پيڙا
هينئر جڏهن به انهن تي نظر کپي ويندي اٿم ته نمرتا احسانمندي ۽ سندس اڻ مئي پيار سببان سندس چرنن تي سيس ۽ آتما نمي ويندي اٿم پر ضمير اندر لاپرواهه ڪوتاهي، جنهن کي پاپ چئجي ته نامناسب ڪين ٿيندو، جو چهڪ گهرو محسوس ڪندو آهيان ته سندس ڏوجهڙن هيٺ دٻيل ۽ ڪُٻي ٿيندڙ هستي لاءِ آخري ويل تائين ڪجهه ڪين ڪري سگهيو هئس. جيڪڏهن ڪا ”ماورائي قوت“ آهي ته ڊانٽي واري دوزخ جي آتش ئي منهنجو مقدر بڻبي (سندس انمول علامتي قدر بار بار منهنجي سار ۽ تاس ۾ اڀرندو رهندو). پاپي ضمير کي اعتراف ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪرڻ نه جڳائي. فني، ادبي شاهڪار به ته اعتراف ئي هوندو آهي. انهن ڏهاڙن ۾ سڻڀي ستابي گهراڻن جي سوچ جيئن اُڀ مون لاءِ فطرت جي اضافي سوغات ڪونه هو پر اهو هڪ حقيقي بي انت مشفق ڇت ۽ ڇانوري وانگر هو. غڙيبي جي انهن ڏهاڙن اندر ڌرتي ڌڪاڻيلن سان گڏ گهاريندي ڪنهن حد تائين سُڌ پئي هئي ۽ احساس ٿيو هئم ته زندگي جو مفهوم ۽ اهميت ڪهڙي ۽ ڇا هئي ۽ اڃان تائين اهو احساس پساهه کڻندو محسوس ڪيان ٿو. ڪو ادبي فني شاهڪار ان جو بدل نٿو ٿي سگهي. ننڍپڻ جي ڪجهه بزدلي ۽ ڪم همٿي جي واقعن تي ويچاريندي شرمساري به محسوس ٿيندي اٿم؛ شايد منهنجي ذات ۾ اجايو جوش، توائي ۽ ڪڏهن ٺهر جي محور تان ٿڙڻ جو ڪارڻ به ٻالڪپڻي جي ان ناڪاري احساس ۾ کُتل آهي. غربت جي دنيا محدود هوندي به لامحدود آهي ۽ بي انت انساني سماج اندر ننڍن وڏن ٻيٽن ۽ ٻيٽارين جيان به نظر تائين ڪوڙهه جي داغن جيان پکڙيل آهي. ڪڏهن ڪٿي ڪو اسيسي، مارڪس جهڙو سنت ۽ ڏاهو پيدا ٿي ڪري انهن کي نابود ڪرڻ ۾ جٽيل ڏيکارجندو رهي ٿو. ان اندر گهاريندي ڪڏهن رابنسن ڪروسو بجاءِ رابن هوڊ بڻجڻ جا سپنا پنبڻين تان لهي من ۾ ذهن ۾ باڪونن وارو انارڪي مانڌاڻ مچائيندا رهندا هئم ۽ تنهن مهل ڪو راڌا جهڙو ماکي ۽ کير ۾ ڌوتل چهرو پرگهٽ ٿي آکيندو هئم ”هتي نه هُتي غوطو هڻي مڻيا ماڻي سگهندين“. هڪ چوڻي موجب اسين غربت، بيماري ۽ اڪيلائپ (جنهن جا پڳهه اوناهي ۾ کتل رهن ٿا) ۾ ئي پنهنجي قدر جوهر ۽ اهميت کان آگاهه ٿيندا آهيون. جيڪو انسان حال ۾ جيئي ٿو ان کي ئي صحيح ڄاڻ آهي ته دوزخ ڪيئن هوندو آهي.
ڪڏهن فطرت جي بي پناهه حسن ۽ بدن جي سحر ۾ وڪوڙيل سونهن ۽ سڳنڌ پسي اکيون ۽ روح پيڙت ٿيندا آهن ڇو جو اها سموري سندرتا سهڻ ۽ ماڻڻ کان ڏورانهين ٿئي ٿي ۽ نتيجي ۾ اسان کي ڪنهن دائمي مايوسي ۾ ويڙهيو ڇڏي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي مهل انهن دائمي اداسين جي ڪک مان اسان جي خوشين جا پل به جهرڻي جيان ان احساس سان ڦٽي آڏو اچيو بيهندا آهن ته اسين هڪ وساريل مخلوق آهيون! هونئن به خوشي پاڻ مٿان ڪهل جي احساس واري ناخوشي جي ٻاڻ منجهان ئي ته پلئهءِ پوندي آهي! اهڙو احساس غربت جي سٽ ۾ آيل وجود اندر شدت سان اڀرندو آهي. قدرت پاڻ تي ڪهل واري جذبي کا مايوسي جو سنگ ايئن عطا ڪيو ٿو ڏسجي جيئن بيماري جو ساٿ ڇوٽڪاري سان سلهاڙيل هوندو آهي.
ٻالڪپڻ ۽ بلوغت کان اڳ وارن دورن ۾ شديد خواهش اڀرندي رهندي هئي ته پنهنجا پراوا پاٻوهه پيار ۽ دوستي جو ڳپل حصو مون لاءِ پاسي ڪري رکن پر مايوسي ئي پلئه پئي ۽ هينئر سکي ويو آهيان ته جيڪو ڪنهن کان ملڻ کپي ان کان به گهڻو گهڻو گهٽ جي اميد رکجي. هڪ قسم جو بي آواز ۽ ماٺ ۾ ويڙهيل نان ڪميٽيڊ ساٿ ۽ سنگ!
ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو هئم ڄڻ ڪنهن گفا ۾ باندي بڻائي رکيو ويو آهيان ۽ ان اندران صرف دنيا جو ڌنڌلو پاڇو نظر ايندو هئم ۽ هوا جي مرڪز اندر فقط ڪنبائيندڙ ولهه جو راڄ هو. ان کي ياد ڪندي ڪوئٽه جي يخ بسته سردي ياد اچيم پئي جنهن جي ٿلهن تهن مان ڪڏهن ڪڏهن سج جي ڪمزرو روشني اهنجائي سان ڇڻي ايندي آهي. مان ڪير هيس ۽ ڇا پئي ڪري سگهيس؟ پاڻ کي ڦولهڻ جي جتن ۾ محسوس ٿيو هيم ته ان هلڪي سنهي ۽ ڪمزور وجود واري روشني ۾ ئي ته منهنجي سڃاڻپ ۽ وجود رکيل هو! جڏهن مون دنيا جي گپت وجود ۾ سمايل سواد کي سمجهڻ ۽ ذائقو وٺڻ چاهيو ته ان مهل انڪشاف ٿيو هو ته مان ئي ڪائنات جي مرڪز تي موجود هئس، شدت ۾ ٻڏل ان احساس ئي مون کي پنهنجي وايو منڊل کان ڇوٽڪارو ڏياريو هو. ساڳئي وقت منهنجو ڌيان ماڻهن ۽ ’ٻين شين‘ ڏانهن پڻ کڄي ويو هو. ان مهل ئي مون وقت جي بي حساب ٿان مان ڪجهه ساعتن جو ٽڪرو ايئن ڪٽي محفوظ ڪيو هو جيئن ماڻهو ڪتابن ۾ گل رکندا آهن. ان اندر اهي جيوَ اهڙي ياد کي سموئيندا آهن جيڪا محبت جي غير فاني ڇهاءُ سان ٻن فاني جيئڙن جي ڪجهه کنيل گڏيل قدمن مان مهڪندي رهي ٿي. هتڙي ’ڪ‘ جو ڇهاءُ اڀ جي اپار وسعتن کي ڇهندو محسوس پيو ٿئيم. هن مختصر زندگي ۾ وقت کي آڱرين جي وٿين مان اجايو وهڻ نه ڏجي. اهو ويچاريندي منهنجو چنچل من سدا پاڻ سان هلڻ لاءِ اتاولو پيو ڏيکاربو آهي.
