سکر
الف ليلوي پير چهٽڻو(پير تسماپا) سنديس اصليت ۽ شناخت آهي. اصليت ۽ شناخت کان پاند آجو ڪرائڻ جو جتن _ منهنجي سوچ مطابق _ ڪنهن اڻ لکي ڀوَ، ڪنهن اڻ ڄاتل ، منجهيل _ ڪيل يا نه ڪيل گناهه يا ڏوهه جي تصور تي ٻڌل ٿئي ٿو. اهڙي تصور جون پاڙون ماضي جي اڻ چٽن ڌنڌ لڪن ۾ کوڙيل هونديون آهن.
خواجا سليم جي ٻهڳڻي شناخت کي ائين ’اڻ ڄاتل اجگرن‘ جو بک ٿيندو ڏسي، الائجي ڇو، هنيانءَ جهڄي پيو هو ¬_ ۽ گهڻو ڏورانهون وسيل پرڀو ناشاد، وجود جي اوناهين مان اڀري ائين اچي آڏو بيٺو جيئن هالي وڊ جي فلمIndependence day ۾ ٻاهرين مخلوق (Aliens) پنهنجي ڊيڄاريندڙ ۽ قهري روپ ۾، انسانن آڏو اچانڪ اچي بيٺي هئي. هونءَ به آءُ ’ٻهروپ‘ پسند ڪين ڪندو آهيان؛ ان کان مصنوعيت، خسيس پڻي ۽ Absurdity جو احساس اڀرندو اٿم. آغا سليم کي اڄا سوڌو _ اندر ۾ شاهين _ ڄاڻندو آهيان. ليکڪ پنهنجي نانءُ ۾ ڪيڏا به واڌو ڪاٽو ۽ جوڙ ڪري پرآءُ کيس پهرين پريت لڙي، واري نالي ’خواجا سليم‘ سان سڃاڻان ۽ سڃاڻندس.
ليکڪ جي ڪهاڻي ’الا، ڪنهن ...؟‘ شيخ حفيظ جي ياد کي تازو ڪري ڇڏيو؛ لڳيم ٿو ته سنديس حياتي جي چوگرد اُڻي ويئي آهي ۽ اها به دل جي آڏاڻي تي, انڪري اداسائي نراسائي چڙ، ڪلپائڻ _ ۽ بغاوت جا اُڻا ان جي تاڃي پيٽي ۾ تارن جيان جرڪن ٿا. انهن جو چتر پرتاثير بڻائڻ ۾ تخيل جي لڀائيندڙ اڏام جو وڏو ڀاڳ آهي. ٻولي تز، سادي، اثرائتي ۽ ٻهڪڻي آهي. اڪثر هنڌن تي شاعري جو گمان ٿئي ٿو.
مونولاگ جي انداز ۾ لکيل ڪهاڻي، ڪارج جي دائري ۾، ۽ ادب برائي ادب جي محور کان هٽيل آهي، ۽ ان ڪارڻ وڌيڪ اتساهت ڪري ٿي.
’آڏترا ڇا آئڙا‘ نسيم کرل جو خاڪو پيو ڀائنجي _ ڪيئن؟
درد جو رشتو جنس نسل رنگ ٻولي مذهب جي لاڳاپي کان وڌيڪ معتبر محترم اٽوٽ ۽ هڪٻئي اندر شاهه جي شعر ’ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن لوهار لپيٽيو، منهنجو جيئه جڙي سپيريان سوگهو ڪيو‘ جيئن پختگي سان سلهاڻيندڙ آهي. ان واحد رشتي ذريعي پاڻ کي ۽ خدا کي (اگر سندس وجود برحق آهي) سڃاڻي ۽ حاصل ڪري سگهجي ٿو!
ان ’....... رشتي‘ اندر موتين ياقوتن سان اڻيل هيءُ جملا اپسرائن جهڙيون سندر تشبيهون:
وقت جو درياهه هو جو هن جي سيني تي ٽيپو ٽيپو سمي رهيو هو سج ڪاپار کان لڙي هليو.....
’وقت جا ٽيپا، سمي سمي، سندس سيني تي مترڪي جيان لڳڻ لڳا. ڇت جي ڪامن کي اڪيلائيءَ جي اُڏوهي کائي وئي هئي. سانت جو زون زون وارو تمام جهڪو پرلاڳتيو آواز سندس ڪنن جي پردي تي ڀيرتي ڏونڪي جيان لڳڻ لڳو.‘
’دالان ۾ سندس دل وانگر هلڪو هلڪو ڌنڌ ڇڊي ڇڊي اوندهه ڇانئجي وئي.‘
’مريم جي اکين مان بي آواز ڳوڙها تسبيح جي داڻن جيان ڪرڻ لڳا، ڪاپار ۾ شِوَ جي ترشول جهڙو چڀڪو پيدا ڪندڙ ۽ من ۾ کپي ويندڙ آهن.‘
’انٽريسٽ‘ وهيءَ جي هڪ اهم ڏاڪي جي زوردار تاثراتي تصوير، جيڪا آئيندهه جي ڏاڪن لاءِ بڻيادي پٿر ثابت ٿي سگهي ٿي.
هيءُ تاثر به ليکڪ جي، وهيءُ جي ان اوائلي ڏاڪي جي اندروني اُڌمن ۽ ترشنائن جو عڪس ڀاسي ٿو جيڪو اڄ سوڌو هن هل هلان جي ٽاڻي مهل بلوغت ۾ اسريل چمڪ سان امرتا ڏانهن، اڻ لکي طور ، سرڪندو رهي ٿو. اها موڙي تخليقي عمل لاءِ املهه ماڻڪ جو درجو رکي ٿي.
ان موڙي جي ماڻڪن ۾ ’مسيت جو سنهڙو ۽ چهنبدار مُنارو ڄڻ آسمان جي دل ۾ تير وانگر ٽنبيل هو! يا امالڪ هن جي دل هڪ وار زور سان ڌڙڪي اڇل کائي، هن جي اکين ۾ اچي پيئي هئي، ’مکڙيءَ جي پهرين مرڪ، اترواءَ جو پهريون جهوٽو، پرهه جي پهريٺي باک‘ يا ’سپنا سپنا اکين سان....‘ دل جي دٻلي ۾ سانڍڻ جوڳا آهن.
’اڪن ڇڪن .....‘ واچڻ بعد مرحوم شيام (هندوستاني فلم انڊسٽري جي پراهن ڏينهن جو ناميارو هيرو) ۽ مرحوم سعادت حسن منٽو جي دوستاڻي سفري ياد جو واقعو (هيپٽولامتعلق) ذهني سطح تي غوطو کائي اڀري آيو آهي.
ان جي وچور ۾ وڃڻ بجاءِ حفيظ سان مترتا نڀائڻ جي ناتي مون کان به نه بخشڻ جوڳا ڏوهه سرزد ٿيا آهن جن ۾ ليکڪ (سليم) جي ڄاڻايل وچور پٽاندر پهريون ۽ چوٿون مون سان لاڳو ٿئي ٿو.
هاڻي ڪفاري ادا ڪرڻ جو وقت به واريءَ وانگيان، وجود جي وڇوٽين مان ترڪندو ڪنهن اڻ ڄاتل اوڙاهه ڏانهن ويندو ڏيکاري ڏئي ٿو. ڏاڍي اٻلاکا اٿم ته سنديس ڪنهن اڌڀت لکڻيءَ جو الٿو ڪري سگهان!ٰ
حفيظ جا طوفاني Platonic نينهن ۽ پيارن جون پاتل ايذائيندڙ ڏکوئيندڙ چهنڊڙيون سنديس تخليقي عمل لاءِ، منهنجي ذاتي مشاهدي موجب، مهميز جو ڪم ڪنديون هيون. جهڙوڪ، مبوءُ (اياز) ڏانهن رويو جنهن جي نتيجي ۾ سنديس شاهڪار ڪهاڻي هز ماسٽرس وائس جي رچنا ٿي هئي. (جيڪا پهريون ڀيرو مونکي پڙهائي راءِ طلبي هئائين.) مون کي چڱيءَ پر ياد آهي ته انهن چهنڊڙين جي ٽمورتي Troika)) جو مهندار مبو هو ۽ ٻانهن ٻيلين ۾ شاهه بخش شاهه (سندس جونيئر ۽ ان ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار ۽ ’ماستر‘ مبو پاڻ هو. شاه بخش شاهه کي سڀيئي مبو سميت مذاق ۾ ڊبل شاهه ڪري ڪوٺيندا هئاسون) ۽ بگن (رشيد ڀٽي) هئس ان دور ۾ به رشيد جي ساڻسUnqualified شموليت Unholy ڀاسندي هئم ۽ وسهڻ ۾ ڪين ايندي هئم ۽ اڪثر اچرج ۾ پئجي ويندو هئس. بگن پنهنجي سڀني ڪمزورين جي باوجود پرخلوص سٻاجهڙو انسان هيو پر، مبوءَ جي ڪاري پليت جادوءَ کيس منڊي وڪوڙي ڇڏيو هو.
هڪ شڪارپوري پدمڻي روپي ڪامڻيءَ سان مبو جمال صديقي، حفيظ جي گڏيل جنوني عشق هنن ٽنهي لاءِ ڪلپنا ۽ رچنا جا اڻ ڏٺل گس کولي ڇڏيا.
هن ڪامڻي لئه گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن گهڻگهري (بعد۾ سرڪيءَ ٻڌايوهئم ته اهو گهڻگهرو هو پاڻ هيو) مبوءَ کي ساڻس شادي جي صلاح به ڏني هئي (زرينه سان شادي کان اڳ) جنهن تي وراڻيو هئائينس ته سنديس (ڪامڻي) هڪ ساڙهي جي قيمت سندس (مبو) جي مهيني جي پگهار کان به گهڻو وڌ هئي! هن Untamed گرڙ تي سواري صرف ويشنو ڀڳوان ئي ڪرڻ جو اهل هو!
حفيظ لاءِ هڪ سنڌي ليکڪا (هاڻي مرحومه، سان سندس هڪ طرفي پريت سندس وجود م واچوڙو بڻجي وئي؛ ان کان گهڻو پوءِ هڪ خيرپوري پنجابڻي ڊاڪٽر سان ٻه طرفو ’طوفاني سنگم‘ روميو، بائرن، ڪيسونووا جون يادون جاڳائي ويو. ان سمئه جون هنن
ٻنهي محبوب روحن جون ڪنهن آرٽسٽ (گل منگي خيرپوري) جون آئل ۽ واٽر ڪلر ۾ بڻايل پينٽنگس شايد ڪٿي محفوظ هجن اهي فن ۽ تاريخ جي حوالي سان ڏسڻ سان تعلق رکن ٿيون!
آخر ۾ راجن پور جي هڪ مرگهه نيني سانوري سلوڻي سندريءَ سان سندس پيار جي خوشبو هڙاپا وادي ۾ رچجي ويئي جنهن ٻنهي کي هڪٻئي سان آدم حوا جيان مالها ۾ پوئي ڇڏيو.
