آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

پاتم جھاتي جهان ۾

ھي ڪتاب شيام ڪمار جي لکيل آتم ڪٿا آھي. تاج بلوچ لکي ٿو:
”شيام ڪمار جي آتم ڪٿا اندر ”ڪردارن“ ۽ ”فنون“ جي گھڻ رخائين ۽ اڻ ڳڻت انيڪتا ڏسي تپرس ۾ ويڙھجي وڃبو آھي. انھن ڪردارن ۾ ”ماڳ“ به ساھ کڻندا ۽ زندھ محسوس ٿيندا آھن. انھن اندر راوڻ، اٽيلادي ھُن، چنگيز جھڙا انسان ڪش ڪردار به آھن، ۽ مھاتما ٻڌ، سقراط ۽ البرٽ شويٽرز جھڙا امن پسند روح به. انھن اندر ليوڪريشيا بورجيا، ڪيٿرائن دي گريٽ ۽ قلوپطره جھڙا حسين ۽ من موجي چھرا به آھن، ۽ ميرا، قرت العين طاھراه، ميري مگدلين جھڙيون نفيس، ٻھڳڻيون ۽ پوتر آتمائون به ٽلنديون رھن ٿيون. سندس آتم ڪٿا اندر ”پيار“ سدائين دک، ڀوڳڻا، غم ۽ اُداسي جو سبب بڻجندو ڏيکاري ڏئي ٿو: وطن سان، ڪامڻي سان، الوھي شبيھه سان يا تخليقي عمل سان؛ سڪون (باطني ۽ خارجي) کي ڊانواڊول ڪندو رھي ٿو. پر، ”لفظ“ ۽ ان مان اُپجيل ”ھيئت“ سان محبت جو مٺاس ڪڏھن جھڪو نٿو ٿئي.“
  • 4.5/5.0
  • 2081
  • 243
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيام ڪمار
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پاتم جھاتي جهان ۾

شيام _ اشوڪ اروڙا _ شيام

جيڪي ساروڻيون مايوسي، اُداسائي ۽ پيڙا کي جنمين ٿيون اُهي وڌيڪ لُڀائيندڙ هونديون آهن. هونءَ به آنند دائڪ ۽ غم ٻڏل يادون ’عذاب‘ ۾ مبتلا ڪنديون رهنديون آهن.
انهن ۾ امڙ واتان ٻڌايل عجب ۽ سون ورڻيون ڪهاڻيون به اچيو وڃن ٿيون. اِهي ڏيئي يا لالٽين جي جهَڪيِ يا تيز ٿيندڙ پراسرار روشني مان پيدا ٿيندڙ ڊگهن ۽ پتڪڙن پاڇن جي پس منظر ۾آشا، ڏر ۽ اسرار جي اڻ ڄاتل ۽ اڻ وسهندڙ دنيائن ۾، وشنو شرما جي پنچ تنتري سنسار، هومر ۽ جيمس جوائس جي ’يوليسس‘ جي Circe واري سرزمين، الف ليلوي ‘حاطم تائي‘ جي جادونگرين _ ۽ ڪوهه قاف جي پرستانن جو سئر ڪرائينديون هيون. انهن ۾ موجود ڪردار گل ڦل راڻي، سدا حسين ’سونڻ ٻائي‘، هڪ اک وارو ظالم ديو ۽ ننڍڙا ننڍڙا ڪڏندڙ _ هاڪاري ۽ ناڪاري قوتن جي نمائندگي ڪندڙ _ جنڙا اڃا تائين منهنجي لاشعور ۾ پنهنجي وجود کان وڌيڪ سرگرم عمل ۽ زندهه آهن. اُهي آکاڻيون نه صرف مون جهڙي معصوم ٻالڪ کي موهينديون هيون، بلڪ منهنجي سوچ موجب سمجهدار بالغ ذهن لاءِ به انهن ۾ جاندار دلچسپي جو پهلو موجود هوندوهو. اُهي اُڻت، هيئت ۾ گل جي پنکڙين جيان نفيس، ٽاڪئيون ۽ سندن غير جسماني ڇهاءُ ۾ پشم وانگر لسيون لڳنديون هئم.
گهڻو پوءِ ڇوڪراڻي اوَستا ۾ ڪتابن کي ’ڌيان‘ سان پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. جنهن بعد ۾ اُتساهي جنون جي صورت اختيار ڪري ورتي . انهن مان حاصل ٿيندڙ هر نئين، پختي ۽ ولوڙ پيدا ڪندڙ ڄاڻ ساڳئي وقت ذهن ۽ دل تي تازن ۽ اڻ مٽ نقشن ۽ ڇاپ جي ڄڻ ڌم لڳائي ڇڏي هئي. جيڏا اڻاوا ڏکيا ۽ مشڪل موضوع هوندا هئا اوڏا وڻندا هئم _ ۽ روح تي عجب قسم جي مٺاس ۽ تازگي جو احساس اڀرندو هئم. منهنجي من مٿان انهن جي پيهه اجهل هوندي هئي . جيتوڻيڪ ان ڪچڙي عمر ۾ ئي روڄ راڙي، ڏک غم ۽ افراتفري عذاب سان مهاڏو اٽڪي ويو هو پر، ڪتابن جي ڌتاريندڙ موهيندڙ روحاني ڪاهه منهنجي توازن ۾ ڪڏهن ڪو وڳوڙ ڪين پيدا ڪيو .
گهڻو ڪري غربت سڀاءُ اندر’ شڪ ‘جو ناسور جهڙو عنصر پيدا ڪندي آهي _ ۽ مون کي ان جو گهرو تجربو آهي. منهنجو سمورو وجود، ڪچڙي وهي کان وٺي پيرسني تائين حيا شرم، آدرشن جي پاسداري ڪارڻ _ غربت جو گدلو، بڻاس ڏيندڙ، داغدار ليڙون ليڙو پهراڻ بڻيو رهيو آهي! ماڻهو مٿان ان جو مڙهجڻ کيس گند ڪچري کان به وڌيڪ حقير بڻايو ڇڏي ٿو_ هر بني بشر آڏو کيس بي مانو ڪريو ڇڏي ٿو. ڪارنهن ۾ وڪوڙيل اهڙين روئاريندڙ ساروڻين جي باوجود ماضي چنڊ جي نرمل چانڊاڻ جيان چمڪندڙ ۽ موهيندڙ ڀاسندو اٿم _ ۽ ’حال‘ هاڻي به ، ننهن کان چوٽي تائين بي ڪئتو، اونڌاهو ۽ ڏهڪائيندڙ محسوس ٿيندو اٿم!
غربت جو بدبودار ڀوت ماڻهو کي ميسڻو، موڳو، بي مهابو ۽ بي غيرت بڻايو ڇڏي ٿو. اها ’پستي‘ خدا جي نظرن ۾ (اگر هن جو وجود برحق آهي؟) شيطان جي پستي کان به وڌيڪ ڪريل ، ڪني ۽ ڪوجهي آهي.
اُهي ڏينهن به هوندا هئا جڏهن کيسي ۾ نه ڪا ڪوڏي يا پائي هوندي هئم بلڪ، اصطلاحاَ کيسوئي ڪونه هوندو هو! جيتوڻيڪ ’نٽ همسن‘ جي ناول ’بک‘ (Hunger) جي مرڪزي ڪردار جيان بک ۽ ولهه ۾ وڪوڙيل رهندو هئس، يا ’وڪٽر هيوگر‘ جي انمول رچنا ’بدنصيب‘ جي ڪردار وانگر مقدر ڇاڻي جهڙن سوراخن سان سٿيو پيو هوندو هو پر، ان جي باوجود خوش ۽ خورم هئس ! انهن سون ورنن ڏهاڙن ۾ راجڪپور جي فلم ’آوارهه‘ جي مکيه ڪردار جيان جيڪب آباد جي ڪشادين سڙڪن، شڪاپور جي لکيدر لڳ ساڌو نولراءِ هيرانند يتيم خاني ۾ برهم چاريه آشرم وارن ڏينهن (45_44_1943ع) ۾ ڪڏهن ڪڏهن سوادي لنگر کائڻ جو شرف به حاصل ٿيندو هئم، ۽ ان بعد ڍڪ بازار جو طواف به معمول ۾ شامل هو (سنڌ جي شهرن ۾ خاص بازارين مٿان ڍَڪُ ٺهرايو ويندو هو؛ جيڪو ڏينهن جي تپت ۽ رات جي ٿڌ ۽ آب هوا جي ٻين ناڪاري تبديلين کان بچائيندو هو. ان سلسلي ۾ شڪارپور سکر روهڙي گهوٽڪي ۽ حيدرآباد جون ڍڪ بازاريون مشهور هونديون هيون. اهڙي قسم جون بازارون ڪجهه ٻين مشرقي ملڪن جي شهرن جهڙوڪ ڪاسابلانڪا، استنبول، قاهرهه، اسڪندريه، دمشق_ بغداد ۾ به موجود آهن _ انهن جڳهن تي ڍڪ جو مقصد ڪهڙي معني رکي ٿو؟ اها ڄاڻ ڪون اٿم) جتان جون رمڻيون ۽ ڪامڻيون اندر سڀائي اپسرائن کان گهٽ حسين ڪين هونديون هيون؛ يا سکر جي پارسي ڪالوني ، ڪوئنس روڊ، والس روڊ، فريئر روڊ (جتي ويرومل بيگراج جي پريس لڳ موهن ڪلپنا جو به گهر هوندو هو)، نم جي چاڙهي تي آواراهه گردي ڪندي ڪو سندر ’سرسي‘ (Circe ) جهڙو منڊيندڙ مشڪندڙ مهانڊو ۽ مک پسي لايا سجايا ٿي ويندا هئم ۽ پاڻ جهڙو نصيبن وارو ڪنهن کي ڪون سمجهندو هئس. ڇوڪراڻي اوَستا ۽ جواني ۾ ارڏائي لاپرواهي ڄڻ ڄائي ڄم کان سڀاءُ جي انگ ۽ سنگ جيان هوندا هئم ¬_ چوڏس خودي ئي خودي سنڌوءَ جيان ڇلڪندي هئي.
