ڪردار به آھن، ۽ مھاتما ٻڌ، سقراط ۽ البرٽ شويٽرز جھڙا امن پسند روح به. انھن اندر ليوڪريشيا بورجيا، ڪيٿرائن دي گريٽ ۽ قلوپطره جھڙا حسين ۽ من موجي چھرا به آھن، ۽ ميرا، قرت العين طاھراه، ميري مگدلين جھڙيون نفيس، ٻھڳڻيون ۽ پوتر آتمائون به ٽلنديون رھن ٿيون.
انھن کي ڏسي ٻڌي ۽ واچي ٽالسٽائي جو شاھڪار ”وار اينڊ پيس“ ۽ بورس پيسترنڪ جو ھاڪارو ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ نظر آڏو ڦري بيھندا اٿم. انھن اندر ڪردارن جي ايڏي اجھل پيھه ۽ رنگا رنگي بلڪل ڪونھي جيڏي شيام ڪمار جي ”پاتم جھاتي جھان ۾“ اندر موجود آھي. اڃان سندس سفر ڊگھو ۽ اکٽ ٿو نظر اچيم ڄڻInfinity اندر جاري آھي.
ڪجھه مخصوص آواز، خوشبوئون ۽ نانءُ سرجڻھار جي زندگي ۾ سندس ”آدرشي حسن“ جي علامت ٿين ٿا. ۽ خاص طور ننڍپڻ واري ”وڃايل“ تخليقي خوشي جي لاڳيتي ڳولھا ۾ ماضي جي ”ڪلاسيڪي تھذيب“ اندر سندس خوابيده سفر ساھ جي آخري گھڙي تائين جاري رھندو آھي شيام ڪمار، سياھ لبادي ۾، ان راھ جوObsessively اڻٿڪ مسافر لڳندو اٿم.
”مخصوصيات“ جي ان غم ناڪ ماحول ۾ اوچتو ايڊگرايلن پو به، شيام ڪمار جي ڪنھن اڳوڻي جوڻ ۾، اڳيان اچي بيٺو اٿم:
The winds of the firmament,
Breathed but one sound with in my ears,
And the ripples upon the sea murmured
Evermore Morella
ھونءَ به غم زده ۽ nostalgicروحن کي صرف سپنن ۾ ئي ڏَڍُ ۽ آٿٿ ملندو آھي. تخيلي جي منفرد آزادي صرف سپني ۾ ئي ماڻي سگھجي ٿي – جنھن جو يڪ ٽڪ ماڳ صرف ”حُسن“ ھوندو آھي.
ھن جي تيز نگاھ ۽ ڏاھپ ڀري حليمائي ھيٺ سدائين ”سنڌ“ جو ڪوماڻجندڙ چھرو ڦرندو رھي ٿو، ”ڄڻ ڪنھن وبا ۾ ورتل ڏيکارجيس ٿو.“ سندس چوڻ مطابق، ”ان جو ڪارڻ ٻاھرين اجھل لوڌ، پانڊوَن ۽ ڪوروَن“ جي وچ ۾ ”سرمائي“ جي شيطاني راند جو ورجاءُ، ”سائنس ڪامرس ۽ ڪمرشل ازم“ جي پورس جي ھاٿين واري ڪاھ . . . آھن. کانئس اڳ به دنيا جي انيڪ ڏاھن ڌرتي تي وڌندڙ انھن جي ھاڃيڪار اثرن کان آگاھ پئي ڪيو آھي. انھن جي اروڪ نتيجي ۾ نه صرف انساني ”ذوق“ گھمراھي ۽ ملاوٽ جو شڪار بڻيو بلڪه ”تخيل“ جي به پاڙ پٽي ان کي نھوڙيو ويندو.
ادب ۽ فن جي اُپج لاءِ اھو ڪو چڱو اھڃاڻ ڪونھي.
شيام ڪمار جي فن ۽ ادارڪ بابت آئون سوچيندي سوچيندي ولوڙجي ويندو آھيان. حالانڪه روحاني طور تي مون پاڻ کي سندس پويان ھلندي سنڌوءَ جي ڪنارن تي قديم زمانا اڳ درويش باجولنڪا ۽ سندس گھرواري گارڪا جي 800 خطبن جي ڪتابت ڪندي ڏٺو آھي ۽ ھن گھڻن ماڳن تي ڪجھه پروف جون غلطيون مون کان درست ڪرايون آھن. جن خطبن ۾ فرد لاءِ نفسيات ۽ فلسفي جي ھڪي تڪي ڄاڻ موجود رھي ٿي.
انھيءَ خيال جي تجزئي موجب، اندر جي حقيقت جي احساس ۽ ادارڪ لاءِ، انسان کي پنھنجي جسم، روح ۽ سوچ ۾ لڪل ”شيطانيت“ کي مارڻو پوندو. فرد جڏھن تن کي تيسا ڏيندو، تڏھن ئي اندر جي خاموشيءَ جو آواز ڪنائي سگھندو ۽ پوءِ سندس حسيت، صاف، شفاف ۽ نرمل بڻجي پوندي ۽ انساني ”نفس“ روح جي گھري ساگر جو ڀاڱو بڻجي پوندو.
چون ٿا، ”اندر جو مشاھدو، فرد جو طبعي مشاھدو ناھي، بلڪه ذھن جي روحاني ڪيفيت جو نالو آھي. جيڪو ”روح“ ”آتما“ تائين پھچي ٿو. ”آتما“ ئي ”آخري منزل“ آھي. سڀني روحن جو روح، سمورين ذاتين جي ذات. مُطلقُ، غير مادي ۽ ابدي. انفراديت فريب آھي.