هڪ لڱا مبو عيسائيت جي ’اعترافي متي‘ وانگر سور سليندي ٻڌايو هئو ته سامائجڻ ۽ نه سامائجڻ جي اڻ لکي وٿيءَ اندر هُنَ ’گرڙ‘ جي قربت سان پاڻ کي خوب گرمايو هو ۽ اهو به سياري جي ولهه جهڙين ٿڌين راتين ۾! ان مهل گرڙ شيڪسپيئر جي ڊرامي Taming of Shrew جي مرڪزي ڪردار جيان البيلو، من موجي، چنچل ۽ اڻ هيراڪ هيو! ان Raw گرڙ جو مزو اهڙو هو جهڙو سري نگر جي نسيم باغ مان وڻ تان تازي ڇنل لوڪاٽ ۾ هوندو آهي. يا جيئن ڄڻ زيارت ريزيڊنسي جي وڻن تان پٽيل تازين بادامين اخروٽن ۽ پستن م هوندو آهي !! اها ’مايا ‘ مبو جي جيون جي املهه ميراث هئي (جيڪا بعد ۾ پيڙيندڙ ’ياد ‘ بڻجي وئي).
مبو چواڻي ”سن 1940ع جي آخري ڏهاڪي واري شڪارپور جي سياري جي ولهه جهڙي رات ’ٻه تازا ، کير جيان اڇا اجرا، رابيل ۽ موتئي جي هٻڪار بخشيندڙ، اندر لوڪ جي ديوي ۽ ديوتا جيان سدا بهار ۽ من موهن جيوَ عشق، پيچان جيان سوڙ جي تهن هيٺ، هڪٻئي جي آغوش ۾ وچڙيل، ازلي ابدي آدم ۽ حوا جي ڏک ڏيندڙ ۽ مٿان سڳند ڀريل گرم ساهن جو زيرو بم.‘ ڪامڻي جي ڪڇ ۾ وسيل زندگي بخش حرارت، ان ۾ موجود الوهي سوز ساز ۽ گداز ڄڻ سموري ڪائنات کي سهيڙي ان هڪ انمول نڪتي تي ائين آڻي بيهاريو هيو جيئن اڄ سموري دنيا گلوبلائيزيشن تحت ويڙهجي سيڙهجي ننڍڙي گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي وئي آهي.
۽ اهڙيون انيڪ راتيون ’لالٽين‘ جي نج روشني ۾ هڪٻئي پٺيان اينديون _ ۽ وينديون رهيون. ان نڪتي تي ڄڻ وقت به ولهه جيان ڄمي بيهجي ويو هو.
ائين پنهنجي سموري تخليقي ڄمار هرڻ جيان بيابان ۽ رڃون جهاڳيندي پنهنجي ازلي اڃ هرڻين جي سنگ سندن وجود ۾ سمايل ماکيءَ جهڙي لار ۽ گلن جهڙي سڳنڌ جو واس وٺندي ٻجهائيندو رهيو هو.
جڏهن سن 55_1954 ع ڌاري حفيظ ڪراچي مان تار ذريعي سڌ ڏيندي ڄاڻايو هئس ته ’گل هميشمه لاءِ مرجمائجي ويو!‘ ته ائين لڳو هو ڄڻڪ سندس پراڻ پکيئڙو اڏامي ويو هئس. ان بعد هيٺيون درديلو خط لکيو هئائين.
’وقت پنهنجو وقت وٺندو.
منهنجي ساز جون ٽٽل تارون ڳنڍڻ ڪافي مشڪل ڪم آهي هڪ نظم موڪليانءَ ٿو! منهنجي دماغ جو توازن ايترو نه آهي جو ان جي خوبين يا خامين جو صحيح اندازو لڳاڻي سگهان جي اهو شايع ڪرڻ ضروري سمجهين ته لکندڙ جو نالو بلڪل نه ڏجانءِ ڀل گمنام رهي.
هڪڙو عرض ڪريانءِ سندس قبر تي منهنجي پاران رابيل جون ڪنڍيون وجهجانءِ ’رابيل‘ کيس نهايت وڻندي هئي هن جي جان وتن ۾ به رابيل جي رنگت ۽ خوشبو هئي.
ٿي سگهيئي ته ’پنهل کان پوءِ‘ جون آخري سٽون دعا وقت پڙهجانءِ.
”اجل جو بي پناه سيلاب به توکي مونکي وڇوڙي نه سگهندو
لڙهندا لڙهندا هڪ ٻئي کي چنبڙنداسي ۽ وڃي ڪائنات جي ٻئي ڪپر تي ڪرنداسي.“
هي خط منهنجي تو وٽ امانت آهي، اميد ته ڪنهن کي نه ڏيکاريندين. تنهنجو مرحوم. (نوٽ: محمد ابراهيم جويو کي لکيل سن 1954ع ) ش ڪ.
ان ڪامڻيءَ جا آمريڪا، سري لنڪا مان مبوءَ ڏانهن، لکيل خط ادب جي شاهڪار رچنائن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا ۽ سندس ڏانهنس موڪليل پريم پتر ’پنهل کان پوءِ‘ جي سري هيٺ ڪتاب م ڇپيا هئا. ڪامڻي جي مٿي ذڪر ڪيل درلڀ اڻ ڇپيل خط مون وٽ حفاظت سان سانڍيل آهن جيڪي مناسب وقت تي پنهنجي جيوني ۾ پڌرا ڪيا ويندا. انهن خطن جي ’جڳ بيتي پاڻ بيتي‘ حسن ۽ پرڪاري وان گاگ، مادام دي سيوين(Sevigne) جارج سئنڊ، ڪيٽس، نيپولين جوزفين ۽ صفيه اختر جي ياد تازي ڪري ڇڏي هئي.
ان کان علاوهه ساهيوال (منٽگومري) جي هڪ ٻي هيرنما جادوگرڻي (عذرا) جا حفيظ ڏانهن لکيل محبت ناما به ذهن جي پردي ته هري آيا آهن. انهن ۾ سمايل ادبي چاشني ساءُ ۽ سواد به يڪتا حيثيت رکي ٿو هٿ پير هلائڻ سان ڪنڊ پاسي لڀجي پوندا. پر، راجن پور جي راڌا کيس پاڻ سان سلهاڙي رچائي هميشه لاءِ اڪن ڇڪن جي ڪيفيت ۾ منڊي ڇڏيو ۽ اهو سلسلو سندس زندگي جي جوت اجهامڻ، نومبر 1971ع تائين برقرار رهيو هو.
ماضي ۾ ٽٻي هڻندي هڪ ٻيو واقعو هري آيو آهي. سن 1960ع ڌاري شيخ حفيظ سکر ۾ اي پي پي جو بيورو چيف هو. انهن ڏينهن ۾ ساڌٻيلي جي سالياني ميلي جي ڌم لڳل هئي. جهونو خواجا سليم به سکر آيل هو ٻنهي همراهن ساڌٻيلي ڏسڻ لاءِ زور ڀريو _ ان سمئي مسلمانن جي داخلا تي امڪاني وڳوڙ جي ڀوَ سببان روڪ وڌل هئي.
پتڻ تي بيٺل پئنچاتي همراهه سان گهاٽي ڏيٺ ويٺ هئم سندس پڇاڻي تي هنن ٻنهي جوڌن جي سڃاڻپ حفيظومل ۽ سليمو مل ڪرائيندي کين بلوچستاني واڻيو ڄاڻايم.
ان پوتر رمڻيڪ ٻيٽ تي پير رکندي ئي اچانڪ حفيظ جي نظر هڪ وچولي ڪڙروڍ رائفان تي پئجي وئي جيڪا ڪاهوجي دڙي کان به وڌيڪ ڀڙڀانگ ۽ ڦٽل ڏيکارجي رهي هئي. کيس ڏسندي ئي ڄڻ سپ سنگهي ويس ۽ پنڊ پهڻ بڻجي ويو!
ڪجهه ساعتن بعد سامت ۾ ايندي انڪشاف ڪندي ٻڌايائين ته اها زائفان چالهين واري ڏهاڪي ۾ سندس ڇوڪراڻي اوستا ۾ خيرپور ۾ ملوڪ ڇوڪري ليکي ويندي هئي. دستور موجب هن کيس پنهنجي دل جي سنگاسڻ تي براجمان ڪري ڇڏيو هو. خيرپور جا وڻ ڇڏڻ بعد هوءَ ڪڏهن ساڀيا ۾ ڪٿي ڪين مليس؛ پر سپنن ۾ هميشه لاءِ سمائجي ويس! هينئر هن اڳوڻي ملوڪ ۽ من موهڻي جي دردشا ڏسي سندس هنيانءَ هڄڻ، وسامجڻ سڀاويڪ هيو.
ساڌٻيلي ۾ ڊگهي مدت پڄاڻان پنهنجي من جي راڌا کي اڇي مٿي، ڀڳل ڏندن، ڪُٻُ نڪتل، وقت کان اڳ آيل، ڪراڙپ جي کنڊر واري روپ ۾ پسي حفيظ جو پنڊ پهڻ بڻجڻ فطري هو. هتي مونکي چارلس ڊڪنس ياد اچيم پيو جنهن پڻ ڇويهن ڏنگيندڙ ورهين کان پوءِ پنهنجي مستاني محبوبه ’ماريا بينڊنيل‘ کي ڏٺو هو. هوءَ ٿلهي، کنڊي ۽ بدصورت ٿي ويئي هئي اهو روح فرسا منظر پسي ڊڪنس ڄڻ وسامي ڪنهن گهري ٻوساڻيندڙ دٻڻ ۾ وڃي ڪريو هو!
اهڙي ياد جيڪا ڪنهن ڪنواري معصوم اجلي اجلي سندرتا جو ويس اوڍي حسينه جي چاهنا لاءِ وقت جي اڻ کٽ گهراين ۾ ڄميل هجي ان جو ڪو بدل ڪداچت نٿو ٿي سگهي!
اهڙي ئي ياد مون کي ’هن معصوم‘ مرگهه نيني گل بدني جي آئي، جنهن جي سَنڌَ سَنڌَ مان سوم رس پئي ڇلڪيو، سندس بدن جا گهرا ٿي اڀرندڙ ور ۽ ونگ هماليه جي اڻ ڳڻت سندر ۽ لڀائيندڙ ورن وڪڙن جن مان گنگا منداڪني الکندا شانائتي ۽ پر وقار ٽور سان رٽن ڪنديون اڳتي وڌنديون رهن ٿيون، کي به لڄائيندا هئا! انهن ٽنهي ’ڀينرن‘ جي سونهن سڳنڌ ۽ چنچلتا ’مڌومتي‘؟ آڏو ڦڪي لڳندي هئم!
ان لطيف جذبي يا احساس جي اوچتي اڀرڻ ۾ ڪنهن انڌي قوت جو واسو بلڪل ڪونهي ، پر ان اندر ڪو نور يا روشني سمايل آهي!
مڌومتي جون اکيون پسي ائين لڳندو هيم ته ڄڻ سهڻي جام ۾ شراب اوتيو ويو هو!
ڪڏهن ڪڏهن روح ۾ ٽٻي هڻي ساڻس ورونهن ڪندي ائين لڳندو اٿم ڄڻ ان اندر گيت گووند اوتجي رهيو هجي!
هينئر به سکر ڀيرو ڪرڻ وقت والس روڊ ۽ بندر روڊ تي پنهنجي پورن ۾ غلطان گهمندي هڪ گل جهڙو تازو ۽ معطر چهرو نظرن آڏو اچي بيهندو اٿم جنهن کي ٻالڪ اوسٿا ۾ چاهيو ۽ ساڻس رانديون رڇايون هيم اها ڄمار اهڙي هئي جنهن ۾ صرف پريم سان پريم ڪيو ويندو هو _ هينئر اهي معصوم ۽ ڪيمخوابي مهانڊا يقيني طور سامائجي ڳردار، رس دار، پروقار _ ۽ هڪ پيار ڪندڙ بالغ ديويءَ جي روپ ۾ بدلجي ويا هوندا. سندس تر اکڙين جي گهرائي اندر هينئر به ان الهڙ معصوميت جا پاڇاوان ضرور موجود هوندا ! يا ......