منهنجي حيات وانگر هڪ اڪيلو، ويڳاڻو بادل اڀ تان هوريان هوريان هلندو ڏيکارجي ٿو ۽ ان ئي مهل ڄڻ وقت جو پل به پيلاڻ ۾ ورتل پسجي ٿو ۽ مان پاڻ کي وسامندو، پڄاڻي جي اوڏو محسوس ڪيان ٿو. اها حقيقت آهي ته مان پنهنجي سانڀر کان پئي لوڙيو هو ۽ اها به ڪڙي حقيقت آهي ته مان زندگي جي ڊراپ سين مهل به لوڙيندو رهان ٿو! هينئر مون کي خوشي جي لوڙهه قطعي ڪونهي، هاڻي مون کي صرف ڄاڻ، علم لاءِ اڃ ستائيندي رهي ٿي. ممبئي ۾ جوهُو بيچ تي اٿاهه سمنڊ کي پسيندي من اندران هڪ سون ورنو احساس اُڀري آيو هئم پهريائين ايئن محسوس ٿيو هئم ڄڻ مون پاڻ کي دنيا کان بيگانو ڪري ڇڏيو هو پر ان مهل ساحل تي مستي ۽ بيگانگي ۾ جهومندڙ ناريل جي وڻ کي پسي ۽ سج جي ڪرڻن ۾ چمڪندڙ سندر ۽ اڻ کٽ بيچ کي تڪيندي ڀاسيو هئم ته اهو جدائي جو طلسم رجندو عدم اندر الوپ ٿيندو پئي ويو. ان مهل سُڌ پئي هئي ته حيات جو هر پل پاڻ ۾ نه صرف ڪرشماتي قدر سمايو ويٺو هو بلڪ ان اندر ابدي جمال جو سندر مُکُ به جهلڪا ڏيندو نظر آيو هئم.
ڪي ماڻهو حيات جي حسين ترغيبن کي تلانجلي ڏئي من جي اُڇل کي لکڻي يافن پاري ذريعي آڪار بخشيندا آهن ۽سندن هر مايوسي، ناڪامي سندن لاءِ ڪنهن ادبي فني شاهڪار جي روپ ۾ سوغات آڇيندي رهندي آهي. اها سچي يا ڪڏهن ڪڏهن تصوري تجسيم سندن زندگي جو نج سچ، اوڳاڇيندي رهندي آهي. منهنجي حيات به منڍ کان اڄ تائين ان ڪُن جهڙي موتمار چڪر ۾ گولاٽيون کائيندي رهي ٿي. اهڙي ڀوَ ۽ مايوسي کان آجڪائي لاءِ ئي ته خانه بدوش جيان ڏيهه ڏيهه رلند رهان ٿو حالانڪ اهو ڇوٽڪارو وقتي هوندو اٿم. ڪجهه سمئي بعد ساڳيو ندورو ڀوَ پرڏيهه ۾ به پنهنجو ڪرڀ ڏياريندڙ منهن ڪڍندو آهي ۽ امالڪ ڊڪي واپس پنهنجي پراڻي ٿاڪ ۾ اچي پناهه وٺندو آهيان. ڪجهه مدت بعد اها پناهه به اس ۾ پاڇي جيان بي ڪئتي بڻجيو ويندي آهي. حيات جو اهو رخ به مٿي ڄاڻايل موتمار ڪُنائتي چڪر کان گهٽ پيڙا ڏيندڙ ڪونهي. پر ان لاڳيتي ڊگهي رابنسن ڪروسو واري اچ وڃ وجود کي روح جي اونهائين تائين Porous بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن فطري منظر سريلي آواز ۽ دلڪش مک جو اڻ ڇهندڙ ڇهاءَ به سموري وجود اندر زندهه هئڻ جون ارتعاشي لهرون پيدا ڪندو رهيو آهي ۽ اهڙي نوراني روشني جي اکٽ ڀنڊار اندر ابديت جو اهڃاڻ محسوس ٿيندو اٿم. ان قسم جي ڀٽڪڻ اندر خوشي مزي ۽ سواد بجاءِ هڪ عجب قسم جي ماورائي ۽ محسوس ٿيندڙ روحانيت جو انڀوءَ ٿيندو اٿم. جيڪڏهن مان ڪلچر وسيلي پنهنجي وجود جي، پنهنجي لاشعور جي اونهاين ۾ جهاتي پائي ڏسان ٿو ته اظهار ۾ نه ايندڙ ابديت ڄڻ ڪنهن اپسرائي روپ ۾ پنهنجي سمورين رعناين ۽ جلون سان سامهون اچيو بيهي ٿي. ’رولاڪ‘ بڻجڻ جي نتيجي ۾ ان نئين نڪور ڪلچر سان به گهرو سٻنڌ ٿي ويو اٿم. بلڪ ان چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونهي ’رولوجيون‘ وسيلي ئي پنهنجي ذات جي ڀيدن، اسرارن کي ڄاڻي سگهجي ٿو.
ننڍپڻ ۾ اڪثر وقت خالي کيسي واري حالت ۾ گذرندو هو ۽ اهو ئي ڪارڻ هو جو مشڪل پسند بڻجڻ سان گڏ اڻ چاتل سندرتا کي پوپٽ جيان ڦاسائڻ جا ناڪام سعيا به ڪندو رهندو هئس ته جيئن پنهنجي پلڪن تي ڄميل سپنن کي خانه بدوشانه هلت وسيلي شايد حقيقت جو روپ بخشي سگهان ها. پر ناڪامي جو نوشتو نرڙ تي ئي پڌرو ٿي پوندو هئم ان اهڙي سوچ کي ”روحاني تڪبر“ سان به تعبير ڪري سگهجي ٿو ته بنا ڏوڪڙ سپنن کي ساڀيا به ڏئي سگهجي ٿي!