انھيءَ پراسرار عقيدي جي پھرين مرحلي جو مطالبو آھي. انسان جو جوھر ۽ وجود سندس ناھي. بدن پرايو آھي. نه ھن جو دماغ آھي ۽ نه ئي ھو ڪا نرالي شيءِ. سڀ ڪجھه ”آتما“ ۽ ٻيو مرحلو ”برھما“ آھي. جيڪو سڀني سان ھم آغوش ٿيڻ وارو، دنيا جي ماھيت جي حيثيث رکندڙ ۽ اصلي ماھيت جو اصل.
خطبن جو اھم نقطو، ”آتما ۽ برھما جو ميلاپ ائين آھي جيئن درياھ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي اصليت وڃائي ڇڏيندو آھي يا جيئن ڪو ڏاھو يا غلام، پنھنجي نالي ۽ سڃاڻپ جي قيد کان آزاد ٿي انسان مان ديوتا بڻجي ويندو آھي.“
شوپنھار چيو، ”دنيا ۾ انھن کان مٿي ڪا سودمند ۽ وڏي ۾ وڏي مطالعي جھڙي ٻي ڪا شي ئي ناھي. انھن جي اڀياس مونکي ڏکن کي سھڻ لاءِ حوصلو، ڏڍ ۽ سڪون ڏنو. انھن جو اثر مون تي مرڻ گھڙي تائين قائم رھندو.“
مسيح کان به گھڻو اڳي، فيلسوف، ”باجولنڪيا“ ۽ سندس گھري واري ”گارگيءَ“ جا لکيل اھي اٺ سؤ خطبا، نفسيات ۽ فلسفي جي لحاظ کان نئين عھد جي فرد وٽ، ھڪي تڪي ڄاڻ جا ڏاڍو پراڻو خزانو آھي. جيڪو انسان جي ”اندر“ ۽ ”ٻاھر“ کي سمجھڻ جي ھڪ جاکوڙ آھي. گانڌي، ٽيگور، شوپنھار، برگسان ۽ ايمرسن سميت يورپ ۽ آمريڪا جي جديد عھد جون لکين ھيکل مايون ۽ ٽٽل دلين جا بيقرار مڙسالا نه ڏسڻ ۾ ايندڙ جوھر جي ھيڪڙائي واري الھيات، ابديت ۽ عارفيت جي انھيءَ فلسفي تي موھت آھن.
آتم ڪٿا يا سرگزشت کي گھڻو ڪري يادن جي صورت ۾ ”ويسر“ جي خلاف فني، ادبي، تاريخي جدوجھد سان تعبير ڪيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. ان ڪلئي کي ذھن ۾ رکندي ”پاتم جھاتي جھان ۾“ آرٽ ۽ ادب جو نادر نمونو آھي ۽ ھن ڪٿا جو مقام روسو، سيليني، گانڌي ۽ نڪوس ڪازنتڪاس جي ھم سري ڪندو ڏيکارجي ٿو. ٻي ريت فنون لطيفه جو ساءُ، فڪشن (نثر ۽ شاعري) جي ساڃھه ڀري سڳنڌ، تاريخ سياست فلسفي جي سائنسي ڄاڻ، اٽڪل بازي جا چٽ ۽ عقل کي جاڳرت ڪندڙ ڏاھپ ۽ گھرائي سان گڏ بي پناھ درد، پيڙا ۽ دک گوتمي فڪر جي زمان ۽ مڪان کي ڄڻ آڏو اچيو بيھاري ٿو.
جابجا پکڙيل اعلى پائي جي ڪردار نگاري ۾ سنڌو جي وھڪ واري راوني آھي، جھڙوڪ ھڪ ھنڌ ڄڻڪ ڪا پينٽنگ آھي، ”ٻن ھم عصر شاعرن، دانشورن: فرانس جي ھاڪاري پال اِلُور (Paul Eluard)۽ اڻ ورھايل ھندوستان (بعد ۾ ورھايل) جي نامور سنڌي ساڃھه وند برڪت علي آزاد جي سوچ فڪر ۽ زندگي جي طور طريقي ۾ ڪيڏي نه ھڪجھڙائي آھي – ڄڻ وڇڙيل جاڙا ڀائر. مالي لحاظ کان ٻئي ڄڻا بي حد ڪمزور ۽ پوڻا ھئا. ٻولي ۽ ادب جي گھڻ ڪنڊائتي ڄاڻ جي سلسلي ۾ ٻئي ڄڻا ان جي خوبصورت لاھن چاڙھن ڪنڊن پاسن ھيٺاين مٿاين ۽ ”اونھائين“ ۽ ”تراکڙن“ ھنڌن جا ائين ڀڙ ۽ ڄاڻُو ھئا جيئن ڪيسونوا ۽ پڪاسو ”ڪامڻين“ جي بدني بناوٽ، مزاج ۽ سونھن جي سُڌ ۾ ماھر ڳڻيا ويندا ھئا. ٻئي ڄڻا حيات کي قلم جي پورھئي ( شاعري ۽ نثر جي تخليق) ذريعي گيڙيندا نظر ايندا ھئا. ٻنھي کي ناياب شاھڪار قسم جي ڪتابن خريد ۽ جمع ڪرڻ جو جنون ھو – پر، زندگي کي، ”گردش“ ۾ رکڻ خاطر انھن کي وڪڻي پاڻ کي ”رڃ ۽ سڃ“ بڻجڻ کان وس آھر بچائيندا رھيا. ڪنھن به فڪري ۽ اُپجائڪ سرڪل ۾ سندن موجودگي کي مڃتا ۽ مان سان ڏٺو ويندو ھو. ٻئي ڪنول وانگر نرليپ، سادا، ھم آھنگ، مخلص ۽ ويساھي جيوَ ھئا. دوستي ۾ بي حد سچا ۽ سوچ جي لحاظ کان کاٻي پاسي لاڙو رکندڙ – ھڪ جو ياراڻو پيبلونرودا، لوئي آراگان، آندري مالرو، سارتر، پڪاسو ۽ ٻين سان ھو ۽ ٻئي جي دوستي ۽ ناتو سوڀو گيان چنداڻي، سيف الله مگسي، اسلم اچڪزئي، حفيظ شيخ ، شيام ڪمار ۽ مھاتما گانڌي سان به ڪلھي گس ھئس (ورھاڱي کان اڳ سابرمتي آشرم ۾ رھائش دوران)
ٻنھي جو انت بي حد دکدائڪ ٿيو. ٽالسٽائي وانگر ٻئي زالن جا ڦٽيل ھئا: ھڪ ۾ وفا جي کوٽ ۽ ٻي ڪٽر مذھبڻ. ھڪ ويھين صدي جي پنجاھ ۽ ٻيو اسي واري ڏھاڪي ۾ ٻاڦ بڻجي الوپ ٿي ويا.
