ساکرو جيوت
روهڙي سان به گھڻو سنٻنڌ رهيم _ خاص طور شادي بعد، ڇو جو منهنجي جيون ساٿڻ (لاجونتي) روهڙي جي پيرن ولين ساڌن شاعرن جي ڌرتي جي واسيل ڀيني مٽي مان پيدا ٿي هئي.
روهڙي جا يادگار جيڪي هن وقت بي ڌياني جو شڪار ۽ زبون حالت ۾ آهن، انهن ۾ سنڌ جي قديم راڄڌاني اروڙ، اورنگزيب جي ٺهرايل مسجد (جنهن جي ساري رکوالي منڍ کان رشيد ڀٽي جي خاندان جي حوالي رهندي آئي آهي)، ستين جو آستان (درياهه جي کاٻي ڪنٺي تي هڪ اوچي ٽڪري تي ست ڪنوارين دوشيزائن جون ڪاشي جي خوبصورت چٽسالي سان سينگاريل قبرون ٺهيل آهن. اهي ست ستيون ڪنهن غير مرد جي انگ ۽ سنگ کان ڇو ڏور رهيون، ڪٿان ۽ ڪڏهن آيون، ڪير هيون، اهي سڀ سوال ۽ انهن جا جواب تاريخ جي آنام دڙن ۾ گم آهن، سواٰءِ بي بنياد روايتن جي! انهن ستين جي Fate تي ويچاريندي دل ڀرجي ايندي اٿم ته عيسائي ننس(Nuns)، ٻوڌي بکشڻيون، هندو برهمو ڪماريون به هنن وانگر ’ست‘ واري حياتي گذاري، دنيا جي هر سواد، ذائقي، خوشي کان نبروهيون ٿي عدم جي راهه وٺي هلنديون وڃن ٿيون. ڪيڏيون ساديون، معصوم، ابهم ۽ بد قسمت آهن. اهو آستان شايد ڪلهوڙن جي عهد ۾ ٺهيو هيو.
هتڙي اياز جي ان چواڻي ته” ’جسماني وصال‘ڪائنات جي وحدانيت جو احساس ڏياري ٿو. “ تي سوچيندي انهن بدنصيب ماڻهن جون صورتون اڳيان اچي بيٺيون اٿم جيڪي ان لذت شيرين کان محروم هئا ۽ آهن يا برهمچاريه جيون اپنائيندي حيات جي رڻ پٽ تي اُڃ ۽ رُڃ ۾ رڙهي رهيا آهن جهڙوڪ برڪت علي آزاد منهنجو مشترڪ دوست سينيٽر فصيح اقبال (بلوچستان ۾ اخبارن جو مالڪ ۽ صحافي)، جارج برنارڊشا (برطانيه جو جڳ پرسڌ دانشور، جينيئس اديب، ڪٽر قسم جو سبزي خور ’ماس، مڌ ۽ موهه‘ جو ويري)، مهاپرڀو چيتن ديو (سورهين صدي بينگال جو ويراڳي ويشنو پنٿي صوفي شاعر ۽ ڪرشن جو اوتار؟)، سباش چندر بوس ، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، بابا سريچند (گرو نانڪ جو وڏو پٽ ۽ اُداسين پنٿ جو باني)، دادي پرڪاش (برهموڪماري آشرم)، دلپت راءِ (هينئر بقول اياز رڃ جو بَکُ ٿيل)، جواد حيدر (اي پي پي بلوچستان جو بيورو چيف)، اشوڪ اروڙا (منهنجو دلبر دوست)، وينا شرنگي (شاعرا، ماروي تنظيم جي روح روان، ۽ اُڃ ۽ رُڃ جا سنڌا مٽائيندڙ فتاح ملڪ، لڇمڻ ڀاٽيه ۽ منهنجي گڏيل ادبي دوست)، هينئر لڇمڻ ۽ لڪشمي جي نرغي ۾ ائين ڦاٿل آهي جئين’اهليا‘ اندر ديوتا جي ’چنبي‘۾ وڃي ڦاٿي هئي. پر، اهليا کي ’ڇل ول‘ ڪري ڦاسايو ويو هو؛ ليڪن وينا هوش حواس، ساڃهه شعور سان انهن ’ماياوي ‘ مڌو _ شالائن تي سربسجودي قبول ڪئي آهي _ ۽ اها به ’جيون‘ جي آخري پڙاءُ تي:
ظلمت حرص و ہوس حور کو بہکا ہی گئی
تیرے بستر پہ بھی آخر کو شکن آ ہی گئی
مس رضيه ۽ مس رقيه (خيرپور ۾ تعليم کاتي جون روح روان)، جن لاءِ بعد ۾ ٻڌڻ ۾ آيم ته اردو محاوري ’آءُ سهيلي چپٽي کهيلين ‘ تي عمل ڪندي مرد ذات جي پاڇي کان به ونءُ وينديون هيون! سنڌ اندر وئشنوپنٿي ويراڳين جو نادي فرقو به برهمچاريه جيون ۾ وشواس رکي ٿو: پوپٽي هيراننداڻي، جنهن لاشعور ۾ ’پوپٽ‘ جو loss محسوس ڪندي نيٺ جولان ۾ اچي ’دن هيٺان دٻلي‘ جو سهڻو محاورو ايجاد ڪيو هو. تيرٿ وسنت.
اهڙيون سڪايل آتمائون ڪائناتي وحدانيت تائين ڪيئن رسائي حاصل ڪري سگھنديون؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪالهوڪي يگ جي ’شرط ‘ فلم جي پيروڊي ۾ جوڙيل هيءَ سٽ ورلاپ واري انداز ۾ سندن روح مان باطن جي ڪنن سان ٻڌڻ ۾ايندي اٿم:
نہ یہ چاند ہوگا نہ تارے رہینگے
مگر ہم ہمیشہ کنوارے رہیںگے
پر ويدانتي ۽ صوفي راهه جا پانڌيئڙا ’روحاني وصال‘ کي ڪائناتي وحدانيت جو ذريعو قرار ڏيندا آهن. وحداني ڪيفيت ٻنهي صورتن ۾ هڪ جيهي ٿئي ٿي! البت پهرين صورت ۾’ڪثرت وصال‘ ماڻهو لاٰءِ نه صرف سلامتي بڻيو وڃي بلڪ سندن وجود کي اُڏوهي جيان کائيندو به رهي ٿو. موپسان، بائرن، آندري ييد، سيمبرن، وائلڊ، فرئنڪ، هيرس، ڪئسونووا، برنس، رامبو انهن صورتن مان پهرين سٿ جا چند ٻهڳڻا مثال آهن _ اياز ۽ سندراڻي به ان قطار ۾ بيٺل ڏيکارجن ٿا .
وسڻ رام جي درٻار، پارو شاهه جو ٽڪاڻو، حاجن شاهه جو مقبرو، شاعرن بيدل بيڪس جا مقبرا، وار مبارڪ جي درگاهه،_ مشهور سماجي سيوڪ پريم چند جي پيءُ سيٺ سڳنيچند جي جوڙايل ڌرم شالا وغيره ڪڏهن ڪڏهن يادن جي جهروڪن مان لياڪا پائي اڄوڪي چڙهيل حياتي ۾ ننڍي اوستا، ۽ جواني جوڳردار جيئڻ پسائينديون اٿم جيڪو وڌيڪ وڻندڙ، معصوم، بي اونو،_ ۽ ايماندار لڳندو اٿم. روهڙي جي امر شخصيتن ۾ ديس سيوڪ شهيد هاسارام پمناڻي ان ڪري به گھڻو ياد ايندو اٿم جو سندس ننڍو ڀاءُ شري پمناڻي ويهين صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ گورنمينٽ هائي اسڪول (اڳوڻو تلڪ هائي اسڪول) سکر ۾ منهنجو استاد به ٿي رهيو هو. مون کي ياد ڪونهي ته سندس شهادت تي هيٺ ڄاڻايل سٽون ڪهڙي شاعر جون آهن؛ پر، حياتي جي تپوبن مان ڪنهن ٻوٽي تان اُڏامندڙ پوپٽ جيان ڪڏهن آڏو اچي بيهنديون آهن.
پمناڻي پيارو، روهڙي وارو
هر هنڌ ٿيو ، هاڪارو
دشٽن تو تي ، گولي هلائي
پوندي تن تي، مار خدائي
ان کان علاوه روهڙي جا ٻه بزرگ ودوان، تعليم کاتي سان واڳيل عملدارادب جي ساڃاهه سان ٽمٽار شخصيتون سيد عطا حسين شاهه موسوي ۽ سيد عبدالحسين شاهه موسوي، بيدل بيڪس جو صوفياڻو ڪلام، ڪنڊڙي واري روحل فقير جو عارفاڻو ڪلام ۽ سندن مقبرن تي ادبي مجلسون ۽ عرفان ۽ وحدت الوجودي سماع جون محفلون به ان ڦلواڙي ۾ ٽانڊاڻي جيان چمڪنديون رهن ٿيون.
منهنجو ڏاڏو، نانو _ ۽ پتا بلوچستان جي ڪڇي واري علائقي گنداواهه، گاجيان يا گاجڻ، ميرپور، فتح پور، پيرڇتو، ۽ ڪوٽڙو سان واڳيل هئا. بقول منهنجي عظيم امڙ (رُڪي ٻائي _ پيوند ٻائي)، اهي سڀئي ڪالهوڪي يگ جا جيو زمينداري، وڻج واپار، ۽ دوڪانداري جي ڪرت سان واڳيل سکئي سڻڀي ماني ٽڪي واري آڪهه منجھان هئا. سندن گھر ۽ ڪاروباري مقامن آڏو هميشه گھوڙا ۽ اُٺ ٻڌل هوندا هئا جن جا سوار ڌنڌي سانگي بلوچستان جي اندرين دشوار گذارعلائقن قصبن ۽ گوٺن ۽ واهڻن کان ڪهي اچي مهمان ٿيندا هئا. سدا وهندڙ رونق ۽ چهل پهل جو ڄڻ واسو ٿيل هو. ان زماني ۾ اهي ٻهراڙيون ڄڻ آمريڪي ڪائوبوائي ويسٽرن فلمن جو نظارو پيش ڪنديون هيون. وٽن چوپايو مال، هٿيار، ۽ مخصوص ڊريس سڀ ئي ته هوندو هو، ۽ وري قدرت ان علائقي کي، پوٺي، پهاڙ ۽ ميدان ۽ سيٽيون وڄائيندڙ، سانءِ سانءِ ڪندڙ‘ سنسانيت سان به وڪوڙي رکيو هو!
گھر جي زائفن جو سڄو وقت هڻ هڻان، ماني ٽڪي تيار ڪرڻ، ڇنڊ ڦوڪ ۽ صفائي ۾ ايئن گذري ويندو هو جيئن درياهه جون لهرون پنهنجو ڪو نشان يا پرو ڇڏڻ بنان گذريو وڃن.
سکر جي يادن ۾ ڪانگريسي رهنما ديش ڀڳت ويرو مل بيگراج (جو بعد ۾ هندو مها سڀائي بڻيو) جنهن بعد ۾ ’قرباني‘ نالي اخبار به ڪڍي هئي، هميشه سمايل هوندو اٿم ڇو جو ڇوڪراڻي اوستا ۾ کيس ويجھو ڏسڻ جو موقعو ڪئي ڀيرا مليو هيم. هن ڪٽرپنٿي همراهه، ۽ ٻئي طرف آغا نظر محمد ۽ پير حسام الدين راشدي (سنڌ زميندار اخبار) جي وچ ۾’اخباري چڪريون‘ ان کان اڳئين دور جو’ليجنڊ‘ ليکيون وينديون هيون؛ پر اڄوڪي دور وانگر’مٿاڦاڙ‘ قطعي ڪون هوندي هئي.
ان زماني ۾ (ويهين صدي جي چوٿين ڏهاڪي جو اوائلي زمانو ۽ وچون ڏهاڪو) آزادي ۽ انقلاب جي هلچل پنهنجي جوڀن تي هوندي هئي. مان اسڪولي وديارٿين جي ڀاڄوڪڙ، گوسڙو ٽولي جو سرگرم رڪن هوندو هيس؛ ۽ اسين روزانو شام جو جلوس ڪڍڻ تي هريل هئاسون جنهن ۾’انقلاب زندهه باد‘ ۽ ’ڪانگريس زندهه باد‘ جا نعرا هڻڻ لازمي امر هوندو هو. اهو جلوس ڪوئنس روڊ، والس روڊ، بندر روڊ، سُڪَ پل، فريئير روڊ وغيره جي پرڪاما (طواف) ڏيئي ليوڪس پارڪ (هاڻي مشرف به اسلام ٿي محمد بن قاسم باغ) تي اچي ختم ٿيندو هو. منجھند جو اتساهه ۽ ولولي سان ڪانگريسي ليڊرن،ورڪرن کي ڊسٽرڪ جيل سکر اندر ٽفن باڪسن ۾ مانيون پهچائيندا هئي سون؛ هو سڀئي انگريز بيٺڪي سرڪار پاران مختلف قانوني شقن هيٺ اتي واڙيل هوندا هئا.
بعد ۾ جڏهن آءُ سن 1965ع ۾ DPR تحت سينٽرل جيل سکر ۾ ٽي مهينا نظربند هئس، ان وقت شري رامچند (شري ويرومل جو وڏو پٽ، جيڪو شڪارپور ۾ پريس جو مالڪ هو ۽ هفتي واري قرباني اخبار ڪڍندو هو)، پروفيسر جھامنداس ڀاٽيه (شيخ اياز جو استاد)، شيخ اياز،سوڀوگيانچنداڻي،ديوان هولارام (سکر ميونسپالٽي وارو)، ۽ سيٺ پريم چند (روهڙي وارو)، وغيره به منهنجي جيلي جيوت جا ساٿي هئا.