وقت نشانين ڇڏڻ بنان واريءَ جيان تڪڙو سرڪندو رهي ٿو. جوڀن ۽ دوستن وارا ڏهاڙا جيتوڻيڪ ڀرپور رسدار خواب آور ۽ نوراني هوندا آهن پر، بدقسمتي سان ننڍا پتڪڙا ۽ مختصر ٿين ٿا پر، حيات جي پوئين پهر جا ڏينهن اڪثر ڪري نماشام واري اداسي، مايوسي سان لبريز لڳندا آهن ۽ انهن جا سنڌا ۽ نشان وڌيڪ واضح گهرا ٿين ٿا ۽ انهن اندر موجود موت جو چٽو پسجندڙ چهرو زندگي جي ‘جوئا‘ ۽ ’سورهيائي‘ ٻنهي کي ساڳئي وقت صحيح مفهوم به بخشيند وڏيکاربو آهي.
هڪ لڱا رسڪن جي دوست انگريز آرٽسٽ جي ايم ڊبليو ٽرنر جي ڇرڪائيندڙ پينٽنگ ’برفاني طوفان‘ کي غور سان ڏسندي ڪوئٽه جا ڪجهه وڌيڪ ڇرڪائيندڙ وقتي ماپا، يادن مان نڪري آڏو اچي بيٺا هئم. پهاڙي مٽي گاڏڙ ۽ ساهه ٻوساٽيندڙ تيز طوفاني هوا کي مٿاين تان لهي هيٺائين ميداني دز سان ملي آسمان ڏانهن بانبڙا پائيندي ڏٺو هئم. بلوچ ۽ پٺاڻ روئي وانگر سرڪش ۽ بي ترس. روشن ڏينهن کي ميرانجهڙو بلڪ اونداهو ڪندڙ! صرف ان منظر جو چتر چٽي ڪونه سگهيو هئم ٻئي ڀيري دهلي جي لوڌي گارڊن اندرکيڏندڙ ٻارن جي هل هنگامي کي هوريان هوريان ايئن گم ٿيندو ڏٺو هئم جيئن ڦوڪڻي مان هوا نڪري وڃي. ٻاهر واري سڙڪ تي (لوڌي روڊ ۽ امرتا شير گل سڙڪ جي جنڪشن لڳ) ساڙيندڙ گرمي جو بي پناهه ٻوجهه ڇپ جيان وجود مٿان ڪري ساهه ٻوساٽيندو ٿي رهيو.ان پلڪ ئي زبان تي بربادي ۽ موت جو ڪوڙو ذائقو محسوس ٿيو هو. چوڏس ڄڻ ڪنهن المئي جو وايو منڊل ڇانيل هو. چپن تان چاهت جي چاهنا جي آلاڻ الائجي ڪاڏي الوپ ٿي وئي هئي. چؤطرف مايوسي ۽ اداسي ڪنهن پشاچ جيان ڏند ٽيڙي مرڪي رهي هئي. پنهنجي ڪوتاهي ڪارڻ هيءَ چتر چٽڻ کان به محروم ٿي ويو هئس.
ڪيرڪي گارڊ چواڻي: ”اسان جي ڀوڳڻائن جون پاڙون ’مشابهتن‘ جي تهه ۾ کُتل ٿين ٿيون، ان حقيقت ۾ پختو ويساهه رکڻ جڳائي ۽ سورهيائي سان ساڳئي مهل ’ها‘ ۽ ’نه‘ ٻنهي کي تسليم ڪرڻ کپي.“ پنهنجي ذات اندر هندو رشي (ڏاهي) ۽ مغربي سورهيه يا سورمي جهڙا گڻ پيدا ڪرڻ کپن. هڪ ٻئي نڪتي موجب جيڪڏهن مايوسي اڻ ٽر ڀاسي ٿي ته پوءِ عمل ذريعي اميد جو ڪرڻو روشن رکي سگهجي ته واهه واهه، ٻيءَ صورت ۾ آپگهات وسيلي ئي ڇوٽڪارو ملي ٿو، ڇو جو ڀوڳڻا سبب سڀ حق کسجيو وڃن ٿا.
ماضي بعيد ۽ قريب اندر قوميتي شعور جي بيداري وسيع جاگرافيائي اڪاين ۽ عظيم حڪومتن جي وجود اندر ڏارون وجهي کين پٽ ڪيو هو: خلافت عثمانيه، مقدس رومن امپائر، برٽش امپائر، سويت يونين وغيره چيدهه مثال آهن. پر انسانيت جو جديد تصور مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾ موجود دوري کي گهٽائڻ جي جتن ۾ ڪنهن حد تائين سڦل ٿيندو نظر اچي ٿو.
تهذيب جي اوسر، گهٽ يا وڌ، نفاست ۽ عمدگي ڪارڻ ڪونه ٿيندي آهي، ان جاڳرتا سبب ٿئي ٿي جيڪا سمورو عوام هڪ ٻئي سان ونڊي ورهائي ٿو. اها جاڳرتا نفيس ۽ دلڪش ڪونه هوندي آهي بلڪ سادي ۽ شفاف ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن تهذيب کي مٿئين پد تي براجمان ’روشن فڪر ڪلاس‘ (enlightened class) سان لاڳاپبو ته پوءِ ان کي تمدن سان سلهاڙي سڃاڻ بخشڻي پوندي ۽ اهو عمل پهرين کان جدا ۽ مختلف آهي.
اسپينگر مطابق، تهذيب ڪلچر جو لازمي ۽ قطعي نتيجو ٿئي ٿي! ٻئي طرف انگريز جاهه پسند سيسل روڊس چواڻي ”سامراج واد کي ئي سچي ۽ غيرتڪراري تهذيب ڪوٺي سگهجي ٿو جنهن اندر توسيع پسندي جو عنصر نمايان هوندو آهي!“ هڪ ٻئي روپ ۾ اهي عورتون جيڪي جسماني ترشنائن ۽ حواسن جي ارتعاشي عمل تي سڌانتن ۽ متن کي ترجيح ڏين ٿيون يعني برهمو ڪماري مت، انتها پسند رومن ڪيٿولڪ چرچ، يا جيڪي برهم چاريه فڪر سان لاڳاپيل آهن انهن جو ڪلچر آدم ۽ حوا کي هڪ ٻئي سان جدا رکڻ واري ابتدائي سوچ سان ڪيڏو نه قريب تر لڳي ٿو!
هونءَ به عورت لاءِ ’پيار‘ کان وانجهيل مرداڻو نرم سلوڪ به ڪيڏو نه گهائيندڙ ٿئي ٿو پر هتڙي ته ڪاريءَ وارا ڪک ئي نظر اچن ٿا. گهٽي جي ڪنڊ تي بيٺل ڇيڳري عورت اجهل خواهش جو اهو چڀيون ڪڍندڙ اُلو آهي جيڪو مرد جي نهائين ۾ سدا وڪوڙبو سڪوڙبو پسجي ٿو ۽ پاڻ کي هر دم هڪ قسم جي ماٺيڻي وحشي پڻي سان توسيع ڏيندو رهي ٿو. اها مڃيل حقيقت آهي ته ڪلچر ئي تهذيب کي جنم بخشيندو آهي. ان ڪارڻ پيان روم نمودار ٿيو هو يعني يوناني ’آتما‘ رومي ’ذهانت‘. هڪ ڪٿ موجب ڪلاسيڪي دنيا اندر تمدن جي ڪک مان تهذيب چوٿين صدي عيسوي اندر وجود ۾ آئي هئي ۽ مغرب اندر اوڻويهين صدي ۾ جنم ورتو هئائين.