شيلي چواڻي، ”دنيا جي جوڀن“ اندر فن ۽ فطرت الوھي ويس اوڍيندا پسبا آھن. شيام جي جيوني به ساڳئي اوچائي تي بيٺل نظر اچي ٿي.
ڏاھپ ڀري تخليقي اُپج، جنھن جي رسائي ۽ پھچ زماني بلڪه زمانن جي دز کان بلند ھجي ۽ ان جو اثر ديرپا ۽ گھرو محسوس ڪيو وڃي – اُھا صرف ۽ صرف باطن ۾ سدا ڇلڪندڙ ڪنھن سرگمي ۽ پراسرار ”ھم آھنگي“ تي مختصر ھئڻ کان علاوه ليکڪ جي ”فڪري ڌارا“ ۾ سمايل سگھه تي به بنياد رکي ٿي جنھن ذريعي ھو نه صرف پنھنجي ھم عصر سرجڻھارن کي متاثر ڪري ٿو پر ايندڙ نسلن لاءِ به اھڙي ئي فڪري، ”ترغيب“ جا ڳلکڙا ۽ درَ کليل رکي ٿو.
شيام ڪمار جي آتم ڪٿا ۾ موجود انelement کي پرجھڻ بعد ئي ان جي ڀيٽ مٿي ڄاڻايل سدا بھار سرجنھارن جھڙوڪ، روسو وغيره سان ڪئي اٿم. شيام جي لکت ۾، ”حسن، فن ۽ نيڪي“ زندگي جي اعلى پد تي نظر اچن ٿا.
سندس سرگزشت ۾ ڄاڻايل ”ڪرداري“ ماڳ: جيڪب آباد، شڪارپور، برھم چاريه آشرم، سکر، ساڌٻيلو، دھلي، اجنتا ايلورا جا گڦائي مندر، ايليفنٽا غارون، کجراءُ مندرن جي ٻھڪندڙ لڙي، جئپور، آگرو، مائونٽ آبو جا لڀائيندڙ ٽڪاڻا ۽ رابيلي رنگ ۽ سڳنڌ ۾ پوتل اپسرائي برھمو ڪماريون پسائين ٿا. اھڙن لقائن مان اٿندڙ ”تاثرات“ کي شايد عام ماڻھو سرسري طور ڏسي مُرڪي پاسيرو ڪري رکي؛ پر، اِھي ڄڻ شيام جي وجود مان قديم ٿيبس شھر وانگر ڦٽندا، ڦھلجندا نيون صورتون، احساس ۽ مفھوم ماڻيندا، مڻيادار آزمودن ۾ رچيل نظر اچن ٿا.
شيام جي ويڳاڻي ۽ آواره بادل جھڙي ڀٽڪندڙ زندگي منجھنس اھڙي نرالپ پيدا ڪئي آھي جو ميڊاس وانگر جنھن کي ڇُھي ٿو اھو ڄڻ پرفيڪٽ ڪوھ قافي حسن ۾ رڱجيو وڃي. حرف، لفظ، سِٽَ، فقرو، ٻولي ڄڻ شاعري ۾ وھنتل ھجن. سرجڻھار جي ذات لاءِ ”لفظ“ جي اھميت بي حد بلند ٿئي ٿي ڇو جو زندگي بلڪ روح جي ”جوھر“ کي صحيح طور پرجھڻ لاءِ اھو سڀ کان وڌيڪ معتبر اُتم ۽ مقدس وسيلو ھوندو آھي. ان ”جوھر“ جو اظھار ئي فنڪار جو عظيم ڪارنامو ليکيو وڃي ٿو. انھي وسيلي ”اُتمتا“ حاصل ڪرڻ بجاءِ حواسن ۽ روح جي کاڄ لاءِ ”ڊوائن(divine) حسن“ جي تخليق ۾ سرگردان ڏسجي ٿو.
انھن ”ساھ کڻندڙ“ ماڳن لاءِ سندس اُڪير، سنيھه ۽ انسيت جا انيڪ مُنڍَ ۽ بڻياد آھن: ڳھندڙ ۽ بي چين فنڪار لاءِ سڪون ۽ آرام جي جاءِ، تخيل جي اکٽ اُڏام ٽاڻي ساھ پٽڻ لاءِ اھڙي پناھ گاھ جيڪا نه صرف ڪشادي ھجي بلڪه ماءُ جي ھنج وانگر راحت بخش به، ان کان سواءِ اھڙو مقام جيڪو سندس فنڪاراڻا Urgeکي ڌتاريندڙ تقويت بخشي کيس بي انت، اڻ ڪٿيل ۽ ابد سان ھم آغوش ڪري مھاتما ٻڌ ۽ سارتر واري void۽ عدم سان روشناس ڪرائي. ۽ عمدگي جي ڪنڊائتي دڳ جي ياترا ڪندي ڪاملتا(Perfection) کي ڳولھي لھي. ”عدم“ به ته ڪاملتا جو روپ آھي ني؟ ڪڏھن انھن ماڳن (موھن جو دڙو، مھر ڳڙھ ) تي نظر نه ايندڙ ماٺ سندس لاءِ ڄڻ ”ڏاڻ“ ثابت ٿيندي آھي ڇو جو اھي سندس آڏو ھر دم Circeوانگر روپ بدلائيندا رھن ٿا.
