آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

پاتم جھاتي جهان ۾

ھي ڪتاب شيام ڪمار جي لکيل آتم ڪٿا آھي. تاج بلوچ لکي ٿو:
”شيام ڪمار جي آتم ڪٿا اندر ”ڪردارن“ ۽ ”فنون“ جي گھڻ رخائين ۽ اڻ ڳڻت انيڪتا ڏسي تپرس ۾ ويڙھجي وڃبو آھي. انھن ڪردارن ۾ ”ماڳ“ به ساھ کڻندا ۽ زندھ محسوس ٿيندا آھن. انھن اندر راوڻ، اٽيلادي ھُن، چنگيز جھڙا انسان ڪش ڪردار به آھن، ۽ مھاتما ٻڌ، سقراط ۽ البرٽ شويٽرز جھڙا امن پسند روح به. انھن اندر ليوڪريشيا بورجيا، ڪيٿرائن دي گريٽ ۽ قلوپطره جھڙا حسين ۽ من موجي چھرا به آھن، ۽ ميرا، قرت العين طاھراه، ميري مگدلين جھڙيون نفيس، ٻھڳڻيون ۽ پوتر آتمائون به ٽلنديون رھن ٿيون. سندس آتم ڪٿا اندر ”پيار“ سدائين دک، ڀوڳڻا، غم ۽ اُداسي جو سبب بڻجندو ڏيکاري ڏئي ٿو: وطن سان، ڪامڻي سان، الوھي شبيھه سان يا تخليقي عمل سان؛ سڪون (باطني ۽ خارجي) کي ڊانواڊول ڪندو رھي ٿو. پر، ”لفظ“ ۽ ان مان اُپجيل ”ھيئت“ سان محبت جو مٺاس ڪڏھن جھڪو نٿو ٿئي.“
  • 4.5/5.0
  • 2081
  • 243
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيام ڪمار
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پاتم جھاتي جهان ۾

جيڪب آباد

منهنجي شروعاتي يادن جو منڍو سن 1942ع ۾ پوٺي نما زمين اندر کتل آهي _ جن ۾ زمين جي لوساٽيندڙ تپت جي پيڙا سرس هئي، ۽ آسمان تي ڇانوري جيان ڇانئيل بادلن جي ٿڌڪار، ندي نهرن ۽ وڻڪار جي روح ۾ سمائيندڙ تراوت شايد ئي ستن ورهين جي ڪچي عمر جي ڪنهن ياد ۾ وسيل آهي! ڪچڙي عمر جي پيڙائين جي ڇاپ کي اڄ ڏينهن سوڌو وجود ۾ سمايل هر احساس جو اڻ مٽ انگ بڻيو صليب جيان گهليندو رهان ٿو.
منهنجي ٻالڪپڻ جو اڪثر وقت جيڪب آباد شهر جي ڪوئٽه سبي دڳ تي گوري فوجين ۽ سندين ساز سامان سان ڀريل ننڍين وڏين فوجي گاڏين کي حيرت چوڄ ۽ اڻ ڄاتل خوشي سان تڪيندي گذرندو هو. گاڏين جي ان اڻ کٽ قطار کي هٿ لوڏي سلام ڪرڻ ۽ موٽ ۾ ڪنهن مرڪندڙ فوجي وٽان ان جي ساڳي انداز ۾ جواب ملڻ تي عجب آنند جو اڻ ميو احساس ٿيندو هئم _ ۽ اهڙي جوابن جو وچور ذهن ۾ محفوظ ڪري، ۽ گهر واپسي تي پنهنجي ماءُ ۽ هڪ جيڏن سان ونڊي گد گد ٿيندو هئس. اڃان ان _ ڄاڻ کان اڻ واقف هئس ته اهي فوجي ٻي عالمي جنگ جي آڙاهه ۾ ڪڏڻ لاءِ ايران، مصر ۽ ٻين جنگي محاذن ڏانهن ويندا رهندا هئا؛ فسطائيت جي ’ڪالي‘ تي ٻَلي جو بک ٿيڻ لاءِ ! پرائمري اسڪول جي پڙهائي کان وڌيڪ اهڙيون ’بي مصرف‘ مشغوليون جيءَ جان کي وڌيڪ آسودو ڪنديون هيون!
گوري ۽ ڪاري فوجين کي اها معصوماڻا هٿ _ لوڏ ۽ حدِ نظر کان پوءِ انهن جو رستي جي اڻ سونهين وڪڙن ۾ الوپ ٿي وڃڻ هاڻي ايئن ڀاسندر اٿم ڄڻ اِهي ’وڪڙ‘ فرانسي پليڊ ((Pleide تحريڪ سان واڳيل جڳ مشهور ليکڪن جي پڙهيل ڪتابن تي لکيل ’فوٽ نوٽ‘ آهن! شايد رامبو جي مشهور نثري نظم ’راس‘ ((Promontoire جي شروعات پڻ ان ’وڪڙ‘ جي انداز ۽ ان مان اتپن ٿيل احساس طور ٿي هوندي.
منهنجي ماءُ (نانءُ ۾ پيوند يا رُڪي ٻائي) رنگ جي نکريل، مهانڊن ۾ واهه واهه ۽ آواز ۾ هردم پيار، سڪ ۽ سنيهه جون _ اڻ لکي سنگيت جي لهرن تي، ترندڙ ڏياٽيون پسبيون هيون. هوءَ بلوچستاني خاتون هئي ۽ سندس وجود ۾ پهاڙن جي ڏيا واري رفعت ۽ ميدانن واري وسعت جام هئي. پهاڙ ۽ ميدان جي ان طبعي ميلاپ سندس سوچ کي ڌرمي ڪٽرپڻي کان دور رکيو هو ۽ ساڳي سوچ منهنجي وجود ۾ داخل ٿي منهنجي ڪائنات بڻجي ويئي جنهن تي مان پاڻ کي سڀاڳو چئي سگهان ٿو _ ان ڪارڻ منهنجي ’نظرن‘ ۾ ڪنهن ديوي ديوتا جي ڀيٽ ۾ پوجا جي حقدار اها مهان آتما آهي جيڪا منهنجي طبعي ماتا به هئي. اهي سڀ خوبيون ڦڙت محنتي وفا شعار وسيع نظر ۽ فال وجهندڙ خانه بدوش زائفن جو ڏاج هونديون آهن؛ ۽ هوءَ ان ڏاج جي زيورن ۾ آخر تائين جهنجهيل رهي. منهنجي پيءُ (نانءَ راڄومل) ڌرتي جي سيني تي منهنجي وجود ۾ اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ آسمان جي خلائن جي وسعت وڃي وسائي ؛ ان لحاظ کان مان پاڻ کي اڄ ڏينهن سودو سڀاڳو چئي ڪين سگهيو آهيان!
اسان، ماءُ پٽ ناڻي جي ڪمي ۽ پنهنجي اجهي جي سکڻائي جو هميشہ شڪار رهيا هئاسون. ان سکڻائي مان نڪتل ندوري ڄر اسان ٻنهي کي لهسائي ڪين سگهي بلڪ هڪ لحاظ کان غئبي نعمت بڻي هئي ! ان اسان اندر جدوجهد محنت هر آپدا سان ٽڪر وٺڻ جي قوت کي جرڪايو جيڪا گهڻو ڪري ان دور جي هيٺئين وچولي طبقي ۾ ڳولهي ڪين لڀندي هئي. اصولن جي بنياد کي عزيز رکندي غلط ۽ مصلحت پسندي واري پاکنڊ تي بيٺل ٺاهه سان مهاڏو اٽڪائڻ جي همٿ بخشي هئي؛ اهو _ گڻ يا ڪيترن جي نظرن ۾ اوگڻ _ اڄ تائين وجود اندر رت ۾ گردش ڪندو رهي ٿو.
رڙندڙ چاليهن واري ڏهاڪي (گذريل صدي جي) ۾ سياسي فوجي سماجي هلچل، حرڪت ۽ سرگرمي پنهنجي اوج تي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هندوستان جا وڏا رهبر جهڙوڪ جواهرلال نهرو، سباش چندربوس،مهاتما گانڌي، خان عبدالغفارخان، پنڊت مدن موهن مالويه، ارونا آصف علي، عبدالصمد اچڪزئي ۽ محمد علي جناح وغيره پڻ ان ئي دور ۾ جيڪب آباد جهڙي ٻروچڪي، هندڪي ’ٿڙڪندڙ‘ شهر جو واس وٺي چڪا هئا. مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪ ڀيري مشهور ڪانگريسي اڳواڻ پروفيسر هاسانند جادوگر هتي آيو هو ۽ ’پئنچاتي جاءِ‘ ۾ انبوهه ماڻهن آڏو نه صرف پنهنجا جادوئي ڪمالات ڏيکاري ٻالڪن بلڪ وڏڙن جا به عقل چرخ ڪري ڇڏيا هئائين _ ۽ ان کان پوءِ پنهنجي تقريري جادو سان آزادي جي هلچل تي روشني وجهي بزرگن جون دليون موهي وڌائين _ ۽ خاص طور مونکي پنڊ پهڻ جيان بڻائي الائجي ڪاڏي الوپ ٿي ويو هو _ اِهو ’هندوستان ڇڏيو‘ تحريڪ جو زمانو هو . ان بعد ساڻس آخري ’محبت ۽ جادو‘ ڀري گڏجاڻي سن 1961ع ڌاري اياز جي جاءِ (سکر) تي ٿي هئي جنهن ۾ شمس الدين شاهه، رڪن الدين قاسمي، شيخ حفيظ ، عبدالرزاق راز ۽ رشيد ڀٽي به هئا.
اها گڏجاڻي منهنجي دعوت تي ٿي هئي. هينئر هو گهڻو پٺتي موٽ کائي وان گاگ جي پنهنجي بڻايل چتر جيان جهور پوڙهو ٿي چڪو هو. سڄو چهرو، ٻانهون وقت جي اٿل جي بي رحم گهنجن سان ڀرجي چڪيون هئس، آواز ۾ چاليهن جي ڏهاڪي وارو ڌڌڪو ۽ ڪڙڪو ڪين هئس؛ باهه تي رکيل اٻرڪو کائي ٺريل پاڻي جيان لهجو جهيڻو ٿي ويو هئس. پر، ڪپڙا ساڳيا اڇي کاڌي وارا پاتل ۽ مٿي تي ساڳي پر وقار علامتي نهرو ٽوپي هئس.
گهڻي سمجهائڻ بعد کيس اياز وٽ هلڻ لاءِ راضي ڪيو هئم. اياز سندس اعزاز ۾ چانهه پارٽي جو بندوست ڪري ورتو؛ ساڻس هندوستان جي ان وقت جي، سياسي سماجي حالتن تي مختلف رخن سان چڱي خاصي گفتگو ٿي هئي _ ۽ ان بعد اسان جي پرزور فرمائش تي هن پنهنجي ’جادوئي ڪمال‘ جي انيڪ ڪارنامن جو مظاهرو ڪيو ( ان وقت هو هندوستاني جادوگرن جي تنظيم جو صدر به هو ۽ ’جادو‘ کي ’هٿ جو ڪمال‘ ۽ ’کيڏبازي‘ چئي تشريح ڪئي هئائين) جنهن ۾ ڀٽي جي ’پُٺ‘ واري حصي تي هلڪو هٿ هڻي ٽي چار اٻُريل بيدا ۽ ڪجهه کٽمٺڙا ڪڍي اسان کي کائڻ لاءِ ڏنائين ! ان زماني ۾ رشيد ڀٽي جو جسم گئو شالا جي ڏاند جيان نهرو ٿلهو ۽ پلپل ڪندو هو. کيس ڇهندي وجود ۾ عجب ڪتڪتائي پيدا ٿيندي هئي ۽ کيس ڪنهن جو ڇهڻ چڙ ڏياريندو هو. پر، اسان (اياز، حفيظ، تنوير ۽ آءُ) پنهنجي ’ترغيب‘روڪڻ جي جتن ۾ هميشہ اسڦل رهندا هئاسون.
ان آخري ملاقات بعد پروفيسر صاحب هندوستان پهچڻ جي چند سالن کان پوءِ ڪائنات جي وسعتن ۾ انتر ڌيان ٿي ويو.
جيڪب آباد جي ٻي ناليواري ڪانگريسي شخصيت دادا جئرامداس دولت رام جي هوندي هئي؛ ٻڌندا هئاسون ته آزادي جي هلچل ۾ ٻين مشهور ليڊرن جهڙوڪ آچاريه ڪرپالاڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، هوند راج دکايل سان ملي سڄي سنڌ ۽ هند جا رٽن ڪندو رهندو هو. ٻه ڀيرا اسان جي اسڪول ۾ به آيو هو ۽ مختلف جاين تي جلسن دوران ساڻس گڏ مٿي ڄاڻايل شخصيتن کي ڏسڻ جو موقعو به مليو هئم. هميشہ خاص ڪانگريسي گانڌيوادي لباس ۾ سندس ڏيل ڏاڍو وڻندڙ ۽ پنهنجائپ واري رعب ۾ ويڙهيل ڏسي سندس لاءِ ذهن تي خوشگوار تاثر ويهجي ويو هو.
جيڪب آباد ۾ رهائش دوران ٻه اڻ وڻندڙ واقعا اڃا تائين ذهن تي نقش ٿيل آهن:
اسان جي پاڙي ۾ ’هندوناري شالا‘ لڳ ان شهر جو هڪ سکر ۽ ڏٺل وائٺل چڱو مڙس مکي ديالومل رهندو هو. سندس ساماڻيل ڌيءَ جانڪي ديوي مهانڊن ۾ بلي بلي ، سونهن ۾ جل جل مشعل، ۽ بيهڪ ۾ ڪرشن جي راڌا جهڙي موهني لڳندي هئم. کيس پسي جيءَ ۽ جان ۾ ديوتائن ۽ دئيتن جي ’ميرو پهاڙ‘ ذريعي سمنڊ ۾ ولوڙ وجهڻ واري ڪيفيت پيدا ٿيندي هئي!
جانڪي ديوي هندوناري شالا ۾ پڙهندي هئي؛ عمر ۾ مون کان گهڻي وڏي سرو قد هئي. ’ڇِڪَ‘ عمر نسل مذهب سماجي رتبي جا ٻنڌڻ ڇيهون ڇيهون ڪرڻ ۾ ويرم ڪون وجهندي آهي.
اسان جي اسڪول ۾ هڪ سونهن ڀريو جوان ماستر هوندو هو، سندس نالو ذهن کان ميسارجي ويو اٿم يا شايد ديپڪ هئس. ڇڙو سَرَ هو ۽ سندس گهر اسڪول جي ڀرسان واهه جي ڪناري، لڳ هيو. هڪ ڏينهن اوچتو جيڪب آباد شهر ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو. ماڻهن جي واڪو واڪاڻ سان سمورو شهر گونججي اٿيو ته ساڳيو ماستر جانڪي ديوي کي پنهنجي گهر آڻي ساڻس................. ۾ رڌل هيو! ماڻهن جا هشام سندس گهر کي وڪوڙي اندر گهِڙي آيا پر جانڪي ديوي ڪنهن کي هٿ ڪين آئي؛ پر، ماستر کي مارڪٽ ڪري سندس منهن ڪاروڪري گڏهه تي چاڙهي شهر ۾ سرگس ڪڍي ويئي. ان بعد ماستر الائجي ڪيڏانهن هليو ويو ؛ ليڪن گهڻو پوءِ اها خبر پئي ته جنهن وقت ماڻهو سندس ڪمري ۾ آيا هئا ان کان اڳ ۾ هن جانڪي کي پلنگ تي سڌو سمهاري مٿانئس ٿلهي پٿرڻي، چادر وجهي ڍڪي ڇڏيو هو _ بستري سان ڪنهن ماڻهوءَ به هٿ چراند ڪين ڪئي ۽ هوءَ وجهه وٺي سلامتي سان پنهنجي ماڳ پهچي وئي هئي! ان واقعي بعد جانڪي الائجي ڪيڏانهن ڳجهه ڳوهه ۾ پرڻجي وئي _ ۽ منهنجي يادن جي جهروڪي جو اڃا سوڌو اڻ مٽ نقش بڻيل آهي!
جيڪب آباد جي يادن واري اڻت ۾ ٻيو اهم واقعو پٽ هٿان پيءُ جي بي رحمي سان قتل ڪرائڻ جي ڳجهارت هئي. سيٺ شوالي مل نالي جيڪب آباد ۾ هڪ ناليرو ڌنوان هندو هو_ ملڪيت مڏي حشمت ۽ ڀڀڪي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. شهر جي خاص سڙڪ ڪوئٽه روڊ، تي سندس بنگلو ڏسڻ وٽان هوندو هو ۽ جيڪب آباد جو نڪ ليکبو هو. خاص طور ڪاٺي تي نهايت نفيس ۽ اعلى گلڪاري چٽسالي، جنڊي جو ٿيل هنري ڪم تاريخي لاجواب حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. ڪٿان ڪٿان خلق ڪهي اچي اهو عجوبو پسڻ ايندي هئي.
ذوالفقار ڀٽو جي دور ۾ اها يادگار، سهڻي ۽ تاريخي ڪاٺي جي سموري گهڙت واري اڏاوت پنهنجي امر ڏِکَ، جلوي سميت ان بنگلي تان لاهرائي لاڙڪاڻي جي سمڀارا هوٽل جي سونهن ۽ سوڀيا وڌائڻ لاءِ ان ان جي مهڙ ۽ ٻين مناسب هنڌن تي لڳائي ويئي. اڄ به فن جا دلداده انهن کي ڏسڻ لاءِ لاڙڪاڻي ويندا رهن ٿا!
ان سمئي ۾ هندو سماج (سن 1942ع) جيڪو بنيادي طور اهنسا ڪهل وڏڙن جي آگيا پالڻ وارن متن تي قائم هو اولاد هٿان پيءُ جو بي ترسي سان مارائجڻ جو واقعو پنهنجي نفسياتي سماجي ڌرمي اثرن سبب ڌڌڪو ۽ ولوڙ پيدا ڪندڙ پهريون ۽ اهم سانحو ليکيو ويو هو ! ان جون ڌوڏيندڙ لهرون سموري سنڌ ۾ اُٻٿ واري ڪيفيت جيان محسوس ڪيون ويون.
سيٺ شوالومل جا ٻه پٽ هئا: وڏو ماڌوداس ضلعي ڪانگريس پارٽي جو صدر هو، ننڍو پٽ گوپال شهر جي بدنام پاٿاريدارن جي سنگ ۾ رڱجي نردئي ۽ بڇڙو بڻجي چڪو هو. شراب شباب ۽ جوئا جو ڪوڏيو هوندو هو انڪري هميشهه پيسي پنجڙ جي بي حساب ضرورت رهندي هئس؛ سڀاءُ ۾ به هوڏي ۽ سخت گير هو.
هڪ ڀيري پيءُ کان وڏي رقم جي گهر ڪيائين جنهن کيس سختي سان ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏي. پيءُ جي ان روئي منجهس ڪروڌ ۽ بدلي جي ڀاءُ نا کي هڪ طرح ڄڻ ريج ڏنو.