عام طور انسان جو تقريباَ سمورو جيون ڪوڙاڻ جو زهر پيئندي، باهه جو درياهه ۽ سماج جي پيڙا ڏيندڙ تپش ۾ گذاري ٿو، انڪري هو پنهنجي اڻيل خوابن جي سنسار ۾ رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو _ جيڪي مخملي، گداز، سهڻا ۽ آنند بخشيندڙ ٿين ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ادب جي تخليق ۾ رچناڪار حقيقت جو مڪمل روپ ڏيکارڻ کان ونءُ ويندو آهي، ان جي صرف پاڇي پسائڻ کي ڪافي سمجھندو آهي. ’حقيقت‘ هو پاڻ هوندو آهي. هتي ساڃاهه وند پاٺڪ جو فرض ٿئي ٿو ته ان خواب جا بخيا اڌيڙي ’حقيقت‘ کي آشڪار ڪري. پر،ان ڪوڙي آزمائش جي دٻڻ پار ڪرڻ بعد ۽ ان ڪوريئڙي واري ڄار کي تارتار ڪري ڪي رچناڪار ’حقيقت‘ جو اصلي بدنما روپ پسائڻ جو انقلابي ساهس رکندا آيا آهن. انهن ۾ زولا، نٽ همسن، گورڪي، ٽالسٽائي، موپسان، منٽو، ڪرشن چندر وغيره، ادب اندر، اهم جڳهه ماڻين ٿا.
انسان جي وجود ۾، بنيادي طور، ڄائي ڄم کان چڱائي ۽ مندائي ٻئي موجود آهن. عام ادب انسان جي آدرش ۾ چڱائي جو چتر پيش ڪرڻ جو جتن ڪندو رهي ٿو. جنهن سبب اهو اتمتا جي اوچائي ماڻڻ کان قاصر ويو آهي. مٿي ڄاڻايل ادب جا خالق زردشت جيان انسان جي ٻنهي رخن جا قائل ۽ پارکو هجڻ ڪارڻ (چڱائي ۽ برائي)، هن وانگر نرالا ۽ آفاقي مڃتا جا ڀاڳي ليکيا وڃن ٿا.
ڪجھ تخليقڪار ادب کي زندگي جو عڪاس ڄاڻائين ٿا جن ۾ مٿين کان علاوهه ڪرسٽوفر ڪالڊويل، پيبلونرودا، فيض احمد فيض وغيره اچيو وڃن ٿا. ڪجھ رچناڪار فن ۽ ادب کي غير مقصدي، اندرجي اُڌمن، لاشعور ۾ اونڌيون ٽنگيل لايعني صورتن، ڪوريئڙي جي ڄار جھڙن گوڙهن ڳجھن ۽ باطن جي انگڻ ونگڻ سفر کي خارج جي اڻ کٽ رٽن کان بلڪل الڳ ٿلڳ سمجھندي! بلڪ ان کي رد ڏيندي ٻمنهين، بي جسمي ۽ پرولين سان پُر ادب فن جي تخليق جا پرجوش حامي ليکيا وڃن ٿا. اهڙي ادب ۽ فن ۾ تجريديت، سريلزم، ڊاڊاازم ڪيوبزم، وغيره جون ’بي شڪليون‘ موجود آهن. ان صف جا سرواڻ ايڊگرايلن پو، رامبو، ملارمي، بادليئر، محمد حسن عسڪري، ۽ ڪنهن حد تائين پڪاسو وغيره ليکيا ويندا هئا.
ان کان علاوهه هڪ ٽين سٿ به آهي جيڪا انهن ٻن ادبي سرحدن جي وچ تي نومينز ليئنڊ (No Man’s Land) اندر ديرو دمايو ويٺي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وجھ ملندي ٻنهي سرحدن اندر لياڪا به پائيندي رهي ٿي.
ان سٿ جا سرواڻ ڏند ڪٿائي قصن، ڪام جي واسنائن ڪانکي، انسان جي نفسيات جي ۾ ونگن ۽ رنگن جا چترڪار، تاريخ ۽ تهذيب جي راهه جا پانڌيئڙا _ من موجي، ڌرم گيان ۽ ڌيان جي تپوبن جا تپسوي به رهيا آهن. انهن ۾ ويد وياس، والميڪي، هومر،سيفو،ورجل، ڪاليداس، اووڊ، ڊانٽي، والٽ وٽمئن، هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، اناطول فرانس، پشڪن، دوستووسڪي، هيوگو، استان وان، بالزاڪ، آسڪروائلڊ، ڀرٿري هري، آُمارو، جئه ديو، حضرت سليمان وغيره فني اُڻت ۽ اُتمتا تي رسائي حاصل ڪري واکاڻ جوڳو بڻيا.
هندو سوچ مطابق انسان جي مقتي چئن آدرشن جي توازن تي مدار رکي ٿي: ڪام (SEX)، ڌرم (Religion) ارٿ (Economic)، ۽ موک (Salvation or Nirvana) پر، مٿي ڄاڻايل دانشورن جي اڪثريت ’ڪام‘ کي ٻين سڀني آدرشن تي ترجيح ڏيندي ڏيکاري ڏئي ٿي . هنن مطابق سندن بدن جا نوَ دروازا ڪام جي پورڻتا وسيلي ئي کُلي سگھن ٿا_ ۽ ان جي مڪمل ترپتي بعد ڏهون دروازو يعني مڪتي جي راهه پاڻ مرادو هموار ٿيو وڃي! اهوئي ’برهم _ آنند‘ آهي!! هونءَ به ڪجھ مذهبن ۾ حورن ’اپسرائن ‘؛’غلمانن ‘ ۽’ گنڌرون‘جو نهايت ’گلابي‘ زبان ۾ ورنن ملي ٿو _ مڪتي کانپوءِ انهن سان ’ميلاپ‘۽’سنگم‘ جون ڪهاڻيون آنند مئه ۽ چشڪي واريون آهن ۽ سماڌي ۽ تپسيا سيڪس ڏانهن سفر جو ذريعو ليکي وڃي ٿي.
ايپي ڪيورس، رجنيش، تانترڪ واد، پراچين چارواڪ فڪر به ان نڪتي تي زور ڏيندا ڏيکارجن ٿا. اڄوڪي ناري واد (Feminism) تحريڪ جيڪا پنهنجي شروعاتي دور ۾’مڌ مارگي ‘ (Middle Path) هئي پڻ ان نڪتي جي اوٽ ۾ ساڳئي ڪامي (Culicid) ڇڙواڳي جو شڪار ٿي چڪي آهي _ جنهن جو تازو شڪار بدبخت مرد ذات، اڳئي پنهنجي ’ڪرتوتن‘ جو ڪيتو لوڙي رهيو آهي.
هن دنيا اندر انسان جي تهذيبي سفر دوران ٿيندڙ اوسر ڪئي فڪري دنيائون جوڙيون آهن، ڪئي isms وجود ۾ آيا، تضادن جي ڀرمار ٿيندي رهي، ان ڪارڻ انساني جيوت سکن جي ڀيٽ ۾ ’دکن جو گھر‘ رهي، هر ڌرم ۽ فڪر خاص طور گوتمي، فلسفو هندو ويدانتي فڪر، هر مذهب ۾ موجود صوفي متو ان ’امردک ‘جو ذڪر ڪندي هن سرشٽي ۾ موجود ’هر ساهدار‘ جي هڪ ٻئي سان ازلي سنٻنڌ تي روشني وجھندي ’يڪوجوديت جو صاف شفاف ۽ بوءِ‘، فساد، آلودگي کان پاڪ فڪر جو اظهار ڪندي هر جيت جڻئي، پکي پسون، ۽ انسان ذات کي هڪ لڙي ۾ پوئڻ جي تلقين ڪندي، دوئي کي تار تار ڪري ڪائنات جي اکٽ وسعت جيڏي عظمت، ڏيا ۽ توازن بخشي ٿو. ان فڪر ۾ ڄاڻايل چئني ’آدرشن‘ ۾ ڪيڏو نه توازن پسي سگھجي ٿو؛ زندگي ڪائنات جيئن پرسڪون، وسيع، آزاد، ۽ تضادن جي باوجود هڪجھڙائي ۾، بنان ڪنهن فرق، ڀيد ڀاءُ جي ڏيکارجي ٿي. هي هڪ آدرشي نظريو ضرور آهي ، ۽ ڪيڏو نه شاندار، نفيس ۽ دک ڀنجن لڳي ٿو، ان اندر گوتم، ويدانت، صوفي مت، ايپي ڪوريس، ۽ مارڪس پڻ گڏوگڏ بيٺل ڏيکارجن ٿا!
انسان پنهنجي اوائلي دور کان وٺي ڪئي ڏند ڪٿائون، قصا ۽ داستان تخليق ڪري جوڙيا آهن. انهن ۾ مقدس مذهبي ڪتاب به آهن؛ ويد، رامائڻ، مهاڀارت، بائبل (جنهن کي الهامي چيو وڃي ٿو) ، يوناني ديوين ديوتائن جون ڏند ڪٿائون وغيره. انهن اندر به پرڪرتي، پکين پسن گلن ٻوٽن وڻن سان پيار۽ دوستي جا ڪئي دل لڀائيندڙ ۽ هڪجھڙائي پسائيندڙ منظر چٽيل آهن. هونءَ به مشرقي روايت ۽ ڌرمي سکيا ۾ اهڙي هڪجھڙائي ان جي خمير ۽ جبلت ۾ اوليت جي حاصل آهي خاص طور هن ننڍي کنڊ اندر اها عملي مترتا انسان جي هر سوچ ۽ ڪردار مان جھاتيون پائيندي ڏيکارجي ٿي. فطرت سان مترتا واري ورتاءُ ۾ مون کي جين مت، ٻڌ مت، هندومت، ۽ ڪنهن حد تائين مسيحي مت ۾ وڌيڪ ’عملي لگن‘ محسوس ٿيم. اهي سڀئي متن ’وجود‘ جي ’هيڪڙائي‘ ۾ مڃتا رکن ٿا. سڀني مت ۾ هڪئي ’روشني‘ کي پسيو وڃي ٿو. هڪ ئي سنسڪرتي، تهذيب جا وارث آهن. وهندڙ پاڻي کي پوترتا جو درجو ڏئي ان کي مرد جي پيدائشي ’تخم‘ سان ڀيٽيندي، ۽ ان منجھان آبياري ذريعي پيدا ٿيل سموري فطري پيدائش وڻ، ٻوٽن ۽ ساهدارن کي عورت جي ’انگ‘ جو بدل سمجھندي، انهن جي مڃتا ڪندي سندس لاءِ شرڌا جو اظها ڪندي ڏيئا ٻاريندا، ۽ باسون باسيندا ۽ نذرانا ڀيٽ ڪندا، چاڙهيندا رهن ٿا. ان دور (گذريل صدي جي چوٿين ڏهاڪي وارو)، جي سکر جا ’وڻ ‘ ندي ڪناري وارا سڀئي گھاٽ، ساڌ ٻيلي جا وڻ ۽ سڀ گھاٽ ، ساڌن جون سماڌيون، ولين جا مقبرا اهڙي قسم جي نذرانن، ڀيٽائن، ۽ ڏيئن جي ٻهه ٻهه ڪندڙ لاٽ سان روشن ۽ روح گرمائيندڙ نظارو پيش ڪندا ڏيکاربا هئا؛ سموري ماحول ۽ فضا تي هڪ قسم جي ڄڻ الوهي جوت ڦهلجي ويندي هئي جيڪا پاڻي جي سطح تان وهندي ترڪندي ڪنهن نامعلوم ’عدم ‘ ۾ الوپ ٿيندي پسبي هئي.
اگر عام مذهبي فڪر ڏانهن پلٽو کائجي ٿو ته اُت انسان جي هر چڱي يا بري فعل کي، اڻ ڏٺل قوت، پرميشور يا خدا ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو! پنهنجي وجود، ڪڌي عمل جي ذميداري کان بچڻ جو اهو نهايت سولو طريقو آهي، پر، ڪيڏو نه بيهودو ۽ خود غرضانه!
منهنجي خيال ۾ ذات پات جي ’ڀيد ڀاءُ‘ ۽ ’اوچ نيچ‘ جي طبقاتي سوچ جو صدين پراڻو فلسفو ان ’ڪڌي ورتاءُ‘ جو بنيادي نڪتو آهي. اسين پنهنجي غيرانساني فعل کي خود غرضي جي بنياد تي ٻڌل دليلن، ۽ ڪجھ اهڙن ئي ڌرمي نڪتن وسيلي لڪائڻ جو جتن ڪندا رهون ٿا.
علم جي سرمائي نئي يگ جي انسان کي هر هاڪاري خواهه ناڪاري عمل لاءِ دليل جي ’ تير ۽ ترڪش‘ سان هٿيار بند ڪيو آهي. هاڻي اهو سندس اختيار آهي ته هو ’چڱائي‘ يا ’برائي‘ اختيار ڪري چڱائي يا برائي عارضي ۽ وقتي صفتون ڪونهن پر، آفاقي ۽ دائمي قدر آهن.
اسان منجهان هر هڪ ڪيئي زندگيون جيئي رهيو آهي. اهڙيون حياتيون ’ست پرشن‘ سان به لاڳاپيل آهن _ ۽ ساڳئي وقت هڪ پاکنڊي، ڪپتئي، ٻگھلي ڀڳت جيان ’ماريءَ‘ جي روپ ۾ بدلجنديون رهن ٿيون جنهن اندر سڀ ’ڪلڇڻ‘: ’ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار‘ وڻ ويڙهي جيئن پلجندا رهن ٿا. آءُ پاڻ کي وس آهر ان وڻ ويڙهي کان بچائڻ جي جتن ۾، هلندڙ وقت اندر، ڏينهون ڏينهن سسندو پيو وڃان، نڄاڻان ڪڏهن، وقت کان اڳ، تحليل ٿي عدم جو حصو بڻجي وڃان. پر، حقيقت کان چڱي پرآگاهه آهيان ته منهنجو ظاهري وجود ’هڪ ٻئي وجود‘ جو به يقيني حصو آهي جيڪو پراسراريت ۾ گھيريل رهي ٿو _ الائجي ڪهڙا، شدني، ناشدني ڪرم ان ڳجھي وجود ذريعي رچجي، سرججي رهيا آهن؟ انهن جي رچنا ۾ رڻ پٽ جهڙي ڀوڳڻا، دُک ۽ پيڙائون آهن. مهاتما ٻڌ جو فڪري قول ته ”ڀوڳڻا خواهش جي ڪک مان جنمي ٿي.“ هن هنڌ صحيح ۽ سچو قطعي ڪونهي . منهنجون ڀوڳڻائون ته ڪنتي ۽ مريم جيئن بنان ڪنهن ’سپرش‘ يا ’خواهش ‘ جي جنميون آهن!