ڏند ڪٿائن ۾ موجود اوجل اوجل ڌوتل ڌوتل خوبصورت ۽ نازڪ اندام ديوين ۽ ديوتائن کان ڪنھن صورت ۾ گھٽ ڪونھن. اھڙن ھنڌن تي ئي آدرش ۽ احساس ھڪٻئي ۾ يڪوجود بڻجي سندس تخليقي ڏات کي جلا بخشين ٿا.
شيام ڪمار جي آتم ڪٿا پڙھندي ڪڏھن جيمس جوائس جي پسنديده شاعرڊولئنڊُ (Dowland)جو نظم اکين آڏو اچي بيھندو آھي.
”اي اداس ڦوھاڙا، وڌيڪ مَ روءِ
اوڇنگارون ڏئي روئڻ مان ڪھڙو فائدو؟
سج ڪيئن ته ھوريان ھوريان چٽ ڪندو رھي ٿو
پر، منھنجي سج جون آسماني اکيون
تنھنجي روڄ کي ڏسي نه ٿيون سگھن
ڇو ته ھاڻ ننڊ ۾ ورتل آھن
اطلسي، ھا اطلسي ننڊ ۾ آرامي آھن.
ننڊ سرچاءُ جو ٻيو نانءُ آھي
آرام جيڪو سڪون جي ڪک مان اُڀري ٿو
جا سج اُڀرڻ مھل مرڪندو ڪونھي؟
بلڪه لھڻ مھل به ملوڪ لڳندو آھي
اي اُداس اکڙيون، شانت رھو، آرام ۾ گذاريو
جنھن ويلي ھو ستل آھي
روئي ھنجون نه ھاريو
ھا، اطلسي ننڊ ۾ آرامي آھي.“
ھر رشتو ڏک سان ڳانڍاپي جو سبب بڻيو آھي. خدا سان، اولاد سان، زال سان، محبوبه سان، دوست سان، وطن سان، نظرئي سان، مذھب سان . . . اھڙا ڪئين عڪس آتم ڪٿا ۾ نظر اچن ٿا.
”آتم ڪٿا، انساني جوھر، تَتُ ۽ سَتُ مان اپچيل اھا فني تخليق آھي جنھن مان نه صرف ڏاھپ ۾ رڱيل دانشوراڻا خط ملي ٿو بلڪه منجھس روحاني بلندي تي رسائڻ جو نج ۽ سچو آزمودو ۽ تجربو موجود ھوندو آھي جيڪو پڙھندڙ کي ھڪ نرالي قسم جي طھارت بخشي سندس ذھني اخلاقي ۽ روحاني بلندي ۾ جس جوڳو ڪردار ادا ڪندو رھي ٿو. ھر آتم ڪٿا ان معيار کي ڇھي سگھڻ جي اھل ڪونه ٿئي ٿي؛ ڇو جو اھا زندگي کي ”تجربو“، بڻائڻ کان ڪيٻائيندي آھي. پر، پھرين ڌر ۾ شامل دانشور قھري ڪٽرپڻي جي ظاھري ”مھر“ ۽ ”نرمي“ ۾ ورتل حالت کان ”تشڪيڪ“ جي ڪيفيت ۽ لاڙي ۾ وڌيڪ پختو ايمان رکندا آھن. آتم ڪٿا ھڪ اھڙي باطني ضرورت به آھي جنھن وسيلي تخيل تي پختيون نظرون کپائي ان ذريعي ”زندگي“ اندر ھم آھنگي کي سرجي مثالي بڻايو وڃي. سرگزشت اندر سچو فنڪار اديب شاعر ورثي ۾ پلئه پيل ناآسودگين ۽ بدنصيبن سان پنھنجي روح جي اونھائي ۾، جدوجھد ڪندي ڏيکاربو آھي. اھڙو مخصوص باطن اظھارڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ”خفيه بندشن“ جو الڪو ڪونه ڪندو آھي. زندگي ۽ تخليق ۾ اڻ ٽٽ ناتو رکندي ”فني اپج“ ۾ بنان ڪنھن ڊپ جي پختو ايمان ھوندو اٿس. ھيءَ ڪٿا ان ھاڪاري ڏس ۾ اتساھيندڙ ڪٿا آھي.
نا آسوده ملڪ اندر ناآسودگي ۾ زندگي جو گاڏو گيڙڻ ڪڏھن ڪڏھن ناممڪن لڳندو آھي. ناآسودگي ھڪ قسم جو ”روڳ“ ۽ ”بدي“ آھي، جيڪا تجربي لاءِ اک ۾ جھاتي پائڻ تي مجبور ڪندي رھي ٿي، يا وري خوابن ۾ پناھ وٺڻ لاءِ ڌڪيندي آھي. اھڙين ڪٺور حالتن ۾ زندگي کي بحث مباحثي لاءِ دلچسپ موضوع جي حيثيث ڪون ڏبي آھي، بلڪه اھا ھڪ جي passionصورت اختيار ڪندي نظر ايندي آھي. اھڙو ”پيشن“ بيشمار شوخ ۽ ھلڪي رنگن ۾ چٽيل ھن وان گاگي ڪھاڻي اندر جا بجا نظر اچي ٿو.