اسين سموري ڄمار پنهنجي شخصيت کي تاتڻ سڌارڻ ۽ نکارڻ ۾ رڌل رهون ٿا پر پاڻ ۾ جهاتي پائي پاڻ کي چڱي طرح سڃاڻڻ جو جتن ڪريون ته جيڪر هڪ پل به جيئرو رهڻ پسند نه ڪريون!
منهنجي وجود اندران ڇلڪي نڪرندڙ سامونڊي ولوڙ وارو ديومالائي حدون ڇهندڙ ’سچ‘ مون کان وڌيڪ جانٺو ۽ سورهيائي جا ڪنارا ڇهندڙ آهي.
ڪڏهن پنهنجو رت، هوريان هوريان، ٻاروتڻ ۽ ٻالڪپڻي کان جواني جي چوٽي تي پهچي پنهنجي نج ۽ اصلي رنگت بدليو ڇڏي ٿو. ان ڪوڙي ۽ اُگري بدلاءَ جو احساس ان گهڙي اوچتو وڄ جي وراڪي جيان ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن پاڻ کي کائنس اتاهين چوٽي تان ان راڪشسي راند جو اڻ وسهندڙ لقاءُ پسڻ جو موقعو ملي ٿو. اهڙي ويل من مان شانتي، سڪون پر ڪڍيو اُڏاميو وڃن ٿا ۽ ان جي جاءِ تي ’ابليسي فطرت‘ سان پاڻ کي بحالت مجبوري غير مقدس ٺاهه جي ٻنڌڻ ۾ جڪڙيل محسوس ڪجي ٿو. ان سمجهوتي ۾ دوستي واري چاهت بجاءِ دشمني واري گهاتڪ ڪيفيت ۽ رويو اٻرڪا ڏيندو ڏيکاربو آهي.
وجئه ۽ لڇمي جي وحشياڻا روئي کي پسي ان نڪتي ۽ ڌارا ڦاٽ کاڌو هو. هنن منهنجي (بلڪ اسان جي) معصوم چاهت ۽ آزادي سان ويساهه گهاتي ڪئي. هڪ جي ذات ۾ ميداني علائقي جي آلودگي ۽ ٻئي جي بڻ ۾ وارياسي ڌرتي جي منافقت ۽ دولاب شامل آهن. سندين پيشانين تي ’سزا‘ کي آڪار وٺندو ڏٺو اٿم.
پل پل جي ڏيکاءَ ۾ جيئڻ جو مطلب آهي پنهنجي ذات سان پنهنجي ئي هٿن ۽ ارادن ذريعي ٺڳي ۽ دوکو ڪرڻ. هونءَ چيو ويندو آهي ته پاڻ کي فقط پنهنجي پيارن آڏو ”ظاهر“ ڪجي. ڪيڏي نه تنگ نظر سوچ آهي. جڏهن عام طور سموري انسان ذات کي پنهنجو سمجهجي ٿو ته پوءِ لِڪَ لِڪاءَ عبث ٿيو پوي ٿو. ان طريقي سان پاڻ ’ظاهر‘ ڪرڻ بي مقصد ڪونه هوندو آهي بلڪ ڪجهه ڏيڻ جي آرزو اڇلون ڏيندي نظر ايندي آهي. ان عمل ذريعي ماڻهو جي سگهه، قوتِ ارادي ۽ ڪپٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ جو عزم به بکندو آهي جيڪو هر اوچي آفاتي قدر، آدرش ۽ حق جي حفاظت لاءِ ڪائناتي اصول ۽ عمل ليکيو وڃي ٿو ۽ اهڙن ٻين ڪمزور ‘ڀوڳنا ۾ مبتلا روحن‘ لاءِ به اُتساهه جو باعث بڻجي سگهي ٿو.
مون حيات اندر’اڪيلائپ‘ سبب گهڻو ڀوڳيو آهي. پر پنهنجي ڳجهه، کي اندر ۾ سانڍڻ سبب اڪيلائپ جي ڀوڳڻا يقيني طور پنهنجي شدت ۾ گهٽجي ضروري وئي آهي پر دٻيل ۽ وڌندڙ اگهائپ جي صورت ۾ وجود کي اڏوهي جيان لاڳيتو کائيندي، ڪوريندي به رهي آهي. هينئر ضروري آهي ته ’پاڻ پلٽي‘ ان بيهودي چڪر کان ’نرواڻ‘ حاصل ڪرڻ جو جتن ڪريان. هينئر مان هر حال ۾ ’اڪيلو يا نااڪيلو‘ پاڻ اٿلائيندو، چوري وارن پساهن کڻڻ کان پاسو ڪري قلم جو ساٿ ۽ سنگ قائم رکڻ جو عزم ڪيو اٿم. پوءِ نتيجو ڪهڙو به نڪري! روشن ضميري ۽ زندگي لاءِ Thirst ۽ Thrust جي به ته اهائي تقاضا آهي.
سري رام ڪرشن پرمهنس موجب: ”سچو ڏاهو انسان ڪنهن لاءِ به نفرت جي ڀاوَنا ڪونه رکندو آهي ۽ پوترتا کي ڇسائپ سان سلهاڙجڻ جو جتن ڪڏهن نه ڪرڻ جڳائي.“
ڏيهي انسانن بلڪ ديوتائن کي به جڏهن پنهنجن ۽ پراون کان رسيل چڪندڙ ڦٽ گهرا ٿي پيڙت ڪندا هئا يا ويجهن کان پهتل رسوايون سندن آتمائن تي ناسورن وانگر چهٽي سمڻ لڳنديون هيون ته آپي کان نڪري انهن جي ’محرڪن‘ جو اگرتگر ناس ڪرڻ ۾ ڪا ويرم ڪونه وجهندا هئا. انهن مان ڪجهه ٻهه ٻهه ڪندڙ نانءَ هن ريت آهن:
آسڪروائلڊ، سيفو، لينن، موپسان، بالزاڪ، گاتيئر، وسلر، گاگين، جارج سئنڊ، اندر ديوتا، درواسا رشي، ڀڳوان پر سورام، ڀارگورشي، سري رامچند جي، ڪرشن مهراج، زيوس، شِوَ، اپولو، ڪالي ديوي. ايفرو ڊائٽي وغيره. هينئر اڄوڪي ڏاهي انسان لاءِ دنيا مخفي يا اسرار جيان ڪونه رهي آهي پوءِ به الائجي ڇو هو پاڻي تي ڦوتي مثل ابديت ۽ پرمهنسي قسم جي آدرشواد جي تلاش ۾ سرگردان آهي. هن مڙهه جهڙي بڻاس ۾ ساهه ٻوساٽجي ٿو.