ڊاڪٽر عمر جاگيراڻي ۽ نسيم کرل (مرحوم) کي پنهنجو پاڻ ۾ ويساهه ڪين هو انڪري قلندر جي مزار تي وڃي کيس ٻاڏائي پٽ ڏيڻ جي دعا گهري هئائون. مان ڀانيان ٿو ته ٻين جي ٿوڻين جي مدد سان پيدا ٿيل اولاد ’ڪنتري ۽ ڪنٽور‘_ شل ائين نه هجي! پر، پوهو پاڻ 0ندين ڏاند هو کيس قلندر يا رب جي ويساکين جي ضرورت ڪين هئي. لڳي ٿو ته پهريان ٻه يار ان مڻيا کان شايد وانجهيل هئا.
نسيم کرل جي هڪ ٻي مڻيا تاس جي تقريبا هر راند ۾ مهارت هئي؛ اگر سکر ۾ پيدا ٿيو هجي ها ته ماستر محمد حسين آزاد (رشيد ڀٽي جي سوٽ) ۽ محمد نواز پٺاڻ وڪيل (گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽ پارٽي سکر جو سيڪريٽري) جي ’ٽپتئي بازيگرين‘ کي ٻنجو ڏئي کين پالهو ڪري سندن سون ورنين ٽڪرين تي قبضو ڪري نه صرف مال مليدا ويٺو کائي ها بلڪ غير فطري اجل جي شڪار ٿيڻ کان پاڻ بچائي افسانن ڪهاڻين جا انيڪ مجموعا خلقي ادب جي ڀنڊار کي مالا مال ڪندو رهي ها.
حفيظ ته ماڳهين کيس ٽه پتئي ڪوٺيندو هئو. جڏهن حفيظ جي پوسٽنگ دوران خيرپور ويندو هئس ته نيسم کي اڪثر وٽس موجود ڏسندو هئم، مون سان هڪ هندو سرڪاري ملازم به گهڻو ڪري گڏ هلندو هو. کيس ڏسي نسيم جي اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي ۽ واڇون ٽڙي پونديون هئس، واپسي مهل هندو همراهه جو منهن ڪوماڻيل، کُسيل، ۽ نسيم جو چهرو ٽڙيل، ٻهڪندڙ نظر ايندو هو! ان بعد ٻئي همراهه اسان کان ڪجهه دير جي مهلت وٺي ڪيڏانهن الوپ ٿي ويندا هئا.
پوهومل، شيخ حفيظ، مرغوب بخاري، نورالدين سرڪي سنڌ جيRenaissance جا اڻ ڳاتل جوڌا، سورما Heroes هئا. سنڌ جي Renaissance جا اهم عنصر وطن پرستي انسان دوستي ۽ سچ سونهن، نيڪي ۾کتل آهن. اها نئين روشني جي تحريڪ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي اثر مهانتا ۽ ڪارج ۾ اٽلي جي پندرهين صدي جي Renaissance جي اٿل کان گهٽ اهم ڪونهي. هن جي لپيٽ ۾ سمورو يورپ اچي ويو ۽ هن جي اثر هيٺ ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي تائين سڄي سنڌ رڱجي وئي. ان ڪارڻ هنن دانشورن جو درجو ٻين ’مڙيني‘ کان سرس ۽ مٿيرو آهي.
عمر جي سڀاويڪ ۽ اڻٽر پالوٽ جسم کي يقني طور نٻل جهڪو ۽ جهرندڙ بڻايو ڇڏي ٿي، پر جذبي جي جولاني اڪثر حالتن ۾ سر سيري ٿيو وڃي ۽ قلم کي پڻ وڌيڪ سگهارو پختو ۽ بلوغت سان همڪنار ڪريو ڇڏي. ان ڪُلئي کي پنهنجي پنهنجي ميدان ۾، هنن يارن مٿان عملي طور لاڳو ٿيندو ڏٺم.
اِها چوياري پوهو، حفيظ، مرغوب ۽ سرڪي جيئن ته ساڃهه، ساهس سگهه سرويچي ۽ سچائي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي انڪري رستي جي رنڊڪن(انياءُ زوراوري طبقيواريت ڏاڍ ڇل ول، پاکنڊ) منجهن سڀاويڪ طور هاڪاري ۽ ناڪاري لاڙا رخ ۽ مزاج پيدا ڪيا جهڙوڪ زود رنجي، سيمابي ڪيفيت ۽ عزم ۽ ادم وغيره. انهن متضاد قدرن ۽ رخن جي باوجود سندن خلوص، اجرائپ ۽ پريم جون ڀاونائون ڪڏهن به ڇمرجي ڪين سگهيون.
منهنجو ساڻن پختو ناتو ۽ ياري 56_1955ع کان رهي هئي ۽ پنهنجي آزمودي ۽ مشاهدي جي بنياد تي آءُ کين ٽن خانن (Categories) ۾ هيٺين طور ورهائڻ پسند ڪندس:
پوهو ۽ حفيظ__________گرم ڌر کاٻي پاسي لڙيل (ٽانڊي تپڻا)
مرغوب_______________ گرم ڌر کاٻي پاسي لڙيل (اعتدال پسند)
سرڪي__________________ گرم ڌر، کاٻي پاسي سوچ سان سلهاڙيل (ننهن سوسڙو)
خواجا سليم جو تعلق پوهو، حفيظ ۽ مرغوب سان وڌيڪ ڳوڙهو تند بنا تار جيان رهيو هو انڪري سندس مزاج ۾ مٿي ڄاڻايل کٽ مٺيون خاصيتون سر سيريون آهن جن تي بي اختيار پيار ۽ گڏو گڏ چڙ به ايندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن آغا سليم ۽ حميد چواڻي، فلاڻي چوپائي جيان جڏهن ٽڪر تي چڙهي ويندو آهي ته اتان موٽائي لاهڻ جو ڪنهن کي ساهس ڪين ٿيندو آهي. پر اها چڱي ڳالهه آهي ته پاڻيمي ٿورڙي سمئه پڄاڻان، اٻاڻڪائي هيکلائي يا شايد خدائي ڀو سببان هوريان هوريان هيٺ لهي يارن ۾ رلجي ويندو آهي .
سندس چواڻي سندس منجهيل سُٽَ کي سلجهائڻ ۾ مٿي ڄاڻايل چوياري کان علاوهه سوڀوگيانچنداڻي ۽ محمد ابراهيم جويو گڏجي سهائڪ ٿيندا هئس. ڪنهن به گنڀير مسئلي ۽ پيچيدهه وشيه کي خوش اسلوبي سان متوازن طور نڀائڻ، حل ڪرڻ لاءِ گرم ۽ نرم سوچ ۽ عمل جو هجڻ ڪداچت ۽ لازمي ٿئي ٿو ۽ نتيجو اڇا پٽاندر نڪرڻ جو قوي امڪان موجود رهي ٿو. ان اڌڀت ميلاپ کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ گنگا جمني سنگم جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. انهن مقدس ۽ پوتر درياهن جي ميلاپ جي نتيجي ۾ پرياگ (الهه آباد) جو تاريخي ۽ رنگا رنگ ثقافتي مرڪز جنميو! ان کان علاوهه هن ڌرتي تي مختلف سوچ _ ڌارائون رکندڙ شخصيتن جو ميلاپ پڻ انقلابي، ادبي سياسي تحريڪن نظرين جي رچنا ۽ جنم جو ڪارڻ بڻجندو رهيو آهي. جيئن اڻ ورهايل هندوستان ۾ هڪ طرف نهرو، نراد چوڌري ۽ ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن ۽ ٻئي طرف ايم اين راءِ، سباش چندر بوس ۽ سردار ڀڳت سنگهه _ يا لينن ڪاسٽرو، چي گويرا ۽ ٻئي طرف ڪرسٽوفر ڪاڊ ويل، سارتر ۽ پيبلو نرودا وغيره.
عشق چاهي، Platonic هجي (جنهن کي سنڌي ۾ غير پارليامينٽري لفظ ’جهرڻ‘ سان تعبير ڪري سگهجي ٿو) جيڪو وڌاتا گهڻي ڀاڱي حفيظ جي حصي ۾ لکي ڇڏيو هو، يا وري ’آسودگي‘ ۾ سمايل هجي جيڪو مبوُ جي مقدر جو اٽوٽ انگ هيو؛ تخليقي عمل لاءِ ’تازي کي اشارو‘ جيان آرٽ ۽ ادب جي تاريخ ۾ تپرس ۾ وجهندڙ مهميز ڏيڻ جو موجب بڻبو رهيو آهي.
ان ڏس ۾ مبو ۽ حفيظ کان علاوهه موپسان بالزاڪ، ڀرتري هري، سيفو، ڪئٽولس، بائرن، جارج سئنڊ، چنڊي داس، آسڪر وائلڊ، فرئنڪ هيرس، بوڪاشو، شاپن، ڊوما، اُمارو، عمرخيام، امرتا پريتم ۽ ٻيا ڪئي ناليرا سرجڻهار، جيڪي عشق جي راهه جا پانڌئيڙا هئا اڄ سوڌو جڳ مڳ ڪندا ڏيکاري ڏين پيا.
ماياواد، ايڪو _ اونڪار ، ۽ برهم شاستر جي فڪر جو جڳ پرسڌ فيلسوف شڪرآچاريه (اٺين صدي عيسوي)، پيار عشق سنگيت جي الوهي سرن جا عالمي شاعر ورجل، ڪيٽولس، ڪيٽس، شيلي؛ هيري زمرد ماڻڪ پکراج يا قوت لعل نيلم موتي جهڙي سهڻي سپڪ ملوڪ ٻهه ٻهه ٻوليءَ ۽ انڊلٺي ڪپنا جي اڻت ۾ رڱيل سرجڻهار آسڪروائلڊ، مکڙين جيان نازڪ بدن، پوتر امرت ۾ ڌوتل صاف شفاف معصوميت ۾ اوجل اوجل جڳ مشهور ائيني فرئنڪ Anne Frank))، تورودت، (Toru Datt) ۽ گيتانجلي (Gitangli) ڌوتل ڌوتل جذبن ۽ احساسن جون Teen age ليکڪائون جيڪي سموري انسان ذات ۾ چانڊوڪي جي ڇهاءُ جهڙو امر تاثر ڇڏي ويون؛ اهي سڀئي پنهنجي پنهنجي فن جي عروج، ۽ جواني جي ڦوهه ۾ انسان ذات کي جدائي جو ڏهاڳ ڏئي ويا. ڪجهه سمهءُ وڌيڪ جيئرا هجن ها ته الائجي ڪيترا ۽ ڪيڏا اتم شاهڪار سرجي انساني ميراث ۾ املهه اضافي جو باعث بڻجن ها! حفيظ به اهو جينئس هو جيڪو پنهنجي تخليقي ڦوهه ۽ جواني جي ڏاڪي تي قدم رکندي اوچتو انتر ڌيان ٿي ادب جي اوسر کي ويڳاڻو ڪري ويو _ ايڪيتاليهه ورهين جي ڄمار ۾.