پاڻ کي سدا نصيبن وارو سمجھي ٿو. سکر جھڙي قديم ۽ تاريخي شھر ۾ جنم ورتائين، جنھن کي سنڌ ديس جو عڪاس ڄاتو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ ايڏو پتڪڙو آھي جو معصوم شاھ مناري تان ھڪ ئي نظر ۾ سڄي جو سڄو وجود ۾ سمائجيو وڃي. پر وٿ ۽ وزن ۾ کانئس گھڻو بلند آھي – ڄم، ڪردار ۽ ساڃھه کيس سکر جي ”تفسير“ بيان ڪرڻ جو ڄڻ غير اعلانيه حق عطا ڪيو آھي.
ھڪ سوچ مطابق تخليق جو جنمpassion جي ڪک مان ٿئي ٿو ڪجھه مدت بعد ساڳي تخليق پاڻ کي ٻيھر نئون روپ بخشيpassion بڻجيو وڃي ٿو. پر اسان جي يار مطابقpassion جي اجھل وھڪ اعلى ذوقي کي جڏو ڪري ڇڏيندي آھي.
”پاتم جھاتي جھان ۾“ . . . جي اڀياس مان ھڪ ڏکائتي حقيقت جي به سُڌ پيئي جنھن مطابق اڄوڪي ”فيمينسٽ“ اڀار واري عھد ۾ ڪئين مھذب تخليق ڪار عورتون ”پالتو وحشي“ وانگر نظر اچن ٿيون. روسو جي ”ڀلي مانس وحشي“ کان گھڻو مختلف ۽ ”پست“. اھڙن انسانن جي ”اصلي زندگي“ حقيقي حيات جي پٺيان ”پوشيدگي“ ۾ گذرندي رھي ٿي. سندن شعوري ۽ سجاڳ حالت ۾ گذرندڙ واقعن جي پويان ۽ برعڪس! آتم ڪٿا اندر ٻنھي جنسن سان لاڳو اھڙا چِٽ جابجا پکڙيل آھن.
سندس آتم ڪٿا اندر ”پيار“ سدائين دک، ڀوڳڻا، غم ۽ اُداسي جو سبب بڻجندو ڏيکاري ڏئي ٿو: وطن سان، ڪامڻي سان، الوھي شبيھه سان يا تخليقي عمل سان؛ سڪون (باطني ۽ خارجي) کي ڊانواڊول ڪندو رھي ٿو. پر، ”لفظ“ ۽ ان مان اُپجيل ”ھيئت“ سان محبت جو مٺاس ڪڏھن جھڪو نٿو ٿئي. جيتوڻيڪ ”روح“ جي چٽي ڄاڻ غمناڪي جو سبب بڻبي آھي. پر اظھار، اسلوب، ھيئت جي منفرد ڏانو ۽ ڏات تي عبور جو سواد ۽ چسڪو سرجڻھار کي چست ۽ خوش مزاج رکندي ”غمناڪي“ جي اثر کي گھٽائيندو رھي ٿو. آتم ڪٿا اھڙن آسودن عڪسن سان ڄڻ ڇٽي پئي آھي.
زندگي مٿان پوندڙ عذاب ۽ دٻاءُ جي نتيجي ۾ شاھڪار تخليق ٿيندا آھن. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته جيڪو ڀرڀور زندگي جيئي ٿو، گھڻو ڪري تخليقي عمل ۾ اڻ پورو ثابت ٿئي ٿو. پر، ڳھي ڳھي جيئڻ وارو فنڪار ئي آسمان جون اڻ ڇھيل ڪنگريون مُٺ ۾ سمائيندو رھي ٿو: وان گاگ، گورڪي، ملٽن، پوپ، ميرا ۽ سيفو ۽ انھن جي ڪلا.
ادب جي ”پڪار“ ڪڏھن ڪڏھن ”ڊوائن“ لڳڻ بدران ڪنھن ”پاراتي“ وانگر لڳندي آھي. ڄاڻ جي ”بددعا“ ۽ تخليق جي ”عذاب“ کان ڪڏھن ڪو ساڃھه وند پاند بچائي سنئين لڱين ڪونه رھي سگھيو آھي.
ادب جو ”ذات“ مٿان سدا کان ھر قسم جو اُجرو اُجرو ۽ صحتمند اثر رھيو آھي. ان منجھان جذب ٿيندڙ ڄاڻ ۽ فصاحت ذريعي ھاڃيڪارpassion کي ماٺو رکڻ ۾ وڏي ھٿي ملندي آھي. ادب وسيلي پرجھڻ جي قوت، باطن جي ڪشادگي ۽ بي پناھ محبت جي اجھل وھڪ کان سواءِ جي قوت ذريعي نئين سنئين بڻجڻ جي ڀرڀور وٿ جو پيدا ٿيڻ ڄڻ ڪنھن معجزي کان گھٽ ڪونھي. ”لفظ“ ڪمزور جو نه صرف ڀرجھلو آھي بلڪه ٿيندڙ ڏاڍاين جو پلئه ڪندڙ به.
جيڪڏھن ڪشادي نظر سان ڏسجي ته ادب پنھنجي جاءِ تي ساڳئي وقت آرٽ به آھي ۽ سائنس به. ۽ انساني ذھن جو اعلى عڪاس پڻ – انسان ذات اندر تخليق ڪارن جي سٿ ۾ شاعر کي سڀ کان وڌيڪ ”مڪمل“ ۽ ”ترقي يافته“unit طور ليکيو وڃي ٿو. ان سبب ڪري دنيا جي عظيم صحيفن جي ٻولي ۽ اسلوب ”شاعراڻي“ صنف ۾ رچيو ويو آھي. شاعرن کي پيغمبرن جھڙو درجو مليل آھي.