ہے یہ کائنات میری ہی خاک کا ذرہ
میں اپنے دشت سے گذرا تو بھید پائے بہت
سکر جي جهونين جڳهن ۽ آوازن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي تڙڦ ۽ ماضي ۾ پوکيل سادي ۽ روح پرور زندگي جي وڌندڙ سار جيءَ ۾ جهير وجهندي رهي ٿي . هونءَ به جهوني’سار‘ سدا هڪ قسم جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل هوندي آهي ۽ ندي جيان ’من‘ مان ڦُٽي نڪرندي وهندي رهندي آهي؛ پر، ساڳي مهل من کي ڌنڌ ۾ ويڙهيندي به رهي ٿي. ان کان سواٰءِ من مان پيدا ٿيندڙ احساسن، اڌمن کي ڍلو نرم ڪري انهن مٿان هڪ قسم جي ’اتم احساس‘ جيان ڇائجندي به رهي ٿي.
اڃان تائين اهو سمجهڻ ۾ سڦل ڪين ٿي سگهيو آهيان ته اڪيچار ماڻهو’ضرورت‘ جي پورائي لاءِ گهاڻي جي ڏاند وانگر ڳهندا رهن ٿا ۽ نت بي وسي ۽ مايوسي جو شڪار پيا ٿين _ ۽ ’ڪجهه‘ اڻ مئي خوشي ۽ خوشحالي ۾ ائين گهيريل رهن ٿا جيئن راجا اندر سدائين اپسرائن جي وچ ۾ هوندو آهي! الائجي ڇو ڪجهه ’اڻ ڄاولن‘ مٿان ’وڌاتا‘ مرڪندي ڏيکاربي آهي ۽ ٻين مٿان بکايل ڳجهن جيان هلان ڪندي لامارا ڏيندي پسبي آهي ؟ شايد، انهن جو جنم غربت جي ڪک مان ٿيو هو _ ۽ ٿيندو رهي ٿو؟ جئين پرين جي آکاڻين ۾ ٻڌايو ويندو آهي _ ۽ اڪثر ڏسبو به آهي ته ’خوشي صرف احمقن ۽ ڀوڪن جي پرالٻڌ ۾ لکيل ٿئي ٿي _ اهو انياءُ ڪنهن طرفان ڪيو ويو آهي؟ اهڙي قسم جا ’پاپ ۾ ٻڏل‘ خيال ڪچڙي عمر کان پاڻ مرادو پيدا ٿيندا رهندا هئم. اڃان تائين هن هل هلان جي سمئي ۾ به منهنجي آتما اڻ کٽ ڳوڙهن سان ٽمٽار آهي جيڪي منهجي روح کي لاڳيتو ٻوساٽيندا رهن ٿا.
ان عجب ’انڪاريت پسند‘ ۽’ناستڪي‘ سوچ ۾ لڙهندي شمله ۾ ڪفري ڏانهن ويندڙ دڳ ۾ ’گرين وئلي‘، اُترا کنڊ جي گڙوال سيڪٽر ۾ ’پوُڙي‘ هل اسٽيشن طرف نيندڙ رستي تي گهاٽي جهنگل جي مخموريل سڳنڌ، ’راڌا‘ جي ساڄي ۽ ڏائي پاسي سندئين سکين جي سندر سندر اطلسي، سڙڪ جيان، وهندڙ سٿ جهڙي ’وڻراهه‘ جي اپسرا وانگر مثالي سندرتا جيڪا امرتا جي دامن کي ڇهندي نظر آئي هئم، جنهن کي اکين ذريعي، بلڪ سڀني حواسن وسيلي، ذهن جي سمورن گوشن ۽ پورن ۾ سموئڻ لاءِ سمورو وجود هڪ الوهي جتن ۾ جٽبو محسوس ڪيو هئم _ ۽ ان جتن جي وڙوڪڙ تهن مان سدا بهار ۽ زندگي بخش پائين ، پاپلر، شاهه بلوط، صنوبر ، ديودار جي درختن _ ۽ انهن جي لڏندڙ ۽ سدا ڀاڪي ۾ وٺندڙ لامُن، _ ۽ ڦَڙ ڦَڙ، سُون سُون ڪندڙ ۽ واءُ ڀريل سيٽين جي ذريعي ’ٻيجل‘ جيان سنگيت جي سُرن سڻائيندڙ پنن ۽ انهن جي انوکن رنگن، طلسمي ۽ مُنڊُ وجهندڙ صورت بيهڪ ۽ لوڏ جهڙن جيالن ۽ من موهيندڙ ’اوچن خيالن‘ خدائي تخليق جيان اُپجندي دير ڪين وڌي هئي. اِهي ۽ اهڙا ’خيال‘’فڪر‘ ئي ته اڄوڪي انسان جو امر سرمايو آهن؛ ۽ سڀاڻي جي نسل جو سڀ کان ’املهه ورثو‘.
پر، ان سموري فخر جوڳي نباتاتي مخلوق جي پنهنجي اندر، ۽ ان جي آس پاس جيئري جاڳندي ساهه کڻندڙ تخليق جي وچ ۾ خوني تضاد ۽ تصادم به ’خدا‘ جي نانءُ وانگر جاري ۽ ساري آهي، اهي ٻئي ڌريون پنهنجي زندگي ، حفاظت ۽ بچاءُ لاءِ هڪٻئي کي هن ’پوترماءُ‘ جي مٿاڇري تان مٽائڻ ۾’ تاريڪ سواد‘ ۽ ’خوني تماشو‘ ڏسڻ جا ڪوڏيا ۽ ڪانکي ڏيکارجن ٿا _ خدا جيان!
ڪڏهن ڪڏهن مونکي پنهنجو ذهن ’ماهي گهر‘ (Aquarium) جيان ڀاسندو اٿم، جنهن اندر منهنجي مشاهدن، تجربن ۽ اڀياس جي ريشمي ۽ ڪيمخوابي ڏورين _ ۽ سادي سُٽَ مان اڻت ذريعي جوڙيل ’ساهدار‘: ٽرائُوٽ (Trout) ۽ رنگ برنگي مڇيون ترنديون رهنديون آهن؛ _ ۽ آءُ آزادي ۽ چونڊ جو حق محفوظ رکندي انهن مان ڪنهن هڪ يا وڌيڪ مڇين کي پڪڙي هن جهان جي ’بازيچي خاني‘ ۾ پيش ڪندو رهان ٿو. اهو تماشو ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي منهنجو ان سان ڪو سروڪار ڪونهي ؛ جيڪڏهن سُروڪار رکندس ته اهو مڇلي گهر پنهنجي ان ڌتاريندڙ، لڀائيندڙ مخلوق سميت خشڪ ٿي نابُود ٿي ويندو ۽ اهڙو عمل منهنجي ذات جي فنا جو باعث بڻبو.
مان ’فطرت‘ جي سياست ۾ وشواس رکندو آهيان جيڪا انسان جي خمير ۽ جبلت مان پاڻمرادو ڦُٽي نڪرندي رهي ٿي _ باقي ان جي نانءُ تي ٻيو سڀ مٺيا ، مايا ۽ مندائي آهي .