ٻئي ڏينهن پنهنجي ٻن ڪاٽڪو دوستن _ شفو ۽ شيدي کي وڏي رقم جي آڇ ڪري رات جو پيءُ کي مارائڻ جي رٿا تيار ڪيائين. سمهڻ کان اڳ، رٿا موجب، گهر جو ٻاهرون ، دروازو اندران کليل رکيائين.
اڌرات جو اهي ٻئي همراهه گهر اندر داخل ٿيا ۽ سيٺ شوالي مل جي ڪمري ۾ وڃي کيس گهو گهو ڏيئي سندس انت آندائون ، ۽ لاش کي ٻاهر بيٺل ٽانگي تي رکائي شهر کان ٻاهر کڻي وڃي مقرر جاءِ تي پوري ڇڏيائونس.
ٻئي ڏينهن سڄي شهر ۾ سيٺ شوالومل جي پراسرار طور گم ٿيڻ جي خبر باهه جيان ڦهلجي وئي. شهر اندر جلسا ۽ جلوس نڪتا. ڪافي ڏينهن جي جاچ جوچ مان سندس گمشدگي جو ڪو سڳ ڪين ملي سگهيو. ان دوران شفو ۽ شيدي جي ٽانگي واري ۽ گوپالي سان پيسن جي ورهاست تي اڻبڻت ٿي پئي، ۽ نتيجي طور ٽانگي واري پوليس ٿاڻي تي وڃي صوبيدار آڏو، ان ظالماڻا واقعي جو سربستو احوال بيان ڪري پنهنجي گرفتاري ڏني. ان بعد سڀئي جوابدار پڪڙيا ويا. گوپالي سميت سڀني جوابدارن _ سواءِ ٽانگي واري جي _ کي ٽڪٽڪي تي لڙڪايو ويو.
اهو واقعو مشابهت ۾ پهرين مهاڀاري جنگ ڇڙڻ جي، ڪي قدر غير اهم واقعي، جنهن ۾ آسٽرين شهزادي جو قتل شامل هو، جيان ڀاسي رهيو هو. فرق اهو هو ته ان جيڪب آبادي ولوڙ جا ايڏا اُگرا نتيجا ڪون نڪتا جيڏا پهرين مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيا هئا.
جيڪب آبادي الميي جي نتيجي ۾ ادب ، تاريخ جا صفحا سکڻا رهيا، صرف صحافتي ۽ قانوني ميدان ۾ ڪجهه عرصو ان جي چوٻول جو پڙاڏو ٻڌجڻ ۾ ايندو رهيو. ليڪن پهرين مهاڀاري لڙائي جي ڪک مان ادب آرٽ تاريخ جنگي ادب بلڪ نفسيات ۽ فلسفي جي مضمونن ۾ پڻ نوان تجربا لازوال ۽ يادگار تخليقن جنم ورتو جيڪو اڄ سموري انسان ذات جو گڏيل ورثو بڻيل آهي.
بهرحال ٻيءَ مهاڀاري لڙائي دوران ان کي جيڪب آباد جو اهم ترين واقعو ليکيو ويو هو.
جيڪب آباد ادب، سياست ، ثقافت ۽ پنگتي معاملن ۾ به سنڌ جي ڪنهن به شهر کان پاڻ گهٽ ڪين موکيو هو. سياست ۾ جئرامداس دولت رام، سيٺ ماڌو داس، انقلابي ۽ دهشت گردانا راڄ نيتي ۾ وشواس رکندڙ ڦيرو (رڪن الدين قاسمي، حشو، سوڀي، عينشي وديارٿي _ ۽ هيمون ڪالاڻي جو دوست) ڪانگريسي رتن چند وڪيل وغيرهه؛ مسلمان ڪلاس ۾ خانداني موروثي سياست جو رواج هو جيڪو اڄ به قائم آهي جهڙوڪ سندراڻي، کوسا، بجاراڻي، جمالي، جکراڻي، سومرا، اوڍا، پنهور، سرڪي گهراڻا وغيرهه؛ بلوچستان مان آيل مير يوسف علي مگسي، اسلم اچڪزئي، خداداد خان _ ۽ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل اديب سياستدان برڪت علي آزاد، گوپال پروانو، درٻاري لال اجواڻي ۽ محمد امين کوسو وغيره.
ادبي ميدان ۾ عبدالڪريم گدائي، برڪت علي آزاد، غلام قادر قيس، رام امر لال پنجواڻي، _ بعد ۾ غالب لطيف، فيض بخشاپوري، محمد بخش سومرو وغيره سنڌ ۾ ساراهه جوڳو اسٿان ماڻين ٿا. ان کان سواءِ ’سنڌو‘ رسالي جو مالڪ ۽ ايڊيٽر بولچند راجپال به ميان جي ڳوٺ (جيڪب آباد) جو رهواسي هو جتان اهو رسالو نڪرندو هو.
جيڪب آباد جو سنڌ جي ادبي اوسر ۾ _ ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي بعد وڏو هٿ رهيو آهي. ٻالڪپڻ (سن 1942ع ) ۾ آءُ ادب جي حقيقت اهميت کان قطعي ناواقف هيس ڪا خبر نه هئي ته برڪت آزاد،گدائي،رام پنجواڻي، خداداد، راجپال ان شهر جي ڪهڙي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هئا. ساڻن نينهن ۽ سنينهن جا ناتا جناح جي پاڪستان ۾ پختا ٿيا جيڪي سندن حيات تائين بڙ جي وڻ جيان ڦهلجندا گهاٽا ٿيندا رهيا.
خان ڳڙهه مان چولو مٽائي برگيڊيئر جنرل جان جيڪب جي ايامڪاري ۾ هيءُ واهن ۽ واهين وارو ’پتڪڙو وينس نما‘ شهر جيڪب آباد بڻجي ويو. منهنجي ٻالڪپڻي جي سانڀر ۾ صرف هتان جون موڪريون ڏامر واريون سڙڪون اڃان تائين، ڪٿي ڪٿي، موهن جي دڙي جيان نظراينديون اٿم _ باقي ٻيو سڀ ماضي جي اڻ ڄاتل مقبرن ۾ دفنائجي نظرن کان اوجهل ٿي چڪو آهي.
جيڪب آباد جي رنگا رنگ ثقافتي تاريخ ۾ ’گهوڙن ۽ جانورن‘ جو ساليانو ميلو ۽ ڏياري جي ڏڻ تي ’رام ليلا‘ جو جشن وڏي دٻدٻي ۽ ڀڀڪي سان ملهايا ويندا هئا. انهن ٻنهي يادگار ٻروچڪي ۽ هندڪي ثقافت جو گڏيل ۽ منفرد اظهار منجهائن بنياد پرستي ۽ ڪٽرپڻي تي لاڳيتي ضرب جيان ڀاسندو هو. هونءَ به سنڌ ڌرتي صوفي _ ويدانت مت جي امر ميلاپ جي، سهپ ۽ امن جي مثالي سرزمين رهي آهي اهو ميلاپ هڪٻئي سان ويجهڙائپ ۽ سيڪولر سوچ کي وڏي هٿي ڏئي آزاد روي جي راهه تي وک وڌائڻ ۾ سهايڪ بڻجندو نظر آيو هئم.
’گهوڙن جو ميلو‘ سرڪس وغيره شهر جي مرڪز کان ٿورڙو پرڀرو گئوشالا ڀرسان ڪشادي ميدان تي لڳايو ويندو هو ۽ ’رام ليلا‘ جنهن ۾ سنگيت جي لهرن تي مختلف ناٽڪ، ٽيبلوز راس ليلا وغيره ڏيکاريا ويندا هئا انهن جو پرٻنڌ ’هندوناري شالا‘ جي گرائونڊ تي ڪيو ويندو هو.
ان دور ۾ مخالف جنس ڇڙواڳ ڪون هئي ۽ اها نازڪ صنف گهڻي ڀاڱي چوديوارن ۾ محدود ۽ وسيل هئي؛ انڪري ناٽڪن، چهچٽن ڊرامن ۾ سهڻا ۽ منهن مهانڊي وارا نوجوان مرد عورتن جو ٻهروپ ڌاري سندن ڪردار چوڄ چاهه ۽ فنڪاراڻا پختگي سان ادا ڪندا هئا. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جيڪب آباد ۾ ’شمن‘ نالي هڪ درزي هوندو هو جنهن کي هر سال سيتا جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سونپيو ويندو هو. ’رام ليلا‘ جي ناٽڪي ڀاڳ ۾ سندس موهيندڙ سونهن، مڪالمن جي پرتاثير ۽ مترنم ادائگي، سندس سڊول جسم تي ڀڙڪيلن ۽ ساڌوي ڪپڙن جو پرڪشش اثر، خوشي غمي، پريم پاٻوهه ۾ ڀريل جذبن، ويراڳي ڪيفيت ۾ ’فطرت‘ اندر رام کي ڪلپنا ذريعي پسڻ جو انڀوء، رام خاطر پاڻ وڃائي پنهنجي تن من کي ارپڻ جو فنڪاراڻا اظهار، چهري تي لطيف احساسن جي رنگن روپن جي انڊلٺي ڏِکَ بن ۽ راوڻ جي اشوڪ واٽڪا ۾ ورلاپن جي سڀاويڪ نظر ايندڙ ڇڙي لڳائڻ، تياڳ ويراڳ ۽ ٻليدان جو مجسم چتر پيش ڪرڻ ۾ مهارت جي انتَ ’جيڪب‘ جي سموري شهر کي مٿانئس اڪن ڇڪن ۽ موهت ڪري ڇڏيو هو. ڪيڏا ماڻهو صرف سندس ديدار لاءِ سندس دڪان تي وڃي کانئس اجايا سجايا ڪپڙا سبرائيندا هئا! ڪيترن ئي عاشق جيئڙن ساڻس شادي لاءِ پيشڪش ۽ نوتن موڪلڻ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو جاري رکيو!! ڪيترن جي سوچ مطابق بهشتي غلمانن ۽ سورڳي گنڌرون جي ڀيٽ ۾ شمن جي سونهن، ساءُ ۽ سواد هنن کان ڪونهين وڌيڪ هوندو هو!!
شمن هينئر ڪٿي هوندو؟ پروفيسر هاسانند جادوگر جيان ڪائنات جي اڻ کٽ وسعتن جي ڪنهن ’جهرمٽي کيرولي رستي‘ تي آنام ستاري جيان ضرور جهرمر ڪندو هوندو!
قديم جاگيرداري، بادشاهي دور ۾ تفريح جا چار مکيه ذريعا هوندا هئا: عشق ، جوئا، شڪار ۽ سرڪاري يا شاهي دلنوازي ۾ بهرو وٺڻ. محبت يا عشق کي راند جيان ليکيو ويندو هو _ يا ان کي مشهور ڊرامه نويس ’ماريِ وُو‘ (فرانسسي) جي مزاحيه ناٽڪ وانگر ڪري سمجهبو هو! شادي سان ان جو ڪو واسطو ڪين هو. ٻارن کي سندن ڪچيءَ عمر ۾ پرڻايو ويندو هو. عاشق لاءِ محبوبه ۽ محبوبه لاءِ عاشق لازمي قرار ڏنا ويندا هئا. ’ياراڻي‘ جو اهو ’اصول‘ ڪنهن اداري جيان مضبوط بنيادن تي قائم هو. اهو رواج جاگيردارن وڏيرن بادشاهن ۽ عوام ۾ ڄڻ برابري، جي بنياد تي قائم هوندو هو! يورپ ۾ فرانس، اٽلي، يونان، انگلئنڊ اسان جو ننڍو کنڊ ۽ جيڪب آباد ان ڏس ۾ سڀ کان اڳرا هوندا هئا.
ان سڳي ۾ پوتل ڪامڻيون زندگي کي هڪ غير محدود مذاق جيان سمجهنديون آهن. سندن دليون هر وقت بهار جي مند ۾ رتل رهنديون آهن. عمر جا راڱا سندن آڏو تڇ هوندا آهن.
ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري جيڪب آبادي ڪلچر ۾ اهڙا ڪئي ڪردار اٽلي جي چوڏهين پندرهن ۽ سورهين صدين جي ڪلاسيڪي زندهه چترن جيان اڄ به فضائن ۾ ساهه کڻندا نظر اچن ٿا!
انهن مان سردار عبدالرحيم خان کوسو جنهن جي جسم جي ٿولهه سکن جي گردواري اندر چئن ڪنڊن ۾ رکيل نغارن کان به سرس هئي، بدن جي پکيڙ اگر ٽن آرام ڪرسين کي گڏيو وڃي ته انهن کان به وڌ هئس سندس ويهڪ لاءِ خاص وڏي سائز جي چاندي جي ڪرسي ٺهرائي وئي هئي. ڏاڪڻ چڙهڻ سندس ڪرمن ۾ لکيل ڪين هو انڪري ڪليڪٽر صاحب جي سالياني درٻار ۾ حاضري وقت ڏاڪڻيون ڪڍائي ’لاهه چاڙهه‘ سندس ڏانوَ ۽ سهولت پٽاندر ٺهرايا ويندا هئا ته جئين گاڏي مان سڌو لهي ڪليڪٽر ڀرسان رکيل اسپيشل ڪرسي تي ويهي سگهي. سردار عبدالرحيم کوسي بابت سوچيندي ذهني سطح تي هڪ ٻيو وسريل ورق اڀري آيو اٿم :
بادشاهي ۽ شنهنشاهي دور ۾ دنيا جي هر خطي اندر غلامي جو رواج عام هوندو هو، بلڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دنيا جي مختلف مذهبن ۽ انهن جي پروهتن به ان ڪڌي ۽ انسان ڪش سرشتي جي پٺڀرائي ڪندي ان کي هٿي ڏني هئي.
اهو بدنام سرشتو عرب ملڪن، آفريڪا، آمريڪا ۾ قانوني طور لاڳو ۽ چالو هيو ۽ گڏيل هندوستان به ان جي بدبودار اثرن کان محفوظ ڪين هو. جتي جتي اهو سلسلو لاڳو هو اتي جي رهاڪن جي منفرد ۽ بڻاس ڏيندڙ ’سائڪي‘ ۽ سڀاءُ به اڀريو هو جنهن کي عام طور غلاماڻا ذهنيت چئجي ٿو. ان اندر ماڻهو جو ناس پتو ٻڏيو وڃي ٿو پنهنجي احترام يا آدميت جي سنمان جي ڪا سمک نٿي رهيس ۽ حب الوطني، ڌرتي لاءِ اُڪير، غيرت وغيره جا آفاقي قدر سندس بڻ بڻياد مان ڄڻ ڪافور ٿيو وڃن ٿا.
انگريز سرڪار جي ايامڪاري دوران بلوچستان، سنڌ ۽ گڏيل هندوستان جي اڪثر علائقن ۾ اها بيمار ذهنيت، عام جام، هوندي هئي، خاص طور سنڌ بلوچستان جا اڪثر وڏيرا زميندار جاگيردار سردار وغيره اهڙي ذهنيت تي فخر محسوس ڪندا هئا! انگريز عملدار جي درٻار ۾ پينشن يا انعام جو سڏ ٿيندو هئن ته ’سو روپئي‘ جي ملهه وصول ڪرڻ خاطر پنج سو يا هزار روپين جو ڇيهو يا خرچ خوشي سان برداشت ڪندا هئا. بلڪ، بعض وقت تي انگريز ۽ هن جي منڊمن جون بگيون گهوڙن بجاءِ پاڻ فخريه انداز ۾ ڇڪڻ ۾ ڪو عار محسوس ڪين ڪندا هئا!
سردار عبدالرحيم کوسو بندوق غليل ۽ ڪاني هلائڻ ۾ هڪ ماهر ۽ آڙيڪاپ نشاني باز ليکيو ويندو هو.
سنڌ جي اترائين تر خاص طور جيڪماباد ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ هن جهڙو تز ۽ پڪو نشانچي ٻيو ڪو پيدا ئي ڪين ٿيو هو _ ۽ نه سندس زندگي ۾ اهڙي ڪنهن ٻئي انسان کي پيدا ٿيڻ جو ساهس ئي هئو! سڀني جانورن جو شڪار ڪيو هئائين بگهڙ هرڻ سوئر گدڙ چيتو جهنگ ٻلو وغيره. ننڍي کان وڏو هر پکي ويٺل بيٺل سمهيل ۽ اڏامندڙ حالت ۾ سندس تيز نگاهه ۽ يڪ ٽڪ نشاني کان بچي ڪين سگهيو هو.
اگرسردار رحيم کوسو دواپريگ ۾ پيدا ٿيو هجي ها ته ارجن کان وڌيڪ نانءَ ڪمائي دروپدي جهڙيون ڪئي ڪامڻيون، سويمبر ۾ جيتي راجا اندر بڻيو ويٺو هجي ها!
هڪ لڱا سندس ڪمدار هٿ ٻڌي فرمائش ڪندي چيس ”ڀوتار، تنهنجي لاکڻي هٿ کان ڪنهن پکي جي مجال ڪونه هئي جو بچي سگهي ها: جهرڪيون ڪبوتر تتر ڀاڙو ڳيرا بدڪ نيل ڳري وهيا تلور تليهر، چيها چتون ڪوئل ڊگوش روهي ڪونج هدهد تاڙو بلبل ابابيل، ڪاٺ ڪٽو وغيره، پر، حرامي ڪانوَ توکان اڃا تائين بچيل آهي .“
سردار رحيم وراڻي ڏيندي چيس ”اهو بدمعاش ڪارو ڪانو مون کان وڏو حرامي ڪونهي جو بچي سگهي. ڀڄ، جلدي بندوق ڇرا، تهي کڻي اچ، ۽ اڀ تي ٽڪ ٻڌي ڏس جيئن هو اڏامندي لانگهائو ٿئي ته ٻڌاءِ ته کيس جهنم رسيد ڪري سگهان.“ ڪمدار بنان دير اهي سمورو قمام آڻي اچي آڏو رکيس هن به ان وقت ئي بندوق جي منهن وٽان گندرف ڀري تهي ذريعي زور ڏئي هيٺ ڄمايو ۽ انهن مٿان ڇرا وجهي انهن کي به تهي ذريعي زور ڏئي بيٺو مس ته ڪمدار رڙ ڪندي چيس ته ”ڀوتار وارو ڪر، هڪ جي بجاءِ ٻه ڪانو اڏامند اچن ٿا.“ هن به جئين امالڪ بندوق کڻي ان جي اڳئين حصي جي گندرڦ کي ٻرندڙ تيلي ڏيکاري تيستائين ڪانو ڪافي اڳڀرو نڪري ويا هئا پر هن سندن جهڪو ٿيندڙ جسيَ جو نشانو وٺي فائر ڪيو ۽ اڳتي دونهين کان سواءِ ڪجهه نظّر ڪين آيو. ڪمدار چيس ته ”لڳي ٿو ته اهي حرامي ’سياڻپ‘ جو فائدو وٺي بچي ويا هوندا. “ سردار وراڻيس ته ”اهي حرامي مون کان وڌيڪ حرامي آهن ۽ نه سياڻا تڪڙو وڃي ڪري اڳتي ڏس ٻيئي ڦهڪو ڪري ڪريل نظر ايندءِ.“ ڪمدار ڊڪ پائي ڪافي اڳڀرو وڌي ويو ۽ ڏٺائين ته ٻئي چوطرف ڦهليل کنڀن جي وچ ۾ ڪريا پيا هئا!