برف باري جو عمل اُڀ واري دنيا سان سلھاڙيل آھي جنھن کي ھڪ ”الڳ“ دنيا چئجي ته غلط نه ٿيندو ۽ ان جي ڪرندڙ سفيد بي آواز ڦورن(flakes) ۾ مختلف ڏورانھين دنيائن جو ”سڪون“ محسوس ڪبو آھي. ھونءَ به اڇو رنگ ”امن، سڪون“ جي علامت ليکيو وڃي ٿو. شيام ڪمار پنجيتاليھه ورھيه ڪوئيٽا جي نج برفاني اَڇ ۾ گذاريندي ھاڻ پنھنجي وجود کي ڄڻ گوتمي، مھاويري ۽ ڪوئٽائي ”اڇاڻ“ جو لازمي حصو سمجھڻ لڳو آھي – ڪمال جنبلات ۽ ايم اين راءِ وانگر: سرخ رنگ مٿان اڇي رنگ جي فوقيت چٽي پٽي نظر اچي ٿي. رڳو سرخ رنگ ئي permanentانقلاب جي علامت ڪونھي. پر، اڇو رنگ به يونيورسل انقلاب جو دائمي اھڃاڻ آھي.
ازلي ”مادو“ ئي صرف ازلي وجود ۽ وٿ آھي سواءِ ڪنھن به شروعات ۽ پڄاڻي جي. بي انت ۾ رڱيل پنھنجي سڀني جبلي خصوصيتن سميت اٽل، اڻ ورھائجندڙ ۽ ابدي ”زمان“ وانگر حاضر ناظر. ڪائناتي اڏاوت ۾ ان جو لازم حصو ۽ ان وانگر روپ بدليندڙ، علت ۽ معلول جي ڏور ۾ پوتل. شيام ڪمار به پنھنجي ھاڪاري، ناڪاري وصفن سميت ان جو حصو آھي ۽ رھندو.
ھڪ دوست جي صلاح تي مون، يونان جي استاد شاعر اگاٿان کان شاعريءَ تي اصلاح وٺڻ شروع ڪئي. منھنجو ھن جي گھر اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو ھو. ھڪ ڏينھن سندس گھر تي وڏي دعوت جو اھتمام ھو. انھي دعوت ۾ سڄي يونان جا ڏاھا گڏ ٿيا ھئا، جيڪي محبت جي عنوان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رھيا ھئا ۽ انھي سان گڏوگڌ مڌ جو دور به ھلي رھيو ھو. ھر ڏاھو پيئڻ ۾ ھڪٻئي کي پوئتي ڇڏڻ جو خواھش مند ھو. آءٌ ننڍو پيگ ٺاھيو، اگاٿان جي پويان رکيل ننڍڙي ٽول تي ويھي سُرڪيون ڀري رھيو ھوس. ڪچھري ھلندي ڏاھي فيڊرس جو جھيڻو ۽ مٺو آواز ڪمري ۾ ٻُري رھيو ھو، ”محبت سمورن پراڻن ديوتائن مان ڏاڍو پراڻو ۽ سگھارو ديوتا آھي.“ ھن چيو، ”پيار، خسيس ماڻھو کي به سورمو بڻايو ڇڏي. جيڪڏھن مونکي عاشقن جي فوج تيار ڪري ڏني وڃي ته ھوند آئون سڄي دنيا فتح ڪري سگھان ٿو.“
”صحيح ٿو چوين“ سندس ڀر ۾ ويٺل ھڪ ٻي ڏاھي پاسانياس چيو، ”ھا، پر توکي سطحي ۽ اعلى محبت ۾ فرق رکڻو پوندو – ٻن جسمن جي ميلاپ ۽ ٻن روحن جي ڪشمڪش ۾ وڏو تفاوت آھي. ظاھري محبت جواني جي انت سان ئي ختم ٿيو وڃي. پر آسماني محبت لافاني آھي.“
ارسٽوفين پنھنجي خاص انداز سان بحث ۾ حصو ورتو. چيائين، ”پراڻي زماني ۾ عورت ۽ مرد ھڪ ئي جسم سان سلھاڙيل ھئا. جسم ۾ چار ھٿ، چار پير ۽ ٻه مٿا ھئا. ۽ جسم گول، جيڪو تيزي سان گولائي ۾ ڦرندو رھندو ھو. ۽ اھو نسل ڏاڍو سگھارو ۽ غير محدود ارادن جو مالڪ ھو – آسمانن تي حملي ڪرڻ جو سوچي رھيو ھو. تڏھن زيوس ديوتا رٿ ڏني، ”ڇو نه اھڙي بدن کي ٻن حصن ۾ ورھايو وڃي ته جيئن ان جي طاقت به اڌ ٿي وڃي ۽ اسان کي قرباني به ٻيڻ تي ملي.“ ھن چيو، ”جسم جا ٻه اڌ ڪيا ويا. ھڪ اڌ عورت ٻيو اڌ مرد – ان ڏينھن کان ڌار ٿيل بدن جا ٻه اڌ، ھڪ ٿيڻ لاءِ جاکوڙي رھيا آھن. ٻن حصن جي ھڪ ٿيڻ جي آس ئي محبت آھي.“ ارسٽوفين وضاحت ڪئي.
اگاٿان شراپ جي ديوتا ڊيونيسسس جي نالي تي پڇاڙڪو پيگ اندر ۾ اوتيندي سقراط کي راءِ ڏيڻ لاءِ چيو.