ڪڏهن مجازي عشق جو جذبو ڦوهه تي پهچندو محسوس ٿيندو اٿم ۽ اجهل خواهش جنم وٺندي ڏيکاربي آهي ته جيڪر حسين پيڪرن ۾ ايئن جذب ٿي وڃجي جيئن روشني جي الڳ الڳ گولاين ۾ وجود کي وهندو محسوس ڪندو آهيان، سج جي ٿڌيرڙي نورانيت ۽ ماس جي گداز ملائمت ۾ پاڻ کي ڀوڳڻائن سميت ڀڳوئڻ جا چاهت ڪر کڻندي رهندي اٿم! سچي تمدن جو وارث، آرائشن کان پاڪ، صرف انساني بدن ئي آهي جيڪو اسان کي پنهنجي محدود حدن کان آگاهي بخشيندو رهي ٿو.
هڪ ياد ڪناري ڀيڙي ٿي اٿم. هڪ لڱا هماليه جي دامن ۾ ردرپرياگ ۽ سري نگر (گڙوال) جي وچ تي ايفروڊائٽي جهڙي حسين گنگا جي اڪانت ۾ ونهنتل ڪنٺي تي پاڻ کي بي لباسي ۾ اشنان ڪرڻ جي شديد خواهشي اُڀري آئي هئم.
آلڊس هڪسلي جو خيال ڪيڏو نه دلڪش آهي: ڪنهن بي بوهيميئن جڙتو امير ۽ ٻئي درجي واري دانشور جي ڀيٽ ۾ سٺو نيڪ ’بوجوازي ‘ ٿيڻ وڌيڪ بهتر آهي“.
اڄوڪي سياست ۽ انسان جي قسمت اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي جيڪي ڪنهن آدرش يا عظمت کان وانجهيل آهن. اسان کي پنهنجي آدرشواري سپنن جيان زندگي گهاري انهن کي عملي صورت گري ڏيڻ جڳائي.
انسان جي بري دردشا خلاف اٿاريل احتجاج اندر ئي انقلاب جو جوهر سمايل ٿئي ٿو. ان انقلاب جي گهڻ پاسائين رخ اندر فن ۽ مذهب جو ازلي متو ۽ متن به موجود هوندو آهي. انقلاب هميشه ديوتائن يا خدا خلاف ايندو رهيو آهي جهڙوڪ پروميٿيئس (انقلاب جو لازوال آدرش) کان پوءِ وغيره. دراصل اهو ماڻهو پاران انساني مقدر خلاف احتجاج هوندو آهي، تانا شاهه (ڊڪٽيٽر) يا سرمائيدار وغيره صرف ڪٺ پتليون ۽ بهانا هوندا آهن.
انقلاب جي روح يا جوهر کي سندس تاريخي صورتن ۾ به ماپي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ مارڪس جي جذبي ۽ عمل جي اشد ضرورت محسوس ٿيندي جنهن اندر صرف خواهش ذريعي ثابت ڪرڻ جي سختي سان منع ٿيل آهي. ان کي ان جي جوهر ۽ ست ۾ سولائي سان پروڙي سگهجي ٿو. ان نقطي نظر موجب ڪوبه فني شاهڪار جيڪو خوشي ۽ خوشحالي جو پيغام بخشي ٿو ان کي به انقلابي قرار ڏئي سگهجي ٿو.
هڪ چوڻي موجب عورت جو وات، جواڻ ڇوڪري جي ڇاتي، ٻالڪ جي پرارٿنا ۽ هَوَنَ جي اگن مان اٿندڙ لوبائي دونهون نه صرف سدا پوتر ڄاتا وڃن ٿا بلڪ انوکي انداز ۾ انقلابي به آهن.
ساڳيءَ طور جڏهن ڪو ماڻهو وقت جي ڪنهن ماپي ۾ پنهنجي ذات کان اوچو اٿي فنڪار جي پد تي رسائي حاصل ڪري وٺي ٿو ته ان بدلاءَ کي به انقلابي قرار ڏيڻ غلط ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن تياڳ جي فڪر ۽ فلسفي کي بنان ڪنهن هٻڪ جي ناڪامي ۽ بزدلي سان تعبير ڪيو وڃي ته ان عمل کي به انقلابي قرار ڏئي سگهجي ٿو. انقلاب تي ويچاريندي بادليئر ياد اچيم پيو جنهن ’انساني حقن جي پڌرنامي‘ تي راءِ زني ڪندي آکيو هو ته ان اندر ٻه حق درج ڪرڻ وسري ويا هئن: هڪ پنهنجي ذات جي ترديد ڪرڻ ۽ ٻيو سنسار ڇڏڻ جو حق!
اسان کي جڳائي ته ڪامياب انقلاب جي شڪتي ڪنهن طبقي کي سونپڻ بجاءِ زندگي کي اوسر جو موقعو ڏيڻ لاءِ عطا ڪئي وڃي.
قديم ڪورنٿ شهر ۾ ٻه اڌڀت عبادت گاهون هڪٻئي سان گڏ بيٺيون نظر اينديون هيون: پهرين هنسا (تشدد) جو مندر ۽ ٻي ’ضرورت‘ جي عبادت گاهه! اهو به ذري گهٽ ناڪاري قسم جو انقلابي منظر هو.
ڪٿي پڙهيو هئم ته هڪ ڀيري روينا (Ravenna) شهر جا رهواسي مقدس alter تان ٻرندڙ موم بتيون لاهي شاعر ڊانٽي جي قبر تي آيا ۽ اهو چوندي ان مٿان روشن ڪيون هئائون ”اي شاعر، تون مصلوب ٿيل عظيم انسان کان مٿڀرو آهين!“ اها به انقلابي ٻرانگهه هئي.
نراسائي جي جڪڙ ۾ ڦاسي ۽ ڪٿان روشني جو ڇڻي ايندڙ ترو رو پسي سوچيندو آهيان ته اها ندوري شئي ’احساس‘ جو درجو رکي ٿي، ان ڪري کيس دائمي حالت قرار ڏيڻ ڀُلَ آهي. ڪوئي به جيو عام طور مايوسي جي گهيرا بندي ۾ هميشه ڪونه هوندو آهي. احساسن جي اجهل رواني شين با رجاعي تابناڪ رخ پسائيندي رهندي آهي. گهنُ ڪري عام ڇسائپ، رت پياڪ بزدلي ۽ حد کان وڌيڪ سادگي وچڙيل انساني مسئلن جو حل رتوڇاڻ ۾ تلاش ڪندي رهي ٿي!