خان بهادر دل مراد خان کوسو انگريز سرڪار جو لاڏلو وڏيرو اصل ٺل جو رهاڪو هو، ۽ جيڪب آباد جو مڃيل گڙنگ زميندار ٿي گذريو آهي. شيل شڪار جو شوقين ۽ ڪوڏيو هوندو هو پر سندس ”پلي بواءِ“ پٽ خان صاحب سردار خان کوسو عشق بازي رنگ محلي محفلن ۾ جيڪو نانءُ ڪمايو سو شايد ئي ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ آيو هوندو.
هيءُ همراهه مڌهم، تيز ۽ لوساٽيندڙ شمعن مٿان اهڙي ريت چترائي سان طواف ڪرڻ جو ڀَڙ بڻجي چڪو هو جو سندس پرن کي ڪا لهس ئي ڪين ايندي هئس! هن جي بي حساب دولت ڄمت ۽ شهرت جو مرڪز لاهور ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر جون ’هيري ڪڻيون‘ هونديون هيون جن جو هيءُ مڃيل پارکو ۽ ڀنڊاري هو.
آخر لاڳيتي ’گس گساوَ‘ جي چوٽ تي پهچڻ سبب سندس توانائي ۽ تاب جا جهرڻا خشڪ ٿيندا ويس. هيءَ همراهه يار ويسي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هوندو هو، ۽ حاجي مولابخش سومري حڪيم عطا محمد ٽيٽڪي جهڙن ڪيئي هڻ کڻ قسم جي وئدن، سان گهاٽي ياري هوندي هئس جن سون چاندي سلاجيت جي مرڪبي ڪشتن وسيلي سندس جهرڻي جي وهڪ کي ڪنهن حد تائين بحال رکيو پر قدرت جي رمز ۾ ڪو ڪيستائين اٽڪاو وجهي سگهندو؟ نيٺ انگريزي ٽانڪن جو سهارو وٺڻو پيس ۽ ان زماني ۾ ٽيسٽوويران جي سين جي ڌوم متل هوندي هئي. سردار خان کوسي سن پنجاهه واري ابتدائي ڏهاڪي ۾ سموري جيڪب آباد جي ميڊيڪل اسٽور جا اسٽاڪ ختم ڪري ڇڏيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي گهاٽي يار ڪشن پيسواڻي (سوڀي گيانچنداڻي جو وڏو ناٺي) نئون نئون ميڊيڪل اسٽور کوليو هو.
ٻئي ڏينهن وڏيرو مڇون مروٽيندو خوش خوش سندس دڪان تي پهچي ويو کانئس سموري اسٽاڪ جي گهر ڪيائين ڪشن کي سندس ڪرتوتن جي اڳي ئي خبر هئي ۽ هو ان ڏس ۾ ڪٽر قسم جو ’آدرشوادي‘ نوجوان هو تنهن ٺهه پهه اسٽاڪ ، جي موجودگي کان انڪار ڪيس. خان صاحب اصل قيمت کان وڌيڪ پيسن جي به آڇ ڪيس پر ڪشن تري تيل لائڻ ڪين ڏنس.
ٻئي ڏينهن تي ڪشن جي پتا سيٺ سڳن لال نياپو موڪلي کيس پنهنجي ’آرمس‘ اسٽور تي گهرائي ورتو. اتي ڏٺائين ته سردار خان کوسو به سندس بابا سان گڏ ويٺو هو ۽ کيس ڏسندي ئي معاملي کي سمجهي ويو.
سندس پتا کيس تلقين ڪندي ٻڌايو ته سردار صاحب کي پنهنجي چاچي جيان سمجهي ۽ اگر انهن سين جو وٽس جيڪو به اسٽاڪ هيو اهو هن جي حوالي ڪري. هن آدرشي يار پيءَ سان ڪوڙ ڪين ڳالهايو ۽ کيس سنمان ڏيندي اهي چڻنگائي تيليون اصل قيمت تي ڪلجڳي راجا اندر جي حوالي ڪيائين.
سردارخان کوسو جي وڏي پٽ بيريسٽر ميرافضل کوسي به ساڳي ٻيڙي ۾ سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪامياب ڪين ٿي سگهيو هو. کيس صرف ’بتيلو‘ هٿ لڳو هو يعني انگلئنڊ مان پڙهائي دوران هڪ تيز البيلي انگريزياڻي سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ سوگهو ٿي کيس جيڪب آباد وٺي آيو هو.
جيئن افضل شتر بي مهار هو تيئين ميم صاحبه به ’جهنگ ٻلي‘ کان گهٽ ڪين هئي. ٻنهي جون باقاعدا ۽ بي قاعدهه چڪريون جيڪب آباد جي تاريخي ڪهاڻين ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامي Taming of Shrew کان گهٽ اهم وڳوڙي فسادي ۽ مانڌاڻ مچائيندڙ ڪونهن.
سن 1966ع ڌاري آءُ ڪوئٽه ۾ بروس روڊ (هاڻي جناح روڊ) جي الشمس هوٽل اندر ترسيل هيس؛ ۽ هيءَ جنهگ ٻلي ساڳئي هوٽل اندر منهنجي ڪمري جي بلڪل سامهون واري ڪمري ۾ ٽڪيل هئي شايد شتر بي مهار سان وڙهي آئي هئي. نما شام ٿيندي ئي سوم رس ورتائڻ ۾ ان جي خالق ’سوم ديوتا‘ کي به لڄائيندي هئي. ان بعد هل هنگامي شور شرابي منظوم آزاد بنان قافييءَ نثري (انگريزي بلوچي ۽ سنڌي) گارين جي ڌمال ۽ ڪراڪري ٽپڙن جي ڀڄ ڊاهه ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ شوَ ڀڳوان ’ٽانڊوناچ‘ نچي رهيو هجي!
صبح جو ائين ٿڌي ٿانئري ٿي ويندي هئي ڄڻ گذريل رات واري ميم ڪا ڊاڪٽر جيڪل جيان ڪا ٻي روپ ڌاري جيو هئي. ڏينهن جي وقت ڪڏهن ڪڏهن هوءَ منهنجي ڪمري ۾ لنگهي ايندي هئي ۽ ڪڏهن آءُ وٽس هليو ويندو هئس، ’نهايت شائستگي‘ سان سياست کان ادب جي مختلف موضوعن تي گفتگو ٿيندي هئي. بعد ۾ ٻڌڻ ۾ آيم افضل کوسي کان طلاق وٺي انگلئنڊ هلي وئي ۽ افضل به جلدئي خانداني دشمني جو بک ٿي ويو.
مٿي ذڪر ڪيل خان صاحب سردار خان کوسي جو سوٽ مير دريا خان کوسو به جيڪب آباد جو ناميارو زميندار سياستدان ٿي گذريو هو ۽ ذوالفقار ڀٽو جي پارٽي ۾شامل ٿي قومي اسيمبيلي جو ميمبر به چونڊيو ويو هو. بعد ۾ ڀٽو سان ذاتي اختلاف ٿي پيس جنهن کيس عادت مطابق بي مانو ڪري پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.
هڪ ٻيو دلچسپ واقعو ياد آيو اٿم. سن 70_1960ع وارين ورهين ۾ لا ڪاليج سکر جو پرنسيپال سمندر خان وڪيل هوندو هو جنهن جي ياري اسان واري لڏي: اياز، رشيد، شمس الدين شاهه ، رڪن الدين قاسمي، قادر صديقي، آغابدرالدين وغيره سان تمام گهاٽي هوندي هئي ۽ سندس ڇتيون اُڏائندڙ ٽهڪ ٻڌي ماستر هاسومل ناٿاڻي جا ’بلئڪ جاسوس‘ وارا جاچوسي ناول اکين آڏو تري ايندا هئا جن اندر ڪاٽڪو رهزن ’ويو فانگ‘ چينو ۽ ’رائمرڪيو‘ به اهڙائي پشاچانا ٽهڪ ڏيندا هئا.
هڪ ڀيري سمندر خان ڪنهن ڪيس سانگي ٽرين ذريعي فرسٽ ڪلاس سليپر ۾ ڪراچي وڃي رهيو هو ۽ ڪمپارٽمنيٽ ٻاهران سندس نالي واري سلپ به لڳل هئي (انهن ڏينهن ۾ نالي واري سلپن هڻڻ جو رواج هوندو هو جيڪو هنيئر ڪونهي) سمندرخان جيئن ڪمپارٽمينٽ ۾ داخل ٿيو سامهون واري برٿ تي هڪ ٻئي ڏسڻي وائسڻي ماڻهو کي ويٺل ڏٺائين. جئين ئي ٽرين خيرپور کان اڳتي وڌي ته هنن ٻنهي هڪٻئي سان دعا سلام بعد ڳالهائڻ شروع ڪيو. اڳ ويٺل همراهه پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي کيس ٻڌايو ته پاڻ جيڪب آباد جو رهاڪو ۽ زميندار ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر دريا خان کوسو هيو. موٽ ۾ هن ٻڌايس ته سندس نالو سمندر خان هو! اهو نانءُ ٻڌندي ئي درياخان بتال کاڌو ۽ اٿي بيهي کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندي الزام هڻي چيائينس ته هو پاڻ کي سمندر ’ظاهر‘ ڪري مٿانئس چٿرون ڪري رهيو هو. سمندر خان قسم کڻي چيس ته اهو سندس اصلوڪو نالو هو، پر مجال هئي جو هن کي اعتبار اچي. ان ڏي وٺ وچ ۾ سمندر خان کي در ٻاهران لڳل نالي واري چٽڪي جي ياد آئي _ ۽ امالڪ اها لاهي اچي ڏيکاريائينس. ان بعد وڃي حالتن ۾ ٺاپر آئي ان واقعي کان پوءِ منجهن گهاٽي دوستي جو آغاز ٿيو هو جيڪو آخر تائين قائم رهيو.
جيڪب آباد جي سونهن ڀري ڌرتي تي ويچاريندي برگيڊيئر جنرل جيڪب جهڙي بي ڊپي گهڻ پاسائين ڇل ول ۾ لپٽل ۽ ڪيسونووا جهڙي ’نَرَ‘ انسان جو نقش نظر آڏو پنهنجي انڊلٺي رنگن سان ٺهندو جڙندو اسرندو ۽ اڀرندو ڏيکاري ڏئي ٿو.
ان نقشي اندر، ملڪي ورهاڱي کان اڳ جي دور وارو سردار تاج محمد خان اوڍو عرف سردار تاجو خان اڍو واهه جو فٽ ٿيو وڃي ٿو. هيءُ چڱو مڙس جيڪب آباد لڳ ويٺل اوڍن جو برجستو سردار ۽ ناليرو زميندار ئي ڪونه هو بلڪ پرنس علي خان جيان رنگين مزاج، شراب شباب جو ڪوڏيو _ ۽ يوناني ديوتا ڊائني سس جو پنر جنم به هو! اسلامي رواج موجب هن جي حرم ۾ وٽيل سٽيل بدن واريون سانوريون سلوڻيون ٻه ٽي اوڍياڻيون سدا حاظر هونديون هيون جن جو ساءُ سواد وٺندو رهندو هو؛ پر، ڪرڪيٽ ٽيسٽ جي سٺي عاليشان ۽ ليجنڊري رانديگر جيئن ’رنس‘ جا انبار لڳائڻ بجاءِ اڇي چمڙي جي ڄرڪين جي اسڪوري واڌ جي فڪر ۾ تن من ڌن سان سموري ڄمار جنبيل رهيو!
هر سال زمين جو ٽڪرو وڪڻي انگلئنڊ وڃي ڪنهن ننڍي نيٽي حسين ميم صاحبه سان عشق جي هولي کيڏي نڪاح ڪري جيڪب آباد وٺي ايندو هئس _ ۽ وري ٻئي سال کيس ڏئي وٺي جان ڇڏائي طلاق ذريعي _ وري ساڳي رينگٽ کي جاري رکندو رهيو. مان نٿو ڀانيان ته اڇي چمڙي وارين ڪامڻين جي اسڪور ۾ اترائين سنڌ ۽ بلوچستان اندر ڪو ٻيو مجاهد کانئس گوءِ کڻي ويو هوندو !
اهڙي ريت آهستي آهستي سندس قيمتي زمين تين واڪ ٿيندي رهي _ ۽ هو مهاتما گوتم ٻڌ جي شونيه يعني آخر ۾ پاڇي ٻڙي واري فلسفي طرف وڌندو رهيو جيڪو کيس سنياس وٺرائي بکشوئن جي سنگ ۾ داخل ڪرائڻ وارو هو! هتڙي مون کي سندس ڇل جو نادر واقعو ياد اچيم پيو :
سردار تاجو خان اوڍو جي جنس جو سمورو ڪاروبار سندس ڀلاوڻو سيٺ اڀريو مل هلائيندو هو. هيءُ واڻيو نيت پت وارو حساب ڪتاب ۾ بي ريا ايماندار ۽ اعتباري مڙس هيو.
ورهاڱي بعد ملڪ جي خراب ٿيندڙ سياسي سماجي حالتن کي ڀانپي اڀريو مل ڪٽنب سميت هندوستان لڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو سردار تاجو خان ڏانهن سندس حساب موجب لکين روپيه اوڌر هئي جيڪا هو هر سال ڪنهن نه ڪنهن مِنهن جي اوٽ وٺي ٽاريندو رهيو هو.
آخر جڏهن اڀريومل جي هندوستان وڃڻ جو وقت اوڏو اچي ٿيو ته تاجو خان سندس گهڻي زوربار سبب کيس شام ٽاڻي وهي کاتن بندين سميت ڳوٺ واري بنگلي تي گهرائي ورتو جيئن ته نما شام وقت روشني جهڪي ٿي وئي هئي انڪري ٻئي ڏينهن صبح جو وچور سان حسا ب ڪتاب ڏسڻ جو وقت مقرر ڪيائون ۽ رات سيٺ کي اوطاق تي ٽڪائڻ ۽ سندس ماني ٽڪي جو انتظام ڪيائين.
سردارتاجوخان وٽ هڪ ڊگهو ٿلهومتارو ڪارو شيدي نوڪر هوندو هو جنهن کي سڀيئي ڳوٺائي ۽ اوطاقي سندس خوفائتي ڏيل ۽ هلئي ڪارڻ ڀوت ڪوٺيندا هئا.
اڌ رات مهل جتي اڀريومل گهري ننڊ ۾ ستل هو، ان اوطاق جو دورازو چيڪاٽ ڪري کلي پيو! ان اندر هڪ ديوقامت انسان جنهن جي مٿي تان گهاٽيون جٽائون لڙڪي رهيون هيون، ۽ هٿ ۾ هنومان وارو گرز جهليل هيس، سُر ۾ آدم بُو آدم بُو ڪندو داخل ٿيو سندس اکيون پوئين سج جيان ڳاڙهيون هيون ۽ انهن مان ڄڻ باهه جا الا ٿي نڪتا پيٽ نغاري جيڏو وڏو ٽنگون ۽ سٿرون هاٿي جي پيل پاون جهڙيون ڳوريون ۽ ٿلهيون ٻانهون سومو پهلوان جي ٻانهن جهڙيون موٽيون ۽ ڀريل بدن جي سڀني حصن ۽ عضون تي پيلانيرا اڇا ڳاڙها پٽا چمڪي رهيا هئا. پيشاني ۽ منهن تي به سورج ديوتا جونشان ۽ ساڳئي رنگ جون متوازن پٽيون چٽيل هئس. اچڻ شرط ستل اڀرئي تي ڪرڙي نظر وجهي سندس پٺيءَ تي هڪ زوردار گرز وهائي ڪڍيائين. سور ۽ خوف ۾ اڀريو ٽپ ڏيئي اٿي ويٺو ۽ ان ڀوائتي بلا جو ڊيڄاريندڙ روپ پسي ٿر ٿر ڪنبڻ، رڙيون ڪرڻ لڳو _ ۽ ڪانچ ۾ مٽ به وهي ويس.
ان بلاڙي، نرگهٽ مان گڙ گڙ ، ڪندڙ خوفائتو آواز ڪڍي چيس :
”اڀريا تنهنجو ڪال آهيان،
اڀريا تنهنجو ڪال
هاڻي پيئندس رت مان تنهنجو
هاڻي پيئندس رت. “
اها ڀوائتي ڪوڪ آلاپيندي سندس کٽ جي چوگرد هنوماني ناچ نچندي گرز ڦهڪائيندو رهيس. ان وچ ۾ بلاڙي جي ڀوائتي آلاپ دوران اڀرئي جي نظر اوطاق جي کليل درتي پيئي ۽ هوامالڪ ٽپ ڏيئي اوڏانهن ڀڳو ۽ پوئتي ڏسڻ بنان ٿڙندو ٿاٻڙندو سهڪندو جيڪب آباد ۾ اچي دم پٽيائين. ڪجهه وقت گرزن جا ڌڪ سهسائي انهن تي مرهم پها رکرائي صبح جو سوير تاجوخان جي بنگلي تي پهچي ويو ۽ کيس راتوڪي سموري جٺ ۽ موتمار روداد کان آگاهه ڪيائينس.
سردار تاجو خان حيرت جو اظهار ڪندي ساڻس دلي همدردي ڪئي ۽ کيس ساڻ ڪري ڪمدار ۽ نوڪرن جي اٽالي سان اوطاق تي پهچي ويا جتي ڏٺائون ته کٽ دلا ۽ ڪجهه ٿانو ڀڳا پيا هئا _ ۽ وهيون کاتا ۽ بنديون غائب هيون.
حساب ڪتاب، جي غيرموجودگيءَ سبب تاجو خان ڏانهن اوڌر جي دعوى تاس جي پتن جيئن اچي پٽ پيئي _ ۽ سيٺ اڀريومل سکڻائپ جا هٿ مهٽيندو هندوستان ڏانهن اسهيو هيو!
جيڪب آباد جي ست رنگي ٻهڳڻين هستين ۾ چاچو عبدالڪريم گدائي، برڪت علي آزاد، فيض بخشا پوري، بولچند راجپال،رام امرلال پنجواڻي، درٻاري لال اجواڻي، غالب لطيف گوپال پروانو وغيره هوندا ها جن مان راجپال کي ڇڏي باقين سان منهنجو نيهن وارو ناتو رهيو هو.
پر هتي فقط في الحال گوپال پرواني جو ذڪر ڪرڻ مناسب ڄاڻان ٿو. گوپال شروع کان وٺي کاٻي ڌر سان واڳيل رهيو هوگاهي به گاهي شاعري جي تتل ميدان ۾ پيرين اگهاڙو ڪاهي پوندو هو جنهن ڪري گهڻو جٽاءُ ڪين ڪري سگهيو.