ننڍي کنڊ جي وچولي يگ (Middle Ages) جي پنجن آچاريائن: شنڪر آچاريه، رامانج آچاريه، نمبارڪ آچاريه، ماڌو آچاريه، ۽ ولڀ آچاريه جي فڪري ويچار ڌارائن اندر دنيا جي سڀني متن ۽ مذهبن جي الڳ الڳ شناخت سمويل هجڻ جي باوجود انيڪتا ۾ ايڪتا به سمايل آهي. شنڪر آچاريه (اٺين صدي عيسوي) موجب آتما ۽ پرماتما ۾ ڪو ويڇو ڪونهي يعني اهو’ادويت واد‘ (Advait thought)، مايا واد ۽ دوئي جي خاتمي جو فلسفو آهي . مون کي چڱيءَ پر ياد آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس جڳ پرسڌ رچنا ’برهم شاستر‘ جي مطالعي دوران پاڻ کي مشهور ڏند ڪٿائي يوناني ڀول ڀليان ۾ ڦاٿل محسوس ڪندو هو. اهو نهايت ڳوڙهو، عميق ۽ منجھائيندڙ گرنٿ آهي. مان به ان کي هٿ لائڻ وقت ائين محسوس ڪندو هيم ڄڻ ککر جي ماناري ۾ ڦوڙ هڻي ڪڍيو هيم! رامانج موجب ’خاص نموني‘ وارو اڀيد آهي يعني ’وشسٽ ادويئت واد‘ نمبارڪ آچاريه موجب ڀيد آهي به ۽ ناهي به يعني ان اندر ’دوئيت‘ ۽ ’ادوئيت واد‘ ٻيئي موجود آهن. ماڌو آچاريه مطابق ڀيد آهي يعني هو صرف ’دويت واد‘ تي زور ڏيندو نظر اچي ٿو. ولڀ آچاريه موجب خالص ۽ شڌ (Pure) نموني وارو اڀيد يعني شڌ ادوئيت واد.
هنن پنجن ئي آچارين جي سکيا موجب ايشور ’نرگڻ‘، ’نرآڪار‘ ۽ ’سرگڻ‘ ۽ آڪار يعني ٻنهي صورتن ۾ پسي يا محسوس ڪري سگھجي ٿو _ ۽ ان تائين رسائي يا پهچ لاءِ’ گيان ڀڳتي ۽ ڪرم مارگ‘ جا الڳ الڳ ذريعا اپنائي سگھجن ٿا. ماڌو آچاريه برهم(God) ۽ جيو (Being) ۾ فرق جو ورنن ڪندو ڏيکارجي ٿو پر، شنڪر آچاريه ان فرق کي مٽائيندي سڀني ۾ هيڪڙائي جي سکيا ڏيندي اسلام ۽ صوفي مت کي ويجھو ڏيکاري ڏئي ٿو. اها سکيا ’برهد آرڻيڪ‘ اپنيشد اندر به موجود پسي سگھجي ٿي.
پر، هن سرمائيداري، ٽيڪنالوجي، ۽ تيز رفتار ترقي جي يگ ۾ انساني رشتا ۽ سنگت، مصنوعي، بي حس ۽ بي روح ٿيندا پيا وڃن آفاقي قدر _ سونهن، سچائي ۽ نيڪي_ ڪرندڙ ديوان جئين زمين بوس ٿي رهيا آهن. ان ٻاٽ اوندهه ۾ اسان جھڙن فردن کي پنهنجي الڳ لاٽ ٻاري دڳ کي روشن ڪرڻ جو اُدم ڪرڻ جڳائي.
مايا وادي چون ٿا ته دنيا ليلا، راند ۽ رڃ آهي _ ظاهري حرڪت هيٺان اُٿاهه شانتي _ ۽ ايشوري مڻيا ۽ روشني آهي. مهاتما ٻڌ چوي ٿو ته اها ’دنيا ‘ بي ڀروسي ۽ عارضي آهي _ دک جي پيڙا ۾ ويڙهيل _ هر وقت بدلجندڙ، بي وفا! سندس رنگ، روپ پاڻي تي ڦوٽي سمان آهن، ڪو سندس خالق يا پرماتما ڪونهي! خواهش جا ڏنگ ۽ غلط ڪرم دک، ڀوڳڻا ۽ پيڙا کي جنمين ٿا. چيني مفڪر تاوَ (Tao) مطابق ضدن ۽ فرقن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ سان آنند پلئه پوي ٿو _ هو روسو جيان فطرت کي پنهنجي اصلي ويس ۾ ڏسڻ سندس راند رمائڻ کي پسند ڪري ٿو. يهودي دک کان انڪاري ۽ عيسائي ان جي هام ڀريندا ڏيکارجن ٿا. يهودي مهاڏو اٽڪائڻ جي تلقين ڪن ٿا_ بلڪ خدا (يهوا) سان صحبت ڪندي به ڪين ڊڄن، ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ عيسائي ڀوڳڻا کي صبر سان ’ڀوڳڻ‘ جي تلقين ڪندا ڏسجن ٿا. انهن سڀني ضدن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ سان ئي’هيڪڙائي‘ جي وجود جو احساس جنم وٺي ٿو. ويدانتي، صوفي، تصوفي ان ڪلئي ۾ ويساهه رکن ٿا. ان ڊگھي قطار ۾ ڪبير، ميرا، ڀٽائي گھوٽ، بلي شاهه، سچل، سامي، سرمد، منصور، شمس تبريزي، بايزيد بسطامي، فرانسس آف سيسي وغيره بلند حيثيت ماڻين ٿا.
فنڪار پنهنجي هاڪاري تخليقي خودي (Creative ego) ذريعي اهڙيون لاڀدائڪ رچنائون رچي ٿو جيڪي سماج ۽ انسان ذات لاءِ روشني جي مناري جيان هونديون آهن! جيتوڻيڪ اها ’مان‘ (Ego) اهنڪار جي وصف هوندي ناڪاري نرگسيت (Narcissism) جي حامل هوندي آهي پر، ان جي پرن تي ويهي ڪري ئي هو تخيل جون ڊگھيون اُڏامون ڀري سگھڻ جو اهل بڻجي ٿو. انهن ضدن جي پردي مان ئي سج اُڀرندو رهي ٿو _ اهي ضد (Contradictions) ڪائنات ۽ زندگي جو امر ڀاڳ ۽ حصو ٿين ٿا، صرف انهن تفاوتن جي وچ ۾ سمان جوڳو، توازن ڀريو Compromise لازمي امر بڻجيو وڃي ٿو.
چترڪار، اديب، ڌرمي سڌارڪ يا پيغمبر’دنيا‘ جو ورنن پنهنجي سڌانتن، ويچارن مطابق ڪندا رهيا آهن. حقيقت پسند چترڪار ۽ اديب جي نگاهن ۾ اها سرسي (Circe) جيان هڪ ڪامڻي، مست دوشيزه آهي؛ ان اندر جيڪي رنگ روپ سڀاءُ ۽ منڊَ، سونهن ۽ سڳنڌ آهي جنت جا واعدا ۽ نظارا ان اڳيان ڪا حقيقت ۽ وقعت ڪون رکين ٿا! بلڪه ڪيترن جي راءِ مطابق اڳتي اٿاهه گھري اوندهه ۽ عدم آهي جنهن جو ڪو انت ڪونهي. ’حياتي هتي ئي آهي‘ باقي سڀ دوکو ۽ رڃ آهي!
سرجڻهار جي تخليقي سفر دوران سُڌ پوي ٿي ته هر تخليق ۾ توازن ڪون ٿو ٿئي. جديد ادب ۽ فن ۾ ڪيئي تخليقون ۽ تحريڪون اهڙيون پسبيون جيڪي صاف طور هڪ بيمار ذهن ڏانهن اشارو ڪنديون ڏيکارجن ٿيون ۽ ان ڪارڻ غير متوازن هئڻ سان گڏوگڏ سماج لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿي سگھن ٿيون. ڪيترا ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته جڏهن بيمار تخليقي ذهن پاڻ کي revive ڪري صحت مند بڻيو ته ان پنهنجي غير افادي، ابهام ۾ ويڙهيل تخليق کي Disown ڪيو آهي. ان ڏس ۾ پڪاسو جو مثال نهايت اهم جڳهه والاري ٿو.
پر، ائين به ٿيو آهي جو ٻئي طرف صحت مند ذهن ڪجھ سببن ڪري بيمار ذهن ۾ تبديل ٿي پنهنجي لاجواب ۽ سهڻين تحريرن کي Disown ڪندي ضمير جي ڪا چهنڊڙي محسوس ڪون ڪئي آهي. ان قسم جو اهم مثال شيخ اياز آهي.
سکر هڪ نهايت سيبائتو، سوڀائتو، سرسبز ۽ تاريخي شهر رهيو آهي. سندس جنم، هڪ غير مصدقه تخميني موجب ٽين ۽ چوٿين صدي جي وچ ڌاري پراڻي سکر جي اڻ گھڙيل شڪل ۾ شروع ٿيو هو، انهن ٻنڌڻن واري زماني کان گھڻو پوءِ مغل بادشاهه اڪبر ۽ جھانگير جي ايام ڪاري ۾ نئين سکر تائين وڌي آيو؛ پر، اڻ گھڙيل حالت ۾!
سنڌوندي جي ڪنٺي تي آباد ٿيڻ سبب سندس اهميت انڪري وڌي ويئي هئي جو واپار ۽ فوجي نڪتي نگاهه کان هن جو درجو نهايت اتاهون رهيو هو. سنڌ جي جھوني راڄڌاڻي ’اروڙ‘ سکر کان اٽڪل ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هئي ۽ بکر جو ٻيٽ ۽ ان تي جوڙيل مشهور تاريخي فوجي قلعو ۽ ڇانوڻي سندس چائنٺ وٽ آباد _ ۽ برباد ٿيندي پئي رهي آهي. تاريخ معصومي مطابق سکر جي بيهڪ، جوڙجڪ ۽ اڏاوت ميداني ۽ ٽڪرائتي حصن تي ٿيل هئي؛ بلڪه سورهين ۽ سترهين صدي عيسوي جي اڪبري ۽ جھانگيري دور جي هن عالم، شاعر،ڪتبه نويس، طبيب، جنگي جوڌي، تاريخدان _ سياسي ميدان جي کيڏاڙي (عبدالرحيم خان خانا جي هم عمر ۽ ساٿي) جو پنهنجو ۽ سندس عزيزن جا مقبرا به سکر جي مٿائين ٽڪريلي علائقي تي باغن جي جھرمٽ ۾ سندس نالي واري مُناري جي دامن ۾ اڏيا ويا هئا.
ان مناري جي سوڀيا ۽ ڪشش جي ڀيٽ ۾ اٽلي جي شهر بولونا (Bologna) جو هڪ سوچاليهه فوٽ اوچو جُهڪيل منارو ’لاگري سينڊا‘ (Lagarisenda) جنهن تي اتان جا شهرواسي اڪن ڇڪن آهن يا پسا جو جھڪيل جڳ پرسڌ منارو، دهلي جو مشهور قطب منارو، ۽ يا ’مانڊوا ‘ جو مشهور منارو به ڦڪا ڦڪا ڏيکارجن ٿا. لڳي ٿو ته ان پڪ سري خوبصورت مناري جي تعمير جاميٽري ۽ حساب جي مضمونن کي آڏو رکي ڪرائي وئي هئي، ان جي پيڙهه وٽ سندس گھيرو 84 فوٽ ويڪرو آهي، سندس اوچائي به 84 فوٽ آهي _ ۽ گولائي تي ٺهيل ڏاڪڻ اندر به 84 ڏاڪا آهن. ان سموري اچرجدائڪ اڏاوت تي اٽڪل روئي 23 سالن جو عرصو لڳي ويو هو _ ۽ اهو تعميراتي عجوبو سندس پٽ مير بزرگ جي زندگي ۾ مڪمل ٿيو هو. مناري جي چوگرد ڦهليل مقبرن تي قراني آيتون ۽ الله جا نوانوي نالا پڻ ڪتبي جي صورت ۾ اُڪرايا ويا هئا.
معصوم شاهه مناري جي چوٽيءَ تي پهچڻ شرط سکر جو سمورو رمڻيڪ منظر پنهنجي خوبصورت پس منظر سميت اکين مان لهي من ۾ پيهي ويندو هو. ان پس منظر جي شادابي دل اندر موجود جذبن کي اُتساهي ان کان به وڌيڪ اڻ ڇهيل بُلندين تي پهچائيندي هئي. ان سمئي ڊانٽي (Dante) جا ست آسمان (Divine comedy) تڇ ڀاسندا هئا. اتان سنڌوءَ جي مڌر وهڪ جي اُتمتا جو ڪو مٽ ڪون پسيو هئم!ٰ
سکر ۾ گذاريل روپين ساعتن، ڏينهن ۽ ورهين ۾ اهڙو عاليشان ۽ منڊيندڙ منظر ٻيو ڪين ڏٺم، جيتوڻيڪ اجنتا، ايلورا، کج راءُ، ڪونارڪ، مائيڪل ائنجيلو، ليونا رڊوونسي، رافائيل ۽ ڪنووا (Conova) جا ’لاسٽ ججمينٽ‘’لاسٽ سپر‘’مئڊونا ‘ جي زندهه جاويد شاهڪارن حيات ۾ گھڻو اُتساهيو آهي، ۽ ذهن ۾ هميشه جرڪندا رهن ٿا پر، سنڌوءَ جي ان عاليشان ۽ مستاني وهڪ مون کي ’ماڻايو‘ آهي.