هماليائي سلسلي جي رٽن دوران اُتان جي هٻڪار ۽ سونهن جي ڦُوهه وارين تراين ۾ سدا وهڪ ۾ سرشار ندين منداڪني، الکندا، ڀاڳيرٿي، گنگا ۽ بيشمار آبشارن ۽ جهرڻن جي مڌر سنگيت ۾ ’ساهه‘ کڻندڙ ’فطرت‘ جي شڪتي ۽ سندرتا کي پنهنجي وجود جي اونهاين ۾ ائين جذب ٿيندو محسوس ڪيو هئم جيئن پراچين دراوڙن جي ديوتا شِوَ شنڪر آرين جي ديوتائن وئشنو ۽ برهما جي ڀيٽ ۾ پاروتي (شڪتي ۽ سونهن جي علامت) کي پنهنجي وجود اندر سمائي هندو ٽمورتي اندر يڪوجوديت جو مهان درجو حاصل ڪيو هو. فطرت جي ان ڏيک ۾ جيڪو الوهي (divine) آنند، شانتي ۽ هم آهنگي هئي اها آتما تي هميشه لاءِ نقش ٿي وئي اٿم .
مون کي ياد اچيم پيو ته جڏهن ٻالڪپڻ ۽ ڇوڪراڻي اَوَستا جي ڏکايل ۽ پيڙا وارن ڏهاڙن ۾ پاڙي ۾ رهندڙ تعصبي، بدمعاش ۽ نردئي پناهه گير ڇوڪرن هٿان مار موچڙا کائڻ بعد سنڌُ سنڌُ ڄڻ سوُر ۾ ٽهڪندو هيم ، ۽ اڪيلائپ، اٻاڻڪائپ ، ۽ يتيمي ۽ ري ٿنڀي ري ٿوڻي هجڻ جو شديد احساس ساهه ٻوساٽيندڙ ڀاسندو هئم ته هوريان هوريان هلي ڪري سنڌوءَ جي ڪنٺي تي موجود انيڪ صاف سٿرن ۽ اوجل اوجل ٺهيل گهاٽن مان ڪنهن هڪ جي ڏاڪڻين تي ويهي – خاص طور ’مائي راجان‘وارو گهاٽ وڌيڪ وڻندو هئم جنهن جي ڀڪَ تي بڙ جو پراسرار وڻ ۽ هڪ ننڍو مندر هوندو هو، جتي مون کان اڳ ۽ پاڪستان جي ’کٽي‘ وجود کان به اڳ موهن ڪلپنا به اچي ويهندو هو _ وهندڙ پاڻي جي نرملتا ۾ پير لٽڪائي ڇولين جي الڳ الڳ صورتن، دائرن، ورنن ۽ انهن جو هڪٻئي مٿان اُڇلندو ۽ ٻکن جي ڀيڪوڙ ۾ جڪڙندو ۽ پوءِ هڪٻئي ۾ جذب ٿيندو من موهن منظر ڏسندو هئس. انهن جي وچان ترندڙ مڇين جي راند پسي ۽ کين هٿن ۾ جهلي سندين لسي ترڪڻي کل جي ڇهاءُ کي هٿن ذريعي سڀني حواسن ۾ اوتيندي ساڳيو ئي آنند ، شانتي ۽ هم آهنگي ملندي هيم. زمان ۽ مڪان کان بي خبر ’فطرت‘ جي ان شفيق گود ۾ ويهڪ دوران محسوس ٿيندو هئم ته ڄڻ پاڙي ۾ ’ديوانن‘ جي جل پرين جهڙين سونهن ساءُ ۽ سواد ۾ ڀرپور _ ۽ ڀنڀورين جهڙين لهرائيندڙ فراڪ پهريل ڇوڪرين جو ’ايسي موري لال ڪٽوري‘ ڊانس ۽ نوڙي تي ڪڏڻ جو تن ۽ من ۾ ڪتڪتايون پيدا ڪندڙ لقاءُ ڏسي رهيو هجان _ ۽ ان نرمل اوجل ۽ سيتل ’محسوسات‘ ۾ سڀ سُور ، اڪيلائي، بي وسي ۽ لاچاري ڄڻ اڀ تي پکڙيل بادلن جيان فضا ۾ ڪافور تي ويندي هئي. ان بي غرض، معصوم جمالياتي لذت ۽ چاشني ۾ سڀيئي شڪتيون، حواس، سوجهه ٻوجهه ، دليل ڄڻ هڪ الوهي هم آهنگي ۾ جڙي يڪوجود ٿي ويندا هئم ، ڄڻ هيگل واري ’ٿيسس‘ ۽ ’ائنٽي ٿيسس،‘ هم آهنگ بڻجي ’سينٿيسس‘ ۾ بدلجندي محسوس ٿيندي هئم.
مختلف يگن جي ڏاهن ۽ مفڪرن دنيا جي صرف گهڻ پاسائين انداز ۾ تشريح ڪئي آهي پر، ان کي تبديل ڪرڻ جو پڪو، نهرو ۽ هم آهنگي تي ٻڌل دليل اڄ تائين ڪنهن به ڪون ڏسيو آهي. ان پوتا ميل تي ويچاريندي ڪڏهن ’لڊوگ فيور باخ‘ جي اها چوڻي ساڃهه کي ڏاڍي اپيل ڪندي نظر ايندي اٿم ته ”انسان صرف ’سوچيندڙ ساهدار‘ ڪونهي بلڪ بنيادي طور ’شهواني ‘ (Sensuous) لاڙو رکندڙ آهي _ ۽ انڪري حواس صرف ’ڌيان ڌرڻ ‘ يا ’سماڌي‘ (Meditation) ۾ گُهتَ هڻڻ جو وسيلو ڪونهن بلڪ ’ڪرم ۽ عمل‘ ڪرڻ جو ذريعو آهن“.
مان انڪري پاڻ کي ڪڏهن شِوَ ۽ نطشي وانگر پرلهءِ ۽ قيامت مچائيندڙ جي روپ م پسڻ چاهيندو آهيان _ تخليقي صورت کي ثانوي درجو ڏيڻ پسند ڪيان ٿو؛ ان ڪارڻ شِوَ جي ٽانڊوَ ۽ نطشي جي ’ائنٽي ڪرائسٽ‘ لاءِ ڏاڍو سنمان اٿم.
شايد اهو ئي سبب هو جو پنهنجي اجهل ۽ لاڳيتي ڀوڳڻا اندر مون کي ٽن مهان هستين جون ڀوڳڻائون به نظر اينديون اٿم: نطشي، مارڪس، ۽ ڪيرڪي گارڊ _ ۽ هنن لاءِ من ۾ بي حد شرڌا ۽ احترام اٿم.
هن مهل وقت جي به اها اهم ضرورت آهي جنهن وسيلي موجودهه مدي خارج ۽ بڻاس ڏيندڙ معيارن جو خاتمو آڻي انهن جي جاءِ تي نئين روشني (renaissance) جهڙا نوان، بهتر هٻڪاريل قدر ماپا آندا وڃن. اڄوڪي ڪلچر ۾ پرلهءِ، تباهي ۽ موت ڇلڪندو پيو ڏسجي _ اسان کي ’زندگي‘، ’نيڪي‘ ۽ ’سونهن‘ جي شديد ضرورت آهي.