ڪشن پيسواڻي (سوڀي جو وڏو ناٺي) ۽ گوپال پروانو جُٽُ يار ۽ اسڪول ۾ شايد ميٽرڪ تائين گڏ پڙهيا هئا. ڪشن سڀاءُ جو سٻاجهو، شرميلو ۽ ڌيئن جهڙو پٽ هو پر گوپال طبيعت جو البيلو شوقين مزاج ۽ موج مستي جو قائل. ڪشن تي ڊسيپلين جي پابندي ۽ ڌرمي خيال رکندڙ پنهنجي پتا سيٺ سڳن لال جو گهرو اثر هو. انڪري ڪافي حد تائين آدرشوادي جيون گذاريندو رهيو هو. ليڪن گوپال جو پيءُ ان جي ابتڙ آزاد روي جو قائل هو جنهن جو اثر اهو ٿيو جو پاڻ به (گوپال) کاٻي در جا خيال رکڻ جي باوجود ٽن ٽناٽن واري سڌانت تي عمل ڪندو رهيو هو جنهن جو مونکي سندس ناگهاني لاڏاڻي (سن 2000ع کان اڳ) اندور (هندوستان) ۾ گهرو آزمودو ٿيو هو.
اسڪولي زماني ۾ هڪ ڀيري گوپال ڪشن کي فلم ڏسڻ لاءِ هرکايو پر، هن وراڻيس ته بابا، کان موڪل گوپال پاڻ وٺندو. گوپال ان فن ۾ افلاطون هيو ۽ ڪاڪا سڳن لال کي چتر زباني سان ريجهائي موڪل ورتائين.
کين شهر کان مٿڀرو فورس واري سڙڪ تي ڪيپيٽل سينيما لاءِ وڃڻو هو؛ گوپال ڄاڻي واڻي شارٽ ڪٽ وٺي لال بازار، مان هلڻ شروع ڪيو. هيءُ پهريون ڀيرو هو جو جيڪب آباد جي آدرشوادي، دروازن درين ۽ رستي تي چمڪيلن ڪپڙن ۽ سينگاريل چهرن وارين لال پرين، جا ايڏا ميڙاڪا ڏٺا جيڪي کين پنهنجي منفرد انداز ۾ بار بار دعوت لذت ڏئي رهيون هيون. هن همراهه جو شرم ۾ پاڻي پاڻي ٿي وزن گهٽبو رهيو ۽ هو ڪافرستاني ٽڻڪ پوريءَ جيان ڦنڊجندو رهيو!
شاديءَ کان گهڻو پوءِ ڪشن پنهنجي پريوار سميت چين لڳ مڪائو (Macao) جريزي جي سير لاءِ ويو هو. هيءُ ٻيٽ ’جوئا ۽ جوڀن‘ جي بازيگرين ۾ موناڪو ۽ لاس ويگاس کان ٻه رتيون سرس آهي! هڪ لڱا اڪيلو گهمندي ٽاپ ليس (Topless) ريسٽارنٽ ۾ گهڙي ويو. اڃا ويٺو مس هو ته ست اٺ ڪسرتي جسم واريون حسينائون چئني طرفن کان وڪوڙي ويس. سڀني جي جسمن جو مٿيون حصو گگن منڊل جيان نڪور ۽ بي لباس هو ۽ ان تي سيٽيل، نهرن ۽ متوازن ’مخروطي تارن‘ جي اهڙي جهرمر لڳل هئي جو مڙس ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته ائين به ٿيندو هو! هڪڙي سندريءَ ته ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورائي سندس هنج ۾ ويهي ائين لڏڻ شروع ڪيو ڄڻ سندس گهر واري جنڊيءَ تي چڙهيل ڪشموري هندوري ۾ لڏي رهي هجي. هيءَ همراهه موم بتي جيان پگهرجندو رجندو رهيو؛ پر، اهي کيس سٿرو ڇڏڻ واريون ڪونه ٿي لڳيون. کين گهڻو ئي سمجهايائين ته پاڻ بيمار ۽ ڪمزرو هو. پر هنن يڪ آواز ٿي چيس ته سندس بيماري ۽ هوشياري سندين ذمو هو، ۽ ان لاءِ ڪنهن هڪ يا ان کان وڌيڪ جي چونڊ پاڻ ڪري. آخر کين ڪجهه ڏئي وٺي ۽ ٻئي ڏينهن ٻيهر اچڻ جو وعدو ڪري نٻل ۽ نڍال حالت ۾ پنهنجي ماڳ اچي رسيو ۽ ان بعد اهڙن هنڌن تي گنگا جل جو قسم کڻي وڃڻ کان بان ڪئي هئائين.
ورهاڱي کان اڳ ۽ ڪجهه عرصو بعد ۾ بلوچستان جو ميداني علائقو سڃ ۽ رڃ ۾ ائين ويڙهيل هوندو هو جيئن ڊسمبر ۾ لاهور ڌنڌ ۾ ويڙهيل هوندو آهي جو اک نه ڏسي مڇ کي! ان جا بلند ۽ بالا، سخت ۽ تهدار پهاڙ ميداني زمين کان چڱو ڏور آهن. جيڪب آباد جي نرم چيڪي ڌرتي جنهن جي ڀرسان بيگاري، قلوپطرائي ٽور سان وهندي پنهنجي انيڪ شاخن سميت هتان جي سڀني جيون کي بنان ڪنهن متڀيد جي سکيو ستابو آسودو ڪندو پئي رهيو آهي _ بلوچستان جي سرڪش پهاڙي ۽ ميداني علائقي سان ائين اٽوٽ ناتي ذريعي سلهاڙيل آهي جئين ٻه جاڙيون ڀينر هونديون آهن. انڪري، هتان جي رهواسين جي فطرت ۾ سرڪشي ۽ نرمي، هوڏ ۽ نئڙت، قهاري ۽ جباري ڪڙاڻ ۽ مٺاس ائين ڇٽيل آهي جيئن اڀ جي بي انت پولار ۾ اونداها ۽ روشن تارا هڪجهڙائي سان پکڙيل ڏيکاربا آهن.
رام امر لال پنجواڻي جي مخلص ۽ چيڙاڪ، مهمان نواز ۽ مهمان بيزار، سرڪش ۽ نيازمند، محبت ۾ رتل ۽ ان کان ونئن ويندڙ ٻروچڪي ۽ هندڪي شخصيت جي متضاد اوسر ۾ جيڪمبادي ۽ بلوچستاني مٽي هوا پاڻي اُڀَ ۽ آتش جو هڪ جيترو حصو آهي هي يار ورهاڱي کان گهڻواڳ واري نسل سوڀو، جويو، اياز، راز حشو، ڦيرو، غينشي، وشنو، پرچو، هيمون، سرڪي سان ڍلي ۽ پختي ناتي سان واڳيل رهندو پئي آيو هو؛ ۽ ان سمئي ۾ جيڪب آباد سکرڪراچي ۽ پوني وچ ۾ پڙهائي ۽ مختلف ثقافتي ودانشوراڻا سرگرمين دوران فٽ بال جيئن ٺينگ ٽپا کائيندو رهيو هو.
سن 1927ع ۾ جيڪب آباد لوڪل بورڊ جي ايڊمنسٽريٽر _ چيف آفيسر ديوان امرلال جي گهر نه صرف اک پٽي هئائين پر، ڪمسني ۽ ٻالڪپڻ ۾، ٻروچڪي روائت تي ڪاربند رهندي اکيون به لڙائيندي ’وهو‘ ٿي چڪو هو، ڇو جو، ان ڪچڙي عمر ۾ ئي دامودر گپت جي ڌوتين جي ورچڙهي ويو جيڪي سندس داد لائپ، جو فائدو وٺي کيس ڌتارينديون رهيون هيون !
شڪل صورت جو ٺاهوڪو هوندو هو خاص طور سندس اکين ۾ ’راجا اندر‘ پاڻياٺي چمڪ واري حالت ۾ هميشهه براجمان ڏيکاربو هو. گهر اندر ڪئي اسرندڙ نينگريون، ’تجربي‘ ۽ ’ڳر‘ سان مالا مال زائفون ڪم ڪنديون هيون جن هن کي ڌتاري پنهجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو هو. هونءَ به ان خطي اندر ’مڪسڊ ڪلچر‘ ۾ يار ڌارڻ جو رواج جڳن کان هلندو پيو اچي. سندس چواڻي ’هن ايترن هنداڻن، گدرن ۽ ناش پاتين کي ڇهيو ۽ چکيو هو _ بلڪ انب جي ڦارن جو هٿ جي ’حواسن‘ سان واس به ورتو هو جو شايد ئي ڪنهن ٻئي ان ڪچڙي اوستا ۾ ورتو هوندو!‘
ان بعد ڪوئينس روڊ سکر تي اها جاءِ ورتي هئائون جيڪا بعد ۾ خان بهادر محمد ايوب کهڙي خريد ڪئي جتي سنڌ زميندار پريس ۽ اخبار قائم ۽ چالو ڪئي وئي، ۽ بعد ۾ پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي ، علي احمد بروهي، حافظ خير محمد احدي _ ۽ فتاح ملڪ جي سهري فقير محمد ڏهر اخبارون ڪڍيون، سياسي ڌماچوڪڙيون لڳايون ويون _ ۽ رهائش لاءِ به استعمال ڪئي وئي هئي. آءُ به ان هنڌ جو گهڻو هيراڪ هئس ڇوجو حافّظ خيرمحمد احديءَ سان منهنجي ۽ رڪن الدين قاسمي، عبدالڪريم تابان (جنهن کي نياز همايوني تيبانُ ولد ڪنعان سڏيندو هو) عبدالله بلوچ ايڊيٽر هفت ’روزه الخير‘ (جنهن کي رشيد ڀٽي ’الشر‘ سڏيندو هو) جي به گهاٽي انسيت هوندي هئي. حافظ جي چٻي چٿي ڳالهائڻ جو انداز نه صرف وڻندڙ هوندو هو بلڪ ائين لڳندو هو ڄڻ ننڍا ڦوٽا وڪڻي رهيو هجي! فارسي ادب ۽ شاعري تي ڪامل گرفت ۽ عبور حاصل هئس ۽ ائين ڀاسندو هو ڄڻ عمر خيام، مولانا روم، حافظّ شيرازي، لاهوتي، سعدي، فردوسي، قرہ العين طاهره جا روح هڪ گلدستاني ملغوبي جي صورت ۾ منجهس پيهي آيا هئا! جيڪب آباد مان برڪت علي آزاد ۽ فيض بخشاپوري به ڪڏهن ڪڏهن وٽس ڀيرو ڪندا هئا. مونکي اهو به چڱيءَ طرح ياد آهي جڏهن فيض بخشاپوري پنهنجو پهريون مجموعه ڪلام’خمخانه فيض‘ حافظ، قاسمي ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي موجودگي ۾ مونکي پيش ڪيو هو ۽ ان تي منهنجي اڻ ڌري راءِ جي به گذارش ڪئي هئائين. مون ويٺي ويٺي ان جي ورق گرداني ڪئي جنهن مان اهو ظاهر ٿيو هو ته صرف فعل کان سواءِ باقي سمورو مجموعو فارسي ٻولي ۾ رچيل هو! مون کيس چيوهو ته پهريائين ته ان جو عنوان تبديل ڪري ’گندخانه فيض‘ رکيو وڃي ته انصاف جي تقاصا پوري ٿيندي! اهو طوفاني تبصرو ٻڌي ڏاڍو ناراض ٿيو هو ۽ باقي سڀئي دوست چپن ۾ مرڪي رهيا هئا ! ان کان علاوهه ان تاريخي جاءِ لڳو لڳ علي احمد بروهي جي افسانوي ڪردار ’عثمان حجم‘ جو ’حجام خانو‘ به هيو جتي اسين سڀئي ڪڏهن ڪڏهن وار لاهرائڻ کان علاوه يٽ شٽ هڻڻ لاءِ به وڃي ويهندا هئاسون.
رام ان بعد سکر ڪراچي جي ٿاڪن کي خيرباد چئي 1947ع پوني جا وڻ وڃي وسايا هئا. جتان قانون جو امتحان (ايل ايل بي ) پاس ڪري نواب پٽودي واري ڀوپال رياست ۾ ايڊوڪيٽ جنرل مقرر ٿيو هو. ان بعد دهلي جو ايڊوڪيٽ جنرل ۽ اندرا گانڌي جو صلاح ڪار بڻيو جتان هن قلم کي ڪياڙي کان هٽائي ڪاغذ تي وهائڻ شروع ڪيو هو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ڪئي انمول رچنائون انگريزي ۽ سنڌي جامي ۾ ڪتابي صورتن ۽ ٽڙيل پکڙيل حالتن اندر ڇڏي سيٽمبر2009ع ۾ بنان موڪلائڻ ٻڌائڻ جي گوتمي Void۾ الوپ ٿي ويو.
هند سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن ۾ مون سان سڀ کان وڌيڪ قربت ۽ پنهنجائپ هوندي هئس، آءُ کيسold young soul سڏيندو هيس. پنهنجي ننڍپڻ جي ارٻيلائن کان وٺي عمر جي آخري ٿڌي ٿانئر بلوغت ۽ ڏاهپ سان ٽمٽار سفر تائين ڪا ڳالهه، ڪو ڳجهه، ڪا خوشي ۽ غمي مون کان وانجهي ڪين رکي هئائين. سندس ڌيءَ انيتا انگريزي جي ڄاتل ناول نگار آهي. سندس ننڍو پٽ راج مونيڪا گانڌي جو دوست مشهور وڪيل ۽ مشهور ايڪٽريس برشي بارڊو جيان جهنگلي جيوت ۽ جانورن تي ڪهل ڪرڻ جي مختلف سنسٿائن سان جڙيل انهن ۾ سرگرمي سان بهرو وٺندڙ ۽ ان موضوع تي سٺا ليک لکندڙ جي حيثيت سان دنيا ۾ ڪافي ناليرو آهي. وڏو پٽ وجئه هندوستان جو ناميارو قانون دان ۽ ڪانگريس جو صلاحڪار طور ڄاتو وڃي ٿو سندس سمورو ڪٽنب دانش جي ڪنهن نه ڪنهن ڀاڳ سان واڳيل آهي.
منهنجي هندوستان پهچڻ تي رام خوشي ۾ ڪين سمائبو هو؛ هر سال ڏياري، هولي ۽ نئين سال جي آمد تي واڌاين جو ڪارڊ ۽ خط بنان ڪنهن وقفي جي موڪليندو هو. سنڌ کان آيل اديبن ۽ دانشورن سان ملي انهن مان ’مٽيءَ‘ جون سڪون لاهي سندن شاهي آجياڻا سندس ريت ۽ روائت بڻيل هوندي هئي.
ڀٽائي گهوٽ، مارڪس ۽ برٽرانڊ رسل سندس آدرش هوندا هئا. سنڌ خاص طور جيڪب آباد جي ’گهڻ پاسائين‘ مٽيءَ کي آخر تائين ساريندو رهيو. زندگي ۽ وطن ڏانهن سندس سوچ غير تجريدي غير جذباني ۽ حقيقت پسندانه هوندي هئي. مٽي سان جذباتي لڳاءَ انڪري هيس جو اصطلاحن ان مان ئي سندس ’روح‘ جو جنم ۽ اوسر ٿي هئي. زندگي جي آخري گهڙي تائين حيدر بخش جتوئي، نرادسي چوڌري ۽ ون وڊ ريڊ جيان پختو ۽ اڏولnon_believer رهيو.
کيس پنهنجي پتني ساويtري ڪوڏومل سان ايڏي انسيت ۽ پيار هو جيڏي ڏند ڪٿائي رام کي سيتا لاءِ هئي. البته جواني جي اسپيني ’سان‘ واري سگهه جي سمئي ۾ ’اڇي چمڙي‘ وارين ڄرڪين جو خوب سواد چکيو هئائين؛ اها خواهش، سندس چواڻي ’سامراج دشمني جي علامت هئي!‘ جيڪا ڳالهه وسهڻ ۾ ڪونه ٿي اچي.
سندس ان روش تي ويچاريندي جيڪب آباد وارو سردار تاجو خان اوڍو نظرن آڏو اچي بيهندو اٿم. ٻنهي ۾ مقداري گهٽ وڌائي موجب ۽ سوچ جي الڳ الڳ زاوين مطابق اڇي چمڙي وارين ڄرڪين جي لوڙهه ’اتم‘ هئي. صرف هڪ (اوڍو) سنڌو جيان بي حد ۽ حساب هو ۽ ٻيو ’رام‘ بيگاري وانگر محدود ۽ محصور!
هيٺيون اردو شعر رام ۽ تاجو خان اوڍي جي سڀاءُ جي ڪيڏي نه سهڻي نمائندگي ڪري ٿو:
ہم نے کشتی کو دریا سے نکلتے دیکھا
میں نے کشتی سے دریا کو بہتے دیکھا

ٻن شين کان سخت ڪرڀ ۽ چڙ هئس پاکنڊي پڻو ۽ لڇمڻ ڀاٽيه !
زبان ۽ واعدي جو اڪبر بگٽي جيان پڪو ۽ اڏول (هن ٻنهي جي هڪٻئي سان غائبانه سڃاڻپ به ڪرائي هئم) ۽ آواز ۾ به فتاح ملڪ جي استاد رگهومل وارو ڪڙڪو ۽ ڌڌڪو واهه جو هيس.
سندس ذاتي ۽ ڪاروباري ڪردار به لاثاني ۽ بي داغ هو. هتي هڪ مچلائيندڙ ياد تري آئي اٿم. هڪ لڱا عورتا زاد تحريڪ جي ڪراچي واري ’جوان ساله‘ شاعرا ساڻس ’تشنگي‘ جي عالم ۾ ملڻ لاءِ آئي هئي. هن سندس خواهش پٽاندڙ سوم رس جون سرڪيون به وٺرايون ۽ ان بعد مستي ۾ اچي ان آزاد تتلي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙڻ جي دعوت ڏني هئي. هن کيس غير مبهم انداز ۾ چيو هو ته ”سوم رس تائين سفر ٺيڪ ۽ غير آلودهه ليکي سگهجي ٿو پر ان کان اڳتي واري يا ترا ڪريل بيهودهه ۽ ڪڌي شمار ٿيندي ڇو جو هوءَ سندس ڌيءَ انيتا پنجواڻي جهڙي ۽ جيتري هئي.“ ان بعد کيس پلنگ تي آرام ڪرڻ لاءِ چئي پاڻ ٻاهر صوفي تي اچي سمهي رهيو هو. ان مان ڀاسي ٿو ته اياز جي سنگ جو رنگ مٿس ڪين چڙهي سگهيو هو.
ڪيترن ئي مڻيادار ٻهڳڻن مردن کي پنهنجي جيون ساٿڻين سان ڏسي ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿيندو اٿم. ائين لڳندو اٿم ته ’قدرت‘_ اگر ان جو وجود آهي _ سندن ميل، ڄاڻي واڻي، بي جوڙ جوڙيو آهي. ان حقيقت کي پسي يهودين جي يهواهه جي قهاري هجڻ تي پڪو وشواس ڄمي ويندو اٿم .
اهڙا پيارا نيارا ڏاها حليم _ ۽ انسان دوست ماڻهو بُري درگتي ۾ ڏسي ائين ڀاسندو اٿم ته ڄڻ ’ويشنو‘ جو ’گرڙ‘ سندس فرمانبردار ۽ آرام لاءِ سيج جو ڪارج ڏيندڙ شانت مهاساگر جهڙي شانت طبيعت رکندڙ شيش ناگ کي هرپ ڪرڻ جو سعيو ڪندو هجي يا نظشي جو آسماني عقاب ڌرتي ماءَ سان واڳيل نانگ کي چنبن ۾ جهلي ڳڙڪائڻ جو جتن ڪندو هجي، يا ڇل ول جي علامت ’نور‘ پنهنجو رستو وٺي ويندڙ خاموش طبع نانگ مٿان حملو ڪري سندس انت آڻڻ جا پهه پچائيندو هجي!