ان کان علاواهه ان اُتاهين تي بيهي ڪري يا ويهي سنڌوءَ جي ٻي ڀر ستين جو منوهر آسٿان، ساڄي پاسي ڀڀڪيدار لائڊ بئراج ۽ کاٻي هٿ تي عجوبي نما لئنسڊائون پل، وچ سير تي ديوتائن جي ڌڄا وارو ساڌٻيلو وغيرهه ان سبز ۽ هوا جي لهرن تي بيلي ڊانسر جيئن ٿرڪندڙ پس منظر ۾ ’سونهن‘ جا منفرد شاهڪار ڀاسندا هئم_ ۽ اڃان به اوترائي Graceful آهن، يوناني ۽ رومي طرز تعمير جيان شرڌا، پريم ۽ چاهت بخشيندڙ! هماليه جي برف پوش بلندين، ۽ پهاڙي تراين جي وروڪڙ رستن ۽ انهن جي وچون وچ وهندڙ نيرن، ساين ۽ ميرانجھڙين ندين الکندا، منڊاڪني، ڀاڳير ٿي ۽ گنگا ۽ جمنا _ ۽ اڪيچار گجندڙ جھرڻن، چشمن ۽ ڍنڍن جي وچ ۾ ’انسان‘ جيتامڙو، پتڪڙو ۽ تڇ ڀاسيو هئم. پهاڙن تان برفاني ڇپن ڪرڻ سان سوين ڳوٺ _ ۽ عظيم انسان ’بي انت‘ جو بک ٿيندي ڏٺم. جتي وَسَوَن هوندي هئي اُتي سڃ ۽ سياٽ ڏٺم. پر، هتي معصوم شاهه جي مناري جي بلندي تي ويهي انسان جي ’عظمت‘ کي پنهنجي اکين آڏو فتح پور سڪري جي ’بلند دروازي‘ جيان کلندو ڏٺم_ ڪرشن جي وراٽ روپ ۾ سندس ’امرتا‘ پسيم، اندر پوري جي ڏندڪٿائي محل ۽ اپولو ۽ جيوپيٽر جو شان مان ۽ سندرتا جا ڏِکَ به ’هنَ ‘ ۾ نظر آيم. اڄ کان ساڍا ٽي هزار ورهيه اڳ هن ’عظيم‘ ’بلند‘ ’شاندار‘ ’سندر‘ ۽ ’امر‘ ’انسان‘ سنڌوءَ، گنگا، جمنا ۽ سرسوتي جي پوتر ڪنٺن تي ويهي ڪويتا جي روپ ۾ جيڪي ’امرويد‘ رچيا، ۽ انهن جي تشريح ٽيڪا پر مغز، ڳوڙهي فڪري انداز ۾ ’اُپنيشدن ‘جي صورت ۾ پيش ڪئي، ’ايشور، سرشٽي، منش‘ جي ٽمورتي کي جنهن منفرد انداز ۾ اسان آڏو بيهاريو، اِهو سندس دائمي عظمت جو غير ترديدي دليل ۽ ان جي وڏي ثابتي آهي. ان دليل اسان جي ڌرمي ٽمورتي ’وشنو، شِوَ، ۽ برهما‘ جو قد ڪاٺ ڪافي گھٽائي ڇڏيو آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو آءُ مناري تي ويهي سنڌوءَ جي عظمت ۽ ماضي جي ڪوهيڙي ۾ لڪل پراچينتا _ ۽ انسان (منش) جي امرتا ۽ ’سندرتا‘ کي ٻين سڀني متن، آدرشن ۽ فلسفن تي فوقيت ڏيندو رهان ٿو ۽ ائين سدا ڪندو رهندس.
’سندرتا‘ لاءِ ڪنهن دليل جي ضرورت قطعي ڪونهي! ان لاءِ ڀرمائڻ ئي ڪافي آهي سندرتا مان، بي ساخته آنند ۽ جنسي سواد حاصل ٿئي ٿو جيڪو روح کي ريج ڏيندو رهي ٿو _ اهو جبلي ۽ غير سائنسي هوندو آهي. ان جي غير موجودگي يا اڻاٺ ڪارڻ ادب، فن ۽ سنگيت بي چسا ٿيو وڃن. مناري تي ويهي ’سنڌو ‘ ۽ ’منش ‘ جي اهڙي سندرتا جو آنند سواد حاصل ٿيو هئم، ڇو جو اهاAnimate ۽ Inanimate ٻنهي وستوئن ۾ ٿئي ٿي.
منهنجي خيال ۾ سکر جو سچو سپوت ٻاهرين ڌرتين تي گھارڻ دوران سکر جي پاڻ سان لاڳياپيل عظيم شناخت کي يقيني طورياد ڪندي اُٻاڻڪو محسوس ڪندو هوندو، قطب منارو، پسا جو منارو، مانڊوا جو منارو يا بابل جو ٽاور انسان جي تهذيب جي ’سڃاڻ‘ آهن.
انهن ڏهاڙن ۾ ائين لڳندو هئم ڄڻ اهو ڪنهن خوش رنگ ۽ خوشبو سان ڀريل گل يا ساهدارجيان زمين جي اونهاين مان ڦٽي نڪتو هجي؛ ڊگھو ڊگھو اُتاهون ٿيندڙ، پر وقار، پر ڪشش!
ان کي چٽائي سان پسڻ مان سندس چوگرد ڪاشي جي چٽسالي من ۾ آنند ۽ خوشي جون ٿرڪندڙ لهرون پيدا ڪندي رهندي هئي.
هندو ڌرم ۾ شِوَ لنگ لاءِ شرڌا، تقدس ۽ عظمت جو احساس بي حساب آهي ان جي ڌرمي حيثيت اُتاهين آهي _ ساڳي طرح منهنجي سوچ مطابق سنڌين ۾ معصوم شاهه مناري لاءِ به ساڳيو عظمت ۽ عقيدت جو احساس ثقافت جي ميدان ۾ اتاهون آهي. ٻنهي جي ’معني‘ بيهڪ ۽ صورت ۾ ڪيڏي نه هڪ جھڙائي آهي.
هتڙي معصوم شاهه مناري جي’نسبت‘۽ حوالي سان هڪ دلچسپ واقعو ياد آيو اٿم. هي شايد سن 1959_60ع واري ڏهاڙن جي ڳالهه آهي. منهنجي پياري دوست بئريسٽر اين ڪي جتوئي جو ننڍو ڀاءُ قمر جتوئي ان زماني جي ’ٽڻڪ ‘ ۽ ’دل ڦينڪ‘ قسم جي اڀرندڙ ڇوڪرن مان هڪ هوندو هو اسلاميه ڪاليج ۾ نئين نئين داخلا ورتي هئائين ۽ سکر جي ان واحد ڪاليج اندر ڇوڪريون به ڇوڪرن سان گڏ پڙهنديون هيون. شهر جي مشهور ’نمن جي چوڪ‘ واري علائقي ۾ هڪ بينگالي ليڊي ڊاڪٽر پرئڪٽس ڪندي هئي، سندس نالو ياد نٿو اچيم پر، هئي ’مرد مار عورت‘ انڪري اسان جي حلقي ۾ جل ’ڦٽاڪو‘ جي عرفيت سان سڃاتي ويندي هئي. سندس سانوري سلوڻي چنچل ۽ البيلي ڌيءِ (نالو ياد نٿم) به اسلاميه ڪاليج ۾ داخلا وٺي پڙهڻ شروع ڪيو هو؛ ۽ هوءَ به ماءُ وانگر جادوگرڻي بي ڊپي، آزاد خيال ۽ کُلي ڍلي گُجي رکندڙ ليکي ويندي هئي. سندس عاشق مزاجي ۽ مکڻ جي چاڻي جھڙي ترڪڻي سڀاءُ کي ڏسي مون سندس نالو ‘ڇمڪ ڇلو’ رکيو هو پر، ڪاليجي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کيس سانوري رنگت ۽ تيز مهانڊن ۽ بانوري ادائن سبب ’ڪليجي‘ ڪري ڪوٺيندا هئا.
اها ڄاڻ نٿم ته قمر جي ’دل ڦينڪ‘ ادا کيس ڀائنجي وئي هئي ۽ الفت جي دام ۾ ڦاسايائنس، يا هن ’ڪليجي‘ کي موهن وانگرموهي پنهنجي Makeshift راڌا بڻايو هو. ليڪن سندن ’سرشاري‘ ۽ ڪليجي تي ٿڌو ڇنڊو، معصوم شاهه مناري جي لسين ۽ ترڪڻين ڏاڪڻين تي سنگم ذريعي پوندو هو جيڪي بلندي سبب جنت جي قريب ترتصور ڪيون وينديون هيون، ٽيگور جي معطر ڌرتي مان اُپجيل اِها ڪامڻي هينئر الائجي ڪهڙي حال ۾ هوندي _ يا نه به هوندي؟
ڪڏهن ڪڏهن معصوم شاهه جو منارو نوح جي Ark جيان ڀاسندو هيم جيڪو هيٺ، هيٺائين تي موجود اُٻٿ، آلودگي ۽ کوٽ کان پناهه ۽ امان ڏيڻ واحد آسٿان هوندو هو _ صاف سٿرو، پوتر ۽ ماءُ جي ٿڃ جيان راحت ۽ جيئدان بخشيندڙ؛ ۽ ڪڏهن ڀڳوان پر سورام جي ڀاري ۽ يڪتاڌنش جيان لڳندو هو. جنهن کي شري رام چندر هڪ ئي جھٽڪي سان مٿي کڻي سيتا جھڙي سونهن ۽ سوڀيا واري ڪامڻي حاصل ڪئي هئي. (هتي صرف قمرجتوئي کي بينگالي ڇمڪ ڇلو جو’ملن‘ پلـهءِ پيو هو)، هڪ ڀيري اندر جي ترڪش واري طلسماتي Thunderbolt جيان لڳو هيم جيڪو ڌرتي جي سطح تان ڄڻ آسمان جي تارونءَ ۾ ’کپجڻ ‘ جي تياري ڪندو هجي!
معصوم شاهه بکري واري پنهنجي ايامڪاري ۾ دريا جي وچ واري ٻيٽ تي ’ستياسر‘ نالي هڪ سهڻو ۽ اچرج ۾ وجھندڙ گنبذ ٺهرايو هو، جيڪو گھڻُو اڳ زماني جي بي قدري جو شڪار ٿي مٽجي چڪو هو. منهنجي ويچار مطابق اهو ’ستياسر‘ اڄوڪي جوڙيل ساڌ ٻيلي جي ٽڪري تي جوڙايو ويو هوندو.
ياد رهي ته مرزا شاهه حسن ارغون جي سنڌ مٿان حڪومت دوران هڪ ڀيري مرزا ڪامران پنهنجي ڀاءُ همايون بادشاهه کان بغاوت ڪري مرزا شاهه حسن جو مهمان ٿيو (سورهين صدي عيسوي). هن پنهنجي ڌيءُ ساڻس پرڻائي سندس جوڳي مدد ڪيئي ۽ کيس ساڳئي ستيا سر (ساڌ ٻيلي) ۾ رهايو هئائين.
ان کان علاوه مرزا شاهه حسن جي ايامڪاري ۾ سنڌ جو پهريون مشهور شاعر قاضي قادن به ٺٽي ۽ سکر قلعي ۾ قاضي (جج) جي عهدي _ ۽ سفارتڪاري تي فائز رهي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سندس زندگي ٺهر ۽ سڪون واري ڪون رهي هئي بلڪه جھڳڙن، فسادن سان ڀرپور رهي.
سندس پونئرن ۾ سندس ڏوهٽو ميان محمد مير پنجاب اندر نيڪ انسان ۽ صوفي منش ٿي گذريو؛ هو دارا شڪوهه جو مرشد، سکن جي پنجين گرو ارجن ديو جو دوست _ ۽ گولڊن ٽيمپل (امرتسر) جي پيڙهه جو پٿر رکندڙ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو.
معصوم شاهه مناري جي آڳر ۾ فيض محمد يا آرام گاهه نالي اٺن پاسن وارو چئن دروازن ۽ درين سان هڪ گنبذ به اڏايو هئائين جنهن جي سونهن، ڪاريگري ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ تي ڊسٽرڪٽ جيل جي سامهون اٺن پاسن واري هڪ گنبذ نما جاءِ ٺهرائي هئائين جيڪا شايد اڃان تائين کرڙي جي ميدان تي موجود آهي. هيءُ کرڙي جو اهو ميدان آهي جتي انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾دٻي واري لڙائي کان پوءِ ۽ مياڻي کان اڳ وڏي لڙائي لڳي هئي. هينئر اتي ’کرڙي ٿاڻو‘ قائم آهي.
بندر روڊ (سکر) تي ساڌٻيلي جي سامهون منزل گاهه جي ڏاکڻي پاسي ماڻهن جي آرام ۽ آسائش لاءِ ٻه عدد ٻيون جايون به تعمير ڪرايون هئائين _ اهي ته عدم جو شڪار ٿيل ڏسجن ٿيون البته ان هنڌ مسجد منزل موجود آهي.
ان کان سواءِ روهڙي ۾ هڪ ٽڪري تي ٻن ايڪڙن جي ايراضي تي هڪ ديده زيب عيد گاهه به جوڙايو هئائين. چيو وڃي ٿو ته درياهه جي سير معلوم ڪرڻ لاءِ اروڙ ڀرسان ٻن پهڻن تي ڪتبه به اُڪرايا هئائين. ان سموري وچور مان لڳي ٿو ته مير معصوم شاهه بکري هڪ اورچ، خفتي، ڌن جو پڪو ۽ گھڻ پاسائون عملي انسان هيو.
اڻويهين صدي جي وچ ڌاري (انگريزن جي راڄ اندر) هريانا جي هڪ اُداسين سنت بابا بنکنڊي هن ٻيٽ (ساڌ ٻيلي) کي اچي آباد ڪيو؛ ۽ جنهن جي پٺيان اداسي گُرن جو نئون سلسلو جاري ٿيو (اِهي گرو ان پنٿ جي باني بابا سريچند (گرو نانڪ جو پٽ) جا پوئلڳ هئا). ان بعد اهو ويران ٻيٽ سورڳ پوري جيان اڀرندو رهيو، ۽ هند، سنڌ ۾ رهندڙ هندن لاءِ هڪ پوتر آستان جو درجو حاصل ڪري ورتائين.