هتڙي’فيورباخ‘ جي نڪتي تي ويچاريندي هڪ ٻي سونهري ’ياد‘ ترندي ذهن ڀيڙو اچي لڳي آهي. ڪراچي ۾ منهنجو ’ٻال پرهمچاريه‘ دوست اشوڪ اروڙا ورهين کان اڪيلو، ڇڙو ۽ عدم جهڙو جيون بسرڪندو رهي. ٿو نه کاٻي ڪو اوهي اٿس نه ساڄي ڪو واهي. هن وقت يوناني ڏند ڪٿائي پاتال (Hades) جي بدبودار جوهڙن، نالن ۽ ندين ۾ تڙڳندو زندگي جون سٺ سَرئوُن (Autumns) ڳهندي گذاري چڪو آهي . هاڻي سوچ پيدا ٿي اٿس ته ’اڳتي ٻاٽ ڪاري اوندهه کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي _ ۽ ماڻڪن جهڙو پنهنجو املهه جيون وئرٿ وڃائي ڇڏيو اٿم ، گونچ پيدا ڪندڙ سڀيئي سوتا خشڪ ٿي ويا اٿم!‘ ان نڪتي تي ڳنڍ ٻڌي شوپنهاوري قنوطيت جي گهٽ کان بچڻ خاطر ڪراچي ۾ ٿيندڙ مختلف ست سنگن جهڙوڪ راڌا سوامي بياس، راڌا سوامي آگرو، برهمو ڪماري پنٿ، نيلو ڀڳوان پنٿ ، ساڌو ٽي ايل واسواڻي مارگ وغيره ۾ باقاعدهه وڃڻ شروع ڪيائين ته جئين من جي شانتي ۽ ايڪاگرتا حاصل ٿئيس پر، تن جي ترپتي ۽ شانتي؟ انهن ست سنگن ۾ گهڻو ڪري Mixed گڏجاڻيون ٿينديون آهن. هڪ لڱا هڪ ست سنگي پنٿ جي خاص ست سنگياڻي تي اڪن ڇڪن ٿي، برهمچاريه مسلڪ جا جهونا بند ڀڃي ڀورو ڪري، هيانءُ هاري وڌائين. منهنجي درشٽي مطابق مائي صاحبه جو مڙس ڄڻ چوسيل ڪمند جو ڦوڳ آهي؛ ۽ هوءَ پاڻ بنارس جي ’بانڪي‘ جيان رسدار ڳردام ۽ مليح قسم جي سلوڻي سونهن ، بلڪ هڪ ٻئي ست سنگي دوست مطابق ، ’بلي بلي سندر نار آهي.‘
تنهن ڏينهن کان اشوڪ اروڙا ٻيا سڀيئي ست سنگي ماڳ مٽي ۽ ڇڏي ان سندرالبيلي نار جي ست سنگ واري آسٿان کي ان سوچ سان پنهنجو مستقل ٿاڻو ٽڪاڻو بڻائي ڇڏيو آهي ته جڏهن دروپدي پنج جيون ساٿي بڻائي سگهي ٿي ته ڇا هِنَ پد مڻي کي ٻن جيون ساٿين سان گهارڻ جو ڪو اڌڪار ڪونهي؟ مون سندس همٿ ٻڌائيندي چيو هو ته ڌرم ۽ نيتي انوسار کيس يقيني طور ”اڌڪار“ هو! کيس به احساس ٿيو هو ته ’جنسي نا آسودگي انساني شخصيت کي پرزا پرَزا ڪرڻ جو سبب به بڻجي آهي.‘ ۽ اهو به سمجهائين ته ’جنس صرف لذت جو نانءُ ڪونهي عرفان ذات جو وسيلو به آهي.‘
هڪ ڀيري اڪيلائپ جو وجهه وٺي کيس هيانءُ ۾ لڳل اگن جو ورنن به انداز دگر ڪندي چيو هئائينس، ”شريمتي......... جي! مان گذريل چئن ڏينهن کان دل ۽ ذهن تي چٽيل ’اهم واقعي‘ جو احوال اوهان سان ونڊڻ چاهيان ٿو _ ۽ اڄ نويڪلائي جو فائدو وٺي توهان کي ان اندر موجود خوشخبري ۾ شريڪ ڪندي من ڏاڍو پرسن ٿي رهيو اٿم“.
” ڪهڙو واقعو ۽ ڇاجي خوشخبري ؟“ هَنَ شور مان تڪيندي پڇيو هئس،”چار ڏينهن اڳ، رات جي پوئين پهر ۾ مون هڪ سندر سپنو ڏٺو هو. ان ۾ ڏٺم ته، اي اُتم گڻونتي نار! توهين، مان ۽ ڪجهه ٻيا جڳيا سوُ هڪ ڪوٽ نما جاءِ جي چوگرد اِنَ اندر داخل ٿيڻ لاءِ لاڳيتو پر ڪرما (طواف) ڏئي رهيا هئاسون ؛ پر، بدقسمتي سان چوڌاري ڏنل مضبوط ڀِتِ اندر نه ڪو دروازو هو ۽ نه ئي وري دري يا ڪوڳلکڙو هو. ان جي اندر اسان جو پوج گروجي مهراج جڳن کان اکيون ٻوٽي سماڌي ۾ مگن هو ۽ مٿانئس روشني ۽ نور جو گول دائرو به پرڪاشت هو. هر جڳياسو چاهيو پئي ته ان اندر داخل ٿي ڪري گروجيءَ آڏو ويهي، ڌيان ۾، پنهنجو جيون سڦلو ڪري .“
”ائين پئي ڀاسيوڄڻ اها پر ڪرما ڏيندي اسان کي به سمئي جا ڄڻ اڪيچار دور گذري ويا هئا _ ۽ مون کي توهان جي نيڻن ۽ مک تي مايوسي جا آثارصاف صاف ڏيکاري ڏيڻ لڳا هئا. ان دوران هڪ ترڪيب سجهي آيم. مون توهان کي نهايت پاٻوهه مان پنهنجي ويجهو بيهاريندي اندر روانو ڪرڻ جو پڪو وشواس ڏياريو _ ۽ ان مهل ئي پهريائين توهان جهڙي ڪومل هستيءَ کي هنج ۾ کنيم، پوءِ ڊڊي تي ويهاريم ۽ آخر ۾ ڪلهن تي چاڙهي ڀت جي پلوَڙي تي توهان جا هٿ ڦٻرايم ۽ سَٽ ڏيئي بُلُ کارائي ڪوٽ جي ڀت جي ٻئي طرف ڦهليل نرم سائي ڇٻر تي پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيم . ان ڏينهن کان توهين گروجيءَ جي چرنن ڪملن ۾ براجمان آهيو _ ۽ مان اڃان تائين پرڪرما ڏيندو رهان ٿو؛ ان خواهش ۾ جيِ رهيو آهيان ته اهو ڏينهن الائجي ڪڏهن ايندو جڏهن مان به ڀت اُڪري توهان جي ڀر ۾ گوڏو گوڏي سان ملائي ويهي يڪوجود ٿي جيون سڦلو ڪندس؟“ منهنجي آواز ۾ خوشي ۽ مايوسي جو عجب سنگم هو هُنَ ڪامڻيءَ مون کي هُش ڪري خاموش ڪرائيندي چپ ڪرائي ۽ گد گد ٿيندي چيو هئائين ” اهو سپنو پڪ ئي پڪ ساڀيا ۾ بدلجندو ۽ مان ان لاءِ گرو در لاڳيتي وينتي ۽ پرار ٿنا ڪندي رهندس ٻئي ڪنهن کي اها وارتا نه ٻڌائجو. “
دل میں سما گئی ہیں قیامت کی شوخیاں
دو چار دن رہا تھا کسی کی نگاہ میں
نگہ مست سے تیری وہ ٹپکتی یے شراب
جو سبو میں نہیں، خم میں نہیں، ساغر میں نہیں
”شيام صاحب! ان ڏينهن کان وٺي مان ’پرارٿنا‘ کي ساڀيا ۾ پسڻ لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو ۽ آلاپيسندو رهان ٿو:
”ٻيهر آءُ اڪيلو، ۽ اونچي ديوار،
ڏڪي ويا ڏاڍ کان، ڪلهي ڪوڏيا يار،
هينئان مڃ نه هار، هيل به وڙهه تون هيکلو“
اشوڪ يا اهڙن ٻين سکڻن روحن تي ويچاريندي خيال ايندو اٿم ته جيڪڏهن ’محبت‘ ۽ ’شادي‘ جي ڄمارMiss ٿي وئي ته پوءِ عمر ڀر جو پڇتاءُ پلهءِ پوندو !
قلم تازو: ڪڏهن لڳندو اٿم ته زندگي هڪ اهڙي ڏائڻ آهي جيڪا ’سرسبز روح‘ جو ائين ڇل ڪپٽ سان ساهه چوسيندي رهندي آهي جئين هومر جي هيلن، اڻ لکي طور، هيڪٽر جي چپن مان سندس روح چوسيند رهندي هئي!
اهو خيال اڄ تاريخ 29 ڊسمبر (سن 2012ع) صبح جو پنجي بجي، ننڊ مان اوچتو ڇرڪ ڀري اٿڻ مهل آيم. گذريل رات منهنجو اڀوڳو اڻڀوسکڻو _ پر، ’شگفته‘ ساهتيه پريمي دوست اشوڪ اروڙا اِنَ ڏائڻ جو ڪمهلو بَکُ ٿي ويو !
پاڻ مٿان ’ٿوڦيل‘ برهمچاريه جيون جي پنجوڙ کي پنهنجي شگفتگي ذريعي ٽوڙڻ جا اٺسٺا ۽ پهه پچائيندي ڪا ’صورت گري‘ بخشڻ کان اڳ ۾ ئي بي انت عدم ۾ بنان موڪلائڻ جي هليو ويو؛ ’بدن جي پريمي‘ بڻجڻ کان آخر دم تائين محروم رهيو!
He left us “unsung, unwept and unadorned!”