موت کان ’ڀوُ‘ جي عنصر، يا ان خصيص ’بدلاءَ جي پاڇي‘ کي ضرورت کان وڌيڪ عزت افزائي بخشڻ ٿيندو، جنهن کي مناسب نٿو چئي سگهجي. گستاو فلابيئر پنهنجي پياري دوست ’لي پوئيتون‘ جي موت تي چيو هو: ”دري بند ڪري ڇڏيو، ٻاهريون ڏکُ گهڻو حسين آهي!“
ڀوُ جي بنياد تي قائم ڪرايل ’عزت‘ کان وڌيڪ نفرت جوڳو ٻيو ڪو عمل ڪونهي. ٽي اي لارينس ڪيڏو نه وڻندڙ سپنو ساڀيا جيان پيش ڪري ڏيکاريو آهي: ”المئي کي ايڏو عظيم بڻايو جو بدقسمتي کي لت هڻندو ڏيکارجي!“
موت، ڀؤ ۽ الميئي جي پردي مان ڀٽو (ذوالفقار) ۽ نيپولين نروار ٿيندا ڏيکارجن ٿا! ”فانٽينيز! سُڌِ اٿئي ته دنيا ۾ ڪهڙي شيءِ وڌيڪ اڇرجدائڪ لڳندي اٿم؟“ نيپولين چيو هو ”ڪنهن شيءِ يا نظام کي قائم رکڻ ۾ فوج جي نااهليت! دنيا اندر صرف ٻه قوتون آهن: تلوار ۽ ذهن. لاڳيتي جدوجهد جي آخري نتيجي ۾ ذهن هميشه تلوار مٿان سوڀارو ٿيندو رهندو“ ڪيڏو نه املهه خيال آهي. ٻئي طرف اپوترتا، ڌانڌلي، زورا زوري ۽ ڪنهن حد تائين سياسي ساڃاهه ۽ دانشوراڻا ڪلچر ڀٽو جي فطرت ۽ سڀاءَ جا ايئن اڻ ٽٽ جزا هئا جيئن کانئس گهڻو اڳ ۾ سن 1417ع ۾ اٽلي جي ڪنهن رياستي حاڪم جي ملاتيستا (J.Malatesta) جي وجود جو حصو هوندا هئا. هونئن به گهڻن ماڻهن کي اها سڌ ڪونهي ته سياست اندر برابري واري متي جا اهڙا انيڪ قسم آهن جيڪي آزادي جي نفي ڪندڙ ٿين ٿا، جيئن قديم يونان اندر آزاد انسان موجود هو پر ساڻس گڏ غلامن جو به انبوهه هوندو هو. ڪڏهن به اسان جي آزادي جي خواهش کي ان بهاني رد نه ڪرڻ جڳائي ته هو ان جو استعمال صحيح ڪونه ڪندو. شايد اهو ئي ڪارڻ هو جو گوئٽي سياست کي شاعري جو موضوع بڻائڻ کان نابري واري هئي.
ڪراچي جي ڪرچيون ڪرچيون زندگي ۾ پنهنجو حال به گهڻو مختلف ڪونهي. ڪئي عڪس ٺهندا جڙندا نمودار ٿيندا رهن ٿا. بمبئي جي ياد تري آئي اٿم. جوهُو جي ساحل تي چانڊروڪي رات جي ڪوريل خاموشي ۾ سمنڊ جا اڀريل ارهه جابجا ڇلڪندا پئي نظر آيا ۽ ڀرسان نازڪ چيلهه جهڙن ناريل جي نچندڙ وڻن جو ڪتڪتائي پيدا ڪندڙ منظر ۽ چادر جيان وڇايل واري مان اٿندڙ عجب خوشبو نشي آور ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي هئي.
اسلام آباد جي پٿر ۽ ڪانڪريٽ مان جوڙيل فيصل مسجد ڊگهي ٿيندڙ آڱر جيان اڀ ڏانهن خار مان، اُ گر اشارو ڪندي ڀاسندي اٿم! ان اندرمابعد الطبيعاتي، اخلاقي، ۽ عباسي دور واري جمالياتي ڪيفيت به جهلڪندي ڏيکاربي اٿم.
قديم يوناني شاعر پندار (ڇهه سو ق. م) جو هيٺيون شعر ڄڻ ويدڪ سلوڪ پيو ڀاسي:
”او منهنجي زندگي! غيرفاني رهڻ جي چاهت کي پٽي ڦٽو ڪر،
صرف ممڪنات جي حدن کي ڇهڻ جو سعيو ڪندي رهه!“
ههڙي ’من موهن‘ مُکَ کي زندگي _ گهارڻ جو موقعو ئي ڪين ملي سگهيو هو. سندس اڻ ڳاتل گيت ۽ دلڪش چهرو، اونهاين مان وهندڙ سندس سريلو آواز، پکيءَ جهڙي سندس آزاد زندگي _ مان به ته اها ئي ٿي چاهيم.
انهن اٺسٺن ۽ سوچن کان آجڪائي؟ هن جهان ۾ ناشدني، اڳتي بي انت گهگهه اوندهه! سنسار اهڙو منظرنامو بڻجي ويو آهي جيڪو سمورو ئي اجنبي ۽ اوپرو ٿو لڳيم.
هن جڳ مان حاصل ٿيل مُوڙي: ڄم ۽ موت ۽ وچ واري وٿي ۾ ڏور ٿيندڙ ’حسن‘ ۽ اوڏو ايندڙ ’اداسي‘!
مون مٿان عيسائيت جو گهرو اثر ان ڪري ڪونهي ته اهو دنيا جو عظيم يڪ وجوديت ۾ ايمان رکندڙ مذهب آهي بلڪ ان ڪري آهي جو ان ’انسان‘ کي خدا ڪري پيش ڪيو هو پر افسوس جو ان جي سچائي ۽ عظمت صليب واري واقعي ڌنڌلائي ڇڏي هئي جنهن ۾ کيس ’پاڻ پنهنجي ذات‘ کي وسارڻ جي سلسلي ۾ ٻاڏائيندي ڏيکاريو ويو هو. جيڪڏهن اسين نئين عهدنامي جي آخري صفحن کي ’ڍڪي‘ ڇڏيون ته پوءِ عيسائيت، تنهائي ۽ انساني دٻدٻي وارو مذهب نظر ايندو. ”پاپ کان آجڪائي حاصل ڪري ماڻهو ڪڏهن جيئرو رهي ڪين سگهندو، سندس جياپو تقدس کان ڇوٽڪاري سان سلهاڙيل آهي.“ ان نڪتي کي ايئن ڪري سمجهجي جيئن جاودانيت، ابديت، لافانيت، واري سوچ يا نظرئي جو مستقبل واري جي گهر جيان آهي. ان کان علاوه آدم ۽ حوا جي ابتدا به ته پاپ تي بيٺل سوچ سان ئي ته ٿي هئي.