هنن مڻيادار دوستن ۾ جيڪب آباد جي مانائتي مٽي مان اُتپيل برڪت علي آزاد اوچي ڳاٽ سان نظر اچي رهيو اٿم. سندس گهر واري ’ٻارن ڄمڻ‘ بعد ڪٽر ملياڻي ٿي وئي هئي. سندس خلاف جماعت اسلامي ۽ اهڙي قسم جي ٻين مذهبي ڪٽر وادي پارٽين کي درخواستون موڪليندي رهندي هئي جنهن برڪت علي آزاد جي ذهني محور کي ڪافي حد تائين ڊانواڊول ڪري ڇڏيو هو. حالانڪ هيءُ اورچ ۽ محنتي دانشور ستر جي ڄمار کان مٿي چڙهڻ جي باوجود ڪتابن جون وزني بڊون ڪلهن تي کڻي سکر، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ڪوئٽه ۾ دوستن جي گهرن تي ۽ يونيورسٽين ۾ وڪري لاءِ پهچائيندو رهندو هو!
سندس اها ملياڻي پتني اتفاق سان سکر جي ان گرلس هائي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي جتي منهنجي ڌرم پتني هيڊ ماسترياڻي هوندي هئي. ٻنهي جي پاڻ ۾ ائين گهاٽي ساهيڙپ هئي جيئن برڪت علي آزاد سان منهنجو سنيهه ڀريو ناتو هو!
سيٺ گرڌاري لال ڀاٽيه (ڪوئٽه جو جهونو نام ڪٺيو ڪاروباري، سياسي ڪارڪن، ورهاڱي کان اڳ واري سبي درٻار جو ميمبر، دانشور ۽ ’مجلس شُورا‘ جو ميمبر _ هڪ سيبتو انسان) جي ننڍي قد واري پتڪڙي زال ڪرشنا ديوي، صرف نظرن ۾ سمايل زهريلي ٻاڻن وسيلي کيس، اصطلاحن دسي ڪاليءَ جيئن سندس سيني تي بيهي ’وناش‘ جو ناچ نچندي هئي _ ۽ سيٺ پنهنجي رعبدار پيرسني ۾ سندس آڏو گونگو ٻوڙو ۽ انڌو ڏيکاربو هو !
ڪوئٽه وارو مشهور وڪيل وشيشرناٿ ڪوهلي هندو پئنچائت جو رهنما سياست ۽ قانون جو افلاطون ڪٽاريه خاندان واري پنهنجي زال جنبوري (سندس زال جي عرفيت) اڳيان ڄاهو، سانپو ۽ جيتامڙو ڀاسندو اٿم. جوءِ آڏو سندس شعور عقل ۽ منظق به ٻوڙو انڌو ۽ گونگو ٿي ويندو اٿس. ڏينهن ۾ الائجي ڪيترا ڀيرا خود ڪشيون ڪرائي وري بينگالي جادوگرڻي جيان جيئاريندي اٿس. ائين ڀاسندو اٿم ڄڻ خدا پنهنجي تخليق ’انسان‘ کي ڀوڳڻا ۾ پسي گد گد ٿيندو هجي.
دنيا جو عظيم ڏاهو، ناول نگار، اديب ليوٽالسٽائي(مهاتما گانڌي کيس رشي سمان ليکيندو هو) پاڻ کان اٺارهن ورهيه ننڍي عورت سان شادي رچائي هئي. ڪجهه وقت سندن جيون پر بهار رهيو؛ ليڪن، بعد ۾ سندن سنٻنڌن اندر اهڙيون گهريون ڏارون پوڻ لڳيون ڄڻ ڪو ڀينڪر زلزلو شروع ٿي ويو هو.
هو پنهنجي سمورين لکيتن جي بارش جيان وسندڙ بي تحاشا ڪمائي نه صرف سندس نذر ڪندو رهيو بلڪ هوءَ پاڻ به ماهر موديءَ جيئن ان جي ٽڪي پيسي جو به حساب رکندي رهي هئي. وڏي عمر جي باوجود هن عظيم آتما پنهنجا ’وهانئپ‘ وارا ناتا نڀائڻ ۾ پٺ ڪين ڏيکاري هئي پر، ان جي باوجود هوءَ ’شينهڻ‘ جيان ’گجگوڙ‘ ڪرڻ کان بازڪين آئي.
آخر مايوسي بي وسي ۽ ننڌڻڪائي جي حالت ۾ تهه سياري جي هڪ ولهه واري رات جو هيءُ مهان پرش _ ٻياسي ورهين جي عمر ۾ گهر مان ڀڄي نڪتو ۽ ماسڪو مان ٽرين ذريعي ڪنهن سنسان ڀينگي نامعلوم ننڍڙي اسٽيشن تي لهي پيو ۽ سڄي رات سيڪاٽيندڙ برفاني هوائن ۾ ڦٿڪندي ان اسٽيشن تي ئي گوتم ٻڌ واري شونيه ۾ هميشه لاءِ الوپ ٿي ويو.
ڊاڪٽر اميرالدين پيارو هڏ ڏوکي دوست ٻهڳڻو دانشور، ودوان، سياست ۽ ادب ۾ ترقي پسند راهه جو راهي، انساني حقن جي پاڪستاني تنظيم جي بلوچستان شاخ جو وائس چيئرمن، هيلپر ڪاليج جو پرنسيپال _ ۽ جواني جي جنون ۾ ’ٻطرفي عشق‘ کي شادي جي ٻنڌڻ ۾ صورت گري بخشيندڙ هيءَ انسان زندگي جي ڇهين ڏهائي کان به ڪجهه اڳ ۾ پنهنجي ’پاليل عشق‘ هٿان ڌرتي جنهن کي ماتا سڏيندو هو، جي سطح تان ائين مٽجي ويو جيئن واريءَ تي اڏيل گهر پٽ اچي پوندو آهي!
سندس گهر واري ۽ محبوب زال (ڀاڀي ثريا) ابتدا کان ئي ambitious عورت هئي. اڪثر ڪري اهڙا خواهشن جا قيدي، انسان ’انساني قدرن‘ جي پائمالي ۾ ضمير جي ڪا چهنڊڙي محسوس ڪرڻ کان پالها ۽ بي حس هوندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن اميرالدين ڀريل آواز ۾ چوندو هو، شیام اس عورت کی زبان اتنی گندی اور بدبودار ہے کہ دم گھٹنے لگتا ہے۔ یار زندگی اور اس خوبصورت دنیا سے اب دل اچاٹ ہوگیا ہے۔ خود کشی کی کوئی ایسی ترکیب بتائو جس پر عمل کرنے سے ازیت نہ ہو ۔
مان کيس وراڻي ڏيندي ڇنڀيندو هئس ته هُنَ جهڙو ’بهادر‘ ۽ ايماندار ۽ انسان دوست منش اهڙيون ناڪاري ۽ بزدلي جون ڳالهيون ڪيئن ساهس ڌاري ڪري رهيو هو؟
جون 2002 ۾ گهر واريءَ سان ڪولپور ويل هيس ۽ اتي ٽيليفون ذريعي ڪنهن دوست اطلاع ڏنو ته ڊاڪٽر اميرالدين پنهنجي زال کي ڪراچي لاءِ جهاز ۾ اماڻي ڪار ۾ واپس گهر اچي رهيو هو ته اها ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي ۽ هيءُ يار گنڀير حالت ۾ اسپتال پهچندي ئي _ هڪ هفتو اڳ شيام جي انڪار ڪرڻ تي _ پنهنجيInvent ڪيل تير باهدف نسخي وسيلي ڌرتي ماتا کي ويڳاڻو ڪري ويو!
ڀاڀي ثريا اڄ ڪالهه نه صرف انساني حقن جي پاڪستاني تنظيم بلوچستان شاخ جي وائس چيئرپرسن آهي بلڪ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ’سينيٽ‘ جي ميمبر پڻ مقرر ڪئي وئي آهي!
جوين جي ونگن وراڪن شوُڪارن ڏنگن ڏاڍ ۽ وِهُه جا ڦٽِل ڪاراٽيل ۽ عدم جي راهه جا ڪيئي پانڌيئڙا ڪونڌر، ذهن جي شعوري ۽ لاشعوري سطحن هيٺان آسائتا نيڻ کڻي نهاريندا رهن ٿا _ ڪنهن ٻيءَ مجلس ۾ سندن وارو به لاشڪ ايندو.
هتي ورنن ڪيل چترن (images) جا چار نائڪ : برڪت علي آزاد، سيٺ گرڌاري لال ڀاٽيه، ليوٽالسٽائي ۽ ڊاڪٽر امير الدين ڪڏهوڪو پولار جي گرداب ۾ گم ٿي چڪا آهن ۽ پنجون نماڻن نيڻن سان نجات لاءِ يم راج جو جاپ ڪندو رهي ٿو.
اها ڪيڏي نه پيڙت حقيقت آهي جو اڪثر محبتون آخر ۾ ٻوساٽيندڙ بند ڳليءَ ۾ وڃي ختم ٿين ٿيون ؛ شروعات ڪيڏي نه سندر خوشبودار ۽ ديوتائي پوترتا سان ٿيندي آهي ۽ خاتمو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ روحاني پيڙا واري ڪيفيت ۾ ٿيندو آهي!
جڏهن شادي شدهه عورت پنهنجي پيدا ڪيل اولاد جي ماءُ بڻبي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي جڏهن عمر جي آخري ڏاڪن تي رسي ٿي تڏهن هن جي عادت ۽ رويو ڪنهن جهوني پيرسن ڪٽواري مرد جهڙو بڻجيو وڃي ٿو: آدم بيزار تيسر ڇل ول ۾ ويڙهيل هوڏي _ جهڳڙالو!
ان کان سواءِ سندس فطرت آواز ۽ سڀاءُ اندر پيدا ٿيل ’مرداڻو‘ انداز کيس پرولي، پراسرار، پورالو، بي ڪئتو ۽ اڻ وڻندڙ بڻايو ڇڏي ٿو. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سرءُ جي ڪنهن دل گهرئي موسم ۾ مٿان ڦهليل اڀ تان بي پناهه ڏکن ۽ ڀوڳڻائن ۾ ٻڏل يادون وسي رهيون هجن! پر، ڀوڳڻا سان ٽمٽار انهن ’يادگيرين‘جي اونهاين ۾ هڪ قسم جو منفرد ’مزو‘ به ماڻي سگهبو آهي _ ۽ انهن جي ايذائيندڙ عمل جي نشي اندر ڪڏهن اڻ وسهندڙ ’آٿت‘ به ملندو آهي.
پر، عام طور خوابن جي ماياوي ’مانڊاڻ‘ جي ٽڙي پکڙي وڃڻ جو نتيجو نهايت اگرو نڪرندو آهي _ ۽ اهڙي مرڻينگ محبت جي ڪک مان غم ۾ ٻڏل ذهني عياشي ۽ من جي نرٻلتا جنم وٺندي آهي؛ جنهن جو مطلب آهي ته پهرين حالت ۾ پنهنجي جيوَتِ صرف پروڙڻ ۽ ڦولهڻ ۾ غرق ڪريو ڇڏجي ٿي ۽ ٻي حالت ۾ نرٻلتا جي بار هيٺ روزانو ڳهي ڳهي پاڻ کي ختم ڪريو ڇڏجي ٿو!
دل جي ’اوڏو‘ آيل انساني چهري ته ظلم، اتياچار ۽ پيڙا جون ڀاونائون پنهنجي هٿن کان پهتل ڀوڳڻا ۽ ڏکن کان وڌيڪ گهريون شديد ۽ بي حساب ٿين ٿيون.
هتي مذهب به الائجي ڪٿان ري ڪوٺيو پيهي آيو آهي. ’ڌرم‘ طرفان مڙهيل ڀوڳڻا به گهٽ پيڙيندڙ ڪونهي. اها بار بار خود سپردگي ۽ سهن شيلتا (سهپ) جو اپديش ڏيندي رهي ٿي ۽ ڪنڌ جهڪائي مصلوب ٿيڻ جي تلقين ڪندي رهندي آهي پر، ’سچ‘ ’حسن‘ ۽ ’نيڪي‘ لاءِ چريائپ جي حد تائن رسيل جستجو ۽ ’ڌرمي ايمان‘ ۾ ويساهه جي لغزش ۽ لوڏو ’پاڻ ارپڻ‘ واري وياکياڻ کي ڪک پن جيان اڏايو ڇڏي ٿو. الائجي ڪيئن ان ’اتم‘ مقام تي ظاهري طور پهتل يار جهڙوڪ اياز رباني _ ۽ فتاح پوئتي لانگ ورائي ’ڪوڙي مايا‘ کي ساڀيا سمجهي پنهنجو جرڪندڙ ورثو ترڪ ڪري، ٽهي قافلو ڇڏي موٽ کائي هليا ويا ؟
هنن جي درگت تي سوچيندي الائجي ڪٿان ڪنهن ڏاهي جو مقولو تري آيو: ڪڏهن ڪڏهن ’اڻ ويساهپ‘ ڪنهن ڇسي انسان جو اوَگڻ هوندي آهي، ۽ ويساهپ ڪنهن ڏاهي انسان جي گهٽتائي !
جيڪب آبادي جيوت تي لکندي اگر چاچي عبدالڪريم گدائي جي مٺڙي ۽ محترم ساروڻي کي ڀلبو ته اهو عمل ادب ۽ پاڻ سان ناانصافي ۽ بدديانتي ٿيندو. گدائي سان شايد منهنجي پهرين ڏيٺ ويٺ گذريل صدي جي پنجين ڏهاڪي جي آخري ورهين ۾ ٿي هئي جڏهن آءُ جيڪب آباد مان شايع ٿيندڙ هفتي وار اخبار’فرنٽيئر گزيٽ‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن لکندو هئس. پر، اهي ملاقاتون مينهن ڦڙن جيان سرسري هونديون هيون ليڪن سندس نرم خو، مخلص نياز نئڙت واري لڀائيندڙ شّصخيت مون تي هميشهه لاءِ وڻندڙ ۽ پرتاثير نقش چٽيو هو ان بعد سن 1960ع واري هنگامه خيز حالتن جن ۾ ترقي پسندي ۽ رجعت پرستي جي سرمورسرجڻهارن وچ ۾ ڪتابي زباني ۽ اخباري ميدانن ۾ پانڊون ۽ ڪورون واري ڇتي جنگ جاري هئي ان ۾ منهنجي محترم دوست گدائي پنهن جي پيرسني جي باوجود ائين پاڻ موکيو هو جيئن جويو، سوڀو، گرامي، اياز، رشيد، نياز، تنوير وغيره چيني ڀت جيان اڏول اٽل اڻ ٽر ۽ اجيت بيٺا هئا. گدائي جي ان اعلى ڪرداري چتر ۾ ’ريمبران‘ جي پينٽنگ وارا گهرا دلڪش متوازن ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ رنگ ڏٺم. سندس ان اوچي ڪرم ۽ فرض جي پالنا دل ۾ سندس لاءِ عقيدت ۽ انسيت ۾ بي پناهه اضافو ڪيو هو. ان بعد ٽئين دور 66_1971 جنهن ۾ شيخ حفيظ جيڪب آباد ۾ ۽ آءُ سکر اندر ’ڄم روڪ‘ جي کاتي ۾ عملدار هوندا هئاسون ساڻس ان پيچدار محبت جو سلسلو لاڳيتو ۽ اٽوٽ رهيو ۽ اهو ايستائين هليو جيستائين حفيظ ٽٽل تاري ۾ تبديل ٿي آسماني ۽ پولاري دنيا نه وسائي هئي ۽ آءُ تانا شاهه ڀٽو ۽ سندس ڇاڙتي _ قاضي فضل _ (۽ روشن فڪر دوستن سرڪي، تنوير، ناصر مورائي، سليم خواجا، حميد جي دوست نما دشمن) جي ڪڌين ڪار رواين سبب سنڌ کي، مجبوري حالت ۾ خيرباد چئي بلوچستان (ڪوئٽه) جا وڻ نه وڃي وسايا ها.
گدائي صاحب نه فقط هڪ خود دار اعلى ظرف ۽ وطن دوست عوامي شاعر هو بلڪ هڪ سنجيدهه سچار محبتي ۽ مجلسي انسان به هيو. سندس پهريون مجموعو ’ساڻيهه جا سور‘ (جيڪو ان زماني ۾ پيار ۽ خلوص سان مونکي ڏنو هئائين) پڙهي مونکي انگريز شاعر رابرٽ برنس ، مخدوم محي الدين، حبيب جالب ، علي سردار جعفري ذهني سطح تي اڀري آيا هئا. بلڪ هيءُ پوڙهو نوجوان يار هنن سڀني کان انڪري به اڳرو هو جو هو سڀيئي ڪنهن نه ڪنهن طور هڪ سٺي خوش ۽ ’سڻڀي‘ ماحول ۾ جي رهيا هئا _ ليڪن هن جو وايومنڊل رڃ سڃ پوٺي ۽ اڻڀ ۾ رچيل ۽ رڱيل هيو جنهن جا سياهه پاڇاوان هن عظيم انسان جي سموري ڄمار تائين ساڻس گڏ رهيا !
سن 1901ع ۾ ڏند ڪٿائي ٻوڌي اسٽوپا يعني جيڪب آباد لڳ ’ٺل‘ جي پسگردائي ۾ جنميل هن هاري ۽ مزدور دوست انسان پنهنجي زندگي ۾ ڏکن ۽ ڀوڳڻائن کي مجسم روپ ۾ ڏٺو ڀوڳيو ۽ لوڙيو هو. سندس شاعري ۾ جاگيرداري ۽ وڏيرڪي دور جي ڏاڍ ۽ انساني ذلت جا ڪيئي چتر وان گاگ جي پينٽنگس جيان ساهه کڻندا ڏيکارجن ٿا. گدائي جي شروعاتي شاعري ۾ روماني رنگ سر سيرو ڏيکارجي ٿو جيئن:
پيارا پرين پسايو ديدار ويندي ويندي
مردهه کڻي جياريو يار ويندي ويندي
هڪ ٻئي هنڌ محبوب جي جفا کي منفر انداز ۾ اظهارڻ جو ڏانئن خوب ڏيکاريو اٿس.
جي سهڻا اوهان ۾ وفائي هجي ها
نه جنت خدا جي خدائي هجي ها
شب وصل ۾ عيد ٿئي ها اسان جي
ستمگر جي تو ۾ سچائي هجي ها.