تاريخ جي ورقن مان اِها به سُڌِ پوي ٿي ته هندوستان تي سوري گھراڻي _ ۽ بعد ۾ همايون جي مغل گھراڻي جي دور ۾ اپرسنڌ، خاص طور سکر، بکر ۽ روهڙي ناليوارا، سهڻا ۽ مالدار شهر هوندا هئا؛ سندن اوج ٺٽي کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ اهم ڪين هو. ظالم عيسى خان ترخان جي ٺٽي تي حڪمراني دوران بکر تي سلطان محمود خان جو راڄ هيو، جنهن جي ماءُ شال ڪوٽ (ڪوئٽه) ۽ مستونگ جي پٺاڻن منجھان هئي. عيسى خان جو پٽ مرزا محمد باقي پيءُ سان بغاوت ڪري جڏهن بکر کان اچي نڪتو ته سلطان محمود خان سندس وڏي آجيان ڪئي ۽ هڪ سال تائين’سکر‘ جي رمڻيڪ آستان تي رهائي سندس مهمان نوازي ڪندو رهيو.
اڪبري دور ۾ اپر سنڌ (سکر) تي سلطان محمود جي وفات بعد گھريلو لڙائي جا بادل ڇائنجڻ لڳا هئا. بادشاهي حڪم نامي موجب ان راڄ کي ورهائي محب علي خان ۽ مجاهد خان نالي اميرن کي سونپيو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته اهي ٻيئي پنهنجي لشڪر کي يڪجا ڪري ٺٽي جي حاڪم مرزا محمد باقي ترخان کي سندس سرڪشيءَ جي سزا طور تڙي ڪڍن. هڪ نئين امير گيسو خان کي جڏهن ان ورهاست سبب پنهنجي محرومي جو احساس ٿيو ته هو اوچتو بکر ۾ وارد ٿيو _ ۽ سکر شهر کي مجاهد خان جي ماڻهن کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنائين. سکر ۾ مجاهد خان جي ماڻهن ان شهر جي چوڌاري ديوار اڏائي سندس خوب مقابلو ڪيو. ٻنهي ڌرين جو وڏو جاني نقصان ٿيو. مجاهد خان جي ماڻهن پنهنجي سالار جي هٿ هيٺ روهڙي ۽ بکر ۾ پناهه ورتي، ۽ سکر گيسو خان جي قبضي ۾ اچي ويو.
ان بعد گيسو خان، هڪ حڪمتِ عملي تحت، بکر جي ڪجھ رهواسين سان سازش ڪري، روهڙي تي خواجه خضر جي ٻيٽ وٽان (جنهن کي عام طور زنده پير سڏيو وڃي ٿو.) مڙي حملو ڪري شهر کي باهه لڳائي ۽ عام ماڻهن کي خوب لٽيو ڦريو. ان واقعي تي ويچاريندي ٺٽي جو منظر اکين آڏو ڦريو وڃي ٿو جنهن کي ڊچن، انگريزن، ۽ کانئن اڳ ارغونن ساڙيو ۽ لٽيو هيو، يا بغداد ۾ هلاڪو خان جي حملي دوران هلاڪت خيز تباهي ۽ قتلام برپا ڪيو ويو، يا ان کان اڳ چنگيز خان منگول بخارا سان به ساڳيو ٻارڻ ٻاريو هو. ان بعد نادر شاهه دهلي جي بربادي، عام ڪوس ڪرايو هو. گسيو خان پيرن جي ان شهر (روهڙي) کي باهه ڏئي لٽ مار ڪري پنهنجي پيش روئن ۾ نمايا ڏيکارجي ٿو. ان کان علاوه مدد خان پٺاڻ به سنڌين جي قتلام ۽ لٽ مار ۾ احمد شاهه ابدالي ۽ نادر شاهه کان به گوءِ کڻي ويو هو!
سکر جون اڻ وسرندڙ زندگي بخش يادون، سنڌ جي ثقافت سان جڙيل مڻيادار يادگار، سنڌوءَ جي ڪنٺي تي ميداني ۽ ٽڪريلي علائقي تي، سندس درجي به درجي موهيندڙ اڏاوت، سندس تاريخي جاگرافيائي اهميت ۽ بيهڪ خاص طور آبي رستي پنجاب، سرحد، حيدرآباد، ڪراچي سان قديم زمانن کان لاڳاپو ۽ ان جو سماجي سياسي ۽ اقتصادي زندگي تي لاڀدائڪ اثر بابت سوچيندي منهنجي نظرن آڏو ماضي بعيد _ ۽ قريب جا ڪيترا تهذيبي مرڪز ۽ شهر _ عدم جي اوڙاهه ۾ گم ٿيل ۽ موجود _ آڪاش ۾ گردش ڪندڙ نکيترن جيان اڀرندا ۽ ٻڏندا رهندا آهن. انهن ۾ دجله _ فرات ڀرسان جادوئي شهر بابل، نيل جي ڪناري ڀرسان قاهره، ٽيمس جي ڪناري تي آباد هوشربائي لنڊن، سين جي ڪنٺن تي وسايل تهذيب جو مرڪز پيرس، گنگا تي آباد پوتر شهر بنارس. تاريخ _ جاگرافيائي جي سنگم تي الوپ ٿي ويل ٻه طلسماتي شهر جريڪو ۽ ٿيبيس، سنڌوءَ جي ڪنارن تي مٽجي ويل ڪرشن جھڙو من موهن شهر ’موهن جو دڙو‘ ديوين ديوتائن جو گھر اٿينس وغيره.
ان کان علاوه سنڌ تي مختلف مسلمان گھراڻن جھڙوڪ سما، سومرا، ارغون، ترخان ڪلهوڙا، ٽالپر وغيره جي حڪومتن ۽ ايامڪاري ۾ افغانستان، بلخ، بخارا، ترمذ، بغداد، تاشقند وغيره کان ڪيئي وحدت الوجودي ۽ وحدت الشهودي صوفي بزرگ ايندا رهيا ۽ پنهنجي فيض ۽ انسان دوستي _ ۽ ادب سان هتان جي عوام جون دليون گرمائي کين امن، سهپ ۽ ڀائيچاري جي اونچي سکيا سان منور ڪندا رهيا. سکر کي به اهڙن بزرگن جي آمد جو اعزاز مليل آهي ۽ سندن قبرون، مقبرا جابجا ڦهليل آهن. انهن ۾ سيد خيرالدين جيلاني (عبدالقادر جيلاني جي سلسلي مان) جو مقبرو ’جيئي شاهه‘ جي نالي پراڻي سکر ۾ موجود آهي جنهن جا متولي پيرزادي عبدالستار جا بزرگ هئا. ان کان علاوه پير عبدالباقي جو مزار ڪليڪٽري جي دامن ۾، مڪي شاهه جو اوتارو جتي ’حرامي حلالي‘ جي سڃاڻپ لاءِ هڪ آر پار نڪرندڙ زمين دوز سرنگ آهي!
شهر کان ٿورڙو ٻاهر هڪ ٽڪر تي ’آدم شاهه ڪلهوڙي‘ جو مقبرو به آهي جيڪو پنهنجي دور جو بدنام شخص هو ۽ ڪنهن لڙائي ۾ مارجي ويو ۽ سندس پوئلڳن کيس پير بڻائي ان ٽڪريءَ تي سندس مقبرو اڏيو هو! ريلوي اسٽيشن جي ڀڪ تي ’لاکي پير‘ جو ٽڪر تي ٺهيل مقبرو ان جي دامن ۾ هيٺ گندرف واري پاڻي جو چشمو آهي جتي ڦٽن ڦرڙين ۾ مبتلا مخلوق سنان ڪري صحتياب ٿيندي رهي ٿي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيئي مقبرا ۽ قبرون ڦهليل آهن جتي گھڻو ڪري موالين جا ميڙاڪا هوندا آهن ۽ ڀنگ جون جمنيون ٽمٽار ڪري پيتيون وڃن ٿيون! ساکرو زندگي جو اهو رخ به عجيب ضرور آهي پر ساڳي وقت دلچسپ ۽ وڻندڙ به آهي. ساڌ ٻيلي ۽ منزل گاهه مسجد جي سامهون واٽر ٽينڪ واري ٽڪر تي ’نوگزي‘ پير جو مقبرو به ڏسڻ وٽان آهي!
سکر ۾ ويهين صدي جي چاليهين واري ڏهاڪي جي آخري ورهين ۾ اسان جي ڪوئنس روڊ واري گھر ۾ ڪيئي قسمن جون ناياب چيزون گڏ ٿي چڪيون هيون. پهرين ته هڪ پڪسري ڪمري ۾ شوَ جو خوبصورت مندر (سن 1942ع جو تعمير ٿيل) هيو جنهن اندر سهڻو ڪارو پٿرائو شولنگ اسٿاپن ٿيل هو (جيڪو ڪنهن جبري ديو هيڪل آفريڪي نيگرو جي ’فلاڻي شي‘ سان مشابهت رکندڙ هيو) ۽ ان جي چؤگرد سنگِ مرمر مان، پاروتي، برهما، گڻيش ۽ نندي (شوَ جي سواري وارو ڍڳو) جا اعلى فني چابڪدستي سان تراشيل مجسما نصب ٿيل هئا، مان ۽ منهنجي امڙ نهايت عقيدت ۽ پيار سان انهن جي پوڄا ڪندا هئاسون. ان وقت مون مٿان ناستڪواد جي هما براجمان ڪون ٿيل هئي. اهي درلڀ شيون گھڻو ڪري لڏ پلاڻ وقت ڪجھ لڏي ويل هندستان ويندڙ گھراڻن ذريعي پلئه پيون هيون جن سان اسان جو گھرو سنٻنڌ رهيو هو. انهن شين ۾ ٽين جي توتاري وارا برطانيا جا ٺهيل ’هزماسٽرس وائس‘ وارن جا مختلف رنگن ۽ ماڊلن جا ٽي عدد فونا به هوندا هئا. انهن سان گڏ ساڳي ڪمپني جا ڪاري پلاسٽڪ جا سوين رڪارڊ به هئا جن مٿان فرمانبرداري سان ويٺل ڪتي جي صورت ڇپيل / اُڪريل هوندي هئي (هتي حفيظ شيخ جي disputed ڪهاڻي هزماسٽرس وائس ياد اچي رهي اٿم). ان دور ۾ اهي شيون اڻلڀ ۽ قيمتي هئڻ ڪارڻ ڪن خاص گهراڻن ۾ ئي ڏسجڻ ۾ اينديون هيون. انهن رڪارڊن ۾ ڪانن ديوي، بيگم اختر، امير بائي ڪرناٽڪي، ڪي سي ڊي، ماسٽر مدن، ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، زهرهه ٻائي امباله والي، ڪي ايل سهگل، مائي جيوڻي جا دل ۾ پيهي ويندڙ، سوزگداز سان جھنجهيل سون ورنا آواز ۽ آلاپ سمايل هوندا هئا، جن اندر ڪلاسيڪي سر تال کان علاوه هلڪيون ڦلڪيون ڌنون به موجود هيون:
تیری گٹھری میں لاگا چور مسافر ... دیکھ ذرا
نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو
نڌر آهيان نماڻي –
ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان منهنجي ماروئڙن جي
ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي –
ڪنهن نه جهليا، ڪنهن نه پليا هتئون ويم هاڻ
ويراڳي وطن لئه –
يا
پيرين پوندي سان، چوندي سان، او! رهجو رات ڀنڀور ۾_
اسان سنڌين جا پنهنجا الڳ ٻول، سُر، ساز، لئه ۽ آواز آهن جيڪي صدين جي ثقافت ۽ تهذيب ذريعي اسان جي جبلت، خمير ۽ سڀاءُ جو اڻ ٽٽ حصو بڻجي روح ۾ رچي ويا آهن. اسان جي سازن ۾ نڙ،گھڙو، الغوزو، بانسري، چنگ، شهنائي، تنبورو يا دنبورو، چپڙي، چڙا، يڪتارو، گھنگھرو، ڇير، بوڙينڊو، جھانجھ، دهل وغيره اسان جي ذوق ۽ شوق ۾ اوليت ماڻن ٿا. اسان جي گھر ۾ گھڻو ڪري مٿيان سڀئي ساز آب ۽ تاب سان هوندا هئا.
ان زماني ۾ شاعري جي صنفن ۾ ڏوهيڙو، بيت، ڪافي، وائي ۽ انهن جو منفرد صوفياڻو رنگ اسان مٿان گھرو چڙهيل هوندو هو. هينئر ان شاعري اندر نيون صنفون جھڙوڪ غزل، نظم، گيت، مسدس، قطعه، رباعي، سانيٽ، هائيڪو وغيره به ’سنڌي رنگ‘ ۾ آنديون ويون آهن، پر پهريائين ڄاڻايل صنفون ’راڳ ۽ ساز‘ سان هم وجود ٿي سموري سنڌ جي روح کي جاڳائي ’ٽانڊو‘ ناچ جھڙي ڪيفيت طاري ڪرڻ جو وسيلو بڻيون هيون، جئين شاهه سائين چيو آهي: ’اهو ٻيو ڪو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي.‘
ويهين صديءَ جي چاليهن ۽ پنجاهه جي ڏهاڪن ۾ سکر شهر اندرگھڻ ماڙ جايون ڪين هونديون هيون. رستا صاف ڪشادا هوندا هئا صبح جو ڀنڀرڪي مهل جعمدار انهن کي ٻهارو ڏئي صاف ڪندا هئا. ۽ شام جو ميونسپل جون ٽينڪرگاڏيون انهن تي ڇڻڪار ڪري سندن رهي سهي دز کي دٻائي سنوتيو ۽ ملوڪ بڻائينديون هيون.