جيڪڏهن مغربي فن کي ڳوڙهائي سان ڏسبو ته هو اسان جي تصور کي نمونن جو اڻ کٽ ڀنڊار پهچائيندو رهيو آهي ۽ عام طور ان جي ادبي تاريخ کي به واچڻ سان سُڌِ چوي ٿي ته اها به اهڙن نمونن تي بيٺل مختلف لاڙن روين ۽ موضوعن جو اظهار ڪرڻ ۾ کانئس پٺتي ڪونهي. گهڻو ڪري اولهه زندگي جي جزيات کي به انهن مهان ۽ نامياري نمونن ۽ عڪسن کي تقويت بخشيندو ڏيکارجي ٿو، جهڙوڪ: فائوسٽ، منفريڊ، يان وان، نارسيس وغيره. بعض اوقات انهن عڪسن سان نڀاهه ڪرڻ ۾ به ڪامياب ڪونه ڏيکاربو آهي. صرف انهن سان ايڪي ۽ اتحاد جي پريت لڙي قائم رکڻ جي جستجو ۾ يڪساهي هلندو ڏيکاربو رهي ٿو. ان پٽ کوهه ۾ انيڪ فلمي هيرو جهڙا ڪردار به سرجيندو رهي ٿو.
قديم يوناني ڏاهي ۽ دانشور پلوٽارڪ مشهور يوناني سورمي ۽ ساڃاهه وند اُلسي بيئيڊسن جي حيات بابت ڄاڻائيندي لکيو هو ته ”اسپارٽا ۾ رهائش دوران هو ڪسرتن ۽ بدن جي ورزشن ڏانهن هڪ منو ٿي ڌيان ڏيندو هو، ان ڪري سندس جسم ڦڙتيلو ۽ رڪ جيان سخت هو. ’آيونا‘ ۾ رهڻ دوران عياشي راڳ رنگ ۽ بدمستي سندس سنگتي ۽ ساٿي هوندا هئا، ’ٿريس‘ وارن ڏينهن ۾ پيئوڙي يار جيئوڙي يار، سندس متو هوندو هو، ’ٿيسلي‘ ۾ قيام دوران گهوڙي سواري ۽ پاڻ هم معنيٰ بڻيل رهيا ۽ جڏهن ايراني امير ۽ حاڪم ٽيسافرنيس سان هم مشرب بڻيو هو ته ايرانين جي دٻدٻي جاهه ۽ شان ۾ کانئن گوءِ کڻندو ڏيکاربو هو!“
هڪ فرق کان علاوه اياز جي شڪارپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گذاريل زندگي اُلسي جي حيات سان ڪيڏي نه مشابهت رکي ٿي. ڪراچي وارن ڏهاڙن ۾ هن حضرت دائود وانگر مولود مناجات لکيا ۽ موت جي ڀوَ ۾ ڪنبندي سندس واگهه نک جو شڪار ٿيو!
منهنجي حيات ۾ ته اهي انڊلٺي رنگ، لاها چاڙها ۽ بدلاءُ پاڻي تي ڦوٽي جيان سطحي ڪاغذي ۽ ماياوي بلڪ هڪ ڪرا رهيا آهن. تڏهن ته رشيد ڀٽي چيو هو ته ”واهه ڙي رنگي تنهنجا رنگ ڪٿي ٿو خلقين بوتل جا جن، ڪٿي حنيف ملنگ“
زندگي جي ڪنهن موڙ تي اهڙو پل به ايندو آهي جڏهن محبت جو سلو ڪومائجي ويندو آهي ۽ ان جي نويڪلي جاءِ ”الميو“ اچيو والاري ٿو. ڪنهن لاءِ جيئڻ يا ڪنهن مقصد لاءِ پساهه کڻڻ ڄڻ بي معني بڻجيو وڃي ٿو. صرف شايد ڪنهن لاءِ مرڻ جي خفيف خواهش پتڪڙي روپ ۾رهجيو وڃي ٿي.
29 مارچ خميس وارو ڏينهن منهنجي روح تي بدبودار ناسور جيان چهٽيل آهي ۽ رهندو. ان نامراد ڏينهن ’پنهنجي رت‘ جيڪا آلودهه نظر آئي هئم، طرفان ويساهه گهاتي، دوکي ۽ نسوري ڪوڙ ۾ ٻڏل اندر وانگر هلايلThunderbolts ڄڻ سموري وجود کي چچري ڇڏيو هو. ڄڻ پاڻ کي طوفاني اونڌاهين، گردابن ۾ گولاٽيون کائيندو، پاتال جي اونهاين ۾ لهندو محسوس ڪيو هيم، اکين آڏو اوندهه ۽ هوش حواس گم ٿيندا محسوس ٿي رهيا هئا. پنهنجي شناخت کي اڻ چٽائي سان ڌنڌ ۾ ويڙهجندو وڪوڙجندو پسي رهيو هئس. جسم پگهر ۾ شل ۽ نڙي سڪي ٺوٺ ٿي وئي هئي. ايئن پئي سمجهيم ڄڻ دهلي وارو سن 2005ع (آچر) جولائي جو شديد دل جي دوري وارو واقعو ۽ منظر ورجائجي رهيو هو! نر ۽ مادي جي روپ ۾ ڀرسان ويٺل ٻن بدبودار ’وجودن‘ ڄڻ دماغ مائوف ڪري ڇڏيو هو ۽ اڀ ساهي سبب ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ڪري رهيو هئس. زبان ڄڻ چمڙي جيان ٺوٺ ۽ اسپنج وانگر سڄندي محسوس ڪيم ۽ ڳلي مان آواز جهڪو، اُلٽي وانگر نڪري بي ساهو ڪندو پئي ويو. اهي وجود سپنائي ريگستان اندر عيسيٰ سان وڙهندڙ ٻن شيطانن جيان ڀاسي رهيا هئا. پنهنجي شديد نامرادي کي پسي ڄڻ ڳوڙها به خشڪ ٿي ويا هئا. پاسا بدلائيندو پئي رهيس ته مبادا مٿو شديد سور سبب ڏري نه پوي.
پنهنجي وجود جي ٻن، بظاهر هاڪاري، حصن جي آمد بعد هوريان هوريان سامت ۾ ايندو رهيس، پر نظرن آڏو پنهنجي سڃاڻپ جي اڻ چٽائي، سامهون موجود بدبو ۽ پشاچانه وايو منڊل ڄڻ منهنجي وجود کي ميساري ريٽي رهيا هئا. چؤطرف مايوسي نامرادي بدمعاشي جو وحشاڻو راڄ هو. ويساهه گهاتي جي ان اپار رڻ پٽ ۾ ڪو ڇانورو خياباني ٽڪرو نٿي نظر آيم. چئني ڏسائن کان پاڻ ميسارڻ renunciation يا Mortifying the body جون آڪار وٺندڙ صدائون بلند ٿي رهيون هيون، نارمل خواهشون پنهنجا جائز حق، پنهنجون ننڍڙيون چاهتون، پنهنجو ڪامن سينس، ڏاهپ، ذهن، قلم، پنهنجي حيات، بنان پساهه، بدبودار وجودن جي شيطاني چڪر مٿان قربان ڪرڻ جي اجهل فرعوني تقاضا! ان ’احساس‘ اندر گهارڻ جو حڪم جنهن کي ’محسوس‘ ڪرڻ جي سخت منع ٿيل هئي!! مان ڄڻ هڪ نه ٻڌجندڙ ’رڙ‘ جي روپ ۾ بدلجي ويو هئس!! هڏماس جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ کان ڇرڪي رهيو هئس. ان پليد جوڙي جي اکين ۾ به ڳولهو ڪين لڀندي اهو سمورو سچ عيسيٰ جي مصلوبيت واري منظر جي وقت جي ساعتن سان مشابهت وٺندو، ڏيکاري ڏيندو محسوس ڪيو هئم، ايئن پئي لڳو ڄڻ سينٽ اِگناسيئش (St.Ignatius) زوريءَ چورائي رهيو هو:”اي خدا! هيءُ سڀ ڪجهه: پنهنجي آزادي، پنهنجي سوچ، پنهنجي يادداشت، دماغ، پنهنجو عزم تنهنجي آڏو ڀيٽا رکان ٿو. جيڪو مون وٽ آهي، جيڪو مان آهيان، سو سڀ تنهنجو ئي ته ڏنل آهي ۽ توکي ئي موٽايان پيو ته جيئن تنهنجي مرضي مطابق محڪومي ۾ رهان.