پوهو ۽ حفيظ جي ’تپيل تند‘ کي ساريندي ياد اچيم پيو ته هڪ ۾ گرناري گجگوڙ جوف واسو هو ۽ ٻئي ۾ ڀاڳناڙي ڏاند جي رنڀ جو اثر. هڪ کي اوچتو ڪتڙيون وچڙي وينديون هيون ۽ ٻئي جي مزاج ۾’ٽانڊي تپڻي‘ ڪيفيت کجيءَ جي جن جيان نروار ٿيندي هئي. پر ٻنهي ۾ اندر جي اوجلتا خلوص ۽ سوچ سان اٽل لڳاوُ Uncompromising ۽ Unbound هيو.
هڪ پراڻي ياد هري آئي اٿم. ان سمهءَ ( 57_ 1956ع ) حفيظ ميٺارام هاسٽل جي 81 نمبر ڪمري ۾ ۽ رباني 31 نمبر ڪمري ۾ رهندا هئا شايد خواجا سليم به حفيظ سان گڏ رهندو هو. مان سکر کان ڪراچي آيل هئس رات جي ماني حفيّظ ڪئي هئي. هاسٽل سامهون گهڻ منزلي بلڊنگ شايد ڌني رام _ ۾ ڪنهن مٿيئن منزل تي حفيظ جي ويجهي مائٽياڻي جي فليٽ هئي. ان زماني ۾ رباني، سليم آءُ ۽ حفيظ شريڪ هئاسون. ’کاٻي سوچ‘ جي ڪنهن گنڀير رخ تي گرما گرم واد وواد چالو هو.
لڳم ته رباني Mockery واري نوع ۾ حفيظ ۽ سندس آدرش جو مذاق آُڏايو. هن کيس وات سان ڪجهه ڪين چيو فقط کن پلڪ لاءِ مٿس قهر آلود نظرون وڌائين ۽ بسن رباني نه صرف خاموش ٿي ويو پر، منهن جو پنو به صفا لهي ويس. مبو جو رويو به حفيظ ڏانهن ساڳيو هوندو هو. حفيظ استطاعت آهر کيسReply ڪرڻ ۾ ديرڪين ڪندو هو. اهڙو رويو ۽ ڪيفيت دراصل دراصل Declassification جي پرويس جي ڪک مان جنمي هئي. پهرين ڌر جا سوروير حفيظ، پوهو، مرغوب، خواجه سليم ۽ راقم الحروف هئا؛ ٻيءَ ڌر وارا ڦوڪڻي جيان ڦنڊجندڙ يارمبو، رباني، سراج، قادر صديقي بعد ۾ فتاح ملڪ به ان لڏي ۾ پاڻ کي ’رجسٽر‘ ڪرائي ڇڏيو هو.
مبو ۽ حفيظ بابت سوچيندي خيال اتپن ٿيو آهي ته ٻنهي ۾ مشترڪ (Common) ۽ متضاد (Uncommon) عناصر ڪهڙا ٿي سگهن ٿا: مبو به شيخ ابن شيخ ۽ حفيظ به شيخ ابن شيخ، پهريون شيطاني ۽ ٻيو رحماني. ٻيئي ادب جا جاندار امر ۽ عظيم ڪردار ۽ جينئس سرجڻهار ، ٻئي سونهن سوڀيا ۽ سڳنڌ جا ڪوڏيا ٻئي اڻٿڪ چريائپ جي حدن کي ڇهندڙ ادب جا پاٺڪ. ٻنهي وٽ ڪتابن جو املهه خزانو.
هڪ حقيقي عشق ۾ اونهو گتل، سماجي ٻنڌڻن کان بلڪل آزاد، بي پرواهه. ٻيوافلاطوني عشق جون سرڪيون ڀريندڙ، اخلاقي لاڳاپن ۾ جبرو جڪڙيل، هڪ ايپيڪيورس وادي، ٻيو ڪٽر مارڪس وادي.
هڪ ’بي اصولي‘ جي متي تي ازل کان قائم، ۽ ٻيو اصول تي ڀت جيان پختو بيٺل. هڪ ڪريون اي، پليئرز ٿري، برڪلي، ٿري ڪاسلس برانڊ سگريٽ ۽ اسڪاچ جو ڪوڏيو، ٻيو ڪي ٽو برانڊ سگريٽ، ٺري ۽ ڪڙڪ چانهه جو ڪانکي (جيئن وڪٽر هيوگو ڪڙڪ ڪافي جو ڪوڏيو هوندو هو.)
هڪ پيوڙي يار جيوڙي يار جي ’فڪري عمل‘ تي عمل پيرا، ۽ ٻيو ’جيئو جيئڻ ڏيو‘ جي فلسفي جو قائل.
هڪ ڳلي ۾ ڪنفيوشسي اخلاق، ڪاماسُترائي طريقت ۽ ’ڊان زواني‘ هلت جي منڊيندڙ مالها هر وقت پاتل.
ٻئي جي ڪلهي تي مسيحي اخلاق، ٻوڌي سکيا، مارڪسي متن جو ڳٽڪي نما ڳؤرو صليب_ اڻ ڏٺل خدا جيان_ هر دم موجود. ٻئي ڦوهه جواني ۾ ڪسرت جا ڪوڏيا.
هڪ من موجي خرمست. ٻيو سکڻو خستهء حال.
هڪ تانا شاهن جيان اوچي اڏام ۽ مرتبن جو ڪانکي. ٻيو ٽالسٽائي جيان قلندري ۾ پناهه جو متلاشي.
هڪ ڀٽو جي ڪاراٽجندڙ بت ۾ خدا جو جلوو پسڻ ۽ پسائڻ جو ڪانکي. ٻيو ان بت کي پاش پاش ڪري سنڌ مٿان ’گرهڻ‘ ڏور ڪرڻ جو خواهشمند.
”حفيظ ان سلسلي ۾ پنهنجي ڊائري (اڻ ڇپيل_ اپريل سنه 1970ع) ۾ زلفي بابت ڪيڏي نه پيغمبراڻا اڳڪٿي ڪئي هئي_ هينئن سان هنڊائڻ جوڳي آهي، ”جيڪڏهن زلفيءَ جيان اسلامي نعرا لڳندا رهيا ته ساڄي ڌر انهن نعرن مان پنهنجو مقصد پورو ڪندي رهندي.“
اوچتو انقلاب ته في الحال ڪين ٿو اچي_ خود زلفي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ بيهي سؤڪارنو جيان سؤدي بازي ڪرڻ ٿو گهري. سؤ ڪارنو جو حشر به ڏسڻ نٿو گهري_ هو ان کي اتفاق ٿو سمجهي_ جيئن ڪو چور ٻين چورن جي پڪڙجڻ مان اهو سبق نه سکندو آهي ته، ”29 ڏينهن چور جا ۽ ٽيهون ڏينهن ساڌ جو.“
هتڙي هڪ پراڻو ’الهام‘ به ياد اچيم پيو. پوهو حفيظ ۽ مرغوب جي ’منٺار ياري‘ ذهن نکار مترتا جيڪا سدا مون لئه، خواجا سليم لئه سنڌوءَ جيئن وهڪ ۾ رهي هئي اها اسان جي مشترڪ دوستن آنجهاني رشيد ڀٽي ۽ آغا سليم کي ڪين آئڙندي هئي ۽ آهي! خاص طور حفيظ سان قرب ۽ انسيت، حالانڪ هو هنن ٻنهي جو پڻ ويجهڙو پيارو ۽ محبوب دوست به هو، هنن جو هيءُ الزام ته اسان ٻيئي حفيظ جي ادبي سياسي فيڪٽري جا اصلوڪا گهڙيل روبوٽ آهيون؛ عجيب ۽ بعض اوقات ڏکوئيندر محسوس ٿيندو اٿم. منهنجي خيال ۾ هر سرجڻهار پنهنجو خدا ۽ ناخدا پاڻ هوندو آهي، اهڙي قسم جي ’کل ڀوڳي‘ مان تاثر ۾، قربت ۽ ياري واري ڪنئري چهنڊڙي، جي لکا پوندي آهي جنهن جي مافي الضمير ۾ ڳجهي فتويٰ، سمايل ٿئي ٿي. فتوائون هاڪاري ۽ ناڪاري ٿين ٿيون، هن کي تارازي جي ڪهڙي پڙُ ۾ رکيو وڃي ؟
سنڌي اديبن ۽ دانشورن ۾ حفيظ ۽ مرغوب سان منهنجي انسيت ۽ دوستي ائين مثالي هئي جيئن هندو ڏند ڪٿا ۾ ڪرشن ۽ ارجن، سياسي ميدان ۾ ڪاسٽرو ۽ چي گويرا ۽ ادبي سرزمين تي فلوبيئر ۽ موپسان جي هوندي هئي.
حيدر بخش جتوئي ۽ حفيظ جو انت پراچين سمئي جي ’چارواڪ ناستڪ‘ رشين جيان پر وقار ٻهڳڻي انداز ۾ ٿيو هو. پنهنجي متي ۽ فڪر تي آخر تائين اڏول بيٺا رهيا. کانئن پوءِ سرڪي ۽ مرغوب بخاري پڻ ساڳيءَ ڌڄا ۾ بلند حوصلي سان عدم جي بي ڪنار وسعتن ۾ بلند ٿي اڻ مٽUncompromising ڇاپ جا هينئين سان هنڊائيندڙ نشان ڇڏي ويا.
ليڪن مبو جو انت هنن يارانِ ڪيف جي برعڪس رجعتي ۽ ڪٽرپنٿي حلقن سان اڻ لک ڊيل ۽ اڻ اظهاريل ٺاهه جي نتيجي ۾، ظاهري طور،’آستڪي سنت‘ جي پدوي جيڪا سندن پاران ڏنل ’ويساکين‘ جي سهائتا سان پلئه پئي هئس تي پهچڻ بعد اوچتو ساڳئي عدم جي بي انت گهراين ۾ الوپ ٿيڻ سان ٿيو. عدم هر جاندار يا بي جان وجود جو مقدر آهي فرق صرف ايترو آهي ته ڪن کي ان جي بيڪران وسعت جون بلنديون نصيب ٿينديون آهن ۽ ٻين کي’پستيون‘!
مرغوب جي صورت مائيڪل ائنجيلو جي لافاني شاهڪار Moses جيان اڳيان اچي بيٺي اٿم. هيءُ يار پنهنجي وجود جي پيڙت ۽ ڏکوئيندڙ گهڙين ۾ به پنهنجي دل آويز مرڪندڙ شخصيت، پنهنجي ڪردار جي اڏولتا، ۽ ان ۾ روان مٺاس محبوبيت ۽ دلڪشي کي قائم رکندو رهيو. موتمار مرض جي آخري مهينن ۾ منهنجو وٽس وڃڻ جو ڀيرو نه ڀڄندو هو. انهن يادگار گڏجاڻين ۾ اسان جا ساکرو جهونا يار سيد فصاحت حسين ۽ ابن ايوب (هاڻي مرحومين) به هوندا هئا. مان ان اڻ وڻندڙ جرڪندڙ حقيقت جو ساکي آهيان.
اسان جون مصلحتون، جنهن کي آءُ پاکنڊيپڻو سڏيندو آهيان کنڀجيل يارن، ماڻهن کي منافق وغيرهه چوڻ کان روڪينديون آهن؛ ڇو جو، گهڻو ڪري همٿ جي گهٽتائي، خود غرضي ۽ ذاتي مفاد دڳ جهليون بيٺا رهن ٿا. جيئن خواجا سليم چواڻي جيڪي اڳ رشيد ڀٽي وانگر ڪاڪ ڪڪوريل ڪاپڙي هئا، سي کُنڀجي اڇا اجرا کير جهڙا ٿي پيا آهن . حيف صد حيف هن تي نه، پاڻ تي.