اسين پنهنجي اسڪول مان پڙهي ’هوم ورڪ‘ پورو ڪري اِٽي ڏڪر، چڌن يا ڪوڏين جي راند رمندا هئاسون. شام جو باغ ۾ ’ڪوڏي ڪوڏي‘ لاءِ تيار ٿي وڃڻ روز جو شغل هوندو هو. ان راند ۾ ايتري مهارت حاصل ڪري ورتي هئم جو پاڻ کان وڏي عمر وارن رانديگرن کي به ’اڏامندڙ ڪئنچي‘ هڻي سوگھو ڪرڻ پنهنجي ڏائي هٿ جو کيل سمجھندو هيس. پرڀات ويلي اٿي ڪري باغ ۾ ’يوگا آسڻن‘ ڪسرت جي ٻين طريقن جھڙوڪ ڏنڊ، بيٺڪن، تيز ڊوڙڻ، وزني پڃريون کڻڻ وغيره جسم کي پنهنجي طبعي عمر کان وڌيڪ رڪ جيان سخت، وٽيل سٽيل ۽ مضبوط بڻائي ڇڏيو هو، ان ڪري سکر ۾ ڪوڏي ڪوڏي جو چئمپين ليکيو ويندو هيس. رات جو دير تائين اک ٻوٽ، ۽ ونجھوٽي جيڪا گھڻو ڪري پارسي ڪالوني يا ڪليڪٽري هيٺيان ڪشادي رستن تي کيڏي ويندي هئي، زندگي جي نيمن جو لازمي حصو هوندو هو. بلڪه واري جي ڀريل ٻاچڪن تي باڪسنگ جي پريڪٽس به ڪندو هئس. جنهن بعد ۾ پاڙي، آسپاس جي محلن اندر نامي گرامي ويڙهو گھٽو بڻائي داداگير طور مشهور ڪري ڇڏيو هو. پاڙي ۽ پسگردائي ۾ موجود هڪ سرتين يا پاڻ کان ڪجھ وڏي عمر جي رولو، ننڌڻڪن، ڦڏئي، اوباش ڌڪاڻيل ڇوڪرن جو ’دادا‘ بڻجي ويس _ هندستان مان تڙجي نڪتل پيلي ڀيت، رامپور الهه آباد، مراد آباد وغيره جي پناه گير ڇوڪرن جيڪي نفرت جي جامي ۾ لپٽيل، ۽ بدبودار ذهنيت ڌاريندڙ ۽ هندو دشمني جو ڄڻ مجسم هوندا هئا انهن کان ننڍي ڄمار ۾ ڳلين جي موڙن ۽ لنگھن وٽ ليوڪس پارڪ جي ڪنڊن پاسن، اپر ڪوئنس روڊ، والس روڊ تي خوب مارون ۽ موچڙا کاڌا هئم. اهي ڪٽرپنٿي گڏ جي گُڏ به ڪڍندا هئا ۽ چوندا ويندا هئا، ”مار سالي ’سموا ‘ ڪو، سالا هندو ڪا بچا، حرامجادا پڪڙيئو، مت ڇوڙيئو، ڪافر، ڪافر ڪي اولاد.....“ ’دادا‘ بڻجڻ بعد (ورهاڱي کان اڳ مشن روڊ سکر جا رهاڪو _مشهور گوپ شودو، ۽ موهن شودو پناهه گيرن جي آمد کان پوءِ منهنجا ’آدرش‘ هوندا هئا) مون به پنهنجي ڪاٽڪو ۽ پشاچ دوستن جو ٽولو ٺاهيو جنهن ۾ الو (اِلاهي بخش)، سڪو (سڪندر) گلو، يارو، اسماعيل، هولو وغيره خاص ويڙهو گھٽا هوندا هئا، ۽ پوءِ انهن ڀاڙجي تنبن’حرامزادن‘ کان وياج سميت خوب حساب چڪايم، نَڪَ گيس، ۽ ’ڦلاڻي‘ گيس سندن لاءِ ڄڻ روز جو معمول بڻجي وئي. ايندڙ وقت ۾، عمر جي واڌ سان، انهن مان ڪجھ نه صرف منهنجي پشاچي ٽولي، جو ڪارائتو حصو بڻيا پر سٺا،سيبتا، هڏ ڏوکي دوست به بڻجي ويا. انهن ڪاٽڪو يارن مان بعد جي ايامن ۾ ڪجھ سماج جا ڪارائتا انگ به بڻجي ويا هيءُ اهي ڏهاڙا هئا جڏهن منهنجو گھاٽو، تقريباَ، پڳ مٽ يار، بئريسٽر اين ڪي جتوئيءَ ڪراچي ۾ پڙهائي دوران، اهڙو پشاچي ٽولو ٺاهيو هو، ۽ سندس تاريخي چڪريون، جيڪي ڪالاناگ، شهنشاهه حسين (بعد ۾ مشهور وڪيل ۽ ليڊر) سان لڳنديون هئس اهي ليجينڊ جو درجو حاصل ڪري چڪيون آهن.
ان يڳ ۾ سندس هم عمر دوستن ۾ حفيظ پيرزادو، جسٽس دوراب پٽيل، مصطفى جتوئي، ممتاز ڀٽو _ ۽ بعد ۾ نواب محمد اڪبربگٽي ۽ ايئروائس مارشل (رٽائرڊ) اصغر خان بڻيا. منهنجي ساڻس واقفيت سن1949ع ۾ ٿي هئي جيڪا بعد ۾ سندس زندگي تائين اٽوٽ دوستي ۽ ڀراتري ڀاءُ ۾ بدلجي وئي. عمر ۾ مون کان ست_ اٺ سال وڏو هو، ۽ هن ئي مون کي ’ دادا ‘ بڻجڻ جو اتساهه بخشيو هو_ بعد ۾ خيرپور ڊويزن جي مشهور وڪيل ۽ سندس محترم پيءَ شري قائم الدين جتوئي سان به نيازمندي وارو دوستاڻو ٿي ويو ڇو جو بعد ۾ هو به اسان جي ادبي لڏي (رشيد، قادر صديقي، ملڪ غلام قادر، سعد اختر ۽ مولا بخش ابڙو وغيره) جو undeclared ساٿي ۽ هم خيال بڻجي ويو هو _ ۽ روسو، انگرسال، جي ايس مِل، ون ووڊريڊ وغيره مون کان وٺي پڙهندو هو _ ۽ هفتي جي پڇاڙي ۾ مدئجي ۾ سندس زرعي زمينن تي ’ادبي مالاکڙو‘ معمول جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، ۽ رات جو ’بروهيڻن ۽ بروهن‘ جو لوڪ ناچ ڏسي تن ۽ من کي راحت وٺرائي صبح جو سکر لاءِ، بادل ناخواسته، واپسي جو سفر ڪندا هئاسون.
هتڙي، پنجاهه جي شروعاتي ڏهاڪي ۾، اياز جي دادو جي تَرَ واري مينڌري سعادتي نالي ڪنهن خاتون سان، فرانس جي قداور دانشور، ٻهڳڻي اديبه مادام ڊي سيون (Sevigne) ۽ اختر شيراني جي اصلي _ يا خيالي _ محبوبه سلمى جھڙي‘ محبتي ۽ ادبي خط وڪتابت’ شروع ٿيل هئي _ اِهي خط مون کي به پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو (بعد ۾ هوءَ ٻهروپيو يعني مرد ثابت ٿيو جيڪو کيس ڀوڪ بڻائي رهيو هو). هن جي هڪ موڪليل تصوير ڏسي (جيڪا مون به ڏٺي هئي) جنهن ۾ هوءَ پيرن کان چوٽيءَ تائين، سواءِ منهن جي، ڄڻ بافتي جي ٿان ۾ ويڙهيل، شرم ٻوٽي جيان شرمايل، وڪوڙيل سڪوڙيل لڳي رهي هئي. اِها ڏسي اياز _ بي اختيار ٿي لکيو هو ته هن کيس غالب جو غزل ٿي سمجھو پر هوءَ ته ساميءَ جو سلوڪ نڪتي! غزل جي ’محبوبه‘ مرد مار ۽ خونخوار ٿئي ٿي، سندس نيڻن ۾ ارجن وارا ساڙيندڙ ٻاڻ ۽ ننهن خونخوار جانورن جي چنبن جيان ’رت پياڪ‘ ٿين ٿا_ عاشق جو خون سندن ’مرغوب مشروب‘ هوندو آهي؛ ليڪن ’سلوڪ‘ ۾ ڄاڻايل ’پريتما‘ گونگڙي گانءِ، لڄ ۽ مريادا جي سيمائن ۾ قيد، ۽ عاشق جي ارهه زوراين جي باوجود مٿائنس تن من سميت، ميرا جئين تتي ٿڌي، گھورگھوران پئي ويندي!
هڪ ڀيري (گذريل صدي جي ستر جي ڏهاڪي ۾) پنهنجي هڪ دوست (سوڀو جو وڏو ناٺي) جي ڌيءَ جا اهڙا نوڪيلا، خطرناڪ ننهن ڏسي پنهنجي گھر واري سان ڳجھ ڳوهه ۾ اهڙو اظهار ڪندي چيو هو ته ’روزاني حاجت‘ وقت انهن ننهن سان نازڪ جاين جي زخمي ٿيڻ جو قوي امڪان موجود ٿي سگھي ٿو. منهنجي گھر واري کلندي، سادگيءَ سان ان ڇوڪري (جيڪا ميڊيڪل اسٽوڊنٽ هئي) جي ماءُ سان اهڙو اظهار ڪيو جيڪا سندس ساهڙي _ هئي ! ٻي ڏينهن ڏٺم ته ڇوڪريءَ جي آڱرين وارا ننهن غائب هئا. حيرت وٺي ويم ته اهي ناز ۽ نينهن سان پاليل ننهن ڪئين الوپ ٿي ويا. پڇا ڪرڻ تي ان نينگريءَ شرمائيندي وراڻيو هو ته ” ’دادا ‘ توهانجي اهڙن ’ ويچارن ‘ ٻڌڻ کان پوءِ انهن جي ’ رکڻ ‘ جو ڪو جواز نظر نٿي آيم!“
گذريل صدي جي ساکرو سونهن، سڳنڌ (خاص طور چاليهين ۽ پنجاهه وارن ڏهاڪن ۾) شهري جوڙجڪ ۽ تعميراتي ڏانوَ ۽ فن ۾ فطري حسن، ساوڪ، گل ٻوٽن، وڻڪار، ڪشادگي ۽ صفائي جو وڏو عمل دخل هوندو هو. چئني ڏسائن ۾ باغات: ليوڪس پارڪ، منگل باغ (يا منگھن مالي جو باغ) (جنهن مان نظرو بچائي انب فاروان، امرود، انجير، چيڪو، ٻير _ رابيل ۽ گلاب جا گل پٽيندا هئاسون _ ۽ ڪوڙڪن ذريعي بلبلون ڦاسائي بازار ۾ وڪرو ڪبيون هيون) ڪليڪٽري جي دامن وارو باغ (جنهن مان جھنگل جليبي پٽيندو هئس)، شيخ شينهن وارو باغ (جتان پيرون پٽبا هئا)، ساڌ ٻيلي سامهون اُڀي ٽڪري تي واٽر ورڪس ٽانڪي وارو باغ (جتي اسر ٽاڻي ڪسرت ڪرڻ ويندو هئس)، مختلف اوتارن ۽ مقبرن جي آڳرن ۾ وڻڪار ۽ باغات، بندرروڊ تي جي ايل اسڪول(جنهن ۾سن 1946ع ۾ پڙهندو هيس) سامهون ندي ڪناري وارو خوشنما باغ، ’مائي راجان‘ واري گھاٽ سامهون عاليشان باغ (جتي مون کان گھڻو اڳي موهن ڪلپنا به سير سپاٽو ۽ آوارا گردي ڪندو هو)، والس روڊ تي پارسي آتش ڪده وارو باغ (جنهن مان، ڀت ٽپي، انبڙيون، فاروان، انجير پٽيندو هئس)، ڪوئنس روڊ تي پروٽيسٽنٽ چرچ وارو باغ (جتان جھنگل جليبي تي هٿ صاف ڪندو هيم)، شهر جي وڏين ڪشادين سڙڪن جي ٻنهي پاسي سهڻا ڇٻر، وڻن جون سهڻيون قطارون، آرام جا آسٿان ۽ جابجا جل آشرم موجود هئا. جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ’ڪونرن‘ جو ڄڻ باقاعدي ڄار وڇايل هوندو هو! سمورو بندر روڊ _ سکر پل کان لائڊ بيراج تائين_ وڻڪار، باغن، چهچ سائي ڇٻر جي فطري غاليچن سان جھنجھل هوندو هو، جتي سنڌوءَ جي تهه ۾ يگن کان ويٺل ساڌٻيلو ڪنهن مهان ديوتا يا رشي جئين گھور تپسيا ۽ ڌيان ۾ مگن ڏيکاربو هيو! ڊگهي سمئي مٿائنس گھاٽين جٽائن وانگر لاجواب باغن، ميويدار وڻن، سهڻين ڇٻرن جو ڄڻ مايا ڄار پکيڙي ڇڏيو هو! پکين، جن ۾ مور، طوطو، ڳيرو، جھرڪي، ڪانو، هدهد، ڪوئل، ٽيٽيهر، ڪٻر، بلبل وغيره جام هوندا هئا، سان لات ۽ آلاپ ۾ ٻهه ٻهه ڪندو ۽ ڄڻ سدائين ڪنهن الوهي ۽ الهامي سنگيت رس ۾ جھولي جيان جھولندو پسبو هو.