پيارو ٻال پرهمچاريه دوست جواد حيدر _ ۽ وينا شرنگي به ساڳيو ’ٿوڦيل‘ جيون ڳهي رهيا آهين _ هنن جو الائجي ڪهڙو انت ٿيندو؟
اڄوڪي بي ترس دنيا ۾ اڻ ڳڻت معصوم ۽ معطر آتمائون ائين فنا ڏانهن سرڪنديون رهن ٿيون جئين کيچلي ٻار جي تريءَ تي پوپٽ مرندا آهن. ترودت، اين فرئنڪ، گيتا نجلي، ۽ هاڻي اشوڪ اروڙا جي بي وقتي موت بابت سوچيندي اهو نڪتو ذهن مان اُڇل ڏيئي ٻاهر نڪتو هو.
مقدو ر ہو تو خاک سے پوچھوں کہ اولئیم
تونے گنج نہائے گراں مایہ کیا کیئے؟
برهمچاريه جيون بسر ڪندڙ انسان گهڻو ڪري پٿردل، سخت گير ۽ اذيت پسند هوندا آهن جهڙوڪ بنگال جي چيف منسٽر ممتا بئنرجي، اتر پرديس جي وزير اعليٰ مايا وتي، مڌيه پرديس واري بي جي پي سرڪاري جي مرڪزي وزير ساڌڻي اما ڀارتي يا ڏاکڻي علائقي جي غير ڪانگريسي رهنما جئه لليتا ۽ ڪانگريسي رهنما سندري رينوڪا چوڌري _ هن طرف هولارام جو دوست دلپت، خيرپور ڊويزن جو اڳوڻو ڪمشنر مفتون احمد، ۽ خيرپور جي تعليم کاتي جون ٻه مشهور عملدار خواتين رقيه عباسي ۽ رضيه بلوچ وغيره . پر، اشوڪ انهن سڀني کان گهڻو مختلف ۽ منفرد هو. سندس مغموم زندگي ۾ ’حسن‘ ’الميو‘ ۽ ’ناگزير مقدر‘ ظاهري طور، هڪٻئي سان ٽڪراءُ واري حالت ۾ ڏسجندي به پاڻ ۾ ائين يڪجان ٿي ويا هئا جئين صوفي متي مطابق جسم(مجاز) ۽ جان (حقيقت) ، يا عاشق ۽ مشعوق ، يا محبوب ۽ معبود جي وچ ۾ ڪو سنڌو يا فرق نه رهندو آهي. مٿيان ٽيئي روشن ۽ تاريڪ عنصر ڄڻ سندس ذات جا ’صفتي پاڇا‘ ۽ ساٿي بڻجي چڪا هئا _ اياز ۽ محمود جيان.
هن مهل مون کي فرانسسي شاعر ’بي رنجي‘ ((Beranger جو نظم لياڪا پائي آس لڳائي تڪيندي چوي ٿو ته ”اشوڪ جي ذات لاءِ ئي مون کي گهڻو گهڻو اڳ سرجيو ويو هو!“
”ڌرتي تي هڪ يتيم،
بيمار، بي شڪل ۽ مختصر،
جنم جنمانتر کان سزا ڀوڳيندڙ،
۽ سڀني پاران ڌڪاريل!
منهنجي چپن جي وچان
هڪ ڪُوڪَ اڀري نڪتي،
پيڙا ۽ درد جي دانهن،
خدا جي حضور ۾ وڃي پهتي.
خدا پاران موٽ ملي، حڪم مليو_
اي ڏکايل آتما!،
پنهنجا چپ کول، ڳائيندو رهه،
جاڳائيندو رهه _ ۽ ڪرم ڪندو رهه!“
ان نڪتي ۽ اهڙي، عقيدي منجهانئس سنگدلي، سخت مزاجي ۽ ازيتي سڀاءُ جو ڦيٽ ڪڍي ڪنهن اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو _ ۽ بي پناهه ۽ بي ترس انبوهه جي پيهه ۾ هيکلو ويڳاڻو ۽ نا آسودو هئڻ جي باوجود سدا شفيق محبتي، ۽ ماڻهپي جي ٻهه ٻهه لباس ۾ جرڪندو پسبو هو. هُو ڪراچي جهڙي بي قياس شهر اندر اسان جي ادبي حلقي يا غير ادبي ’ياراڻي‘ جي متحرڪ زندگي ۽ سدا مهڪندڙ آتما جيان هوندو هو. سندس بي مهل وڇوڙي اسان سڀني کي ڄڻ هيکلو ۽ ڪنهن سراپيل وجود جيان بڻائي ڇڏيو آهي. فرانسسي شاعر ’آرنا ‘ (Arnanlt) جو نظم ’پن‘ (The leaf) به ته هن انمول يار لاءِ ئي سرجيو ويو هو:

”ٽاريءَ کان وڇڙيل اي پيلا، خشڪ پن!
تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟
طوفان ڏاڍو ڇُوهو هو ،
شاهه بلوط مٿان نازل ٿيو ،
منهنجي ڪشمڪش بي سُود هئي.
هيءُ هڪ اداس ڏينهن جو آغاز هو،
رنگ روپ بدلجندڙ، نامهربان هوائون
مون کي اُتاهن جبلن تان ڌڪينديون وٺي هليون،
هيٺ ماٿرين ۽ جهنگلن مان هڪ سيٽي جو آواز ڪين پيم،

مان پيرن ۾ پيل ٻيڙين سان جڪڙيل هلندو رهان ٿو،
ڪا شڪايت نٿو ڪريان ،
گلاب کي به عدم جي راهه وٺڻي پوندي ۽ ،
ڳاڙهو ’لارل‘ به سندس پويان اسهندو،
مونکي اها سموري سُڌ آهي _ ۽
هيٺ ڏسجندڙ سڀني وستوئن جو انت به ائين ٿيندو!
پوءِ مان ڇو ڪوشش ڪريان،
پاڻکي بچائڻ جي ، پاڻ کي تحفظ ڏيڻ جي؟ !“

ائين ٿو لڳيم ڄڻ عدم جي اَڻاوي راهه وٺڻ کان هڪ رات اڳ هُنَ سپني ۾ سرگوشي ڪندي پاڻ پلٽيندي چيو هو، ”سائين! خوشيون ڪيتريون نه مختصر ٿين ٿيون، منهنجي ته نصيب واري سليٽ ئي ڪوري آهي! ڇڏ ته آءُ ڪلپنا جي سونهري پرن تي سپنن جي اڏام ڀريندو رهان؛ ۽ نازڪ ۽ ٽاڪنئن ’مزن‘ کي دل ۽ دماغ جي محبت لاءِ ڦاسايان. سپنا ساڀيا جي سنسار ۾ ڪئسونووا، بائرن ۽ مجاز وانگر آواراهه گردي ڪندا رهن ٿا _ ۽ انهن قيد ٿيل خوشين کي آڏو آڻين ٿا جن لاءِ سوچڻ به محال آهي.“ ۽ پوءِ ’شيلي‘ ۽ ’ڪيٽس‘ کي جهونگاريندو الوپ ٿي ويو هو!
اک نازک سی لمس سے خوشی پگھل جاوے
جس طرح موسلادھار سے، بلبلہ مٹ جاوے
۽ _
نابریدہ پر تخیل کو آوارہ گردی کرنے دو
کیونکہ خوشی اس خانہٗ نامراد کا مقدر نہیں
اهڙي اوچتن ضربائتن ’وڇوڙن‘ سببان ائين ڀاسندو اٿم ڄڻ پنهنجي جيءَ ۽ جان جو به ڄڻ ڳپل حصو الڳ ٿي عدم جي ان اڻانگي رستي ڏانهن سرڪندو وڃي رهيو آهي . ڄڻ مان پاڻ هوريان هوريان مٽجندو معدوم ٿيندو رهان ٿو .
لکھتے رہے جنوں کی حکایات خوں چکاں
ہر چند اس میں ہاتھ ہمارے قلم ہوئے
وڪٽرهيوگو جا ٻه لافاني ڪردار ’ناترديم جو گڪو‘ ۽ ’دَمِزري بل‘ يادن جي جهروڪي مان آڏو اچي بيٺا اٿم. ائين ٿو لڳيم بلڪ پڪو وشواس اٿم ته اهي ٻئي بدنصيب ڪرداري هستيون ، پنهنجي سمورين نامرادين سميت، ڦڙوڦرو ٿي اشوڪ اروڙا جي جيءَ ۽ جان ۾ جذب ٿي ويون هيون. انهن وانگر ئي، سموري ڄمار، ڏکويل، ڏولائمان، نامراد ٿي بدنصيبي جو ماتمي، ۽ ’ڇُوت‘۾ تر لبادو اوڍي زندگي مان ائين آهستگي سان ٻاهر نڪري ويو جئين عيسيٰ جي حيات ۾ ظالم نيرو جي ليجنڊري سپهه سالار جي ڪوڙهه ۾ ورتل ماءُ ۽ ڀيڻ کيس پاڻ ڏانهن ايندو پسي جبلن جي چُرن ۾ وڃي لڪيون هيون .