پنهنجي ماروئڙن جي اجهل غربت ۽ سندن پوڻي پوندڙ سماجي حالت ۽ بري درگتي پسندي سندس هنيانءُ هڄندو ڏيکارجي ٿو ۽ احساس جي شدت وچان اظهاري ٿو:
نه سالن ۾ اسان جي لاءِ زمانو سازگار آيو
نه پنهنجي خشڪ کيتي تي ڪڏهن بهار آيو
تڪينديون رهيون هر هر اکيون هي آسمانن ڏي
مگر ساڻيهه پنهنجي ۾ نه سالن کان سڪار آيو۔
پر، انهن اموٽ حالتن ۽ سماجي جڪڙبندي جي باوجود هو هڪ آشاوادي (Optimist) ڏاهو ۽ سڄاڻ سرجڻهار هو:
اجهو موسم ڦري ساٿي خزان ويندو بهار ايندو
گجي گرنار پاسي کان اجهو ابر بهار ايندو
وڻن ۾ ٻور ايندا ۽ ڀنور بي اختيار ايندو
ڪليون کڙنديون اميدن جون دلين کي ڀي قرار ايندو
گدائي ورهاڱي کان اڳ خلافتي تحريڪ ۽ ڪانگريس جي جهنڊي هيٺ انگريز سامراج سان به مهاڏو اٽڪايو هو ۽ ڪانگريسي رهمنا دوستن ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ۽ سيٺ شوالي مل جي وڏي پٽ ماڌو داس سان گڏجي جنهن ۾ ڪامريڊ برڪت علي آزاد به پيش پيش هو انگريزي بيٺڪيت جي خلاف سرگرم ڪردار ادا ڪيو هو. ماڌو داس به گدائي ۽ برڪت آزاد جيئن هڪ سٺو سيبتو دانشور ۽ قلم ڪار هئڻ سان گڏ سنڌ جي بهترين ادبي مخزن ’سنڌو‘ جو بولچند راجپال سان گڏ روح روان به هو ۽ تن من ۽ ڌن سان ان جي آبياري ڪندو رهيو هو. ان جيءُ اُجاريندڙ ۽ فني، ادبي دنيا جي اعليٰ ۽ اُتم رسالي جي ڀيٽ مواد، موضوع ۽ انتخاب جي لحاظ سان اُن دور ۽ هاڻوڪي سمئي جي دنيا جي ڪنهن به رسالي سان ڪجي ته هيءُ سرسيرو ڏيکاربو. ان رسالي ۾ قلمي يوگدان ڏيندڙ ڪالهوڪي ۽ اڄوڪي دور ۾ ’امرسرجڻهارن‘ ۾ ڪجهه نانءُ ڄاڻائيندي فخر محسوس ٿئيم پيو: ڄيٺ مل پرسرام گلراجاڻي، لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه (اياز جو استاد)، ساز علي شيخ ، موهن داس ڪوڙو مل، کيئلداس فاني (اياز جو استاد)، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، مولائي شيدائي، ڪلياڻ آڏواڻي، لطف الله بدوي (احسان بدوي جو پيءُ) عمر دائود پوٽو، چيتن ماڙيوالا، مرزا نادر بيگ، برڪت آزاد، ماڌوَداس وغيره.
گدائي جي شاعري جو لهجو عوامي ۽ ٻولي سپڪ سادي عام فهم ۽ مڻيادار هئي خاص طور سندس نظم موضوع ۽ مواد ڪيفيت
جي لحاظ کان من ۾ پيهي ويندِڙ هئا ٻين شاعرن جهڙوڪ جميعت الشعرا سنڌ سان لاڳاپيل فيض بخشاپوري جي ابوالڦوڙاٽي فارس زده سنڌي کان ونئن ويندو هيس هيءُ ڪشن چند بيوس جي لڏي سان سلهاڙيل هيو ۽ هو (فيض بخشاپوري ) ڊاڪٽر ابراهيم خليل رشيد لاشاري اينڊ ڪو جو ساٿاري هو.
مونکي ڪجهه مشاعرا ياد اچنم پيا جنهن ۾فيض بخشاپوري ۾ نه صرف لهجي ۽ انداز جي ڪوڙاڻ ۽ ڪرڙائپ بکندي ڏسبي هئي بلڪ سندس وڇون نما ڪڙڪ سيٽيل مڇون بلوري چڌن جيان چمڪندڙ سوڙيون ڪرڙيون اکيون پٽڪي منجهان ڪڪڙجي ڪلغي جيان ڪلف لڳل ڪرڙو ’طرو‘ ۽ خدائي فوجدار وانگر هٿ ۾ هر وقت کنيل ڏنڊ ڪڙي جنهن اندر پڻ سندس وجودي ڪرڙائپ سيمو ڪري پهتل ڀاسندي هئم ۽ ان مادي وجود مٿان وڏن پائنچن واري شلوار ڊگهي قميص ۽ پيرن ۾ چيڪاٽ ڪندڙ سليپر پائي جڏهن ڊائس تي مائيڪ ڀرسان پهچندو هو ته ائين لڳندو هيم ڄڻ ’جوراسيڪ پارڪ‘ مان ڊائناسور ٻرانگهون ڀريندو نڪرندو هجي! سندس ان بي تڪي حليئي کي پسي سامعين مٿان کل جو بي وقفو ۽ بي وقتو دورو پوڻ لازمي امر بڻبو هو. ان بعد سندس فعل کان سواءِ ۽ فارسي شاعري وارا شيطان جي آنڊي جيڏا غزل ٻڌي اها کل ٽهڪن ۾ ۽ ٽهڪ ’داد‘ بجاءِ ’بي داد‘ ۾ ڊرامي جي سينن جيان بدلجندا ڏيکاربا هئا، ۽ آخر ۾ ’ايهو ايهو‘ ڪري کيس ڊائس تان لاٿو ويندو هو! ان جي ابتڙ گدائي کي دل کولي نه صرف داد ملندو هو بلڪ مقرر جي ڌوم به متل ڏسبي هئي! گدائي جون پاڙون پنهجي ماروئڙن واري مٽي اندر گهريون کتل هيون ۽ _ فيض بخشاپوري (اڪثرسخن شناس ماڻهو کيس حيض بشڪاپوري سڏيندا هئا) بي پاڙو جيو هيو! سندس ساٿارين (جن 1963 ۾ ترقي پسند دوستن خلاف ’الحاد‘ ۽ ’وطن دشمني‘ جي باهه ٻاري ڏني هئي ۽ سموري سنڌ کي ’ڪروکيتر‘ جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو) مٿان به اهڙائي ڪلاسيڪي نالا ڌريا ويا هئا جهڙوڪ چريو ڌاتورو، پاءُ مڇون دڪو دماغ، بوتل جو جن، اِدرُون گِدرُون، کجيءَ جو جن، ڊاڪٽر ذليل گدوبندرائي، ليسوڙي جو جن، بي نُوري هِلِ، تيبان ولد ڪنعان، بوقلمون جادوگر وغيره.
هتڙي مون کي ڪالهوڪي دور جا زرخيز ذهن رکندڙ ٻه دوست ياد اچي رهيا آهن ناصر صديقي (جنهن کي حلئي سبب پيار ۽ پاٻوهه وچان لنگورصديقي سڏيندا هئاسون _ ۽ هو لارڊ بائرن، چرڪيِن، خوشحال خان خٽڪ، اوباش ٽونڪوِي جي عامياڻا ۽ ڪُشتي نما شاعري واري ’زمين‘ ۾ ڄڻ پي ايڇ ڊي پاس هو، _ ۽ اياز، رشيد، مظهر جميل، نڪهت بريلوي، منهنجو، بلڪ سموري ساکرو لڏي جو گهاٽو يار هوندو هو) ۽ ڊاڪٽر امير الدين. مشاعرا ڦٽائڻا هجن، يا انهن کي نڪتي عروج تي خوش اسلوبي سان رسائڻو هجي _ يا ڪنهن ڪڌي ۽ گڙنگ شاعر کي بي مانو ڪري اسٽيج تان ٽنگاٽولي کان سواءِ_ لاهڻو هجي يا ڪنهن سهڻي ڏات ڌڻي کي ٽن لوڪن جو سئر ڪرائڻو هجي، هيءَ ٻيئي سکر، ڪوئٽه، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ لاثاني ۽ لاجواب هئا. ڪئي اڌمغزي شاعر هنن جي تتون ’ڪنٽوري ٽائيپ‘ سخنوري کي خيرباد چئي انسان بڻجي ويا _ حلئي ۽ عمل سميت !
’حيض بشڪاپوري‘ سندن اصلاحي تحريڪ کان انڪري فيض ياب ڪين ٿي سگهيو جو سندس بيلٽ محدود ۽ محصور هجڻ کان علاوهه گهڻو ڪري ٻروچڪو هو يعني جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور وغيره جتي صرف ’ايهو ايهو‘ ۽ ’ڪِيس ڪِيس‘ پلئه پوندي هئس.
ڪڏهن سموري جيون جي سفري ڪٿا هڪ وڏو ’فرار‘ ڀاسندي اٿم. ساڳي طور اَکٽُ ’وقت‘ به پنهنجي جاءِ تي ’فرار‘ جو پتلو آهي ۽ هيڏو وڏو پولار يا گوتم ٻڌ وارو شونيه (Void) به ’فرار‘ جون امر علامتون آهن. بقول هيئت دانن جي سموري ڪائنات به مسلسل ’فرار‘ ۾ ورتل آهي! ’ازل‘ جو به اصل نانءُ ’فرار‘ آهي. ’سچ‘ ’فن‘ ۽ ’خدا‘ به ’فرار‘ آهن. جيئن ته ’فرار‘ اٻٿ ڏياريندڙ لفظ آهي ان ڪري اسان منجهان هرهڪ جيو ان کان منهن موڙي خود فريبي جو شڪار ٿئي پيو.
ٻالڪپڻ جي ڪچڙي _ ۽ ڪي قدر ناسمجهي واري اوستا ۾ ڪافي جسماني ڀوڳڻائون ڀوڳيون اٿم. انهن ۾ ڪامڻ، ننڍي مائي، مدي جو تپ وغيره ڄاڻائڻ جوڳيون آهن. ان دور ۾ ميڊيڪل سائنس پنهنجي ’ٻنڌڻن‘ واري حالت ۾ هوندي هئي؛ ۽ اگر جيڪو ڪجهه هوندو به هو ته ان تائين رسائي فرهاد جيان ٽڪر ٽڪڻ وارو عمل ڀاسبو هيو. ٽوٽڪن، ٽوڻن، ڦيڻن، تعويذن، رکيائن ۽ پرارٿنائن جي اوٽ ۽ آسري جو دڳ کليل هوندو هو. سموري ’جُڳ‘ ۾ ’عوام‘ (Masses) ان سوڙهي پيچري جو پاندي رهندو آيو آهي _ ۽ اسان، ماءُ پٽ، به ان نامراد انبوهه سان سلهاڙيل هوندا هئاسون. ان صراطِ مستقيم جي سفر کي اگر دنيا جو عظيم فرار چئجي ته وڌاءُ ڪين ٿيندو.
جيڪب آباد، شڪارپور _ ۽ سکر اندر گهاريل انهن ’ڪچڙن ڏهاڙن‘ ۾ آءُ اڪثر ننڍي مائي جي ور چڙهندو رهندو هئس ۽ هوءَ منهنجي رَتُ سَتُ مان خوب جاوا ڪندي هئي ! امان پنهنجي واحد کليل ’فراري‘ دڳ تي هلندي واهن واهڙين يا ندي ڪناري آڻي _ سامگري سميت مٺڙي سريلي ۽ پرتاثير ’وارلاپي‘ سرن ۾ مائي کي ريجهائڻ لاءِ ڳائيندي هئي:
لاکڙو ساکڙو
هٻسڙو ڊٻسڙو
ننڍي مائي وڏي مائي
لنگهي ويا پار
مائي راڻي جي آڌار
يا رات جي ڊراڪولائي پراسرار خاموشي ۽ ٻوسٽ دوران رام ريجهائڻ جا ڀڄن آلاپيندي هئي:
آءُ گهر آءُ گهر
ڪرشن مُراري
برج جي ٿي خلق
توکي سنڀاري ساري
مون کي انهن ۽ اهڙن ٻين انيڪ ’فراري‘ چترن (Paintings) مان نويڪلائي جي گهڙين ۾، ايڏو لطف سواد ۽ آنند ملندو اٿم جيڏو موناليزا يا ٽرنر، گويا، ائنجيلو، پال گاگن، ريمبران جي عظيم ’بي لباسي‘ وارين تصويرن مان به ڪين مليو آهي. مٿين چترن ۾ ڪيڏي نه سچائي سونهن نيڪي ۽ (Devotion) آهي. پهريون ’آتما‘ جي تخليق، ۽ ٻيون ’ذهن‘ جي رچنا آهن! ان ’فرار‘ اندر خود فريبي ڪين ٿي ڏسجيم.
ٻاٽ اوندهه ۾ هيءُ ’ڪوڙو جنسار‘ سُٽَ جي ڍيري جيان کلندو ڏيکارجي ٿو جنهن اندر اياز، رباني، فتاح، سوڀو، عبدالله جان جمالديني، شاهه محمد مري ڀوتن جيان هيڏهان هوڏهان بي مقصد _ يا
بامقصد؟ _ اچ وڃ ڪندا ڏيکارجن ٿا اها سڀ ’اڻت‘ ٻاٽ اوندهه ۾ ٿي رهي آهي؛ ۽ روشني ۾، چنڊ ۽ ستارن جيان سڀ ڪجهه الوپ ٿيو وڃي ٿو. اوندهه ئي ’سونهن‘ اندر ’ڪوجهائپ‘ جو نادر رخُ پسائي سگهي ٿي. ڪيترا ان ’اوجهل ڏِکَ‘ کان آگاهه آهن؟ تڇ برابر!
انساني تهذيب ’وقت‘ جي بي ڪنار سمنڊ اندر پنهنجي اکٽ سفر دوران ڪيڏا نه قيمتي نادر مندر، مسجدون، پگوڊا، ڪليسائون، مقبرا _ ۽ آنند _ ڀوڳڻائن، خواهشن، ترشنائن جون امر Images آهن. انهن کي بيدار مغز ڏات ڌڻي ماضي جي مزارن ۾ دفن ٿيل ’مدي خارج‘ سنگمي اڻتن منجهان وقت ۽ مقام ۾ سفر دوران، نئين يگ جي تقاضائن پٽاندر هڪ ’نڪور سنگم‘ _ ۾ اَڏي تعمير ڪري سرجيندا رهيا آهن _ انت تائين ايئن ٿيندو رهندو!
تهذيب ۽ ثقافت جو ’جيون‘ تحرڪ تبديل ۽ لاڳيتي سفر ۾ ئي ’جي‘ سگهي ٿو، ان ’اصولي محور‘ تان هيڏي هوڏي ٿيڻ موت جي بي پاڙي دٻڻ ۾ غرقابي بڻبي !
انهن ئي ويچارن جي ڪک مان مٿي ڄاڻايل ڀوتن کان الڳ ٿلڳ تيز ۽ نوراني روشنائي مان هڪ عجب آڪار ۽ شڪل صورت وارو ڀوت اڳيان اچي بيٺو اٿم: برگيڊئير جنرل جان جيڪب! سن 1843ع ۾ سنڌ سونهاري هڪ ڀيرو ٻيهر ارغونن ترخانن مغلن جيان راتاهو هڻندڙ هڪ ٻي ويساهه گهات قوت انگريز جي قبضي ۾ باندي بڻجي وئي. انگريز جيڪو ميڪا ويلي ڇل ۽ چاڻڪيه واري ڪپٽ ۾ ملبوس هو، جيڪو ٽانڊي ڪاڻ آيو ۽ بورچي ٿي ويٺو. سنڌ پنهنجي فطري نياز نئڙت سادگي مهمان نوازي اٻوجهائپ ۽ ويساهپ سبب صدين کان ڇاڇا نه سٺو آهي. اڃان به الائجي ڪيستائين سهندي رهندي؟
جان جيڪب جي آمد وقت منهنجي ٻالڪپڻ جو محبوب علائقو’خان ڳڙهه‘ نالي غير اهم ننڍڙو ’ڪوٽ‘ هو جنهن جي آدم شماري هزارن ۾ نه _ سون ۾ هئي. اهو سنڌ ۽ بلوچستان جي ’لنگهه‘ چوڪي جيان هوندو هو.
هڪ ڀيري، تاريخ جي ڪنهن ڄاتل موڙ تي ايران جي ظالم ٺڳ ۽ بي ترس بادشاه نادر شاه ڪاچار کي خرمستي کنئين ۽ هن دهلي کي فتح ڪرڻ لٽڻ ۽ ڦرڻ جو ارادو ڪري بلوچستان مان لانگهائو ٿيو _ ۽ قلات جي خان ميرنصيرخان نوري ان مهم ۾ سندس ’ٻالڪي‘ جيان پنهنجو لشڪر به شامل ڪري وفادارن جي قطار ۾ شامل ٿي ويس. دهلي تي چڙهائي دوران بيشمار بي قصور انسانن جو ڪوس ڪرايائين ، شهر کي اجاڙي برباد ڪيائين _ ۽ قيمتي مال اسباب، هيرا جواهر (تخت طائوس سميت) لٽي ڦري ساڳئي ’خان ڳڙهي‘ رستي کان واپس ايران پهتو. پر ان کان اڳ ۾ ٻروچن جي وفادارين جي عيوض ’خان ڳڙهه‘ خان آف قلات کي تحفي طور عطا ڪيو هائين ! اهو ئي ڪارڻ آهي جو بلوچستاني بلوچ جيڪب آباد تي پنهنجو ’حق‘ ڄاڻائي بلوچستان ۾ شامل ڪرائڻ جو مطالبو ڪندا رهن ٿا!
هتڙي ان سان لاڳاپيل هڪ ٻيو واقعو ياد پيو اٿم. سن 1992ع جي آخر ڌاري ڪجهه بلوچستاني دانشور دوستن: مير عبدالله جان جمالديني، پروفيسرنادر قمبراني، پروفيسر بهادر خان روديني (اڳوڻو وائس چانسلر بلوچستان يونيورسٽِي)، پروفيسر عبدالرحمان هيبت زئي، ڊاڪٽر شاهه محمد مري، ڊاڪٽراميرالدين، ڊاڪٽر محمد سرور، گل محمد، مون آڏو نواب اڪبر بگٽي سان سندس ننڍي جوان پٽ سلال جي ناگهاني وڇوڙي تي افسوس جي اظهار جي خواهش ڪئي. ان وقت موصوف ديرا بگٽي ۾ مقيم هيو. مون کيس ٽيلفون تي اهڙو اطلاع ڏنو _ ۽ ٻئي ڏينهن سڀيئي، جيڪب آباد جي رستي ديرا بگٽي لاءِ روانا ٿياسون. رات جيڪب آباد ۾ گذارڻي پيئي ڪو ڍنگ جو هوٽل ڪين ملي سگهيو ۽ ’سوهني سراءِ‘ نالي هڪ ڪني بدبودار مسافرخاني ۾ ٽي عدد ڇڳل واڻ واريون کٽون مليون، بسترا چيڙهالا ميرا ڦاٽل _ جيڪي هيٺ اڇلائي ڇڏياسون _ ناليءَ جي پاڻي جي نڪ ساريندڙ ڌَپ _ ۽ ان مٿان اٿندڙ اڏامندر رڇ نما مڇرن جا ڪٽڪ ! سڄي رات ڇڳل واڻ ۽ وڏاڻ جي کٽن تي ويٺي مڇر هڪليندي _ ۽ جيڪب آباد تي صلواتون پڙهندي اکين ۾ گذري وئي. ان ايذائيندڙ ڀوڳڻا جو هڪ سٺو ۽ لاڀائڪ نتيجو اهو نڪتو جو بلوچستان جي انهنHard core وارن دانشورن، ’ڪميونسٽ مينيفسٽو‘ جيان هڪ، اڻ لکيل، گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ته ”اسين ’ههڙي‘ جيڪب آباد کي ڪڏهن بلوچستان ۾ شامل ڪين ڪنداسون ۽ پنهنجي پراڻي بلند بانگ دعوى تان دست بردار ٿيون ٿا ! نواب سان افسوس ڪرڻ بعد، نهايت پرمغز ادبي، سياسي سماجي ڪچهري به ٿي هئي جنهن جي حيثيت سڀني ڀاڳ وٺندڙن ۾ تاريخي ۽ يادگاري ليکي وڃي ٿي. نواب کي به ان ’پڌرنامي‘ جي Contents ۽ سببن کان آگاهه ڪيو ويو هو !