ٻئي طرف پرجوش پرٻل جوڌي جواڻ کي جيڪو پنهنجو مهاڏو وقت جي جابرانا قوتن سان اٽڪائيندي ڪون ٿو کائي هن کي ’ويچاري‘ هجڻ يا، ’شريف انسان‘ جي ڪمزوري وارو هڪيو ٺپو هڻڻ انياءُ ۽ سندس عزم کي Under Play ڪرڻ جي برابر آهي. اهو نڪتو ادبي ۽ سياسي ميدان اڳري قدم ۾ ’روح رهاڻ‘ بالمقابل وقت جي طاغوتي قوتن جي حوالي سان اڀريو هو.
اسين اڪثر ڪنهن کي Degrade ڪرڻ جي ارادي سان لفظن سان راند رچائڻ ذريعي جيئن پاڻ کي ڍڪي سگهون کيس درويش، يا شريف النفس انسان جا ٺپا هڻي پنهنجي انا جي تسڪين ڪرڻ ۾ ماهر آهيون منهنجي خيال مطابق حميد سان به ايئن ٿيندو رهيو آهي،
تنوير سٻاجهو ماڻهو، سيبتو انسان، محبتن جو سوداگر، جهرڻن، ڌرتيءَ، خوشبوئن ۽ امن جو جاندار شاعر ۽ من موهن دوست هو.
پراچين ديوتائن جيان سوم رس جو ڪوڏيو ۽ اوتاري جي موالين وانگيان هردم لڳي دم، مٽي غم، جي مصداق اونهي ڪش جو ڪانکي _ حفيظ ۽ هن ۾ اها قدر مشترڪ هئي! هن لکڻي مان اهو بلڪل نه سمجهيو وڃي ته ’دم‘ مان مراد چرس، حشيش، گانجو وغيره آهي. هي ٻئي يار انهن ڏانئڻين، کان ونءُ ويندا هئا.
ديوتائون امرت، ورتائڻ ڪارڻ امر ٿي ويا ۽ موالي جبلتن جيون کي ’تڇ‘ ليکڻ جي متي اپنائڻ سبب ڳاڻاپي ۾ فٽ ڪون ٿا ٿين پر، هيءُ پيارو ماڻهو وقت کان گهڻو اڳ، فرشتن ۽ شيطانن جي وچ واري man’s Land No ڏانهن اسهي ويو. پر، انکان اڳ انسان جي ازلي اڃ ۽ رڃ جي وچ ۾ هڪ چٽو ۽ خوبصورت خيابان هميشه لاءِ تخليقي ويو. گذريل صدي جي سن سٺ جي اوائلي ڏهاڪي ۾ حفيظ، رشيد، آغا ۽ تنوير سان گهاريل ڏينهن ۽ راتين جا سونا روپا پل يادن جي املهه ڀنڊار ۾ اڄ ڏينهن سوڌو تارن جيان ٻهه ٻهه ڪندا رهن ٿا. تنوير ماڻهو نه بلڪ مکڻ جو چاڻو هو. پر هن مکڻ جي چاڻي هڪ اڻ آئڙجندر روائت کي به ڀڳو! وڏڙن طرفان مڙهيل شاديون بي سوادي ٿين ٿيون _ ائين جيئن مصالحن کان سواءِ ڀاڄيون! هن ڀاڀي قمر سان لانئون لهي اهو چمتڪار ڪري ڏيکاريو. بلڪ زبردستي حاصل ڪيل جسم يا نينهن جي ڏور وسيلي سري آيل تن وڌيڪ لذت بخش ٿئي ٿو. پرٿوي راج سنجوڪتا، ارجن سڀدار، جهانگير نورجهان وغيره ان سندر حقيقت جا ٻهڳڻا مثال آهن.
سکر جي لڏي جا ٻه وڪيل دوست: حبيب الله شيخ سوا ڇهه فٽوانسان، ۽ غني شيخ ساڍا چار فٽو جيتامڙو وغيره پرانهين يگ جي هندوستاني فلمي جوڙي شيخ مختار ۽ مڪري جيان ڀاسندا هئا. غني مڪري جيان چنچل منچلو ۽ البيلو هو، ۽ حبيب شيخ شيخ مختار جيئن سنجيدهه رنجيندهه ۽ خاموش طبع، خاص طور ليوڪس باغ مان لنگهندي وقت آمدرفت واريون ڇيگڙيون کين، شرارتن، ڏهن جي انگ سان مشابهت ڏينديون هيون ۽ غني اڳيان سرڪي سرگوشي ۾ پڇندو هئن. ’ڪير ٿو وڻيوَ ٻڙي يا هڪ؟‘
ڪڏهن ڪڏهن غني شيخ پٻن تي بيهي ڪنڌ اوچو ڪندي ، حبيب شيخ کي حسرت ڀريل نظرن سان تڪيندي جهونگاريندو هو :
”تنهنجي قد جي ڪمند خم وڌا، بيمار هزارين مان نه رڳو.“
ڪڏهن اڀ ڏانهن نظرون کڻي چوندي ٻڌبو هئس:
”اسان جي خوابن جي اڻت ۾ ايڏو وڏير فرق فرق ڇو رکيو اٿيئي؟
ان وقت ئي ٺهه پهه آڪاش واڻي ٿيندي هئي: ”سپني ۽ ساڀيا جي اڏاوت اميري ۽ غريبي جي بڻياد تي اڏيل هوندي آهي ائين نه هجي ها ته آءُ هن مانڊاڻ جو لقاءُ ڪيئن ڏسي سگهان ها!“
حفيظ جي جيوني روسو جو ’اعتراف نامو‘ گورڪي جي جيون ڪٿا، حاتم طائي جي ’جهان گردي‘ سان ڪافي حد تائين مشابهت رکي ٿي.
گورڪيءَ جيان برپٽ جبل ۽ جهنگ ۽ شهري وستيون جهاڳيندو رهيو. حياتي جي ڪروکيتر ۾ نت نيون نوڪريون ۽ ڪرت ڪندي جان ۽ جسم لاڳيتون لوساٽبو، ڪانڊاربو ۽ رهڙبو رهيس؛ پر، ائين ڪرڻ سان جسم ۽ جان رڪ جيان سخت ، مضبوط ۽ سگهارا بڻجي ويس جن زندگي م هميشه ٿڌي ڪوسي کان بچائي رکيو هئس. ليڪن چهري تي سدا اڻ وسرندڙ امرتا ۾ ٻڏل ليونار ڊودا ونسي جي سرجيل ’امر ڪرئست‘ واري شفقت، پاٻوهه ڀريل پراسرار پرڪشش ۽ ابدي مرڪ کيڏندي ڏسي سگهبي هئس جيڪا سندس ٽريڊ مارڪ هئي.
حياتي جي يڌکيتر وارن ڏهاڙن ۾ پهريائين برهمچاريه جيوت گذريس؛ ان بعد بوٽ پالشئي (Shoe shine boy) جي وڻندڙ ڪرت اپنايائين جنهن ۾ بکشو، تياڳي _ يوناني ويراڳي (Stoic) جي هلت چلت جي رنگ ۾ رنڱجڻ جي شروعات ٿيندي نظر آئي.
ان بعد ڪراچي جي ليٿ مشين، جي ڪارخاني ۾ مزدور، ڪاريگر جي حيثيت ۾ ڀرٿي ٿي ڪري جيون جي زنگ آلود گاڏي کي گيڙڻ جاري رکيائين. ان دور ۾ منٽو، ميراجي، موپسان جيان لال بازار جو ڳوڙهو اڀياس حاصل ڪيائين جنهن دوران پاڻ کي ڪنول جيان نرليپ رکڻ ۾ ڪائي ڪسر ڪين ڇڏيائين. باقي پاپ _ پڃ، اخلاق _ قدر، انسان _ حيوان، ڌرم _ اڌرم، جي بدلجندڙ ڀاوَن ۽ منورتين جو قيمتي تجربو حاصل ٿيس جنهن کي حيات جو قيمتي سرمايو ليکيندو هو.
ان بعد فوج ۾ شامل ٿي ڪري گڏيل هندوستان جي خوشبو، ڀانت ڀانت جي رنگ روپ جو گهرو ساءَ سواد وٺندي جهان گردي ڪندي انسان ۽ فظرت جو ڳوڙهو انڀو حاصل ڪيائين.
اتان دل ڀرجي ويس ته حيدرآباد ۾ دوائن جي دوڪان تي ڪميشن ايجنٽ طور پاڻ موکيائين ليڪن ان ڌنڌي مان کوٽ جي بڻانس ايندي ئي اهو ٿوڪاري پسگردائي ۾ سنڌي سامان جو دوڪانڙو کولي لوڻ مرچ جون پڙيون تيار ڪندي پاڻ مٿان به صرف وڻندڙ ملاحت جو مک مکيائين پر طبيعت ۾ به باقاعدگي سان ’مرچائپ ‘ جو انگ به اتان ئي داخل ٿيو هئس!
بنيادي طورحفيظ ايڊونچر جو ڪوڏيو هوندو هو. ’غير جذباتي‘ سادو، وڻندڙ ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ ايڊونچرجيڪومتجسس روحن ۾ سمايل رهي ٿو. ”هڪ لڱا اهڙي ئي ايڊونيچر مينهوڳي واري دلڪش ڏينهن تي اسان ٻنهي کان ڀاڙي تي سائيلڪون وٺرايون ۽ روهڙي کان اٺ ميل پري اڻ سنوتي گسن تان جهاڳيندي اروڙ پهچايو ۽ ان جي نتيجي ۾ سندس سڪيلڌي ناولٽ شايد ’مدن مست‘ جنم ورتو هو!
ٿڙيل ماءُ پيءُ جو بگڙيل ٻار (ماءُ ڪشميرڻ ۽ پڻهس نومسلم) وڏڙن جي ڪرت کان ڪو کائيندڙ، تهذيب جي چڪڻ کان ڪرڀ، ۽ عظيم روسو جيان صحت مند پراچينتا ۽ فطرت لاءِ پيار انهن پورالين صفتن جي باوجود ڪٽنب سان رت جي رشتن ۽ رڳن ۾ سمايل محبت وسيلي سلهاڙيل.
حيفظ جو شمار وچولي درجي سان لاڳاپيل ٻارن جي نمائيندهه ڪردار طور هيو جيڪي دنيا ۾ تنظيم قاعدي ۽ رواج سان مٿو ٽڪرائڻ چاهيندا آهن، ۽ تاريخ جي سلسلي کي لتاڙي ڊاهي اوائلي مذهبي متن (Paganism) کي چاهڻ لڳندا آهن جن ۾ معبوديت جا ويڇا نٿا رهن.
رابرٽ لوئي اسٽيونسن وانگر حفيظ ۾ به آوارهه گرد جو روح سمايل هيو. هن هڪ جڳهه تي اظهاريندي چيو هو، ”مان هڪ جهان گرد ٿيڻ جو ڪانکي آهيان _ ايستائين جيسين حياتي جو ڏيئو نه اجهامي وڃي.“ سندس پٺيءُ تي، اصطلاعن، رابنس ڪروسو وانگر سفري سامان هر وقت موجود رهندو هو، سيڪس سان ڪا خاص دلچسپي ڪين هئس، هميشه لڏي سان نئين جڳهه جي تلاش ۾ سرگردان! اصطلاحن ’لکاري جهان گردن‘ جي سٿ ۾ سندس شمار ڪري سگهجي ٿو جن ۾ رامبو، والٽ وٽمئن، هارٽ ڪرين ذهن جي پردي تي اڀري آيا آهن.