سمجھا تھا جن کو پھول وہ نکلے شرار سنگ
شیشے میرے نصیب سے پتھر کے ہوگے
يا
جو نہ رنگ رنج و ماتم کا یہاں نمود ہوتا
تو زمیں نہ زرد ہوتی نہ فلک کبود ہوتا
یہ حیات چند روزہ جو نہ سید راہ ہوتی تو
توپھر ایک عرصہ گاہ عدم و وجود ہوتا
يا
ای زبان تیشہ کہہ کچھ کو ہ کن کی سرگزشت
یعنی آخر کیا ہوئی اس بے وطن کی سرگزشت
يا
کھولی تھی آنکھ خواب عدم نرہ لئہ
آخر کو جاگ جاگ کے ناچار سو گئے
سندس ’نامرادي‘ پسيندي ’عشق‘ ائين لاغرض ٿي اطلسي ٽورسان کسڪي ويو هو جئين سدا گردش ۾ رهندڙ نکيتر ’سڪون‘ ۽ ’شانتي‘ پسي گدگد ٿي ڪري، ان جو مذاق اڏائيند رهندا آهن!
غم ہستی کا اسد کس سے ہو جز مرگ علاج
شمع ہر رنگ میں جلتی ہے سحر ہونے تک
يا
نہال سرکشی و گل بیوفا و لالہ دو
رنگ در ایں چمن چہ امید آشیاں بستم (زيب النساء مخفي)
اشوڪ جي ڏنگيندڙ جدائي تي سوچيندي خيال آيم ته ’جواني ديواني هوندي آهي‘ ’جنهن اندر اکيون ڄڻ هونديون ئي ناهن‘ ۽ هر خوبصورت شيءِ کي ڪچوئي کائڻ چاهيندي آهي _ ۽ هن جي جواني جو سفر به اهڙيءَ وڻراهه تان ضرور گذريو هوندو پر ، ڪجهه ماڻهو پوپٽن جهڙي اهڙن لڀائيندڙ موقعن ملڻ جي باوجود انهن کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ڪون ٿيندا آهن ڇو جو ’بزدلي‘ يا سندن ’آدرش‘ سندن فطرت يا سڀاءُ جو اهڙو انگ بڻجيو ويندو آهي جيڪو کين ’سُڌ هوندي يا سَڌُ نه هوندي‘ سندين راهه جو ڀاري پٿر بڻجي ويندو آهي.
۽ پيرسني ۾ نه بزدلي هوندي آهي ۽ نه ئي موقعا _ صرف اکين ۾ چلڪندڙ ڳوڙها. جواني ائين الوپ ٿي چڪي هوندي آهي جئين آڱرين جي وٿين مان وهندڙ واري!
ڏاهن انسانن طرفان ڪجهه سوال آدجڳاد کان پڇبا رهيا آهن _ ۽ اهو سلسلو ڪائنات جي وجود تائين قائم، رهندو. منهنجي من ۾ به اهڙيون شنڪائون ۽ سوال پيدا ٿي ذهن کي جهنجهوڙيندا رهندا آهن. جڏهن ڪا اڻ سهائيندڙ گهٽنا گهٽبي آهي ته اهي پنهنجي ستل (Dormant) حالت مان بيدار ٿي آڏو اچي بيهندا آهن: ڇا خدا آهي؟ جيڪڏهن آهي ته ازلي ابدي پاڻمرادو پيدا ٿيو هو، يا موجود هو؟ ڇا سندس ڪو رنگ روپ ڪونهي؟ پر، مختلف روپ وٺڻ جو اهل آهي ۽ جيڪا مخلوق موجود آهي سا فنا کان پوءِ ڪنهن به صورت ۾ سندس ئي ’ناوجود‘ جي وجود جو حصو بڻبي؟ هتڙي ناوجود جو مطلب سندس سوکيم، غيرمادي، ۽ محسوس ٿيندڙ وجود آهي. ڇا سندس ذات جي ’تثليث‘ ۾ هڪجهڙائي، ڦهلاءُ، ابديت آهي جيڪا پاڻ ڄاڻي ڄاڻڻهار، پاڻمرادو متوازن ، ۽ پنهجو پاڻ پورائو ڪندڙ ’ڪامل‘ آهي؟ ڇا لفظ (Word) ان ٽمورتي جو جوهر آهي؟ ڇا ماڻهو به ان جيان ٽمورتي _ شعور ، لفظ، فهم _ ۾ ورهايل آهي؟ ڇا شعور به موجودات جيان سدا تبديل ٿيندو رهي ٿو؟
هندو ويدانتي عقيدي موجب ’اوم‘ اپار ۽ بي حساب سمي ((Time ۽ سرشٽي ((Space جي علامت آهي، اڻ ڄاول ۽ امر زندگي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ’انسان‘ جنم مرڻ جي چڪر ۾ سٽ جي منجهيل ڍيري جهڙو آهي. ان متي موجب هر فڪر ۽ فلسفو ڪنهن فرد جي ميراث ڪونهي بلڪ انسان ذات جي اٿاهه سمنڊ جو گڏيل ورثو آهي. ساڳي ريت خواب به ڪنهن خاص ماڻهو جو ورثو نٿا ٿين بلڪ سموري آدم ذات جو گڏيل ورثو ٿين ٿا انڪري انهن کي امرتاپريتم جيان سڀني آڏو آڇيندي من گد گد ٿيندو اٿم. ان متي اندر اها ڏاهپ به آهي ته موت جي هٿيار وسيلي ئي ’موت ‘ مٿان جيت حاصل ڪري سگهجي ٿي _ ۽ ان ۾ ئي زندگي جي امرتا موجزن آهي. آفاقي فن پارن (خاص طور ادب، چترڪاري، مجسمه سازي ۾) ۽ مٺڙا سُر پيدا ڪندڙ ساز وڄائيندڙ تخليق ڪارن کي ڪير ٿو ڄاڻي؟ صرف تخليقون ئي جڳن کان موهينديون رهن ٿيون! جهڙو اليئڊ، اوڊيسي، رامائڻ، مهاڀارت، پنچتنتر، ماءُ، يان ڪرسٽاف، وار اينڊ پيس وغيره.
ڌرمي يا غير ڌرمي انداز ۾ لفظ (Word) پوءِ اهو اوم ڇو نه هجي _ جي اپٽار بابت ويچاريندي خيال آيم ته ان اندر ايڏي قوت ۽ فهم ڪون ٿو ٿئي _ بلڪ ان ۾ موجود لئه سر تال ۽ لهرن اندر ئي منڊيندڙ جادو سمايل ٿئي ٿو. حقيقت ۾ لفظ بذات خود بي مهانڊو ۽ ڪڏهن بدشڪلو به ٿئي ٿو؛ سندس اصل مهانڊو ان اندر موجود لهرن، آوازن ۽ مڌرتا ۾ سمايل ٿئي ٿو.
ڌرتي سان واڳيل موجودات ۾ وڻ ٻوٽا ديوقامت پهاڙ وغيره پنهنجي محدود پاڙن جي ڦهلاءُ کان اڳتي وڌڻ کان قاصر ٿين ٿا پر، انسان جو ڦهلاءُ ۽ اهو به وري تخليق ڪار جو اپار ۽ بي حساب آهي ڇو جو سندس پاڙون ’بي انت‘ ۾ کتل ٿين ٿيون ان صورت ۾ ايشور ۽ منش جي وچ واريون هٿرادو سرحدون لا يعني بڻجيو وڃن ٿيون.
اُداسي ۽ غمناڪي جي گرهڻ ۾ وڪوڙجڻ بعد، الائجي ڪٿان، نطشي ۽ شِوَ شنڪر پنهنجي ائنٽي ڪرائيسٽ ۽ ٽانڊوَ جهڙن Thunderbolts وسيلي جسم ۽ جان جي پورن ذريعي سموري وجود اندر سمِندا رهندا آهن. ’پرلهءِ‘ برپا ڪرڻ جي خواهش اپار آڪار وٺندي پسبي اٿم. حفيظ شيخ، ڌڻي بخش شاهه، مرغوب بخاري، ڊاڪٽرخدا داد بوزدار، اڪبر بگٽي _ ۽ هاڻي اشوڪ اروڙا اهي سڀيئي’اڻ مندائتي‘ نوع ۾ ڇڄي ڌار ٿي ويا ۽ مون لاءَ ’پرلئهءِ‘ جي بي انت پيڙا وارو ڀنڀٽ ٻاري ويا جنهن اندر لال لوئي جي سڪل ڪاٺين جيان پڄرندو پڄاڻي طرف وڌندو رهان ٿو.