روشني جي ڪک مان جنميل ان ’گوري ڀوت‘ (جان جيڪب) سن 1847ع ۾ ’خان ڳڙهه‘ جي مدي خارج سنگمي ڪچلر Synthesis جي جاءِ تي نئين يگ جي گهرج مطابق جيڪب آباد نالي ’نڪور سنگم‘ New Synthesis اڏاوتي سرجڻا ۾ اينئين جنبجي ويو جيئن کانئنس گهڻو گهڻو اڳ قديم زمانن ۾ جريڪو ’روم‘ ’پتاليپتر‘ ’ڪارٿيج‘ ’اٿينس‘ ’ٽرائي‘ ’دهلي‘ وغيره جي تعمير ۾ هن جهڙا انيڪ اورچ جوڌا جنبيل رهندا آيا هئا.
جان جيڪب نون ڏهن سالن جي مختصر مدت اندر ’خان ڳڙهي‘ پوٺي ۽ برپٽ کي هڪ گل وگلزار خيابان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سنڌوندي مان نڪتل ٻن وڏن واهن _ بيگاري ۽ نورواهه کي نه صرف صاف ڪرائي ويڪرو ڪرايو بلڪه ٽئين ريگستاني واهه Desert canal)) کي جاري ڪرائي انهن مان ايڏيون شاخون ڪڍرايون جو جيڪب آباد نه صرف ننڍڙو پتڪڙو وينسي ڏِکُ ڏيڻ لڳو هو بلڪ سمورو ۽ سڄو علائقو زرعي خطي ۾ تبديل ٿي ويو هو. شهر جي اڏاوت دوران خوبصورت عمارتون، مارڪيٽ،گهنٽا گهر، تعليمي ادارا ٺهرائي منجهس پڪن رستن، جديد طرز واريون گهٽين ۽ ڳلين جو ڄار ڦلهلائي نالين ۽ ڪسين ذريعي گندي پاڻي جي نڪاس جو به جوڳو بندوست ڪيو هو. شهري ۽ ٻهراري جا ماڻهو سکيا ستابا آسودا ۽ خوشحال ٿي ويا _ ڇو جو اجهولٽو ۽ اٽو سندن ساهه جيان اوڏو هئا. ان جي ڀيٽ ۾ ساڻس لڳ بلوچستان جو ميداني علائقو رڃ سڃ _ ۽ برپٽ هو، ۽ اتان جا ماروئڙا انهن بنيادي سهولتن کان وانجهيل ۽ بدحال هئا. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته ورهاڱي کان اڳ جيئن جيڪب آباد جا وڻ ۽ وٿاڻ ڇڏي بلوچستاني مٽن مائٽن سان ملڻ خاطر، ان سر زمين تي قدم رکبو هو ته ائين لڳندو هيم ڄڻ تتل صحرائي پوٺي تي پير ڌريا هئم، ۽ ماڻهو پاڇاوَن ۽ بدروحن جيان غير مرئي ڀوائتا ڀاسندا هئم! جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي وچ وارو مختصر زميني ٽڪر عالم بر زخ لڳندو هو جنهن ۾ صرف روح هِلين ۽ڳجهن وانگر لامار ڏيندا ڏيکاربا هئا!
جيڪب آباد جي خطي سن 1857ع واري جنگ آزادي کان وٺي ورهاڱي کان اڳ جي آزادي وارين تحريڪن ۾ به پاڻ خوب موکيو هو. سندس ڌرتي ۽ مان واري مٽيءَ مان اُپجيل سپوتن دريا خان جکراڻي، امام بخش جتوئي، الف خان ترين، دل مراد خان کوسو، جاني خان جکراڻي، رحمت خان جکراڻي _ ۽ بعد ۾ محمد امين کوسو (جيڪو مون کي ڏسندي ئي ’اکنڊ ڀارتي‘ چئي وڏو ڀاڪر پائيندو هو) ڪامريڊ برڪت علي آزاد، اسلم اچڪزئي، مير يوسف علي خان مگسي، ماڌوداس، جيرام داس، دولت رام، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، ڦيرو ٽڪٽڪي تي چڙهي، توبن بندوقن آڏو وجود اُڏارائي، جيلن جون ڊگهيون ايذائيندڙ سزائون ڀوڳي ڌرتي ۽ آزادي جي دڳ ۾ سر ۽ خون جي آهوتي ڏيندي ڪڏهن پوئتي ڪين پيا هئا! هي خياباني سورما ۽ سرويچ ۽ قرباني جا پتلا تاريخ ۾ ٻروچن جو مان شان ۽ سون ورنيا انسان _ ۽ هيروز (Heroes) هئا _ ۽ هوڏانهن جن بياني بلوچن نادر شاه جهڙي ڊاڪو ۽ وطن دشمن جي ساٿاري بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو يا جنهن يا جن بلوچن دارا شڪوهه جهڙي عظيم انسان. صوفي ۽ عالم سان بيوفائي ڪري سندس ’سرُ‘ اورنگزيب جهري قهاري، ڪٽر ۽ ظالم جي آڏو پيش ڪيو هو يا انگريز منڊمن جو بگيون ڇڪيون هيون انهن کي ڪڏهن سورمو ، بهادر ۽ انسان دوست چئي نٿو سگهجي؛ تاريخ انهن کي ائنٽي هيروز (Anti heroes) ئي سڏيندي _ ۽ ڪڏهن ڪين ساراهيا ويندا !
جيڪب آباد جون ساروڻيون نارائڻ شيام جي رباعي جيان روح تي چٽجي نقش ٿي ويون آهن:
ٽاري تي گل گل تي شبنم
شبنم تي چانڊوڪي
مان ياد ڪندس پيو سڄي عمر
رات اها ڪالهوڪي
شعور ۽ لاشعور ۾ غوطا کائيندڙ اڇين اجرين يادن ۾ هڪڙي سندر ياد کي پوپٽ جيان پڪڙي ورتو اٿم، نظرن کان ترڪي اڏامندي ٿي ويئي.
ٻي مهاڀاري لڙائي جاري هئي. گڏيل هندوستان اندر ’هندوستان ڇڏيو‘ تحريڪ Quit India Movement)) ارونا آصف علي ۽ ٻين ’گرم ڌر‘جي ليڊرن جي رهنمائي هيٺ زورن تي هلي رهي هئي، ۽ اسان معصوم اسڪولي ٻالڪ روزانو ڪانگريسي جهنڊا کنيو گهٽين ۽ رستن تي انقلاب زندهه باد جا نعرا هڻندا ٽولن ۾ گهمندا وتندا هئاسون: معني، مفهوم ۽ مقصد کان بيخبر !
انهن ئي ڏهاڙن ۾ ’پئنچاتي جاءِ‘ ڀرسان اسان جي پاڙي ۾ هڪ ڌنوان سيٺ رهندو هو، سندس نانءُ ياد ڪون اٿم. هن جي هڪ چري ڌيءَ هئي، ڪيئن، ڪڏهن چري ٿي هئي _ ۽ نالو ڇا هئس اها انوقت به ڄاڻ ڪين هيم. ڪپڙا ڦاڙي يا لاهي گهر اندر ورانڊي يا دالان ۾ الف ننگي گهمندي هئي! سندس عمر سترهن _ اٺارهن ورهيه مس هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ سرجڻهار (اگرآهي ته) کيس نويڪلائي ۾ ويهي خلقيوهو. رنگ ٽآمي مائل گلابي، جسم رس ڀري جيان رسدار سوادي، اُرهه موسمين جهڙا سيٽيل متناسب ۽ لڀائيندڙ، ٽنگون، رانون ۽ ٻنڊڻ ڪنهن جمناسٽڪ سندري جهڙا متوازن ڳردار ۽ سونهن ساءُ ۾ سيبائتا، چيلهه ڀاڪر ۾ ڀرڻ جهڙي سنهي ۽ منهن ۽ مهانڊا ڪٽاري جيان تيز _ ۽ دل ۾ کپي ويندڙ. قد جي گڏيءَ جيان وچولي!
مان اڪثر سندس گهر جا ڇهه ست ڏاڪا چڙهي دالان جي ڳلکڙن، درزن مان کيس جهاتيون پائي تڪڻ ويندو هيس. کيس ڏسي وجود جي نامعلوم سمنڊ اندر ائين ڇوليون ڇلنديون هيون جيئن چانڊوڪي رات ۾ معلوم سمنڊ اندر ڇلنديون آهن! ان ’املهه ياد‘ تي ويچاريندي خيال ايندو اٿم ڪاش آءُ آرٽسٽ هجان ها ته اسپيني ڏات ڌڻي پينٽر گويا (Goya) جي جڳ پرسڌ پينٽنگ بي لباس ماجا (naked Maja) کان وڌيڪ اتم ۽ امر چتر ان ’چري حسينه‘ جو چٽيان ها!
اهڙي ئي ڀنڀوري جهڙي هڪ ٻي ياد لاشعور جي ڳلکڙي مان جهاتيون پائي مچلي رهي آهي !
سن43 _1942ع واري زماني ۾ ڳوٺ واهڻ ته پري جي ڳالهه آهي شهرن ۾ به بجلي ڪون هوندي هئي. رستن تي اسٽيشنن جي پليٽ فارمن تي لڳل ٿنڀن ۾فانوس لڙڪندا هئا ۽ نما شام وقت انهن اندر گاسليٽ ڀري کين روشن ڪبو ويندو هو. گهرن ۾ به لالٽين، چمنيون ۽ گاسليٽي بتيون ٻاري اوندهه کي ڀڄائبو هو.
ٽاڪ منجهند جي گرمي ۾ يا رات جي گُهٽن اندر هٿ پکا، وڃڻا ۽ جهليون هونديون هيون جن وسيلي، ترڪندڙ هوا جي اوٻاسي ڏيندڙ جُهلڪن هيٺ اک هڻي وٺبي هئي.
هن ڀنڀوري کي به، اُنَ، سڪائيندڙ ۽ لوساٽيندڙ زماني ۾، لاشعور پنهنجي مَٺِ ۾ سوگهو جهلي رکيو آهي.
مان جيڪب آباد جو خيابان لتاڙي نوَتال ٽيشڻ تان رڃ سڃ، مثالي دز _ جنهن جي لپيٽ ۾ ماڻهو ڀوت بڻجي ويندو هو _ ۽ پيئڻ بلا جهڙين ’نَيُن‘ مان اُڪري پنهنجي مائٽن وٽ ’گنداوا‘ پهچي ويس. ويهنجي سيهنجي گڏو بڻجي مٽن ۽ مائٽياڻين جي جهرمٽن ۾ show piece جيان پيش ڪندو ويندو رهيس ڇو جو سنڌ مان آيو هئس. سنڌ سندن واسطي ائين هوندو هو جيئن اسان لاءِouter space آهي.منهنجي حيثيت هڪ alien جيان هوندي هئي.
ٽاڪ منجهند جو ڪمرن اندر وڇايل تڏن، تنورين، سوٽي فراسن مٿان پٿاريل چادرن تي سمهڻ جو رواج هوندو هو _ ۽ مٿان جهلي جهلندي رهندي هئي، مهل سر وڃڻن کان به ڪم وٺبو هيو.
مون کي چٽيءَ طور ياد آهي ته ان زماني ۾ وڏيون سڏيون، ۽ نوجوان نينگريون (پرڻيل يا اڻ پرڻيل) عام طور ’پڙا‘ پائينديون هيون. گرم ۽ مرطوب خطن ۾ هونءَ به تنگ ۽ سوڙهن ڪپڙن پائڻ جو رواج ڪون رهيو آهي. آب هوا جي ’ڪٺورتا‘سبب ماڻهوکُليل ۽ وائکو رهڻ پسند ڪندا آهن.
مان به ڪنهن مائٽ جي گهر، ٽاڪ منجهند جي اوٻاريندڙ گرمي ۾، هڪ نيم روشن ڪمري ۾ ستل حالت ۾ ننڊ کي ريجهائڻ جا جتن ڪري رهيو هيس منهنجو مٿو ڀت طرف ۽ ڌڙ جهليءَ هيٺ ان جي قريب هو. ڪا نوجوان مٽياڻي پنهنجو مٿو سامهين ڀت سان لڳائي پير ۾ جهلي جي رسي ويڙهي، اڌ جاڳ ۽ اڌننڊ واري حالت ۾ جهلي ڇڪي رهي هئي. سندس ٽنگون ۽ ڌڙ جو باقي حصو مون آڏو تحرڪ ۾ هو.
اوچتو مٿانئس منهنجي نظر پئجي وئي مان عجب ۾ پنڊ پهڻ بڻجي ويس ! زندگي ۾ پهريون ڀيرو عجيب لقاءُ ڏٺم. سندس پڙي، جهلي ڇڪيندي سرڪي سٿرن کان هيٺ نهائين تي اچي دنگ ڪيو هو!
ڪچڙي عمر ۾ پهريون ڀيرو اها عجيب شيءِ نظر آيم سمجهه کان بالاتر هو ته اِها ’ڇا‘ هئي پر، لڳمِ رانديڪي جيان وڻندڙ ۽ دلڪش !
ٿورڙو اُڀو ٿي ڪري ان جو غور سان ۽ هر زاوئي کان جائزو ورتم صرف ڇهي ڪين سگهيم ! ان تشنگي جو احساس اڄ تائين روح تي چهٽيل آهي !!
گهڻو پوءِ ويچاريندي خيال آيو هئم ته اها شيءَ سکر ۾ سنڌو ندي جي وچ ۾ گهاٽن وڻن سان ڍڪيل ساڌٻيلي جيان هئي؛ يا ’تپوبن‘ ۾ هڪ ڪٽيا اندر ڳاڙهو ڳٽول تپسوي سماڌي ۾ مگن هو!
انهن ئي ٻالڪپڻ جي ناسمجهي ۽ معصوميت جي ڏهاڙن ۾ گنداوا واري ’اندر ڪوٽي‘ علائقي ۾ منهنجي وڏي ڀيڻ (جيڪا سن 1956ع ۾ پرلوڪ پڌاري وئي) سکِيِ مون کي ڪپڙي جو هڪ ننڍڙو خوبصورت ’تتر يا ڀاڙو (ٻٽير) گهر‘ ٺاهي ڏنو هو جنهن ۾ هڪ سهڻو ڀاڙو به موجود هو. اُنَ اوجهڙ ۽ ويران علائقي اندر ٻارن لاءِ ڀاڙو ۽ بربليون سڀ کان بهتر وندر ۽ تفريح ليکي ويندي هئي.
ان بي ضرر ساهدار سان مونکي ڏاڍي محبت ۽ لڳاءُ ٿي ويو _ پنهنجي مٺڙي ’ڳٽرڳو ڳٽرڳو‘ سان مونکي موهي وڌو هئائين. هڪ لڱا شايد بيمار ٿي پيو، ۽ لات لنوڻ ڇڏي ڏنائين. کيس ان اڻيل پڃري مان ٻاهر ڪڍي پنهنجي ٻولي ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم ته جيئن ٻولي پر، ڪين ٻوليائين ۽ خار ۾ اچي به ٽي لپاٽون وهائي ڪڍيو مانس! ڏٺم ته اتي جو اتي بي جان ٿي ڪري پيو _ ۽ ٻاهر ئي مٽي ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيومانس. مان اڄ ڏينهن تائين ان گناهه کان پاڻ کي معاف ڪين ڪيو اٿم ۽ اندر ۾ کاڄندو رهندو آهيان!
ان کان ڪجهه ورهيه بعد ساکرو جيوت م به هڪ خوبصورت ٻلي، ۽ چٽڪمرو ڪتو ’موتي‘ پاليو هيم. انهن ٻنهي جانورن کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز رکندو هئس ۽ هو ٻئي پڻ مونکي ڏاڍو پيار ڪندا هئا. هٿ پير ۽ منهن چٽي اچي گڏ سمهي پوندا ها. هننن بابت سوچيندي حفيظ شيخ جي ياد تري آئي آهي. انسان جي من جي اڪيلائي ۽ تن جي ننڍڻڪائي ۾ جانور ۽ پکي جهڙو ٻيو ڪو رازدار دوست ۽ ساٿي ڪين ٿو ٿي سگهي! انکان علاوهه سکر اندر پاڙي ۾ رهندڙ بزرگ پيتامبر جي ٻن شينهن نما ڪتن، برف جهڙي اڇي ۽ _ انجڻ جهڙي ڪاري ’ليئو‘ ۽ ’ٽامي‘ سان 1946ع سمئي واري دوستي به ذهن تي نقش ٿيل آهي. گذريل صدي جي چاليهن واري ڏهاڪي جي شروعاتي ورهين واري زندگي ۾ جيڪب آباد جي وچون وچ وهندڙ واهن تي وهنجڻ ۽ تڙڳڻ ۾ جيڪو مزو ۽ سواد ملندو هو اهو اڄوڪي فينسي ’باٿ رومس‘ اندر تيل ڦليل خوشبودار صابڻن وغيره مان تڇ جيترو به ڪين ٿو ملي ! اسان جي گهر ڀرسان به هڪ واهه ڇوهه ۾ وهندو هو ۽ آءُ ان جي گهاٽ تي ويهي پنهنجي جيڏن سرتن سان وهنجندي، تڙڳندي معصوم رانديون ۽ کيچلون به ڪندو هيس.
هڪ لڱا الائجي ڪيئن پير ترڪي ويو _ ۽ گهرائي ۾ وڃي غوطا کائڻ لڳم ساهه منجهڻ لڳو هو _ ۽ صرف ايترو ياد آهي ته ڪنهن جو هٿ وارن ۾ پئجي ڇڪي رهيو هيم. هوش ۾ آيس ته پاڻ کي گهر اندر کٽ تي سمهيل ڏٺم! پوءِ امان ٻڌايو ته گهر جي ڀرسان رهندڙ براهمڻ ٻڏندو ڏسي مهل سر پهچي ڪڍي ورتو ۽ سيني تي زور ڏئي اندر گڏ ٿيل پاڻي ڪڍي نئين حياتي ۽ جيئدان ڏنو هو. پهريون ڀيرو ’معصوم شعور‘ سان ’موت‘ پسيو هيم. ان اڻ وڻندڙ واقعي تي ويچاريندي رشيد ڀٽي، سليم خواجا، فتاح ملڪ ۽ شيخ اياز ذهني اسڪرين تي اڀري ايندا اٿم _ هنن يارن به موت کي شعوري حالت ۾ گهڻو اوڏو ڏٺو هو.