صرف تنهنجي پيار ۽ رضا جي ضرورت اٿم. انهن ڀلاين کان سواءِ ڪا چاهنا ڪونه اٿم!“
حيات جا اهي لمحا ايڏا ايذائيندڙ ۽ اپار آهن جن کي موت به ماري ڪين سگهندو! انهن ساعتن ۾ منهنجي ذات جي اجهل ۽ ڦهلجندڙ ڀوڳڻا تجسيم ۽ آڪار وٺندي نظر آيم جيڪا بدقسمتي سان پراون پاران پلئه ڪين پئي هئي!
ياد پويم ٿو ته چوٿين صدي قبل مسيح جي جهوني يگ ۾ يونان جو مشهور ٻهڳڻو شاعر الميه نگار سوفوڪلس (Sophocles) ۽ مدبرناميارومقرر،قانون دان فن شناس ۽ جنرل پيري ڪلس (Pericles) به پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ نرينه اولاد جي ڪڌين ۽ ويساهه گهاتي چالبازين ڪارڻ بيحد دکي ٿيا هئا. شاهه جهان به پنهنجي حياتي جا آخري ورهيه آگري جي قلعي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ اورنگزيبي ازيت ۽ دائمي اڪيلائپ ۾ گذاريا هئا. سندن جيون گوتم ٻڌ جي ’سروم دکم دکم‘ جي پرسوز تصوير بڻيل رهيو هو.
غلاظت ۾ ٿڦيل سندس زندگي تي ويچاريندي اولهائين ملڪن جي پهاڪي نما هڪ روايت ياد آئي اٿم:
My son is my son till he gets him a wife,
But my daughter is my daughter for all her life.
(منهنجو پٽ ايستائين پٽ رهي ٿو جيستائين شادي ڪونه ڪئي اٿس، پر منهنجي ڌيءُ پنهنجي سموري ڄمار ڌيءُ جو درجو ماڻي ٿي)
سندس ڪلڇڻي ارڌانگي بابت سوچيندي جيمس باسويل (James Boswell) جي پينٽنگ نما مختصر نظم ياد اچي پئي جيڪا مذڪور ٿرياڻي جي باري ۾ اڳڪٿي جيان ڀاسي ٿي:
”هني مون جي سُهاين راتين ۾،
آءُ ’ڪيٽ‘ جي ناز ۽ ادائن جي گهيري هيٺ،
کيس دير تائين ۽ جلد پيار جي پاٻوهه ۾ جڪڙيندي،
مٺڙي ’ٻلونگڙي‘ جي نانءُ سان سڏيندو هئس.
پر هينئر اهو ٻلونگڙو ’ٻلي‘ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي،
۽ ٻين گهر وارين جيان مهاڏو اٽڪائيندو ڏيکارجي ٿو،
آهه! منهنجا دوست! مان پنهنجي جان جو سنهن کڻي چئي سگهان ٿو،
ته کيس مشهور ضرب المثل جهڙيون نوَ حياتيون مليل آهن!“
ڪرداري سونهن هر جڳهه، هر اظهار ۾ موجود هوندي آهي بلڪ بدي ۽ برائي (Ugliness) اندر به پسي سگهجي ٿي. قديم يگ ۾ پلاٽينس (Plotinus) پهريون ڀيرو ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪندو ڏيکارجي ٿو. برڪ (Burke) ان صورت جي وضاحت ڪندي ان کي sublime ڪوٺيو هو، پر هن بدنصيب جوڙي اندر اها سونهن جنمن کان ڪؤ کائيندي ڏور رهي آهي.
ڪڏهن اڪيلائپ جي جڪڙ ۾ هن پار رهندڙ پنهنجي ارڌانگي جي ڀاڳ تي رشڪ بلڪ ايرکا پيدا ٿيندي اٿم ته ڪيڏي نه ڀاڳوان آهي جو اسان ٻنهي جي گڏيل رت جي ڪجهه ڄميل، آلودهه، بڻاس ڏيندڙ زهريلي حصن ۽ جزن کان محفوظ ۽ بي اوني آهي. شِوَ (Shiva) قسمت وارو هو جو اهڙو زهر سندس ڪنٺ کان هيٺ لهي ويو هو پر منهنجي نرگهٽ ۾ ناسور جيان ڦاٿل آهي.
جيتوڻيڪ مون منجهه گجندڙ حسيت (Sensibility) پنهنجو مٽ پاڻ آهي. پر مختلف وقتن تي بي قياس ڌڪن ۽ صدمن ذهن ۽ روح کي ڄڻ ڦيهي ۽ ڦٽي ڇڏيو آهي جن جا ديرپا اثر بي ڪئتي جسماني حالت کي پسي محسوس ڪندو رهان ٿو. ننڍپڻ کان هن مهل تائين منهنجي وجود اندر ظلم، پاکنڊ ۽ ارهه زورائي خلاف نفرت جو جوالا مکي ڄڻ اٻرڪا کائيندو ڏيکارجي ٿو. ڪوشش ڪندو رهان ٿو ته فن ۽ ادب جي ميدان ۾ پنهنجي سامت ۽ شناس کي برقرار رکي سگهان. الائجي ڪيستائين؟
ڪڏهن سکر جي دروازي تي پهچي ڪري ڪلپنائي پرن تي اُڏامي جهوني يگ ۾ فرار جو موقعو ملندو اٿم جيڪو وقتي ٿڌيرو اجهو ۽ آسرو محسوس ٿيندو اٿم.
جيون جي ان چومکي ويڙهاند ۾ اگر زندگي تان آهو کڻڻو پيو ته افسوس ڪين ٿيندم. لڳي ٿو وجود اندر ڄڻ ڪنهن اسپارٽئائي، آتما جو بسيرو ٿيو آهي، صرف اهو ڏک رهجي ويندو ته ويجهڙائي ۾ پوپٽ جهڙي هٿ آيل جاڳرتا وسيلي فن، فڪر ۽ فهم سان جڙيل تند ٽٽي ويندي.