حفيظ جو ان ڪلئي تي به پورن وشواس هيو ته، ”انسان کي زمين تي، پاڻي مٿان، ۽ ’جانورن ‘ سان گڏ ۽ فطرت جي آغوش ۾ رهڻ جڳائي ان صورت حال ۾ ’دليل ‘ جي بدبودار ملاوٽ کي ويجهو اچڻ نه ڏجي!‘ جانورن بابت نڪتي جي اڳتي هلي پٽار ڪبي.
هي يار اهو عجوبو هو جيڪو زندگي مٿان ڇانئيل منطق، اخلاقيات ۽ ايمانداري جي سخت کوپي کي پرزا پرزا ڪري سڌيءَ طور ان جي بنياد تائين پهچي سگهڻ جو ساهس رکندو هو.
حفيظ سموري ڄمار روسو ۽ سندس چڱ مڙس وحشي (Noble savage) جيان آوارهه گرد بلڪ جهان گرد رهيو. روسو آجيوڪا لاءِ شروع ۾ ڪنهن ’پوشاڪ _ گهر‘ ۾ نوڪر ٿي گذاريو هو ۽ ڪجهه عرصو ڪنهن يتيم خاني ۾ به رهيو ! ٻيا به ڪيئي انوکا ڪم ڪري گذر بسر ڪندو رهيو هو.
اسان وارو يار به مطالعي جو ڪوڏيو ادبي تنقيد ۾ پنهنجو مٽ پاڻ سندس لکڻي جا ڪيئي انيڪ جملا تز طاقتور ۽ ذهن تي هميشگي جو نقش ڇڏين ٿا سندس سوچ ۽ فڪر پختو شڪتي ڀريل آهي ڄڻ سندس پنهنجي وجودي جڙن مان ڦٽندو ڏيکاري ڏئي ٿو ۽ تخيل کي تقويت ڏيڻ جو باعث بڻجي ٿو. سندس ذڪر ڪيل شڪتي جي سونهن مروج ادبي قدرن جي رعب، شاندار صورت گري کان گهڻو اتم ۽ سرس آهي. حيفظ کي ڏسي پڙهي پرجهي ائين ڀاسندو هو ڄڻ ارڙهين صدي واري جين جيڪس روسو ٻي جوڻ ورتي هئي!
حفيظ جي ماءُ به روسو جي ماءُ جيان سندس ٻالڪ اوستا ۾ گذاري وئي ۽ روسو جيان هو به مايوس ٿي گهر مان ڀڄي نڪتو هو! روسو وانگر ڪافي Odd jobs ڪيائين (جن جو اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم) انهن مان هڪ ۾ ناگپور اندر فوجي نوڪري ۾ به رهيو هو (رشيد ڀٽي چواڻي ان شهر ۾ نانگن جي انبوهي ڍير مٿان پٺا اگهاڙا ڪري ليٽ پيٽ ڪرڻ سکيو هو ۽ اهو سراپ جيون ڀر ساڻس پاڇي لڳو رهيو !) ڪراچي ۾ سندس سنگت اياز، سرڪي، پوهو، سوڀي، رباني، جويو ۽ روشن مغل سان ائين ڳوڙهي هئي جيئن روسو جي پيرس واري زندگي ۾ ڊيڊرو والٽيئر گرم (Grimm)، ڊي المبرٽ ۽ انگريز مفڪر ڊيوڊ هيوم ۽ مادام ڊي ايپيني Madame de Epinay هوندي هئي.
روسو کي اڪثر ناقد فرانسسي نثر جو بادشاهه چوندا آهن پر حفيظ به سنڌي نثر جي شهزادي کان گهٽ ڪين هيو!
روسو جي وجود ۾ رنگا رنگ راحت بخش ۽ دائمي خوبيون هيون جن دنيا جي انيڪ ڏاهن جهڙوڪ گوئٽي، سينٽ پيري، ڇيٽيو بريئان وغيره کي ڏاڍو اُتساهيو هو جنهن جو هنن بار بار اظهارڪيو هو. ان کان علاوهه مادام ڊي استائل، بنجامن ڪانسٽنٽائن پڻ سندس سکيا کان متاثر ٿي ان کي پکيڙڻ جو جتن ڪيو ليڪن روماني تحريڪ سان سلهاڙيل دانشورن هن جي سکيا کي وڌيڪ مڻيا بخشي هئي. ڏسجي حفيظ کي ڪير ٿو مڻيا بخشي؟
منهنجي خيال ۽ سوچ مطابق هي ٻئي انسان بي پريا ملائڪ هئا؛ صاف، سهڻا، سچا ۽ سيبتا!
عام طور ڏٺو ويو آهي ته اولاد لاءِ آسائتا انسان مختلف تسلن جي پالتو جانورن جي انسيت جو سهارو وٺندا آهن. اهو عمل سندن لاءِ ڪنهن حد تائين خوشي جو باعث ٿيندو رهيو آهي. حفيظ مادام پومپا ڊور، برو مئن آف الڪٽراز، وان گاگ ۽ ٻيا انيڪ ان سٿ ۾ شامل ڪري ٿا سگهجن ٿا.
حفيظ رحيم يار خان ۾ پوسٽنگ دوران ڄاها پاليا هئا جيڪي شاهاڻي ٽور سان بيڊ روم ۾ پلنگ ۽ وارڊ روب هيٺان بنان ڊپ ڊاوءُ شئل ڪندا رهندا هئا. حفيظ جي موجودگي ۽ آواز منجهن آزادي ۽ آتساهه جو جذبو بيدار ڪندو نظر ايندو هو !
جيڪب آباد ۾ تتر پاليا هئائين جيڪي جهونجهڪڙي جو پڃري مان ٻاهر نڪري ڪمري ۾ راڻن ۽ راڻين جي ٽور سان ٽلندا ڏيکاري ڏيندا هئا ۽ پاڻ سوڙ مان منهن ڪڍي سندن ٻولي ۾ رهاڻ ڪندونظر آيم. لاڳيتي ڪوشش جي باوجود ٻنهي جي ٻولي Decipher ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگهيم.
شادي کان پوءِ (1970ع) جڏهن راجن پور (يا ڄامپور) مان پنهنجي وني سان گڏ اوهڙي اسٽيشن تي گاڏي مان هيٺ لهي آيو هو ته سندس پٺيان هڪ شينهن نما السيشن ڪتو به ٺينگ ڏيندو ٻاهر نڪري آيو. ڪتي جو نالو ياد ڪين رهيو اٿم پر ٻنهي زال مڙس سان ڏاڍو هريل هو. حيدرآباد پهچندي ئي اهو ڀلو مانس (ڪتو) رستو ڀلجي ڪاڏي وڃائجي ويو جنهن جو افسوس سندن روح تي ڄڻ هميشه لاءِ نقش ٿي ويو هو.
ان بعد زندگي جي آخري سال ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه سٻر ڦڙت مور جيان ٽلندڙ ٻڪريون خريد ڪري سينٽرل جيل سکر لڳ پنهنجي پنج ايڪڙ زرعي زمين تي اڏيل ڀونگي ڀرسان جتي پاڻ به اچي رهندو هو، وسايون هئائين!
سندس خواهش هئي ته حيات جا باقي بچيل ڏينهڙا ٽالسٽائي ۽ البرٽ شويٽزر جيان ان ڀونگي اندر فطرت جي قريب رهي درويشاڻا جيوت وارو لبادو اوڍي سوچ فڪر تخليق ۽ تاليف ۾ بسر ڪندو! چاهيائين ٿي ته اهي گگدام سندس حياتي جي پوئين پهر ۾ سندس سنگي ساٿي ٿي گذارين!! حيات جو اهو فلسفو روسو، ٽالسٽائي، اسيسي جي سنت فرانسس، گانڌي، شويٽزر ۽ پراچين هماليائي رشين جي ياد ڏياريندو اٿم. گهڻو ڪري ڏاهپ عمر جي ان ڏاڪي تي ان وقت ايندي آهي جڏهن ان جو ڪو مصرف نٿو رهي! اها ڪيڏي نه دکدائي تبديلي آهي. ان تبديلي جي ڪجهه مهينن کان پوءِ هي يار ڪئي اڻ ٻڌايل اڻ لکيل ڪهاڻيون ۽ فڪري خرانا کڻي موڪلائڻ سواءِ پولار ۾ الوپ ٿي ويو! اسهڻ کان اڳ واري آخري رات دير تائين پنهنجي وني سميت مون سان منهنجي ٻارن سان گذاري هئائين ۽ جهونجهڪڙي جو پنهنجي جوڙيل ڀونگي ۾ آخري لڪ لڪوٽي کيڏي ويندو رهيو۽ ويندو رهيو!
مُبو جو هيٺيون شعر حفيظ جي زندگي جي پوئين پهر جي سوچ جو ڪهڙو نه سهڻو غير تجريدي چتر آهي:
”گوشي نشين ٿي وڃي جهوپي بڻائجي
شهري حيات کي ڇڏي واهڻ وسائجي
ڪاٿي ٻه ٽي جريب ٻني ڪا وٺي ڪري
کيڙي زمين پوک ڪري ڪڻڪ کائجي“
لارڊ بائرن به پنهنجي زندگي جي آخري ورهين ۾ اٽلي اندر رهائش دوران 10 گهوڙا پاليا هئا. ان کان علاوه ٻه پالتو باندر هڪ لومڙ ۽ هڪ ديو هيڪل پياري ڪتي به پالي هئائين ان کان سواءِ پنج ٻليون هڪ عقاب، هڪ ڪانئن، پنج مور ڪجهه ڪڪڙيون ۽ ٻڪريون! هن کي جانورن لاءِ بي انتها پيار هو. بائرن مطابق اهي انسان کان وڌيڪ وفادار ثابت ٿيندا آهن انڪري هو هڪ جاءِ تي کوڙجي رهڻ پسند ڪندو هو ته جيئن اهو اٽالو سندس چوگرد موجود ۽ گڏ ٿيندو رهي.
مشهور انگريز مصنف ۽ مصور روزيٽي (Rossetti) جنهن پنهنجي شروعاتي زندگي عيش عشرت ۾ گذاري هئي پوءِ تياڳ حاصل ڪرڻ بعد جانورن سان دل وندرائيندو هو . هڪ ئي وقت پاڻ ڪينگرو سانڊي ڍڳي اڇي برفاني رڇ ۽ چمڙن سان گڏ دوستن جيان زندگي جا آخري ڏهاڙا گذاريندو رهيو هو!
فرانس جي بادشاهه لوئي پندرهن (اٺارهين صدي عيسوي) کي به ننڍ پڻ کان ئي مختلف جانورن پالڻ جو ذوق هيو. ڇوڪراڻي اوستا ۾ ڪائونسل ميٽنگ وقت پنهنجي هنج ۾ پالتو ٻلي جو ٻلونگڙو ويهاريندو هو جنهن کي امير وزير مادام پومپودار (Madame de Pompadour) اڪيچار گهوڙا، ٻليون، ڪتا، ڪڪڙ، طوطا ۽ ڀولڙا پاليا هئا. پومپاڊور جي پياري ڪتي جو نالو مِمِي (Mimi) هو جنهن کي پنهنجي موت کان ٿورو اڳ حسرت سان پنهنجي ساهيڙي مادام ڊي بفون جي حوالي ڪيو هئائين.