رشيد ڀٽي وڌيڪ چتر هو، جڏهن ازرائيل سامهون بيٺو هيس ته کيس پير جو روڳي آڱوٺو ڏيکاري سندس حوصلا خطا ڪري _ ۽ آخر ۾ ان جو ’ٻليدان‘ ڏئي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٽهڪ ڏيندو گهر پهتو هو ! سليم خواجا کي ’نطشي‘ وارو سٻاجهو نانگ مليو هو جنهن کيس سنگهي ’پاروٿو‘ ڄاڻي ڇهيو به ڪين؛ حالانڪ ’نطشي‘ جي عقاب سان خوب چڪريون کاڌيون هئائين. سليم خواجا واري ’نانگ‘ تي ويچاريندي هڪ ٻئي دوست جي ياد تري آئي اٿم پاڪستاني وڪيلن جو رهنما علي احمد ڪرد منهنجو ويجهو گهاٽو دوست آهي. هڪ ڀيري جنرل پرويز مشرف جي سرڪار سان چٽا ڀيٽي ڪندي احتجاج جو عجب ڍنگ اپنايو هوائين. لاهور ۾ اعلان ڪيائين ته هو ’چڙيا گهر‘ وڃي شينهن جي پڃري ۾ داخل ٿي ان جو بک بڻجي قرباني ڏيندو! ۽ حقيقت ۾ ائين ٿيو به !! پر، جيئن ببر شينهن جي پڃري جو دورازو کولي سندس ڀرسان پهتو ته هو کيس ’سنگهي‘ گجگوڙ کان اڳ ۾ ئي درڙي کائي ٿاٻڙ جي بيهوش ٿي ڪري پيو هو !!
فتاح ملڪ پنهنجي مٿين دوستن کان گهڻو گهٽ گجي وارو ثابت ٿيو هو. جڏهن ’ڊينگووائرس‘ جي لپيٽ ۾ آيو ته هنيانءُ هاري ڇڏيو هئائين. ڪراچي جو ڪو پير فقير ڪون ڇڏيائين _ آخر ۾ سندس التجا اها وڃي رهي ته کيس سمنڊ ڪناري ’غازي بابا‘ جي قدمن ڀرسان ائين رکيو وڃي جيئن دهلي ۾ امير خسرو کي نظام الدين اولياء جي پيرانڌي کان ستل ڏسي آيو هو! شايد هن اهو سوچيو هوندو ته پهتل هستون، پنهنجي مريدن ۽ چاهيندڙن جون ڀوڳڻائون خوشي سان پنهنجي سر تي کڻنديون آهن! بقول راوي ٿيو به ائين !
پر، اياز جي معاملي ۾ ’موت‘ سان مکاميلي واري ڪيفيت هنن ٽنهي کان مختلف _ ۽ ايذائيندڙ هئي. هن ’طبعي موت‘ کان گهڻو اڳ ان ’نفسياتي موت‘ واري ڪيفيت پنهنجي تن ۽ من تي ائين طاري ڪري ڇڏي هئي جئين جواني ۾ مايا ماس ۽ مڌ سندس وجود جواجهل اٽل ۽ اٽوٽ انگ هوندا ها. شروع ۾ ’موت جي اداس سياهي مائل موسيقي‘ جو پڙلاءُ ٻاهرين وجودي حواسن سان ’هڪ مهم جو‘ جيان لاپرواهي سان ٻڌندو رهيو ليڪن آهستي آهستي جواني جي ارڏاين ۾ تيز رفتاري سبب وڃايل شڪتي جا ناڪاري اثر سندس وجود سندس سوچ کي، ائين ڪوري ۽ ڪڪوري رهيا ها جيئن گهُڻو اَنَ کي ۽ اُڏوهي ڪاٺ کي پولو ڪري ختم ڪري ڇڏي. سندس اهو نستو ۽ ڀڙڀانگ جسم ورهين کان اها ڪنبائيندڙ ’لرزش‘ محسوس ڪري کيس اڻ ڄاتل خوف ۾ مبتلا ڪندو رهيو _ هو چڱي پر سمجهي رهيو هو ته سندس ’وجودي ڪپڙي‘ ۾ موجود ڪڻا هڪ هڪ ٿي گم ٿيندا کيس يونانين واري ڀوائتي پاتال (Hades) ۾ ڌڪي رهيا هئا. ان ’خوف‘ ’ڏر‘ وگهي هن عجب بدبودار Compromises ڪرڻ شروع ڪيا. ان کان علاوه ڏات جي اڻاٺ، پيسي جي اڻاٺ، مرتبي جي اڻاٺ، شڪتي جي اڻاٺ، دوستن جي اڻاٺ وغيره کيس ’اڻ ڄاتل‘ جي گود ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ اهو به جماعتي ڪٽر پنٿين جي هٿ تي بيعت ڪري!
هينئر’موت‘ کيس جسماني وجود کان هٽي ڪري سندس ’باطن‘ ۾ ڪن جهڙِي ’ڪُهرامي‘ حالت پيدا ڪري ڇڏي هئي. گهڙي جي ٽڪ ٽڪ جيان مسلسل ان جو ’ساهه‘ ۽ ’ڀوائتي آڪار‘ وارو آواز سندس حواسن تي طاري ٿي منجهس مائوفي ڪيفيت پيدا ڪندو رهيو هو. هو شدت سان محسوس ڪندو رهيو ته ’وقت‘ لخطو لخطو ٿي ڪري، کيس ذهني ۽ جسماني طور، اڪيلو، ننڌڻڪو ڪندو ’بي وقتو‘ ڪندو پئي رهيو! هن کي اها به ساڃهه هئي ته کانئس اڳ وڇڙيل دوستن مونس، حشو، جمال صديقي، شيخ حفيظ، وغيره مٿان ڪا سڪراتي ڪيفيت انڪري طاري ڪون ٿي هئي جو سندن ڪرداري سليٽ ۽ وهنواري کاتو صاف سٿرو ۽ اوجل هو _ ۽ هنن مان ڪوبه سندس جيان ’باطن‘ ۾ مسلسل ڪون مرندو رهيو هو.
اياز جو موت راوڻ ڪنس _ ۽ هرناڪـش جي موت کان وڌيڪ اگرو ڀينڪر ۽ ڀوائتو _ ۽ گهڻ پاسائون هو!
هي ٽيئي ڏندڪٿائي ’دئيت‘ ٽن ’اوتارن‘: رام، ڪرشن ۽ نرسنگهه هٿان مري ’ڇوٽڪارو‘ حاصل ڪري سڌو ديولوڪ پهچي چڪا ها؛ ليڪن هن کي اها به آشا ڪين هئي ته کيس ڏارهي وارو ازرائيل عالم برزخ کان اڳتي وٺي ويندو. هن کي پنهنجي هم عصر دوستن تي انڪري به مٺيا لڳندي هئي ته هنن مان ڪوبه سندس جيان ’باطني ڪهرام‘ ۾ مبتلا ڪين هو! هن ڪڏهن به سندن صاف سليٽ ۽ کاتي، بابت سوچيو ڪين هو!! ڀٽو، ضيا جماعتي گُرگا سندس آڏو Hades جي ’بي جسمي‘ بدبودار ۽ ڀوائتي ڀوتن جيان کيس مسلسل ڊيڄاري سندس ’ڪپڙي‘ جي ڪڻن جي الوپ ٿيڻ واري رفتار کي تيز تر ڪندا رهيا هئا ! کيس ڪجهه به ڪين ٿي سُجهيو ته سندس ’فاني پڃري‘ کي ڪٿي دفنايو وڃي ؟ شڪارپور جي ابائي قبرستان اندر، شاهه لطيف ڀٽائي جي تناور درخت جي ڀڪ تي، يا ’غازي بابا‘ جي پيرانڌي کان؟؟‘ حالانڪ ’موت‘ کان پوءِ اهو Immaterial ۽ خام خيالي هوندي آهي ته مڙهه جو ڇا ٿيندو. قلوپطرا، سقراط، افلاطون ، ارسطو، شيبا، رام، حضرت موسى، ڪرشن، اسان وارو من موهن شيخ حفيظ ڪٿي دفن آهن ؟ سندن مزارون مقبرا قبرون ۽ سماڌيون ڪٿي آهن؟ ڪنهن کي ڄاڻ ڪونهي. صرف سندن سليٽ ۽ کاتو موجود آهي!
ڪجهه يارن جو خيال آهي ته ’موت‘ کان پوءِ ڪنهن تي قلم کڻڻ نه جڳائي. اگر ائين هجي ها ته دنيا جي اڌ کان وڌيڪ ’تاريخ‘ ٻُسي، بيچسي ۽ بي روح رهجي وڃي ها. سيفو، سڪندر، نيرو، ارسطو، راسپوتين، مهاراڻي زينوبيا، ڪئٽولس، رامبو، ورلين وغيره اسان آڏو ائين موجود ڪين هجن ها جيئن هينئر ’ساهه‘ کڻندا ڏيکارجن ٿا ان کان علاوه ’موت‘ ڪنهن کي اڄ ڏينهن تائين ’مقدس‘ ۽ ’پوتر‘ بڻايو آهي؟ انڪري اياز به ان ’ساهمي‘ کان ارفع ۽ اعلى هرگز ڪونهي.
جيڪب آبادي يادگار ڪردارن ۾ اگر غلام قادر بلوچ ’قيس‘ جو ذڪر وساربو ته ائين لڳندو ڄڻ اٽي ۾ لوڻ وجهڻ وسري ويو هجي. منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي جي شروعاتي ورهين ۾ ٿي هئي جڏهن پاڻ پنهنجي گهر واري، پٽ ۽ ڌيءَ سميت ڪوئينس روڊ سکر تي ’بالچند بلڊنگس‘ جي سامهون گهرواري ڪشادي واڻڪي ڇڏي ويل جاءِ ۾ رهندو هو ۽ اها منهنجي گهر کان سڏ پنڌ تي هئي. ان وقت هو سرڪاري وڪيل (DPP) هوندو هو، ۽ فيض بخشاپوري کان ڪجهه بهتر شاعري جا ’فارسي گاڏر سنڌي‘ گهوڙا ڊوڙائيندو هو. شام جو روزانو گهر جي ڪشادي آڳر ۾ ويهي ڪڏهن ديسي وسڪي، ۽ اڪثر بلوچستاني دارون (وڏڦن، ننڍن ڦوٽن وغيره جو ڪشيد ٿيل) تي مارو ڪرڻ سندس ’ريت روايت ۽ افعال‘ جو ڄڻ آسماني فرمان هوندو هو؛ جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اياز ۽ آءَ به شريڪ ٿيندا هئاسون.
مون کان اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته ان ’ڊائني سسي‘ عادت جو مون اندر ڪڏهن واسو ٿيو هو _ جڏهن ته آءُ صرف Teen agerهيس. آءُ اڳ ذڪرڪري آيو آهيان ته جڏهن وڏڙن جي وطن ۽ ڳوٺن: گنداوا، ميرپور، گاجڻ، ڪوٽڙو، فتح پور وغيره ويندو هيم ته هر مائٽاڻي گهر اندر ’دارون‘ جو شغل ڄڻ ’ڌرمي رسم‘ بڻيل هو. انگورن، وڏڦن، ننڍن ڦوٽن جَون وغيره جو بهترين ۽ معطر قسم جو اهو ديسي شراب پاڻ ڪشيد ڪندا ها يا سٺن ۽ آزمودگار ’هٿن‘ ذريعي ڪشيد ڪرائي ٽامي يا ڪٽ جي صراحي نما دُنگين، دُنگن ۾ ڀري گهرن اندر’آخري توشي‘ جيان اسٽاڪ ڪري رکندا ها. مون ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ کين ان ذريعي ’فردوس برين‘ جو سير ڪندي ڏٺو هو. بس، پوءِ وجهه ملندي مان به ان جون سُرڪيون ڀريندي دير ڪين ڪئي هئي!
ان کان علاوهه، خاص طور، گنداوا جي چوڏس برپٽ، ڀينگ ۽ رڃ ڪنهن اجگر جيان وڪوڙيل هئي _ ۽ پاڻي جي سخت اڻاٺ سبب غريب غربا واري يا مٽي جي ڀٽُن تي گِسڪڻِ جيان ترڪي پاڻ کي قديم عربن سڳورن جيان طهارت جو فيض وٺرائيندا هئا _ ۽ اسان جي مائٽن جهڙا ’پونجي پتي‘ پنهنجي وهٽن: گڏهن، گهوڙن، اٺن تي، نوڪرن وسيلي، ڪجهه پرڀرو وهندڙ ڪسي نما واهي مان پاڻي جا مٽ ۽ دلا ڀرائي رکندا هئا. جيئن ته پاڻي ميرانجهڙو هوندو هو انڪري مٽن اندر ڦٽڪي هڻي آٺرائي پوءِ استعمال ڪبو هو. مان ڪڏهن ساڻن انهن وهٽن تي چڙهي پاڻي ڀرڻ جو لقاءُ به ڏسڻ ويندو هيس . مونکي گنداوائي پاڻي بجاءِ ’ڊائني سسي امرت ڌارا‘ وڌيڪ ڀانئن پوندي هئي _ ڀانيان ٿو ته اڃان به رت اندران امرت ڌارا جو ملغوبو ضرور موجود هوندو !
غلام قادر بلوچ جيڪب آبادي جيوت دوران مسلم ليگي سياست ۾ به حصو وٺندو هو ۽ هڪ ڀيرو ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ به چونڊيو ويو هو. هيءَ همراهه گفتار جو ’غازي‘ هو ۽ آواز ۾ نغاري واري بلند آهنگي ۽ جيڪب آبادي لهجي ۽ انداز ۾ ’گار‘ جو سنگم ائين لڳندو هو ڄڻ ’مالڪوس‘ ۾ ’چاچاچا‘ موسيقي جي پيوندڪاري ڪئي وئي هئي.
هڪ ڀيري ٻيو دفعو ميونسپل جي چونڊن ۾ بهرو ورتائين خوب پاڻ پتوڙيائين _ ۽ خرچ ڪيائين پر ووٽ مليس صرف ٻه !
شهري رواج موجب هر طبقي جو ماڻهو ساڻس همدري لاءِ وٽس ايندو رهيو ۽ اهو به ورجائيندو رهيو ته هن پنهنجو ووٽ سندس حق ۾ ئي استعمال ڪيو هو! هيءَ حضور شرمي ۾ چانهه بسڪوٽ سان سندن آجيان ڪندي اهو ’ڪُنُ ۽ مَنُ‘ ساڙيندڙ ورجاءُ ٻڌندو رهيو.
آخرهڪ نڪتي تي سندس صبر جو پيالو تار ٿي ڇُلڪي پيو. هن آخري ايندڙ ڏسڻي وائسڻي همراهه کي چانهه بسڪوٽ سان تواضع ڪرڻ بعد ٺيٺ ٻروچڪي لهجي ۾ پنهنجي سامهون ويهارڻ بعد چيو هئائيس،’ادا فلاڻا مونکي ٻه ووٽ مليا هئا؛ ۽ انهن مان هڪ ته يقيني طور منهنجو پنهنجو هو ۽ تون چوين ٿو ته تنهنجو ووٽ منهنجي حق ۾ استعمال ٿيو هو، ته ڇا منهجي جوءِ پنهنجو ووٽ پنهنجي يار جي حق ۾ استعمال ڪيو هو؟ حرامزادا، ڪميڻا، بلهزير، لغور، ڌيجهان، ڀاڙيا صبح کان وٺي تو جهڙن سوڏيڍ سو ڪميڻن، ڪازبين منهنجا ڪن پچائي، دماغ ڍينگو ڪري ڇڏيو آهي _ نڪِر، ڀڄ هتان نه ته شلوار ۾ ٻليون وجهائيندومان ءِ !
مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سندس ڌيءُ کي شاعري سان بي حد انسيت هوندي هئي، ۽ مون کيس ڪئي اردو ۽ سنڌي مجموعا پڙهڻ خاطر ڏنا ها _ ۽ بعد ۾ خبر پيم ته جيڪب آباد جي مغربي پاڪستان سرڪار جي مسلم ليگي وزير درمحمد اوستي جي پٽ سان پرڻجي جيڪب آباد وڃي وسايائين ۽ غلام قادر بلوچ به 1960 جي شروع ۾ خلاجي گرداب ۾ گم ٿي ويو.
غلام قادر’قيس‘جي’ذاتي‘ زندگي تي سوچيندي ليوٽالسٽائي ذهني اسڪرين تي اڀري ايندو اٿم. ٽالسٽائي ۽ هن جي زندگي ۾ ڪئي هڪجهڙايون ۽ تضاد نظرايندا اٿم. ٽالسٽائي جي زال کائنس ارڙهن ورهين کان وڌيڪ ننڍي عمر واري هئي ۽ ’قيس‘ جي گهر واري به کائنس عمر ۾ تقريبا ايترو ئي ننڍي هئي. ٽالسٽائي وڏي عمرجي باوجود برجستو ٻلوان ۽ فٽ هو پر غلام قادر آخري شب جو اجهامندڙ چراغ ڪمزور ۽ جسماني طور هيڻو هو. ان جي ڀيٽ ۾ سندس گهر واريTypical ڳوٺاڻي ڄٽي جهڙي بيهڪ ۽ ’منورتي‘ رکندڙ چنچل، البيلي ۽ جهرڻي جهڙي شوخ نار هئي. ٽالسٽائي جي زال ۾ اهي گڻ گهٽ ها پر، مايا سان محبت مثالي هئس.
رشيد ڀٽي جي اصطلاحي زبان ۾ غلام قادر کي ’ٿاٻي جي ٺوڪر‘واري عادت به هيس جنهن کان ٽالسٽائي مڪمل طور وانجهيل هيو. هيءُ يار ڪڏهن ڪڏهن اياز سان گڏ پنهنجي خاص ساهيڙي ’ڊومڻي‘ جي گهر روهڙي به ويندو هو جتي پتو ڦٽي ڪر کان سواءِ صرف تاس ڦيٽي واپس موٽي ايندو هو! ٽالسٽائي گهر کان ڀڄي نڪرڻ کان اڳ سموري ڄمار نه فقط تاس ڦيٽي هئي بلڪ پتا به اڇلائيندو رهيو هو! ’ڊومڻي‘ جي ذڪر سان غالب به ذهن مان اڀري آڏواچي بيٺو اٿم.
گهڻو پوءِ ڄاڻ پئي هئم ته ڄٽين جي صحت مند روايت موجب مائي صاحبه به وڃي هڻي هنڌ ڪيو هو !
ان مان سُڌِ پوي ٿي ته پيٽ جي بک ۽ جسم جي بک هندو ديوتائي ٽمورتي (ويشنو، شو، برهما) جيان لازم ملزوم آهن؛ جيڪو ان حقيقت کان انڪاري آهي يا ان کي صرف مايا ٿو ڪوٺي اهو جک ٿو هڻي يا غلام قادر جيان ’پاڻ وهيڻو‘ ڪونهي.