سقراط چيو، ”محبت، روح جي اھا اشتھا آھي جنھن کي اندر جي سونھن جي ڳولا آھي. محبت ڪرڻ وارو رڳو پيار ئي نه ٿو ڪري. پر محبت جي تخليق ڪري ٿو. فاني بدن کي لافاني بڻائي ٿو. ٻنھي جي وچ ۾ محبت ٻيھر جنم وٺڻ جو ڪارڻ آھي. پيار ڪندڙ رڳو اولاد ئي نه ٿا پيدا ڪن پر پنھنجا جانشين به پيدا ڪن ٿا، جيڪي دائمي سونھن جي ڳولا ۾ سندن واھر ڪن ٿا ۽ محبت جي سلسلي کي بقا بخشڻ لاءِ سندن ڀاڱي ڀائيوار ٿي عقل، نيڪي، عزت، ھمت، انصاف، يقين ۽ صداقت جي شاھراھ جا راھي بڻجي ”حق“ تائين پھچائين ٿا.
ڪچھري کان پوءِ گھڻا ڏاھا، مڌ جي نشي کان چُور ھئا. ڪو ڪِري رھيو ھو. ڪو ٿاٻڙيو پئي. اگاٿان مون ڏانھن نھاريو، ڄڻ چوندو ھجي، وارو ڪر. مون ڪجھه ڏاھن کي پنھنجن ڪلھن تي کڻي سندن گھر تي پھچايو. آءُ موٽي آيس، اگاٿان مون کي شاباس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني. ۽ پاڻ ڪرسٽوفين ۽ سقراط سان گڏ گھر کان ٻاھر نڪتو – ھڪ چوٿون ماڻھو به ساڻن گڏ ھو – جنھن جا پير ۽ مٿو سقراط جيان اگھاڙا ھئا. ۽ مٿس مڌ جو نشو به ڪو خاص چڙھيل نٿي ڏٺو. نه سقراط ۽ نه ئي ھن جا پير ٿڙي رھيا ھئا. ھو خردمند لڳي رھيو ھو. چتائي ڏٺم ته اھو حليم بروھي ھو.
يوناني ڏاھن، حليم بروھي کي تاجپوشي لاءِ گھرايو ھو. سڀئي ڏاھا، قطار ٻڌي پٽڪي جا ور ڏيئي رھيا ھئا.
”شيام ڪمار“ اوچتو اگاٿان رڙ ڪئي. مون کي ڪجھه به سمجھه ۾ نه پئي آيو.
ڏٺم ته اڇي مٿي ۽ روشن پيشاني سان چمڙي جي ڪاري وئسڪوٽ ۾ شيام ڪمار ھلڪيون ھلڪيون وکون کڻندو ڊائس تي آيو. اگاٿان ان کي ڀاڪر ڀري ڀر ۾ بيھاريو ۽ چيائين، ”سنڌ جي فيلسوف جي پڳداري جي رسم ۾ سنڌ جي نمائندگي شيام ڪمار ڪندو.“ فيڊرس ٽھڪ ڏيئي تاڙي وڄائي ۽ پوءِ تاڙين جو ڦھڪو ٿي ويو. آءُ سنڌ جي ٻن مھان ليکڪن جي يونانين پاران اھڙي مڃتا تي دل ئي دل ۾ خوش ٿيس. ڇاڪاڻ ته ٻنھي قلمڪارن جو تخليقي شعور انساني معاشري ۾ ھڪ وڏي وَٿَ طور ليکيو ويندو.
تخليقت، موھيندڙ، ڇرڪائيندڙ ۽ نيون ڏسائون پسائيندڙ ھڪ بي انت انساني عمل آھي. شاھ ڪريم جنھن کي لطيف سرڪار جي تخليقت جو سرچشمو تصور ڪيو وڃي ٿو. خود ڀٽائي، شيڪسپيئر ۽ ٻين ڪيترن وليم بلئڪ، ڊرائيڊن ۽ پوپ وغيره جي پويان ايندڙن مان ورڊسوٿ، بائرن، شيلي، ڪيٽس، ميٿو، آرنولڊ، وڪٽورين دور جو جيمس ٿامس، ٿامس ھارڊي ۽ ٻيا. ننڍي کنڊ جون وڏيون ھستيون ٽئگور، بلھي شاھ، سامي، سچل، خليفو نبي بخش لغاري، نم فقير ۽ ٻيا. ھوڏانھن رومي، انوري، ناظم حڪمت، لورڪا، پئبلونرودا، حمزاتوف رسول ۽ عرب دنيا جا اڻڳڻيا تخليقڪار جن جي تخليقت فسطائيت خلاف اڄ به سرگرم عمل آھي ۽ ھتي ۽ ھتي مڪاني ڀٽ ۽ ڀنڊ فقير، ڪيئي تڪ بند ۽ سگھڙ جن مڪاني سونھن ۽ مزاحمت کي اثرائتي انداز ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو؛ انھن سمورن جي تخليقت جو پڻ بنياد ماڻھو ئي آھي. نئون ماڻھو. نئون دور.
اھڙن فنڪارن ماضي جي تجربن جي روشني ۾ پنھنجي پنھنجي عھد کي ماڊيفائيڊ تخليقيت سان روشناس ڪيو،
ڪوسيون ڪپارن ۾، ٿيون چھٽيو چڪ وجھن
اھڙي تخليقيت رومانس ۽ مھاڏي اٽڪائڻ واري عجب ۽ اونھي اسرار سان روشن آھي، ۽ ان جي ڄاڻ جي تھن ۾ بي انت ۽ بي رحم سگھه موجود آھي جيڪا سولائيزيشن، معقوليت ۽ آفاقيت کي بي معنى بڻايو گوئٽي جي فائوسٽ جيان روايتي دنيا جي جاءِ تي ھڪ نئين ڪائنات سرجڻ لاءِ اڀاريندي آھي.