اٽلي جي مشهور دانشور ۽ مهم جوانسان منٿي (Munthe) کي پکين لاءِ اپار محبت ۽ چاهنا هوندي هئي. هڪ ڀيري هن هڪ لنگور کي سندس بيهودي قسم جي آمريڪي مالڪ کان بچايو هو ٻئي ڀيري ذري گهٽ هڪ فرانسسي وسڪائونٽ کي دوبدو مقابلي ذريعي پڄاڻي تي پهچائي ڇڏيو جنهن سندس ڪتي کي لت هنئي هئي _ ۽ پوءِ ان ڪتي کي مجبوري جي حالت ۾ گولي هڻي ماريو ويو! انا ڪيپري جي مشهور ڌنوان ڪاسائي جي خلاف هن جنگ جو اعلان ڪيو جنهن ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ پکين کي ڄار ۾ ڦاسائي ’سوئين‘ ذريعي انڌو ڪرڻ جو ڪڌو عمل جاري رکيو هو ته جيئن اهي چهچهائي ڳائي سگهن! آخر ۾ هن تانا شاهه مسونني کي مجبور ڪيو تهي هو ڪيپري (Capri) ٻيٽ کي پکين جو آسٿان قرار ڏئي!
ڪالهوڪي يگ جي مشهور چنچل ترڪڻي اطلسي فرانسسي ايڪٽريس برشي بارڊور جي پهرين مڙس راجر واڊم جنهن بعد ۾ هالي وڊ جي جل پري ايڪٽريس جين فونڊا سان شادي ڪئي هئي جي گهر ۾ پنج پالتون ٻليو ۽ ڇهه ڪتا ساڻن گڏ گهر جي ڀاتين جيئان رهندا هئا. برشي بارڊو جي گهر ۾ 11 ٻليون 8 ڪتا ۽ ٻيا انيڪ جانور انسان جيان پلبا هئا!
موپسان کي به جانورن، پکين پالڻ جو بي حد شوق هو _ سونهري مڇيون، ٻليون، ڪتا ڪڪڙيون، جئڪوٽ نالي طوطو وغيره سندس حرم سراءِ جو مستقل حصو هئا!
ويهين صدي جي نامياري فراسسي اديب ٿيوڦائل گاتير پڻ گهڻي تعداد ۾ ٻليون پاليون هيون ۽ اتساهه سان انهن جي شيوا ڪندو ۽ پرگهور لهندو هو. ياد رهي ته هيءُ جينيئس اوڻويهين صدي جي مشهور فرانسسي اوسائي ادبي تحريڪ (Parnassians) جو باني هو. ان سان وابسته دانشور هيئت جا وڌيڪ حامي هئا ۽ ادب برائي ادب سوچ جا قائل ۽ مقصديت کان دور ۽ ونئن ويندا ها.
حفيظ سموري ڄمار پاوندي پکين جيان خانه بدوشانه زندگي گذاريندي هڪ شهر کان ٻئي شهر هڪ واهڻ کان ٻئي واهڻ رلندو رهيو هيو؛ ٿانئينڪو ڪٿي ڪين ٿيو. سندس جيون تي سوچيندي فرانس جي چوڏهين صدي جي مشهور شاعر فروئيسار(Froissart) ذهن جي سطح تان لياڪا پيو پائي. هيءُ دانشور به هڪ شاهي درٻار کان ٻئي تائين رسائي ڪندي پنهنجي حياتي ڪاٽيندو رهيو. بادشاهه، مهاراڻيون، شهزادا سندس بي پناهه سرپرستي ڪندي کيس نوازيندا رهيا پر هن جي برعڪس اسان وارو يار در در ڦرندي قلندرن جي نگاهه ۾ به پاڻ کُپائي ڪين سگهيو!
گذريل صدي جي سٺ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ رشيد ڀٽي ۽ آءُ حيدرآباد ۾ ڪڏهن تنوير عباسي جي ڦليلي لڳ گهر ۾ رهندا هئاسون يا گاڏي کاتي ۾ سنڌي ادبي پورڊ جي مٿان ٺهيل رهائش گاهه تي رباني جا مهمان ٿيندا هئاسون. غلام ربانيءَ هڪ خوبصورت ٻلي پالي هئي _ ۽ ٻنهي کي هڪٻئي سان بي حد لڳاءَ هيو. هڪ ڀيري رشيد رازدارانه انداز ۾ ٻڌايو هئم ته هن ان ٻلي جا ننهن ۽ ڏند ڪڍائي ڇڏيا هئا! دورغ برگردن راوي البرٽ شويٽزر به سينٽ فرانسس آف اسيسي جيان سدا جانورن ۽ پکين جي پاٻوهه ۽ پيار ۾ گهيريل پسبو هو. سندس زال وٽ ڇهه ممڙا، پنج هرڻ، ڪڪڙيون، ٻليون، ٽرڪيون، ڪتا ۽ ٻڪريون ۽ بدڪون پاليل هونديون هيون جن جي پرورش ۽ پرگهور ۾ ڪا گهٽتائي ڪين ڪيائين ڇو جو هوءَ انهن سڀني ساهوارن کي پنهنجي ڪٽنب جو اٽوٽ انگ ڪري ليکيندي هئي. حفيظ جي زندگي جانورن ۽ پکين جي پرورش ۽ پيار جي معاملي ۾ ڪيڏي نه مٿين مهان آتمائن سان مشابهت رکي ٿي.
دانش ۽ ادب جي راهه جا مشهور پانڌيئڙا اڪـثر گهڻي ۽ اڍنگي پيئڻ سبب وقت کان اڳ پولار جي راهه وٺي رمندا رهيا آهن. پر، بالزاڪ ۽ شيخ حفيظ کي ’سوم رس‘ ڪين ماريو هو! هڪڙو گهڻي ۽ اڍنگي طور ڪاري ڪافي جي دنگن واپرائڻ سبب عدم سان همڪنار ٿيو هو، ۽ ٻيو (حفيظ) چانهه سان ڀريل ديگڙن کي ڪڍنگي طورچٽ ڪرڻ وگهي ڪم عمري ۾ وجوديت مان کسڪي ناوجوديت جو بک بڻجي ويو!
ساکرو ڏهاڙن دوران اياز ۽ حفيظ جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تيز طنزيه ۽ مزاحيه جملن جي اهڙي پياري ڏي وٺ ٿيندي هئي ڄڻ ٻه ڪلاسيڪي فنڪار طبلي تي گتڪاري ڪندا هجن! هڪ اڌ هنڌ ان انداز کي ڄاڻايو به اٿم. سچ پچ آسڪر وائلڊ ۽ وسلر جون سڪون لهنديون هئم.
هتڙي اهڙي witty گتڪاري جا ٻه واقعا ذهن تي اڀري آيا اٿم جن جو تعلق ماضي بعيد سان آهي.
هڪ لڱا برطانوي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊزرائلي جي لوڪ سڀائي ساٿي ۽ اڳوڻي وزير اعظم وليم ڳلئڊا سٽون ، تقرير ڪندي چيو هو ته ڊزرائلي جو انت ڦاسي جي ڦندي هيٺ ٿيندو يا ڪنهن مرداڻي بيماري وگهي مرندو. ڊوزرائلي ٺهه پهه جواب ڏيندي وراڻيو هئس، ”ائين تڏهن ٿيندو جڏهن مان تنهنجي اصولن تي عمل پيرا ٿيان يا تنهنجي ڪنهن محبوبه سان رستو هموار ڪيان! “
هڪ ڀيري نامياري فرانسسي اديب، دانشور، اليگزندر ڊوما (جونئير) کي ڪنهن ٽونڪ هڻندي سندس آڪهه تي جلهه ڪيئي. کيس جواب ڏيندي وراڻيائين: منهنجو پيءُ ڪاري ماءُ ۽ اڇي چمڙي واري پيءُ جي ميلاپ ذريعي ڄائو هو، منهنجي ڏاڏي نيگرو خاتون هئي، منهنجي پرڏاڏي ڏاڏو جانورن جي نسل منجهان هئا، ۽ منهنجو حسب نسب اتانءُ شروع ٿئي ٿو جتان تنهنجو ختم ٿئي ٿو!
حفيظ جو ادبي مقام نثر جي ڏس ۾ اياز جيان بلندين کي ڇهندو محسوس ٿئي ٿو. هيءَ دوست جديد اسپرٽ جي عملي دشائن ۾ تبديل ٿيندڙ روين کي نهايت عمدهه فنڪاري سان چٽيندو ڏيکاري ڏئي ٿو _ مبو هن جي ڀيٽ ۾ ’فن‘ ۽ ’احساس ‘ جي دشا ۾ ٿيندڙ تبديلي ۽ روين جو بي مثل نقاش ۽ خالق بڻجي اڀريو هو.
مبوعمر جي ’آخري ڏهاڪن‘ ۾ پاڻ کي مذهب سان جوڙيندي بي اصولي ۽ بي اخلاقي _ بد اخلاقي قطعي ڪين ڪئي؟ ’سياست‘ جو بنا ڪنهن جهجهڪ جي پنهنجي روين ذريعي اظهار ڪندو رهيو ! هوش حواس سان اختيار ڪيل ان راڄ نيتي مان ميڪاويلي ۽ چاڻڪيه جي ڏانو جي جهلڪ ڏسندڙ اک سولائي سان پسي ٿي سگهي!
مُبو _ ۽ لڇو کي اجهل Debauchery لوڻ جيان ڳاري ڇڏيو. البت مبو جي معاملي ۾ جهرڻي جيئن سدا وهڪ واري تخليقي عمل ڪارڻ ڪجههDiscount ڏئي سگهجي ٿو جيئن وڪٽر، هيوگو، بانراڪ، موپسان، بائرن، سئمبرن آندري ييد ڪئسونوا کي ڏنو ويو هو _ باقي ٻئي پاسي ڪاري وارا ڪک آهن!
جيتوڻيڪ حفيظ شاعر ڪين هو پر هن جي طبيعت، مزاج ۾ شاعري جو ڪنهن ديوي جيان واسو ضرور هو. هو عظيم جادوگر اها مزاجي شاعري جيڪا سون ورني موتين ۾ جڙيل ۽ گلن سان هٻڪاريل هئي پنهنجي درلڀ تخليقي سنگم ذريعي سهڻي سيبائتي ۽ منفرد نثر (ڪهاڻي) ۾ اوتي هئي؛ اهو عمل نهايت اڻاوو ۽ ڪٺن هو. ان اڻاوي دڳ تي بنا ٿڪ ڀڃڻ جي هن پنهنجي جيون کي مختصر بڻائيندي ان جو انت ويجهو ڪري ڇڏيو هو. هن موپسان جيان ادب سان لانئون لڌيون ۽ هڪ ڪرندڙ تاري جيان عدم ۾ الوپ ٿي ويو!
هن پنهنجي فن پارن جي نرالي اڻت منفرد اسلوب وسيلي انهن اندر اهڙي جداگانه ۽ الڳ سونهن سرجي هئي جنهن کي سچي فن سان تعبير ڪجي ته وڌاءُ ڪين چئبو .
الائجي ڇو سندس ’ويڳاڻي جوان مرگي‘ باربار اکين آڏو اچي بيهندي اٿم. چاليهن ورهين گذرڻ بعد به ان کي وساري ڪين سگهيو آهيان!