صرف ان اندر ورکنڊي مهراج جي مندر جي ٻاهرين سنگ مرمري ڀت تي گھڙيل، چٽيل نرڪ جي پيڙا ۽ هردم ٻرندڙ باهه جو ڀوائتو منظر ان روماني ڌرم لاءِ من ۾ ڀيد، ڀوَ ۽ اڻ وڻندڙ ڪيفيت پيدا ڪندو هو. ان جي اعلى ۽ شاندار تعميري اڏاوت، سواءِ نرڪ جي هڪ منظر جي، من مان موت جو ڊپ ڪڍيو ڇڏي ٿي، ۽ ان کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ياست جي پردي مان خوشي ۽ آنند جو جھرڻو ڦٽي نڪتو هجي، جئين ته اهو ڪنهن پوريا رچڪ مان بي ساخته ڦُٽو آهي تنهن ڪري ان ۾ ڪنهن پورالي پريم جي ڪيفيت جو پڙاڏو سمايل آهي.
بلڪه ساڌٻيلي اندر ’نرڪ ‘ جي اُڪريل منظر کي ڏسي اٽلي جي شهر ’بريرا‘ ((Barrera جي عجائب گھر ۾ موجود مائيڪل اينجيلو (M.Angelo) ۽ انتونيوڪنووا (Antonio Canova) جي الڳ الڳ سنگمرمري مجسمن جو ويچار اُڀري ايندو هو. ائنجيلو جي مجسمي ۾’نرڪ‘ جو دائمي ڀيانڪ منظر نظرن آڏو موت مايوسي ۽ فنا جي فڪر کي اڀاري حيات کي زهرآلود ڪري ڇڏيندو هو؛ ان جي ڀيٽ ۾ ڪنووا جي شاهڪار ۾ ڇوليون هڻندڙ مٺاس ۽ ’بدن ‘جي لڀائيندڙ لاهن چاڙهن، اُڀار کي پسي زندگي آشا سونهن _ ۽ انساني عظمت جي احساس کي وڌيڪ گھرو ڪري ’جيئڻ، ماڻڻ ۽ ماڻائڻ‘ جي قدرن ۾ وشواس کي مضبوط ڪرڻ جو اتساهه ڏياريندو هو.
جيتوڻيڪ مهذب ۽ عيسائي مذهبي دنيا آڏو اٽلي جون ٻه عظيم شخصيتون؛ ادب ۾ ڊانٽي (Dante)، ۽ چترڪاري، مجسم سازي ۾ مائيڪل ائنجيلو ’ديوتائن‘ جھڙو سنيهه ۽ سنمان ماڻين ٿيون _ پر، ’نرڪ‘ جي منفي ڏيک مون جھڙن ڪيترن ئي من موجي ۽ رجاعي روحن کي ڏکويو هوندو!
انهن سڀني ماحولياتي چڱاين، سونهن ۽ سڀاڳائي سکر اندر ڄڻ هڪ قسم جي لازمي ايڪتا ۽ اتحاد قائم ڪري ڇڏيو هو. ائين ڀاسندو هو ڄڻ سڀئي شهر واسي رنگ روپ ڌرم مذهب جنس ۽ جان جي ويڇن ۽ سنڌن کي ريٽي ’دائمي سونهن جي جذبي سان پيدا ڪيا ويا آهن‘.
ماضي جي انهن دائمي سونهن وارن ڏهاڙن ۾ ڀنڀرڪي جو اٿڻ مهل پاڻ کي بُربل ۽ جھرڪي جيان تازو توانو خوش ۽ بي فڪرو محسوس ڪندو هئس. اسر ويلي سج جا نوان ڄاول ٿڌيرڙا ڪرڻا، پکين جي مٺي لات ۽ فضا ۾ ڦهليل بهار جي سڳنڌ ڄڻ سموري موجودات ۾نڪور روح ڦوڪيندي محسوس ڪندو هئس هر جاءِ اندر ڄڻ الوهي هم آهنگي جو راڄ هو. اڄوڪي دور ۾جھوپڙ پٽين اندر جئين ماڻهن جا هشام نوح جي ڪشتي وانگر انبوهه _ ۽ پيهه جي صورت ۾ هڪٻئي مٿان سٿيل نظر اچن ٿا، ماضي جي سکر ۾ اهڙو اُٻٿ پيدا ڪندڙ تصور به محال هوندو هو. هر طرف ايڪانت شانتي سنگيت ۽ سونهن جو مانڊاڻ متل هوندو هو.
ماضي جي يادن جا ڪجھ اهڙا سون ورنا پل آهن جن کي اڪيلائپ ورجائيندي رهي ٿي. انهن يادن جي ’ڪُسم ڪلي‘’من موهن موهني‘’ساڌٻيلي ‘’برهم چاريه آشرم‘ سان ورهاڱي جو عذاب، ٻائوهرنامداس، سنگدل مرهٽو استاد ائين چهٽيل آهن جئين گڏيل هندوستان جي تاريخ سان اورنگزيب، مير جعفر، مير صادق جا نانءُ ڳنديل آهن.
جڏهن دهلي، بمبئي، رشي ڪيش، پوني، اندور، سري نگر، شملا يا ديرادون _ ۾ هوندو آهيان تنهن مهل سکر جي ياد جسم جي ڪنهن وساريل ’اهم حصي‘ (Organ)جيان اکين آڏو اچي بيهندي اٿم _ جنهن جي کوٽ ’روح ۽ بدن‘ جي اڻ پورڻتا جو احساس ڏياريندي آهي.
انهن شهرن اندر پاڻ کي صرف ساهه کڻندو محسوس ڪندو آهيان؛ پر، ’ ماڻيندو ‘ ۽ ’ جيئندو ‘ سکر ۾ آهيان.
سکر سان سنيهه اندر ايڏو اپار ولولو، اتساهه ۽ محبت محسوس ڪندو رهان جيڏو بالزاڪ، ازولا ۽ موپسان کي پيرس جي ڌرتي سان هوندو هو، يا جيمس جوائس کي ڊبلن جي سرزمين سان، يا جيڪو ڪجهه چارلس ڊڪنس ۽ جوزف مچل لنڊن ۽ نيويارڪ جي سونهن، سڳنڌ ۽ ساءُ رسائڻ جي ڏس ۾ ڪيو هو _ آءُ ساڳيو اوچو ڪرم سکر لاءِ ڪرڻ جو ڪانکي آهيان. سکر جو مون مٿان بي حد قرض ۽ فرض آهي. شايد، ڄمارون گذرڻ کان پوءِ به لاهي ڪون سگهندس.
هن مهل هتڙي ناموس/ سياست/ ذات/ وجود جو معيار ليکيا وڃن ٿا، سچ کي ٿڏي هيٺ ڪيرايو ويو آهي. ان خود غرضاڻي هدف جي حصول لاءِ انتظار ۽ سمجهوتي بازي کي فن جو درجو ڏنو پيو وڃي.
سکر جنهن جو منهن، مهانڊو ۽ آتما بدمعاشي، ڪرپشن، فاشي سياست جي ڪڌن ڪرتوتن هيٺ بگاڙيو، برباد ڪيو ويو آهي. ان جي اوائلي اسپرٽ کي اڃان تائين ڪجهه املهه ساعتن ۽ صورتن ۾ پسندو رهان ٿو _ ۽ ان طريقي سان آشا جو ديپ روشن رکڻ جو جتن ڪندو رهان ٿو. بدبختي مان نرواڻ جي دڳ کي ڦوليندو رهان ٿو. شايد، باسويل (Boswell) وانگر سدائين ان جي حُسن بابت ورق ڪارا ڪندو رهندس.
ورهاڱي کان اڳ جيڪب آباد ۾ ٽي جايون بدلڻيون پيون، شڪارپور ۾ برهم چاريه آشرم جي وڏي ’شاهه نما‘ هال جي آباد ڪنڊ کي خير آباد ڪرڻو پيو هئم، ۽ سکر ۾ به ملڪ جي تقسيم کان اڳ ۽ پوءِ اٽڪل ڇهه گھر بدلائڻا پيا هئم _ ۽ ان بعد ڪوئٽه (بلوچستان) ۾ جلاوطني دوران نانگ جي کل وانگر پنج گھر بدلائي چڪو آهيان _ ڪٿي به شانتي سان ٿانءُ پائي ڪين سگھيو آهيان. انهن گھرن جون تکيون مٺيون يادون ۽ انهن جا ذهن ۾ موجود ’خال‘ اڪيلائپ جي گھڙين ۾ جسم بلڪه روح اندر گھاون ۽ رسندڙ زخمن جيان چڪندا محسوس ڪندو رهان ٿو، مان به جيڪر وڻن ٽڻن، پٿرن پهاڙن، ۽ ٻوٽن جيان هجان ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها، احساس ۾ لذت به ڀرپور آهي ۽ پيڙا به اپار:
سنتا ہوں بڑے شوق سے افسانہِ ہستی
کچھ خواب ہے کچھ اصل ہے کچھ طرزِ ادا ہے
اسان وٽ يادن ۽ حسرتن جي بي مول موڙي کان سواءِ ٻيو ڪجھ ڇا ٿورهجيو وڃي؟ ماضي اطلس جھڙو آنند بخش به ٿئي ٿو ۽ ڪنڊن جھڙو رهڙيندڙ به، موجود ۽ ناموجود وچ ۾ هڪ ڊيڄاريندڙ ’ديو‘ جيان، موت ۽ زندگي جي پهـچ کان پري اهڙي مهل زندگي بي مقصد، خدا جيان اتفاقي ۽ حادثاتي ڀاسندي اٿم.
بزم خیال میکدہ بے خروش ہے
ڪلپنا جي پرن تي اڏامندڙ ميخاني جي نشي جو سرور ۽ مڌهوشي ڇهڻ سنگھڻ ٻڌڻ ذائقي ۽ پسڻ جي پڪڙ کان پرانهين ۽ وڌيڪ جادوان ۽ امرتا ۾ رتل ڀاسندي اٿم.
سکر جي آمريڪن بار، ڪوئٽه جي ساقي مئخاني ۽ حيدرآباد جي ونڊسر ۽ رٽز شراب خانن ۽ ڪراچي جي پام گرو ۽ ڪراچي بوٽ ڪلب جي مئخانن کان گھڻو وڌيڪ لذت آفريني خلوت جي تخليقي ۽ تصوري ساعتن ۾ محسوس ڪندو رهندو آهيان. ڪسم، زينوبيا، قلوپطره، لوڪريشيا بورجوا، ڪيٿرائن دي گريٽ، جارج سئنڊ، جينا لولوبرجيدا، سيفو، مڌوبالا، سلوانا ميگانو، امرتا شير گل، قرت العين طاهره، شرلي ميڪلين جي سونهن سنيهه ساڃهه ۽ سياڻپ جون سرڪيون ڀريندي ٿڪبو ئي ناهيان.
اجنتا ايلورا کج راءُ وغيره جي تصويرن ۽ مورتين جي دلڪش ونگن ۽ رنگن اندر سمايل خاموش سُر ۽ تال، انساني جسمن جي لوچ، تناسب ۽ حسن منهنجي جمالياتي ذوق جو امر حصو آهن ـــــ ۽ انهن اندر موجود سچ ۽ صداقت همه گير ۽ مڪمل ڪوٺي سگھجي ٿي. اهڙي خيالن ۽ يادن جو سدا روان دوان قافلو منهنجي دل ۽ دماغ جي واٽن تان هلندي جمالياتي حس ۽ حسيت کي هميشه ريج ڏئي جرڪائيندو رهي ٿو. ان Fantasy ۾ سمايل سُرَ سونهن ڏاهپ سدا وهڪ ۾ موجود سنگيت رقص ۽ شاعري حقيقي دنيا کان وڌيڪ حقيقي شاداب سرسبز ۽ متحرڪ ڀاسندي اٿم، قاضي سليم چواڻي اڄوڪو دور ڪيڏو اذيت ناڪ آهي: ”ڪيڏو بي درد سمئي آهي سچائي، نيڪي، عظمت، عزت پيار، محبت اهي سڀ اهڙا گرهه آهن جيڪي ڪڏهوڪو پنهنجي مدار تان ٿڙي ويا آهن. “
آءُ انڊلٺي رنگن کان وڌيڪ چمڪندڙ روشن ۽ انهن وانگر شوخ رنگن ۾ ملبوس پنهنجي خوابيدهه، جادوئي ’ٻالڪپڻ‘ جي يادن کي لڳاتار سموري ڄمار ياد ڪندو رهندس ـــــ ڇو جو حقيقت ۾ منهنجي تعليم ۽ تربيت، ان ٽاڪنئي عمر ۾ جيڪب آباد ، شڪارپور ۽ سکر جي سوڙهين ۽ ويڪرين، اونڌائين ۽ روشن ڳلين ۾ ئي ٿي هئي. جيتوڻيڪ گدائي، اياز ۽ راز ڪنهن حد تائين ڄمندي ڄام هئا ۽ انهن ٽنهي شهرن جا رهواسي به هئا.
پر، ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ کي انهن ٽنهي پوتر شهرن جو جيئرو جاڳندو مجسمو سمجھندو آهيان. ڀل ڪوئي ان دعوى کي وڏائي يا وڌاءُ سمجھي، مون کي رتي برابر به پرواهه ڪونهي. اهي منهنجي تن من ۽ روح ۾ سمايل آهن ۽ مان انهن جي تن من ۽ آتما ۾ وسندو رهان ٿو.
هينئر پاڻ کي دهلي ڏانهن ؤشنو جي ’وامن‘ اوتار جيان ڊگھي ٻرانگھ ڀريندو ڏسان ٿو. ڪڏهن ڪڏهن دهلي ۾ شدت سان احساس ٿيندو اٿم ته پنهنجن ويجھن سنگتين، ساٿين ۾ اڻ ڏسنجندڙ ۽ اڻ ڇهي سگھجندڙ ڪنڊيدار پلن، منٽن ۽ ڏينهن جا ڄڻ اپار لوڙها ڏنل آهن جن کي اورانگھڻ _ وامني سگھ هئڻ جي باوجود _ ناشدني عمل ڀاسندو اٿم. اهڙي مهل اڪيلائپ جو اجگري احساس multiply ٿيندو رهندو آهي:
پھیلا ہوا تھا شہر میں تنہائیوں کا جال
ہر شخص اپنے اپنے تعاقب میں غرق تھا
یا
کھلا یہ بھید کہ تنہائیاں ہی قسمت ہیں
اک عمر دیکھ لیا محفلیں سجا کر
ڪراچي، بمبئي ۽ دهلي ۾ ئي سڌ پئي هئم_ ۽ راز افشا ٿيو هو ته 1947ع ۾ سنڌي شرنارٿين جيئن تهذيب ۽ ثقافت به لاڏاڻو ڪري، شايد، مقام ۽ مساڻ وڃي وسايا هئا!