ايپيڪيورس ۽ رجنيش ’پاپ‘ بابت ڪيڏا نه عجب بلڪ سندر ويچار اظهاريا آهن . سندين چواڻي ، ’پاپ‘ بابت عمل درآمد ذريعي ئي ان منجهان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو ! ’پاپ‘ جو ڀاڳي بڻجي آدم جنت مان تڙجي نڪتو هو ۽ هينئر ڪيڏو نه تيز رفتاري سان تڙجڻ واري مقام ڏانهن اسهندو ڏيکارجي ٿو!
ان مان پڌري پٽ ظاهر ٿيو ته جئين ’ٻال برهمچاريه‘ اشوڪ اروڙا اهڙي ’ڪرم‘ جو ڀاڳي ڪون بڻجي سگهيو هو انڪري تڙجڻ واري مقام جو دروازو سندس لاءِ کلجي سگهندو؟ شايد:
کچھ دل سے ہیں ڈرے ہوئے کچھ آسماں سے ہم
هڪ سوچ مطابق سموري ڪائنات ۽ ان اندر سموري موجودات ’ڳهڻ‘ جيان آهي جيڪا ’وقت‘ جي سخت ۽ اڻ ٽٽ کوپي اندر آد جڳاد کان ائين پسي سگهجي ٿي جئين ٻار ماءُ جي ڪک ۾ سوگهو هوندو آهي . ندوري ’وقت‘ تي جيت وقت جي وقت سان جهد ۾ پوشيدهه آهي؛ ساڳيءَ ريت مڪان ((Space تي سوڀ به مڪان جي مڪان سان يڌ ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿي. ان جهد ۽ يڌ مهل جنهن راهه تي انسان جا قدم هلڪا، ڇڊا ۽ گهڻ وڇوٽي تي پوندا رهندا اهو دڳ سندس لاءِ سنوت ڀريو ۽ محفوظ سمجهڻ جڳائي.
انسان ۾ جاڳرتا آڻڻ خاطر ’مرندڙ ماڻهو‘ کي حيات آفرين ۽ مٺاس جي رس ۾ ڀريل فڪر سان روشناس ڪرائڻ کپي، ۽ ڦوهه ۽ تيز رفتار حيات گذارڻ واري جيوَ کي ’موت‘ جي وڌندڙ قربت کان آگاهه ڪرڻ جڳائي ۽ اهي مڻيادار منش جيڪي انهن ٻنهي صورتن مٿان غالب ٿيڻ جا چاهڪ آهن انهن کي ’ٻنهي حالتن‘ کان نرواڻ جي دڳ جي روشني سان روشناس ڪرائجي.
جهالت، اڻ ڄاڻائي ۽ اگيان هميشهه ڪمخوابي ۽ اطلسي ’زرق برق‘، لبادي ۾ ملبوس پسبا رهندا آهن. سندن خاص ’ڪرم‘ قانون ۽ ڳريون سزائون لاڳو ڪرڻ رهندو پئي آيو آهي؛ ۽ اهو ئي واعظ جي ڪک مان پيدا ٿيل عمل جنم مرڻ جي چڪر ۾ ڦاسائي ڇوٽڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندو رهي ٿو. پر، منهنجي سوچ مطابق نه ايشور جي ڪا وجودي حيثيت آهي ۽ نه ئي منش جي بلڪ ’ايشور ۽ منش‘ هڪ ئي وجود ۾ ڪنهن سهڻي موهيندڙ ’سنگم‘جيان هڪٻئي ۾ سمايل، مليل آهن _ جئين الله آباد وٽ گنگا جمنا، سرسوتي برهما، پاروتي (شڪتي) شِوَ لڪشمي وئشنو، ۽ سسئي پنهون!
منهنجي انڀوء ۽ اڀياس مطابق الوهي قانون جو ’جوهر‘ دراصل ’پريم‘زندگي ئي ته آهي ۽ زندگي محبت ، ۽ محبت زندگي آهي. پريم زندگي جو ’تت‘ ۽ جوهر آهي؛ ۽ نفرت ان جي گندگي ۽ روڳ! محبت کي ڪو گڻ ڪونهي بلڪ انسان جي اهم ضرورت آهي:
اس سے اٹھ رہے ہیں شعلہ ہائے ساز سرمدی
بس اک سوز بے اثر اک ساز بے آواز
زندگي ۾ انيڪ ڀيرا پاڻ کي ’موت‘ جي حوالي ڪري چڪو هو؛ اڪيلائپ جو موت ، اٻاڻڪائي جو موت ، بيروزگاري جو موت، جسماني ناتوانائي جو موت، جنسي نا آسودگي جو موت پر، حقيقي موت کان سواءِ فرض ڪيل هر موت لا يعني بڻجيو وڃي ٿو . پر، زندگي جي باوجود پنهنجي ذات سميت انهن اندر ئي ’جيئندو‘ رهيو! ان تصوير مان بنان ڪنهن ترديد يا رد ڪد جي ظاهر ٿئي ته مٿانئس جيڪو ڪجهه تلخ پيڙيندڙ اذيت ناڪ گذرندو رهيو هو سو سندس ’مئل‘ حالت ۾ ئي گذريو هو. اهڙا انوکا انسان پنهنجي بپتا جئيري حالت ۾ٻڌائڻ جا قطعي طور اهل ڪون هوندا آهن ؛ صرف مئل حالت ۾ ٻڌائيندا رهندا آهن. موت کان پوءِ به ساهه کڻندا محسوس ٿيندا آهن _ ۽ موت اندر سندن لاءِ زندگي گهارڻ قطعي طور غير فطري عمل ڪونهي.
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وجود اندر ئي ’ناوجود‘ ۾ ڀاسندو هئم، ۽ من مان دعا نڪرندي هئم، ته ”شل خدا کيس بخشي ڪيڏو نه پيارو انسان هو.“
هيءَ جهوني وارتا آهي. شڪارپور مان پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهران نڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنهن نردئي خونيءَ سندس پڄاڻي آندي هئي. ڪوئٽه _ ڪراچي وغيره ۾ الائجي ڪنهن ’نامعلوم‘ معلوم جو وجود اوڍي پاڻ جهڙن سکڻن ، ڇڙن ۽ ويڳاڻن جي پڙ چڙهي ويو هو جن مان هڪ آءُ به هئس .
هيءَ ان زماني (1973) جي وارتا آهي جڏهن نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جو ائين بي تاج بادشاهه ۽ گورنر هو جيئن سندس ٻِٽُ ذوالفقارڀٽو پاڪستان جو بونا پارٽي شهنشاهه ۽ وزير اعظم هو. ٻنهي جي هٿ ۾ بي مياڻ ترار هئي! هڪ شيرشاهه سوري جي ڏک ڏيندو هو ۽ ٻيو چنگيزي ۽ چاڻڪيائي چال ۽ چالبازي ۾ يڪتا !! ۽ هِنَ پاسي اسان وارو يار ’سڀاوي روڳن‘۾ مبتلا ڪوئٽه جي سڙڪن تي علامه مشرقي واري بي مقصد ’چپ راست‘ ڪندو جانٺا هڻندو رهندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو گوتم ٻڌ وانگر من ۾ ’گيان جي جوت‘ ڀڙڪي اُٿي هئس ۽ اچي منهنجو در ورتو هئائين ته بلوچستان جي بي تاج بادشاهه کي سفارش ڪري کيس ان نهوڙيندڙ ’چپ راست‘ کان پناهه ڏياري ڪنهن سنئين دڳ لڳرايو وڃي. مون کي به سندس منورتي ۾ بدلاءُ ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي هئي ڇو جو مان به علامه مشرقي جو ڪڏهن به ملاح ڪون رهيو هئس.
ملڪ عثمان ڪانسي ۽ مان گڏجي نواب اڳيان ڪئي ڏهاڙا ساندهه’اوريفيس‘جيان مرليون وڄايون هيون تڏهن وڃي ڪم رسيو، ۽ کيس سترهين گريڊ ۾’ڄم روڪ‘جي کاتي ۾ عملداري ملي هئي _ ۽ ديرا بگٽي اماڻجي ويو.