لے چلی بزم سے کس وقت مجھے مرگ شباب
لب تک آیا بھی نہیں ہاتھ میں پیمانہ ہے
ياد اچيم پيو ته ان سانحاتي ڏينهن غيب مان عجب اڻ لکو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هئم حالانڪ غيب ۾ قطعي طور وشواس ڪون اٿم، اهو آواز ”آئيندهه جي ’موت ‘ کي موجودهه ’موت‘ کان ڪيڏي نه چترائي سان الڳ ڪري ٿو!
حفيظ جي مختصر جيون _ ۽ ڪئنواس کان ٻاهر جهاتيون پائيندڙ عظيم تخليق تي ويچاريندي ياد آيم ته ڪو پنهنجي خوابن جي نفيس اڻت ۾ ’پراچين اوج‘ کان به گهڻو پوئتي سوچيندو هو ۽ انهن کي ساڀيا ۽ روپ ڏيڻ لاءِ بعض دفعا طبيعت ۽ سڀاءُ ۾ وسلر کان وڌيڪ وحشي، مائيڪل ائنجيلو کان وڌيڪ مشڪل ۽ طوفاني مزاج رکندڙ، ۽ روڊين (Rudin) کان وڌيڪ ڀرپور نظر ايندو هو! ۽ سندن جيان پنهنجو وقار ۽ ڳاٽ اوچو رکيائين. هن پنهنجي ڪلپنا ۾ جيڪي منظر پسيا هئا سي سوچ کي عجب ۾ وجهڻ لاءَ ڪافي پرٻل ۽ amazing هئا ۽ ان جي بلندين کي ڇهڻ لاءِ _ ٻاهران _ اوپرن آيلن لاءِ ’ڪوُڙي ‘ گوري جيان لڳندا هئا! ليڪن اياز جي ڀيٽ ۾، عورتن جي معاملي ۾ ڪاميابي کان ڪوهين ڏور هيو.
هيءُ يار پنهنجي دلڪش سادي ۽ فطري وهڪ واري ٻولي ۾ نهايت بلند ۽ اعليٰ فڪري شاهپارا اُڻيندو هو جن جي پڙهڻ سان عجب اتساهه ۽ اُڏام جي ڪيفيت پيدا ٿيندي هئي. سندس قلم مان سڳند ايئن جاري ٿيندي هئي جيئن گلاب مان نڪرندي آهي. هن تخليق ٽن خوبين سان مالا مال هئي: ’اختراع، اظهار، ۽ ڌيان ‘ ۽ چوٿين به بي ساختگي! سندس زندگي هوا ۾ ڦڙڪندڙ ڏيئي وانگر تيزي سان ٻري رهي هئي . جيڪو سٺو شڀ اهڃاڻ ڪين هو. جينئس لاءِ دنيا صدين کان سڪندي رهي ٿي ليڪن هو صرف گهڙي پل گذاري رمندا رهن ٿا! هن کي ياد ڪندي موزارٽ، ڪيٽس، شيلي، بائرن، گيتانجلي، ائن فرئنڪ، ڪيٽولس جي ياد به هري آئي اٿم.
لارڊ گري (Grey) _ سن 1932ع _ سياست کان رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنهنجي اباڻي وستي فالوڊين ۾ وڃي رهڻ لڳو هو ۽ پکين سان دوستي رکي زندگي کي هڪ نئون رخ ۽ ڏانئن بخشيائين. هتي حفيظ جي ياد تازي ٿي ويم جنهن پڻ رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ ئي جانور ۽ پکين سان سنگت ڳنڍي آئيندي جي جيون جي رستي هموار ڪرڻ جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي هئي! اڄ جو شهري ڪاليداس واري جڳ کان اڻ واقف آهي؛ جڏهن ان زماني جا منش پنهنجي چوگرد ڦهليل فطري جيون سان پريم ۽ سنيهه جي ڏور سان سلهاڙيل هوندا هئا!
فلورينس (اٽلي) اندر پندرهين صدي عيسوي جي مشهور آرٽسٽ مساشيو (Masaccio) (جنهن کان رفائيل ليوناردو ڊي ونسي ۽ مائيڪل ائنجلو جهڙا عظيم فنڪار به گهڻو متاثر هئا جي زندگي تي ويچاريندي شيخ حفيظ ۽ مجاز لکنوي ذهن جي سطح تي اڀري ايندا آهن. مساشيو پنهنجي فني بلندي ۾ يڪتا ضرور هيو پر، سڀاءُ ۾ ٽانڊي تپڻو هوندو هو ليڪن فطري طور هڏ ڏوکي ۽ سيبتو انسان به هو. منجهس انسان ذات جي شيوا جو انگ جهجهو هوندو هئس پر پنهنجي پوشاڪ تي ڪڏهن ڌيان ڪون ڏنائين ۽ نه وري پنهنجي حالتن سڌارڻ ڏانهن ڪو الڪو يا خيال رکيائين. پر بي ريائي سان ڏٺووڃي ته پنهنجي فن لاءِ بي حساب رغبت ۽ چاهه ئي کيس پنهنجي ذات جي لاڀ کان پري ڌڪيو هو. سمورو وقت پنهنجو ’فڪر، روح ۽ جيون‘ وقف ڪري ڇڏيائين ۽ اڄ به صدين گذرڻ بعد کيس فن جي آڪاش تي سدا چمڪندڙ تاري جيان ڏسي سگهجي ٿو.
شيخ حفيظ ۽ مجاز جي زندگي مساشيو جي جيون جي ڪيڏو ته ويجهي لڳي ٿي ڄڻ ٻنهي ۾ هن جي آتما واسو ڪيو هو!
حيفظ جي ڪردارن يا مجاز جي انداز ۾ ڪيڏي سچائي، فطري پڻو اظهار جي سونهن ۽ بيباڪي ۽ حقيقت هر کوٽ کان آزاد روان دوان اکرن جي وچ مان جهاتيون پائيندي سدا زندهه ڏيکارجندي رهي ٿي!
حفيظ جي ذات ۾ اظهار جي ڏات جو نهايت موثر ۽ بي ساخته جهرڻي جي جهانءِ جهڙو اسلوب هيو جنهن ڪارڻ کيس گهڻن ئي ڪهنه مشق ۽ نامياري قلمڪارن کان وڌيڪ مڪمل ڏات ڌڻي ڪوٺجي ته وڌاءَ ڪين ٿيندو.
سڄاڻ ڏات وسيلي هو پنهنجي موضوع ۾ اندر گهرائي ۾ گهڙي ان جي ڄاڻ معجزانه چٽائي سان حاصل ڪرڻ جو فن خوب ڄاڻندو هو. هو هڪ ڪرندڙ چمڪندڙ تاري جيان ادب جي افق ۽ آسمان تي وارو ٿيو ۽ ڦوهه حياتي ۾ عدم جي راهه وٺي رمندو رهيو.
حفيظ کي قدرت ٻن ڏانون سان ڀرپور طور نوازيو هيو: هڪ ديدهه دانا ۽ ٻي شاعراڻي ڪلپنا جيڪا هو پنهنجي املهه اسلوب ذريعي پنهنجي لکيتن ۾ مينهن ڦڙن جيان اوتيندو رهيو.
خيرپور سکر ڪراچي ۽ بعد ۾ پنجاب وغيره اندر انساني گلن ۽ نباتاتي ڦلن جا رنگ برنگي قسم سندس تيز تر سلوڻي سادي ٻولي ۽ نگاهه ۾ سمائجي کيس هٻڪاريندا هرکائيندا رهيا. سنڌوءُ جو جيءُ جياريندڙ سدا وهندڙ پاڻي کيس ادب جي امرت ڌارا سان سنگم لاءِ اتساهه (Inspiration) ڏيندو رهيو ۽ ان مٿان آڪاش منڊل پنهنجي رنگ رنگ ڏکن واري وسعت سان کيس سدا موهيندو رهندو هو فّطرت جي انهن دلفريب نظارن منجهس سونهن سڳنڌ جو اهڙو جنسار جوڙيو جنهن سندس رچنائن کي امرتا بخشي سدا مهڪائي ڇڏيو.
زندگي جي آخري مهينن ۾ خوشي سواد مزو ڄڻ سندس خيالي اڻت مان غائب ٿي ويا هئا ۽ انهن جي جاءِ عجب شوق تپش ورتي هئي جنهن کي مسلسل ڪم چئي سگهجي ٿو: ان کي هڪ قسم جي شعلي سان به مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي!
شاعر ڪوپر (Cowper) جيان ميٿيو ارنولڊ به پالتو پکين جانورن جو چاهڪ هيو. جڏهن سندس پياري مٺڙي لات لوندڙ جهرڪي موت سان همڪناري ٿي رهي هئي ته هن جي واتان افسوس ۽ غم گاڏڙ لهجي ۾ نوحو نڪتو هو:
پاڻ کي غم ۾ پيڙت ڪرڻ اجايو آهي.
جيون جي لهندڙ لهر ۽ فنا جو گهرو دک
اسين ان آسماني آفت کان اڻ ڄاڻ
پنهنجي پياري جي وڇوڙي کان بي خبر !
ڪيڏو نه قهاري جدا ڪندڙ سامونڊ آهي
اسان جي ۽ ’تنهنجي ‘ درميان!
الوداع ! او پياري غمخوار
هميشه لاءِ الوداع ، اُلڪو نه ڪر اي پياري !
جيتوڻيڪ جيتامڙي آهين، رڙهندي پئي وڃئين،
بنان ساٿ سنگت جي، اڻ ڏٺل راهه ڏانهن!
Mathew Arnold جي جهرڪي جي ڪمهلي موت _ ۽ مٿئين ’نوحي ‘ تي ويچاريندي حفيظ Obsessionجيان ذهن جي پردي تي نمودار ٿيندو رهي ٿو _ ۽ اڳتي به ٿيندو رهندو. موتيءَ جهڙو ماڻهو ايڪيتاليهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ وچڙي ويو. ٻهڳڻي ليکڪ موپسان جو موت به ڪم عمري يعني ٽيتاليهن سالن جي وهيءَ ۾ ٿيو هو.
حفيظ جي مختصر زندگي، سندس ڏات ۽ غير معمولي حالات کي ڏسندي منهنجي لاءِ اهو چوڻ وڌاءُ ڪون ٿيندو ته هو ادب جي ميدان ۾ بحيثيت هڪ ’ جينئس ‘ ڪيڏا وڏا ڪارناما سر انجام ڏيئي سگهي ها اگي ’ حيات ‘ دغا نه ڪريس ها.
هن جي سپڪ روان ٻولي ۽ مثالي منظرڪشي زندگي سان ڀرپور اعلي ڪردارنگاري سندس ميراث جون بي مثل خصوصيتون آهن. اهڙي گهڻ پاسائين تخليقي دور ۽ عمل جي ڦوهه ۾ حفيظ جي سنڌ ڌرتي کان جدائي ڪنهن به ادبي هاڃي کان گهٽ ڪين هئي.
اسلوب جي دلربائي، انفراديت ۽ تمڪنت _ قدرت حفيظ ۽ اياز جي شعور جي هڪجهڙائي ۽ جهجهائي سان اوتيون هيون. ٻنهي کي قدرت ڳوڙهي مطالعي ۽ زندگي جي گوناگون تجربي وسيلي فڪر جي گهري قوت ۽ تجزئي جي بي پناهه نزاڪت بخشي هئي. سندن اسلوب مان اهڙو معطر هڳاءٌ ايندو هو ڄڻڪ مندر ۾ اگربتيون دکنديون هجن.