تہذ یب کو تلاش نہ کر شہر شہر میں
تہذ یب کھنڈروں میں ہے کچھ پتھروں میں ہے
گذريل سورهن ورهين کان ڪوئٽه کان لاهور، ۽ لاهور کان دهلي ريل ۽ بس ۾ سفر ڪرڻ دوران پاڻ کي _ ڪڏهن ڪڏهن _ هڪ تڇ ٽٻڪي يا ٻڙي جيان سمجھندو رهيو آهيان؛ ان ’سفر‘ کي صرف ابتدا ۽ انت هوندو آهي پر، ان جو ’وچ ‘ سدائين ناموجود رهيو آهي. ان ناموجود اندر موت جو تاريڪ پاڇو سامونڊي مانگر مڇن جيان لامارا ڏيندو پسندو رهيو آهيان _ بي ڪنار، اڻلڀ وچ! ان وچ ۾ انيڪ درلڀ، دانشور، فهم فراست جي مَکَ سان چٽيل چهرا: لڇمڻ، وينا، جيٺلي، هيروٺڪر، ماياراهي، نندجويري، نارنگ ساقي، جوگيندرپال،گوپي چند نارنگ وغيره ’ نقابن ‘ سان يوناني ديومالائي Hades جي تري ۾ تڙڳندا ڏٺم!!
’موت‘ جو ذڪر ڪيو اٿم جنهن سان گھڻو گھڻو اڳ ۾ _ ٻالڪپڻ، جواني _ ۽ هينئر پيرسني ۾ به شناسائي ٿيندي رهي آهي؛ پر، اڃا تائين منهنجي پاڇي، وجود کان ٽهندو رهي ٿو. ان وقفي دوران گھڻي موج مستي، آواره گردي ڪندي ڳائيندو ۽ چاهيندو رهيو آهيان هر وقت جيون آزاد پنڇي جيان گھارڻ جي تمنا رهي اٿم، ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿيندو رهيو آهيان.
ان اڻلڀ ۽ وڃايل وچ اندر ئي ته هوريان هوريان اڀرندڙ روشني جو مرڪز يا هالو (Halo) سمايل آهي جيڪو ندي جي وهڪ جھڙي زندگي جي تجربي ۽ مشاهدي ۾ ساهه کڻندو، سهڪندو محسوس ٿيندو اٿم _ ان اندر ئي زندگي جي سچائي پنهنجي مڪمل تکي، تيز اکين اندر چڀندڙ اڇاڻ سان موجود رهي ٿي جيڪا ذهن ۽ من ۽ وجود کي موڳو، انڌو ڪندي رهي ٿي.
پهرين پريم کي ساريندي ان جو سواد وجود مٿان سج جي پهرين نرمل ڪرڻي جيان سدا امرتا ۾ ٻڏل محسوس ٿيندو رهي ٿو_ ان کي پنهنجي جبل جيڏي مضبوط اڪيلائپ جي سانت ۾ ڇهي، سنگھي ۽ ان جي لذت سدا محسوس ڪري سگھندو آهيان؛ اهڙي مهل پاڻ کي گھڻو ڪجھ ڏسي سگھڻ جو اهل سمجھندو آهيان پر، اهڙي امر احساس کي صرف پنهنجي هٿن ۾ جھلڻ جي سگھ ڪون هوندي اٿم! هن؟ جي محبت جا ونگ ۽ ڏنگ منهنجي وجود جي اونهاين جي پاتال ۾ پيوست ٿيل آهن:
”وہ جو رات مجھ کو بڑے ادب سے سلام کرکے چلا گیا
اسے کیا خبر میرے دل میں بھی کبھی آرزو ئے گناہ تھی“
جان سان سلهاڙيل روح ائين اوچتو وڇڙندا رهن ٿا جئين تتل واري تي مينهن ڦڙا جذب ٿيو وڃن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن مان کيس آوازن ۽ پڙاڏن ۾ محسوس ڪندو آهيان جن جا لفظ ۽ انهن جون معنائون بي وجود هونديون آهن. ۽ تن معصوم ڏهاڙن ۾ لوڙ هن ۽ سرحدن جو ڪو وجود ڪون هوندو هو؛ صرف نظر جي ڏوري تائين بي ڪنار اُفق هوندو هو جنهن جون واديون ۽ ميدان مايوسي نراسائي ۽ غم جي پاڇي کان به نا آشنا هئا. ما اڃاتائين کيس فضا ۾ چهٽيل آوازن، پڙاڏن ۾ ڳولي لهندو آهيان، ۽ انهن جي ’معنى‘ يا ’لفظن ‘ جو ڪو تاڃي پيٽو بلڪل ڪون هوندو آهي. هڪ لِڱا، صرف هڪ لڱا، اٺيتاليهن ورهين جي اجگر جيڏي ڊگھي وٿي کان پوءِ سرحد جي هن پار سندس پرو ڳولهي لڌم پر، همٿ ڪون ساري سگھيم ۽ صرف سنديس آستان تي سيس نوائي موٽي آيس! ان بعد، ويجھڙائي ۾، پندرنهن ورهين کان پوءِ سندس’اوچي اُڏام جي سڌ پيم ۽ ٻيهر به سُسيل سرير ۽ دردوندي دل سندس شهر جي چرنن ۾ شرڌانجلي جا ٻه گونگا ڳوڙها ڳاڙي ناڪام ۽ ناشاد موٽي آيس.
اهڙي مهل ائين ڀاسندو هيم ڄڻ منهنجو پاڇو مون کان اڳتي نڪري ويو هجي، ۽ آءُ وري سج کان اڳتي نڪري آيو هجان، اهڙي وقت ائين به محسوس ڪندو هيس ڄڻ منهنجي وجود پنهنجي پاڙ سميت، ڳاٽ اوچو ڪندي، گل جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي ۽ سورهيائي سان سج سان نظرون ملائي رهيو هو _ ۽ ان سورهيائي جي انعام طور بارش جون ڌارائون ڄڻ وجود مٿان ميراڻ جي ڄميل تهن کي ڌوئي صاف ڪري رهيون هيون. ان مهل ئي محسوس ڪيو هيم ته ستون آسمان (يا اندر پوري) خواهش ۽ ڀوڳڻا جي پهچ کان گھڻو ڏور ۽ اتاهون هيو.
اسیر ہی رہے ہم پچھلے عہدناموں کے
ہمیں خبر ہی نہیں تھی رتیں بدل گئیں
یا
یہ کائنات ہے میری ہی خاک کا ذرہ
میں اپنے دشت سے گذرا تو بھید پائے بہت
یا
نہ پوچھ حال ، میں وہ چوب خشک صحرا ہوں
لگا کے آگ جسے قافلہ روانہ ہوا
ڪڏهن ڪڏهن جاڳرت گھڙين ۾ اکيون ٻوٽي سون ورنن سپنن کي زندهه رکڻ جو جتن ڪندو رهيو آهيان، تنهن مهل وجود جي پاڙن کي آسمانن جي اونهاين ۾ پيهندو محسوس ڪندو آهيان، ۽ پنهنجي وجودي ٻانهن ۽ هٿن کي زمين جي اندر ڪجھ ڦوليندو ڏسندو آهيان، ۽ ان مهل ئي زبان تي اڻ ڄاتل امر ميوي جي لذت ۽ سواد محسوس ٿيندو اٿم _ ۽ ان مهل گوتم ٻڌ پاران’ويسالي‘ جي اپسرا نما نرتڪي کي ڏنل ’امرا ڦلي‘ جي سموري فلسفي جا جزا واءُ ۾ ڪک پن ٿيندا پسبا آهن. مورپنک جھڙي نرم چانڊوڪي ۾ وجود مٿان برفاني ذرڙا اڏامندي انڊلٺي رنگ چٽيندا پسبا اٿم _ ۽ اهڙي سمئي ۾ منهنجي بند ٿيل اکين جي پنبڙين مٿان يگن کان ڄميل يادون رجنديون پگھرجنديون محسوس ٿينديون اٿم، ۽ اڇا ڪارا چٽڪٻرا لبادا هير جھڙي واءُ ۾ اڏامندا، تهن اندر لڪل معطر چانڊوڪي پسائيندا رهندا آهن.
سیاحت ذات پر خطر ہے
روا ئے شب دور تک سمندر
لہو کی موجوں کی رہ گذر ہے (شاذ تمکنت)
جنهن مهل ڌنڌ جي سانت ۾ بارش جي رم جھم وڌندي ڪنن ۾ عجب سرگوشين جي ڌم لايو ڇڏيندي آهي _ ان مهل من بلڪه آتما جي اونڌاهين مان ڀوائتيون بلائون لياڪا پائي ٻاهر نڪرڻ جو جتن ڪنديون پسبيون آهن.
اهڙي وقت وجود اندر ڪؤڙاڻ محسوس ڪندي پاڻ کي موت لاءِ ٻاڏائيندو محسوس ڪندو آهيان ته جئين ’پاڻ ‘ شرمساري حالت، اپار اڪيلائپ، ڏنگيندڙ اُٻاڻڪائي ۽ بي ڪنار گھيراءُ کان بچائي سگھان؛ پر:
دکھا تو دیتی ہے بہتر حیات کے سپنے
خراب ہوکے بھی یہ زندگی خراب نہیں (فراق)
یا
موت اک آ گہی کا وقفہ ہے
یعنی آگے چلیں گے دم لے کر
پيرسني کي، جنهن جي بي ڪنار دٻڻ مان هن وقت لانگهائو آهيان، ڪڏهن به آشيرواد يا وڏي اَوَرجا ماڻڻ واري دعا سان تعبير ڪرڻ عبث ۽ غير واجبي آهي.
صرف ڪنهن ڪنهن ماڻهو جي ماکي جھڙي مرڪ ذهن ۽ ڪلپنا ۾ مقدس جوت جيان ٻرندي رهي آهي _ زمان، مڪان ۽ اجل جون حدون اورانگھي ’ڪ‘ اهڙي ئي هستي هئي جنهن مون کي ڪچڙي عمر ۾ ئي سونهن ساڃهه ۽ ساءُ سان سڃاڻپ ڪرائي هئي. پاڻ جسماني طور گاهه جي پتي جھڙي نازڪ نفيس اطلسي ۽ پر ڪشش:
پھرتے تھے دشت دشت دیوانےکدھر گئے
وہ عاشقی کے ہائے زمانے کدھر گئے
منهنجي ٻاراڻي حيا کيس ڏاڍو ڀانئن پوندي هئي پر، پاڻ ته سونهن ۽ سياڻپ جو شاهڪار هئي:
سوچو تو بڑ ی چیز ہے تہذیب بدن کی
ورنہ تو بدن آ گ بجھانے کے لئے ہیں
هتڙي هڪ ٻي مخملين ياد به ڀنڀوري جيان اڏرندي ذهن جي ساحل ڀيڙو اچي ٿي اٿم. شاعرِ ڪائنات جي شعله صفت سالي ’ملڪه‘ کي هڪ لڱا ماضي بعيد ۾ ’اوچتو‘ اطلسي بي لباسي ۾ پسي، ۽ ان جي سڳنڌ ڀرئي انمول تاثر کي ياد ڪندي اڪثر هيءُ شعر ياد ايندو اٿم:
نکھارتی تھی وہ ننگے بدن سے اپناپن
لباس میں تو وہ مجھے اجنبی سی لگتی تھی
يا Keats جو هيٺيون شعر به منهنجي جذباتي ارتعاشي جي نمائندگي ڪندو پسجي ٿو:
“Light feet, dark violet eyes, and parted hair,
Soft dimpled hands, white neck, and creamy breast.”
منهنجي زندگي جي آخري ڇيڙي مان بي رحم وقت وڏو گرهه ڳڙڪائيندو نظر اچي ٿو.
گذريل عهد جي تاريخ جو اهم ذرڙو پيش ڪندي فخر پيو محسوس ڪريان جنهن جو صرف آءُ آخري اکين ڏٺو گواهه آهيان.
بقول شخصي حقيقي زندگي ۾ ڪو تماشبين ڪون هوندو آهي؛ پر، سڀيئي زندگي اندر با عمل ڪردار هوندا آهن جيڪي پنهنجا پنهنجا فرض ادا ڪندا رهن ٿا _ ۽ مان به ابتدا کان ڀوڳڻائن سان پُر فرض نڀائيندو رهيو آهيان.
هڪ ٻي ياد به پوپٽ جيان اُڏامي هٿ جي پٺيءَ تي اچي ويٺي اٿم. هماليه جي ڀر ۾ بدري ناٿ (سامونڊي سطح کان چوڏهن هزار فوٽن جي بلندي تي)، ’هيم ڪنڊ‘ (جتي سکن جي آخري ڏهين گرو گوبند سنگھ به ڌوڻي ڌمائي هئي) جي اپسرائي ياترا دوران ڪشادهه چهچ سبز وادين اندر صرف ’ديوتائن ديوين‘ جي محسوس ٿيندڙ آمد يا پنهنجي قدمن سان ايڏا اوچا برف پوش پهاڙ گونجندي محسوس ڪيا هئم _ ۽ ان هيمنگوي جو ’سنوز آف ڪلمنجارو‘ به اکين آڏو جھپڪو ڏئي تري ويو هو. سموري دڳ، ۽ انهن ’ڌامن‘ تي جابجا ستارن جيان جھرمر ڪندڙ مندرن جي گھنڊن گھنڊڙين جي مترنم گونج ماڻهن جي انبوهه کي انهن اندر داخل ٿيڻ جي پيار ۽ پاٻوهه سان ڀريل ڪوٺ ڏيندي به ڏٺي ۽ محسوس ڪئي هئم _۽ ان انبوهه جو هڪ ذرڙو آءُ به هئس _ناستڪ ۽ اوشواسي!
¬