اھڙن قلمڪارن لاءِ ڪو به نظريو / ازم بي وقعت ته نه ھو پر ھو جنھن سماج ۾ رھيا پئي، سندن لکڻيون ان عھد جي مختلف ازمن/نظرين جي ڀڃ ڊاھ وارن تجربن جو ادارڪ رکندڙ عھد ھو. اھڙي معاشري نئين ساھس ۽ تخليقي جنبش سان نين ڏسائن ڏانھن آڱر کنئي.
وجودي فلسفي جو اڀار به ڏٺوسين – حالانڪه لڳ ڀڳ فڪري سطحن تي ساڳيو ئي منظرنامو، ساڳيا ئي جذبا ۽ ڪيفيت ھوندي به 19 صديءَ جي آمريڪي شاعر والٽ وٽمئن جي شاعري جو پيمانو لبريز، اونھو، ڏاڍو ڏکيو ۽ سندس گھاڙيٽو بنھه اوپرو ۽ نرالو. تخليقي تجربو ايترو مختلف جيڪو اڄ به ڪنھن عھد سان برميچجي ئي نٿو.
مغربي ادب نين ڌارائن کي ھٿي وٺرائي ۽ انھن مختلف تحريڪن جي اثر ھيٺ ھڪ نئون احساس جاڳيو – پر ھتي ڀٽائي ۽ سندس رتبي جي شاعرن ادبي نظرين ۽ ڌارائن کي اٽڪل 5 صديون اڳ ۾ ئي پريميٽولي اڻلکائتي نوع ۾ نئين اشاريت ۽ اظھاريت عطا ڪئي – پر ھوڏانھن تخليق جي لھر ۾ فلسفي کي اھميت ڏيندڙ زان پال سارتر پنھنجي ناول نوسيا ۾ آرٽ جي ڀيٽ ۾ نظريي کي اھميت ڏني آھي – جڏھن ته جڳ مشھور ۽ نوبل انعام يافته ناول نگار (وجودي فلاسافر) سالبيلو، ڪولن ولسن ۽ پنھنجي ھم وطن وليم جيمس جيان وجودي فلسفي جي جزئيات تي ڳنڍ ٻڌي بيھڻ بدران، زندگيءَ جي معروضيت کي اھميت ڏي ٿو، ”فنڪار جو ڪم آھي ته شديد ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ به کيس ئي اميد جو تِرورو اڀارڻو آھي.“
اميد جو ھلڪو تِرورو ئي تخليقيت جو سرچشمو آھي. اھائي نواڻ آھي جنھن ٽئبوز کي ٿڏي، جديديت ۽ پوءِ جديديت پڄاڻان ۾ مڪاني تجريديت ۽ پراسراريت کي ھم آھنگ ڪري مڃتا جوڳو بڻايو آھي.
ڪوبه تخليقي نظريو يا ڌارا ڪڏھن به ديرپا ۽ دائمي نه رھيا آھن. سماجي تبديلي اڻٽر آھي. اھڙي صورتحال ۾ فڪري سرچشما ۽ ادبي ڌارائون نئين سِر طلوع ٿيڻ لاءِ نين سمتن جي چونڊ ڪنديون آھن – البته تخليقي پراسرايت ۽ مڪاني تجريديت جنھن ۾ اکين جون ميڇون، ھٿن جا اشارا، وجود جي چرپر ۽ گفتگو اھڙا ثقافتي عنصر آھن جيڪي دائمي ۽ ھر دور جي مھانڊن ۾ مستقبل اسرار طور موجود رھن ٿا. جيڪي ڪلچر جي خوشبو ۽ رنگت جي تصويريت کي دائميت بخشين ٿا – جنھن جي پڻ اڳتي ھلي اينٽي ٿيسز ٿيڻي آھي.
شيام ڪمار سان ڊگھي شخصي نوعيت جي گفتگو ۽ ھن مھاڳ جي ”تخليق“ دوران ”پاتم جھاتي جھان ۾“ کان علاوھ ھيٺ ڄاڻايل مددي ڪتاب ڪارائتا ثابت ٿيا:
1 سمر سيٽ ماھمOf Human Bondage
2 گوئٽيWerther’s Sufferings (1809)
3 ھينري ملرTropic of Cancer
4 جيمس جوائس(A Portrait of the artist as a Young Man 1940)
5 جي جي روسو Confessions (1781 1788)
6 ھيرودوٽسHistories
7 زينوفونAnabasis
8 جيولس سيرزCommentaries
9 مارڪس آريلئسMeditations (2nd AD)
10 سينٽ آگسٽائين Confessions (4th AD)
11 بين وينوٽُو سيلينيAutobiography (15th AD)
12 ڊينئيل ڊيفو Robison Crusoe (1719)
13 اسٽرنSentimental journey (1768)
14 ورڊس ورٿ The Prelude (Completed in 1805 & published posthumously in 1850)
15 ميڪسم گورڪيChildhood, Among the people & my universities
16 آندري ييدJournats (1885 1950)
17 اين فرئنڪDiary of young Girl (Died aged 15 years)
18 گيتانجليPoetical Diary of a Young girl (died age 14 years)
19 ترُودتImpressions – Diary Girl aged 17 years
20 جي پي سارتر(5 war journals 1939 onwards)
21 چي گويراBolivian Diary
22 جنرل گياپwar Diary
23 جيولس فيوچڪReport from Gallows
24 نڪوس ڪازنتڪاسA Report to Greco
25 جيمس بالدونNext time fire
26 تاج بلوچ جديد ادب جو تجزيو (1914)
27 شيام ڪمار پاتم جھاتي جھان ۾ (مسودو)