چٽيءَ طور ياد اچيم پيو ته ٽن _ چئن ورهين کان پوءِ ساڳي سابقه حالت ۾ اچي اڳيان بيٺو هئم! پڇڻ تي ٻڌايو هئائين ته فلاڻو ٻروچ بالاعملدار بجيٽ ((Budget کي ’بَگَٽِ‘ چوندو هو ۽ ان طرح ٻين لفظن کي به بي معنائو ۽ بدشڪلو بڻائيندو هو_ ۽ اها ڳالهه سندس حسياتي ۽ جمالياتي ذوق کي ڪڏهن ڪين آئڙي _ ۽ بار بار ٽوڪڻ سبب سندن سدا گردش ۾ رهندڙ تارا ’بگ بئنگ‘ وانگر ٽڪرائجي ويا هئا. ان کان سواءِ ديرا بگٽي جي سموري هندو نسل ڄڻ بنارس ۽ دهلي جي ٺڳن، ٽِپتين ۽ ڪوڙن جي آڪهه مان هئي. سندس اهڙي سوچ ۽ اظهار ’بگ بئنگي‘ ٽڪراءُ کي ڄڻ وڌيڪ ديوقامت بڻائي ڇڏيو هو؛ انڪري کيس ٽپڙ ٻڌڻا پيا. مون کيس ٻڌايو هو ته هنن هندن ۾ ’صنف نازڪ‘ جي سونهن، لطافت ۽ ڏانوَ جو ناماچار ته ڪوهه قاف جي پرين وانگر ڏيهان ڏيهه مشهور هو ۽ ڪنهن هڪ رمڻي کي جيڪر ’جيون جي ڏور‘ سان ڳنڍي پاڻ کي ان ’سنئين دڳ‘ تان ٿڙڻ بچائي سگهي ها. جواب ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ وراڻيو هئائين، ”اهي سڀيئي پريزاد سهڻن ٽوهن وانگر ’شاطر باخاطر‘ هيون! “
ڪراچي جي اوائلي ڏينهن ۾ به ديرا بگٽي جي هڪ آڙيڪاپ (پرڪاش بگٽي) ۽ گهوٽڪي جي ڪجهه ’عمرعيارن‘ جي ورچڙهي ويو جن منجهس ’سوم ۽ سموڪنگ ‘ جي ان ريت چوس وڌي هئي جئين اياز پنهنجي پياري دوست مونس کي ڌتاري شراب جو بي حد رسيا بڻائي ’بوهيمين‘ جو بي تالو لبادو اوڍائي سندس پڄاڻي کي قريب تر آندو هو.
اشوڪ بابت سوچيندي وچ مشرق، پراچين ويدڪ هندوستان، قديم چين ۽ ايران جا مهان پيغمبر، اوتار، رشي مني ۽ ڏاها انسان ذهني اسڪرين تي تري ايندا اٿم جن تي قدرت راضي ٿي ’وحيون‘ نازل ڪندي هئي، ’آڪاش واڻيون‘ ڪنين پونديون هئن، اندر جي جوت وسيلي گيان جا ڀنڊار جهرڻن جيان سندن ذات مان ڦٽي وهندا پسي سگهبا هئا.
پر، لڳي ٿو ته اشوڪ يا اهڙن ناياب روحن تي قدرت الائجي ڇو نامهربان رهندي آهي؟ منهنجي خيال ۾ هن جي ’نصيب ‘ واري جڳهه تي ننڍن سوراخن واري ڇاڻي فٽ ڪئي وئي هئي جيڪا وقت جي وڌندڙ رفتار سان گڏ وڏن سوراخن واري ’پَرَڻَ‘ جي روپ ۾ بدلجي وئي جنهن مان هر شيءِ ’وهيو‘ ويندي هئي _ ۽ پاڇي وڃي صرف گوتم ٻڌ واري ”ٻڙي“ يا شونيه بچندي هئس!!
درد دل کہوں کب تک جاوں ان کو دکھلاوں
انگلیاں فگار اپنی خامہ خون چکاں اپنا
جئين منهنجي ماءُ مون لاءِ پاڻ ولوڙيندي رهي هئي ۽ منهنجي بقا لاءِ پاڻ کي فنا ڪندي ’نابوديت‘ جي غير وجودي وجود ۾ سمائجي وئي هئي؛ تئين اشوڪ جي ماءُ به جيستائين حيات هئي؛ هن لاءِ صرف روشني ڏڍ آٿت هئي بلڪ سندس اڪيلائپ جي مرض جو ڄڻ ترياق ۽ اسم اعظم به هئي. سندس اکين ٻوٽڻ بعد هُو ڄڻ ڪنهن اهڙي بيابان ۾ پهچي ويو هو جنهن جا سڀيئي اڻ ڄاتل دڳ ڪنهن ڀوائتي ۽ جان ليوا پاتال ڏانهن ٿي ويا! ساڳي ريت مون کي چڱي طرح ياد آهي ته منهنجي ٻارن جي ماءُ به پنهنجي سموري زندگي هنن جي حيات ۾ سونهن نيڪي ۽ سپتيائي ڀرڻ لاءِ گهوري ۽ واري ڇڏي هئي _ ۽ الميو اهو آهي ته کين ياد ئي ڪونهي ته آسمان جون بلنديون ڇهڻ ڪنهن سيکاريون هئن ! لڳي ٿو ته سندن ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان اڳ هوءَ پاڻ نتيجي تي پهچڻ واري آهي _ منهنجي ماءُ وانگر ۽ اشوڪ جي ماءُ وانگر!
انهن شهرن ۾ ڊگهي سمئي تائين ’مردهه زندگي‘ گذاريندي کيس ڄڻ بي خوابي جو روڳ به لڳي چڪو هو؛ جيتوڻيڪ ’ورثي‘ ۾ مليل دل جو شاعراڻو مرض ۽ مثاني جي واڌ جي غير شاعراڻي عليلائپ الائجي ڇو سندس ناوجودي زندگي جا جيون ساٿي بڻيا هئا؟ بهرحال بي خوابي جي عالم ۾ رات جو اڪثر اٿي ڪري ڪنهن چوڪيدار وانگر ’مئل هستي‘ کي پسي خوش ٿي سمهي رهندو هو. کيس انديشو هو ته متان جسم، بيوفائي ڪري جدائي جو صدمو ڏيئي هليو نه وڃي ! ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ڪندو هئس ته ڄڻ منجهس ’زندگي‘ ٻيهر نمودار ٿيڻ لڳي هئي ڇو جو ’موت‘ جي فلسفي تي سوچيندي چوندو هو ته ”سائين! منهنجي دلي تمنا آهي ته انهن بيمارين وگهي چيچلائي چيچلائي موت نه اچيم ڇو جو ڪوئي اوهي واهي نه اٿم جيڪو هِنَ مڙهه جي شيوا ڪندو! “ عجب ٿو لڳيم ته قدرت به ڊاڪٽر Sade وانگر ڪيڏي نه Sadist آهي جو بندي جي صرف ناڪاري آرزو اونائيندي رهي ٿي!!
زندگي ۾ گهاريندي به الائجي ڇو زندگي کان بچندو پري ڀڄندو رهيو ۽ چورن وانگر جيئندو رهيو! شايد انڪري جو کيس سُڌِ هئي ته ڀرپور طور’جيئڻ‘ لاءِ پنهنجي ذات مٿان صدين کان طاري ٿيل ’نيڪي حسن سچائي‘ جي ’آدرشي‘ اُڪر ۽ پڪي ڇاپ کي ڊاهي ميساري کرچي صاف ڪرڻو پوندو! ۽ اهڙو ڪرم صرف اڄوڪو ’ڪرم يوگي‘ ئي ڪري سگهڻ جو اهل هو _ ۽ اهو عمل سندس ’ناتوان‘ جسم ۽ جان کان ڏورانهون ڀاسندو هئس انڪري آخر دم تائين زندگي ۾ ’مئل‘ ئي رهيو ؛ جيڪڏهن، زندگي ۾ اوچائي اندر ’جيئرو‘ رهي ها ته يقيني طور دٻڻين، پاتال جي ٻوساٽيندڙ گهراين جي ور چڙهي ڪڏهانڪر موت جي اجگر جي ور چڙهي سندس تر لقمو بڻجي وڃي ها؛ جيئن اسان جا ڪيئي اديب دانشور ۽ ڏسڻا وائسڻا يار پاتار جي ڀوائتن، چنڊالن ۽ رت پياڪ جنڙن ۽ ڄورن جيان ۽ خواب گردن (Somnambulist) جيوَن وانگر گهمندا ڦرندا پسجي سگهجن ٿا. قيدِ حيات واري ’پڄاڻيءَ‘ جي ان احساس جي گيان کيس زندگي پرور گونا گونيت جي راهه سان روشناس ڪرائي ڇڏيو هو.
هُو جيئرو رهندي به پاڻ ۾، پنهنجي ذات اندر ’جيئرو‘ ڪون ڏيکاربو هو! هن جي هجڻ يا موجودگي جو احساس سندس بي لوث ’ڪرم ‘، سندس ٻهه ٻهه ڪندڙ ’خلوص ‘ سندس لاغرض ’نيڪي ‘ _ ۽ سندس بي وجود ”وجود“ مان اُڀ هي تازن جيان ٽم ٽم ڪندو ۽ چند وانگر نرمل مرڪ پکيڙيندو ڏيکاربو هو .
تفو برتو اے چرخ گرد وں تفو